سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (تربيت)

باب-10

 

صفحو : 10

باب ڏهون

ڪٽر جي زال جي وڃڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ، اسان جي جاءِ جي هيٺئين حصي ۾ ڪارين اکين سان هڪڙي جوان عورت، پنهنجي ڌيءُ ۽ ٻڍيءَ ماءُ سان اچي رهي. هن جي ماءُ لڳاتار تماڪ ڇڪڻ واري عورت هئي ۽ هن وٽ ڇڪڻ لاءِ عنبر جو پائيپ هو. جوان عورت سهڻي ۽ مغرور هئي ۽ هن جو آواز سريلو ۽ مٺڙو هو. هوءَ پنهنجو ڳاٽ هميشه مٿي رکندي هئي ۽ هن جون اکيون هيڏي هوڏي ڪين واجهائينديون هيون. ڄڻ ته هوءَ پري کان ئي سڀ ڪجهه ڏسي وٺندي هئي. گهڻو ڪري هر روز هن جو ڪڻڪ رنگو سپاهي نوڪر- توبيف هن جي در تي سهڻن ڄنگهن وارو مشڪي گهوڙو ڪاهي ايندو هو ۽ هوءَ ڳوڙهي فولادي رنگ جو چوغو، جو زمين سان گسندو رهندوهو، پهري، ٻاهر  نڪرندي هئي. هن جي پيرن ۾ سواريءَ جا ڊگها جوتا ۽ هٿن تي سفيد دستانا پيل هوندا هئا. هن جي هڪڙي هٿ ۾ چوغي جو پلؤ ۽ سواريءَ  جو چهبڪ هوندو هو. چهبڪ جي هَٿئي تي سفيد موتي جڙيل هئا. ٻئي هٿ سان گهوڙ ي جي ٻوٿ تي ٿڦڪيون هڻندي هئي. گهوڙو پنهنجون بيحد وڏيون اکيون هن ۾ کپائي ڇڏيندو هو ۽ ڄاڻي واڻي گپ واري رستي کي پنهنجن سنبن سان کوٽڻ لڳندو هو.

”رابرٽ، رابرٽ“ هوءَ فرينچ لهجي ۾چوڻ لڳندي هئي ۽ هن جي سهڻي ڪمان جهڙي ڳچيءَ کي پنهنجي هٿن سان ٿڦڪيون هڻندي هئي. پوءِ توبيف جي گوڏن تي ڏاڪي وانگر لت رکي، ڦڙتائيءَ سان لانگ ورائي، گهوڙي تي ويهي رهندي هئي ۽ گهوڙو فخر سان قدم کڻندو، ڦاٽڪ کان ٻاهر هليو ويندو هو. هوءَ گهوڙي تي اهڙيءَ ريت مزي سان ويهندي هئي، ڄڻ ته اتي کپي ويندي هئي. هن جي خوبصورتي پنهنجي قسم جي هئي- اهڙي خوبصورتي، جيڪا هميشه تازي رهي ٿي، جنهن ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ٿي ڇڏيو ۽ جنهن دلين کي خوشيءَ ۾ مست بنائي ٿي ڇڏيو. هن کي ڏسڻ سان مون کي خيال ايندو هو ته ناولن واريون سهڻيون سورميون، پوئٽيئرس ڊي ڊائنا، ملڪه مارگاٽ ۽ لاوليئر به اهڙيون سهڻيون هونديون.

مقامي فوج جا آفيسر هميشه هن وٽ اچي حاضر ٿيندا هئا، شام جو اهي آفيسر وٽس پيانو، وايولن يا گٽار وڄائيندا هئا ۽ راڳ رنگ جي محفل کي گرم ڪندا هئا. هن جي ملڻ وارن ۾ ٿلهو، سفيد وارن ۽ سرخ چهري وارو ميجر اوليسوف گهڻو وٽس ايندو هو. هو پنهنجن ننڍڙين ٽنگن تي ٽپ ٽپ ڪندو هن جي چؤ گرد ڦرندو رهندو هو. هو گٽار ڏاڍي سٺي وڄائيندو هو ۽ هن جي هلت اهڙي ته پر خلوص هوندي هئي، ڄڻ ته جيڪڏهن ڪو دردن ماريل عاشق صادق هو ته هـُو هو.

هن پري چهري جي پنجن سالن جي گهنڊيدار وارن واري ڌيءُ به ماءُ کان گهٽ سهڻي نه هئي. هن جي وڏين وڏين ڪارسرين بلو اکين ۾ بردباري پيئي جرڪندي هئي ۽ هن جي چهري مان غور ۽ فڪر پيا بکندا هئا. اُهي اهڙيون ڳالهيون هيون، جنهنڪري هوءَ ڄڻ ٻار ئي نه لڳندي هئي. ڇوڪريءَ جي ڏاڏي سڄو ڏينهن ڪم ۾ رڌل هوندي هئي. توبيف هن جي ڪم ۾ مدد ڪندو رهندو هو. هو ٻوٿ ٻڌل ۽ اداس گهاريندو هو. هن وٽ هڪڙي نوڪرياڻي به هئي، جا بت ۾ ڀِڪَ ۽ اکين کان ٽيڏي هئي. گهر ۾ ڪا دائي ڪانه هين، تنهن ڪري ڇوڪريءَ کي وڏن مان ڪنهن جي به سنڀال نصيب نه ٿيندي هئي، هوءَ سڄو ڏينهن در جي ڏاڪڻ تي يا ويجهو پيل تختن جي تهيءَ تي کيڏندي وتندي هئي. هوءَ مون کي وڻڻ لڳي. تنهن ڪري شام جي وقت هن سان وڃي کيڏندو هوس. ٿورن ڏينهن کانپوءِ هوءَ مون سان اهڙي هري ويئي، جو ڪهاڻي ٻڌندي هن کي منهنجن گوڏن تي ننڊ وٺي ويندي هئي. پوءِ مان کيس کڻي وڃي هنڌ ۾ سمهاري ايندو هوس. آخر ائين ٿيو، جو مون کي ”شب به خير“ چوڻ کانسواءِ سمهڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيندي هئي. پنهنجو ننڍڙو هٿ پُروقار نموني وڌائي چوندي هئي، ”چڱو، خدا حافظ! سڀاڻي ملنداسين. ڏاڏي، وڌيڪ ڇا چوان؟“

”الله تنهنجو نگهبان آهي.“ ڏاڏِنهس وات ۽ هڏائين نڪ مان دونهين جا بادل ڪڍندي چيو.

”سڀاڻي تائين الله تنهنجو نگهبان آهي! هاڻ مان سمهڻ ٿي وڃان.“ هن چيو ۽ پٽ جي رضائي مٿان وجهي ڇڏيائين.

”سڀاڻي تائين نه، پر هميشه،“ ڏاڏنهس درست ڪندي چيس.

”پر سڀاڻي معنيٰ هميشه ناهي ڇا؟“

هن کي ”سڀاڻي“ سان عشق هو ۽ هر وڻندڙ شيءِ سڀاڻي لاءِ رکي ڇڏيندي هئي. هوءَ پٽيل گلن جي ڏانڊين ۽ هوا تي ڪريل ٽارين کي زمين ۾ ٽونبي چوندي هئي، ”سڀاڻي هي باغ ٿي وينديون.“ ”سڀاڻي، مان گهوڙو خريد ڪنديس ۽ انهيءَ جي پٺيءَ تي امڙ وانگر سواري ڪنديس.“

جيتوڻيڪ هوءَ هوشيار هئي، پر چست نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن وڻندڙ راند جي وچ ۾ ڪو خيال اچي ويندو هوس ۽ ماٺ ڪري ويهي رهندي هئي، يا راند بند ڪري، عجيب سوال پڇي، وائڙو ڪري ڇڏيندي هئي ”پادرين جا وار عورتن وانگر وڏا ڇو هوندا آهن؟“

جيڪڏهن هن جي هٿ ۾ ڪنڊو لڳي ويندو هو ته ان کي آڱر جو اشارو ڪري چوندي هئي، ”نڀاڳا، ترس! مان الله سائينءَ کي سوال ڪري توکي ڏاڍي سزا ڏيارينديس. ڌڻي ڪنهن کي به سخت سزا ڏيئي سگهي ٿو. اهو امڙ کي به سزا ڏيئي سگهي ٿو.“

ڪڏهن ڪڏهن هوءَ وڻندڙ نوني ڳنڀير ٿي ويندي هئي ۽ منهنجي ويجهو سرڪي، پنهنجن خيالن ۾ ٻڏل نيرين اکين سان آسمان ڏانهن نهاري، چوندي هئي، ”ڪڏهن ڪڏهن ڏاڏي ڇڙٻون ڏيندي اٿم، پر امڙ ڪڏهن نه، ڇاڪاڻ ته امڙ رڳو پئي ٽهڪ ڏيندي آهي. هر ڪو هن سان پيار ڪندو آهي ۽ ڇاڪاڻ ته هوءَ ڏاڍي ڪم ۾ هوندي آهي. هوءَ ايڏي ته سهڻي آهي، جو ماڻهو هن کي ڏسڻ ايندا آهن. اوليسوف چوي ٿو ته امڙ ڏاڍي سهڻي آهي.“

مون کي هن جي ٻاراڻي ٻولي ڏاڍي وڻندي هئي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ ۾ اهڙيءَ دنيا جو پڙاڏو هو، جنهن بابت مون کي ڪابه خبر ڪانه هئي. هوءَ پنهنجي ماءُ بابت گهڻيون ڳالهيون ڪندي هئي. ائين مان هڪ نئين قسم جي زندگيءَ کان واقف ٿيندو ويندو هوس. انهيءَ ڪري مون کي ڪتابن جي قصي واري ملڪه مارگاٽ ياد اچي ويندي هئي ۽ منهنجو ڪتابن ۾ اعتقاد ۽ زندگيءَ سان دلچسپي وڌي ويندي هئي.

هڪڙي ڏينهن پنهنجي گهر جي ڏاڪڻ تي ويهي جيئن پنهنجي گهر وارن جو اوسيئڙو ڪڍي رهيو هوس، ته منهنجن گوڏن تي ڇوڪريءَ جي اک لڳي ويئي. ايتري ۾ هن جي ماءُ گهوڙو ڊوڙائي اچي پهتي. گهوڙي تان هوريان لهي، ٿورو ڪنڌ لوڏي پڇيائين:

”ڇا، ننڊ وٺي وئي اٿس؟“

”هائو“

”ڏاڍو چڱو.“

 توبيف ڊوڙي آيو ۽ گهوڙو ڪاهي ويو. سواريءَ جي چهبڪ کي پٽي ۾ وجهندي، چيائين.

”ڏي ته کڻانس!“ ۽ ٻانهون ڊگهيريائين.

”ڇڏيو ته مان ٿو کڻي هلانس.“

”اڙي، هيڏانهن!“ هن اهڙيءَ ريت واڪو ڪيو، ڄڻ گهوڙي سان ڳالهائيندي هجي. انهيءَ تي ڇوڪريءَ جي اک کلي پيئي ۽ پنهنجي ڦر ڦر ڪندڙ پنبڻين مان ماءُ کي ڏسي، هٿ کڻي هن ڏانهن وڌايائين.

جيتوڻيڪ اهڙن واقعن ۽ رڙين تي هريل هوس، پر هن عورت کي کهري ڳالهائڻ ڏکوئي وڌم. ڇو ته هن کي اُن جي ضرورت ئي ڪا نه هئي. هن جي رڳو زبان کولڻ تي هر ڪو هن جي حڪم جي پيروي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو.

ٿوري جهٽ کانپوءِ هن جي ٽيڏي نوڪرياڻي مون وٽ آئي، ننڍڙي ڪڪي ضد ڪيو بيٺي هئي ته مون کي خدا حافظ چوڻ کانسواءِ هوءَ نه سمهندي. جڏهن هن جي ماءُ وٽ ٿوريءَ  آڪڙ سان اچي پهتس، ته هن جي ماءُ ڇوڪريءَ کي گوڏن تي ويهاري، هن جا ڪپڙا مٽائي رهي هئي.

”اجهو تنهنجو ديوُ آيو آهي.“ هن چيو.

”منهنجو ساٿي آهي، ديوُ ناهي.“

”سچ پچ؟ ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي، تون چاهيندي هوندينءَ ته پنهنجي دوست کي ڪجهه ڏين! ڪيئن ٺيڪ آهي نه؟“

”هائو، هائو.“

”ڏاڍي چڱي ڳالهه آهي، مان ان جو بندوبست ڪيان ٿي، ۽ هاڻي تون سمهي پؤ.“

”سڀاڻي تائين خدا حافظ.“ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ مون کي پنهنجو هٿ ڏيندي چيو، ”سڀاڻي تائين تنهنجو الله نگهبان آهي.“

ماڻس عجب مان پڇيس، ”اهو ڪنهن سيکاريو اٿئي! ڏاڏنهن؟“

”هائو.“

جڏهن ڇوڪري وڃي هنڌ ۾ سمهي، ته هن عورت مون کي پاڻ ڏانهن سڏ ڪيو. ”توکي ڇا ڏيڻ گهرجي.“

مون هن کي ٻڌايو ته مون کي ڪنهن به شيءِ جي ضرورت ڪانهي. باقي جي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ملندا، ته عنايت ٿيندي.

هن مٺڙي نموني مرڪندي، پنهنجن عطر لڳل گرم آڱرين سان منهنجي کاڏيءَ کي مٿي ڪندي چيو، ”چئبو توکي ڪتاب پسند آهن؟ ڇا پڙهيو اٿئي؟“

مرڪ هن جي حسن کي وڌيڪ سهڻو ڪري ڇڏيو ۽ مان هڪو ٻڪو ٿي، ڪيترن ڪتابن جا نالا کڻي ويس.

”توکي انهن ۾ ڇا وڻندو آهي؟“ هن ميز تي آڱرين کي هوريان هوريان ٺڪ ٺڪ ڪندي پڇيو.

هن جي جسم مان گهوڙي جي پگهر ۾ ٻڏل گلن جهڙي خوشبو اچي رهي هئي. هوءَ  پنهنجن وڏين وڏين پنبڻين مان مون کي خيال سان نهاري رهي هئي ۽ اڄ ڏينهن تائين مون کي ڪنهن به ائين ڪين ڏٺو هو.

ڪمري جي ڪنڊ ڪنڊ قيمتي فرنيچر وغيره سان پکيءَ جي آکيري وانگر سينگاري پيئي هئي. درين تي ڳورا ساوا پردا پئي لڙڪيا. آتشدان تي لڳل سنگ مرمر جي پٿرن مان، هلڪي روشنيءَ ڪري زرد، ۽ ويجهو پيل پياني مان ڪارو اولڙو پئي نڪتو. ديوارين تي سونهري فريمن ۾ ٿلهن روسي اکرن ۾ لکيل ۽ مهرون لڳل سَنَدون ۽ طغريٰ لڙڪي رهيا هئا. اهي سڀ شيون جيڪي هن جي چوگرد پيون هيون، مون وانگر هن جي حضور ۾ نوڙت ۽ نياز سان نهاري رهيون هيون.

پنهنجي وس آهر هن کي سمجهايم ته ڪهڙيءَ ريت ڪتابن منهنجي سخت زندگيءَ ۽ اونداهن ڏينهن مان پار پوڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي هئي.

”چئبو، اها ڳالهه آهي.“ اٿندي هن چيو. ”خراب خيال ناهي، اها ته پاڻ چڱي ڳالهه آهي. ڇا ڪيان؟ هاڻي ته گهر ۾ ڪو به ڪتاب ڪونهي. پر مان تنهنجي لاءِ بازار مان ڪتاب خريد ڪري اينديس. ٿورو ترس، هي کڻي وڃ.“

هن ڪوچ تان هڪڙو ڦڪي پوش وارو ڦاٽل ڪتاب کڻي ڏنو- ”جڏهن هي پورو ڪندين، ته توکي ٻيو ڀاڱو ڏينديس. هي ڪتاب چئن جلدن ۾ آهي.“

اهو ڪتاب پرنس ميشڪر سڪيءَ جو ”پيٽرس برگ جا اسرار“ هو. مان انهيءَ کي ڏاڍي چاه سان پڙهڻ شروع ڪيو. اڃا ٿورا صفحا ئي پڙهيا هئم، ته مون کي اها ڳالهه محسوس ٿي ته هن ڪتاب ۾ ”لندن جا اسرار“، ”پئرس جا اسرار“ يا ”مئڊرڊ جا اسرار“ ڪتابن جيترو مزو نه هو. جيڪا ڳالهه مون کي ان ۾ سڀ کان وڌيڪ وڻي، اها ”آزاديءَ ۽ ڏنڊي“ جو قصو هو.

- آزاديءَ چيو، ”مان تنهنجي مالڪياڻي آهيان، مون کي عقل ۽ سمجهه آهي.“

- ڏنڊي وراڻيو، ”نه، مان تنهنجو مالڪ آهيان، مون کي طاقت آهي.“

جهيڙو لڙائيءَ تائين وڃي پهتو ۽ ڏنڊي آزاديءَ کي خوب مزو چکايو. جيتري قدر مون کي ياد آهي ته آزاديءَ کي پوءِ اسپتال ۾ کڻي ويا، جتي هوءَ زخمن وگهي مري ويئي.

اُنهيءَ ڪتاب ۾ انقلابي دهشت پسندن ڏانهن اشارا هئا. پرنس ميشڪر سڪيءَ جي خيال موجب انهن ۾ ايترو ته زهر ڀريل آهي، جو هو ڪنهن چوزي ڏانهن اک کڻي ڏسندا ته چوزو اتي مري ويندو. مون ڏٺو ته ان ۾ دهشت پسندن تي سخت نموني حملا ڪيا ويا هئا، جنهن ڪري ڏاڍي مٺيان پئي لڳم. وڌيڪ ڪجهه ڄاتم نه پئي، تنهن ڪري جڪ کائي، ماٺ ڪري ڇڏيم. مون کي ائين ٿي لڳو ته مون کي سٺن ڪتابن جو پتو ئي نه ٿي پيو. مون کي يقين ئي نٿي آيو ته ههڙي پروقار ۽ خوبصورت عورت به ڪي ردي ڪتاب پڙهندي هوندي.

جڏهن مان ڪتاب موٽائڻ ويس ته هن پڇيو، ”ڪتاب پسند آيئي.“

انهيءَ ڪري ته متان هن کي رنج ٿئي، اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو پئي لڳو ته ”نه.“ هوءَ صرف کلي ۽ پنهنجي پلنگ جي مٿان ڏنل پڙدا پري ڪري، هڪڙو ننڍڙو ڪارو ڪتاب کڻي ورتائين.

”توکي هن ڪتاب مان مزو ايندو.“ هن چيو، ”پر ان کي خراب نه ڪجانءِ.“

اهو پُشڪن جي نظمن جو مجموعو هو. مان انهن کي هڪ ئي نشست ۾ پڙهي ويس. مون انهن کي اهڙو تڪڙو پڙهيو ڄڻ ته اڃ وچان پاڻي پي رهيو هوس. ان جي پڙهڻ وقت منهنجي حالت اهڙي هئي، ڄڻ مان ڪنهن ڪرشمي جو نظارو ڪري رهيو هوس ۽ هڪ ئي وقت ان جي هر ڪنڊ ۽ ڪڙڇ کي ڏسڻ جي ڪوشش پئي ڪيم. انهيءَ ڪتاب جو مطالعو اهڙو ئي هو جيئن ڪو ماڻهو سينور ڍڪيل گپ چڪ وارو پيچرو لتاڙي، اهڙي چراگاه ۾ اچي پهچي، جتي چؤطرف رنگين گلن ۽ صبح جي سونهري ڪرڻن کانسواءِ ڪجهه به نه هجي، ۽ جهٽ پل حيرت ۾ رهڻ کانپوءِ سرهائيءَ ۾ ڀرجي، هر طرف ڊوڙڻ لڳي ۽ جڏهن هن جو پير گلن واريءَ زمين تي پوي ته هن جي رڳ رڳ ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي.

پُشڪن جي شاعريءَ جي رنگينيءَ ۽ موسيقيءَ مون کي ڪيتري وقت تائين اهڙو ته ڪيف ڏيئي ڇڏيو، جو ان جي اڳيان جو نثر ٿي پڙهيم، سو ڦڪو پئي لڳم ۽ ان جي وڌيڪ پڙهڻ تي دل ئي نه پئي ٿيم. ”رسلان ۽ لـُُڊملا“ جي مهاڳ جي شعرن پڙهڻ سان نانيءَ واريون ڪهاڻيون پئي ياد آيم، ڄڻ اهي سڀ انهيءَ هڪ ئي نظم ۾ سمايل هيون ۽ ڪن سٽن جي سَچَ ۽ سٽاءَ مون کي وائڙو ڪري پئي ڇڏيو.

اتي اَڄاتن رستن تي ڏسجن ٿا. اڄاتن جانورن جي پيرن جا نشان....

اُنهن حيرت ۾ وجهندڙ ٻن سٽن پڙهڻ کانپوءِ مون کي اهي رستا ۽ راهون، جن کي مان ئي ڏسڻ سکيو هوس ۽ جي ٻين کان مخفي هيون، ياد اچي ويون. مون کي لتاڙيل ڇٻر جي مٿان، پيرن جا هلڪا نشان ڏسڻ ۾ آيا، جن جي مٿان شبنم جا قطرا اڃا به پاري وانگر چمڪي رهيا هئا.

اهي شعر مون کي آسانيءَ سان ياد ٿي ويا. انهن شعرن ۾ جن خيالن جو اظهار هو، اهي ڏاڍا سهڻا ۽ نازڪ خيال هئا ۽ جن لفظن ۾ اهي بيان ڪيا ويا هئا، سي به ريشم جهڙا ڪنئرا ۽ گلن جي پنکڙين جهڙا نازڪ هئا. انهن مون کي خوشيءَ ۽ آرام جو احساس ڏنو. انهن نظمن منهنجي حياتيءَ جي قافلي کي جرس جو ڪم ڏنو. علم ۽ حسن سان واقفيت ۾ ڪيڏي نه خوشي آهي!

پُشڪن جي عجيب ڪهاڻين جو مون تي گهرو اثر ٿيو ۽ مون ان وقت تائين جيڪي ڪجهه پڙهيو هو، انهيءَ کان وڌيڪ هي ڪهاڻيون سمجهي ٿي سگهيس. ڪيئي ڀيرا ور ور ڪري پڙهڻ سان اهي سهڻا شيرين نظم بر زبان ياد ٿي پئي ويا. جڏهن هنڌ ۾ وڃي سمهندو هوس تڏهن انهن کي چپن ۾ چوندو رهندو رهندو هوس، تان جو ننڊ کڻي ويندي هيم. مان اهي ڪهاڻيون آفيسرن جي اردلين کي ٻڌائيندو هوس، جي خيال سان ٻڌندا، کلندا ۽ مون کي چيڙائيندا هئا. پر سدوروف منهنجي مٿي تي هٿ گهمائي چوندو هو، ”ڏاڍيون سٺيون آهن. آهن نه ؟وا ه وا!“

منهنجي مالڪن کي به جنهن جوش ۽ جذبي ۾ مان هوس انهيءَ جو پتو پئجي ويو، هڪڙي ڏينهن پوڙهيءَ ڇيڀيندي چيم، ”تو ڏينهن رات کڻي پڙهڻ کي ورتو آهي. سماوار کي صاف ڪئي چار ڏينهن گذري ويا آهن، باندر، آئون توکي ويلڻ سان ڪٽينديس.“

ويلڻ جي ڪنهن کي پرواه هئي؟ مون کي ته پنهنجي بچاءُ جو شعر ياد هو.

... هوءَ پوڙهي ڏائڻ،

هن جي اونداهي روح ۾ شيطان وسي ٿو...

منهنجي نظرن ۾ ان جوان عورت جي عزت تمام ڏاڍي وڌي ويئي. اهڙا سٺا ڪتاب جو هوءَ پڙهندي هئي! هوءَ ڪٽر ماسٽر جي چينيءَ گڏيءَ جهڙيءَ زال کان مختلف هئي.

جڏهن مان ڏاڍي مايوسيءَ سان ڪتاب موٽائڻ ويس ته هن گهرائپ واري نموني پڇيو، ”ڪيئن، ڪتاب پسند آيو؟ پهريائين ڪڏهن پـُشڪن جو نالو ٻڌو اٿئي؟“

ڪجهه پشڪن بابت اخبارن ۾ اکين اڳيان گذريو هوم، پر هن جي واتان ٻڌڻ خاطر چيم، ”ڪڏهن به نه؟“

پوءِ هن مون کي پشڪن جي حياتيءَ ۽ موت جو مختصر احوال ٻڌايو.[*] ۽ آخر ۾، بهار جي راڻيءَ وانگر مرڪندي، چيائين، ”ڏٺئي! عورتن جي عشق ۾ ڪيڏا خطرا آهن؟“

هن وقت تائين جيڪي ڪجهه پڙهيو هوم، ان ۾ ڏٺو هوم ته محبت سچ پچ خطرناڪ آهي، پر سٺي به آهي. تنهن ڪري جواب ڏنومانس، ”خطرو ته آهي، پر هر ڪو عشق جي دام ۾ ڦاسي ٿو پوي ۽ عورتن تي به غم جا پهاڙ ڪري ٿا پون.“

هن مون کي پنهنجي اکين سان خاص انداز ۾ ڏٺو، ۽ چيو، ”توکي اها پڪ آهي؟ اها ڳالهه تون سمجهين ٿو؟ ته پوءِ توکي منهنجي اها نصيحت آهي ته اِها ڳالهه ڪڏهن به نه وسارجانءِ.“

پوءِ مون کان پڇيائين، ”توکي ڪهڙا شعر پسند آيا.“

مون هن کي پنهنجي يادگيريءَ مان ڪيترائي شعر چئي ٻڌايا. هوءَ ماٺ ڪري خيال سان ٻڌڻ لڳي. پوءِ اٿي، ڪمري ۾ هيڏي هوڏي ٽلندي، ڳنڀير ٿي، چوڻ لڳي، ”مان چاهيان ٿي تو جهنگليءَ کي ڪجهه  تعليم ڏيارجي. مون کي انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪرڻ گهرجي. تنهنجا مالڪ- ڇا اهي تنهنجا مائٽ آهن؟“

جڏهن مون چيس ته ”هائو“، تڏهن اهڙي عجب مان ”اوه!“ ڪيائين، ڄڻ ته انهيءَ جي ملامت منهنجي مٿان هئي.

هن مون کي ”برنجر جا گير“ ڪتاب ڏنو. انهيءَ ڪتاب جي مٿان گلڪاري ٿيل هئي. ان جون ڪناريون سونهري ڳاڙهي رنگ جون هيون ۽ ان تي جلد پڪو چڙهيل هو. انهن گيتن ۾ بي انت ڏکن ۽ بيحد خوشين جو ميل هو. جنهن مون کي نشو ڏيئي ڇڏيو. ان جي ”پوڙهي فقير“ واري گيت ۾ هيٺيون سٽون پڙهندي ته منهنجي دل بيهجي ويئي:

ڇا، مان بي گهر ڪيڙو، توهان جي حد دخلي ٿو ڪيان؟

ته پوءِ پنهنجي لت جي هيٺان مون کي چيڀاتي ڇڏيو!

مون تي ڪهل ڇو ٿا کائو؟

جلدي پنهنجن بوٽن جي کڙين سان مون کي چپي ڇڏيو!

ڇا توهان مون کي علم نه سيکاريو-

منهنجن قوتن جي وڌڻ ويجهڻ لاءِ ڪجهه نه ڪيو!

پوءِ هيءُ ڪيڙو بهتر انسان ٿي پوي ها،

مرڻ ويل ان کي ساٿين جو قرب ۽ محبت ملي ها.

هاڻي پنهنجي موت سان، هيءُ پوڙهو پينو،

توهان کان، توهان جي دنيا کان ٿورو انتقام وٺي رهيو آهي.

انهيءَ کانپوءِ جلد ئي ”روئندڙ مڙس“ جو نظم پڙهندي، اچي کلڻ ۾ ڇٽڪيس، تان جو اکين مان پاڻي وهڻ لڳو. خاص طرح ان جون هي سٽون ياد اٿم:

سولن مڙسن کي

خوش رکڻ به سولو...

برنجر جي پڙهڻ سان مون ۾ چلولائيءَ ۽ شرارت جو مادو پيدا ٿي ويو، جنهن ڪري ماڻهن سان کلون ۽ ٽوڪون ڪرڻ لڳس. مون هن جا شعر ياد ڪري ڇڏيا ۽ آفيسرن جي اردلين کي اهي وڏي شوق سان ٻڌائڻ لڳس. پر جلد ئي جڏهن هيءَ سٽ ٻڌائي مان:

ڇا سترهن سالن جي ڇوڪريءَ کي

هر ٽوپلو پورو پئجي نٿو وڃي!

ته هو شعر ٻڌڻ بجاءِ نوجوان ڇوڪرين بابت بيحد فحش نموني بحث ڪرڻ ۾ لڳي ويا. مون کي به اهڙيءَ باه ورتو، جو ارموخن کي مٿي واري مڪ وهائي ڪڍيم، سدوروف ۽ ٻين اردلين مون کي اچي هن جي رڇ جهڙن هٿن مان ڇڏايو. انهيءَ کانپوءِ پڪو پهه ڪيم ته آفيسرن جي بارڪن ڏانهن اصل نه ويندس.

گهٽين ۾ گهمڻ ڦرڻ جي مون کي منع ٿيل هئي. منهنجو ڪم ايترو وڌي ويو هو، جو واندڪائي ئي نه ملندي هئي. مون کي گهر جي اندرئين ۽ ٻاهرئين ڪم سان گڏ مالڪ جي فريمن ٺاهڻ، نقشن وارن تختن تي ڪوڪا هڻڻ، مالڪ جي نقشن جو نقل ڪرڻ ۽ ٺيڪيدارن سان هن جي حساب ڪتاب چڪاسڻ جو ڪم به سپرد ڪيا ويا هئا. منهنجو مالڪ مشينن وانگر سڄي رات انهن نقشن جو ڪم ڪندو رهندو هو.

انهن ڏينهن ۾ نجنيءَ جي سالياني ميلي واري ميدان جون جايون خانگي ملڪيت هيون. دڪانن جي جوڙڻ جو ڪم تيزيءَ سان ٿي رهيو هو ۽ نون دڪانن بنائڻ ۽ پراڻن جي مرمت جو ٺيڪو منهنجي مالڪ کي مليل هو. منهنجو مالڪ انهن ۾ ڦير ڦار آڻڻ لاءِ نوان نقشا تيار ڪندو هو. هڪڙي ڀيري منهنجي مالڪ اهي نقشا هڪڙي لفافي ۾ بند ڪري، انهن سان گڏ پنجويهن روبلن جو نوٽ وجهي، مون کي ڏنو ته هڪڙي پوڙهي عمارت ساز کي ڏيئي اچان. پوڙهي عمارت ساز پئسا کڻي کيسي ۾ وڌا ۽ نقشن جي هيٺان نوٽ هڻي، صحيح ڪيائين ته ”سر زمين ڏسي، جاچي، صحيح ڪيا ويا.“ در حقيقت ڪجهه به نه ڏٺو هو، ڪجهه به نه جاچيو هو، ڇاڪاڻ ته هو بيماريءَ سبب گهر ۾ ئي واڙيو پيو هو.

مان ميلي جي انسپيڪٽر ۽ ٻين وڏن ماڻهن ڏانهن به رشوت کڻي ويندو هوس، ۽ انهن وٽان مون کي اها شيءِ ملندي هئي، جنهن کي مالڪ ”سند“ سڏيندو هو، جنهن جي زور تي هو جاين جوڙڻ جا غير قانوني ڪم ڪري سگهندو هو. انهيءَ جي عيوض مون کي اها اجازت ملي ته رات جو جڏهن گهر جا ڀاتي ٻاهر وڃن ته مان گهر جي اڳيان اڱڻ ۾ ويهي، سندن انتظار ڪري سگهيس ٿي. هو گهڻو ڪري ٻاهر ويندا ئي نه هئا ۽ جي ويندا هئا ته اڌ اڌ رات جو موٽندا هئا. پنهنجي گهر جي چانئٺ يا سامهون پيل بنڊن جي ستيءَ تي ويهي، مان انهيءَ سهڻي عورت جي دريءَ ڏانهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ نهاريندو رهندو هوس ۽ اتان ايندڙ ٽهڪن ۽ نغمن ۾ گم ٿي ويندو هوس.

کليل درين ۾ رکيل گلن جي ڪونڊين ۽ پاسيرن پڙدن جي وٿين مان نوجوان آفيسرن جا خوبصورت چهرا ڏسڻ ۾ ايندا هئم ۽ هوءَ سهڻي پر سادي لباس ۾ هيڏانهن هوڏانهن ترندي نظر ايندي هئي. مان پنهنجي دل ۾ هن جو نالو ملڪه مارگاٽ رکيو هو ۽ هن جي دريءَ ڏانهن نهاري چوندو هوس ته ”هيءَ اها اوچي زندگي آهي، جنهن جو ذڪر فرينچ ناولن ۾ هوندو آهي. هن جي چوگرد ماڻهن جي ميڙن کي گل جي چوگرد ڀؤنرن جي هجوم وانگر ڏسي، منهنجي دل ۾ ٻاراڻيءَ رقابت جي چريائپ پيدا ٿي ويندي هئي.

هڪڙو قداور، اداس آفيسر، جنهن جون اکيون ڳڻتيءَ ڀريل ڀرن جي هيٺان ڪنهن خيال ۾ ٻڏل هونديون هيون، ڪڏهن ڪڏهن هن وٽ ملڻ ايندو هو. هو هميشه پاڻ سان وايولن کنيو ايندو هو ۽ انهيءَ کي اهڙي چنگ چاڙهيندو هو، جو دريءَ جي هيٺان گهٽيءَ مان لنگهندڙ ۽ پاڙي جي ماڻهن جو هشام ٿي ويندو هو. منهنجا مالڪ به، جي گهر ۾ هوندا هئا، ته دري کولي ان کي ٻڌندا هئا ۽ ان جي تعريف ڪندا هئا. هن کان اول مون هنن کي چرچ جي نائب پادريءَ کان سواءِ ڪنهن جي به واکاڻ ڪندو ڪين ٻڌو هو پر هر حال ۾، هنن لاءِ هر قسم جي موسيقيءَ کان مڇيءَ جا ڪوفتا وڌيڪ پسند لائق هئا.

ڪڏهن ڪڏهن اهو آفيسر هن خوبصورت عورت کي راڳ ۽ شعر به ٻڌائيندو هو. ان وقت هن جو هٿ پنهنجن ڀرن ڏانهن کڄي ويندو هو ۽ هن جو آواز ٿڌن ساهن سان گهٽجڻ لڳندو هو. هڪڙي ڀيري مان ننڍڙي ڇوڪريءَ سان هنن جي دريءَ هيٺ ويٺو هوس، مون ٻڌو ته ملڪه مارگاٽ هن کي راڳ ٻڌائڻ لاءِ ايلاز ڪري رهي هئي ۽ هو انڪار ڪري رهيو هو. آخر ۾ هن هيٺين سٽ چئي، جهڳڙي کي ختم ڪيو:

گيتن کي وري به سونهن جي ضرورت آهي-

سونهن کي گيتن جي ضرورت ناهي...

مان انهيءَ سٽ جي ساراه ڪرڻ لڳس ۽ اُن آفيسر سان منهنجي همدردي وڌڻ لڳي.

پنهنجيءَ هن ڪتابن واري جيئري جاڳنديءَ ملڪه کي اڪيلي سر پيانو وڄائيندي ڏسڻ ۾ مون کي ڏاڍو مزو ايندو هو. مان موسيقيءَ جي نشي ۾ مست ٿي ويندو هوس. منهنجي لاءِ صرف دري ۽ دريءَ جي اندر بتيءَ جي پيلي روشني وڃي رهندي هئي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي شاهاڻي حسن سان پيانو ويٺي وڄائيندي هئي ۽ هن جا سفيد هٿ پيانو تي پکين وانگر هيڏانهن هوڏانهن اڏامندا رهندا هئا. مان هن ڏانهن نهاريندو هوس ۽ جذباتي موسيقي ٻڌندي، خوابن ۾ گم ٿي ويندو هوس. ويٺو ائين سوچيندو هوس ته ڪاش، ڪٿان خزانو کوٽي ڪڍان ۽ سمورو هن جي حوالي ڪري، هن کي دولتمند بنائي ڇڏيان: ”اسڪوبيلوف“ روسي جنرل، جنهن ترڪن تي فتح حاصل ڪئي هئي، هجان ۽ ترڪن سان لڙائي شروع ڪري، هن کان اڻ ميو مال غنيمت هٿ ڪيان ۽ شهر جي بهترين حصي ۾ هن جي رهائش لاءِ محل بنايان، ۽ هن کي هتان، جتي هن جي لاءِ هر ڪو وات ٺوڪيندو وتندو هو، اتي ان محل ۾ وٺي وڃان. پاڙي وارا، نوڪر ۽ سڀني کان وڌيڪ منهنجا مالڪ هن جي لاءِ، اهڙيون ئي گنديون ۽ بڇڙيون ڳالهيون ڪندا هئا، جهڙيون ڪٽر ماسٽر جي زال لاءِ پر هن جي لاءِ اهڙين ڳالهين ڪرڻ ويل هنن جا آواز دٻيل هوندا هئا ۽ هو احتياط سان چؤ طرف نهاريندا هئا.

مان سمجهان ٿو ته هڪڙي وڏي حيثيت واري ماڻهوءَ جي بيوهه هئڻ ڪري، سڀ پيا هن کان ڇرڪندا هئا. هن جي گهر ۾ جي طغرا هئا، اهي سڀ هنن جي وڏن کي روس جي زارن جهڙوڪ، گاڊونوف، الڪسي ۽ پيٽر اعظم وٽان مليل هئا. انهيءَ ڳالهه جو پتو مون کي توبيف کان پيو. توبيف ڪجهه پڙهيل هو ۽ هر وقت انجيل جي تلاوت ۾ مصروف رهندو هو. ٿي سگهي ٿو ته ماڻهو هن عورت جي سواريءَ واري چهبڪ کان به ڏڪندا هجن. ڇاڪاڻ ته چيو ويندو هو ته هڪڙي گلاخور کي انهيءَ سان خوب ڪٽيو هئائين. بهرحال بدگوئي هوريان هجي يا ڏاڍيان هڪ خراب ڳالهه آهي. منهنجي ملڪه جا دشمن چؤطرف هئا ۽ مان اها دشمني ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيندو هوس ۽ سچ پچ ته اها مون کي سمجهه ۾ نه ايندي هئي.

هاڻي ائين جڏهن مون کي ٻيءَ زندگيءَ ۽ ٻين قسمن جي ماڻهن، امنگن ۽ خيالن جو پتو پيو هو، ته منهنجي اڳين زندگي منهنجي لاءِ بي مزي ۽ عذاب جهڙي ٿي پيئي. اها زندگي گندي، گلا جي ڄار مثل هئي، جنهن مان ڪوئي به بچي نه ٿي سگهيو. انهيءَ ۾ فوج جي بيمار پادريءَ کي مي نوش ۽ عياش ڪري پيش ڪيو ويندو هو. منهنجن مالڪن جي چوڻ موجب فوج جا آفيسر ۽ انهن جون زالون سڀ عياش ۽ بدڪار هئا. سپاهي ساڳئي گندي نموني عورتن جو ذڪر ڪندا هئا، جنهن کي ٻڌي مون کي جڪ وٺي ويندا هئا. مگر سڀني جي يخيءَ کان منهنجن مالڪن جا الزام ۽ جُلهون ڏهه رتيون وڌيڪ ڏکوئيندڙ هونديون هيون. مون کي اهو ڀليءَ ڀَت معلوم هو ته ٻين تي فتوائون ڏيڻ هنن جي ورونهه ۽ وندر هئي. ٻين جي عيبن کي کُرڙي ڪڍڻ ۽ انهن کي مرچ مصالحا لڳائي پيش ڪرڻ هڪ اهڙي تفريح هئي، جيڪا هنن کي هڪ ڪوڏي خرچ ڪرڻ کانسواءِ حاصل ٿي ويندي هئي. جن ماڻهن کي به هو سڃاڻندا هئا، انهن کي پنهنجي زبان جي شڪنجي تي چاڙهڻ مان هنن کي مزو ايندو هو ۽ اهڙيءَ ريت هو پنهنجي بي مزي ۽ غير دلچسپ زندگيءَ جو بدلو سڄو وقت ٻين کان پيا وٺندا هئا.

پر جڏهن اهي منهنجي ملڪه جي شان ۾ بد زباني شروع ڪندا هئا، تڏهن مان اهڙي جوش ۾ اچي ويندو هوس، جو منهنجي عمر ڪري منهنجي منهن تي نٿي پيو. منهنجي دل هنن گلا خورن جي نفرت سان ڀرجي ويندي هئي. مون کي اهڙا خار لڳندا هئا، جو چاهيندو هوس ته سڀني جا سنڌ سيڪي رکان ۽ کين خوب ست سريون ٻڌايان. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ تي ۽ ٻين تي ڪهل اچي ويندي هيم ۽ اها ڪهل منهنجي دل تي نفرت کان وڌيڪ عذاب جو بار بنجي بيهي رهندي هئي.

جيتري قدر منهنجي ملڪه جو واسطو هو، مون کي هن بابت هنن کان وڌيڪ ڄاڻ هئي، مون کي ڀؤ هوندو هو ته متان انهن کي اهو پتو پئجي وڃي.

آرتوار جي ڏينهن جڏهن منهنجا مالڪ چرچ ۾ عبادت لاءِ ويندا هئا، ته مان پنهنجي صبح جي شروعات هن جي ملاقات سان ڪندو هوس. هوءَ مون کي پنهنجي آرام  جي ڪمري ۾ سڏ ڪندي هئي ۽ مان سونهري رنگ واري ريشمي ڪپڙي جي پيش چڙهيل آرام ڪرسيءَ تي ويهي، ننڍڙي ڇوڪريءَ کي هنج ۾ ويهاري، پنهنجي هفتي جي مطالعي جو پوتا ميل پيش ڪندو هوس. هوءَ پنهنجو منهن پنهنجن ننڍڙن هٿن ۾ جهليو، ڪشادي پلنگ تي ستي  يپيئي هوندي هئي. هن جو جسم سوڙ ۾ ڍڪيو پيو هوندو هو، جنهن جو رنگ ڪمري جي ٻين شين وانگر سونهري هوندو هو ، هن جا ڪارا وار ڪلهن ۽ ڇاتيءَ تي ۽ ڪڏهن هيٺ فرش تي پيا لڙڪندا هئا. هوءَ منهنجون ڳالهيون به ٻڌندي هئي ۽ پنهنجن مست اکين سان مون ڏانهن ڏسندي به پيئي هئي. هن جي چپن تي اڻ لکي مرڪ پکڙجي ويندي هئي ۽ پنهنجي راءِ ڏيندي چوندي هئي، ”ڏاڍو سٺو.“

منهنجي خيال ۾ هن جي اها مرڪ مون مٿان شاهاڻي نوازش هوندي هئي. هن جو آواز گهرو ۽ مٺڙو هو ۽ هن جو هر جملو ڄڻ ائين چوندو هو، ”مون کي انهيءَ ڳالهه جو احساس آهي ته مان سڀني کان سربلند آهيان ۽ مان ڪنهن جي به پائبند ناهيان.“

ڪڏهن ڪڏهن مان اهڙي وقت وڃي نڪرندو هوس، جڏهن هوءَ ائيني جي اڳيان ننڍڙيءَ ڪرسي تي ويٺي وار سنواريندي هئي. وارن جون چڳون هن جي گوڏن، ڪلهن ۽ ڪرسيءَ جي ٽيڪ تان وڌي، ذري گهٽ فرش کي ڇهنديون هيون. هن جا وار نانيءَ جي وارن وانگر گهاٽا ۽ وڏا هوندا هئا. هوءَ پنهنجون ڄنگهون اگهاڙيون ڪري منهنجي اڳيان جوراب پائيندي هئي، ته به منهنجي دل کي ڪو لوڏو نه ايندو هو، ڇاڪاڻ ته هن جي اهڙي اگهاڙپ ۾ به پاڪائي سمايل هوندي هئي. مون کي هن جو حسن ڏسي، فخر محسوس ٿيڻ لڳندو هو. هن جي ڳلن جهڙي سڳنڌ بڇڙن خيالن کي دل مان پيدا ٿيڻ ئي نه ڏيندي هئي. مون کي اها پڪ هئي ته جنهن محبت جي پچار بورچيخاني ۾ ڪئي ويندي هئي، انهيءَ جو هن کي پتو ئي نه هوندو هو. هن جي محبت وڏي اوچي پد جي هوندي هئي.

ڪيئن به هجي، پر هڪ ڏينهن سج لڙئي کانپوءِ جڏهن ورانڊي ۾ پهتس، ته مون کي آرام جي ڪمري مان منهنجي من جي مالڪياڻيءَ جي کلڻ  جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ان سان گڏ مرداڻو آواز، جو چئي رهيو هو، ”ايڏي تڪڙ نه ڪر! خدا جو قسم، ائين ڪيئن ممڪن آهي!“

مون ڄاتو ٿي ته مون کي هليو وڃڻ گهرجي، پر مان وڃي نه سگهيس.

”ڪير آهي؟“ هن رڙ ڪئي، ”اڙي، تون؟ اندر آ.“

آرام جي ڪمري ۾ اونده هئي، ڇاڪاڻ ته پردا هيٺ ڪيا ويا هئا، ۽ هوا گلن جي عطر جي خوشبوءِ سان ڀريل هئي. ملڪه مارگاٽ پلنگ تي ستي پيئي هئي، کاڏيءَ تائين چادر مٿي ڪري ڇڏي هئائين، هن جي ڀرسان ديوار کي پٺي ڏيو، وايولن وڄائيندڙ آفيسر ويٺو هو. هن جي قميص کليل هئي ۽ هن جي چيلهه اگهاڙي پئي ٿي. هن جي ساڄي پاسي دن کان وٺي ڪلهي تائين ڳاڙهو زخم جو نشان هو. جيتوڻيڪ اوندهه هئي ته به مان اهو چٽيءَ طرح ڏسي پئي سگهيس. هن جا وار وکريا پيا هئا ۽ هن جي اداس منهن تي پهريون ڀيرو مرڪ ڏٺي هيم. اها عجيب مرڪ هئي، هن جون عورتن جهڙيون چمڪندڙ اکيون ملڪه ۾ کتل هيون، ڄڻ ته ملڪه جي حسن انهن تي جادو ڪري ڇڏيو هو.

”منهنجو دوست،“ ملڪه اسان جي پاڻ ۾ ڄاڻ ڪرائيندي چيو، پر مون کي پتو پئجي نه سگهيو ته هن مون ڏانهن يا هن ڏانهن اشارو ڪيو.

”هراسيل ڇو ٿو ڏسڻ ۾ اچين؟“ هن ڄڻ ڪنهن ڏورانهين هنڌ تان اهو سوال پڇيو هو. ”هيڏي آءُ!“

جڏهن مان هن وٽ ويس ته هن منهنجي ڳچيءَ ۾ ڳراٽري وجهي، چيو، ”وڏي هوندي توکي به خوشيءَ جي خبر پوندي. چڱو، هاڻي ڊڪ پاءِ.“

مون هڪڙو ڪتاب ڪٻٽ ۾ رکي، ٻيو کنيو ۽ هليو ويس. دل ۾ ڄڻ ڇري گهڙي ويم. حقيقت ۾، مان انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ئي نه ڪندو هوس ته منهنجي ملڪه به ٻين عورتن وانگر عشق ڪندي آهي ۽ انهيءَ آفيسر لاءِ به اهڙو خيال منهنجي دل ۾ نه پئي اچي سگهيو.

مون کي هن جو مرڪندڙ مهانڊو ياد ايندو رهيو. اُهو هڪ عجيب خوشيءَ ڀريل مرڪ سان ٽڙيو پيو هو، ڄڻ ڪنهن ٻار کي غير توقع اوچتو تحفو ملي ويو هو. هن کي ضرور ملڪه سان محبت ٿي ويئي هوندي. ڀلا ڪير اهڙو هو، جو هن کي دل نه ٿي ڏيئي سگهيو؟ ۽ ملڪه کي به هن سان محبت ڪرڻ لاءِ سبب هو. هو ڏاڍي سهڻي نموني وايولن وڄائيندو هو ۽ مٺڙي نموني شعر چوندو هو.

پر انهن ٻاراڻين دلدارين جي باوجود اها ڳالهه صاف هئي ته جيڪي ڪجهه مون ڏٺو هو، انهيءَ جو مون تي، خاص طرح ملڪه مارگاٽ بابت، برو اثر پيو هو. مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪجهه زيان ٿي ويو هوم ۽ ڪيترا ڏينهن موڙهل گذارڻ لڳس. هڪڙي ڏينهن مون کان ڪو غلط ڪم ٿي ويو هو، جنهن تي هر ڪو مون تي ڪاوڙجي پيو هو. جڏهن هن وٽ مان ڪتاب وٺڻ ويس ته هن تيز ٿي چيو، ”ٻڌڻ ۾ ٿو اچي ته تون ڏاڍو ڪو بدمزاج آهين! مون کي اڳ ته اهو پتو نه هو!“

مان ڪپڙن کان ٻاهر نڪري ويس ۽ هن کي ٻڌايم ته منهنجي جان ڪهڙن نه ڏکن ۽ ڏولائن ۾ ورتل هئي ۽ منهنجي لاءِ اهو ٻڌڻ ڪيترو نه ڏکيو هو، جو ماڻهو هن بابت وات ٺوڪيندا هئا. پهريائين هوءَ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي، ڏاڍي ڌيان سان ٻڌندي رهي. پوءِ جلد ئي اچي ٽهڪن ۾ ڇٽڪي ۽ مون کي کلندي، ڌڪو ڏيندي، چيائين، ”گهڻو ٿيو، مون کي سموري سڌ آهي. ٻڌين ٿو؟ مون کي سڀ پتو آهي.“

پوءِ منهنجا ٻيئي هٿ وٺي، قرب سان چيائين. ”انهن ڳالهين تي ڌيان نه ڏيندو ڪر. تون پنهنجا هٿ چڱيءَ طرح صفا نه ڪندو آهين ڇا؟“

جيڪڏهن هوءَ به مون وانگر ٿانوَ مليندي، فرش صاف ڪندي ۽ ڪپڙا ڌوئندي هجي ها ته هن جا هٿ به مون جهڙا ٿي وڃن ها ۽ پوءِ هن کي انهيءَ چوڻ جي ضرورت ئي نه ٿئي ها.

”جيڪڏهن ڪنهن کي جيئڻ جو ڍنگ ٿو اچي ته ماڻهو ساڙ وچان هن تي تهمتون ٿا مڙهين ۽ جنهن کي جيئڻ جو ڍنگ نه ٿو اچي ته ان کان نفرت ٿا ڪن.“

پوءِ هن مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي ۽ منهنجي منهن ۾ مرڪي نهاريندي، ڳنڀير ٿي چيو، ”ڇا، تون مون کي چاهين ٿو.“

”هائو.“

”گهڻو.“

”هائو.“

”ڪيترو؟“

”مان نٿو ڄاڻان.“

”مهرباني. تون ڏاڍو سٺو ڇوڪرو آهين. جن جو مون سان چاهه هوندو آهي، انهن کي مان به چاهيندي آهيان.“

هن اهڙيءَ مرڪ سان هي سڀ ڪجهه چيو، ڄڻ اڃا ڪجهه وڌيڪ چوڻ گهرندي هجي. ٿوريءَ ماٺ کانپوءِ، جنهن ۾ هوءَ مون کي پنهنجي ويجهو جهليو بيٺي هئي، چيائين، ”مون وٽ گهڻو ايندو ڪر. ايترو گهڻو جيترو توکان ٿي سگهي.“

مون انهيءَ مان پورو فائدو ورتو. جڏهن منهنجا مالڪ منجهند جي مانيءَ کانپوءِ آرام ڪرڻ لڳندا هئا ته مان هن ڏانهن ڊڪي ويندو هوس ۽ جيڪڏهن هوءَ گهر ۾ هوندي هئي ته ڪلاڪ سوا هن سان روح رهاڻ ڪندو هوس.

”توکي روسي ڪتاب پڙهڻ گهرجن ۽ روسي زندگيءَ بابت پوري ڄاڻ هئڻ گهرجي.“ هن پنهنجي خوشبوءَ ڀريل وارن ۾ پنهنجن گلاب جهڙين آڱرين سان بڪل وجهندي، مون کي سبق ڏنو. پوءِ روسي ليکڪن جا نالا ٻڌايائين: ”انهن جا نالا ياد رکڻ جي ڪوشش ڪندين؟“

ڪڏهن پنهنجن خيالن ۾ گم ۽ ويسر واري نموني چوندي هئي، ”تنهنجي تعليم جو بندوبست به ڪرڻو آهي. خدا جو قسم! اها ڳالهه منهنجي دل تان لهي پئي وڃي.“

هر اهڙيءَ ملاقات کانپوءِ منهنجي هٿ ۾ نئون ڪتاب ۽ منهنجي دل ۾ نوان امنگ هوندا هئا ۽ ائين لڳندو هو ڄڻ منهنجي من جو مير ڌوپي ويو هجي.

انهيءَ وقت تائين مان اڳي ئي اڪساڪوف جا ڪتاب ”روسي ڪٽنب“، ”رانديگرن جون يادگيريون“ ۽ سندس شاندار روسي نظم ”جهنگلن ۾“، گريبنڪو ۽ سولو گپ جا ڪجهه ڪتاب ۽ وينوٽوف، اوڊووسڪي ۽ ٽيوڪوف جا نظم پڙهي چڪو هوس. انهن ڪتابن منهنجي دل کي ڌوئي اوجل ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي دل تي چڙهيل اجاين خيالن جي مٽي ۽ تلخ حقيقتن جي دز کرڙي، لاهي ڇڏي هئي.

اهڙن ڪتابن کي مان ڏاڍو پسند ڪندو هوس ۽ انهن کانسواءِ منهنجي سرندي ئي نه هئي. انهن ڪتابن پڙهڻ کانپوءِ وري هڪ ڀيرو مون محسوس ڪيو ته مان هن دنيا ۾ اڪيلو نه آهيان، ۽ منهنجي دل ۾ اهو اعتقاد پيدا ٿيو ته مان زندگيءَ ۾ پنهنجي راه پاڻ بنائي سگهان ٿو.

جڏهن ناني مون سان ملڻ ايندي هئي، ته هن کي ملڪه مارگاٽ بابت ڳالهين ٻڌائڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هوم. ناني ناس جي چپٽي چاڙهي، اعتماد سان چوندي هئي، ”ڏاڍو سٺو. ڏسين ٿو، چڱن ماڻهن جي ٻج جي کوٽي ڪانهي، اکيون کولي ڏس ته هر هنڌ لڀي پوندا.“ ۽ هڪڙي ڀيري چيائين، ”مان تنهنجي پاران هن جو شڪريو ادا ڪرڻ وڃان ته؟“ پر مون ائين ڪرڻ کان منع ڪئي  مانس.

”چڱو، آءٌ نه وينديس. جيئن تنهنجي مرضي. او مالڪ، او مالڪ، دنيا جي هر شيءِ ڪهڙي نه سٺي آهي! دل ائين ٿي چوي ته جيڪر هميشه زنده رهجي.“

 مون بابت ملڪه مارگاٽ جا تعليمي ارادا پورا ٿي نه سگهيا، ڇاڪاڻ ته هڪڙي وڏي ڏينهن تي مون کي هڪڙو اهڙو حادثو پيش آيو، جو منهنجو ذري گهٽ خاتمو ٿي ويو هو. انهيءَ ڏڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجا ڇَپَر اهڙا سڄي پيا هئا، جو اکيون کولي نه ٿي سگهيس. منهنجي مالڪن کي اچي ڊپ لڳو ته مان انڌو ٿي پيو هوس ۽ مان به ڊڄي ويس. مون کي هڪڙي اکين جي ماهر رازيو وچ ڏانهن موڪليو ويو، جنهن ڇپرن ۾ سرائي گهمائي، ملم وجهي، پٽي ٻڌي ڇڏي. انهيءَ کانپوءِ ڪيترا ڏينهن مان اکين تي پٽي ٻڌيو، اوندهه ۾ پيو هوندو هوس. انهيءَ ڏڻ کان هڪ ڏينهن اول منهنجي پٽي کولي ويئي ۽ ائين محسوس ڪيم ڄڻ اونداهيءَ قبر مان نڪري آيو هوس. اکين جي ديد وڃائڻ کان وڌيڪ دنيا ۾ ٻي ڪا به مصيبت ڪانهي. اُهو ايڏو هاڃو آهي، جو انسان کي دنيا جي هر ڳالهه کان محروم ڪريو ڇڏي.

انهيءَ وڏي ڏينهن مون کي ڪم کان موڪل هئي. تنهن ڪري اردلين سان يٽ شٽ هڻڻ لاءِ انهن جي بورچيخاني ۾ وڃي پهتس. ٻيا ته ڇڏيو پر سانتيڪو توبيف به نشي ۾ ٻڏل هو. شام جي وقت ارموخن سدوروف کي مٿي وارو ڏنڊو وهائي ڪڍيو. سدوروف بيهوش ٿي پٽ تي ڪري پيو. خوف وچان ارموخن کڙين تي زور ڏيئي ڀڄي ويو.

ساري محلي ۾ هو هوا ٿي ويئي ته سدوروف جو خون ٿي ويو آهي. هن جو بت چانئٺ وٽ نستو پيو هو ۽ ان کي ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا ميڙ اچي مڙيا هئا. اها صلاح ڪئي ويئي ته پوليس کي گهرائجي، پر پوليس ڏانهن ڪو به نه ويو ۽ نه وري ڪنهن وڌي بيهوش ماڻهوءَ کي هٿ لائي ڏٺو. ايتري ۾ ڌوٻڻ اچي نڪتي. هوءَ ماڻهن کي ڪلها هڻندي، پاسي ڪندي، بورچيخاني جي دروازي وٽ اچي پهتي. هيٺ جهڪي رڙ ڪيائين، ”اڙي احمقو، هي ته جيئرو آهي، ٿورو پاڻي کڻي اچو.“

تماشائي هن کي چوڻ لڳا، ”تون ڇو ٿي ٽنگ اڙائين؟ تنهنجو هتي ڪم ناهي.“

”پاڻي!“ هن اهڙي زور سان رڙ ڪئي، ڄڻ ڪنهن گهر کي باهه لڳي ويئي هئي. جهٽ پٽ ڦڙتائيءَ سان پنهنجا ڪپڙا پاسي ڪري ۽ پيٽي ڪوٽ کولي، سپاهيءَ جو رت ۾ ٻڏل مٿو کڻي پنهنجن گوڏن تي رکيائين. هوريان هوريان گهٻرايل ميڙ ڇڊو ٿيڻ لڳو. ڪمري مان نڪرندڙ جهڪيءَ روشنيءَ ۾ مون ڏٺو ته ڌوٻڻ جون ڳوڙهن  سان آليون ڪاوڙيل اکيون هن جي گول پيلي منهن ۾ چمڪي رهيون هيون. مون هن کي پاڻيءَ جي باٽلي ڀري آڻي ڏني. مون کي چيائين، ”سدوروف جي منهن ۽ ڇاتيءَ جي مٿان پاڻي هار، پر جيئن مون تي ڦڻنگ نه پوي، مون کي پاڙي ۾ ساهيڙين وٽ وڃڻو آهي.“

سپاهيءَ کي هوش اچڻ لڳو، هن جون بند ٿيل اکيون ٿوريون کليون ۽ هو چنگهڻ لڳو.

”هن کي مٿي کڻ،“ نتاليا چيو، ۽ هن کي اهڙيءَ ريت پاڻ کان پري ڪري جهليائين، جيئن هن جي فراڪ کي ڪو  رت جو داغ نه لڳي. اسين هن کي بورچيخاني ۾ اندر کڻي وياسين ۽ بستري تي ليٽرائي ڇڏيوسين. نتاليا ڪپڙو آلو ڪري، هن جو ٻوٿ اگهيو ۽ وڃڻ کان اول مون کي هدايت ڏنائين ته، ”ڪپڙو آلو ڪري، هن جي مٿي تي رکندو رهه. مان وڃي ٻئي احمق جي خبر وٺي ٿي اچان. هي چور نشي ۾ جيستائين ڍيري نه ٿيندا، تيستائين ڄڻ ڪجهه پيتو ئي نه اٿائون.“ پوءِ پنهنجو رت جي داغن لڳل پيٽي ڪوٽ لاهي، فرش تي ڦٽو ڪيائين ۽ لت سان هڪ ڪنڊ ڏانهن اڇلي، پنهنجي گهنجيل لباس جا چڻ ٺيڪ ڪندي، ٻاهر هلي ويئي.

سدوروف ڪر پئي موڙيا، هڏڪيون پئي کاڌائين ۽ وڏا ساه پئي کنيائين. مٿي مان گرم ۽ ڪني رت جا ڦڙا نڪري، منهنجي پيرن تي پئي پيا. جيتوڻيڪ اُٻٿو ٿي آيم، پر مان ايترو هراسجي ويو هوس، جو پير ئي نٿي چوري سگهيس. ٻاهر وڏي ڏڻ واري رنگيني هئي، ڪچين ٽارين ۽ ڇرين سان ٻاهريان در ۽ جاين جا ڏاڪا سينگاريل هئا. ورانڊن جي ٿنڀن کي سرو ۽ شمشاد جي تازن شاخن سان سنواريو ويو هو. سڄي محلي کي پنن ۽ ٽارين چهچ سائو بنائي ڇڏيو هو. انهيءَ ڏينهن صبح جو اهو سڀ ڪجهه ڏسندي، مون ائين محسوس پئي ڪيو ته ان وڏي ڏينهن سان گڏ بهار جي رت اسان وٽ رهڻ آئي آهي ۽ زندگي وڌيڪ خوشين ڀريل، صاف ۽ صحتمند ٿي ويئي آهي.

سپاهي ڪنجهيو ۽ ڪڻڪيو پئي. هن جي وات مان پاروٿي ووڊڪا ۽ ڪني بصر جهڙي قي نڪتي، جنهن ڪري بورچيخاني ۾ دم گهٽيندڙ بدبوءِ پکڙجي ويئي. درين مان منهن لڳايو ماڻهو اندر ڏسي رهيا هئا. شيشي سان لڳي بيهڻ ڪري، هنن جا منهن ۽ ڳٽن سان لڳل هٿ ڏاڍا ڀوائتا ٿي لڳا.

جڏهن سدوروف سامت ۾ آيو ته هوريان مڻڪڻ لڳو، ”مون کي ڇا ٿيو آهي؟ يار ارموخن؟ مان ڪري پيو هوس ڇا؟“ پوءِ هن کي کنگهه اچي ورتو، جنهن کانپوءِ نشئين وانگر روئڻ ۽ رڙڻ لڳو ”اڙي ڀيڻ، منهنجي معصوم، ننڍڙي ڀيڻ!“

هو لڏندو لمندو نيٺ هنڌ مان اٿيو ۽ وري هنڌ تي ڪري پيو. هن جون اکيون عجيب نموني ڦرِ ڪڻ لڳيون ۽ دانهن ڪيائين، ”مون کي ته صفا ماري ڇڏيو اٿن!“ جنهن تي مون کي اچي کل ورتو.

”اڙي تون وري ڇا تي ڏند ٿو شيڪين؟“ هن ابوجهن وانگر مون کان پڇيو. ”هتي منهنجو دم هميشه لاءِ نڪري ويو آهي ۽ هوڏانهن تون واڇون ٿو ٽيڙين!“ مون  کي پنهنجي ٻنهي هٿن سان ڌڪ هڻندي، چپن ۾ چوڻ لڳو، ”پهرئين ڀيري حضرت الياس، ٻئي ڀيري گهوڙي سوار سينٽ جارج ۽ ٽين ڀيري مردود منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ!“

”بيوقوف نه ٿي!“ مون وراڻيس.

چريائپ واريءَ ڪاوڙ ۾ زمين تي لت هڻي، واڪو ڪيائين، ”مان مري رهيو آهيان ۽ تون“ ۽ پنهنجي گندي مڪ مون کي اکين واري وهائي ڪڍيائين. منهنجون اکيون انڌن وانگر ٻوٽجي ويون ۽ مان دانهون ڪندو اڱڻ ڏانهن وڌيس، جتي نتاليا سان اچي ڊهو ڊه ٿيس. نتاليا ارموخن کي ٻانهن کان گهليو ۽ رڙيون ڪندي پئي آئي. ”اڙي گڏه، هٽي پري ٿي!“ مون کي غور سان ڏسي، چيائين، ”توکي ڇا ٿيو آهي؟“

”هو هوش ۾ آيو آهي، ۽ وڙهي ٿو.“

”وڙهي ٿو؟ سچ پچ!“ هن عجب مان لفظ زوريءَ وات مان ڪڍندي چيو، ارموخن کي ٿيلهو ڏيندي چيائين، ”اڙي بگهڙ، توکي انهيءَ لاءِ ڌڻيءَ جا شڪر بجا آڻڻ گهرجن.“

مون اکين کي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيا ۽ پوءِ اندر نهاريم ته ٻئي مڙس کير ۽ کنڊ ٿي ويا هئا. هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي ڳوڙها پئي ڳاڙيائون. ٻيئي ڄڻا پوءِ نتاليا کي ڀاڪر پائڻ لاءِ وڌيا، پر نتاليا ڇنڊ ڪڍندي چين، ”ڪتو! مون کان پنهنجا هٿ پري ڪريو. مون کي ڇا سمجهيو اَٿَوَ؟ بهتر آهي ته پنهنجن مالڪن جي واپسيءَ کان اول ئي وڃي سمهو. ائين نه ٿئي، جو ڪنهن اويءَ ۾ اچي وڃو.“

هن جي چوڻ تي ٻيئي ڄڻا ٻارن وانگر، هڪڙو پٽ تي ۽ ٻيو پلنگ تي ليٽي پيا، جڏهن ٻئي کونگهرا هڻڻ لڳا، تڏهن هوءَ ٻاهر نڪري آئي-  ”ڪهڙا ته حال ٿي ويا اٿم! ۽ مان پاڙي ۾ ملڻ لاءِ وڃي رهي هيس. چئبو هن گڏهه توکي هڪ وهائي ڪڍي! اهو آهي نشي جو نتيجو! ڇوڪرا، تون ڪڏهن به شراب نه پيئجانءِ.“

اسان ٻيئي ڄڻا ٻاهرئين در ڀرسان پيل بينچ تي ويهي رهياسين ۽ مون پڇيومانس ته هوءَ اهڙي بي خوف، نشئي ماڻهن جي ويجهو ڪيئن ٿي وڃي سگهي.

”رڳو نشئي ماڻهن کان ڇا؟ اهي هوش ۾ هجن تڏهن به. جيڪڏهن ڪا چون چرا ڪيائون ته اجهو هي اٿن!“ ۽ پنهنجي کهري ۽ ڳاڙهي مڪ مٿي ڪيائين. ”منهنجو مرحوم خاوند به شراب جو شوقين هوندو هو. هڪڙي ڀيري جڏهن نشي ۾ چور هو، تڏهن هٿ پير سوگها ٻڌي ڇڏيامانس، ۽ جڏهن نشو لٿس، تڏهن خوب کنج ڪڍي مانس- صرف هن جي فائدي خاطر ۽ چيومانس، تنهنجي وندر لاءِ تنهنجي زال آهي، نه ووڊڪا! ايترو ته ڳالهايومانس، جو ٿڪجي پيس ۽ انهيءَ کان پوءِ هو منهنجي اڳيان ميڻ بڻجي ويو.

”تون بيشڪ زور آهين.“ بيبي حوا جي خيال ڪندي، جنهن خدا کي به دلبو ڏيئي ڇڏيو هو. مون چيس.

نتاليا ٿڌو ساه کڻي چيو، ”عورت کي مرد کان زور هئڻ ئي گهرجي. خدا هن کي ائين بڻايو آهي، جو هن کي ٻن ماڻهن جو زور هئڻ ئي گهرجي.“

هوءَ نرمائيءَ سان ۽ سواءِ ڪنهن رنجش جي ڳالهائي رهي  هئي. هوءَ بينچ کي ٽيڪ ڏيئي، ڇاتيءَ تي هٿ رکي ويٺي هئي. هن جون اداس اکيون سامهون گٽر ۾ کتل هيون، جنهن جي مٿان مٽيءَ جو تهه چڙهي ۽ گند ڪٺو ٿي ويو هو. ڳالهين ۾ اسان کي وقت جو پتو ئي نه پيو. اوچتو ڏٺم ته مالڪ ۽ مالڪياڻي ٻانهن ٻانهن ۾ ملايو، اچي رهيا آهن. هو هوريان نمائشي ڍنگ سان پئي هليا، ڄڻ ته ترڪي ڪڪڙ ۽ ڪُڪڙ هئا، جي گڏيا پئي آيا. هنن اسان کي ويجهو ٿي نهاريو ۽ پاڻ ۾ ڪجهه چوندا هليا ويا.

مون اٿي هنن لاءِ در کوليو. مالڪياڻي جڏهن ڏاڪڻ تي پهتي، ته غليظ نموني چوڻ لڳي، ”چئبو ڌوٻڻ تي تنهنجي دل ريجهي ويئي آهي؟ اهڙن ڪريل ماڻهن سان عشق ڪندو آهين نه؟“

مون کي هن جي چريائپ جهڙن لفظن جو ڪجهه به رنج نه ٿيو پر جڏهن مالڪ ٽهڪ ڏيئي، چيو، ”وهي اٿس، انهيءَ وقت ائين ئي ٿيندو آهي.“ ته دل سڙي ويئي.

ٻئي ڏينهن صبح جو ڪاٺين واري ڇاپري وٽ هڪڙي سوراخ ۾ خالي ٻٽون پيل ڏٺم. سڃاتم ته اهو سدوروف جو آهي. تنهن ڪري جهٽ پٽ هن وٽ کڻي ويس. هن ان ۾ هٿ وجهي ڏٺو ته خالي هو. ”هن ۾ هڪ روبل ۽ ٽيهه ڪوپيڪ پيل هئا، اهي ڪٿي آهن؟ جلدي واپس ڏي!“

هن جي مٿي تي ٽوال ٻڌل هو. هن جو منهن لٿل ۽ بيمارن جهيڙو ٿي لڳو، ۽ هن جون سڄيل اکيون ڪاوڙ ۾ ٻاهر نڪري آيون هيون. هن کي منهنجي ڳالهه تي پت ئي نه پئي آئي ته جنهن وقت مون ٻٽون لڌو هو، ان وقت اهو خالي هو.

ارموخن اچڻ سان ئي سدوروف سان سر ۾ ملائي بيٺو ۽ مون تي تهمت مڙهڻ لڳو، ”پڪ ئي پڪ هن چوري ڪئي آهي. مالڪ وٽ وٺي وڃيس. سپاهي سپاهين جي چوري ڪين ڪندا آهن!“

انهيءَ تي مون کي پڪ ٿي ته چور اهو آهي ۽ هن ئي ٻٽون خالي ڪري، منهنجي ڪاٺين ڏانهن اڇليو آهي. مون به سواءِ هٻڪ جي منهن سامهون چئي ڏنومانس، ”ڪوڙا! تو ئي پئسا چورايا آهن!“

مون محسوس ڪيو ته منهنجي ڳالهه برابر هئي. هن جي منهن جو پنو خوف کان لهي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ وٽ وڪڙ کائي، وڦلڻ لڳو، ”ثابت ڪر، ثابت ڪر!“

مون وٽ ڪهڙو ثبوت هو. ارموخن وات هڻندو، مون کي ميدان ۾ ڦيرائيندو رهيو ۽ سدوروف اسان ٻنهي جي پٺيان پنهنجي بڪ بڪ ڪندو رهيو. درين مان ماڻهو منڍيون ڪڍي بيهي رهيا. ملڪه مارگاٽ جي ماءُ پنهنجي سگريٽ سان انهن مان هڪ هئي. جڏهن اهو خيال آيم ته منهنجي عزت منهنجي ملڪه وٽ ٽڪي جي ٿي ويندي، تڏهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويس.

مون کي ياد آهي ته ٻيئي سپاهي منهنجي مالڪن جي اڳيان مون کي سوگهو جهليو بيٺا هئا ۽ منهنجا مالڪ هنن جي الزامن سان ها ۾ ها ملائي، ڪنڌ ڌوڻي رهيا هئا. ننڍيءَ مالڪياڻيءَ ته ائين چئي به ڏنو، ”هن ضرور پئسا چورايا هوندا! ڪالهه رات ڌوٻڻ سان بئنچ تي ويٺي من مستيون ڪيائين. ضرور انهيءَ کي ڏنا هوندائين. اهڙن ڪمن لاءِ ته پئسا گهرجن.“

”توهين بلڪل سچ ٿا چئو.“ ارموخن چيو.

انهيءَ تي مان ڪپڙن مان ٻاهر نڪري ويس ۽ مالڪياڻيءَ کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳس، جنهن ڪري خوب موچڙا مليم. مون کي موچڙن جي سور کان وڌيڪ اهو خيال ستائي رهيو هو ته هن ڳالهه جو ملڪه مارگاٽ تي ڪهڙو اثر پوندو. هن جي نظرن ۾ ساڳي عزت ڪيئن ماڻي سگهندس؟ ان وقت جيڪا منهنجي دل جي حالت هئي اها مان ڄاڻان ٿو. مان شايد پاڻ کي گهوگهو ڏيئي اتي جو اتي پورو ڪري ڇڏيان ها.

اها منهنجي خوش قسمتي هئي، جو سپاهين جي بڪ بڪ انهيءَ ڳالهه کي سڄي محلي جي هر گهٽيءَ ۽ هر گهر تائين پهچائي ڇڏيو هو. اڃا ڏينهن پورو ئي نه ٿيو هو، ته مون پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ جتي ليٽيو پيو هوس، نتاليا جو گجندڙ آواز ٻڌو.

”نه نه! مان ڇو ماٺ ڪيان؟ تون مون کي ڇڏي ڏي! نه ته تنهنجي آفيسر کي اهو ڪجهه ٻڌائينديس، جو توکي ڏينهن جا تارا ڏيکاريندو.“

مان سمجهي ويس ته انهيءَ هل هنگامي جو لاڳاپو مون سان آهي. اها سموري جهڳ جهڳ اسان جي در وٽ ٿي رهي هئي.

”تو ڪالهه مون کي ناڻي جو ٻڪ ڏيکاريو پئي، گهڻا پئسا هئا؟ اهي ڪٿان آيا؟ جلد ڪر، ٻڌاءِ!“

مان خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيس، اوچتو سدوروف جو ڪاوڙ ڀريل آواز ٻڌم، ”چئبو، ارموخن...!“

”ڇوڪري کي انهيءَ ڪري سيکت ملي، تو هن کي موچڙا هڻايا!“

مون چاهيو پئي ته تڪڙو تڪڙو ڊوڙندو، اڱڻ ۾ وڃي، خوشيءَ ۾ جهمر هڻان ۽ ڌوٻڻ جا هٿ پير چمان. پر انهيءَ ويل مالڪياڻيءَ دريءَ مان منهن ڪڍي، هن کي ٻوڪ ڪري چيو، ”ڇوڪري کي انهيءَ ڪري سيکت ملي، جو هو بي ادب بڻيو. باقي توهان جهڙن واهيات ماڻهن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به هن کي چور ڪو نه پئي سمجهيو!“

”واهيات تون آهين! ۽ آءٌ توکي چوان ٿي ته تون وهڙي آهين.“

هن جي اهڙي وات مان مون کي موسيقيءَ جهڙو مزو پئي آيو. پنهنجي رحم جوڳيءَ حالت ۽ نتاليا جي هن احسان تي ويچاريندي، منهنجي دل ڀرجي آئي ۽ وڏي مشڪل سان ڳوڙها جهلي سگهيس.

منهنجو مالڪ هوريان هوريان مون وٽ ڪوٺڙي ۾ داخل ٿيو ۽ هڪڙي تختي تي ويهي رهيو. پنهنجن وارن کي پٺتي ڪندي، چوڻ لڳو ”ادا پيشڪوف، چئبو تنهنجو انهيءَ ڪم ۾ هٿ نه هو.“

مون ڪنهن به جواب ڏيڻ کانسواءِ منهن ڦيري ڇڏيو.

”پر اِها ڳالهه مڃڻي ئي پوندي ته تو جيڪي لفظ چيا، اهي معاف ڪرڻ جهڙا نه هئا.“

مون زهر جو ڍڪ ڀري چيس، ”طبيعت ٺيڪ ٿيندي ئي توهان جو گهر ڇڏي هليو ويندس.“

هن ماٺ ڪري سگريٽ جو سوٽو هنيو ۽ هن جون اکيون مٿي کڄي ويون، پوءِ هوريان چيائين، ”اهو توتي ڇڏيل آهي. هاڻي تون ننڍو ٻار نه آهين. پنهنجي سڀني حالتن تي ويچاري، پنهنجي ڀلي جو فيصلو ڪري سگهين ٿو.“

هو مون وٽان هليو ويو ۽ هميشه وانگر مون کي هن تي رحم اچڻ لڳو.

چئن ڏينهن کانپوءِ مان اتان هليو ويس. منهنجي دل ڏاڍي پئي ٿي ته ملڪه مارگاٽ سان الوداع ڪري اچان، پر همٿ نه پئي ٿيم ۽ مون کي قبول ڪرڻو پوندو ته حقيقت ۾ مان انهيءَ ڳالهه جي انتظار ۾ هوس ته هوءَ پاڻ مون ڏانهن ماڻهو موڪليندي. جڏهن هن جي ڌيءُ کان موڪلائڻ لڳس ته کيس چيم، ”پنهنجي ماءُ کي چئجانءِ ته مان سندس تمام گهڻو شڪر گذار آهيان.“

”هائو“، هن وعدو ڪيو، ۽ چاه ڀريءَ مٺڙيءَ مرڪ سان چيائين، ”چڱو، سڀاڻي تائين الوداع.“

اسان جي ٻي ملاقات ويهن سالن کانپوءِ ٿي، ان وقت هوءَ هڪڙي ملٽري آفيسر جي زال هئي.


[*]  پشڪن پنهنجيءَ زال جي هڪڙي چاهيندڙ سان دوبدو مقابلي ۾ قتل ٿي ويو هو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org