سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  سائو پن يا ڪارو پنو

باب-

صفحو : 20

باب پنجويهون

 

هائوس آف ڪامنز

House of Commons

 

پارليامينٽ جو وري فيبروري جي آخر ۾ اجلاس ٿيو ۽ بنا دير شديد بحث مباحثا شروع ٿي ويا. انهن ڏينهن ۾ هائوس آف ڪامنز جي ڪاروائي مڪمل طور پريس ۾ رپورٽ ٿيندي هئي ۽ ووٽر اها ڌيان سان پڙهندا هئا. وڏي اهميت وارن مسئلن تي ٽي ڏينهن هلندڙ بحث ۾ وڏي جوش خروش سان تقريرون ٿينديون هيون. انهيءَ دوران سڀئي مک مقرر پنهنجو موقف پيش ڪندا هئا ۽ انهن جي پڄاڻي تي سڀني پارٽين کي پنهنجي طاقت جو اندازو ٿي ويندو هو. هائوس جو اجلاس اڌ رات تائين هلندو هو ۽ ساڍي نائين وڳي کان پوءِ انهيءَ ۾ تقريباً سدائين وڏي رش هوندي هئي. هائوس جي ليڊر طور مسٽر بالفور جي اها عادت هوندي هئي ته تقريباً هر اهم مسئلي تي بحث کي سميٽيندي آخري تقرير ڪندو هو ۽ مخالف ڌر جا اهم ماڻهو يارهين کان ٻارهين وڳي تائين تفصيلي جواب ٻڌندا هئا. ليڊرن طرفان ڳالهه مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جيڪو به ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو انهيءَ کي گوڙ شور ڪري ماٺ ڪرايو ويندو هو.

انهيءَ مشهور اسيمبلي جي بحثن ۾ حصو وٺڻ هڪ اعزاز هوندو هو جنهن صدين تائين بي شمار خطرن ۾ انگلينڊ جي رهنمائي ڪئي هئي. مون جيتوڻيڪ ڪيترائي مهينا حاضرين جي وڏن مجمعن آڏو تقريرن ڪرڻ کان سواءِ ڪو به ڪم نه ڪيو هو پر هن ڪم لاءِ آءُ پاڻ کي وڏي شوق ۽ هيبت جي احساس سان تيار ڪري رهيو هوس جو انهي کي مون هڪ وڏي آزمائش سمجهيو ٿي. آءُ جيئن ته سياري واري مختصر سيشن ۾ موجود نه رهيو هوس تنهنڪري آءُ اجلاس ۾ تقرير ڪرڻ کان اڳ فقط چار ڏينهن پنهنجي سيٽ تي ويٺو هوس. مون کي هاڻي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي ته مون تقرير تيار ڪرڻ لاءِ ڪيتريون نه تڪليفون ورتيون هيون ۽ تياري جو ڪم لڪائڻ لاءِ ڪيتريون نه ڪوششون ڪيون هيون. تقريرن ۾ جنگ جي مکيه مسئلي تي بحث ٿي رهيو هو ۽ اهو اهڙو مسئلو هو جنهن بابت مون پاڻ کي ڪا صلاح يا راءِ ڏيڻ جي اهل سمجهيو ٿي. مون ڪيترن دوستن طرفان ملندڙ صلاحن کي به ذهن ۾ رکيو هو. ڪجهه دوستن چيو ته: ”ايتري تڪڙ نه ڪر، ٻه ٽي مهينا ترسي ايوان کان واقف ٿيءُ.“ ٻين جو وري چوڻ هو ته: ”هيءُ تنهنجو موضوع آهي، اهو موقعو هٿان نه وڃاءِ.“ مون کي انهيءَ ڳالهه کان به خبردار ڪيو ويو ته هن موقعي تي هر ڪو ماڻهو خيرسگاليءَ جي جذبن جو اظهار ڪرڻ گهري ٿو انهي تي آءُ تڪڙي ڳالهه ڪري متان ايوان کي ڪاوڙائي نه ويهان. مون کي معمولي ۽ عام رواجي ڳالهيون ڪرڻ کان به هوشيار ڪيو ويو. پر سڀ کان سٺي صلاح مسٽر هينري چيپلن ڏني جنهن پنهنجي گرجدار آواز ۾ چيو ته: ”ڳالهائڻ ۾ تڪڙ نه ڪر. پنهنجو ڪيس کولي بيان ڪر. جيڪڏهن تون وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه آهي ته ايوان ضرور ٻڌندو.“

مون کي خبر پئي ته لائيڊ جارج نالي ويلز جو هڪ اڀرندڙ نوجوان جيڪو بوئرن جو حمايتي آهي ۽ ايوان ۾ لبرل پارٽي جي ليڊرن لاءِ ڏاڍا مسئلا پيدا ڪري ٿو انهيءَ کي تقرير ڪرڻ لاءِ شايد ته نائين وڳي وارو ڏنو ويندو. هن وٽ پورن سارن لفظن ۾ ڪاغذ تي لکيل هڪ ترميم به هئي پر اها پڪ نه هئي ته هو اها پيش ڪندو يا نه. مون سوچ ڪئي ته مون کي سندس ڳالهه جي پٺيان ڳالهه ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. انهن ڏينهن ۾ ۽ حقيقت ۾ ته ڪيترن سالن تائين آءُ اڳواٽ لکڻ ۽ اهو ياد ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڳالهائي سگهندو هوس (ڪو هڪ اڌ جملو يا وچ ۾ ڪنهن کي جواب ڏيڻ ٻي ڳالهه آهي). يونيورسٽين جي نوجوانن کي ڊبيٽنگ سوسائيٽين ۾ هر قسم جي موضوعن تي ڳالهائڻ جي جيڪا مشق هوندي آهي اها مون کي ڪڏهن به حاصل نه ٿي سگهي. مون کي اڳواٽ سوچ ويچار ڪرڻي پوندي هئي ته صورتحال ڪهڙا رُخ اختيار ڪري سگهي ٿي. پوءِ مختلف حالتن مطابق مختلف ڳالهيون تيار رکندو هوس. تنهنڪري هاڻي به آءُ مختلف نمونن ۽ سائيزن جو هڪ ترڪش تيار ڪري آيس. مون کي اميد هئي ته انهن مان ڪجهه نه ڪجهه نشاني تي لڳي ويندو. جيئن ته اها خبر نه پئي پوي ته مسٽر لائيڊ جارج ڇا ڪندو تنهنڪري منهنجي ڳڻتي وڌندي پئي وئي. مون کي اميد هئي ته مون جيڪي سٽون تيار ڪيون آهن اهي سندس ڳالهين جي پٺيان چڱي طرح هلي وينديون.

آخرڪار اهو وقت به اچي پهتو. آءُ سيٽن جي وچ واري رستي جي ڪنڊ تي وزيرن جي بلڪل پٺيان ويٺو هوس. هن ئي سيٽ تان منهنجي پيءُ پنهنجي استعفا واري تقرير ڪئي هئي. منهنجي کاٻي طرف وڏو پارلياماني تجربو رکندڙ مسٽر ٿامس گبسن بائولز (Thomas Gibson Bowles) ويٺو هو. نائين وڳي ڌاران ايوان ڀرجڻ شروع ٿي ويو. مسٽر لائيڊ جارج مخالف ڌر واري پاسي کان ٽئين نمبر سيٽ تان اٿي تقرير ڪئي. هن جي آسپاس ويلز ۽ ريڊيڪلز جو هڪ گروه ويٺو هو ۽ کيس آئرش نيشنلسٽ پارٽي جي حمايت پڻ حاصل هئي. هن بنا دير اها ڳالهه ٻڌائي ڇڏي ته هو پنهنجي ترميم پيش ڪرڻ جو ارادو نه ٿو رکي ۽ مکيه مسئلي بابت ڳالهائيندو. سندس حامين جي تاڙين سندس همٿ وڌائي ڇڏي ۽ هو جلد ئي جوش ۽ ڪاوڙ ۾ اچي ويو. آءُ مسلسل جملن پٺيان جملا گهڙيندو رهيس جيئن هن جي ويهڻ کان پوءِ سندس ڳالهين جو جواب ڏيندو وڃان. پر اهي سڀئي ڪڙيون واري وٽي سان بيڪار ٿينديون پيون وڃن. هاڻي مون ۾ خطري ۽ مايوسي جو احساس پيدا ٿيڻ لڳو. تڏهن مسٽر بائولز منهنجي ڪن ۾ ڀڻڪاٽ ڪيو: ”تون ائين کڻي چئجانءِ ته هن پنهنجي وچٿري ترميم پيش ڪرڻ بجاءِ تيز تقرير ڪئي آهي. هن لاءِ بهتر اهو هو ته هو پنهنجي تيز تقرير ڪرڻ بجاءِ وچٿري ترميم پيش ڪري ها.“ انڌو گهري هڪ اک، مون کي ٻه ٿي مليون! اوچتو مون پنهنجي مخالف کي اهي لفظ چوندي ٻڌو ته هو پنهنجي ڳالهه مختصر ڪري رهيو آهي جو کيس پڪ آهي ته ايوان نئين ميمبر کي ٻڌڻ چاهي ٿو. انهيءَ بامروت ادا سان هو بنا دير پنهنجي سيٽ تي ويهي رهيو.

مون کي خبر ئي نه پئي ته الائي ڪيئن اٿي بيٺس ۽ ٽومي بائولز جو جملو پڙهي ڇڏيم. ايوان ۾ وڏي واه واه ٿي وئي. آئرستاني- جن کان مون کي نفرت ڪرڻ سيکاري وئي هئي- ڏاڍا سٺا حاضرين ثابت ٿيا. انهن بلڪل اهڙي مخالفت مهيا ڪئي جنهن سان مدد ملي ۽ اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪئي جيڪا انهن جي خيال ۾ تقرير ۾ رخنو وجهي. مون جڏهن انهن تي هڪ چرچو ڪيو ته به اهي بلڪل نه ڪاوڙيا. پر مون جڏهن هي لفظ چيا ته ’بوئر جيڪي ميدان تي جنگ ڪري رهيا آهن ۽ آءُ به جيڪڏهن بوئر هجان ها ته آءُ سمجهان ٿو ته آءُ به ميدان تي لڙائي ۾ مصروف هجان ها...‘ ته مون کي حڪومتي بينچن تي ڪجهه چُرپر محسوس ٿي. مسٽر چيمبرلين پنهنجي ڀرسان ويٺل ميمبر کي ڪجهه چيو جيڪو آءُ ٻڌي نه سگهيس. پوءِ جارج وائينڊهام مون کي ٻڌايو ته هن هي لفظ چيا هئا: ”واٽ ويندڙن کي ائين سيٽون ڏبيون آهن.“ پر هاڻي مون کي ڪنارو ويجهو پئي نظر آيو ۽ آءُ زور سان ٻانهون هڻندو ڦٿڪي سٽڪي مٿي چڙهي ته آيس پر ساهه هيٺ مٿي لڳو پيو هو ۽ ڄڻ ته پگهر ۾ شل لڳو پيو هوس پر جان بچي وئي هئي. هر ڪنهن همدردي جو اظهار ڪيو. سامت ۾ آڻيندڙ معمول واريون ڳالهيون ڪم آنديون ويون ۽ آءُ ڪجهه دير ڄڻ ته بيهوشي واري حالت ۾ ويٺو رهيس جيستائين وڃي توانائي ملي ۽ گهر روانو ٿيس. عام راءِ به ناموافق هئي. جيتوڻيڪ گهڻن ماڻهن سمجهيو پئي ته آءُ اها ياد ڪري آيو هوس ته به منهنجي ڪيل محنت جي مدنظر انهيءَ کي درگذر ڪيو ويو. هائوس آف ڪامنز هاڻي جيتوڻيڪ ڏاڍو تبديل ٿي ويو آهي ته به اهو ڪنهن بارعب  اجتماعي شخصيت وارو انداز برقرار رکيو ويٺو آهي. اهو اصل کان وٺي انهن ماڻهن جون ڪَميون ڪوتاهيون معاف ڪندو رهيو آهي جيڪي انهيءَ جا خدمتگار ٿيڻ کي پنهنجو فخر سمجهندا آهن.

انهيءَ تقرير کان پوءِ مون پهريون دفعو مسٽر لائيڊ جارج سان سڃاڻپ ڪئي. اسين هائوس آف ڪامنز جي بار ۾ هڪٻئي سان متعارف ٿياسين. خوش خير عافيت کان پوءِ هن چيو: ”تنهنجي جذبات مان معلوم ٿي رهيو آهي ته تون حالتن جي ابتڙ وڃي رهيو آهين.“ مون جواب ڏنو ته ”توهان برطانوي سلطنت کي بلڪل معروضي نظر سان ڏسي رهيا آهيو.“ اهڙي طرح هڪ اهڙي تعلق جي شروعات ٿي جيڪو ڪيترن ئي لاهن چاڙهن اچڻ جي باوجود برقرار رهيو.

مون انهيءَ پارليامينٽ واري دور ۾ ڪنزرويٽو بينچن تان ٻيون فقط ٻه واقعي ڪامياب تقريرون ڪيون ۽ اهي ٻئي انهيءَ جي بلڪل شروعاتي مهينن ۾ ڪيون. وار آفيس وارن ڪولوائيل (Colville) نالي ڪنهن جنرل کي جبرالٽر تي متعين برگيڊ جي ڪمان ڏني هئي. انهيءَ کان پوءِ اهي تقريباً هڪ سال اڳ سائوٿ آفريقا جي ڪنهن معرڪي ۾ سندس هلت چلت بابت غيرمطمئن ٿي پيا. جنهن جي حقيقتن کان اهي هاڻي واقف ٿيا هئا. تنهنڪري انهن کيس سندس ڪمان تان هٽائي ڇڏيو. مخالف ڌر جنرل جي مسئلي کي هٿ ۾ کنيو ۽ کيس دير سان ملندڙ سزا جي مذمت ڪئي. سوالن جوابن جي وقفي ۾ وڏو گوڙ شور ٿيو ۽ ايندڙ هفتي ۾ بحث لاءِ ڏينهن مقرر ڪيو ويو. آءُ هن ميدان مان چڱي طرح واقف هوس ۽ بهترين دفاعي پوزيشن چونڊڻ لاءِ مون وٽ وقت به ڪافي هو. بحث جي شروعات حڪومت لاءِ خراب نموني سان ٿي ۽ انهي تي هر طرف کان تنقيد ٿيندي وئي. انهن ڏينهن ۾ ڪنهن حڪومت لاءِ بحث ۾ واضح مار کائي وڃڻ ڏاڍو ڳنڀير معاملو هوندو هو. سمجهيو ويندو هو ته انهيءَ مان پارٽي کي نقصان پهچندو. وزير جيڪڏهن سمجهندا هئا ته جيڪڏهن هارڪورٽ، ايسڪئيٿ ۽ مارلي يا گري (Grey) مان ڪنهن سندس دفاعي لائين ۾ ڪو سوراخ ڪري وڌو آهي ته هو ڏاڍا پريشان ٿي ويندا هئا. انهيءَ تقرير ۾ منهنجي ڪاڪردگي سٺي رهي پر انهيءَ جو سبب اهو به هو ته مون خوش قسمتي سان ٿيندڙ بحث جو اڳواٽ ئي رخ سمجهي ورتو هو حقيقت ۾ ته مون حڪومت جو اهڙن دليلن سان دفاع ڪيو جيڪي مخالف ڌر کي دل سان لڳي رهيا هئا. قدامت پرست خوش ٿيا ۽ لبرل وارن واڌايون ڏنيون. جارج وائينڊهام جيڪو هاڻي آئرش سيڪريٽري ٿي ويو هو ۽ منهنجي انهيءَ سان ڏاڍي گهرائپ ٿي وئي هئي انهيءَ مون کي ٻڌايو ته اعليٰ ترين وزارتي حلقن ۾ منهنجي بابت ڏاڍيون سٺيون ڳالهيون ڪيون ويون آهن. مون کي سچي پچي نظر اچي رهيو هو ته آءُ ايوان ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي رهيو هوس.

انهيءَ دوران مون اهو به محسوس ڪيو ته آءُ ڪنزرويٽو پارٽي جي اڪثريتي سوچ جي بلڪل ابتڙ وڃي رهيو آهيان. آءُ جنگ جاري رکڻ ۽ انهيءَ کي سوڀائتي پڄاڻيءَ تي پهچائڻ جو حامي هوس. جنگ هاڻي وري بي ترتيب انداز ۾ ڀڙڪو کائي اٿي هئي. آءُ انهيءَ مقصد لاءِ فوج جو وڏو تعداد ڪم آڻيان ها ۽ موجوده سپاهين کان اڃان بهتر سپاهي ڪم آڻيان ها. آءُ هندستاني سپاهي پڻ ڪم آڻيان ها. مون ساڳئي وقت بوئرن جي دليراڻي مزاحمت جي به واکاڻ ٿي ڪئي ۽ پريس ۾ انهن کي جنهن غلط انداز ۾ پيش ڪيو ٿي ويو انهيءَ تي به افسوس جو اظهار پئي ڪيم. آءُ هڪ اهڙي باعزت امن جي اميد ڪيون ويٺو هوس جيڪو انهن بهادر ماڻهن ۽ انهن جي ليڊرن کي هميشه لاءِ اسان سان واڳي ڇڏي. آءُ فارم ساڙڻ کي نفرت جي قابل حماقت سمجهندو هوس ۽ ڪمانڊنٽ شيپرز (Scheepers) کي موت جي سزا ڏيڻ تي به احتجاج ڪيو هو. مون شايد ته ڪمانڊنٽ ڪروٽزنگر کي موت جي سزا کان بچائڻ لاءِ پردي جي پٺيان ڪجهه ڪردار ادا ڪيو هو. منهنجا اختلاف اڃان وسيع دائري ۾ پکڙجي ويا. مون کي سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار وار جي هنن لفظن تي به ڪاوڙ آئي هئي ته: ”اسين اتفاقي طور فوجي قوم ٿي ويا آهيون. هاڻي اسان کي وڏيون ڪوششون ڪري فوجي ٿي رهڻو پوندو.“ منهنجو خيال هو ته اسان کي طاقت ۽ دريا دلي سان جنگ کي پڄاڻي تي پهچائي پوءِ جلد از جلد امن، سڌارن ۽ اسلحي ۾ تخفيف جي راهن ڏانهن وڃڻ گهرجي. مون کي جيتوڻيڪ تمام سٺن حلقن ۾ ڪنزرويٽو ليڊر سان ملاقات جو شرف ملندو رهندو هو ۽ مسٽر بالفور به سدائين مون سان وڏي مهرباني وارو سلوڪ ڪندو هو ۽ منهنجي جيتوڻيڪ مسٽر چيمبرلين سان به اڪثر ملاقات ٿيندي رهندي هئي ۽ آءُ کيس مختلف مسئلن تي وڏي آزادي سان بحث مباحثا ڪندي ٻڌندو هوس ته به آءُ مسلسل کاٻي ڌر ڏانهن لڙهندو ويس. مون اهو محسوس ڪيو ته روزبيري، ايسڪئيٿ، گري ۽ وڏي ڳالهه ته جان مورلي منهنجو نقطئه نظر منهنجن پنهنجن ليڊرن کان وڌيڪ سٺي نموني سمجهن ٿا. آءُ انهن ماڻهن جي فڪري قدبت ۽ عوامي مسئلن بابت انهن جي وسيع ۽ پرجوش نقطئه نظر تي موهجي ويس.

پڙهندڙ کي لازماً ياد هوندو ته ڪنهن يونيورسٽي نه وڃڻ سبب مون کي جواني وارن اهڙن بحث مباحثن ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو نه مليو هو جن سان ڏاڍي آزاديءَ واري ماحول ۾ سوچ جي تشڪيل يا اصلاح ٿيندي آهي. آءُ اڳيئي هڪ ڄاتل سڃاتل عوامي شخصيت ٿي ويو هوس. گهٽ ۾ گهٽ مون ته پنهنجي چيل هر ڳالهه کي تمام وڏي اهميت ٿي ڏني ۽ اها گهڻو ڪري تمام وڏي پيماني تي اشاعت هيٺ به ايندي هئي. مون کي هاڻي اهو فڪر ٿي بيٺو ته ڪنزرويٽو پارٽي کي لبرل پارٽي جي رستن تي هلايان. آءُ جنگ حمايتي سوچ کان بغاوت ڪري بيٺس. منهنجي ذهن ۾ بوئرن بابت هڪ جذباتي سوچ هئي. آءُ پاڻ کي ڪيترين ئي ڳالهين ۾ ٻنهي پارٽين کان مختلف محسوس ڪرڻ لڳس. منهنجي ڪا تربيت به ٿيل نه هئي جو مون سمجهيو پئي ته منهنجو ڪم فقط اهو آهي ته سوچ ويچار ڪري ڏسان ته ڪهڙي ڳالهه درست آهي پوءِ انهيءَ کي بغير ڪنهن خوف جي بيان ڪري ڇڏيان. منهنجو خيال هو ته انهي بابت ديانتداري ٻين سڀني ديانتدارن کان وڌيڪ اهم آهي. مون کي پارٽي ڊسيپلين ۽ اتحاد ۽ پارٽي جي مفاد ۾ قانوني طور پنهنجي راءِ کان دستبردار ٿيڻ جي اهميت بابت ڪابه خبر نه هئي.

منهنجي ٽئين تقرير ڏاڍي اهميت واري هئي. مسٽر براڊرڪ سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار وار پنهنجي هڪ اسڪيم جو اعلان ڪيو هو جنهن مطابق آرمي جي هڪ وڏي پيماني تي نئين سر تنظيم ڪئي وڃڻي هئي. هن جي تجويز هئي ته باقاعدي فوج، مليشيا ۽ رضاڪارن سميت سموري فوج جي ڇهن آرمي ڪورن ۾ تشڪيل ڪئي وڃي. مون فيصلو ڪري ڇڏيو ته (Army Estimates) جڏهن ايوان ۾ پيش ٿيندو ته آءُ انهيءَ جي مخالفت ڪندس. مون اها تقرير تيار ڪرڻ ۾ ڇهه هفتا لڳايا ۽ اها مڪمل طور ياد ڪري ڇڏي. بحث لاءِ ٻه ڏينهن مقرر ٿيل هئا. مون کي خوش قسمتي ۽ اسپيڪر جي مهرباني سان پهرئين ڏينهن يارهين وڳي ڳالهائڻ جو موقعو مليو. ٻارهين وڳي کان پوءِ ڪنهن ٻئي موضوع تي راءِ لاءِ ميمبرن جي ورهاست (Division) ٿيڻ کان اڳ مون وٽ هڪ ڪلاڪ هو. تنهنڪري ايوان جو هر حصو ڀريو پيو هو ۽ منهنجي سموري تقرير وڏي ڌيان سان ٻڌي وئي. مون پنهنجي تقرير ۾ نه فقط حڪومت جي پاليسي پر ڪنزرويٽو پارٽي جي سوچ ۽ رجحان تي به وڏا حملا ڪيا ۽ امن، خرچن ۽ ڪفايت ۽ هٿيار گهٽائڻ تي زور ڏنو. قدامت پرست حيرانگي سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳا جڏهن ته مخالف ڌر دل کولي داد ڏنو تقرير طور ته اها ڳالهه ڪامياب وئي پر انهي سان منهنجي آسپاس وارين بينچن تي ويٺل تقريباً سڀني ماڻهن جون سوچون ۽ همدرديون مون کان جدا ٿي ويون. مون اها تقرير اڳواٽ ئي مارننگ پوسٽ ڏانهن موڪلي ڇڏي هئي ۽ اها ڇپجي به وئي هئي مون کي جيڪڏهن تقرير جو وارو ئي نه ملي ها يا وارو ملي ها پر آءُ اها ڪري ئي نه سگهان ها ته جيڪر الائي ڇا ٿئي ها! بهرحال اها ٿي وڃڻ کان پوءِ مون ڏاڍو سک جو ساه کنيو.

انهن ڏينهن ۾ اسان هڪ ننڍڙي پارليامينٽري سوسائٽي ٺاهي هئي جنهن تي The Hooligans جو نالو رکيو هو. انهيءَ ۾ لارڊ پرسي، لارڊ هيوسيسل، مسٽر آئين ميلڪوم، مسٽر آرٿر اسٽينلي ۽ آءُ شامل هئاسون. اسين هر خميس تي ڊنر ايوان ۾ ڪندا هئاسون ۽ سدائين ڪنهن نامياري مهمان کي دعوت ڏيندا هئاسين. اسين ڪڏهن ڪڏهن ڊبليو. جي. بريان (W. J. Bryan) جهڙن ڄاتل سڃاتل اجنبين کي به گهرائيندا هئاسين. اسان هڪ دفعو لارڊ سالسبري کي به دعوت ڏني. هن جواب موڪليو ته اسين آرلنگٽن اسٽريٽ ۾ اچي هن سان گڏ ڊنر ڪيون. وزيراعظم ڏاڍي سٺي موڊ ۾ هو ۽ گفتگو ۾ ايندڙ هر موضوع تي وڏي شان سان ڳالهايائين. اسين جڏهن ٻاهر روڊ تي پئي آياسين ته پرسيءَ مون کي چيو هو آءُ سوچيان ٿو ته ويهه سال وزيراعظم رهڻ ۽ موت جي بلڪل ويجهو هئڻ سان ماڻهو جا احساس ڪهڙا هوندا؟ لارڊ سالسبري سان گڏوگڏ ٻيو به گهڻو ڪجهه پنهنجو وارو وڄائي وڃڻو هو. سندس رٽائرمينٽ ۽ موت سان هڪ دور جي پڄاڻي ٿي. طوفان ۽ تبديلي جي نئين صدي برطانوي سلطنت کي اڳي ئي پنهنجي مضبوط ڀاڪر ۾ آڻي ڇڏيو هو.

لارڊ سالسبري جنهن دنيا ۾ حڪمراني ڪئي ٿي، اهو دور ۽ اهي منظر جيڪي هنن صفحن ۾ بحث هيٺ آيل آهن، ڪنزرويٽو پارٽي جي جوڙجڪ ۽ مجموعي سڃاڻپ ۽ انگلينڊ جي حڪمران سماج جي بنيادن ۽ اسان جي وچ ۾ تمام مختصر وقت ۾ وڏيون وٿيون ۽ کاهيون پئجي وڃڻيون هيون. اسين انهيءَ ڳالهه جي ڪا اڳواٽ پيش بيني نه ٿي ڪري سگهياسين ته اسان کي وڏي طاقت سان اڳتي کڻي ويندڙ يا هڪٻئي کان جدا ڪري ڇڏيندڙ لهرون ڪيتريون نه سگهاريون هونديون. نه ئي اسان کي اها خبر ٿي پئجي سگهي ته اهڙي خطرناڪ اُٿل پٿل ايندي جيڪا دنيا کي لوڏي ڇڏيندي ۽ اوڻيهين صدي جي نظامن کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندي بهرحال پرسيءَ کي اهڙن واقعن بابت اڳ چتاءُ ملي ويو هو جن کي ڏسڻ سندس مقدر ۾ نه هو. آءُ جڏهن سرءُ جي موسم ۾ ڊنروبن (Dun robin) ۾ هن سان گڏ واڪ ڪري رهيو هوس ته هن مون کي ارونگي (Irvingite) مذهب بابت سمجهاڻي ڏني هئي. انهيءَ مطابق انسان ذات کي خبردار ڪرڻ لاءِ ٻارهن رسول آيا هئا پر انهن جي پيغام تي ڪن نه ڌريو ويو. انهن مان آخري ملڪه وڪٽوريا جي وفات واري ڏينهن فوت ٿي ويو. تنهنڪري هاڻي اسان جي تحفظ وارو امڪان ختم ٿي ويو هو. هن ڏاڍي عجيب خاطريءَ سان اها اڳڪٿي ڪئي ته خوفناڪ جنگين ۽ خطرن جو هڪ اهڙو دور ايندو جنهن جو ڪاٿو ئي نه ڪري سگهبو ۽ انهن ڳالهين ۾ واڌ پئي ايندي هئي. هن آرميگيڊن[1] (Armageddon) جو لفظ ڪتب آندو هو جنهن جو مون اڳ ۾ فقط بائيبل ۾ ذڪر ٻڌو هو. اتفاق اهڙو ٿيو جو جرمني جو ڪرائون پرنس به ڊنروبن ۾ رهيل هو. آءُ اهو سوچڻ کان رهي نه سگهيس ته وهاڻن جي لڙاين ۽ بليئرڊ جي راندين ۾ اسان جو ساٿي رهندڙ اهو وڻندڙ نوجوان پرسي جي انهن خوفناڪ اڳڪٿين جي عملي روپ ۾ اچڻ ۾ ڪو ڪردار ته ادا نه ڪندو.

اپريل 1902ع ۾ هائوس آف ڪامنز ۾ مسٽر ڪارٽ رائيٽ (Cartwright) نالي ڪنهن ماڻهو بابت هڪ تڪرار پيدا ٿي پيو. اهو ماڻهو سائوٿ آفريقا ۾ جنگ هلندي هڪ باغيانه ليک لکڻ تي هڪ سال قيد ۾ رهيو هو. هن پنهنجي سزا ڪاٽي هئي ۽ هاڻي انگلينڊ اچڻ ٿي گهريائين. سائوٿ آفريقا جي فوجي اختيارين کيس ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن پارليامينٽ ۾ وزيرن کان انهيءَ بابت سوال ٿيا ته انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار وار جواب ڏنو ته: ”انگلينڊ ۾ برطانيه مخالف نظرين جي پرچار ڪندڙ ماڻهن جو تعداد وڌائڻ ڏاڍي خطرناڪ ڳالهه ٿيندي.“ اهڙي طرح تمام خراب دليل سان اختيارن جي غلط استعمال جو پرچار ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته اهڙي وقت ۾ برطانيه مخالف نظرين جو پرچار برطانيه کان وڌيڪ ٻيو ڪٿي گهٽ نقصان ڪار ٿئي ها؟ جان مورلي تحريڪ التوا پيش ڪري ڇڏي. انهن ڏينهن ۾ اهڙي تحريڪ فوراً بحث هيٺ آندي ويندي هئي. مخالف ڌر جي سڀني ليڊرن ڪاوڙ ۾ تقريرون ڪيون ۽ قدامت پرستن ۽ اسان جي ننڍڙي گروپ جي هڪ ٻئي ماڻهوءَ انهن جي حمايت ڪئي. اهو معاملو ته سطحي نوعيت جو هو پر جذبات ۾ وڏو اڀار اچي ويو هو.

انهيءَ رات وري ڊنر تي مسٽر چيمبرلين اسان جو مهمان هو. ”آءُ ڏاڍي خراب سنگت ۾ ڊنر تي ويٺو آهيان.“ هن اسان کي للڪارڻ واري انداز ۾ ڏسندي چيو. اسان وضاحت پيش ڪئي ته حڪومت جو قدم نهايت نااهلي ۽ گهمنڊ تي ٻڌل هو تنهنڪري اسان کان انهيءَ جي حمايت جي توقع ڪيئن پئي ڪئي وئي؟ هن وراڻيو ته پنهنجي حڪومت جي اهڙي حمايت مان ڪهڙو فائدو جڏهن اها فقط حق تي هجي ته ڪجي! ڳالهه ته اها آهي ته حڪومت جڏهن اهڙي قسم جي مونجهاري ۾ هجي ته توهان اسان جي مدد ڪريو ها. بهرحال ڪجهه ٿڌو ٿيڻ کان پوءِ هو ڏاڍو خوشگوار ۽ دل لڀائيندڙ ٿي ويو. مون کي ياد نه آهي ته مون کيس انهيءَ کان وڌيڪ سٺو ڳالهائيندي ڪڏهن ٻڌو هجي. هو جڏهن موڪلائڻ لاءِ اٿيو ته دروازي تي ٿوري دير بيهي منهن ورائيندي ڏاڍي احتياط سان چيائين: ”معزز نوجوانو! توهان منهنجي خاطر تواضع شاهاڻي انداز ۾ ڪئي آهي ۽ بدلي ۾ آءُ توهان کي ڏاڍو قيمتي راز ڏيان ٿو. اهو اٿو محصول (Tariffs). اها مستقبل ۽ ويجهي مستقبل جي سياست آهي. انهيءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪريو ۽ پاڻ کي انهن جو استاد ڪري ڇڏيو. توهان منهنجي جيڪا خاطر تواضع ڪئي آهي انهيءَ تي توهان کي ڪو به افسوس نه ٿيندو.“

هو بلڪل صحيح هو. مالياتي حلقي ۾ جلد ئي اهڙا واقعا پيش اچڻا هئا جيڪي مون کي نئين جدوجهد ۾ ڇڪي وڃن ها ۽ منهنجن خيالن ۽ توانائين کي گهٽ ۾ گهٽ سيپٽمبر 1908ع تائين مصروف رکن ها جڏهن مون شادي ڪئي ۽ انهيءَ کان پوءِ خوش گذارڻ لڳس.


[1] انجيل مطابق قيامت کان اڳ حق ۽ باطل جي وچ ۾ ٿيندڙ آخري معرڪو. (سنڌيڪار)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org