باب ويهون
بنديخاني ۾
In Durance Vile
جنگي قيدي! قيدين جو اهو سڀ کان گهٽ نڀاڳو قسم آهي. پر قيد
بهرحال هڪ غمگيني ۽ مايوسيءَ واري صورتحال هوندي
آهي. توهان پنهنجي دشمن جي هٿ وس هوندا آهيو.
توهان جي جياپي جو دارومدار سندس انساني همدرديءَ
تي هوندو آهي ۽ توهان کي روزانيءَ جو ماني گرهه
سندس رحم ۽ ڪهل جي سبب ملي سگهندو آهي. توهان کي
هن جا حڪم لازماً مڃڻا پوندا، هو جيڏانهن چئي
توهان اوڏانهن ويندا، هو توهان کي جتي ويهاري
توهان اتي ويهندا، کيس خوش ڪرڻ جي موقعن جي انتظار
۾ هوندا. مطلب ته هر وقت توهان جو ساهه مُٺ ۾
هوندو. انهي دوران جنگ جاري هوندي آهي ۽ وڏا واقعا
ٿيندا رهندا آهن ۽ فوجي معرڪن ۽ مهم جوين جا
بهترين موقعا هٿن مان نڪرندا ويندا آهن. ڏينهن پڻ
تمام ڊگها ٿي ويندا آهن. ڪلاڪ اڌ رنگي ورتل سو
پيرين وانگر ريڙهيون پائيندا محسوس ٿيندا آهن.
توهان کي ڪنهن به شي مان ڪا به خوشي ۽ وندر نه
ملندي آهي. پڙهڻ ڏکيو ۽ لکڻ ناممڪن ٿي ويندو آهي.
پرهه ڦٽي کان وٺي رات جو اوجهراڻين تائين زندگي
بوريت جو هڪ ڊگهو دور لڳندي آهي.
قيد خانو ڀلي ڪهڙو به سهوليتن وارو ۽ بهترين قاعدن قانونن مطابق
هلندڙ ڇو نه هجي ته به اتان جو سمورو ماحول بلڪل
اڻ وڻندڙ هوندو آهي. اهڙي قسم جي بدنصيبيءَ ۾ گڏ
رهندڙ دوست ساٿي به ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي وڙهي
پوندا آهن. هڪٻئي جي صحبت مان گهٽ خوشي ملندي اٿن.
توهان جيڪڏهن اڳ ۾ ڪڏهن پابنديءَ هيٺ نه رهيا
آهيون ۽ خبر نه اٿو ته قيدي ٿيڻ جو مطلب ڇا آهي
ته توهان جهنگلن ۽ تارن جا لوڙها ڏنل سوڙهي جاءِ ۾
واڙجي هٿياربند ماڻهن جي نظرن هيٺ رهندي ۽ قاعدن
قانونن ۽ رڪاوٽن جي ڄار ۾ ڦاسي هڪ مسلسل بيعزتي جي
احساس ۾ گذرندا رهندا آهيو. حقيقت اها آهي ته آءُ
پنهنجي قيد جي هڪ منٽ کان ايتري ته نفرت ڪندو هوس
جيتري مون پنهنجي سموري زندگيءَ جي ٻئي ڪنهن به
دور کان محسوس نه ڪئي آهي. خوشقسمتي سان اهو دور
تمام مختصر رهيو. مون پاران ناتال ۾ پاڻ کي قيديءَ
جي حيثيت ۾ پيش ڪرڻ کان پوءِ هڪ مهينو به نه گذريو
ته آءُ سائوٿ آفريقا جي وسيع بر صغير ۾ - جيتوڻيڪ
منهنجي ڳولها ٿي رهي هئي ته به – آزاد هوس. آءُ
جڏهن به ڪنڌ ورائي انهن ڏينهن تي نظر وجهندو آهيان
ته مون کي قيدين ۽ باندين تي ڏاڍو ترس اچي ويندو
آهي. ڪنهن به ماڻهو ۽ خاص طور پڙهيل لکيل ماڻهو
لاءِ سالن جا سال جديد دور جي ڪنهن ڏوهارين واري
قيدخاني ۾ بند هجڻ جو مطلب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو.
انهيءَ ڳالهه تي سوچي سوچي منهنجو دماغ ساڻو ٿي
پوندو آهي. هر ڏينهن بلڪل گذريل ڏينهن جهڙو جنهن ۾
پٺيان اجائي گذري ويل زندگيءَ جي رک پئي نظر ايندي
آهي ۽ سامهون قيدوبند جا ڊگها سال پکڙيا پيا هوندا
آهن. تنهنڪري ايندڙ سالن ۾ جڏهن آءُ هوم سيڪريٽري
هوس ۽ انگلينڊ جا سڀ قيدخانا منهنجي چارج هيٺ هئا
ته مون سرڪاري پاليسي جي دائري ۾ رهندي پنهنجي وڌ
کان وڌ ڪوشش ڪئي ته اتان جي رهواسين جي زندگيءَ ۾
ڪنهن قسم جي تنوع
(Variety)
۽ تفريح آڻيان، پڙهيل ذهنن کي غذا لاءِ ڪتاب ڏيان
۽ سڀني لاءِ مقرر وقتن تي ٿيندڙ اهڙين تفريحن جو
انتظام ڪريان جن جي هو اوسئيڙي ۾ رهن ۽ اهي ٿي وڃڻ
کان پوءِ انهن جون ساروڻيون سنڀالي رکن ۽ جن جي
مدد سان هو پنهنجي شوم بختي کي معقول حد تائين
گهٽائي سگهن ۽ اها ڀلي جيڪر سندن ڪرتوتن جي ڪري ئي
آيل هجي پر اها هاڻي سهي وڃن. مون کي جيتوڻيڪ اها
ڳالهه سخت ناپسند هوندي هئي ته ڪو ماڻهو ٻين کي
خوفناڪ سزائون يا موت جي سزا ڏيندو وتي پر جڏهن ڪي
اهڙا ذميواريءَ وارا موقعا آيا ته آءُ اهو سوچي
پاڻ کي آٿت ڏيندو هوس ته عمر قيد کان وري به موت
جي سزا وڌيڪ رحم تي ٻڌل آهي.
قيديءَ جي ذهن ۾ تاريڪ سوچون سولائي سان اچي وينديون آهن. پر هن
کي جيڪڏهن کاڌو به تمام ٿورو ڏنو وڃي ۽ زنجيرن ۾
جڪڙيو تهه خاني ۾ پيو رهي جتي روشني کان محروم ۽
اڪيلائي ۾ ٻڌل رهي ته سندس سوچون فقط سندس چوگرد
ئي ڦرنديون رهن ٿيون. پر توهان جيڪڏهن جوان آهيو،
کاڌو پيتو سٺو مليوَ ٿو، دل زنده اٿوَ، نگراني به
سخت نه اٿوَ ۽ ٻين سان گڏجي ڪا سازش ڪري سگهو ٿا
ته توهان جي طبيعت سوچ کي پختي ارادي جي ۽ پختي
ارادي کي عمل جي ويجهو آڻي ڇڏي ٿي.
اسان کي محاذ کان پريٽوريا ۾ پنهنجي قيد واري جاءِ ڏانهن مارچ
ڪندي ۽ ٽرين ۾ ٽي ڏينهن لڳي ويا. اسين ليڊي سمٿ جو
گهيرو ڪري بيٺل بوئر فوجن جي وچ مان گذرندا ۽
دشمنن ۽ دوستن جي توپن جي ڌڌڪار ٻڌندا ايلانڊس
لاگٽ اسٽيشن تي پهتاسين. هتي هالڊين، فرينڪلينڊ[1]
نالي ڊبلنز جي هڪ بلڪل نوجوان ليفٽيننٽ، مون ۽
تقريباً پنجاهه سپاهين سميت اسان جي ننڍڙي پارٽي
کي هڪ ٽرين تي چاڙهيو ويو ۽ اسين دشمن جي علائقي
جي وچ مان سوين ميلن تي آهستي آهستي گرڙاٽ ڪندا
هلياسين. ڪنهن شروعاتي اسٽيشن تي امپيريئل لائيٽ
هارس جو هڪ سوار به اسان سان اچي مليو جيڪو انهيءَ
ڏينهن گشت ڪندي گرفتار ٿيو هو. بروڪي
(Brookie)
نالي وارو اهو ماڻهو سائوٿ آفريقي آبادڪار هو. هن
بوئرن وٽ پاڻ کي آفيسر ظاهر ڪيو ۽ هن جيئن ته ڊچ ۽
ڪافر ٻوليون روانيءَ سان ڳالهايون ٿي ۽ علائقي کان
به واقف هو تنهنڪري اسان سندس بيان جي ترديد نه
ڪئي. اسان سوچيو ته هيءُ ئي ماڻهو اسانکي ڪم اچي
سگهي ٿو. اسين سڀ 18- نومبر 1899ع تي پريٽوريا
پهتاسين. سپاهي ريس – ڪورس تي پنهنجي پڃري ڏانهن
نيا ويا ۽ اسان چئن آفيسرن کي اسٽيٽ ماڊل اسڪولز ۾
بند ڪيو ويو. اسان سموري سفر ۾ بار بار ۽ موقعي
آهر فرار جي رٿائن بابت سوچيندا رهياسين ۽ پڪو پهه
ڪري ڇڏيو ته پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻ جي وڌ کان وڌ
ڪوشش ڪنداسين. اهو ڏاڍو عجيب اتفاق هو جو اسان چئن
مان ٽي مختلف وقتن تي ۽ مختلف حالتن ۾ اسٽيٽ ماڊل
اسڪولز مان ڀڄي نڪتاسين ۽ هڪ کانسواءِ فقط اسين ئي
اهي قيدي هئاسين جيڪي انهن وٽان ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب
ٿياسين.
اسٽيٽ ماڊل اسڪولز ۾ اسان کي اهي سڀئي آفيسر ملي ويا جيڪي جنگ
جي شروعاتي لڙاين ۽ خاص ڪري نڪلسنز نيڪ وٽ قيد ٿيا
هئا. اسان سڀني نون آيلن کي هڪ ئي ڊارميٽري
(Dormitory)
۾ رهايو ويو. اسان پنهنجي ٺڪاڻي جو تمام غور سان
جائزو ورتو. اسان جي ذهن ۾ آزادي کان سواءِ ٻي ڪا
ڳالهه ئي نه هوندي هئي ۽ اسين صبح کان رات تائين
ذهن تي زور ڏئي فرار جا رستا پيا ڳولهيندا هئاسين.
اسان کي جنهن سسٽم تحت نظر بند رکيو ويو هو اسان
جلد ئي انهيءَ ۾ ڪيترائي نُقص ڳولهي ورتا. اسان کي
پنهنجين حدن اندر ايتري آزادي هوندي هئي ۽ ڏينهن
رات جي وڏي حصي ۾ اسين ايترو ته گهٽ نگهباني هيٺ
رهندا هئاسين جو اسين بغير ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجي
مقصد ۾ لڳي ٿي سگهياسين. اسان کي اتي رهندي هڪ
هفتو به نه گذريو ته اسان جي فرار جي اصلي جذبي ۾
هڪ اڃان وڌيڪ پُرعزم رٿا شامل ٿي وئي.
اسان آهستي آهستي ۽ ڳوڙهي صلاح مشوري کان پوءِ هڪ وڏي دليري ۽
هوڙيائپ واري اسڪيم تيار ڪري ورتي. انهيءَ جو ٺاٺ
موجوده صورتحال جي حقيقتن مان تيار ٿيو. اسين
اسٽيٽ ماڊل اسڪولز ۾ پاڻ ۾ تقريباً سٺ آفيسر جنگي
قيدي هئاسين. اسان وٽ ڏهه يارهن کن برطانوي سپاهي
نوڪر به هئا. اسان جي پهريدارن ۾ تقريباً ڏهه هر
وقت انهيءَ احاطي جي چئن طرفن تي سنتري ڊيوٽي تي
هوندا هئا جنهن جي وچ ۾ اسڪول جي عمارت هوندي هئي.
ڏينهن جو عام طور ٻين ڏهن جي ڊيوٽي نه هوندي هئي ۽
اهي شهر ۾ هوندا هئا. جڏهن ته باقي ماڻهو ويٺا
پنهنجا اوزار صاف ڪندا هئا، سگريٽ ڇڪيندا هئا، پتي
کيڏندا هئا يا پنهنجي تنبوءَ ۾ آرام ڪندا هئا.
پهريدارن جو اهو تنبو چوڪنڊي احاطي جي هڪ ڪنڊ ۾
کُتل هو ۽ جن ٽيهن زرپن جي ڊيوٽي نه هوندي هئي اهي
سڀئي رات جو انهيءَ ۾ بلڪل بي اونا ٿي سمهي پوندا
هئا.
انهن پهريدارن تي ڪنٽرول ڪري ۽ انهن کي بي هٿيار ڪري ڇڏڻ سان هڪ
اهم قدم کڄي ويندو. هاڻي شروعات ۾ اها ڄاڻ حاصل
ڪرڻ بلڪل ضروري ٿي پئي ته اهي رات جو وقت ڪيئن ٿا
گذارين. پنهنجين رائيفلن ۽ ريوالورن جو ڇا ٿا ڪن،
انهن مان ڪيترا پنهنجين فوجي وردين ۽ ساز سامان
سان سمهن ٿا يا مڪمل هٿياربند ٿي سمهن ٿا يا گهٽ ۾
گهٽ ريوالور پاڻ سان رکن ٿا. انهي بابت رات توڙي
ڏينهن جو ڏاڍي باريڪ بيني سان جاچ ڪئي وئي. نتيجي
۾ خاص طور انهيءَ ڳالهه جي پڪ ٿي وئي ته جيڪي به
پهريدار ڊيوٽي لاءِ گهربل نه هوندا آهن اهي تنبوءَ
جي ٻنهي پاسن تي هڪ هڪ قطار ۾ پنهنجا ڪمبل ويڙهي
سمهي پوندا آهن. جيڪي ماڻهو انهيءَ رات جو سنتري
ڊيوٽيءَ لاءِ گُهربل نه هوندا آهن اهي به پنهنجا
بوٽ ۽ گهڻا ڪپڙا لاهي سمهندا آهن. ويندي جن ماڻهن
کي پنهنجن دوستن کان هڪ يا ٻن ڪلاڪن ۾ ڊيوٽي وٺڻي
هوندي آهي اهي به پنهنجيون جيڪٽون بوٽ ۽ بيلٽ لاهي
سمهندا آهن. انهن جون رائيفلون جگاڙ ڪري ٺاهيل
رَفن تي ۽ گولين جا پٽا تنبوءَ جي لڪڙن ۾ ٽنگيا
پيا هوندا آهن. معنيٰ ته رات جو پهريدارن جي
ڊيوٽين جي تبديلي جي وچ ۾ ڪي وقت اهڙا ايندا آهن
جڏهن اهي ٽيهه ئي ماڻهو ڪنهن به لحاظ کان ايترا
محفوظ نه هوندا آهن جيترو پاڻ کي سمجهندا آهن. جو
اهي تنبوءَ جي ڀت کان سواءِ ٻئي ڪنهن به بچاءَ کان
سواءِ سٺ پُر عزم ۽ ڪسرتي آفيسرن کان پنجاه والن
کان به گهٽ فاصلي سمهيا پيا هوندا آهن.
انهيءَ تنبوءَ جي در تي هڪ سنتريءَ جي نظر هوندي آهي. ممڪن ۽
ناممڪن بابت ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. عمل جي انهن
دائرن ۾ ڪَري ڏسڻ کان سواءِ ڪجهه به نه چئي سگهبو
آهي. اها ڳالهه ناممڪن نه پئي لڳي ته انهيءَ
سنتريءَ کي هڪ ٻه آفيسر ڪنهن ڇرڪائيندڙ واقعي يا
ڪنهن جي اوچتي بيماريءَ بابت ڪنهن ڪهاڻي تي گفتگو
۾ مصروف ڪري ڇڏين جڏهن ته ساڳئي وقت ٻه يا ٽي قيدي
پهريدارن جي تنبوءَ جي پٺئين پاسي کان ڪينواس کي
ڦاڙي اندر گهڙي رف تي رکيل پستولن يا رائيفلن تي
قبضو ڪري وٺن ۽ گهيرٽن مان سجاڳ ٿيندڙ سمورن
پهريدارن کي قابو ۾ آڻي وٺن. در تي بيٺل هٿياربند
سنتري کي به اوچتو ڪنٽرول ڪري وٺبو. پهريدارن تي
گولي ڇوڙڻ يا ٻئي ڪنهن کي خبردار ڪرڻ کان سواءِ
ڪنٽرول ڪري وٺڻ تمام ڏکيو ۽ خطري وارو مسئلو هو.
اهڙي قسم جي مهم جوئي بابت فقط اهو ئي چئي سگهجي
پيو ته جنگ ۽ - آءُ اهو به اضافو ڪريان ته- ڏوهه
جي تاريخ ۾ اهڙا ڪيترا ئي غير متوقع ۽ هوڙيائي
وارا واقعا موجود آهن.
ٻيو قدم وري ڊيوٽي تي موجود ڏهه هٿياربند سنتري هجن ها. اهو
مرحلو انهيءَ ڪري مونجهاري جو شڪار هو ته انهن مان
ٽن ماڻهن جي احاطي جي نوڪدار ڏنڊن واري جهنگلي جي
ٻاهران ڊيوٽي هوندي هئي. اهي انهيءَ کان فقط هڪ
وال پري هوندا هئا ۽ ڏينهن جو ته اڪثر ڪري انهيءَ
کي ٽيڪ ڏئي ڪچهري بيٺا ڪندا هئا. پر رات جو اهڙو
موقعو پيدا نه ٿيندو. تنهنڪري اهي پهچ کان ٻاهر
هئا. باقي سڀ اندر هئا. انهن ڏهن مان هرهڪ (ٽي
ٻاهر ۽ ست اندر) خاص اڀياس گهرندڙ هڪ مسئلو هو.
پر انهيءَ جو اهو مطلب نه ٿي نڪتو ته انهن مان هڪ يا ٻه جيڪڏهن
ڀڄي ويا ۽ ٻين کي خبردار ڪري ڇڏيائون ته مهم ناڪام
ٿي ويندي. پهريدارن تي ڪنٽرول ٿي وڃڻ ۽ انهن جون
رائيفلون ۽ پستول ورهائجي وڃڻ کان پوءِ اسين هڪ
اهڙو هٿياربند جٿو ٿي وڃون ها جيڪو اڌ ڪلاڪ کن جي
اندر اسان جي مقابلي ۾ ايندڙ بوئرن جي ڪهڙي به
منظم جماعت کان انگ ۾ ته وڌيڪ هجي ها پر اسان جي
خيال ۾ ته تنظيم ۽ ذهانت جي لحاظ کان به وڌيڪ هجي
ها. اڌ ڪلاڪ ۾ ته گهڻو ڪجهه واقع ٿي سگهيو ٿي. لڳو
پئي ته پهريدارن جي وچئين ڊيوٽي واري وقت جي اڌ ۾
رات جو ٻين بجي وارو وقت تمام سازگار هجي ها. ڪجهه
ننڍڙن معاملن ۾ ٿيندڙ ڪنهن گوٿ کي ذهن ۾ رکندي اها
اميد بلڪل واجبي هئي ته جيڪڏهن هر برطانوي آفيسر
پنهنجو ڪم بلڪل صحيح وقت تي سرانجام ڏنو ۽ جيڪڏهن
سڀ ڳالهه رٿا مطابق ٿي ته اسين اسٽيٽ ماڊل اسڪولز
جا مالڪ ٿي سگهياسين ٿي.
سمورو احاطو ڊگهن ٿنڀن تي لڳل بجلي جي لائيٽن سان ڏاڍو روشن
هوندو هو. پر اسان اها ڳالهه ڳولهي ورتي ته انهن
لائيٽن جو جن تارن تي دارومدار آهي اهي اسٽيٽ ماڊل
اسڪول جي عمارت ۾ اسان جي رهائش وارين ڊارميٽرين
مان گذرن ٿيون. اسان جو هڪ ماڻهو جيڪو انهن معاملن
۾ ماهر هو انهيءَ ٻڌايو ته هو ڪنهن به وقت انهن کي
ڪٽي سموري جاءِ ۾ گگهه اوندهه ڪري سگهي ٿو. اهو ڪم
تجربي طور هڪ رات ٿوري دير لاءِ ڪيو به ويو.
جيڪڏهن تنبوءَ ۾ پهريدارن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جو
سگنل ملڻ کان هڪ منٽ پوءِ اها ڳالهه عمل ۾ اچي وڃي
ته ڊيوٽي تي موجود سنترين کي قابو ڪرڻ ايترو مشڪل
مسئلو نه رهندو جيترو بظاهر ڏسڻ ۾ آيو پئي ڇو ته
آسپاس ٿيندڙ واقعن مان سنترين جون متيون بلڪل
منجهي ويون هونديون. آخري ڳالهه اها ته اسٽيٽ ماڊل
اسڪول جي جمنازيم ۾ چڱي خاصي تعداد ۾ ڊمب بيل
(Dumbbell)
به موجود هئا. هاڻي اوندهه ۾ بيٺل سر ڌڙ جي بازي
لڳائيندڙ ڊمب بيل سان هٿياربند ٽي ماڻهو جن کي
چڱيءَ طرح خبر هجي ته ڪهڙو ڪم ڪرڻو آهي اهي هڪ
ماڻهو جي برابر به نه ٿي سگهندا ڇا؟ هو ڀلي
هٿياربند به هجي پر هو بلڪل غافل هوندو ۽ حالتن
بابت ڪا خبر ئي نه هوندس. جيڪڏهن پهريدارن مٿان
اوچتو ڪڙڪي انهن تي ڪنٽرول ڪري وٺجي ۽ سنترين جي
اڪثريت کي بي هٿيار ڪري ڇڏجي ۽ جيڪڏهن اسين ٽيهه
آفيسر ريوالرن سان هٿياربند ٿي وڃون ۽ ٽيهن ٻين
ماڻهن کي رائيفلون هجن ته دشمن جي گادي جي هنڌ
پريٽوريا جي دل ۾ انهيءَ عظيم ۽ رومانوي مهم جو
پهريون ۽ سڀ کان ڏکيو مرحلو سر ٿي ويندو. انهيءَ
کان پوءِ؟
اسٽيٽ ماڊل اسڪولز کان ڏيڍ ميل پري پريٽوريا ريس ڪورس هو.
ڪنڊيدار تارن واري انهيءَ احاطي ۾ ٻن هزارن کان
مٿي برطانوي قيدي سپاهي ۽ نان ڪميشنڊ آفيسر بند
هئا. اسين انهن ماڻهن سان رابطي ۾ هئاسين ۽ رٿون
رٿي سگهياسين ٿي. اسٽيٽ ماڊل اسڪولز وارن آفيسرن
کي خدمتگار طور ڏنل ڏهه يارنهن سپاهي ڪنهن بي
اطميناني جو سبب پيدا ڪري وجهندا هئا ۽ انهن کي
ريس ڪورس واپس موڪلي انهن جي جاءِ تي ٻيا آندا
ويندا هئا. تنهنڪري اسان کي انهن ٻن هزار برطانوي
سپاهين جي احساسن ۽ انهن جي قيد جي حالتن کان
باقاعدي آگاهي حاصل ٿيندي رهندي هئي. اسان کي خبر
هئي ته اهي حالتن مان بلڪل غير مطمئن هئا انهن جون
زندگيون بلڪل يڪسانيت جو شڪار هيون. کاڌو پيتو گهٽ
ملندو هون ۽ رهائش به بلڪل خراب هين. اهي هر وقت
بکايل ۽ چڙيل رهندا هئا. هڪ دفعي ته اهي انبوه ڪري
در وٽ بيٺل پهريدارن وٽ وڃي گڏ ٿيا هئا جيتوڻيڪ ڪو
خون خرابو ته نه ٿيو هو ته به اسان کي خبر هئي ته
بوئرن کي ايترن ماڻهن کي قابو ۾ رکڻ لاءِ وڏي
جاکوڙ ڪرڻي پئي هئي. اسان کي خبر پئي هئي ته قيدين
جي ايتري وڏي پڃري جي حفاظت لاءِ تقريباً هڪ سو
ويهه زرپ
(Zarps)
مقرر ٿيل هئا جن وٽ مشين گنون هيون. ايترو وڏو
تعداد جيڪڏهن مڪمل طور تيار هجي ته ڪنهن بغاوت کي
خون ۾ وهنجاري سگهيو ٿي. فرض ڪريو ته جڏهن قيدي
اٿي کڙا ٿين ته ريس ڪورس جي پهريدارن تي سٺ
هٿياربند آفيسر پٺيان کان حملو ڪري ڏين! فرض ڪريو
ته پٺئين پاسي کان فوري طور مشين گنون اچي ٿيون
وڃن! فرض ڪريو ته سمورا ٻه هزار ماڻهو هڪ مقرر رٿا
تي عمل ڪندي مُهڙ کان حملو ڪري ٿا ڏين! ڪير چئي
سگهي ٿو ته رات جي وڳڙي ۽ مونجهاري ۾ تعداد ۽
منصوبابندي غالب نه ٿي ويندا؟ جيڪڏهن ائين ٿي ويو
ته مهم جو ٻيو مرحلو ڪاميابي سان همڪنار ٿي ويندو.
پوءِ ڇا ٿيندو؟
سموري پريٽوريا ۾ پنج سو ماڻهو به هٿيار کڻڻ جي قابل نه هئا ۽
انهن جي وڏي حصي ۾ يا ته اهڙا خوشحال شهري هئا جن
محاذ تي وڃڻ کان موڪل وٺي ڇڏي هئي يا جيڪي ڇاپا
مار ڪارواين ۾ حصو وٺڻ جي قابل نه هئا يا سرڪاري
اهلڪار ۽ سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ڪلارڪ هئا. انهن
جي نالي ماتر شهر جي پهريداريءَ ۾ تشڪيل ڪئي وئي
هئي ۽ کين رائيفلون ورهائي ڏنيون ويون هيون.
انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن به تنظيم ڪاري جو وجود
نه هو. جيڪڏهن پهريون قدم کڄي وڃي ٿو ته ٻيو قدم
انهي کان وڌيڪ ۽ ٽيون قدم اڃان وڌيڪ سولو هوندو.
اسين تصور ۾ پاڻ کي دشمن جي گاديءَ جي هنڌ جا مالڪ
ٿيندي ڏسي رهيا هئاسون. قلعن ۾ به فقط نگران ويٺل
هئا. ٻيو سڀڪو ماڻهو محاذ تي هو. قلعن تي رکيل
توپن جا منهن به ٻاهر هئا. انهن تي پٺئين پاسي
کان حملي جو ڪنهن موثر نموني بچاءَ ٿيل نه هو.
اسين جيڪڏهن شهر جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي
ٿا وڃون ته قلعن تي قبضو ڪرڻ سولو ٿي ويندو ۽
حقيقت ۾ ته اهو قدم هڪ فطري نتيجو هجي ها. سڀ کان
ويجهي برطانوي فوج ٽي سو ميل پري هئي. پر جيڪڏهن
سڀ معاملا صحيح هلن ها ته دشمن جو قلعي بند گادي
جو هنڌ اسان جي قبضي ۾ هجي ها جو اسين گهٽ ۾ گهٽ
ميفڪنگ جي محاصري جيترو وقت پنهنجو دفاع ڪري وڃون
ها.
اها سموري ڪاروائي نما شام کان باک ڦٽيءَ تائين عمل ۾ اچي وڃي
ها. اسان تي حملو ٿيڻ کان اڳ اسان کي ڪيترو وقت
ملي ها؟ اسان جو خيال هو ته پڪ سان چڱا خاصا ڏينهن
ملي ويندا. اسين سائوٿ آفريقن ريلوي جي مرڪزي
ريلوي جنڪشن تي قبضو ڪري وٺون ها ۽ اتي اتر ڏکڻ ۽
اوڀر طرف ويندڙ ريل گاڏيون گڏجن ٿيون. اسين انهن
سڀني لائينن تي جيترو اڳتي مناسب لڳي ها- چاليهه
يا پنجاهه ميل يا شايد اڃان وڌيڪ- ريل گاڏيون
موڪلي پوءِ واپس ايندا پنهنجي پٺيان هر پُل ۽
موريءَ کي ڌماڪي سان اڏائيندا اچون ها. اهڙي طرح
حاصل ڪيل وقت دوران شهر جي دفاع جي موثر نموني
تنظيم ڪاري ٿي وڃي ها. فرض ڪريو ته بوئرن جي فوج
سجاڳ ٿي ڏسي ٿي ته سندن گاديءَ جو هنڌ اهڙن جنگي
قيدين جي انبوهن جي هٿن ۾ اچي ويو آهي جن کي هنن
جوڳي تعداد ۾ فوجي رهائڻ کانسواءِ ائين بي احتياطي
سان هڪ هنڌ گڏ ڪري رهائي ڇڏيو هو. هاڻي انهن کي
انهيءَ جي محاصري لاءِ ڪيترا ماڻهو موڪلڻا پوندا؟
بوئر جنهن قسم جي لڙائي ۾ ماهر هئا انهيءَ لاءِ
کليل علائقو گهربل هو. اهي سموري جنگ ۾ مضبوط جاين
کي زير ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهيا. ڪمبرلي،
ميفڪنگ ۽ ليڊي سمٿ انهيءَ جا مثال آهن. اهي جتي به
خندقن ۽ محفوظ جاين جي سامهون آيا ته پوئتي هٽي
ويا. انهن جي قوت ۽ طاقت جا ميدان وسيع ۽ کليل
واديون هيون. اسان جيڪڏهن پريٽوريا هٿ ڪري ورتو ته
انهيءَ تي مهينن تائين قبضو برقرار رکي سگهون ٿا.
اهو ڪهڙو نه شاندار ڪارنامو هوندو؟ صدر ڪروگر ۽
سندس حڪومت اسان جي هٿن ۾ قيد هوندي. هن هڪ دفعو
”منجهائي ڇڏيندڙ انساني جذبي“ بابت ڳالهايو هو.
هاڻي هيءُ ڪم کيس سچو پچو منجهائي ڇڏيندو.
اسين هٿن ۾ اهي پتا رکي شايد ته باعزت امن لاءِ مذاڪرات ڪري
سگهياسين ٿي ۽ دوستاڻي ۽ بهتر نموني ڇڪتاڻ کي
پُڄاڻي تي پهچائي ٿي سگهياسين. جنهن سان اسان جون
فوجون وڌيڪ جاکوڙ ۽ لڙائي کان بچي وڃن ها. اهو هڪ
عظيم خواب هو. اهو ڪيترائي ڏينهن اسان جي خيالن تي
حاوي رهيو ڪجهه جوشيلن ماڻهن ته انهي ڏينهن تي ڪم
اچڻ لاءِ ڪپڙا ٽڪر گڏ ڪري يونين جيڪ به ٺاهي ورتو
هو. ٻه يا ٽي سينئر آفيسر جيڪي اسان سان گڏ قيد
هئا اهي جڏهن اسان جي رٿائن کان واقف ٿيا ڏاڍي
سختي سان انهن جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيائون. آءُ
ڪڏهن به اها دعويٰ نه ڪندس ته اهي غلطي تي هئا.
اتي اها ڪامڪ آپيرا ياد اچي ٿي وڃي جنهن ۾ وِلين
ڏاڍي رعب سان اعلان ٿو ڪري ته: ”ٻارنهن هزار
هٿياربند خچر سوار شهر ۾ ڦرلٽ مچائڻ لاءِ تيار
بيٺا آهن.“ ”ته پوءِ دير ڇاجي آهي؟“ هن کان پڇيو
وڃي ٿو: ”انهن کي پوليس نه ٿي ڇڏي.“ هائو اها ئي
ته اصل رڪاوٽ هئي. ڏهه مڪمل سجاڳ ۽ هٿياربند ماڻهو
ممڪن آهي ته هڪ وڏي اسڪيم ۾ هڪ ننڍڙي رڪاوٽ هجن پر
اهي ٻين ڪيترين حالتن وانگر هن صورتحال ۾ به
فيصلائتو ڪردار ادا ڪري سگهيا ٿي. اسان هاڻي
اجتماعي سوچون ترڪ ڪري ڇڏيون ۽ فرار جي انفرادي
رٿائن تي توجهه مرڪوز ڪري ڇڏي.
باب ايڪويهون
منهنجو بوئرن وٽان ڀڄڻ
I-
I Escape from the Boer’s
آءُ پنهنجي قيد جي پهرين ٽن هفتن دوران جيتوڻيڪ بغاوت يا فرار
جي سڀني رٿائن ۾ شريڪ رهيس پر بوئر اختيارين سان
ڳالهين ۾ پڻ شريڪ رهيس ته اهي اخباري نامانگار جي
حيثيت ۾ مون کي آزاد ڪري ڇڏين. انهن جو جواب هو ته
مون بڪتربند ٽرين واري لڙائي ۾ حصو وٺي پنهنجي غير
ويڙهاڪ
(Non Combatant) حيثيت وڃائي ويٺو آهيان. منهنجو زور انهيءَ ڳالهه تي هوندو هو
ته مون ته هڪ گولي به نه ڇوڙي هئي ۽ هٿين خالي
گرفتار ٿيو هوس. اها ڳالهه ته بلڪل سچي هئي پر
ناتال جون اخبارون بوئرن جي قبضي ۾ اچي ويون هيون.
انهن ۾ منهنجي سرگرمين جو شاندار بيان آيل هو ۽
انجڻ ۽ زخمين جو فرار مڪمل طور مون ڏانهن منسوب
ٿيل هو. تنهنڪري جنرل جوبرٽ
(General Joubert)
اها راءِ ڏيکاري ته مون پاڻ ڀلي هڪ گولي به نه
ڇوڙي هجي پر مون انجڻ کي آزاد ڪري بوئر ڪارواين کي
ڇيهو رسايو هو تنهنڪري مون کي جنگي قيدي سمجهيو
ويندو. مون کي ڊسمبر جي پهرئين هفتي ۾ جيئن ئي
انهيءَ فيصلي جي خبر پئي ته مون ڀڄڻ جو پڪو پهه
ڪري ڇڏيو.
مون تڏهن انهيءَ بابت جيڪو ڪجهه لکيو هو انهيءَ ۾ ڪا بهتري نه
ٿو ڪري سگهان ۽ اهو ئي هتي نقل ڪريان ٿو.
اسٽيٽ ماڊل اسڪولز هڪ چوڪنڊي جي وچ ۾ ٺهيل هئا. انهن جي ٻن پاسن
کان لوهي گِرل ۽ ٻن پاسن کان مضبوط لوهه جو
تقريباً ڏهه فوٽ اوچو جهنگلو لڳل هو. اهي حدون
نوجواني واري ڦڙتي رکندڙ ڪنهن به ماڻهو جي راهه ۾
رڪاوٽ نه وجهن ها پر جيئن ته انهن جي اندرئين طرف
پنجاه پنجاه والن تي رائيفلن ۽ ريوالورن سان
هٿياربند سنتري پهري تي بيٺا هوندا هئا تنهنڪري
اهي جهڙو ڪر ناقابل عبور رڪاوٽون هيون. ٽپي پار
پوڻ ۾ جيئري جاڳندي ڀت کان وڌيڪ ٻي ڪا به ڀت نه
هوندي آهي.
ڳڻتي گاڏڙ غوروفڪر ۽ مسلسل نظر رکڻ کان پوءِ ڪيترن ئي قيدين اها
ڳالهه معلوم ڪري ورتي ته سنتري جڏهن اوڀارين پاسي
واري پنهنجي حد ۾ چڪر ڏيندا آهن ته اهي ڪجهه گهڙين
لاءِ ننڍڙن گول ڪاڪوسن جي ڀرسان ٻه ٽي وال ڀت جي
چوٽي تي نظر نه رکي سگهندا آهن. چورس احاطي جي وچ
۾ لڳل بجليءَ جون لائيٽون سموري جاءِ کي بلڪل روشن
رکنديون آهن پر اوڀارين ڀت پاڇي ۾ رهندي آهي.
تنهنڪري پهريون ڪم ڪاڪوسن جي ڀرسان بيٺل سنترين
وٽان ٽپي وڃڻ هو. اها ڳالهه نهايت ضروري هئي ته
جڏهن اهي ٻئي پٺيرا بيٺل هجن ته انهيءَ ئي وقت ڪم
ڪري وٺجي. ڀت ٽپي وڃڻ کان پوءِ اسين ٻئي پاسي ٺهيل
جاءِ جي باغ ۾ هونداسين. اتي پلان پڄاڻي تي پهچي
ٿي ويو. انهيءَ کان اڳتي هر ڳالهه مبهم ۽ غيريقيني
هئي. باغ مان ٻاهر نڪربو، گهٽين مان ڪنهن جي نظر
تي چڙهڻ کان سواءِ ڪيئن لنگهبو، شهر جي چوطرف گشتي
پارٽين کان پاڻ کي ڪيئن لڪائبو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه
ته پرتگالي سرحد تائين 280 ميلن جو فاصلو ڪيئن طي
ڪبو؟ اهي اهڙا سوال هئا جيڪي پوءِ جي مرحلي تي ڪر
کڻندا.
مون 11- ڊسمبر تي ڪيپٽن هالڊين ۽ ليفٽيننٽ بروڪي سان گڏ هڪ
ناڪام ڪوشش ڪئي. ڪاڪوسن تائين پهچڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه
هئي. پر اتان ڀت ٽپڻ شديد نوعيت جي خطري واري
ڳالهه هئي. ائين ڪندڙ ماڻهو جڏهن ڀت جي مٿان هجي
ها ته پندرهن وال پري بيٺل سنتري جيڪڏهن صحيح جاءِ
تي هجن ها ۽ اوڏانهن اک هجين ها ته هو انهن کي صاف
نظر اچي وڃي ها. اهڙي صورت ۾ سنتري هن کي هڪل ڪن
ها يا فائر ڪن ها انهيءَ جو دارومدار سندس طبيعت
تي هجي ها. اڳواٽ ڪير به چئي نه ٿي سگهيو ته هو ڇا
ڪندا. بهرحال مون پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته ٻئي ڏينهن
ڇا به ٿي پوي آءُ ميدان ۾ ڪاهي پوندس. ٻارهين جو
ڏينهن گذرندو ويو ته منهنجا خوف ۽ ڊپ بي خوفيءَ ۾
بدلجندا ويا. شام جو جڏهن منهنجا ٻه دوست ڪوشش ڪري
چڪا ۽ مناسب موقعو نه ملين ته آءُ احاطي مان
گهمندو گهمندو ويس هليو ۽ گول ڪاڪوسن ۾ لڪي ويهي
رهيس. آءٌ ڪاڪوس جي ڌاتوئي چادر جي هڪ سوراخ مان
سنتري تي نظر رکي ويٺو رهيس. ڪجهه وقت ته اهي هڪ
جاءِ تي رڪاوٽ بڻيا بيٺا رهيا. اوچتو هڪ سنتري
ڦِريو ۽ پنهنجي سنگتيءَ وٽ هلي ويو ۽ انهن پاڻ ۾
ڳالهائڻ شروع ڪيو. انهن جون پٺيون مون ڏانهن هيون.
”هاڻي يا وري ڪڏهن به نه“ آءُ ڏنڊي تي چڙهي بيٺس. ڀت جي چوٽي
پنهنجن هٿن ۾ قابو ڪيم ۽ پاڻ کي مٿي ڇڪيم. مون
ٻڏتر جو شڪار ٿي ٻه دفعا پاڻ کي هيٺ ڇڏي ڏنو ۽
پوءِ ٽيون دفعو پڪو ارادو ڪري مٿي چڙهي ويس.
منهنجي واسڪوٽي چوٽيءَ تي ٺهيل آرائشي بُونبي ۾
ڦاسي پئي. پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ مون کي ڪجهه دير
ترسڻو پيو. انهيءَ انداز ۾ مون سنترين جي هڪ
الوداعي جهلڪ ڏسي ورتي جيڪي پندرهن وال پري پٺي
ڏنيون اڃان بيٺا ڳالهائي رهيا هئا. انهن مان هڪ
پنهنجو سگريٽ دکائي رهيو هو ۽ مون کي ياد آهي ته
سندس هٿن جي اندرئين پاسي واري چمڪ جو ڌنڌلو عڪس
منهنجي ذهن تي نقش ٿي ويو. پوءِ مون پاڻ کي آهستڙي
ڀرسان واري باغ ۾ لاٿو ۽ ڪرونڊڙو ٿي ٻوڙن ۾ ويهي
رهيس. آءُ آزاد هوس! پهريون قدم کڄي چڪو هو ۽ اهو
واپس نه پئي ٿي سگهيو. هاڻي منهنجن سنگتين جي اچڻ
جو انتظار ڪرڻو هو. باغ جا ٻوٽا چڱي خاصي آڏ ڏئي
رهيا هئا ۽ چانڊوڪيءَ ۾ انهن جا پاڇا زمين تي
اونداهي ڪري رهيا هئا. آءُ اتي هڪ ڪلاڪ تائين وڏي
بي صبري ۽ ڳڻتيءَ ۾ پيو رهيس. باغ ۾ مسلسل ماڻهن
جي اچ وڃ لڳي پئي هئي هڪ دفعو ته هڪ ماڻهو اچي
ڪجهه والن کان سڌو مون ڏانهن نهارڻ لڳو. ٻيا ڪٿي
هئا؟ انهن ڪوشش ڇو نه ڪئي؟
اوچتو مون احاطي مان هڪ آواز ٻڌو جيڪو وڏي آواز ۾ چئي رهيو هو
”ڪجهه به نه آهي“ آءُ رڙهي پٺتي ڀت ڏانهن ٿي ويس.
اندر ٻه آفيسر هيڏانهن هوڏانهن گهمندي کلڻ ۽ اجايو
سجايو ڳالهائڻ سان گڏوگڏ ڪي لاطيني لفظ به ڪڍي
رهيا هئا. انهيءَ ۾ مون پنهنجو نالو به ٻڌي ورتو.
مون ٿورڙو کنگهڪار جو جوکم کنيو. هڪ آفيسر پنهنجي
منهن ڳالهائڻ شروع ڪيو. ٻئي آهستي ۽ صاف نموني
چيو: ”اهي ٻاهر نه ٿا وڃي سگهن. سنتري کي وهم ٿيو
آهي. ڪجهه به نه آهي.“ پر هاڻي منهنجا سڀ خوف بنا
دير مون کان جدا ٿي ويا. هاڻي آءُ نظر ۾ اچڻ
کانسواءِ ڀت نه ٽپي سگهان ها. ٻاهرئين پاسي کان ڪو
مدد ڏيندڙ ڏنڊو به نه هو. قسمت اڳتي جي راه ڏيکاري
رهي هئي. انهيءَ کان سواءِ مون پاڻ کي چيو، هائو،
آءُ ٻيهر پڪڙجي پوندس. پر آءُ گهٽ ۾ گهٽ پنهنجن
پئسن جيترو ته ڀڄندس. مون آفيسرن کي چيو: ”آءُ
اڪيلو ويندس.“
هاڻي آءُ اهي قدم کڻڻ لاءِ بلڪل صحيح موڊ ۾ هوس. ناڪاميءَ جو
تقريباً پڪو امڪان هو. ڪاميابيءَ جي خلاف ويندڙ
ڪنهن به ڳالهه مون تي اثر نه وڌو. نقشي تي هڪ نظر
وجهڻ سان ڏسڻ ۾ ايندو ته روڊ ڏانهن دروازو ٻئي
سنتريءَ کان فقط چند وال پري هو. مون پاڻ کي چيو:
”مڙس ٿي. همٿ ڪر“. ٽوپلو پنهنجي هٿ ۾ ڪيو ۽ وڏيون
وکون کڻندو باغ جي وچ ۾ اچي ويس. لڪڻ جي ڪا به
ڪوشش ڪرڻ کان سواءِ گهر جي دريءَ جي ڀرسان لنگهيس
۽ در مان ٿيندو کاٻي طرف ڦري ويس. آءُ سنتري وٽان
پنجن والن کان به گهٽ فاصلي تي لنگهيس. انهن مان
گهڻا مون کي مهانڊن مان سڃاڻندا هئا. هن مون ڏانهن
ڏٺو يا نه مون کي خبر نه آهي ڇو جو مون پنهنجو
منهن ڪنهن پاسي ڦيرايو ئي نه. مون ڊوڙ پائڻ جي
جذبي تي ڏاڍي ڏکيائي سان ڪنٽرول ڪيو. پر هڪ وال
هلڻ ۽ ڪا به هڪل نه ٻڌڻ کان پوءِ سمجهي ورتو ته
ٻين رڪاوٽ به عبور ٿي وئي.
آءُ پريٽوريا ۾ آزاد هوس. آءُ رات جو ڏاڍي بي فڪري سان وچ روڊ
تي هلندو ۽ هڪ ڌن جهونگاريندو رهيس. گهٽيون شهرين
سان ڀريل هيون پر ڪنهن به مون ڏانهن ڌيان نه ڏنو.
آءُ آهستي آهستي شهر جي ٻاهرين علائقن ۾ پهچي ويس
۽ هڪ ننڍڙي پل تي ويهي رهيس جيئن ڪجهه سوچ ويچار ۽
غور فڪر ڪري سگهان. آءُ دشمن جي ملڪ جي دل ۾ هئس.
آءُ ڪنهن به ماڻهو کان واقف نه هوس جنهن ڏانهن مدد
لاءِ واجهائي سگهان. منهنجي ۽ ڊيلاگوا بي جي وچ ۾
تقريباً ٽي سو ميلن جو فاصلو هو. باک ڦٽي تائين
منهنجي فرار جي خبر عام ٿي ويندي ۽ بنا دير جي
تعاقب شروع ٿي ويندو. پر نڪرڻ جا سڀ رستا بند هئا.
شهر ۾ چوڪيون ٺهيل هيون. ملڪ ۾ گشت ٿي رهيو هو.
ريل گاڏين جي تلاشي ورتي پئي وئي ۽ ريلوي لائين تي
پهرو لڳل هو. مون کي فلالين جي ناسي رنگ جا سويلين
ڪپڙا پهريل هئا. مون کي کيسي ۾ پنجهتر پائونڊ ۽
چاڪليٽ جا چار ٽڪر هئا ۽ قطب نام ۽ نقشو جيڪي
منهنجي رهنمائي ڪن ها، آفيم جون گوريون ۽ گوشت جون
ٽڪيون جيڪي مون کي قوت ڏين ها اهي اسٽيٽ ماڊل
اسڪولز ۾ پنهنجن دوستن جي کيسن ۾ پيون هيون. سڀ
کان خراب ڳالهه اها ته آءُ ڪافر ۽ ڊچ ٻولين جو هڪ
لفظ نه ٿي ڳالهائي سگهيس. اهڙي صورت ۾ آءُ کاڌو
ڪيئن حاصل ڪندس ۽ طرف ڪيئن پڇندس؟
پر جڏهن اميد موڪلائي وئي ته خوف به نڪري ويو. مون هڪ پلان
ٺاهيو. آءُ ڊيلاگورا ويندڙ ريلوي لائين ڳولهيندس.
نقشي ۽ قطب نما کان سواءِ ۽ هر جاءِ تي چوڪيون
هوندي به انهيءَ پلان تي هلندس. مون تارن تي نظر
وڌي. ٽيڙو چمڪي رهيو هو. اڃان هڪ سال به مشڪل سان
گذريو هوندو جو آءُ نيل نديءَ جي ڪناري تي ريگستان
۾ رستو وڃائي ويٺو هوس ته انهيءَ مون کي راهه
ڏيکاري هئي ۽ پاڻي ڏنو هو. هاڻي اهو مون کي آزادي
جي واٽ تي وٺي هلندو. پاڻي توڙي آزادي آءُ ٻنهي جي
کوٽ نه سهي سگهان ها.
ڏکڻ طرف اڌ ميل هلڻ کان پوءِ آءُ ريلوي لائين تي پهچي ويس. اها
ڊيلاگوا ڏانهن ويندڙ لائين هئي يا پيٽرزبرگ برانچ
هئي؟ اها جيڪڏهن ڊيلا گوا واري لائين هئي ته
انهيءَ ئي اوڀر طرف وڃڻ گهرجي ها. پر منهنجي
اندازي ۾ اها اتر طرف پئي وئي. پر ممڪن آهي ته اها
ٽڪرين ۾ وڙ وڪڙ پئي ڪندي هجي. بهرحال مون انهيءَ
تي هلڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو. رات ڏاڍي خوشگوار لڳي
پئي هئي. ٿڌڙي هير منهنجي منهن تي جهلڪا ڏئي رهي
هئي ۽ مون تي ڏاڍي سر خوشيءَ جو احساس حاوي هو. ڇا
به هجي، ڀلي هڪ ڪلاڪ لاءِ ئي پر آءُ آزاد هوس. اها
ڳالهه اهميت کان خالي نه هئي. مهم جوئي جو موهه
وڌندو ٿي ويو. جيستائين پنهنجن مدارن ۾ گردش ڪندڙ
ستارا منهنجي لاءِ جنگ نه ٿا جوٽين آءُ فرار نه ٿي
سگهندس ته پوءِ ڀلا احتياط جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ آءُ
ريلوي لائين جي ڀرسان تڪڙيون وکون کڻندو هلندو
رهيس. هِتي هُتي ڪنهن چوڪي جي باهه جي روشني چمڪي
رهي هئي. هر پُل تي نگهبان بيٺل هئا. آءُ خطري
وارين جاين تي ننڍڙا ڦيرا ڪندو انهن سڀني وٽان
لنگهي ويس ۽ ڪو به احتياط نه ٿي ڪيم. شايد اهو ئي
سبب هو جو آءُ ڪامياب ٿي ويس.
هلڻ دوران مون پنهنجي پلان ۾ توسيع ڪري ڇڏي. آءُ سرحد تائين ٽي
سو ميل پنڌ نه ڪري سگهان ها. آءُ هلندڙ ٽرين تي
چڙهي پوندس ۽ سيٽن هيٺان، ڇت تي، ڪپلنگ تي يا جتي
به جاءِ ملي لِڪي ويهي رهندس. مون کي وائس ورسا
(Vice Versa)
۾ پال بلٽيٽيوڊ جو اسڪول کان ڀڄڻ ذهن ۾ اچي ويو.[2]
مون تصور ۾ پاڻ کي سيٽ جي هيٺان نڪرندي ۽ فرسٽ
ڪلاس جي ڪنهن ٿلهي متاري مسافر کي پنهنجي مدد لاءِ
رشوت ڏيندي يا منٿ ميڙ ڪندي ڏٺو. آءُ ڪهڙي ٽرين ۾
چڙهان؟ ظاهر آهي ته جيڪا پهريان اچي. ٻه ڪلاڪ پنڌ
ڪرڻ کان پوءِ مون کي ڪنهن اسٽيشن جون سگنل لائيٽون
نظر اچي ويون. آءُ لائين کان پري ٿي ويس ۽ ان کان
ڦيرو کائيندي پليٽ فارم کان تقريباً ٻه سو وال
اورتي هڪ کڏ ۾ لڪي ويهي رهيس. مون سوچيو ته ٽرين
اسٽيشن تي بيهندي ۽ پوءِ مون تائين پهچڻ ۾ گهڻي
اسپيڊ نه حاصل ڪري ويندي. هڪ ڪلاڪ گذري ويو. آءُ
بي صبرو ٿيڻ لڳس. اوچتو مون کي سيٽي جو آواز ۽ کڙ
کڙ ٻڌڻ ۾ آئي پوءِ انجڻ جي وڏين هيڊي رنگ جي هيڊ
لائيٽن جو چمڪاٽ ظاهر ٿيو. ٽرين اسٽيشن تي پنج منٽ
بيٺي ۽ وري ڏاڍو گوڙ ڪندي ۽ دونهون ڪڍندي هلي پئي.
آءُ رستي تي ڄُڪي ويهي رهيس ۽ ذهن ۾ پنهنجي ڪم جي
ريهرسل ڪندو رهيس. مون کي انجڻ جي لنگهي وڃڻ تائين
انتظار ڪرڻو پوندو نه ته ڏسجي ويندس. انهيءَ کان
پوءِ آءُ گاڏن وٽ پهچڻ لاءِ ڊوڙ پائيندس.
ٽرين آهستي آهستي هلي پر منهنجي توقع کان جلدي اسپيڊ وٺي وئي.
چمڪندڙ لائيٽون جلد ئي ويجهو اچي ويون. کڙ کڙ
گجگوڙ ۾ بدلجي وئي. اونداهي ڇپ هڪ سيڪنڊ لاءِ
منهنجي مٿان بيٺي. انجڻ ڊرائيور جو پنهنجي بٺي جي
چمڪي جي پٺيان پاڇولو، انجڻ جو ڪارو پاسو ۽ دونهين
جا ڪڪر تيزي سان گذرندا ويا. پوءِ مون پاڻ کي گاڏن
۾ کڻي اڇلايو، ڪنهن شي ۾ هٿ وڌو، هٿ نه پيو، وري
هٿ وڌو وري هٿ نه پيو؛ ڪنهن جاءِ ۾ هٿ پئجي ويو ۽
منهنجا پير مٿي کڄي ويا ۽ پٻ زمين تي سٽڪڻ لڳا.
آءُ وڏي جدوجهد کان پوءِ ريل جي مُنڍ کان پنجين
نمبر گاڏي جي ڪپلنگ تي ويهجي ويس. اها مال گاڏي
هئي ۽ گاڏا ٻورن سان سٿيا پيا هئا. ٻورا ڏاڍا نرم
هئا ۽ ڪوئلن جي دز سان ڍڪيا پيا هئا. اصل ۾ اهي
ٻورا ڪوئلن جي خالي ٻورن سان ڀريل هئا ۽ پنهنجي
کاڻ ڏانهن واپس پئي ويا. آءُ ريڙهيون ڏئي مٿي چڙهي
ويس ۽ انهن جي وچ ۾ لڪي ويس ۽ پنجن منٽن ۾ مڪمل
طور دٻجي ويس. ٻورا گرم ۽ آرامده هئا. انجڻ جي
ڊرائيور مون کي ٽرين ڏانهن لوهه پائيندي ڏسي نه
ورتو هجي ۽ ايندڙ اسٽيشن تي ماڻهن کي خبردار نه
ڪري ڇڏي. يا شايد هن نه ڏٺو هجي. ٽرين ڪيڏانهن پئي
وئي؟ انهيءَ تان مال ڪٿي لهندو؟ انهيءَ جي تلاشي
ته نه وٺندا؟ ڇا اها ڊيلاگوا واري لائين تي هئي؟
آءُ صبح جو ڇا ڪريان؟ انهيءَ جي ڳڻتي نه ڪر. رات
لاءِ رات جو ڀاڳ ڪافي آهي. نين حالتن لاءِ نيون
رٿائون. مون ننڊ ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو ۽ ريل جي
کڙ کڙ کان وڌيڪ ٻي ڪنهن وڻندڙ لوليءَ جو تصور ئي
نه پئي ڪري سگهيس جيڪا مفرور قيدي کي ويهه ميل في
ڪلاڪ جي رفتار سان دشمن جي گاديءَ واري شهر کان
پري کڻي وڃي رهي هئي.
مون کي اها خبر نه آهي ته آءُ ڪيترو وقت سمهيس پر جڏهن اوچتو
سجاڳ ٿيس ته خوشي جا سڀئي احساس غائب هئا ۽ ذهن تي
فقط شديد ڏکيائين جي سوچ ٻوجهه بڻي بيٺي هئي. مون
کي پرهه ڦٽي کان اڳ ٽرين مان لهڻ گهرجي جئين ڪنهن
تلاءَ مان پاڻي پيئان ۽ اوندهه ٿيڻ تائين ويهڻ
لاءِ ڪا لڪڻ جي جاءِ ڳولهي سگهان. آءُ ڪوئلي جي
ٻورن سان گڏ لهڻ جو خطرو ڪڏهن به نه کڻندس. ٻيءَ
رات جو ٻي ٽرين ۾ چڙهندس. آءُ ٻورن ۾ پنهنجي
آرامده لڪڻ واري جاءِ مان ريڙهيون ڏئي نڪري آيس ۽
وري ڪپلنگ تي ويهي رهيس. ٽرين سٺي اسپيڊ سان هلي
رهي هئي پر مون محسوس ڪيو ته انهيءَ کي ڇڏڻ جو وقت
اچي ويو آهي. مون گاڏي جي آخر ۾ لوهي هينڊل کي
پنهنجي کاٻي هٿ ۾ قابو جهليو ۽ ٽپ ڏنم. منهنجا پير
ٻن وڏين اڇالن ۾ زمين تي کُتا ۽ پوءِ پکڙجي هڪ کڏ
۾ اچي ڪِريس. جسم چڱو خاصو لُڏي ويو هو پر ڪو به
زخم نه آيو. رات جو منهنجي وفادار ساٿي رهندڙ ٽرين
تيز رفتاريءَ سان پنهنجي سفر تي هلندي رهي.
اڃان اوندهه لڳي پئي هئي. آءُ هڪ وسيع ماٿريءَ جي وچ ۾ هئس جنهن
جي چوطرف ننڍڙيون ٽڪريون هيون ۽ پٽ تي ماڪ ۾ ٻڏل
وڏي گاهه جي چادر وڇايل هئي. مون سڀ کان ويجهي
واهي ۾ پاڻي جي ڳولها ڪئي ۽ جلد ئي هڪ صاف تلاء
ڳولهي لڌم. مون کي ڏاڍي اُڃ هئي پر اڃ اجهائڻ کان
گهڻي دير پوءِ به پاڻي پيئندو رهيس. جيئن مون وٽ
سڄي ڏينهن لاءِ ڪافي مقدار ۾ پاڻي هجي.
هاڻي باک به ڦٽڻ شروع ٿي ۽ اوڀر طرف آسمان ۾ ڪارن ڪڪرن جي وچ
مان هيڊي ۽ ڳاڙهي رنگ جون ڌارائون ظاهر ٿي ويون.
مون کي اهو ڏسي ڏاڍو اطمينان ٿيو ته ريلوي لائين
ڏاڍي يڪسانيءَ سان اڀرندي طرف وڃي رهي هئي.
پيٽ ڀري پاڻي پيئڻ کان پوءِ مون ٽرين ڏانهن رخ ڪيو جن ۾ مون کي
لِڪڻ جي جاءِ هٿ اچڻ جي اميد هئي ۽ ڏينهن جي روشني
پکڙجڻ سان آءُ هڪ اونهي نئي جي ڪناري تي ڦٽل وڻن
جي هڪ جهڳٽي ۾ داخل ٿي ويس. مون ارادو ڪري ڇڏيو ته
نماشام تائين اتي ويٺو هوندس. مون کي دل ۾ اهو
اطمينان هو ته دنيا ۾ ڪنهن کي به خبر نه هئي ته
آءُ ڪٿي هوس. خود مون کي به خبر نه هئي. هاڻي
چاروڳا هئا. مون ۽ رات جي وچ ۾ چوڏهن ڪلاڪ پيا هئا
مون کي اها بي صبري لڳي پئي هئي ته اڃان سگهه ۽
قوت هوندي اڳتي هلي وٺان تنهنڪري اها ٻيڻا وڏا پئي
لڳا. شروع ۾ ته سيءُ ڏاڍو هو پر آهستي آهستي سج
طاقت وٺندو ويو. ڏهين وڳي تائين گرمي شديد ٿي وئي.
منهنجي اڪيلي ساٿي هڪ وڏي ڳِجهه هئي جيڪا منهنجي
حالت ۾ ڪجهه حد کان وڌيڪ دلچسپي ڏيکاري رهي هئي ۽
وقت بوقت ڏاڍا خوفائتا ۽ بڇڙا گرڙاٽ ڪري رهي هئي.
منهنجي مٿاهين جاءِ تان سموري واديءَ جو نظارو
منهنجي سامهون هو. اولهه طرف ٽن ميلن جي فاصلي تي
ٽين جي ڇتين جي گهرن وارو هڪ ننڍڙو شهر هو. هيٺ
مٿاهين زمين جي يڪسانيت کي دُور ڪرڻ لاءِ فارمن تي
ٺهيل گهر ٽڙيا پکڙيا پيا هئا جن مان هر هڪ سان گڏ
وڻن جو هڪ جهڳٽو هو. ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ ڪافرن جو هڪ
لوڙهي بند ڳوٺ هو ۽ انهيءَ جي رهواسين جون شڪليون
زمين جي آباد ٽڪرن تي پکڙيون پيون هيون يا اهي
ساوڪ تي چرندڙ ٻڪرين ۽ ڍڳين جي ڌڻن جي چوڌاري بيٺا
هئا. مون ڏينهن جو چاڪليٽ جو هڪ ٽڪرو کاڌو جنهن
ڏينهن جي تپش وڌڻ سان شديد اُڃ پيدا ڪئي. تلاء
مشڪل سان اڌ ميل پري هو پر آءُ ننڍڙي ڳوٺ واري
پناهه گاهه ڇڏڻ جي همٿ نه پئي ڪري سگهيس جو مون کي
ڪڏهن ڪڏهن ڪي گورا ماڻهو گهوڙن تي يا پنڌ واديءَ
تي گهمندي نظر اچي ٿي ويا ۽ هڪ دفعو هڪ بوئر اچي
منهنجي لڪڻ واري جاءِ جي ڀرسان پکين تي ٻه فائر به
ڪيا. پر ڪنهن جي به مون تي نظر نه پئي.
گذريل رات واري خوشي ۽ جوش ڪافور ٿي ويا ۽ انهن جي جاءِ تي لڱ
ٺاري ڇڏيندڙ رد عمل اچي ويو. مون کي ڏاڍي بک لڳي
هئي جو مون نڪرڻ کان اڳ ماني نه کاڌي هئي ۽ چاڪليٽ
جيتوڻيڪ توانائي ڏئي ٿو پر بک جو احساس ختم نه ٿو
ڪري. مون ننڊ به نالي ماتر ڪئي هئي پر منهنجي دل
ايترو زور سان ڌڙڪي رهي هئي ۽ آءُ مستقبل بابت
ايترو ته گهٻراهٽ ۽ مونجهاري جو شڪار هوس جو مون
کي آرام ئي نه پئي آيو. آءُ پيش ايندڙ سڀني اتفاقن
بابت سوچي رهيو هوس. مون کي پڪڙجي پوڻ ۽ واپس
پريٽوريا گهلجي وڃڻ کان ايترو ته ڊپ پئي لڳو ۽
انهيءَ ڳالهه کان ايتري ته نفرت پئي آئي جنهن جو
لفظن ۾ اظهار ٿي ئي نه ٿو سگهي. مون کي اهڙن
فيلسوفاڻن خيالن مان به ڪو آرام نه پئي آيو جن کي
ڪجهه ماڻهو پنهنجي سهوليت، طاقت ۽ تحفظ واري وقت ۾
ويٺا ورجائيندا آهن. اهي فقط سٺي موسم جا دوست پئي
لڳا. مون اها ڳالهه ڏاڍي شدت سان محسوس ڪئي ته
منهنجي ڪمزور دانش ۽ طاقت جو ڪهڙو به استعمال مون
کي پنهنجن دشمنن کان نه بچائي سگهندو ۽ اهو ته آءُ
انهيءَ ارفع طاقت
(High Power)
جي مدد کان سواءِ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندس
جيڪا علت ۽ معلول جي دائمي سلسلي ۾ انهيءَ کان
وڌيڪ دخل انداز ٿيندي رهي ٿي جيترو اسين تسليم
ڪريون ٿا. مون مدد ۽ رهنمائي لاءِ دل جي گهراين
سان ڏاڍي ڊگهي دعا گهري. مون کي لڳي ٿو ته منهنجي
دعا ڏاڍو جلدي ۽ حيرت انگيز نموني قبول ٿي.
مون اهي سٽون ڪيترا سال اڳ لکيون هيون جڏهن انهيءَ مهم جو اثر
مون تي اڃان پڪو بيٺل هو. تڏهن آءُ وڌيڪ نه ٿي
ٻڌائي سگهيس. ائين ڪرڻ سان جن ماڻهن منهنجي مدد
ڪئي هئي انهن جي آزادي ۽ شايد زندگيون ئي خطري ۾
پئجي وڃن ها. ڪيترن سالن کان اهي سبب به منظر تي
نه رهيا آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي جو آءُ پوءِ
ٿيندڙ اهي واقعا بيان ڪري سگهان ٿو جن منهنجي
شروعاتي نااميديءَ واري صورتحال کي وڏي فائدي واري
حالت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو.
ڏينهن جو مون ريلوي لائين تي ڌيان سان نظر رکي هئي ۽ ڏٺو هو ته
انهيءَ تي ٻنهي پاسن کان ٻه يا ٽي گاڏيون آيون
ويون هيون. مون سوچيو ته ساڳيو تعداد رات جو به
گذرندو. مون انهن مان ڪنهن تي چڙهڻ جو ارادو ڪيو.
مون سوچيو ته آءُ پنهنجي گذريل رات واري طريقي ۾
بهتري آڻي سگهيس ٿي. منهنجي مشاهدي ۾ اها ڳالهه
آئي هئي ته خاص طور ڊگهيون مال گاڏيون ڪجهه
اُتاهين چاڙهين تي ڏاڍو آهستگيءَ سان مٿي چڙهن
ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن ته اهي مشڪل سان پيدل ماڻهو جي
رفتار جيترو هليون ٿي. تنهنڪري شايد ڪو اهڙو هنڌ
چونڊڻ ۾ سولائي ٿيندي جتي لائين نه فقط مٿي چڙهندي
هجي پر انهيءَ ۾ وڪڙ به هجي ۽ آءُ ڪنهن ٻاهرئين
پاسي واري گاڏي تي اهڙي طرح چڙهي وڃان جو انجڻ ۽
گارڊ جو گاڏو ٻئي پٺتي وَريل هجن. اهڙي طرح نه
انجڻ ڊرائيور نه ئي گارڊ مون کي ڏسي سگهندا. اهو
پلان مون کي هر لحاظ سان درست پئي ڏسڻ ۾ آيو. مون
رات ۾ ٻيا سٺ ستر ميل اڳتي کڄي وڃڻ کان پوءِ چشم
تصور سان پاڻ کي پرهه ڦٽي کان اڳ ٽرين مان لهندي
ڏٺو. اهڙي طرح سرحد کان ڏيڍ سو ميلن جو فاصلو وڃي
باقي رهندو ۽ اهو طريقو ٻيهر ڇو نه عمل ۾ اچي
سگهندو؟ انهيءَ ۾ ڪا خامي هئي ڇا؟ مون کي ته اها
نظر نه پئي آئي. ٽن لڳاتار راتين ۾ ٽن ڊگهين اڇالن
۾ آءُ پرتگالي علائقي ۾ هوندس. مون وٽ اڃان ٻه يا
ٽي چاڪليٽن جون ٽڪيون ۽ بسڪوٽن جي ڀور جو کيسو
ڀريل هو جيڪي مڙئي بُک مارڻ ۽ جسم ۽ روح جي تند
ڳنڍيل رکڻ لاءِ ڪافي هئا نه ته بک کان بي حال ٿي
ڪنهن ماڻهو جي سامهون اچڻو پوي ها ۽ اهڙي طرح وري
قيد ۾ اچي وڃڻ جو خطرو هجي ها. اهي پُور پچائيندي
آءُ وڌندڙ بي صبريءَ سان اوندهه ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ
لڳس.
ڊگهو ڏينهن آخر پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. اولهه طرف وارا ڪڪر ڳاڙها
لال ٿي ويا. ٽڪرين جا پاڇا ماٿريءَ ۾ پکـڙجي ويا.
ڊگهن گهوڙن سان بوئرن جي هڪ وڏي گاڏي ريلوي لائين
سان شهر ڏانهن آهستي آهستي گهلبي پئي وئي. ڪافر
پنهنجن ڌڻن کي هڪليندا پنهنجي لوڙهي بند ڳوٺ ڏانهن
ڪاهيون پئي ويا. آخرڪار ڏينهن جي روشني ختم ٿي وئي
۽ آءُ ٻاهر نڪتس ۽ تڪڙو تڪڙو ريلوي لائين ڏانهن
وڌيس. پٿرن تان ۽ وڏي گاهه مان رڙهندو سڙهندو، ٿڌي
مٺي پاڻي جي هڪ واهي تي ٿوري دير ويهي پاڻي پيتو.
آءُ انهيءَ جاءِ ڏانهن هلڻ لڳس جتي مون ريل گاڏين
کي تمام آهستڙي چاڙهي تي چڙهندي ڏٺو هو. مون کي
جلد ئي اهڙي جاءِ نظر اچي وئي جتي ريلوي لائين جو
وڪڙ منهنجي پلان جي سڀني ڳالهين جي مطابق هو. اتي
آءُ هڪڙي ننڍڙي ٻوڙي جي پٺيان ويهي رهيس ۽ وڏي آس
کڻي انتظار ڪرڻ لڳس. هڪ ڪلاڪ گذري ويو، ٻه ڪلاڪ
گذري ويا، ٽي ڪلاڪ به گذري ويا ته به ڪا ٽرين ئي
نه آئي. هاڻي آخري گاڏيءَ کي وئي ڇهه ڪلاڪ گذري
ويا هئا ڪنهن جو وقت ته لازماً ٿي ويو هوندو. ٻيو
ڪلاڪ به نڪري ويو ته به ڪا گاڏي ئي نه! منهنجو
پلان ڊهڻ لڳو ۽ منهنجون اميدون مون وٽان ڀڄڻ لڳيون
ڪٿي ائين ته ناهي ته ريلوي لائين جي هن حصي تي
اوندهه ۾ گاڏيون نه ٿيون هلن؟ حقيقت ۾ اها ئي
ڳالهه هئي ۽ آءُ ڏينهن ٿيڻ تائين اجايو ويٺو
انتظار ڪريان ها. بهرحال رات جو ٻارهين ۽ هڪ وڳي
جي وچ ۾ مون کان صبر ڇڏائجي ويو ۽ مون اهو پڪو پهه
ڪري ريلوي لائين سان گڏوگڏ هلڻ شروع ڪيو ته ڇا به
ٿي پوي آءُ پنهنجي سفر جا ڏهه پندرنهن ميل ڪري
وڃان. آءُ گهڻو اڳڀرو نه ٿي سگهيس. هر پُل تي
هٿياربند ماڻهن جو پهرو هو ۽ ٻن ٽن ميلن تي ڪيبن
ٺهيل هئا. وچ ۾ اسٽيشنون هيون جن جي چوڌاري ٽين جي
ڇتين جي گهرن تي ٻڌل ڳوٺ هئا. سموري ماٿري چنڊ جي
روشن ڪرڻن ۾ ٻُڏي پئي هئي. انهن خطرناڪ جاين کان
بچڻ لاءِ مون کي وڏا ڦيرا ڪرڻا ٿي پيا ۽ ڪٿي ته
زمين تي جيتن وانگر سرڻو به پيو. آءُ ريل بند کي
ڇڏي دُٻن ۽ دلدلن ۾ وڃي پيس. ماڪ ۾ تر ٿيل وڏي
گاهه ۾ گهڙيس ۽ ريل بند جي هيٺان گذرندر ننڍڙن
واهڙن ۾ لهي اهي پار ڪيم. آءُ جلد ئي چيلهه تائين
پاڻي ۾ پُسي ويس. پنهنجي قيد جي هڪ مهيني دوران
مون ورزش تمام گهٽ ڪئي هئي تنهنڪري پنڌ ڪرڻ ۽ کاڌي
۽ ننڊ جي کوٽ سبب جلد ئي ٿڪجي پيس. هاڻي آءُ هڪ
اسٽيشن جي ويجهو اچي پهتو هوس. اها اسٽيشن فقط هڪ
پليٽ فارم هو جنهن جي چوڌاري ٻه يا ٽي جايون ۽
جهوپڙا هئا. پليٽ فارم تي اصل ريلوي لائين جي
ڀرسان وارين لائينن تي ٽي ڊگهيون مال گاڏيون
بيٺيون هيون. اهي ظاهر آهي ته رات جو وقت گذارڻ
لاءِ اتي بيٺيون هيون. ريلوي لائين تي ٻنهي پاسن
کان گاڏين جي اچ وڃ هڪ جيتري نه هئي. چنڊ جي روشني
۾ نظر ايندڙ ٽن ريل گاڏين منهنجي شڪ شبهن کي صحيح
ثابت ڪيو. لائين جي هن حصي تي رات جو ٽريفڪ نه ٿي
هلي. شام جو ايترو سٺو ۽ پڪو پختو نظر ايندڙ
منهنجي پلان جي هاڻي وڃي اها حالت ٿي هئي.
هاڻي منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته بنا دير آءُ انهن بيٺل
گاڏين مان ڪنهن تي چڙهي وڃان ۽ ان تي چڙهيل بار ۾
لڪي وڃان ته ممڪن آهي ته ٻيو ڏينهن ۽ جيڪڏهن سڀ
ڳالهه صحيح هلي ته رات به اڳتي کڄي وڃان. ٻئي طرف
اها سوچ به هئي ته اهي ڪيڏانهن پئي ويون؟ اهي ڪٿي
بيهنديون؟ انهن تان بار ڪٿي لهندو؟ گاڏي ۾ چڙهڻ
سان ئي منهنجي قسمت جو فيصلو ٿي ويندو. ائين به ٿي
سگهي ٿو ته آءُ وِٽ بينڪ، مڊل برگ يا سرحد تائين
ٻه سو ميلن ۾ ڪنهن به اسٽيشن تي گرفتار ٿي، بيعزتو
ڪري ٽرين تان لاٿو وڃان. اهڙو ڪو به قدم کڻڻ کان
اڳ ڪنهن به قيمت تي اها ڳالهه معلوم ڪرڻ ضروري هئي
ته اهي گاڏيون ڪيڏانهن پئي ويون. انهيءَ لاءِ مون
کي اسٽيشن ۾ وڃڻو پوندو ۽ گاڏيون يا مال تي لڳل
پرچين جو جائزو وٺي انهن مان ڪا معلومات وٺڻي
پوندي. آءُ پيٽ ڀر سُرندو پليٽ فارم تائين ويس ۽
پاسي وارين لائينن تي بيٺل ڊگهين گاڏين جي وچ ۾
پهچي ويس. مون اڃان گاڏن تي لڳل نشانن کي ڏسڻ شروع
ئي مس ڪيو هو ته گاڏين جي ٻاهران ايندڙ تيز آوازن
مون کي ڊپ ۾ ڀري ڇڏيو. ڪيترائي ڪافر پنهنجي غير
هموار آوازن ۾ کِلي ۽ زور سان دانهون ڪري رهيا هئا
۽ منهنجي خيال ۾ ته مون کي هڪ يورپي آواز به ٻڌڻ ۾
آيو جيڪو ڪجهه سمجهائي يا حڪم ڏئي رهيو هو. ڇا به
هجي ايتري ڳالهه منهنجي لاءِ کوڙ هئي. آءُ ٻنهي
گاڏين جي وچ ۾ هلندو آخري ڪناري تائين پهچي ويس ۽
لڪندو ڇپندو پر ڏاڍي تڪڙ ۾ وسيع ميدان جي گاهه ۾
لڪي ويس.
هاڻي بس بغير ڪنهن مقصد ۽ اميد جي بي دليءَ سان وکون کڻندي
هلندو رهڻ کان سواءِ ڪا واه ئي نه هئي. مون جڏهن
چوطرف نظر وڌي ۽ هِتي هُتي ڪجهه گهرن جون روشنيون
نظر آيون ته انهن ۾ موجود گرمائش ۽ آرام جو تصور
ڪري منهنجي دل ڏاڍي ننڍي ٿي وئي جو مون سمجهيو ته
انهن ۾ مون لاءِ خطري کان سواءِ ڪجهه به نه هو.
گهڻو اڳتي چانڊوڪيءَ ۾ چمڪندڙ آسمان جي ڪناري تي
ڇهن يا اٺن وڏين لائيٽن جي قطار نظر اچڻ لڳي جيڪي
وٽ بينڪ يا مڊل برگ اسٽيشن جون نشانيون هيون.
منهنجي کاٻي هٿ تي اونده ۾ ٻه يا ٽي باهيون ٽمڪي
رهيون هيون. مون کي اها پڪ هئي ته اهي گهرن جو
روشنيون نه هيون پر اها پڪ به هئي ته اهي ڇا جون
هيون يا ڪيترو پري هيون. منهنجي ذهن ۾ اهو خيال
ٺهيو ته اهو ڪافرن جو لوڙهي بند ڳوٺ هوندو. پوءِ
مون اهو سوچڻ شروع ڪيو ته منهنجي باقي توانائي جو
بهتر استعمال انهن ڪافرن ڏانهن وڃڻ ٿيندو. مون کي
اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ آئي هئي ته اهي بوئرن کان نفرت
ڪندا هئا ۽ برطانوين ڏانهن دوستاڻو رويو رکندا
هئا. ايترو آهي ته اهي شايد مون کي گرفتار نه ڪن.
ممڪن آهي ته اهي مون کي کاڌو ۽ سمهڻ لاءِ ڪا خشڪ
جاءِ ڏئي وجهن. آءُ جيتوڻيڪ انهن جي زبان جو هڪ
لفظ به نه ٿي ڳالهائي سگهيس ته به مون سوچيو ته
اهي شايد برطانوي نوٽ جي اهميت سمجهندا هجن. ائين
به ٿي سگهي ٿو ته انهن کي ريهي ريبي منهنجي مدد تي
آماده ڪري وجهجي. منهنجي ذهن تي فقط اهي سوچون ئي
حاوي هيون ته فقط هڪ گائيڊ ۽ گهوڙو ۽ سڀ کان وڏي
ڳالهه ته ڪجهه آرام، کاڌو ۽ گرمائش ملي وڃي.
تنهنڪري آءُ باهين ڏانهن هلي پيس.
مون اها سوچ ذهن ۾ رکي ميل کن جيترو پنڌ ڪيو هوندو ته مون کي
اها ڳالهه ورائي وئي ته اهو فيصلو ڪٿي نا سمجهي تي
ٻڌل نه هجي. پوءِ آءُ ريلوي لائين ڏانهن موٽيس ۽
شايد اڌ فاصلي جيتريون پٺتي وکون کنيون. آخر ڪنهن
به طرف هلڻ بند ڪري هڪ جاءِ تي ويهي رهيس. هاڻي
منهنجي ذهن بلڪل ڪم نه پئي ڪيو ۽ ڪا به خبر نه پئي
پوي ته ڇا ڪريان ۽ ڪيڏانهن وڃان. اوچتو بغير ڪنهن
عقلي سبب جي منهنجا سڀ شڪ شبها غائب ٿي ويا. اهي
ڪنهن منطقي سوچ جي نتيجي ۾ زائل نه ٿيا هئا. بس
منهنجو ذهن بلڪل صاف ٿي ويو ته مون کي ڪافرن جي
لوڙهي بند ڳوٺ ڏانهن وڃڻو آهي. گذريل سالن ۾ آءُ
ڪڏهن ڪڏهن ڦار ڪڍڻ واري پينسل هٿ ۾ جهلي ويهندو
هوس ۽ ٻيا منهنجي هٿ يا ڪرائي کي لوڏيندا هئا ۽
اهڙي طرح لکت مان مطلب ڪڍندا هئا. مون هاڻي به
بلڪل ساڳئي لاشعوري يا تحت شعوري انداز ۾ ڪم ڪيو.
آءُ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو باهين ڏانهن هلڻ لڳس جن بابت مون
پهرئين سٽ اهو سمجهيو هو ته اهي ريلوي لائين کان
ٻه کن ميلن کان وڌيڪ پري نه هونديون. پر مون کي
جلد ئي خبر پئجي وئي ته اهي انهيءَ کان گهڻو پري
هيون. تقريباً ڪلاڪ يا ڏيڍ ڪلاڪ هلڻ کان پوءِ به
اهي تقريباً ايترو ئي پري ٿي لڳيون. پر آءُ هلندو
رهيس ۽ صبح جو ٻين ۽ ٽين وڳي جي وچ ۾ مون کي محسوس
ٿيو ته اهي ڪافرن جي ڳوٺ جون باهيون نه هيون.
باهين جي پس منظر ۾ عمارتن جا ڪُنڊاوان نقش ظاهر
ٿيڻ لڳا ۽ آءُ جلد ئي محسوس ڪرڻ لڳس ته آءُ ڪنهن
ڪوئلن جي کاڻ جي منهن جي چوڌاري ٺهيل گهرن جي
ويجهو پهچي رهيو آهيان. وائينڊنگ گيئر کي هلائيندڙ
چرخي صاف نظر پئي آئي ۽ هاڻي آءُ اهو به ڏسي سگهيس
پئي ته جيڪي باهيون مون کي ايترو پري کان وٺي آيون
هيون اهي انجڻ جي بٺين جون هيون. ويجهو ئي هڪ ننڍو
پر چڱو خاصو پٿر جو ٻه ماڙ گهر ٺهيل هو جنهن جي
آسپاس هڪ يا ٻه ننڍيون جايون به هيون.
آءُ سُڃ ۾ بيهي رهيس جيئن هن منظر جو جائزو وٺان ۽ پنهنجي عمل
تي ڪجهه سوچ ويچار ڪريان. اڃان به واپس وڃڻ ممڪن
هو. پر انهيءَ رخ ۾ مون کي انهيءَ کان سواءِ ٻيو
ڪجهه به نظر نه ٿي آيو ته آءُ اجايو ڀٽڪندو رهندس
جنهن جي پڄاڻي تي بک ۽ تپ هوندو ۽ آءُ ماڻهن کي هٿ
اچي ويندس يا پاڻ ئي وڃي پيش پوندس. ٻئي طرف وري
هتي هڪ موقعو سامهون هو. مون فرار ٿيڻ کان اڳ ڪنهن
جي واتان ٻڌو هو ته وٽ بينڪ جي کاڻين واري ضلعي ۽
مڊل برگ ۾ انگريزن جو ڪجهه تعداد رهي ٿو جيڪي
کاڻين تي ڪم هلائڻ لاءِ مجبوريءَ وچان ملڪ ۾ رهي
پيا هئا. ڇا آءُ اهڙي ڪنهن ماڻهو وٽ وڃي پهتو هوس؟
مون کي اوندهه ۾ گهوريندڙ انهيءَ پراسرار گهر ۾
ڪير هوندو؟ برطانوي يا بوئر؛ دوست يا دشمن؟ پر
انهيءَ سان ممڪنات جو سلسلو ختم ته نه ٿي ٿيو؟ مون
وٽ برطانوي نوٽن جي صورت ۾ پنجهتر پائونڊ کيسي ۾
پيا هئا. مون سوچيو پئي ته مون جيڪڏهن پنهنجي
سڃاڻپ ظاهر ڪري وڌي ته ڪنهن کي هڪ هزار پائونڊ جي
ادائيگي جي به چڱي خاصي خاطري ڏئي ويندس. ممڪن آهي
ته مون کي ڪو لاتعلق ۽ غيرجانبدار ماڻهو ملي وڃي
جيڪو ڀل مانسائي ۾ يا ڪنهن وڏي رقم جي بدلي ۾ اهڙي
سخت ضرورت ۾ منهنجي مدد ڪري وجهي. مون کي ڪوشش ڪري
ڏسڻ گهرجي ته متان ڪو معاملو ٺهي وڃي جو مون ۾
اڃان ڪنهن کي پنهنجي صورتحال بابت قائل ڪرڻ جي
سگهه به آهي ۽ جيڪڏهن نتيجا خراب نڪرن ته آءُ شايد
پاڻ کي ڇڏائي به سگهان ٿو. پر اڃان به آثار منهنجي
سخت خلاف هئا ۽ آءُ بي دليا ۽ لُڏندڙ قدم کڻندو
ماٿريءَ جي اڌ اونداهيءَ مان بٺين جي باهين جي
روشنين ۾ آيس ۽ خاموش گهر ڏانهن وڌيس ۽ پنهنجي مڪ
سان در تي کڙڪو ڪيو.
ٿوري دير ترسڻ کان پوءِ مون وري در کڙڪايو. انهيءَ کان فوراً
پوءِ مٿي روشني ٿي ۽ مٿئين دري کُلي.
هڪ مرداڻي آواز ۾ رڙ ٿي
“Wer ist da”?[3]
(ور اسٽ ڊا) منهنجو سمورو وجود مايوسي ۽ هراس ۾
وٺجي ويو.
”مون کي مدد جي ضرورت آهي. مون کي هڪ حادثو پيش آيو آهي.“ مون
ورندي ڏني.
انهيءَ کانپوءِ ڪجهه ڀڻڪاٽ ٿيا. پوءِ مون کي ڪنهنجو ڏاڪا لهڻ جو
آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ قلف کليو ۽ ڪڙو لٿو.
امالڪ در کُليو ۽ سامهون اونداهي رستي ۾ مون کي پنهنجي سامهون
لٿل منهن ۽ ڪارن شهپرن سان هڪ ماڻهو نظر آيو جنهن
تڙ تڪڙ ۾ ڪپڙا پهريا هئا.
”ڇا گهرجئي؟“ هن دفعي هن انگريزيءَ ۾ چيو.
هاڻي مون کي سوچڻو هو ته آءُ ڇا ڳالهايان. منهنجي لاءِ سڀ کان
وڏي ڳالهه هئي ته مون انهيءَ شخص سان گفتگو جو
سلسلو هلائڻ ٿي گهريو جيئن صورتحال اهڙو رخ اختيار
ڪري وٺي جو خطري جي گهنٽي وڃائڻ ۽ ٻين کي سڏڻ جي
بجاءِ هو مون سان ماٺ ميٺ ۾ ڳالهين ۾ لڳي وڃي.
”آءُ شهري ماڻهو آهيان.“ مون شروعات ڪئي، ”مون کي هڪ حادثو
درپيش اچي ويو آهي. آءُ ڪوماٽي پورٽ ۾ ڪمانڊو مهم
۾ شريڪ ٿيڻ پئي ويس. اسان موج مستيءَ ۾ ٺينگ ٽپا
پئي ڏنا ته آءُ ٽرين تان ڪري پيس. آءُ ڪيترا ڪلاڪ
بيهوش پيو هوس. آءُ ڀانيان ٿو ته منهنجو ڪُلهو
نڪري پيو آهي.“
انهن ڳالهين تي سوچجي ٿو ته حيرت وٺي وڃي ٿي. اها آکاڻي منهنجي
زبان تي ائين جاري ٿي وئي ڄڻ مون اها ويهي ياد ڪئي
هجي. انهيءَ هوندي به مون کي ڪا خبر ئي نه ٿي پئي
ته آءُ چوان ڇا پيو يا ٻيو جملو ڪهڙو هوندو.
اجنبيءَ مون کي غور سان ڏٺو ۽ آخرڪار ڪجهه ٻڏتر کان پوءِ
چيائين: ”ٺيڪ آهي اندر اچ“ هو اونداهين رستي ۾
ڪجهه پٺتي ٿيو. انهي جي پاسي ۾ دروازو کوليائين ۽
پنهنجي کاٻي هٿ سان هڪ اونداهين ڪمري ڏانهن اشارو
ڪيائين. آءُ هن جي پٺيان لنگهندو ڪمري ۾ داخل ٿيس.
منهنجي ذهن ۾ اها سوچ هئي ته ڪٿي اهو ڪمرو منهنجو
قيد خانو نه ثابت ٿئي. هو به منهنجي پٺيان آيو ۽
بتي ٻاري هڪ ٽيبل تي رکيائين. اهو هڪ ننڍو ڪمرو هو
جيڪو بظاهر هڪ ئي وقت ڊائننگ روم ۽ آفيس طور ڪم
ايندو هو. مون کي ڪمري ۾ وڏي ٽيبل کانسواءِ تختو
کلندڙ ۽ بند ٿيندڙ ڊيسڪ ۽ ٻه يا ٽي ڪرسيون به نظر
آيون. انهيءَ سان گڏوگڏ سوڊا واٽر ٺاهڻ واري مشين
به پئي هئي. منهنجي ميزبان ٽيبل جي پنهنجي پاسي
واري ڇيڙي تي هڪ ريوالور رکيو جيڪو هو شايد ته
هيستائين پنهنجي ساڄي هٿ ۾ جهليو بيٺو هو.
”آءُ ڀانيان ٿو ته تنهنجي انهيءَ ريلوي جي حادثي بابت ڪجهه وڌيڪ
خبر پوي.“ هن چڱي خاصي وقفي کان پوءِ چيو.
”منهنجي خيال ۾ ته بهتر ٿيندو ته آءُ توهان کي سچ ٻڌائي ڇڏيان.“
”اهو ته تون ٻڌايو آهي.“ هن آهستگي سان چيو.
آءُ به خوف خطرا لاهي بيهي رهيس ۽ هر ڪا ڳالهه ڪري ڇڏيم.
”آءُ ونسٽن چرچل آهيان. مارننگ پوسٽ جو جنگي نامانگار. آءُ
گذريل رات پريٽوريا مان ڀڄي نڪتو آهيان ۽ سرحد
ڏانهن پنهنجي راه وٺيو پيو وڃان. (پنهنجي راهه
وٺيو!) مون وٽ پئسو جام آهي. توهان منهنجي مدد
ڪندا؟“
وري ٻيو ڊگهو وقفو آيو. منهنجو ساٿي آهستگيءَ سان ٽيبل تان اٿيو
۽ در بند ڪري ڇڏيائين. اهو ڪم مون کي ڏاڍو اگرو
لڳو ۽ انهيءَ جا لازماً هڪ کان وڌيڪ مطلب ٿي سگهيا
ٿي. بهرحال هو انهيءَ کان پوءِ مون ڏانهن وڌيو ۽
اوچتو پنهنجو هٿ وڌايائين.
”خدا جو شڪر جو تون هتي آيو آهين. ويهن ميلن ۾ هيءُ ئي واحد گهر
آهي جتي توکي پڪڙي سرڪار جي حوالي نه ڪيو وڃي ها!
اسين هتي سڀ برطانوي آهيون ۽ تنهنجي لاءِ ڪو
بندوبست ڪنداسين.“
منهنجي جسم ۾ جيڪا سڪون جي لهر پيدا ٿي انهي کي ايترن سالن جي
وِٿي کان پوءِ به سولائي سان ذهن ۾ آڻي سگهجي ٿو
پر ان کي بيان ڪرڻ ڏکيو آهي. هڪ گهڙي اڳ آءُ پاڻ
کي ڪنهن ڄار ۾ ڦاٿل محسوس ڪري رهيو هوس. پر هاڻي
دوست، کاڌو، مدد ۽ وسيلا سڀ منهنجي لاءِ هڪيا تڪيا
رکيا هئا. مون ائين پئي محسوس ڪيو ڄڻ ڪنهن ٻڏندڙ
ماڻهوءَ کي پاڻي مان ڇڪي ڪڍي وٺجي ۽ کيس ڊربي کٽي
وڃڻ جو به ٻڌائجيس.
منهنجي دوست هاڻي مسٽر جان هوورڊ
(John Howard) طور پنهنجو تعارف ڪرايو جيڪو ٽرانسوال جي ڪوئلي جي کاڻين جو
مينيجر هو. هن کي جنگ کان ڪجهه سال اڳ ٽرانسوال جي
شهريءَ جي حيثيت ملي وئي هئي. پر هڪ ته سندس
برطانوي نسل کي ذهن ۾ رکندي ۽ ٻيو ته هن مقامي
فوجي عملدار کي ڪجهه لالچون ڏنيون هيون انهيءَ ڪري
کيس برطانوين خلاف جنگ لاءِ طلب نه ڪيو ويو هو.
انهيءَ جي بجاءِ کيس هڪ ٻن ٻين ماڻهن سان گڏ کاڻ
تي رهڻ جي اجازت ڏني وئي هئي جيئن هو ڪوئلي جي
کوٽائي شروع ٿيڻ تائين انهيءَ مان پاڻي ڪڍندو رهي
۽ انهيءَ کي درست حالت ۾ رکي. هاڻي هن وقت پنهنجي
برطانوي سيڪريٽري سان گڏوگڏ لنڪاشائر جو هڪ انجڻ
مين ۽ ٻه اسڪاٽلينڊ جا کاڻ مزدور هئا. اهي چار ئي
برطانوي رعيت هئا ۽ انهن کي فقط انهيءَ واعدي تي
رهڻ جي اجازت ملي هئي ته اهي بلڪل اڻ ڌريا رهندا.
هو پاڻ ٽرانسوال ريپبلڪ جي شهريءَ جي حيثيت ۾ مون
کي پناه ڏئي راڄ ڊوهي جو مرتڪب ٿئي ها ۽ جيڪڏهن
بروقت پڪڙجي پوي ها يا پوءِ مٿس ڏوهه ثابت ٿئي ها
ته گولي جو حقدار ٿئي ها.
”ڳڻتي نه ڪر.“ هن چيو ”اسين ڪنهن نه ڪنهن نموني انهيءَ جو
بندوبست ڪري وٺنداسين.“ ۽ اهو به چيائين ته ”فيلڊ
ڪورونيٽ
(Field Coronet) تنهنجو پڇائيندي اڄ شام هتي آيو هو. انهن سموري ريلوي لائين
سان سموري ضلعي ۾ وڏو هل مچائي ڇڏيو آهي.“
مون چيو ته مون کيس خطري ۾ وجهڻ نه ٿي گهريو. مون کي فقط کاڌو،
هڪ پسٽل هڪ گائيڊ ۽ ٿي سگهي ته هڪ گهوڙو ڏيو. آءُ
پاڻهي ريلوي لائين ۽ آبادين کان گهڻو پري رات جو
مارچ ڪندو سمنڊ تائين پهچي ويندس.
هن اها ڳالهه ٻڌي ئي نه ٿي ۽ چوندو رهيو ته هو ڪجهه نه ڪجهه ڪري
وٺندو. پر هن تمام وڏي احتياط جو تاڪيد ڪيو. جاسوس
هر هنڌ موجود هئا. هن وٽ ٻه ڊچ نوڪرياڻيون هيون
جيڪي انهيءَ ئي گهر ۾ سُتيون پيون هيون. کاڻ واري
ايراضيءَ ۾ کاڻ جي پمپنگ مشينري تي به ڪيترائي
ڪافر ملازم رکيل هئا. انهن خطرن کي ذهن ۾ آڻيندي
هو ڏاڍي سوچ ۾ پئجي ويو.
پوءِ چيائين: ”پر تون ته بک ۾ پاهه ٿي رهيو آهين.“
مون سندس ڳالهه جي ترديد نه ڪئي. هو بنا دير جي رڌڻي ڏانهن هليو
ويو پر مون کي اهو چوندو ويو ته آءُ وهسڪي جي بوتل
۽ سوڊا واٽر جي مشين مان پنهنجي ڪجهه تواضع ڪري
وٺان. ٿوري دير کان پوءِ هو ننڍي گوشت جو هڪ تمام
سٺو ٽُڪر ۽ ٻيون مختلف لذيذ شيون کڻي آيو ۽ مون کي
انهن سان مڪمل انصاف ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڪمري مان نڪري
پٺئين دروازي مان گهر مان ٻاهر نڪري هليو ويو.
هو تقريباً هڪ ڪلاڪ کان پوءِ واپس آيو. انهيءَ دوران منهنجي
جسماني حالت منهنجي ايندڙ حالت ۾ بهتري جي توقع
سان هم آهنگ ٿي چُڪي هئي. آءُ پاڻ کي ڪاميابي بابت
پُراميد ۽ ڪو به ڪم ڪري وڃڻ جي قابل سمجهڻ لڳس.
’هاڻي سڀ ڳالهه صحيح ٿي وئي آهي‘ مسٽر هوورڊ چيو ’آءُ ماڻهن سان
ملي آيو آهيان سڀني انهي تي رضامندي ڏيکاري آهي.
اسان کي اڄ رات توکي هيٺ کاڻ ۾ رهائڻو پوندو ۽
جيستائين توکي ملڪ مان ٻاهر ڪڍڻ جو طريقو ڳولهيون
تيستائين توکي اتي رهڻو پوندو. کاڌي جي بابت
مشڪلات رهندي جو ڊچ ڇوڪري منهنجي هڪ هڪ گرهه تي
نظر رکندي آهي ۽ بورچياڻي به پنهنجي گوشت جي ٽڪر
بابت پڇا ڪندي. مون کي رات وچ ۾ انهيءَ جو ڪو حل
ڪڍڻو پوندو. تون هاڻي بنا دير جي کاڻ ۾ هل. اسين
تنهنجي آرام جو چڱو خيال رکنداسين.
اهڙي طرح بلڪل باک ڦٽڻ وقت آءُ پنهنجي ميزبان جي پٺيان هلندو هڪ
ننڍڙي آڳر مان ٿيندو انهيءَ احاطي ۾ آيس جنهن ۾
کاڻ جو وائينڊنگ گيئر بيٺل هو. هتي هڪ جانٺي جوان
اولڊهام جي مسٽر ڊيوزنيپ
(Dewsnap)
طور پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ
جي مضبوط گرفت ۾ آندو.
”ٻئي دفعي هو سڀئي توکي ووٽ ڏيندا.“ هن سرٻاٽ ڪيو.
هڪ دروازو کليو ۽ آءُ پڃري ۾ داخل ٿي ويس. اسين هيٺ ڌرتي جي پيٽ
۾ لهي وياسين. هيٺ کاڻ جي تري ۾ ٻه اسڪاٽلينڊي کاڻ
مزدور لالٽينون ۽ هڪ وڏو بنڊل کنيون بيٺا هئا.
پوءِ خبر پئي ته بنڊل ۾ هڪ گدو ۽ ڪمبل هئا. اسين
ڪجهه وقت اونداهين ڳُجهه ڳجهيڙي ۾ هلندا رهياسين
جنهن ۾ ڪيترائي وروڪڙ آيا ۽ سطح به هيٺ مٿي ٿيندي
رهي. نيٺ اسين هڪ قسم جي صُفي ۾ آياسين جتي هوا
صاف ۽ ٿڌي هئي. اتي منهنجي گائيڊ پنهنجو بنڊل هيٺ
رکيو ۽ مسٽر هوورڊ ٻه ٽي ميڻ بتيون، وهسڪي جي هڪ
بوتل ۽ سگارن جو هڪ دٻو ڏنو.
”هنن شين بابت ڪو به مسئلو نه آهي.“ هن چيو ”آءُ انهن کي قلف ۾
بند ڪري رکندو آهيان. هاڻي اسين تنهنجي سڀاڻي جي
ماني جو بندوبست ڪريون.“
”ڇا به ٿي پوي، هتان ڪيڏانهن به نه وڃجانءِ.“ الوداعي حڪم مليو.
ڏينهن جو کاڻ جي آسپاس ڪافر هوندا پر اسين نظر
رکيو ويٺا هونداسين ته جيئن ڪير به هيڏانهن ڀٽڪي
نه اچي. هيستائين ڪا به شي انهن جي نظر تي نه چڙهي
آهي.
منهنجا چار ئي دوست پنهنجون لالٽينون کنيون هليا ويا ۽ آءُ
اڪيلو رهجي ويس. کڏي جي بخملي اونداهي مان زندگي
گلابي روشني ۾ وهنتل نظر اچي رهي هئي. هاڻي بيعزتو
ٿي گرفتار ٿيڻ ۽ شايد ته عام جيل ۾ قيد ٿي وڃڻ
بجاءِ آءُ پاڻ کي هڪ دفعو وري فوج ۾ شامل ٿيندي
ڏسي رهيو هوس جتي هڪ حقيقي ڪارنامو منهنجي ليکي ۾
شامل هجي ها ۽ آءُ آزاديءَ مان مڪمل طور لطف اندوز
ٿيان ها ۽ وڏي شوق سان ڪنهن مهم جوئي جو ڳولها ۾
هجان ها جيڪا نوجوانن جي دل کي ڏاڍي پياري هوندي
آهي. تمام شديد ٿڪاوٽ ننڊ آڻڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ۽
آءُ تمام ٿڪل پر ڪامياب ماڻهو وانگر سمهي رهيس.
|