ڇپائيندڙ پاران
ڪتاب ”منهنجي شروعاتي زندگي“ ونسٽن چرچل جي آتم ڪهاڻي آهي. جنهن
جو گهڻو تڻو مواد انهن لکڻين تي آڌاريل آهي، جيڪي
هو وقت بوقت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ چپرائيندو
رهندو رهيو هو. يورپ واري اشرافيہ جي اڻوهين صديءَ
واري زندگيءَ ۾ چرچل هڪ وڏو نالو رهيو آهي، جنهن
انگلينڊ جي تاريخ کي نئون عزم ۽ نئين روشني عطا
ڪئي.
هن جي شروعاتي زندگيءَ وارو هيءُ ڪتاب رڳو سندس ڪنزرويٽو ميمبر
جي حيثيت ۾ چوبڊجڻ تائين محدود آهي، بهرحال هيءُ
ڪتاب انگلينڊ ۽ يورپ جي اشرافيہ جي اُتم زندگيءَ
سان گڏ سندس اهل علم ۽ اهل حرب هئڻ واري جذبي کي
بيان ڪري ٿو.
بنيادي طرح سان هيءَ آتم ڪهاڻي سندس ٻاروتڻ کان شروع ٿي هڪ جنگي
جوڌي جي ڪهاڻيءَ تائين جو سفر مڪمل ڪري ٿي. انهيءَ
آتم ڪٿا کي پڙهندي اها ڄاڻ حاصل ٿيندي ته لوڪ ادب
(Folklore)
کان وٺي ڪلاسڪس
(Classics)،
۽ تاريخ جا مها ڄاڻو هئا. انهيءَ سان گڏ پنهنجي
ڏاهپ ۽ عملي جاکوڙ وسيلي پنهنجي تاريخ کي پنهنجو
ڪرڻ جو اعلى فڪر رکندڙ هئا. هي آتم ڪهاڻي اصل ۾
انهيءَ پنهنجي قومي ورثي کي پنهنجو ڪرڻ جو هڪ
داستان آهي.
هن ڪتاب- ”منهنجي شروعاتي زندگي“
(My early life) جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مانواري استاد محمد احمد منصور عباسيءَ ڪيو
آهي. اميد آهي ته ادب ۽ دنيا جي چڱن ماڻهن جي
زندگيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ وارو شوق رکندڙ ادبي حلقي
۾ هيءُ ڪتاب پذيرائي حاصل ڪندو.
ڄام شورو (پروفيسر سيد
زوار حسين نقوي)
خميس، 3 محرم الحرام 1430هه سيڪريٽري
1- جنوري 2009ع سنڌي ادبي بورڊ
سنڌيڪار طرفان ٻه اکر
آتم ڪهاڻي کي ادب جي سڀ کان دلچسپ ۽ سڀ کان وڌيڪ پڙهي ويندڙ صنف
چئي سگهجي ٿو. آتم ڪهاڻي جيتري مشهور معروف ۽
زندگيءَ جي ميدان ۾ جيتري وڌيڪ ڪامياب شخص جي
هوندي انهيءَ کي ايترائي وڌيڪ پڙهندڙ ملندا. هيءُ
ڪتاب به اهڙي ئي هڪ مشهور ۽ ڪامياب شخص جي آتم
ڪهاڻي آهي، جنهن جو ليکڪ ونسٽن چرچل پاڻ جيتوڻيڪ
برطانيه جي مشهور نوابي خاندان ’مارلبورو‘ جو چشم
و چراغ هو ۽ سندس ڏاڏو آئرلينڊ جو وائسراءِ ۽ پيءُ
برطانيه جو وزير خزانه به ٿي رهيا هئا، پر سندس
شهرت ۽ ڪاميابيءَ جا فقط اهي ئي سبب نه هئا. هو هڪ
انتهائي گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. ”رائيل
ملٽري ڪاليج سينڊ هرسٽ“ مان فارغ ٿي ڪيولري ۾
ڪميشن حاصل ڪرڻ، دنيا جي چئن کنڊن ايشيا، آفريقا،
يورپ ۽ آمريڪا ۾ جنگين ۾ شريڪ ٿيڻ کان 26 سالن جي
ڄمار ۾ هائوس آف ڪامنز جو ميمبر ٿيڻ تائين جي
ڳالهه هجي ها ته به انهيءَ ۾ ڪا ايتري اچرج جهڙي
ڳالهه نه هجي ها پر هو صحيح معنى ۾ قسمت جو ڌڻي هو
۽ ڪٿي به ڪهڙي حال ۾ به حالتن کان راضي ٿي ماٺ ڪري
ويهي نه رهندو هو. فوجي نوڪريءَ کي ڪجهه ئي سال
ٿيا هوندس ته ڏٺائين ته انهيءَ نوڪريءَ مان ملندڙ
پگهار کان ته اخبارن ۾ لکيل ڪالمن ۽ ڪتابن مان
وڌيڪ آمدني ٿئي ٿي ته نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي
ڇڏيائين. وري بغير ڪنهن اڳواٽ بندوبست جي ڪنزرويٽو
پارٽيءَ جي مرڪزي آفيس ۾ لنگهي ويو ۽ پارليامينٽ
جو ميمبر ٿيڻ لاءِ ڪنهن سيٽ جي طلب ڪيائين. پهرئين
دفعي سو ناڪاميءَ کي منهن ڏيڻو پيس پر دلشڪستو نه
ٿيو ۽ وري قسمت آزمايائين ۽ ميمبر ٿيو، پوءِ ته
جملي چوڏهن دفعا چونڊن ۾ حصو وٺي ڪيترن ننڍن عهدن
کان ٿيندو وزير داخله، وزير خزانه ۽ ٻه دفعا وزير
اعظم پڻ ٿيو.
هو جيئن ته بنيادي طور فوجي آفيسر هو ۽ هڪ فوجي کي لازماً جنگ
جي ئي سکيا ۽ تربيت ملندي آهي، پر جنگ سان ايترو
رومانوي لڳاءُ ورلي ئي ڪنهن کي ٿيو هوندو جو فوجي
نوڪريءَ جي شروعات ۾ ئي اڍائي مهينن جي موڪل تي
ٻيا آفيسر شڪار تي ويا هليا ته هيءُ وڏيون سفارشون
ڪرائي اسپينين جي ڪيوبا جي گوريلن سان هلندڙ مهمن
۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪيوبا روانو ٿي ويو ۽ اتي ئي
پنهنجي ايڪويهين سالگره تي پهريون دفعو گولين جي
منهن ۾ آيو. پوءِ ته اهو سندس دستور ٿي ويو ته
انگريزي فوج جڏهن به ڪنهن فوجي مهم تي رواني ٿيندي
هئي ته هو بيقرار ٿي ويندو هو ۽ هو پاڻ ۽ انگلينڊ
۾ ويٺل سندس ماءُ سر ٽوڙ ڪوششون شروع ڪري ڏيندا
هئا ۽ خطن، ٽيليگرامن ملاقاتن ۽ دعوتن جو سلسلو
ايستائين پيو هلندو هو، جيستائين کيس انهيءَ مهم ۾
شريڪ ٿيڻ جي اجازت نه ملندي هئي. مالاڪنڊ فيلڊ
فورس، مصر ۽ سوڊان جي فوجي مهمن ۾ اهڙيءَ طرح شريڪ
ٿيو. آفريقا ۾ ’بوئروار‘ ۾ جنگي نامانگار جي حيثيت
۾ شريڪ ٿيو پر بڪتربند ٽرين واري واقعي ۾ پنهنجي
ساٿين کي وڏي بهادريءَ سان بچائي پاڻ جنگي قيدي ٿي
پريٽوريا پهچي ويو، اتي به قيد ۾ مشڪل سان هڪ
مهينو رهي اتان ڀڄي نڪتو ۽ هلندڙ ريل گاڏين ۾
لهندو چڙهندو ۽ ڪوئلي جي کاڻين ۾ لڪندو 480
ڪلوميٽرن جو فاصلو طي ڪري دشمن ملڪ مان نڪري آيو.
وري جو سندس لکيل ڪتابن جي انگ تي نظر وجهجي ٿي، ته ائين ٿو لڳي
ته هي ماڻهو ته شايد دنيا جي ٻين ڪمن ڪارين کان
واندو ٿي فقط لکڻ پڙهڻ جو ڪم ئي ڪندو رهيو آهي.
سياسي ليڊرن کي امن جو نوبل انعام ته ملندو رهيو
آهي، پر هن وزير اعظم سن 1953ع جو ادب جو نوبل
انعام به ماڻي ورتو. لکڻ سان گڏوگڏ مصوري به ڪئي
اٿائين. تقرير ۽ خطابت جي فن جو به شهسوار هو. ٻي
عالمي جنگ عظيم دوران انگريز قوم جا جذبا بلند رکڻ
۾ سندس تقريرن جو وڏو ڪردار هو. انهيءَ دور ۾ وزير
اعظم ٿيڻ وقت پنهنجي پهرين تقرير ۾ ئي هن قوم کي
ايندڙ حالتن لاءِ تيار ڪندي چيو هئائين:
“I have nothing to offer but blood, toil, tears
and sweat”
هو پنهنجي ذات تي به ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ڪو چرچو
ڪري وٺندو هو. پنهنجي 75 هين سالگره جي موقعي تي
چيو هئائين ته ”آءٌ پنهنجي خالق سان ملاقات لاءِ
تيار آهيان، اها ٻي ڳالهه آهي ته هو منهنجي ملاقات
جي تڪليف دهه امر لاءِ تيار آهي الائجي نه!“
بهرحال اهڙين عظيم صلاحيتن جو مالڪ 24- جنوري 1965ع تي 90 ورهين
جي ڄمار ۾ دماغي فالج سبب لنڊن ۾ فوت ٿيو ته ملڪ ۽
قوم لاءِ سندس خدمتن جي اعزاز ۾ کيس
State funeral ڏنو ويو. سندس لاش مڪمل سرڪاري اعزاز سان ٽي ڏينهن ويسٽ
منسٽر هال ۾ رکيو ويو جتي ٽن لکن کان وڌيڪ ماڻهو
هڪ قطار مان گذرندا کيس آخري آداب پيش ڪندا ويا.
عالمي نشرياتي اداري بي.بي.سي سن 2002ع ۾ هڪ سو عظيم ترين
برطانوين جي چونڊ لاءِ پنهنجي ڏهن لکن جي لڳ ڀڳ
ناظرين کان ووٽ ورتا هئا. انهيءَ ۾ کيس
The Greatest of Them all
قرار ڏنو ويو هو.
انهيءَ مان ڪتاب جي ليکڪ بابت ذهن ۾ ڪافي واضح تصور جُڙي ويو
هوندو. هاڻي ڪجهه ڳالهيون ڪتاب بابت ته انهيءَ جو
پهريون چاپو 1930ع ۾ شايع ٿيو هو. بورڊ پاران
انهيءَ جي ترجمي جو ڪم مون کي اهڙيءَ طرح حوالي
ڪيو ويو جو فقط ڪتاب ۽ ليکڪ جو نالو ٻڌايو ويو.
مون ڪراچي ۾ رهندڙ پنهنجن ڀائرن مسعود ۽ مقبول کي
انهيءَ ڪتاب جي هڪ ڪاپي خريد ڪري مون ڏانهن موڪلڻ
جو چئي ڇڏيو. پوءِ ته انهن جون شامون هيون ۽ ڪراچي
جا ڪتاب گهر هئا. وڏا ننڍا ڪتاب گهر ڏسي چڪا ته
پراڻن ڪتابن جي مرڪزن تي به ڳولهائون ڪيائون پر
ڪتاب نه ملي نه مليو. اهي ڳولهائون هلندي مسعود
نيٺ لياقت ميموريل لائبريريءَ مان انهيءَ جي فوٽو
ڪاپي حاصل ڪري ورتي. انهيءَ لاءِ آءٌ ٻنهي جو
ٿورائتو آهيان. پر مسعود جي مون سان معاونت جو
سلسلو پوءِ به هلندو رهيو جو ترجمو ڪندي ڪيترائي
لفظ لغاتن ۾ نه لڀندا هئا ته اهي هن ڏانهن
موڪليندو ويندو هوس ته هو انٽرنيٽ تان انهن جون
معنائون ڳولهي موڪليندو هو. ڪتاب ۾ آيل فرانسيسي
چوڻين جون معنائون به هن ئي ڳولهي ڏنيون. ساڳئي
طرح محترم الطاف شيخ سان اي ميل ذريعي رابطو ڪرڻ ۽
اتان آيل ڪافي تفصيلي جواب جي پرنٽ ڪڍي موڪلڻ لاءِ
به هو ئي شڪريي جو مستحق آهي. الطاف شيخ صاحب نيل
درياءَ جي آبشارن بابت تمام معلوماتي مواد موڪليو
انهيءَ لاءِ آءٌ سندس نهايت ئي ممنون آهيان.
ترجمي جي ميدان ۾ منهنجي ٿيل ڪوششن کي سنڌي ادبي بورڊ هي جيڪا
ٻيون دفعو مڃتا ڏئي ڇسپائي هيٺ آڻي رهيو آهي،
انهيءَ لاءِ آءٌ بورڊ جي ديده ور منتظمين جو دلي
شڪرگذار آهيان. بورڊ جي سيڪريٽري جناب پروفيسر سيد
زوار حسين نقوي صاحب جي شڪريي ادائي به واجب آهي
جن ڪتاب جي بنا دير ڇپائي جو سعيو ڪيو. ڪتاب کي
ديده زيب ڇاپڻ لاءِ پبليڪيشن آفيسر عبدالحفيظ
قريشي صاحب ۽ رفيق جمالي صاحب مون سان مسلسل رابطي
۾ رهيا ۽ انهيءَ دوران سندن ورتاءُ ازحد محبت ۽
خلوص وارو رهيو. انهيءَ لاءِ سندن مهرباني
5- رجب المرجب 1429هه محمد
احمد منصور عباسي
19- جولاءِ 2008ع ليڪچرار،
سنڌي شعبو
گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج
شڪارپور
پبلشر جو نوٽ[1]
هن ايڊيشن جو متن سن 1930ع واري ايڊيشن جهڙو ئي آهي. خاڪن ۾
البت ٿوري ترميم ڪئي وئي آهي ۽ نقش ۽ ڊاياگرامن ۾
وڌيڪ چٽائي آڻڻ لاءِ اهي نئين سر ٺاهيا ويا آهن.
هن ڪتاب ۾ مسٽر چرچل پاران اولڊ هام جي حلقي مان ڪنزرويٽو
پارليامينٽ چونڊجڻ تائين جو احوال شامل آهي.
(انهيءَ کان اڳتي فقط هڪ سادي ۽ سهڻي جملي ۾ 1908ع
۾ سندس شادي بابت اشارو شامل آهي) سندس بيمثال
پارليامينٽري ڪيريئر جو دور اڃا اڳتي هو جنهن ۾ هو
مختلف وقتن تي هنن عهدن تي رهيو: ڪالونين لاءِ
انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ 08-1906ع، بورڊ آف ٽريڊ جو
صدر 10-1908ع، هوم سيڪريٽري 11-1910ع، فرسٽ لارڊ
آف ايڊمرلٽي 15-1911ع، چانسيلر آف ڊيوچي آف
لنڪاسٽر 1915ع، منسٽر آف ميونيئشنز 1971ع،
سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار وار اينڊ ايئر 22-1918ع،
ڪالونين لاءِ سيڪريٽري آف اسٽيٽ 22-1921ع، چانسيلر
آف دي ايڪسچيڪر[2]
29-1924ع، فرسٽ لارڊ آف ايڊمرلٽي 40-1939ع، وزير
اعظم، فرسٽ لارڊ آف دي ٽريزري ۽ وزير دفاع
45-1940ع.
هيءُ حڪومتي عهدن جو هڪ منفرد رڪارڊ آهي ۽ هيءُ ڪتاب انهيءَ جي
مهاڳ جي حيثيت رکي ٿو.
سيپٽمبر 1947ع
|