باب ٻيو
هيرو
Harrow
مون پنهنجي ٻارهين سالگره مس گذاري ته امتحانن جي ناسازگار
علائقي ۾ اچي پيس. مونکي ايندڙ ستن سالن تائين
انهيءَ علائقي ۾ سفر ڪرڻو هو. اهي امتحان منهنجي
لاءِ هڪ وڏي آزمائش هوندا هئا. ممتحنن کي سڀ کان
وڌيڪ پيارا سبجيڪٽ اهي هوندا هئا جن ڏانهن تقريباً
لازمي طور منهنجو لاڙو سڀ کان گهٽ هوندو هو. مونکي
تاريخ، شاعري ۽ مضمون نويسيءَ ۾ امتحان ڏيڻ پسند
هجي ها پر ممتحنن جو لاڙو وري لاطيني ۽ رياضي
ڏانهن هوندو هو ۽ انهن جي خواهش ئي حاوي رهندي
هئي. وڌيڪ اهو ته انهن ٻنهي سبجيڪٽن مان اهي
لازماً اهڙا سوال پڇندا هئا جن جو آءٌ ڪو مطمئن
ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهندو هوس. مونکي اها ڳالهه
پسند هئي ته مون کان پڇيو وڃي ها ته آءٌ ڇا ڄاڻان
ٿو. پر اهي سدائين اهو پڇڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته
آءٌ ڇا نه ٿو ڄاڻان. آءٌ جڏهن ته رضا خوشيءَ سان
پنهنجي معلومات جو اظهار ڪريان ها اهي منهنجي
لاعلمي کي وائکو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اهڙي قسم
جي برتاءُ جو اهو هڪ نتيجو نڪتو جو آءٌ امتحانن ۾
صحيح ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيس.
اها ڳالهه هيرو ۾ منهنجي داخلا جي امتحان بابت خاص طور صحيح
آهي. هيڊ ماستر، مسٽر ويلڊن، البت منهنجي لاطيني
نثر بابت وسيع النظري وارو رايو قائم ڪيو ۽ منهنجي
عمومي صلاحيت بابت ڪٿ ڪرڻ ۾ سمجهه ٻوجهه جو مظاهرو
ڪيو. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي ڏاڍي اهم هئي ڇاڪاڻ
ته لاطيني پيپر ۾ آءٌ هڪ به سوال جو جواب نه ڏئي
سگهيو هوس. مون جوابي ڪاپي جي ورق جي چوٽيءَ تي
پنهنجو نالو لکيو ۽ پوءِ سوال نمبر ”1“ لکيو. گهڻي
سوچ ويچار کان پوءِ انهيءَ کي هن طرح (1) ڏنگين ۾
آڻي ڇڏيو پر انهيءَ کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ انهيءَ
سان لاڳاپيل اهڙي ڪابه ڳالهه نه اچي سگهي جيڪا سچي
هجي يا انهيءَ سان ڪو اوسطو رکندڙ هجي. انهيءَ کان
پوءِ الائي ڪيئن هڪ مس جو چُٽو ۽ ڪيترائي لينگها
به ورق تي نڪري آيا. آءٌ پورا ٻه ڪلاڪ انهيءَ
دردناڪ منظر تي اکيون کُپايون ويٺو رهيس. انهيءَ
کان پوءِ مهربان استاد ٻين سڀني سان گڏ منهنجو به
فولسڪيپ
(Foolscap)
پنو وٺي هيڊ ماستر جي ٽيبل تي رکي آيا. علميت جي
اهڙن ناڪافي اشارن مان ئي مسٽر ويلڊن اهو نتيجو
ڪڍيو ته آءٌ پاس ٿي هيرو ۾ داخل ٿيڻ جي لائق هوس.
انهيءَ لاءِ تحسين جي لائق به اهو ئي آهي. انهيءَ
مان ظاهر ٿيو ٿي ته هن کي شين جي سطح کان هيٺ ڏسڻ
جي صلاحيت به هئي يعني هو اهڙو ماڻهو هو جيڪو فقط
ڪاغذ تي ٿيل اظهارن تي دارومدار نه رکندڙ هو.
مونکي هن لاءِ سدائين تمام گهڻو احترام رهيو آهي.
سندس فيصلي جي نتيجي ۾ مونکي اسڪول جي سڀ کان آخري ٽئين درجي ۾
رکيو ويو. اسڪول ۾ نون آيل ڇوڪرن جا نالا الف ب جي
ترتيب ۾ رکيا ويندا هئا ۽ جيئن ته منهنجو نالو
اسپينسر چرچل ’ايس‘ سان شروع ٿئي ٿو تنهنڪري مونکي
جهڙي طرح لفظن جي وسيع دائري مان ڪجهه هڙ پلئه نه
پيو هو تهڙي طرح الف ب مان به مونکي ڪو فائدو نه
مليو. حقيقت ۾ منهنجو نالو پڇاڙيءَ کان فقط ٻه
نالا مٿي هو ۽ مونکي افسوس سان ٻڌائڻو ٿو پوي ته
اهي ٻئي به بيماري يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري فوراً
اسڪول مان غائب ٿي ويا.
هيرو ۾ شاگردن جي حاضري وٺڻ جو طريقو ايٽن کان مختلف آهي. ايٽن
۾ شاگرد ميڙ ڪري بيهندا آهن ۽ پنهنجو نالو اچڻ تي
پنهنجو ٽوپلو مٿي ڪندا آهن. هيرو ۾ وري اهي اسڪول
جي آڳر ۾ استاد جي سامهون قطار ٺاهي گذرندا ويندا
آهن ۽ هڪ هڪ ٿي حاضري ڀرائيندا ويندا آهن. اهڙي
صورت ۾ اسڪول ۾ منهنجي حيثيت جو اظهار ڪنهن قدر اڻ
وڻندڙ ۽ غير شانائتي نموني ۾ ٿيندو هو. اهو سن
1887ع جو واقعو آهي. لارڊ رنڊولف چرچل هائوس آف
ڪامنز جي ليڊر ۽ چانسيلر آف ايڪسچيڪر جي عهدي تان
تازوئي استعيفا ڏني هئي ۽ اڃان ملڪي سياست جي مهڙ
وارن محاذن تي حاوي لڳو بيٺو هو. نتيجي طور
حاضريءَ جي قطار ۾ مونکي ڏسڻ لاءِ اسڪول جي ڏاڪن
تي مردن عورتن جو هڪ وڏو انگ گڏ ٿي ويندو هو ۽
”اڙي هي ته سڀني کان آخر ۾ آهي“ جهڙا گستاخانه
گفتا آءٌ اڪثر پيو ٻڌندو هوس.
آءٌ اهڙي ڏيک ويک کان خالي حيثيت ۾ لڳ ڀڳ هڪ سال هلندو رهيس پر
اسڪول جي سڀ کان هيٺاهين درجي ۾ ايترو ڊگهو عرصو
رهڻ سبب مونکي ٻين هوشيار شاگردن تي به تمام گهڻي
برتري حاصل ٿي وئي هئي. اهي سڀ لاطيني، يوناني ۽
ٻيون اهڙيون سٺيون سٺيون شيون سکندا هئا پر مونکي
انگريزي پڙهائي ويندي هئي. اسين اهڙا موڳا سمجهيا
ويندا هئاسين جو فقط انگريزي ئي سکي ٿي سگهياسين.
اسڪول جي سڀ کان بيوقوف ڇوڪرن کي سڀ کان گهٽ اهميت
واري شيءِ يعني انگريزي لکڻ سيکارڻ جو ڪم مسٽر
سومرويل جي حوالي هوندو هو. هو ڏاڍي دلچسپ شخصيت
جو مالڪ هو ۽ آءٌ سندس انتهائي احسانمند آهيان.
کيس ڀليءَ ڀت خبر هئي ته اهو ڪم ڪيئن ڪجي. هن اهو
ڪم اهڙي طرح سيکاريو جيئن ٻيو ڪير به سيکاري نه
سگهيو آهي.
اسين نه صرف انگريزي جملن جي مڪمل ترڪيب ڪرڻ سکياسين پر ڇيد ڪرڻ
(Analysis)
جي مشق به مسلسل ڪئي سين. مسٽر سومرويل کي انهي ڪم
جو پنهنجو هڪ نظام هو. هو هڪ چڱو ڊگهو جملو کڻندو
هو ۽ ڪاري، ڳاڙهي، نيري ۽ سائي مس جي مدد سان لکي
فعل، فاعل، مفعول، رليٽو، ڪنڊيشنل، ڪنجنڪٽو ۽
ڊسجنڪٽو ڪلازز ۾ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو هو. هر حصي جو
پنهنجو رنگ ۽ پنهنجي ڏنگي هوندي هئي. اسين تقريباً
روزانو اهو ڪم ڪندا هئاسين. آءٌ جيئن ته ٽئين درجي
۾ ٻين شاگردن کان ٽيڻو وڌيڪ عرصو رهيو هوس.
تنهنڪري انهيءَ ڪلاس مان ٻين شاگردن کان ٽيڻ تي
وڌيڪ پرايو هوم. آءٌ اهو ڪم مڪمل طور سکي ويو هوس.
اهڙي طرح هڪ عام رواجي برطانوي جملي-جيڪا هڪ
مانائتي شيءِ آهي-جي بنيادي جوڙجڪ منهنجي نس نس ۾
سمائجي وئي هئي. پوءِ جي سالن ۾ منهنجا اهي اسڪولي
دوست جن سهڻي لاطيني شاعري ۽ پُر مغز يوناني فقرا
لکڻ تي انعام ۽ اعزاز حاصل ڪيا هئا انهن کي وري
پنهنجي روزي روٽي ڪمائڻ لاءِ يا پنهنجي اهميت
مڃرائڻ لاءِ وري عام انگريزي طرف اچڻو پيو. آءٌ
پاڻ کي ڪنهن به لحاظ کان گهاٽي ۽ نقصان ۾ محسوس نه
ڪندو هوس. آءٌ فطري طور انهيءَ ڳالهه جو حامي
آهيان ته ڇوڪرا انگريزي سکن. آءٌ ته جيڪر انهن
سڀني کي انگريزي سکڻ تي ويهاريان ۽ پوءِ انهن مان
جيڪي هوشيار هجن انهن کي عزت افزائي طور لاطيني ۽
ضيافت طور يوناني سکڻ جي اجازت ڏيان. پر آءٌ انهن
کي سزا فقط انهيءَ صورت ۾ ڏيان جڏهن اهي انگريزي
نه سکن.
آءٌ هيرو پهريون دفعو اونهاري واري ٽرم ۾ آيو هوس. اسڪول کي
جيڪو سئمنگ پول هو، اهو ايترو وڏو مون پهريون دفعو
ڏٺو. اهو حوض کان وڌيڪ ڪنهن درياءَ جو پيٽ لڳندو
هو ۽ ان جي مٿان ٻه پليون به ٺهيل هونديون هيون.
اسين سڀ اتي هڪ هڪ وقت ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويندا هئاسين
۽ ٽٻيون کائي وري اچي چوڌاري ٺهيل فرش تي اُس جو
سيڪ وٺندا هئاسين ۽ وڏابن پيا کائيندا هئاسين. اتي
اگهاڙي بيٺل ڪنهن دوست يا ڀلي دشمن ئي جي پٺيان
اچي کيس پاڻيءَ ۾ ڌڪو ڏيڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو.
آءٌ ته قدبت ۾ پاڻ جيترن يا پاڻ کان ننڍن ڇوڪرن
سان اهڙي حرڪت ڪرڻ جو عادي ٿي ويو هوس. هڪ ڏينهن
جڏهن مون کي اسڪول ۾ آئي اڃان مهينو به نه ٿيو هو
ته مون حوض جي بلڪل ڪپر تي هڪ ٽوال ويڙهيل ڇوڪري
کي سوچ ويچار واري انداز ۾ بيٺل ڏٺو. هو مون کان
وڏو به نه هو تنهنڪري مون کيس سٺو شڪار سمجهيو.
مون لڪندي ڇپندي پٺيان اچي کيس ڌڪو ڏنو پر انساني
همدرديءَ جي بنياد تي سندس ٽوال ڇڪي ورتم جيئن اهو
پسي نه وڃي. پر جڏهن غضب ناڪ منهن کي پاڻيءَ جي
گجيءُ مان ظاهر ٿيندي ڏٺم ته ڇرڪجي ويس. هو وڌيڪ
طاقت وارو ٿي لڳو ۽ ڪاوڙ ۾ ٻانهون هلائيندو ڪناري
ڏانهن وڌي رهيو هو. آءٌ ڀڳس پر اها ڪوشش بي سُود
ثابت ٿي. منهنجو تعاقب ڪندڙ واءُ مينهن ڪندو مونکي
اچي رسيو ۽ مونکي مضبوطيءَ سان پڪڙي حوض جي سڀ کان
اونهي حصي ۾ ڦٽو ڪيائين. آءٌ جلدي ٿڙي ٿاٻڙي ٻئي
پاسي تي نڪري آيس ۽ پاڻ کي ننڍن ڇوڪرن جي هڪ ميڙ ۾
گهيريل ڏٺم. ”مري وئين ٻچا!“ انهن چيو، ”خبر اٿئي
ڇا ڪري آيو آهين، اهو ڇهين درجي وارو آمري اٿئي.
اهو پنهنجي هاسٽل جو هيڊ ۽ جيمخاني جو چئمپين آهي.
کيس پنهنجي فوٽ بال ٽيم جا ڪلرز به آهن.“ هو سندس
مشهوري ۽ عزت جا ڪيترائي خطاب ٻڌائيندا ويا. انهن
اها ڳالهه به ڏاڍي تفصيل سان ٻڌائي ته مونکي انهي
حرڪت جو ڪهڙو ڪيتو لوڙڻو پوندو. آءٌ نه فقط ڊپ پر
ڪنهن مقدس شيءِ جي بيعزتي ڪرڻ جي گناهه جي احساس
کان پڻ ڪنبي ويس. هن کي هڪ ته وهنجڻ وارو ٽوال ٻڌل
هو ٻيو ته قدبت ۾ به هو ايترو ننڍڙو هو تنهنڪري
مونکي سندس حيثيت جي خبر نه پئجي سگهي. بهرحال مون
طي ڪري ڇڏيو ته مونکي فوراً وڃي معافي وٺڻي آهي.
آءٌ ڊڄندو ڊڄندو انهيءَ بادشاهه جي ويجهو وڃي بيٺس
۽ چيم؛ ”آءٌ ڏاڍو پشيمان آهيان. مون توهان کي غلطي
وچان چوٿين درجي جو شاگرد سمجهيو هو توهان آهيو به
ته ايترا ننڍڙا نه!“ هو منهنجي ڳالهه مان ذري
برابر به ٿڌو ٿيندو نظر نه پئي آيو تنهنڪري مون
پاڻ سنڀاليندي وري چيو؛ ”منهنجو پيءُ به ايترو وڏو
ماڻهو آهي پر قد ۾ ننڍو آهي.“ انهيءَ تي هو کلي
ويٺو ۽ منهنجي بي ڊپائي بابت ڪي عام رواجي نوعيت
جون ڳالهيون ٻولهيون ڪري ۽ آئيندي لاءِ محتاط رهڻ
جو چئي اها ڳالهه به واضح ڪري ڇڏيائين ته جيڪو ٿيو
سو ٿيو آئيندي انهي جي وڌيڪ پچار نه ڪئي ويندي.
منهنجي خوشقسمتي آهي جو مونکي سندس مزاج ۽ طبيعت جي ڪيترن ئي
رُخن کي زندگيءَ جي اهڙن دورن ۾ به ڏسڻ جو موقعو
مليو آهي جڏهن عمر ۾ ٽن ورهين جو تفاوت ايتري
اهميت رکندو آهي جيتري انهيءَ عرصي کي اسڪول ۾
حاصل هوندي آهي. اسين اڳتي هلي ڪيترائي سال ڪابينا
۾ گڏ وزير رهياسين.
مون جڏهن اسڪول جي هيڊ ماستر کي ميڪاليءَ[1]
جي
(lays of Ancient Rome)
مان هڪ به غلطي ڪرڻ کانسواءِ ٻارنهن سو سٽون
برزبان ٻڌائي انعام حاصل ڪيو ته ماڻهن کي اها
ڳالهه ڏاڍي بي جوڙ ۽ اڻ ٺهڪندڙ لڳي ڇاڪاڻ ته آءٌ
بظاهر ته گهڻي وقت کان هيٺين درجي ۾ پيو هوس ۽ اهو
انعام نه فقط منهنجي ڪلاس جي پر سموري اسڪول جي
شاگردن
لاءِ رکيل هو. آءٌ اسڪول ۾ سڀ کان آخر ۾ هوندي به آرميءَ لاءِ
ابتدائي امتحان به پاس ڪري ويس. انهيءَ امتحان لڳي
ٿو ته مون کان خاص ڪوشش ڪرائي ڇو ته اسڪول ۾ مون
کان گهڻو اڳتي رهندڙ ڪيترا ڇوڪرا به انهيءَ ۾
ناپاس ٿي ويا. انهيءَ ۾ ڪجهه ڀاڳ جو به عمل دخل
هو. اسان کي خبر هئي ته امتحان ۾ ٻين سوالن سان
گڏوگڏ اسان کي ڪنهن ملڪ جو نقشو ٺاهڻ جو به چيو
ويندو. امتحان واري رات مون آخري تياري ڪندي اٽلس
۾ موجود سڀني ملڪن جا نالا لکي ٽوپلي ۾ وڌا ۽ ڪڻو
ڪڍيو ته نيوزيلينڊ جو نالو نڪتو. پوءِ مون انهيءَ
ملڪ جي جاگرافي ذهن ۾ رکڻ لاءِ پنهنجي حافظي کي
چڱو ڪم آندو. ٿيو به ائين ئي جو پيپر ۾ پهريون
سوال هو؛ ”نيوزيليند جو نقشو ڪڍو.“ اهڙي طرح مونکي
پيپر ۾ تمام سٺيون مارڪون ملي ويون.
هاڻي منهنجا قدم فوجي نوڪريءَ جي راهه تي هئا. منهنجي زندگيءَ
جي انهيءَ رخ ۽ حيثيت جو بنيادي سبب اهو هو ته مون
وٽ ننڍپڻ ۾ ٻين شين سان گڏوگڏ سپاهي پڻ هوندا هئا.
انهن جو انگ وڌندي وڌندي ڏيڍ هزار تائين وڃي پهتو
هو. اهي سڀ هڪ سائيز جا ۽ سڀ برطانوي فوجي هوندا
هئا ۽ انهن جي انفنٽري ڊويزن جي طرز تي تنظيم ٿيل
هوندي هئي. جنهن سان گڏ ڪيولري (گهوڙيسوار) برگيڊ
پڻ هوندي هئي. منهنجو ڀاءُ جيڪ دشمن فوج جو اڳواڻ
هوندو هو پر اسان پاڻ ۾ تخفيف اسلحي جو هڪ معاهدو
ڪري ڇڏيو هو. جنهن تحت هو فقط رنگدار سپاهي رکي
سگهيو ٿي ۽ انهن کي آرٽلري (توپ خانو) رکڻ جي به
اجازت نه هئي. اها ڏاڍي اهم ڳالهه هئي. ڇو ته مون
وٽ به قلعي جي حفاظت لاءِ رکيل توپن کان سواءِ
ميدان جنگ ۾ ڪم ايندڙ فقط ارڙهن توپون ئي هيون.
انهيءَ کانسواءِ فوج جا ٻيا سڀ معاون شعبا مڪمل
هوندا هئا. سواءِ ٽرانسپورٽ جي جنهن جي هر فوج ۾
کوٽ هوندي آهي. منهنجي پيءُ جي پراڻي دوست سر
هينري ڊرمنڊ وولف هڪ دفعو منهنجن سپاهين جي صف
بنديءَ جو داد ڏيندي اها کوٽ محسوس ڪري ورتي هئي ۽
هڪ رقم مهيا ڪئي هئي جنهن مان انهيءَ کوٽ جو ڪنهن
حد تائين پورائو ڪيو ويو هو. آخر اهو ڏينهن به آيو
جڏهن منهنجي پيءُ پاڻ اچي منهنجي فوج جو معائنو
ڪيو. سڀئي سپاهي حملي جي درست ترتيب ۾ بيٺا هئا.
هو ويهن منٽن تائين پُر شوق نظرن ۽ موهيندڙ مُرڪ
سان انهيءَ متاثر ڪندڙ منظر جو جائزو وٺندو رهيو.
آخر ۾ هن مون کان آرميءَ ۾ وڃڻ بابت پڇيو. مون
سوچيو ته آرميءَ جي ڪمانڊ ڪرڻ ته ڏاڍو شاندار ڪم
هوندو. تنهنڪري مون فوراً ها ڪري ڇڏي ۽ منهنجي
ڳالهه کي عملي جامو پهرائڻ ۾ ڪابه دير نه ڪئي وئي.
آءٌ ڪيترائي سال اهو سمجهندو رهيس ته منهنجي پيءُ
پنهنجي تجربي ۽ ذهانت جي مدد سان مون ۾ موجود فوجي
ڏات جو پتو لڳائي ورتو هو. پر پوءِ مونکي ٻڌايو
ويو ته هو ان نتيجي تي پهتو هو ته آءٌ ايترو
هوشيار نه هوس جو وڪالت ڪري سگهان. بهرحال انهيءَ
بابت صحيح صورتحال ڇا به هجي اها حقيقت آهي ته
راند وارن سپاهين منهنجي زندگيءَ جو رُخ بدلائي
ڇڏيو. هن کان پوءِ فوج جي پيشيوراڻي فني باريڪ
بينين جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ٿي ويو. انهن کان سواءِ ٻي
ڪنهن به شيءِ بابت ڄاڻ مونکي پاڻ حاصل ڪرڻي پئي.
*******
مون هيرو ۾ تقريباً ساڍا چار سال گذاريا جن مان ٽي آرمي ڪلاس ۾
هئا. مونکي انهيءَ ۾ داخلا ابتدائي امتحان پاس ڪرڻ
جي نتيجي ۾ ڏني وئي هئي. انهيءَ ۾ اسڪول جا وچولن
۽ مٿين درجن وارا ۽ مختلف عمرين جا ٻار شامل هئا
جن سڀني کي سينڊهرسٽ يا وول وچ
(Woolwich)
امتحان جي تياري ڪرائي ويندي هئي. اسان سڀني کي
اسڪول جي معمول واري هلچل کان ڪڍي ڌار ويهاريو
ويندو هو. نتيجي طور آءٌ درجي جي لحاظ کان اڳتي نه
وڌي سگهيس ۽ توڙي جو چوٿين درجي وارن ڇوڪرن سان گڏ
ڪم ڪندو هوس ته به اسڪول جي لسٽ ۾ بلڪل هيٺ رهيس.
سرڪاري طور آءٌ لوئر اسڪول مان مٿي نه چڙهي سگهيس.
تنهنڪري مونکي خدمتگار شاگرد
(Fag)
رکڻ جي رعايت به نه ملي سگهي. وقت گذرڻ سان گڏ
جڏهن آءٌ اتان جي زبان ۾ ٽه سالو
(Three Yearer)
ٿي ويس ته مونکي ٻين وڏن شاگردن جو خدمتگار ٿيڻ
کان آزادي ملي وئي ۽ جيئن ته آءٌ پنهنجي درجي وارن
ٻين ڇوڪرن کان عمر ۾ وڏو هوس تنهنڪري مونکي پنهنجي
هاسٽل ۾
Head of Fags
مقرر ڪيو ويو. اهو منهنجو پهريون ذميواريءَ وارو
پر اعزازي عهدو هو. منهنجين ذميوارين ۾ سڀني
خدمتگار ڇوڪرن جون واريون ٺاهڻ، مختلف تاريخن تي
انهن جي ڊيوٽين جي لسٽ ٺاهڻ ۽ انهن لسٽن جون
ڪاپيون مانيٽرن، فوٽ بال ۽ ڪرڪيٽ جي چيمپئنن ۽
اسان جي عهديداري نظام جي ٻين ميمبرن جي ڪمرن ۾
رکڻ شامل هو. مون اهي ڪم هڪ سال کان وڌيڪ عرصو
سرانجام ڏنا ۽ مجموعي طور پنهنجي حال تي راضي
رهيس.
انهيءَ دوران مون لاطيني زبان مان ترجمو ڪرڻ جو به هڪ سٺو طريقو
ڳولهي ورتو. آءٌ ڊڪشنري ڪم آڻڻ ۾ اصل کان ڍلو رهيو
آهيان. اهو ڪم مون کي ٽيليفون ڊائريڪٽري ڪم آڻڻ
وانگر لڳندو هو. اها صحيح حرف جي آسپاس کولي وڃڻ
ته سولو ڪم آهي پر پوءِ ماڻهو کي پنا اڳتي پوئتي
اٿلائڻا پون ٿا ۽ ڪالم ۾ هيٺ مٿي جُوهه پائي ڏسڻو
پوي ٿو ۽ ماڻهو پنهنجي گهربل لفظ کان ٽي يا چار
پنا اڳتي پٺتي ٿي وڃي ٿو. ڳالهه مختصر ڪجي ته مون
کي اهو ڪم ڏاڍو محنت طلب لڳندو هو. جڏهن ته ٻين
ڇوڪرن کي انهيءَ ڪم ۾ ڪابه ڏکيائي نه لڳندي هئي.
پر هاڻي مون ڇهين درجي واري هڪ ڇوڪري سان اتحاد
ڪري ورتو هو. هو ڏاڍو هوشيار هوندو هو. ۽ لاطيني
به انگريزي وانگر سولائي سان پڙهي ويندو هو.
سيريز، اووڊ، ورجل، هوريس ۽ ويندي مارشل جا پر مغز
فقرا به هن لاءِ ڪا به ڏکيائي پيدا نه ڪندا هئا.
منهنجو هر روز جو ڪم ڏهه يا پندرنهن سٽون هوندو
هو. مونکي انهن جو مطلب ڪڍڻ ۾ ڪلاڪ يا ڏيڍ لڳي
ويندو هو ۽ منهنجو ڪڍيل مطلب به گهڻو ڪري غلط
هوندو هو پر منهنجو دوست انهيءَ جو پنجن منٽن ۾
لفظي ترجمو ڪري ويندو هو ۽ آءٌ جڏهن هڪ دفعو معنى
تي نظر وجهي ڇڏيندو هوس ته اهو مونکي چڱي طرح ياد
ٿي ويندو هو. منهنجي ڇهين درجي واري دوست کي وري
انگريزي مضمون ايترا ڏکيا لڳندا هئا جيترا مون
لاءِ اهي لاطيني معما ڏکيا هوندا هئا. منهنجي دوست
کي اهي مضمون هيڊ ماستر لاءِ لکڻا هوندا هئا. اسان
پاڻ ۾ اهو ٺهراءُ ڪيو ته هُو مونکي لاطيني مان
ترجما ڪري ڏيندو ۽ آءٌ سندس مضمونن جو ڪم ڪندس.
اهو بندوبست ڏاڍي سٺي نموني هليو. لاطيني وارو
استاد منهنجي ڪم مان بلڪل مطمئن لڳندو هو ۽ صبح جي
وقت ۾ مونکي پنهنجي لاءِ سٺو وقت ملي ويندو هو.
ٻئي طرف مونکي وري هفتي ۾ هڪ دفعو پنهنجي ڇهين
درجي واري دوست لاءِ مضمون لکڻا پوندا هئا. آءٌ
ڪمري ۾ چڪر ڏيندو لکرائيندو ويندو هوس- آءٌ هاڻي
به ائين ئي ڪندو آهيان- ۽ هو ڪنڊ ۾ ويٺو لکندو
ويندو هو. اهو ڪم ڪيترا مهينا بغير ڪنهن ڏکيائي جي
هلندو رهيو. پر هڪ دفعو اسان پڪڙجندي پڪڙجندي
بچياسين. منهنجي انهن مضمونن مان ڪنهن مضمون ۾
استادن کي ڪا خوبي نظر اچي وئي ۽ اهو هيڊماستر
ڏانهن موڪلي ڏنائون. هيڊماستر منهنجي دوست کي پاڻ
وٽ گهرايو سندس ڪم تي سندس تعريف ڪئي ۽ هن سان
انهيءَ عنوان تي ڏاڍي پُرجوش انداز ۾ گفتگو ڪرڻ
لڳو؛ ”تون هتي جيڪو نقطو اٿاريو آهي اهو مونکي
ڏاڍو دلچسپ لڳو منهنجي خيال ۾ تون اڃان اڳتي وڃين
ها. مون کي بلڪل صحيح صحيح ٻڌاءِ ته هي لکڻ وقت
تنهنجي ذهن ۾ ڪهڙا خيال هئا؟“ مسٽر ويلڊن تمام بي
روح جوابن جي باوجود ڪجهه وقت ائين ڳالهائيندو
رهيو. بهرحال هيڊماستر جيئن ته تعريف ۽ واکاڻ جي
موقعي کي ڇينڀڻ ۾ تبديل نه ٿي ڪرڻ چاهيو، تنهنڪري
کيس هنن لفظن سان وڃڻ جي اجازت ڏنائين؛ ”تون زباني
ڪم بجاءِ تحريري ڪم ۾ بهتر ٿو ڏسجين.“ هو مون وٽ
آيو ته اهڙي حالت هئس ڄڻ موت جي چنبي مان بچي نڪتو
هجي ۽ پوءِ آءٌ به ڏاڍو خبردار ٿي ويس ۽ مضمون لکڻ
وقت نئون رستو اختيار ڪرڻ بجاءِ پراڻا ڳٺل پيچرا
ئي ڪم آڻيندو هوس.
مسٽر ويلڊن مون ۾ دوستاڻي دلچسپي رکندو هو ۽ جيئن ته خبر هئس ته
آءٌ لاطيني ۽ يوناني ۾ ڪمزور هئس تنهنڪري پاڻ
پنهنجي سِر منهنجي مدد ڪرڻ جو پهه ڪيائين. سندس
روزاني جو معمول ڏاڍو مصروفيت ڀريل هوندو هو. پر
هن هفتي ۾ ٽي ڏينهن شام جي عبادت کان اڳ مونکي
خانگي ٽيوشن لاءِ پندرنهن منٽ ڪڍي ورتا. هيڊماستر
پاران اها تمام وڏي مهرباني ۽ هڪ لحاظ کان پنهنجي
حيثيت کي ڪجهه گهٽ ڪرڻ هو نه ته هو فقط مانيٽرن ۽
تمام ذهين شاگردن کي ئي پڙهائيندو هو. مونکي اهڙي
عزت افزائي تي ناز به هو پر انهيءَ مصيبت کان ڏڪي
به رهيو هوس ڇاڪاڻ ته هيڊماسترن کي ڪجهه اهڙا
اختيار به مليل آهن جيڪي وزير اعظمن کي به ڪڏهن نه
مليا آهن. بهرحال مسٽر ويلڊن سان شام جي انهن
پندرنهن منٽن منهنجي زندگيءَ جي پريشانين ۾ چڱو
خاصو اضافو ڪيو. آخرڪار هو جڏهن لڳ ڀڳ هڪ مڪمل ٽرم
جي پنهنجي پُرخلوص پر بي فائدي ڪوشش کان دستبردار
ٿيو ته مون پاڻ کي ڏاڍو پُرسڪون محسوس ڪيو.
هتي آءٌ لاطيني زبان بابت ڪجهه رايا ڏيندس. اهي شايد يوناني تي
به لاڳو ٿي سگهندا. انگريزيءَ جهڙي ڪنهن معقول
زبان ۾ اهم لفظ ٻين ننڍڙن لفظن ذريعي هڪ ٻئي سان
ڳنڍيل يا لاڳاپيل هوندا آهن. رومين پنهنجي قدامت
خيالي سبب اهڙي طريقي کي ڪمزور ۽ نامعقول محسوس
ڪيو. انهن کي اها ئي ڳالهه صحيح لڳي ٿي ته هر لفظ
جي جوڙجڪ تي ڪجهه تفصيلي قاعدن قانونن مطابق ان جي
ڀر واري لفظ جو رد عمل ٿئي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي
ته اهو طريقو اسان جي ٻولي کان ٻڌڻ توڙي ڏسڻ ۾
وڌيڪ متاثر ڪُن لڳي ٿو، سمورو جملو ڪنهن چمڪندڙ
مشين وانگر پاڻ ۾ جُڙي بيهي ٿو ۽ هر هڪ فقري کي
ڇڪي معنى سان ڀري سگهجي ٿو. ماڻهوءَ جي ڀلي کڻي
تعليم تربيت انهيءَ ماحول ۾ ٿي هجي ته به اهو ٺاهڻ
۾ ڏاڍي محنت جي ضرورت پوي ٿي. پر انهيءَ ۾ ڪو شڪ
نه آهي ته انهيءَ جملي رومين ۽ يونانين کي پنهنجي
بعد از مرگ شهرت قائم ڪرڻ جو هڪ سولو ۽ سٺو طريقو
مهيا ڪري ڇڏيو آهي. اهي فڪر ۽ ادب جي ميدان ۾ سڀ
کان پهريان وارد ٿيا هئا. جڏهن زندگي، محبت، جنگ،
قسمت ۽ آداب اخلاق بابت سوچ ويچار ڪري ڪجهه پڌري
پٽ پيل نتيجن تي پهتا ته اِنهن پنهنجن ويچارن کي
گهڙي ٺاهي نعرن يا پر مغز فقرن جي شڪل ڏئي ڇڏي.
ڇاڪاڻ ته سندن زبان ۾ به اها خاصيت ڀلي ڀت موجود
هئي. هنن اهڙيءَ طرح انهن تي پنهنجي ملڪيت جا حق
هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيا. سندن شهرت جو سبب به
اهوئي آهي. آءٌ پوءِ جي زندگيءَ ۾ غور و فڪر ڪري
انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان.
پر اسڪولي ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ به آءٌ انهيءَ مسئلي تي سوال ۽ شڪ
شهبا اٿاريندو هوس ته يوناني ۽ لاطيني ٻوليون اسان
جي تعليم جي بنيادي جوڙجڪ لاءِ ڪيتريقدر مناسب
آهن. ماڻهو مونکي ٻڌائيندا هئا ته مسٽر گليڊ اسٽون
به مزي ۽ تفريح خاطر هومر کي پڙهندو آهي. آءٌ
سمجهندو هوس ته مسٽر گليڊ اسٽون لاءِ اها ڳالهه
مناسب آهي پر هو جڏهن چوندا هئا ته انهن ٻولين جي
تعليم اڳتي هلي منهنجي لاءِ تمام وڏي خوشيءَ جو
باعث ٿيندي ته مونکي اها ڳالهه آئڙندي نه هئي.
انهيءَ تي هو چوندا هئا ته اهي ٻوليون انگريزي لکڻ
۽ ڳالهائڻ ۾ منهنجي مدد ڪنديون. اهي وري اسانجن
ڪيترن ئي جديد لفظن بابت ٻڌائيندا هئا ته اهي
لاطيني ۽ يوناني مان ورتل آهن. اها ڳالهه ته ظاهر
آهي ته جڏهن ماڻهو کي صحيح خبر هجي ته اهي لفظ
ڪهڙي سرچشمي مان ڦٽي نڪتا آهن ته ماڻهو انهن کي
وڌيڪ درست نموني ڪتب آڻي سگهي ٿو.
اسين جڏهن هن ڪتاب جي هندستان بابت بابن تي پهچنداسين ته اسان
کي علمي تفاخر جي غلط انداز جو هڪ ٻيو مثال به ڏسڻ
۾ ايندو. آءٌ جڏهن ڇوڪر هئس ته ماڻهو
Punjab, Pundit
۽
Umbala
وغيره لکندا ۽ پڙهندا هئا پر
پوءِ ڪجهه پڙهيل لکيل نامور ماڻهو اڳتي اچي چوڻ
لڳا ته توهان اهي لفظ صحيح نموني هجي ڪيو. تنهنڪري
هاڻي انگريز ماڻهو انهن کي
Punjab, Pundit, Ambala ۽
Amritsar
لکي ۽ پڙهي ٿو. هاڻي هندستاني ماڻهو انهن جي عجيب
گفتگو ٻڌي حيرت ۾ وٺجي وڃن ٿا. ظاهر آهي ته اسان
جي انگريز جي اعلى ترين علمي فضيلت جو اهو ئي صلو
کيس هڙ پلئه پيو آهي.
|