باب نائون
اڄ به پوريءَ طرح ياد اٿم- ۽ ڏاڍو ڏک ٿو ٿئيم ۽ حيرت به ٿي
وٺيم، جڏهن ياد ٿو ڪريان ته پنهنجي پڙهڻ جي اُن
نئين اٿيل اڃ کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون
جٺيون. سـُهمون ۽ خطرا برداشت ڪرڻا پيا هئا.
اُنهيءَ ڪٽر ماسٽر جي زال جا ڪتاب ڏسڻ ۾ ئي قيمتي
معلوم ٿيندا هئا ۽ هيڏانهن مون کي پوڙهيءَ جي هٿان
انهن جي خراب ٿيڻ جو کٽڪو لڳو رهندو هو. تنهن ڪري
انهن جي پچر ڇڏي، سادن پنن ۽ سستن جلدن وارا ڪتاب
پڙهڻ شروع ڪيم. اُهي انهيءَ دڪان تي جتي مان صبح
لاءِ دبل روٽي خريد ڪرڻ ويندو هوس، وڪري لاءِ پيا
هوندا هئا.
ان دڪان جو مالڪ بدشڪلو ۽ چپن ٿلهو هو. هن جي چمڙي سڄو ڏينهن
پگهر سان شل لڳي پيئي هوندي هئي. هن جو زرد ۽
گهنجن وارو منهن موهيڙن ۽ انهن جي داغن سان چچريو
پيو هوندو هو. هن جون اکيون اڇيون، هٿ ٿلها ۽ انهن
۾ ڏنگيون ڦڏيون آڱريون ائين اٽڪيون پيون هونديون
هيون، ڄڻ اتي ڪنهن ٽنبي ڇڏيون هيون. هن جو دڪان
جوانن ۽ اسان جي پاڙي جي گهومو ڇوڪرين لاءِ ڪلب جو
ڪم ڏيندو هو. اهو بير جي گلاس ۽ پتي جي راند لاءِ
منهنجي مالڪ جي ڀاءُ جو اڏو هوندو هو. جڏهن به
ماني کائڻ لاءِ هن کي اتي سڏڻ ويندو هوس ته هن کي
يا ٻئي ڪنهن دل ڦينڪ جوان کي اُن ننڍڙي ۽ ٻوسٽ
واري دڪان جي پوئين ڪمري ۾ دڪان واري جي نخريليءَ
زال سان ڀاڪر ۾ ڏٺو هوم. دڪاندار کي ان تي ڪا به
خار نه ايندي هئي، نه ئي هن کي پنهنجي ڀيڻ کي، جا
هن کي دڪان هلائڻ ۾ مددڪندي هئي، نشي ۾ مست شرابين
يا ٻئي ڪنهن سان جيڪو هن جي دل کي وڻندو هو، چم چٽ
ڪندي ڏسي دل ۾ ڪجهه ٿيندو هو.
هن جي دڪان جو ڪاروبار ڍلو هو، جنهن لاءِ هو سبب ڏيندو هو ته
اڃا سندس ڪاروبار نئون هو. جيتوڻيڪ دڪان کلئي کي
به ڪيترا مهينا ٿي ويا هئس. هو پنهنجن گراهڪن جي
خدمت کين اگهاڙين تصويرون ڏيکارڻ ۽ انهن جي هيٺان
لکيل فحشن شعرن جي نقل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ سان به
ڪندو هو.
مان هن وٽان ”ميسا ايفستي“ جون معمولي ڪهاڻيون هڪ ڪوپيڪ يا ان
جي ڪجهه لڳ ڀڳ مسواڙ ڏيڻ تي پڙهڻ شروع ڪيون. اها
مسواڙ مون لاءِ ڳري هئي ۽ انهن ڪهاڻين ۾ مزو به
بالڪل ڪو نه ٿي آيم. مون کي ڪيترن اهڙن ڪتابن مان
به، جيئن ”گوئڪ“ يا ”مرڻ تائين وفاداري“، ”وينس جو
شهزادو“، ”روسين جي ديني جنگ“، يا ”مسلم حسينه، جا
مڙس جي مزار تي ويئي.“، ڪو مزو ڪو نه ايندو هو،
بلڪه انهن تي ڏاڍي چڙ وٺي ويندي هيم. مان ائين
محسوس ڪندو هوس ڄڻ انهن ڪتابن جا لکندڙ اهڙيون
واهيات ۽ بيعقليءَ جون ڳالهيون لکي، مون کي بيوقوف
بنائي رهيا هئا. جي ڪتاب مون کي وڌيڪ وڻيا، اهي
هئا ”اسٽراسي پهلوان“، ”بهادر بوري ميلوسڪي“،
”پراسرار پادري“ ۽ ”تاتاري سوار“ گهٽ ۾ گهٽ انهن
جي پڙهڻ سان منهنجي دل تي ڪجهه نه ڪجهه اثر ضرور
ٿيو، پر مون کي جيڪو ڪتاب سڀ کان وڌيڪ وڻيو سو هو
”درويشن جا قصا.“ ان ۾ جيڪي ڳالهيون لکيل هيون، سي
ڪافي ڳنڀير ۽ اعتبار ۾ اچڻ جهڙيون هيون. انهن جي
پڙهڻ سان منهنجي دل ڪڏهن غم ۾ ڪڏهن خوشيءَ ۾ ڀرجي
ويندي هئي. انهيءَ ڪتاب جا شهيد مرد مون کي ”نيڪ
خيال“ جهڙا ۽ شهيد عورتون نانيءَ جهڙيون ۽ ان جا
پادري ۽ پوپ ناني جهڙا ٿي لڳا.
منهنجو پڙهڻ، جڏهن ڪاٺيون چيرڻ لاءِ ٻاهر ويندو هئس، تڏهن سرد
ڇاپري ۾ ٿيندو هو يا ڪوٺيءَ ۾ لڪي ٿيندو هو، جيڪا
به مون کي اهڙي ئي اوکي ۽ سرد لڳندي هئي. جڏهن
ڪنهن ڪتاب مان ڏاڍو مزو ايندو هوم يا ان کي ختم
ڪرڻو هوندو هو ته تيستائين انتظار ڪندو هوس،
جيستائين ٻيا سمهي پوندا هئا پوءِ لڪي لڪي، موم
بتي ٻاري، ان تي پڙهڻ شروع ڪندو هوس. جڏهن پوڙهيءَ
ڏٺو ته موم بتيون جهٽ جهٽ ۾ ڳرنديون ننڍيون
ٿينديون ٿيون وڃن، تڏهن انهن کي ڪاٺيءَ سان ماپڻ
شروع ڪيائين. جيڪڏهن صبح جو موم بتي هن جي ڪاٺيءَ
جي ماپ تي پوري نه هوندي هئي ته رڙين سان
بورچيخانو مٿي تي کڻي ڏيندي هئي.
هڪڙي ڀيري وڪٽر اچي مٽيس، ”امڙ، اهي رڙيون بند ڪر. ها ها- هو
پڙهڻ لاءِ موم بتيون ٻاري ٿو. مون کي خبر آهي ته
هو ڪتاب ڪٿان ٿو وٺي اچي. دڪان مان، هائو دڪان
مان. هينئر به وڃي ڏس ته هن جي سامان ۾ ڪو نه ڪو
ڪتاب لڪو پيو هوندو.“
پوڙهي رڙهندي اچي ڪوٺي وٽ پهتي، ڳولي ڦولي ڪتاب هٿ ڪيائين ۽ ان
کي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائين. مان به هيڪاري ضد ۾
اچي ويس ۽ انهيءَ ڪري پاڻ منهنجي پڙهڻ جي شوق زور
ورتو. مون محسوس ڪيو ته جيڪڏهن ڪو ولي الله به هنن
جي گهر ۾ اچي رهي ها ته منهنجا مالڪ هن کي به
پنهنجي ڀيت تي بيهارڻ لاءِ سڄي لڱين ڪو نه ڇڏين
ها. هنن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن هل
هنگامي جي ضرورت هئي ۽ بس. هو جيڪڏهن ٻين تي
فتوائون ڪڍڻ، ٻين جي پچار ڪرڻ ۽ ٻين کي گهٽ وڌ
ڳالهائڻ ڇڏي ڏين ها، ته جيڪر هنن جي ڳالهائڻ جي
قوت ختم ٿي وڃي ها ۽ هو گونگا ٿي وڃن ها ۽ باقي
جيڪر ڪجهه به نه رهن ها، ڇو ته ان کانسواءِ هنن کي
ٻيو ڪجهه ڳالهائڻ ايندو ئي ڪو نه هو. انسان کي
پنهنجو پتو ٻين سان پنهنجي لاڳاپن مان پوندو آهي.
منهنجي مالڪن جو ٻين ماڻهن لاءِ لاڳاپو سواءِ انهن
تي لعنت ملامت وارين فتوائن جي ممڪن ئي نه هو.
جيڪڏهن هو ڪنهن کي هوبهو پاڻ جهڙيءَ رهڻيءَ
ڪرڻيءَ، سوچ ۽ احساس جي تربيت ڏين ها ته انهيءَ تي
به ڦري هن کي ضرور ملامت ڪن ها. مطلب ته هو بنهه
خسيس قسم جا انسان هئا، پاڻ کي هرڳالهه ۾ مٿي
ڀانئيندا هئا ۽ ڪڏهن به ٻئي ڪنهن کي پاڻ جهڙو ڪو
نه سمجهندا هئا.
مون پنهنجو مخفي پڙهڻ قائم رکيو. انهيءَ جي نتيجي ۾ پوڙهي
منهنجي ڪتابن کي تباه ڪندي رهي جنهن ڪري دڪاندار
جو مون تي ستيتاليهن ڪوپيڪن جو ڳاٽي ڀڳو قرض چڙهي
ويو. هو انهيءَ جي گهر ڪرڻ لڳو ۽ دڙڪا ڏيڻ لڳو ته
”تون پنهنجن مالڪن لاءِ سودو وٺڻ اچين ٿو، مان
ڪڏهن انهن پيسن مان اهو تنهنجو قرض ڪٽي ڇڏيندس.
پوءِ تون ڇا ڪندين؟“
مون کي هن کان ڏاڍي ڪراهت ٿيندي هئي. هن کي به ان جو پتو هو.
مون کان ان جو بدلو ائين هانءُ کائيندڙ دڙڪن سان
وٺندو هو. هر ڀيري هو منهنجو استقبال پنهنجي
موهيڙن واري منهن تي مرڪ آڻي، نرم لفظن ۾ ڪندو هو
”پنهنجو حساب چڪتو ڪرڻ آيو آهين.؟“
”اڃا ته نه، پر...“
انهيءَ تي هو ائين ڏسڻ ۾ ايندو هو، ڄڻ عجب وٺي ويو هجيس ۽
ڪاوڙجي چوندو هو، ”پوءِ ڇو آيو آهين؟ ڇا مون کان
بيک وٺڻ آيو آهين؟ مان سمجهان ٿو ته توکي جيل
موڪلڻ سان ئي منهنجا ڏوڪڙ وصول ٿيندا.“
اهڙو ڪو به رستو نه هو، جنهن سان مون کي ايترا پئسا ڪٿان ملي
سگهن. ڇا ڪاڻ ته منهنجو پگهار سڌو ناني جي حوالي
ڪيو ويندو هو. انهيءَ ڪري ڍڪرن ۾ پئجي ويس ۽ سڄو
وقت ڳڻتيءَ ۾ ورتو پيو هلندو هوس. آخر منهنجي قرض
جو ڇا ٿيندو؟ هڪڙي ڀيري هن جي وڌيڪ زور ڀرڻ تي
جڏهن ڪجهه وڌيڪ مهلت ڏيڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪئي مانس،
تڏهن پنهنجو سڄيل هٿ وڌائي، چيائين، ”جيڪڏهن
منهنجي هٿ کي چمندين ته کڻي ٿورو صبر ڪندس.“
جواب ۾ تارازيءَ وارو وٽ کڻي مٿي وارو وهايومانس. هو هيٺ ٿي ويو
۽ رڙ ڪري چيائين، ”اڙي، توکي ڇا ٿي ويو؟ مان ته
توسان مسخري پئي ڪئي.“
صبح جي وقت مالڪ جي ڪپڙن کي برش هڻندي، هن جي پتلون جي کيسن ۾
پئسن جو کڙڪو ٻڌندو هوس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه پئسا فرش
تي ڪري ڊوڙڻ لڳندا هئا. هڪڙي ڀيري سڪا اهڙيءَ ريت
ڊوڙي ڏاڪڻ جي هيٺان هليا ويا هئا، جن جو خيال ئي
لهي ويو هوم. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن اهي وري
لڌا هئم، تڏهن موٽائي مالڪ کي آڻي ڏنا هئم، جنهن
تي هن جي زال چيو هو، ”ڏٺئه! کيسن ۾ پئسن رکڻ کان
اول انهن کي ڳڻي ڇڏيندو ڪر.“
مون ڏانهن مرڪي، مالڪ وراڻيو هوس، ”مون کي پتو آهي ته هي چوري
نه ڪندو.“
نيٺ جڏهن پنهنجي ان قرض لاهڻ لاءِ چوريءَ جو فيصلو ڪيم، تڏهن هن
جي انهن لفظن ۽ اعتبار ڀريءَ مرڪ منهنجي لاءِ چوري
مشڪل ڪري وڌي. ڪيترائي ڀيرا هن جي کيسي مان پئسا
ڪڍيم، ڳڻي وري ساڳئي هنڌ رکي ڇڏيم. لڳاتار ٽي
ڏينهن اهڙيءَ شش و پنج ۾ رهيس، ۽ پوءِ اهو مسئلو
پنهنجو پاڻ سادي ۽ سهڻي رستي حل ٿي ويو.
مالڪ اهو سوال پڇي، مون کي وائڙو ڪري وڌو، ”پيشڪوف، توسان ڪهڙي
ويڌن آهي؟ ڪجهه ڏينهن کان تون ويڳاڻو ٿو ڏسڻ ۾
اچين. طبيعت خراب اٿيئي، يا ٻي ڪا ڳالهه آهي!“
مون هن کي دل جي ڳالهه صاف صاف ٻڌائي ڇڏي. منهن گهنجائي چيائين،
”ڏسين ٿو ڪتابن توکي ڪهڙيءَ مصيبت ۾ مبتلا ڪيو
آهي!“ مون کي اڌ روبل ڏيندي چيائين، ”ڏسجانءِ،
منهنجي زال ۽ ماءُ کي پتو نه پوي، ورنه ڌمچر ٿي
ويندو.“ مٺڙيءَ مرڪ سان وڌيڪ چيائين، ”پڪو ضدي
آهين ۽ اها ڳالهه ٺيڪ نه آهي. هاڻي تون ڪتابن جي
پچر ڦٽي ڪر، نئون سال ٿئي ته مان ڪنهن سٺي رسالي
جو چندو ڀريندس، پوءِ توکي پڙهڻ لاءِ ڪافي مواد
ملي پوندو.“
انهيءَ کان پوءِ شام جي چانهه ۽ رات جي مانيءَ جي وچ ۾ منهنجي
هيءَ ڊيوٽي رکي ويئي ته مان هنن کي ”ماسڪو گزيٽ“
رسالو پڙهي ٻڌائيندو هوس، ۽ کين انهيءَ ۾ شايع ٿيل
”باشڪوف“، ”روڪشانين“، ”روڊنڪووسڪيءَ“ ۽ ٻين ليکڪن
جي ناولن جون قسطون، واري واري سان پڙهي ٻڌائيندو
هوس. اهي ناول ماڻهوءَ جي مرده طبيعت ۾ تازگي پيدا
ڪرڻ لاءِ ڏاڍا چڱا هئا. مون کي ڏاڍيان پڙهڻ پسند
نه ايندو هو ڇاڪاڻ ته اهڙي ريت، جو پڙهندو هوس، سو
سمجهي نه سگهندو هوس. پر منهنجا مالڪ ڏاڍي خيال
سان ڪن ڏيو پيا ٻڌندا هئا. ڪڏهن ڪتاب ٻڌندي، وڏا
ساه کڻي، هڪ ٻئي کي مبارڪ ڏيئي چوندا هئا ”الله جا
شڪر، جو اسان جي زندگي شرافت سان ٿي گذري ۽ اهڙا
ڪڌا ڪم اسان کان ڪو نه ٿا ٿين!“
هو انهن قصن جي واقعن کي هڪ ٻئي سان منجهائي ۽ نالن کي هڪ ٻئي
سان ملائي ڇڏيندا هئا. ٽانگي واري ”فوماڪورچن“ کي
نامي گرامي ”چرڪين“ ڌاڙيل ڪوٺڻ لڳندا هئا. جڏهن
مان انهن کي سمجهائيندو هوس ته عجب مان چوندا هئا،
”هن ڇوڪري جو حافظو ڪهڙو نه تيز آهي.“
ڪڏهن ڪڏهن ”ماسڪو گزيٽ“ ۾ ليوناڊگراوَ جا شعر شايع ٿيل هوندا
هئا. مون کي اهي ڏاڍا وڻندا هئا. انهن مان ڪي نقل
ڪري رکندو هوس. منهنجا مالڪ چوندا هئا ”ڪراڙو ٿي
ويو آهي: شعر ٿو نقل ڪري، هيءُ مواد آهي يا اڌ
مغزي!“
مون کي ”استروزخن“ ۽ ”ڪائونٽ ميهنٽوموري“ جا شعر به وڻندا هئا
پر هو منهنجي ٻنهي مالڪياڻي کي چريا لڳندا هئا.
ننڍي توڙي وڏي، ٻئي چونديون هيون، ”شعر چوندڙ يا
هوندا آهن چريا يا مسخرا.“
منهنجي لاءِ اهي سياري جون شامون انهيءَ گنديءَ هوا مان ڀريل
ڪمري ۾ گذارڻ ڏاڍيون ڪٺن هونديون هيون. منهنجي
مالڪن جون اکيون سڄو وقت مون ۾ کتل هونديون هيون.
دريءَ جي ٻاهران رات بي جان لاش وانگر خاموش هوندي
هئي. ڪڏهن ڪڏهن برف ڪرڻ جو آواز ايندو هو. هو رکي
رکي، ميز جي چوگرد اهڙيءَ ريت ماٺ ۾ اچي ويندا
هئا، جهڙي ريت مڇي برف ۾. برفاني هوائن کان در ۽
دريون کڙڪڻ لڳندا هئا ۽ چمنيون شور ڪرڻ لڳنديون
هيون. ٻارن جي ڪمري مان ٻارن جي روڄ راڙي جا آواز
اچڻ لڳندا هئا. منهنجي دل به ائين چاهيندي هئي ته
ڪا پنهنجي اڪيلي ڪنڊ هجي، جنهن ۾ ويهي بگهڙ جيان
واڪا ڪرڻ شروع ڪيان.
ميز جي هڪ پاسي عورتون ويٺيون سبنديون يا اڻنديون هيون، ٻئي
پاسي وڪٽر اَرهيءَ دل سان نقش جا نقل ويٺو ڪندو هو
۽ رکي رکي رڙ ڪندو هو ”اڙي، ميز کي لوڏڻ بند ڪيو!
هتي ته رهڻ ئي مصيبت آهي، اوهين ته ڪي جهنگلي
ٻليون آهيو.“
پري هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ مالڪ ميز پوش تي ڀرت ويٺو ڀريندو هو. هو
پنهنجي آڱرين هلائڻ سان ان تي رنگ برنگي جانور پکي
۽ ٻوٽا بنائيندو ويندو هو. اهو خاڪو خود هن جو
تيار ڪيل هوندو هو ۽ هي ٽيون سيارو هو، جو انهيءَ
تي پئي ڪم ڪيائين. هو انهيءَ مان اچي ڪڪ ٿيو هو ۽
شام جي وقت جڏهن مان واندو هوندو هوس ته مون کي سڏ
ڪري چوندو هو، ”پيشڪوف، هيڏانهن ٿورو ميز پوش جي
ڪم ۾ ته هٿ وجهجانءِ.“
مان به ٿلهي سئي کڻي يڪدم ڪم ۾ لڳي ويندو هوس. مون کي پنهنجي
مالڪ تي هميشه ترس ايندو هو. انهيءَ ڪري هن جي ڪم
۾ مدد ڪرڻ ۾ خوشي ٿيندي هيم. منهنجي دل ۾ اهو خيال
پيدا ٿي ويو هو ته ڪنهن ڏينهن هو پنهنجي نقشن واري
ميز، ڀرت جو ڪم ۽ تاس جا پتا ڦٽي ڪري، ڪنهن اهڙي
ڪم کي لڳي ويندو، جيڪو سچ پچ هن جي دل وٽان هوندو.
ڪڏهن ڪڏهن ڪم ڪندي، هن جي دل ۾ ڪو خيال پيدا ٿيندو
هو ۽ هو انهيءَ جي ويچار ۾ ئي گم ٿي ويندو هو.
اهڙن وقتن تي هن جا وار هن جي نرڙ ۽ ڳلن تي ٽڙي
پکڙجي ويندا هئا ۽ هن کي انهن جي هٽائڻ جي سمڪ ڪا
نه رهندي هئي.
انهيءَ ويل جوڻس سوال ڪندي هيس، ”ڇا سوچي رهيو آهين؟“ هو وري
پنهنجو ڪم شروع ڪندي ورائيندو هو، ”ڪا خاص ڳالهه
ڪانهي.“
اهڙو سوال مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو هو، ڪنهن کان ڪنهن جي
خيالن بابت آڏي پڇا ڪهڙي نه عجيب آهي. اهڙي سوال
جو ڪو جواب ئي ڪو نه هو. انسان جي دماغ ۾ خيال بي
انت ۽ جلد جلد بدلبا رهندا آهن، انهن ۾ حال بابت
اڳڪٿي ۽ ماضيءَ تي تبصرو هوندو آهي. اهو ماضي جيڪو
ڪالهه يا پرسال هو. اهي خيال پاڻ ۾ ڳتيا پيا هوندا
آهن، انهن ۾ تڪڙو تڪڙو ڦيرو ۽ ڏاڍو جوش سمايل
هوندو آهي.
”ماسڪو گزيٽ“ ۾ ڏنل قسطون ايتريون نه هونديون هيون، جو سڀ
سانجهيون انهن جي پڙهڻ ۾ گذاري سگهجن. انهيءَ ڪري
پلنگ جي هيٺان پيل رسالن کي ڏسڻ شروع ڪيم. مالڪ جي
زال چيو، ”انهن ۾پڙهڻ جي لاءِ ڇا رکيو آهي؟ صرف
تصويرون آهن.“
پلنگ جي هيٺان ”مصور“ جي رسالي سان گڏ ”ٻرندڙ شعلا“ نالي رسالو
پيو هو، جنهن ۾ ”سالياس“ جو ”ڪائونٽ ٽياٽن
بالستڪي“ نالي ناول ڇپيل هو. مالڪ کي ڪتاب جو عجيب
سورمو ڏاڍو وڻي ويو هو. هن جي تڪليفن ۽ مصيبتن تي
ٽهڪ ڏيئي کلندو هو، تان جو اکين مان پاڻي وهي
ويندو هوس ”ٻيلي، ڏاڍو مزيدار قصو آهي.“
انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ته هن کي به پنهنجو رايو آهي، هن
جي زال چوندي هئي، ”هون! واهيات“.
پلنگ واريءَ لئبريريءَ مون کي وڏي مدد ڪئي. انهيءَ مون کي
بورچيخاني ۾ پڙهڻ جي اجازت ۽ پوءِ رات جي پڙهڻ جو
موقعو پيدا ڪري ڏنو. هڪڙي ڀيري منهنجي بخت ڀَلايو،
جو دائي ڪا نه آئي ۽ پوڙهي سڄي رات ٻارن وٽ وڃي
ستي. وڪٽر جو مون کي فڪر ڪو نه هو، ڇاڪاڻ ته جڏهن
ٻيا سمهي پوندا هئا تڏهن هي مڙس ڪپڙا پائي ٻاهر
هليو ويندو هو ۽ صبح ٿيڻ کان اول ڪو نه موٽيندو
هو. مون وٽ هڪڙي به موم بتي ڪا نه ڇڏيندا هئا. هنن
مان هر ڪو پنهنجون موم بتيون سنڀالي رکندو هو ۽
مون کي پنهنجي موم بتين خريد ڪرڻ لاءِ ڪوڏي به ڪا
نه هئي، تنهن ڪري مون ڇا ڪيو، جو مخفي طرح شمعدانن
مان موم بتين جو رجيل ميڻ هڪڙي دٻي ۾ ڪٺو ڪيم ۽ ان
۾ بتيءَ جو تيل ملائي، ڪپهه مان وٽ وٽي وڌم،
اهڙيءَ ريت دونهين واري هلڪي روشني حاصل ٿي ويم.
پوءِ مون اهو ڏيو تنور تي رکي پڙهڻ شروع ڪيو.
مان وڏن وڏن ڪتابن جا ورق اٿلائيندو رهندو هوس. مون واريءَ
بتيءَ جي ڄڀي ڦر ڦر ڪندي ۽ وٽ کائيندي رهندي هئي.
اُن جي سڙيل تيل جي ڪني بانس چوڌاري پکڙجي ويندي
هئي ۽ دونهين تي منهنجون اکيون دکڻ لڳنديون هيون
پر مورتن ۽ انهن جي عبارتن ڏسڻ ۾ جو مزو ايندو
هوم، انهيءَ ۾ سڀ تڪليفون وسري وينديون هيم.
انهيءَ جي ڪري منهنجي معلومات ۾ نئين دنيا جو
اضافو ٿيو. اهڙيءَ دنيا جو، جيڪا محبت ڀريل ملڪن
جي دنيا هئي. انهن ۾ ڪيترن شاندار جبلن ۽ سمنڊن جي
حسين ڪنارن جا نظارا هوندا هئا. زندگي پنهنجي
عجائبات کي منهنجي اڳيان کولي رکيو ۽ ڌرتي جيڪا
شهرن سان سٿيل ۽ خزانن سان ڀريل هئي، منهنجي لاءِ
وڌيڪ پرڪشش ٿي ويئي ۽ هاڻي جڏهن مون وولگا نديءَ
جي ڪناري تي بيهي نهاريو پئي، ته اها مون کي اڳي
وانگر سکڻي خلا محسوس نه پئي ٿي. اڳي سموري ڌرتي
هڪ طرح اڪيلي اڪيلي نظر ايندي هئي ۽ ان جو اثر
منهنجي اجڙيل دل تي به پوندو هو، جيڪا غمن جي
گهاون سان ڀريل ۽ خواهشن کان خالي هوندي هئي. مان
انهيءَ ڳالهه کي سواءِ ته اُهو سوداءُ دل مان دفع
ٿئي، نه ٻيو ڪجهه سوچيندو هوس نه گهرندو هوس.
انهيءَ سکڻي سوداءَ مان ڪجهه به پلئه نه پوندو هو.
رهندو انهيءَ منهنجي دل کي سڪائي بـُٺ ڪري ڇڏيو
هو.
هاڻي جيتري قدر سمجهي سگهيس ٿي، ڪتابن جي ڳالهين ۽ رسالن جي
تصويرن ۽ انهن جي عبارتن مان مون کي مختلف ماڻهن ۽
ملڪن جي هڪ نئين سڃاڻپ حاصل ٿي رهي هئي ۽ انهن جي
وڏين تاريخي ڳالهين ۽ ٻين واقعن جو پتو پوندو ٿي
رهيو. انهن ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون به هونديون هيون،
جي منهنجي سمجهه کان ٻاهر هونديون هيون ۽ ان ڪري
ڏاڍي تڪليف ٿيندي هيم. ڪڏهن ڪڏهن عجيب لفظ، جيئن
متاخرين، مابعد الحيات، مافوق الفطرت، منهنجي مٿي
۾ کانڀياڻيءَ جي ڳوڙهن وانگر زور سان ٺڪاءُ ڪري
اچي لڳندا هئا انهن جي سمجهڻ واسطي جيڪا بي آرامي
ٿيندي هيم، ان جي مون کي ئي خبر هوندي هئي. اُهي
اصل مون کي پريت جيڏا ديوَ لڳندا هئا، جيڪي منهنجي
خيال جو رستو روڪي، منهنجي آڏو بيهي رهندا هئا ۽
ڪنهن به ڳالهه کي منهنجي سمجهه ۾ اچڻ ئي نه ڏيندا
هئا. مان انهن جي آواز ۾ ئي گم ٿي ويندو هوس. اُهي
منهنجي لاءِ اهڙا غضبناڪ چوڪيدار هئا، جي مون کي
علم جي لڪل خزاني تائين پهچڻ نه ڇڏيندا هئا. ڪڏهن
ڪڏهن ته وري ڪي جملا به اهڙا ڏکيا اچي ويندا هئا،
جو اُهي منهنجي دل ۾ ائين گهڙي ويندا هئا، جيئن
جسم جي چمڙيءَ ۾ ڇيتون، جنهن ڪري ڪنهن شيءِ جو
سمجهڻ مون غريب لاءِ ناممڪن ٿي پوندو هو ۽ پنهنجي
پاڻ سان پيو وڙهندو هوس.
مون کي اهي اوپريون سٽون اڃا به ياد آهن. ”هنن جو شهنشاه اٽيلا،
فولاد جو زره پهريل، ويران ۽ اجڙيل ملڪن مان خاموش
۽ گنڀير ٿيو، گهوڙو هڪليندو پئي ويو، هن جي پٺيان
هـُوڻ فوجين جو غنيم رڙيون ڪندي پئي آيو ڪٿي آهي
روم! ڪٿي آهي اهو مضبوط روم!“
مون کي پتو هو ته ”روم“ شهر جو نالو آهي، پر انهيءَ مونجهاري
اچي ورايو ته هوڻ ڪهڙي بلا جو نالو آهي؟ هڪڙو چڱو
موقعو تاڙي پنهنجي مالڪ کان ان بابت پڇيم.
’هوڻ؟‘ مالڪ حيرت مان سوال ڪيو. ”خدا ٿو ڄاڻي. شايد ڪن واهيات
ماڻهن جو نالو هجي.“ پوءِ ڪنڌ ڌوڻي چيائين،
”تنهنجو مٿو هاڻي گند سان ڀربو ٿو وڃي. پيشڪوف،
اهو ڏاڍو خراب آهي.“
پر خراب هو يا چڱو، مون ڄاڻڻ ٿي گهريو. خيال آيم ته فوج جو
پادري هوڻن جي حال کان چڱيءَ ريت واقف هوندو. ان
ڪري انهيءَ وٽ ڊوڙي ويس. انهيءَ بيمار ڪاوڙيل
پادري، جنهن جي ڏاڙهي ڳاڙهي ۽ ڀرون چٽ هئا، پنهنجي
ڪاري لٺ زمين تي هڻندي، چيو، ”تنهنجو انهيءَ سان
ڪهڙو واسطو آهي؟“
ليفٽيننٽ نيستروف جو جواب به ٿورو، پر ڏاڙهيندڙ هو: ”ڇا؟“
هاڻي مون سوچيو ته انهيءَ جو جواب من دوا فروش وٽان ملي وڃي. هو
مون سان هميشه قرب سان پيش ايندو هو. هن جي منهن ۾
عقل پيو بکندو هو ۽ هن جي نڪ تي سوني فريم واري
عينڪ چڙهي پيئي هوندي هئي. ”هوڻ“ دوا فروش جواب
ڏنو، ”ڪرگيز وانگر رولو قوم هئي، پر هينئر اهي ڪو
نه بچيا آهن، سڀ مري کپي ويا آهن.“
انهيءَ تي مون کي ڏاڍي خار لڳي ۽ ڏک ٿيو. انهيءَ ڪري نه ته هوڻ
مري ويا هئا، پر انهيءَ ڪري ته جنهن لفظ مون کي
ايترو منجهائي ڇڏيو هو، اهو بلڪل ڪو اهڙو خسيس ۽
بيڪار هو پر مان ”هوڻن“ جو شڪر گذار هوس، ڇاڪاڻ ته
انهيءَ کانپوءِ جيڪڏهن ڪو به اهڙو لفظ اچي ويندو
هو ته مون کي ڪا خاص پريشاني ڪا نه ٿيندي هئي ۽
مان هوڻن جي اٽيلا جو به شڪر گذار هوس، جنهن جي
ڪري منهنجي دوا فروش گولڊ برگ سان گهرائپ ٿي. هي
خدا جي بندو منجهيل لفظن جي جهٽ پٽ تشريح ڪري
سگهندو هو ۽ هر ڪنهن ڄاڻن جهڙيءَ شيءِ جي هن کي
معلومات هوندي هئي. پنهنجي عينڪ کي آڱوٺي ۽ ڏسڻي
آڱر سان ٺاهي، منهنجي اکين ۾ چڱيءَ ريت اکيون
ملائي، اهڙيءَ ريت ڳالهه بيان ڪرڻ لڳندو هو ڄڻ
منهنجي مغز ۾ مترڪي سان ميخون هڻندو هجي ”لفظ،
منهنجا مٺڙا، وڻ جي پنن وانگر آهن. انهيءَ ڳالهه
کي سمجهڻ لاءِ ته پنن جي شڪل ههڙي ڇو ۽ ههڙي ڇو نه
آهي، اسان کي وڻ کي جاچڻو پوندو ۽ لفظن کي سمجهڻ
لاءِ ڪتابن کي پڙهڻو پوندو. ڪتاب به منهنجا ننڍڙا
دوست، باغيچن وانگر آهن، جن ۾ سڀ گل ۽ ٻوٽا توکي
سهڻا ۽ ڪارائتا لڳندا.“
مون کي دوا فروش ڏانهن گهڻو موڪليو ويندو هو جتان وڏن جي هاضمي
لاءِ دوا ۽ ٻارن جي پيٽ لاءِ جلاب وٺي اچڻا پوندا
هئم. دوا فروش جون تقريرن ڪتابن لاءِ منهنجو چاه
وڌائي ڇڏيو ۽ آهستي آهستي منهنجو اهو حال ٿيو، جو
شرابيءَ لاءِ شراب ۽ منهنجي لاءِ ڪتاب. انهن مان
مون کي زندگيءَ جا نوان روپ نظر ايندا هئا ۽ اهي
مون ۾ اهڙو جوش ۽ جذبو پيدا ڪندا هئا، جيڪو ماڻهن
کان بهادريءَ جا يا ڏوهن جا ڪم ڪرائي وجهندو آهي،
جن ماڻهن جي وچ ۾ آئون زندگي گذاريندو هوس، اهي نه
ته بهادر هئا ۽ نه ئي منجهن ڏوهه ڪرڻ جي ڪا همٿ
هئي. اهي اهڙي زندگي گذاريندا هئا، جنهن جو ڪتاب
واري زندگيءَ سان ڪو واسطو ئي ڪو نه هو ۽ مون کي
اها ڳالهه سمجهڻ ڏاڍي ڏکي لڳندي هئي ته اهي اهڙي
مرده زندگي ڪيئن بسر ڪري رهيا هئا. مون کي ائين
زندگي گذارڻ جو ڪو به خيال نه هو. در حقيقت اُهو
منهنجو پڪو فيصلو هو.
تصويرن جي هيٺان ڏنل عبارت مان مون کي پتو پيو ته پراگ، لنڊن ۽
پئرس ۾ رستن جي وچ مان نه گندي پاڻيءَ جا کليل
نالا وهندا هئا نه ئي اتي گندن جا ڍير هئا. اتي
رستا سڌا ۽ ڪشادا هئا. هر هڪ گهر ۽ چرچ کي پنهنجي
پنهنجي سونهن هئي. اتي نه ئي سياري ۾ ماڻهو ڇهن
مهينن لاءِ پنهنجن جهڳن ۾ بند ٿي ويهندا هئا ۽ نه
ئي سال جا ٻيا ڇهه مهينا گنديون گوبيون، خراب
کنڀيون ۽ بدبودار تيل ۾ رڌل پٽاٽا کائي گذر ڪندا
هئا.
پاڪ مهينن ۾ پڙهڻ جي منع هئي. انهيءَ ڪري ”مصور“ رسالي جا جلد
مون کان واپس ورتا ويا ۽ مان وري ساڳي موڳي زندگي
گذارڻ لڳس. ڪتابن جي ”زندگيءَ“ جي ڀيٽ ۾ پنهنجي
زندگي بلڪل ابتڙ ڏسي، اُن جي قباحت ۽ مسڪيني وڌيڪ
صاف نظر اچڻ لڳيم. مان پڙهڻ سان پاڻ ۾ صحت ۽ قوت
محسوس ڪندو هوس ۽ پنهنجو ڪم چستيءَ سان ۽ چڱيءَ
ريت ڪندو هوس. جيترو ڪم جلدي پورو ڪندو هوس اوترو
پڙهڻ لاءِ وڌيڪ وقت ملندو هوم، ڪتابن کسجڻ کانپوءِ
سستي وٺي ويم ۽ ويسارو ٿي پيس ۽ اهڙي حالت اڳ مون
سان ڪڏهن به ڪانه ٿي هئي.
ياد اٿم ته انهن ڏينهن جي منهنجي سستي ۽ دل جو بار هڪڙي عجيب
واقعي جي روم پذير ٿيڻ سان يڪا يڪ دور ٿي ويا.
هڪڙيءَ رات جڏهن اسين بستري ۾ ستا پيا هئاسين، ته
اوچتو چرچ جي گهنڊ وڄڻ شروع ڪيو ۽ هر ڪو اٿي کڙو
ٿيو. اڌ اگهاڙا مرد ۽ زالون پنهنجن درين وٽ اچي
ڳاهٽ ٿيا، چؤطرف چوٻول هو! ”خطري جو گهنڊ ته ناهي؟
ڪٿي باهه ته نه لڳي آهي؟“
هر هنڌ ساڳيو سوال پڇيو پئي ويو. پوءِ درن جي کلڻ جو کڙڪو ٻڌڻ ۾
آيو ۽ اڱڻ جي ٻاهران هڪڙي گهوڙي جي ٽاپ ٽاپ جو
آواز ٿيو. پوڙهيءَ رڙ ڪئي ته ”چرچ کي ڌاڙو لڳو
آهي!“ پر مالڪ هن کي بس ڪرائي ڇڏي ”اما لڙ نه ڪر!
ڏسين نه ٿي اهو اهڙي ڪنهن خطري جو گهنڊ ڪونهي.“
”ته وڏو پادري مري ويو هوندو.“
وڪٽر پنهنجي ڪمري مان ٻاهر آيو. ڪپڙا پاتائين ۽ ڊاڙ هڻي چوڻ
لڳو، ”مون کي پتو آهي ته ڪهڙي ڳالهه ٿي آهي.“
مالڪ مون کي ڪوٺي تي موڪليو ته ڏسي اچان ته آسمان ته ڳاڙهو ڪو
نه هو! مان ڊوڙ پائي،ڪوٺي تي چڙهي ويس. آسمان ۾
ڪنهن به قسم جي ڳاڙهاڻ ڪا نه هئي. ديول جو گهنڊ
اڃا به خاموش پاري جهڙيءَ هوا ۾ وڄي رهيو هو. سڄو
شهر ننڊ مان بيدار ٿي ويو هو. اونداهين گهٽين مان
گمنام ماڻهن جو لڙ ۽ انهن جي پيرن هيٺان برف جي
لتاڙجڻ جو کڙڪو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. گاڏين وارن جو
هوڪرو گاڏين جي گهنٽين کان به وڌي پئي ويو. مان
ڪمري ۾ موٽي آيس ”آسمان ۾ ڪا به روشني ڪانهي.“
”ته پوءِ ڇا ٿيو آهي!“ مالڪ، جنهن کي اوور ڪوٽ ۽ ٽوپ پيل هو،
عجب مان چيو. هن پنهنجي ڪوٽ جا ڪالر مٿي ڪيا ۽ بوٽ
جي مٿان برف پوش پهرڻ لڳو.
جوڻس ليلائي چيس، ”ٻاهر نه وڃ، ٻاهر نه وڃ!“
”واهيات.“
وڪٽر به برف پوش پهريا ۽ ڏاڍيءَ پڪ سان چوندو رهيو، ”مون کي پتو
آهي ته ڪهڙي ڳالهه ٿي آهي.“
جڏهن ڀائر ٻاهر هليا ويا، ته عورتن مون کي سماوار گرم ڪرڻ لاءِ
موڪليو ۽ پاڻ دريءَ وٽ مٿي بيهي رهيون. گهڙيءَ کان
پوءِ در جي گهنٽي وڳي ۽ مالڪ ماٺ ڪيو، ڏاڪڻ تان
ڊڪندو مٿي آيو، دروازو بند ڪري گهٽيل آواز ۾
چيائين، ”زار کي ڪنهن قتل ڪري ڇڏيو.“
”قتل ڪري ڇڏيو؟ زار کي“ ڪنهن؟ ڪيئن؟“ پوڙهيءَ وائڙن وانگر پڇيو.
”مون کي هڪ آفيسر ٻڌايو ته هن کي قتل ڪيو ويو آهي. هاڻي الائي
ڇا ٿيندو“.
وڪٽر اندر آيو ۽ بي دليءَ سان ڪوٽ لاهيندي، ڪاوڙ ۾ چيائين، ”مون
سمجهيو هو ته جنگ شروع ٿي ويئي آهي!“
پوءِ هو چانهه پيئڻ ۽ واردات بابت هوريان ۽ ڳڻتيءَ ڀريئي نموني
بحث ڪرڻ لڳا. گهٽين ۾ هاڻي چپ ٿي ويئي هئي ۽ گهنڊ
بند ٿي ويا هئا.
لڳاتار ٻه ڏينهن جتي ڪٿي عجيب نموني سـُس پـُس پئي هلي. جيڪو
آيو پئي تنهن ڳالهه کي مرچ مصالحا لڳائي پئي بيان
ڪيو. مون پنهنجي وسان نه گهٽايو ته ان جو پتو
ڪڍان، پر مون کي اخبارن کان پري رکيو ويو ۽ جڏهن
سدوروف کان پڇيم ته زار کي ڇاجي لاءِ قتل ڪيو
ويوهو، ته هن پوري خيال سان هيڏانهن هوڏانهن نهاري
چيو، ”اُن بابت گفتگو ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي
آهي.“
ٿورن ڏينهن ۾ انهيءَ هنگامي ۾ ٺاپر اچي ويئي ۽ زندگي وري ساڳئي
چڪر ۾ وٺجي ويئي. ان کانپوءِ مون سان هڪڙو بيحد اڻ
وڻندڙ واقعو رونما ٿيو.
آرتوار جي ڏينهن سماوار کي گرم ٿيڻ لاءِ رکي، مان ٻين ڪمرن کي
صاف ڪرڻ هليو ويس.مان ٻئي ڪمري ۾ هوس ته هنن جو
ٻار بورچيخاني ۾ هليو ويو ۽ سماوار جي ٽونٽي
ڦيرائي، رڙهي، وڃي ميز جي هيٺان کيڏڻ لڳو. سماوار
۾ ٽانڊا پئي ٻريا ۽ ٽونٽي ڦيرائڻ سان ان جي نلڪيءَ
مان سمورو پاڻي وهي ويو. نتيجو اهو نڪتو، جو
سماوار بيحد گرم ٿي ويو ۽ ان جو ريهه رجڻ لڳو ۽
اُن مان عجيب آواز اچڻ لڳا، جيڪي مون کي ٻئي ڪمري
۾ ٻڌڻ ۾ آيا، مان ڊوڙندو بورچيخاني ۾ ويس ۽ اهو
ڏسي ته سماوار تپي ڪارو ٿي ويو آهي ۽ جوش مان ٺينگ
پيو ڏئي، منهنجا ڍڍر ئي ڍرا ٿي ويا. ان جي ٽونٽيءَ
لٿل نلڪي اهڙيءَ ريت ڪنڌ جهڪايو پيئي هئي، ڄڻ
مصيبتن جا مڻ مٿان پئجي ويا هئا، ڍڪڻ ٻئي پاسي ڏند
ٽيڙيو پيو هو ۽ ان جي پاسن واري رجيل قلعي اکين جي
ڳوڙهن وانگر ڦڙا ڦڙا ٿي هيٺ ڪري رهي هئي. مطلب ته
سڙي ڪارو ٿي ويل سماوار ائين پئي لڳو ڄڻ ڪو ڪوئلي
جي گدام جو مزور ڪم تان لهي ڪٿي ويهي ٿڪ پٽي رهيو
هو. جڏهن ان جي مٿان پاڻي وڌم ته نامراد عاشق
وانگر ٿڌو شوڪارو ڀري، سرد ٿي هڪ پاسي ليٽي پيو.
دروازي جي گهنٽي وڳي، منهنجا مالڪ موٽي آيا هئا. پوڙهيءَ اچڻ
سان ئي پڇيو، ”سماوار ساڙي ته ڪو نه ڇڏيئي!“ مون
يڪ ٽڪ وراڻيس، ”هائو، ساڙي ڇڏيم.“
منهنجي انهيءَ جواب کي، جيڪو مون خوف ۽ هراس مان ڏنو هو، گستاخي
سمجهيو ويو، انهيءَ ڪري اهڙي ڇنڇري لٿيم، جو اڌ
مئو ٿي ويو هوس. پوڙهيءَ ديال جون ڦتيلون کڻي آئي،
جن سان جيتوڻيڪ ڌڪ ڏاڍا نه لڳا، پر انهن جون
ڪيتريون ئي ڇيتون منهنجي کل ۾ گهڙي ويون. صبح
تائين، ٿڌي ٻارڻ تي پڪل مانيءَ وانگر منهنجي پٺي
ڪارائجي ويئي ۽ ٻئي ڏينهن منجهند جو مالڪ کي مون
کي اسپتال وٺي وڃڻو پيو. ڊاڪٽر، جنهن جو قد ڏاڍو
ڊگهو ۽ بت ڏٻرو هو، مون کي تپاسي، کهري آواز ۾ هن
کي چيو، ”هي بي رحميءَ جو ڪيس آهي ۽ ان جي جانچ
ٿيڻ گهرجي.
منهنجي مالڪ جو منهن سرخ ٿي ويو ۽ ڊاڪٽر کي ڪجهه ڪن ۾ چيائين.هن
ٻئي پاسي نهاريندي چيو، ”ناممڪن، ڪنهن به حالت ۾
ائين ڪري نه ٿو سگهجي.“
پوءِ ڊاڪٽر مون کان پڇيو، ”تون فرياد داخل ڪرڻ گهرين ٿو؟“
جيتوڻيڪ منهنجو سنڌ سنڌ سور سان ٻري رهيو هو، تڏهن به مون چيو،
”نه، رڳو جلد مون کي چڱو ڀلو ڪري وٺ.“
مون کي ٻئي ڪمري ۾ کڻي وڃي ميز تي سمهاريائون ۽ ڊاڪٽر سرد لچڪڻي
سان، جنهن جي لڳڻ ڪري ٿڌو ڇهاءُ پئي محسوس ڪيم،
اهي ڇيتون ڪڍي ورتيون.
”تنهنجي چمڙيءَ کي ته ڪاريگريءَ سان بيهي رڱيو اٿائون.“
پوءِ جڏهن هن پنهنجي بي ترس کوٽائي ختم ڪئي، تڏهن چيائين،
”پوريون ٻائيتاليهه ڇيتون نڪتيون آهن. ياد رکڻ
جهڙي ڳالهه آهي. سچ ته هيءُ پنهنجي قسم جو مثال
آهي! سڀاڻي ڪنهن ويل پٽي ٻڌرائڻ اچجانءِ. ڇا، هو
توکي ڏاڍو ماريندا آهن؟“
”اڳي هر هر ماريندا هئا. هاڻي ڪڏهن ڪڏهن.“
انهيءَ تي هن ٽهڪ ڏنو ”سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، ننڍڙا شيطان! سڀ ٺيڪ ٿي
ويندو.“
پوءِ هو مون کي مالڪ وٽ واپس وٺي آيو ۽ هن کي چيائين، ”مان هي
توکي مرمت ڪري واپس ٿو ڪيان پر خيال ڪجانءِ جيئن
سڀاڻي هتي پهچي وڃي. تون نصيب وارو آهين، جوههڙو
خوشدل نوڪر مليو اٿئي!“
گاڏيءَ ۾ منهنجي مالڪ مون کي چيو، ”پيشڪوف، مون کي به اهڙا
موچڙا هڻندا هئا، سمجهين ٿو! موچڙا به ڪهڙا ملندا
هئا، الله جي پناه! توسان ته مان همدردي ڪرڻ وارو
آهيان، پر مون سان اهو به ڪو نه هو. ماڻهو جتي ڪٿي
هڪ ٻئي سان بي رحميءَ سان پيش ٿا اچن، ڪو به ڪنهن
جو ڏک ڀائي ڪونهي. رنون ته جهنگلي ڪٻريون آهن.“
هو اهڙيءَ ريت ڳالهائيندو رهيو. مان هن جي اهڙي نموني پيش اچڻ
ڪري، جهڙيءَ ريت هڪ وڏو ٻئي وڏي سان پيش ايندو
آهي، پنهنجي دل ۾ هن جي شڪر گذاري ۽ هن لاءِ
همدردي محسوس ڪري رهيو هوس.
منهنجي گهر ۾ اهڙي آجيان ڪئي ويئي، ڄڻ ته منهنجي جنم جو ڏينهن
هو. عورتن گهڙيءَ گهڙيءَ منهنجي علاج ۽ ڊاڪٽر جي
گفتگو بابت پئي پڇيو. ڪن ڏيئي پئي ٻڌائون ۽ ٿڌا
ساهه پئي کنيائون، هنن جا منهن جذبات ۾ ڳاڙها ٿي
ويا هئا ۽ مون تي چمين جو وسڪارو لائي ڏنو هئائون.
هنن جي هر بيماريءَ تي اهڙي هر کر ڏسي، مان وائڙو
ٿي ويندو هوس. منهنجي فرياد نه داخل ڪرائڻ کان هو
ڏاڍيون متاثر ٿيون. موقعي جو فائدو وٺي، ڪٽر ماسٽر
جي زال کان ڪتابن وٺڻ جي اجازت گهري مان. هو انڪار
ڪري نه سگهيا، ته به پوڙهيءَ بـُڙڪي چيو، ”ڪيڏو نه
چالاڪ آهي!“
ٻئي ڏينهن ڪٽر جي زال ڏانهن ويس، جنهن مون کي چيو، ”مون ٻڌو آهي
ته تون بيمار ٿي اسپتال داخل ٿيو هئين! ڏس ڪهڙيون
ڳالهيون مشهور ٿا ڪن.!“
مون ڪجهه به نه ڪڇيو، ڇاڪاڻ ته هن کي حقيقت ٻڌائيندي لڄ ٿي ٿيم
”هن کي ڇو اهڙن ظلمن کان واقف ڪجي؟“ مون کي اهو
خيال ڪندي، خوشي ٿيندي هئي ته هوءَ ٻين کان ٻيءَ
طرح هئي.
وري مان ”ڊوماسس پيري“، ”پانسن ڊي ٽيرال“، ”مانٽيپن“، ”زئڪونِ“،
”گوربائو“، ”آئارڊ“ ۽ ”بوئگبرٽ“ جي ٿلهن ڪتابن
پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويس. مان هٻڇ وچان هڪ ٻئي پٺيان
تڪڙا تڪڙا ڪتاب پڙهندو ويس ۽ خوش ٿيندو رهيس ۽
ائين محسوس ڪندو رهيس ته عام رواجي زندگيءَ کان
اوچي زندگي گهارڻ وارن مان آئون به هڪ فرد هوس.
انهيءَ ڪري مون ۾ جوش پيدا ٿيندو هو ۽ منهنجي پست
همت ۾ تازگي اچي ويندي هئي. روشنيءَ لاءِ ساڳي
ترڪيب استعمال ڪرڻي پوندي هيم ۽ رات جو اوستائين
پڙهندو رهندو هوس، جيستائين منهنجون اکيون سور ڪرڻ
لڳنديون هيون، پوڙهيءَ مون کي نرمائيءَ سان
سمجهائيندي چيو، ”ڪتابن جا ڪيڙا، اکين جي ستياناس
ڪري ڇڏيندين ۽ انڌو ٿي ويندين!“
جلد ئي مان انهيءَ نتيجي تي پهتس ته انهن مزيدار ۽ وڻندڙ ڪتابن
۾ جيتوڻيڪ واقعا ۽ منظر جدا جدا آهن، پر انهن سڀني
۾ هڪ ڳالهه ساڳي آهي ته ڪهڙيءَ ريت چڱن ۽ اشراف
ماڻهن تي بڇڙا ۽ بدمعاش ظلم ۽ ڏاڍو ڪندا رهن ٿا
ڇاڪاڻ ته اهي هنن کان وڌيڪ حرفتي ۽ تريناڪ آهن ۽
اهڙيون بدمعاشيون هو چڱيءَ ريت عمل ۾ آڻي سگهيا
ٿي، پر پڇاڙيءَ ۾ اوچتو اهڙو ڦيرو اچي ويندو هو،
جو چڱا ماڻهو بڇڙن تي فتح حاصل ڪري، فتحياب ٿي
ويندا هئا. ”عشق“ جنهن تي سورما ۽ سورميون اڪن ڇڪن
هوندا هئا، مون کي ڪڪ ڪري وجهندو هو. حقيقت ۾ مون
کي اها بي مزي ۽ بيوقوفيءَ جي ڳالهه محسوس ٿيندي
هئي.
ڪتاب پڙهندي، پهرين بابن ۾ ئي اهو ڌُڪو
هڻي ڇڏيندو هوس ته ڪير ڪامياب ٿيندو ۽ ڪير ناڪام
رهندو. جيئن ئي ڪهاڻي وڌڻ لڳندي هئي، مان ان کي
پنهنجي خيال مطابق پورو ڪري ڇڏيندو هئس. جڏهن
ڪتابن پڙهڻ کان پالهو ٿيندو هوس ته به انهن جون
ڪهاڻيون پيون دل ۾ ڦرنديون هيون ۽ انهن جي نتيجن
ڪڍڻ تي اهڙيءَ ريت پيو ويچار ڪندو هوس ڄڻ ته
انگيءَ جا حساب هئا. ڏينهون ڏينهن مان پيشنگوئي
ڪرڻ ۾ ڀڙ ٿيندو ويس ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڪنهن کي جنت جا
مزا ملندا ۽ ڪير دوزخ جي باهه ۾ پوندو. انهيءَ
هوندي به انهن قصن جي ورق ورق کي پڙهڻ مان مون کي
جيئن پوءِ تيئن ٻيءَ زندگيءَ ۽ ٻئي ماحول جي حقيقت
جي جهلڪ ڏسڻ ۾ ايندي هئي. مون کي انهيءَ ڳالهه جو
پتو پوندو ويو ته پئرس ۾ گاڏين وارا، مزور، سپاهي
۽ ٻيو عوام نجني، ڪازان ۽ پرم ۾ رهندڙ پاڻ جهڙي
عوام کان علحيدو هو. اتان جو عوام پاڻ کان مٿي
درجي وارن ماڻهن سان ڳالهائڻ ۾ ڊڄندو نه هو ۽ هنن
جي اڳيان اسان جي عوام کان وڌيڪ آزاديءَ سان ۽
دوبدو بيهي سگهندو هو. مثال طور اتي جي هڪ سپاهيءَ
سان هتان جي دوروف، جهاز واري سپاهيءَ يا ارموخن
وغيره جي ڀيٽ ٿي ئي نه ٿي سگهي. اُهو هنن سڀني کان
هو وڏو انسان هو، اُهو ڪجهه ڪجهه سماوريءَ جهڙو
هوندو، پر ان کان ٿورو گهٽ شوخ ۽ وحشي. هُتي
دڪاندار هئا، پر پنهنجي ملڪ ۾ جن دڪاندارن کي مان
سڃاڻندو هوس، انهن کان اُهي سوين درجا بهتر هئا ۽
ڪتابن ۾ جن پادرين جون ڳالهيون لکيل هيون، اهي به
اسان وارن پادرين کان وڌيڪ چڱا ۽ پنهنجن ماڻهن جي
حياتين ۾ وڌيڪ چاه وٺندڙ هئا. مطلب ته ڪتابن ۾
بيان ڪيل زندگي هتان واريءَ زندگيءَ کان وڌيڪ
اتساهه ڏيندڙ، آرام واري ۽ عمدي هئي. اتي ماڻهو
ايڏا ظالم نه هئا، اُهي انسانن جو اهڙي ريت بي
رحميءَ سان تماشو نه بنائيندا هئا، جهڙيءَ ريت
جهاز تي وياتڪن واري سپاهيءَ جو بنايو ويو هو، نه
ئي اُهي خدا کي پنهنجن دعائن ۽ مناجاتن سان اهڙو
تنگ ڪندا هئا، جهڙيءَ ريت هيءَ منهنجي پوڙهي
مالڪياڻي. سڀني کان وڏي ڳالهه ته اتان جا بدمعاش،
جلاد ۽ مجرم به پنهنجي بيرحميءَ جو مظاهرو ۽
انسانن تي ظلم اهڙيءَ ريت نه ڪندا هئا، جهڙيءَ ريت
پنهنجي ملڪ ۾ عام طرح ڏسندو هوس. ڪتابن ۾ آيل انهن
بدمعاشن جا ظلم ڪنهن سوچ جو نتيجو هوندا هئا ۽ اهو
آسانيءَ سان سمجهي سگهبو هو ته هنن ائين ڇو ڪيو ۽
پر اُهي ظلم جي هتي جنم وٺندا هئا، ٺلها بي مقصد ۽
بي حد وحشيانه هوندا هئا، جن مان ڪنهن کي به ڪجهه
هڙ حاصل نه ٿيندو هو.
مان جيئن ڪتاب پڙهندو ويس، تيئن منهنجي اڳيان روس ۽ ٻين ملڪن جي
زندگيءَ ۽ رهڻي ڪرڻيءَ جو فرق زياده چٽو ٿيندو
ويو، جنهن ڪري منهنجي دل ۾ سخت چڙ ۽ مونجهارو پيدا
ٿي پيو ۽ اهو شڪ پيدا ٿيڻ لڳو ته ڪتابن جا ورق ڪٿي
ڪوڙ سان ڀريل نه هجن.
هڪڙي ڀيري ايڊمنڊ گانڪورت جو ناول ”ريمگانو ڀائر“ پڙهڻ لاءِ ملي
ويم.مون هڪ ساهيءَ ڪتاب پڙهي پورو ڪيو ۽ انهيءَ
ڪتاب اهڙو عجب ۾ وجهي ڇڏيو، جو اها سادي ۽ ڏک ڀري
ڪهاڻي وري ٻيهر پڙهيم. ان جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪي به ور
وڪڙ نه هئا نه ئي ٻي ڪا ان ۾ اهڙي خوبي هئي. ان جا
اڳيان صفحا ته ”درويشن جون حياتيون“ ڪتاب وانگر
خشڪ هئا. پهريائين عبارت جي سادگيءَ مون کي مزو ئي
نه ڏنو پر جلد ئي ان جي سادن لفظن ۽ چيدن محاورن
مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. انهن بازيگر ڀائرن جو موت
اهڙي ته ڏک ڀرئي نموني بيان ڪيو ويو هو، جو پڙهڻ
ويل منهنجا هٿ پئي ڏڪيا، ڳوڙها وهائيندي، انهيءَ
بدنصيب فنڪار جي انت جو ذڪر پڙهڻ لڳس ته ڪيئن
پنهنجن ڀڳل ڄنگهن سان ريڙهيون پائيندو ڪوٺيءَ ۾
اچي پهتو هو. جتي هن جي ڀاءُ لڪي، بازيءَ جي نون
ڪرتبن جي مشق ڪري رهيو هو.
جڏهن اهو شاندار ڪتاب ڪٽر جي زال وٽ کڻي آيس، تڏهن گذارش ڪيم ته
”ٻيو به ڪو اهڙو ڪتاب مون کي ڏي!“ ”اهڙي ڪتاب مان
تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“ هن کلندي چيو. هن جي کلڻ ڪري
اهڙو هڪو ٻڪو ٿي ويس، جو پنهنجي خواهش بيان ئي نه
ڪري سگهيس پوءِ هن چيو، ”اهو خشڪ قصو هو، ترس، مان
توکي اهڙو ڪتاب ٿي ڏيان، جو ان کان وڌيڪ دلچسپ
هوندو.“
ٻن ڏينهن کانپوءِ هن مون کي گرين ووڊ جو ”ننڍڙي نوڪر جي سچي
ڪهاڻي“ نالي ڪتاب ڏنو. ڪتاب جي نالي اول ته مون کي
شڪ ۾ وجهي ڇڏيو پر ان جي پهرين صفحن جي پڙهڻ سان
ئي منهنجن چپن تي مرڪ اچي ويئي ۽ پڇاڙيءَ تائين
ائين ئي مرڪندو ۽ ان کي پڙهندو رهيس ۽ ڪن صفحن کي
ته ور ور ڪري پئي پڙهيم- سو ٻيا به اهڙا ملڪ هئا،
جتي ٻارڙا ڏکن ۽ تڪليفن واريون حياتيون گهارين ٿا،
چئبو منهنجي قسمت اهڙي بري ڪانهي ۽ پاڻ تي هيتري
ڏک ڪرڻ جو ڪو ضرور ڪونهيم. گرين ووڊ منهنجي دل ۾
همت جو جذبو پيدا ڪريو، ان کي جيئاري ڇڏيو.
ٿورو ئي پوءِ مون کي بازڪ جو شاهڪار ”ابو جين گرانڊٽ“ (ڏاڏو
ابو جين) پڙهڻ لاءِ مليم. پوڙهي گرانڊيٽ جي احوال
پڙهڻ سان دل ۾ نانو ياد اچڻ لڳم. مون کي ڪتاب جي
ننڍائيءَ تي جڪ وٺي ويا ۽ عجب ۾ پئجي ويس ته ان ۾
ڪيڏي وڏي حقيقت سمايل هئي. ڏک، جن سان مان ڪافي
هريل هوس ۽ جي زندگيءَ کي بيزار بنائي ڇڏيندا هئا،
اهي هن ڪتاب ۾ نئين ڍنگ سان پيش ڪيا ويا هئا، جنهن
۾ بي صبريءَ ۽ ڪروڌ جو جذبو نه هو. گرين ووڊ ۽
گانڪورت کان اول مون جيڪي به ڪتاب پڙهيا هئا، انهن
۾ ماڻهن تي اهڙيءَ بي ترسيءَ ۽ رکائيءَ سان
فتوائون پاس ڪيون وينديون هيون، جهڙيءَ ريت منهنجا
مالڪ ڪندا هئا، جنهن ڪري مون کي انهن جي خود
بدمعاشن سان همدردي ۽ انهن جي سورمن تي ڪاوڙ اچي
ويندي هئي. مون کي اهو ڏسي افسوس ٿيندو هو ته
بدمعاشن جوعقل ۽ محنت ٻيئي خود انهن لاءِ به بيڪار
ويندا هئا ۽ اهي هر وقت خالي ۽ نراس رهندا هئا ڇو
ته سورما پٿر جي بتن وانگر شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ
تائين اُنهن جي اڳيان ڇپون بنيا بيٺا هوندا هئا ۽
انهن کي پاڻ سڃاڻڻ جو ڪو وجهه ئي ڪو نه ڏيندا هئا.
برائيءَ کي ته پڪ ئي پڪ انهن پٿر جي ڇپن سان ٽڪرجي
پاش پاش ٿي وڃڻو ئي هو، پر پٿر وري به پٿر ٿئي ٿو.
ان سان ماڻهوءَ جي دل گهائجي سگهي ٿي، پر رجي ميڻ
ڪڏهن به نٿي ٿي سگهي. آڏو پٿر جي ته ڪيتري به سهڻي
۽ مضبوط هجي، انهيءَ هوندي به ماڻهو، جو ان جي
پريان بيٺل وڻ مان صوف پٽڻ ٿو گهري، ان ديوار ۽ ان
جي پيرن ڦٽيندڙ ۽ بت کي رهڙيندڙ پٿرن جو ڪو به
خيال نه ڪندو. واقعي اُنهن خشڪ ۽ هڪ طرفن ڪتابن ۾
مون کي ائين ڏسڻ ۾ ايندو هو ته اها شيءِ يعني،
انساني همدردي، جنهن جي گهڻي گهرج هئي ۽ جيڪا بيحد
ضروري هئي، ان کي انهن ڪتابن جي سورمن جي شوخ ۽
ارهيءَ چڱ مڙسيءَ، هيٺان چيڀاٽي، بيجان ۽ بيحس
بنائي ڇڏيو هو.
گانڪورت ۽ بالزڪ جا ڪردار شيطانن جا ڪردار نه پر جيئرن جاڳندن
ماڻهن جا ڪردار هئا. انهن جي رهڻيءَ ۽ چوڻيءَ تي
ڪنهن کي به اعتراض ٿي نه پئي سگهيو، هنن جي فطرت
جي تقاضا ئي اها هئي ته هو ائين چون ۽ ائين ڪن.
اُنهيءَ کانپوءِ ئي مون کي پتو پيو ته چڱو ڪتاب
ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ۽ چڱي ڪتاب پڙهڻ ۾ ڪهڙو مزو آهي
پر اُهو ڪيئن ڳولي لهجي؟ ڪٽر ماسٽر جي زال اُنهيءَ
ڪم لاءِ ايتري ڪارگر نه هئي.
”اجهي هي چڱا ڪتاب،“ هن مون کي آرسين هسئير جو ”گلن، سون ۽ رت
ڀريل مٺ“ نالي ڪتاب ڏيندي چيو. ان سان گڏ هن مون
کي هينري بيئل، پال ڊي ڪاڪ ۽ پاڪ فيول به پڙهڻ
لاءِ ڏنا. اهي ڪتاب هاڻي مون لاءِ بي لطف هئا. هن
کي ته ماريئت ۽ ورنيئر جا ڪتاب به وڻندا هئا، جيڪي
مون کي بيزار ڪري وجهندا هئا. مون کي شپل هاجين به
ڪو نه وڻندو هو، پر آرباڪ جون ڪهاڻيون ڪجهه
وڻنديون هيم. مون کي هيوگو ۽ يوجين سُو کان به
وڌيڪ والٽر اسڪاٽ مزو ڏيندو هو.
منهنجو انهيءَ چيني گڏيءَ لاءِ هاڻي چاه گهٽبو ويو. مان جڏهن به
هن وٽ ويندو هوس ته هوءَ سٺا اوچا ڪپڙا پايو، وارن
کي عطر عنبير هنيو، پاڻ کي ٺاهوڪي بنايو، ويٺي
هوندي هئي. مان پاڻ به ڪجهه هٿ منهن ڌوئي، ڌوتل
ڪپڙا پائي، ڦڻي ڏيئي، ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ ٿي، ڏانهس
ويندو هوس، ته جيئن هوءَ مون سان وڌيڪ کلي ۽
دوستاني نموني ڳالهائي، پر هن جي چهري تي اها ئي
ڦڪي مرڪ اچي ويندي هئي. ۽ اُهو ئي ساڳيو سوال منهن
۾ ڦهڪائي ڇڏيندي هئي. ”ڪتاب پڙهئيه؟ پسند آئيه؟“
”ايترو نه.“
پوءِ پنهنجا ڀرون گهنجائيندي، مون ڏي گهوري نهاريندي هئي، ۽
ٿورو ساه روڪي، نڪ مان ڳالهائيندي، پڇندي هئي،
”ڇو؟“
”اهي ڳالهيون اول ئي پڙهي چڪو آهيان.“
”ڪهڙيون ڳالهيون.“
”عشق جون.“
هن کان مٺڙو ٽهڪ نڪري ويندو هو ۽ هن جي اکين ۾ چمڪ اچي ويندي
هئي.
”پر بابا سڀني ڪتابن ۾ عشق جو ئي ته ذڪر هوندو آهي!“
هڪ ڀيري هوءَ پنهنجي ڪشاديءَ آرام ڪرسيءَ تي ويٺي هئي، هن جا
ننڍڙا پير، جن تي مخملي جوتو پيل هو، هيٺ مٿي لڏي
رهيا هئا ۽ هن جي بت تي بلو لوئي ويڙهيل هئي. جيئن
هوءَ اوٻاسي ڏيئي، پنهنجي گوڏن تي رکيل ڪتاب کي
پنهنجي گلابي آڱرين جي چوٽين سان ٺڪ ٺڪ ڪرڻ لڳي،
دل ۾ آيم ته هن کي چوان، ”بهتر آهي هتان هلي وڃ!
آفيسر تو ڏانهن خط لکندا ٿا رهن ۽ تنهنجي مذاق
اڏائيندا ٿا رهن.“
پر مون کي همت نه ٿي ۽ موٽڻ وقت وٽانئس هٿ ۾ ڪتاب ۽ دل ۾
اداسائي کڻي آيس.
محلي ۾ هن مورتيءَ لاءِ جيئن پوءِ تيئن ذليل، بُغضي ۽ ساڙ ڀريون
ڳالهيون مشهور ٿيڻ لڳيون. مون کي اهڙين بڇڙين
ڳالهين تي مٺيان لڳندي هئي، ڇا ڪاڻ ته مون کي اها
پڪ هئي ته اهي سموريون من گهڙت هيون. هن کان پري
هوندو هوس ته دل ۾ هن جي لاءِ بيحد همدردي پيدا ٿي
ويندي هيم، پر هن جي سامهون ويندو هوس ته هن جي
ننڍڙي اکين، لچڪدار جسم ۽ مرڪندڙ منهن کي ڏسي، اها
سرد ٿي ويندي هئي.
اوچتو. بهار جي مند ۾، هوءَ هلي ويئي ۽ ٿورن ڏينهن کان پوءِ هن
جو مڙس به هليو ويو.
ٻئي مسواڙيءَ جي اچڻ کان اول مان انهن خالي ڪمرن ۾ ويس. سکڻيون
ڀتيون مڙيل ڪوڪن ۽ نڪتل ڪوڪن جي نشانن سان بد
زيبيون ٿيون پيون هيون. ڌڌڙ ڀريل فرش جي مٿان هڪڙو
رنگين ڪپڙي جو ٽڪر، ڪجهه مروٽيل ڪاغذ، دوائن جون
ڀڳل بوتلون ۽ عطر جون خالي شيشيون ٽڙيون پکڙيون
پيون هيون. انهن جي وچ ۾ هڪڙي وڏي پتل جي هيئر پن
چمڪي رهي هئي.
اوچتو ئي منهنجي دل ڏک ۾ ڀرجي ويئي ۽ روح ڇڪ کاڌي ”شل هڪ ڀيرو
ڪٽر ماسٽر جي زال وري ڪٿي مليم ته سندس شڪريو بجا
آڻيان ۽ کيس ٻڌايان ته هن مون تي ڪيترا نه ٿورا
ڪيا هئا!“ |