سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (تربيت)

باب-4

صفحو :4

 

باب چوٿون

انهيءَ طرح وري شهر ۾ واپس پهتس. جنهن گهر ۾ مونکي رهايو ويو، اهو ٻماڙ ۽ سفيد هو. انهيءَ کي ڏسي مان ائين محسوس ڪندو هوس ڄڻ هڪڙو تابوت آهي، جنهن ۾ سڄي ڪٽنب کي دفن ڪيو ويو هو، گهر نئين هجڻ جي باوجود  اهڙو لڳندو هو ڄڻ ڪا بيماري وٺي وئي  هجيس، ۽ اهو انهيءَ فقير  جي پيٽ وانگر اڀاميل  نظر ايندو هو، جنهن کاڌي  وڻڻ ڪري پاڻ کي دمي ڇڏيو هجي. اهو گهر  سڙڪ وٽ ڪنڊ ٺاهيو بيٺو هوندو هو، ان جي هر هڪ ماڙ کي اٺ دريون  هيون پر جيڏانهن  جاءِ جي مهڙ هئڻ کپندي هئا، اتي صرف چار دريون هيون. هيٺئين  طبق وارين درين جو منهن پٺ واري پڌر ۽ سوڙهي پيچري ڏانهن هو، ۽ مٿئين طبقن وارين درين جو منهن ڌوٻڻ جي جهوپڙي ءَ ۽ برسات جي گهاري ڏانهن هو.

جنهن کي صحيح  معنيٰ ۾ سڙڪ چئجي، اها ته اتي ڪانه هئا، البت گهر جي اڳيان اهو گندو گهارو پئي ويو،جنهن تي ٻن جاين وٽ سنهڙيون پليون  ٻڌل هيون،  کاٻي پاسي اهو نالو هڪڙي جيل وٽان شروع ٿيو ٿي، ماڻهن ڪچري جا ڍير  ان ۾ ائين اڇلائي ڇڏيا  هئا، ڄڻ  عام گند اڇلڻ  جو مرڪز ئي اهو هو،  ۽ انهن  گند ڪچري جي ڍيرن ڪري گهاري  جي رڳو تري ۾ ڪني پاڻي  جي سائي ڪسي پئي وهندي هئي، اهڙي ريت اهو گهارو ساڄي پاسي وهندو، هڪڙي بيٺل گندي پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ وڃي ٿي پيو، اسان جو گهر ان گهاري جي بلڪل وچ تي جڙيل هو،  ان جي هڪڙي پاسي گپ ۽  چڪ ڀريل ميدان هو جنهن ۾ ڪانڊيرا ۽ ڪانهه اڀريا  بيٺا هئا، ۽ ٻئي پاسي پادري پوڪرو سڪيءَ زمين صاف ڪري باغ هڻي ڇڏيو هو ۽ ان ۾ ڪاٺ جي تختن  سان اونهاري  ۾ آرام لاءِ بيٺڪ بنائي هئائين،  ۽ ان کي ٻاهران ڳاڙهو رنگ ڏياري ڇڏيو هئائين، اهي تختا اهڙا ته سنها  هوندا هئا، جو زور سان پٿر  لڳڻ تي جهري پوندا هئا.

شهر جو هيءُ هنڌ بيحد  ڀوائتو ۽ گندو هو، سرءُ جي موسم  ۾ اهو ويتر گپ ٿي پيو هو، ۽ ان جي گپ ڳاڙهي  کونئر  وانگر لڳلڳدار هئي، ۽ هلڻ وقت پيرن کي چنبڙي ٿي پيئي، ان کان اڳ ڪڏهن به ايتري ننڍڙي ٽڪري ۾ اهڙي گپ ۽ گچ ڪانه ڏٺي هيم،صاف سٿرن جهنگلن ۽ ميدانن سان هري مري وڃڻ کان پوءِ ايتري آلاڻ ۽  ڪيچڙ ڏسي مونکي بڇان پيئي وٺندي هئي.

انهيءَگهاري جي پريان  ڀڳل ٽٽل ناسي لوڙها لڳل هئا، پري کان مون انهيءَ گهر کي سڃاڻي  ورتو، جتي مان جوتن جي دڪان  تي دربان جي نوڪري ڪرڻ وقت  رهندو هوس، انهيءَ گهر جي ويجهڙائيءَ منهنجي اداسائيءَ ۾ پاڻ اضافو ڪيو.

منهنجي پنهنجي نئين مالڪ ۽ ان جي ڀاءُ  سان اڳ ۾ ئي واقفيت هئي، هو منهنجي امڙ سان ملڻ ايندا هئا، ۽ منهنجي مالڪ جي ڀاءُ اتي هڪ ڀيري هڪڙو مسخري وارو راڳ به ڳايو هو، جنهن تي سڀ ڏاڍا کليا هئا، انهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڦيرو ڪونه آيو هو، مالڪ،  جنهن جو نڪ ڪنڍيدار ۽ وار وڏا هئا، اهڙو ئي ساڳيو  کلمک ۽ مهربان ٿي لڳو، هن جي ننڍي ڀاءُ  وڪٽر  جو منهن ساڳيءَ ريت  گهوڙي جي منهن وانگر ڏٻو ۽ داغن سان ڀريل هو. انهيءَ جي ماءُ نانيءَ جي ڀيڻ  گلاخور ۽ بدد ماغ  هئي، مالڪ جي زال جو  مهانڊو موهيندڙ ۽ چمڙي ميدي مان بنايل مانيءَ وانگر سفيد ۽ اکيون وڏيون  ۽ ڪاريون هيون. پهرئين ئي ڏينهن مونکي ٻه ڀيرا ٻڌايائين.”مان تنهنجي ماءُ کي زريءَ جي ڪنارين سان وڳو ڏنو هو.“

مون کي ڪنهن سبب جي ڪري، انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ئي نه پئي آيو ته هن امڙ کي ڪا سوکڙي ڏني هوندي ۽ امڙ قبول ڪئي هوندي، جڏهن ٻيهر اها ڳالهه دهرايائين، تڏهن چيومانس، ”سو تو هن کي اها ڏني هئي، چڱو – پر انهيءَ ۾ پاڻ ڦنڊائڻ  جي ڪهڙي ڳالهه آهي. “

هن وات پٽي چيو، ”ڇا؟  ڄاڻين ٿو ڪنهن سان پيو ڳالهائين؟ “

هن جا ڳٽا ڳاڙها ٿي ويا  ۽ اکيون  ٻاهرنڪري آيون. مڙس کي واڪو ڪري سڏ ڪيائين.هي جوان به ڪن ۾ پينسل ۽ هٿ ۾ ڪمپاس کنيو بورچيخاني ۾ اچي وارد ٿيو، زال جي ڳالهه ٻڌائين ۽ مونکي حڪم ڏنائين، ”پنهنجي مالڪياڻيءَ سان ۽ هتان جي هر هڪ ماڻهوءَ سان ادب سان ڳالهائيندو ڪر! ڪنهن به قسم جي گستاخي بند !“ پوءِ زال ڏانهن منهن ڪري چيائين، ”واهيات ڳالهين  ۾ مون کي تنگ نه ڪندي ڪر.“

” واهيات! ڇا ٿو چوين! جيڪڏهن تنهنجا مائٽ –“

”منهنجا مائٽ وڃي جهنم ۾ پون!“ منهنجي مالڪ رڙ ڪئي، ۽ تڪڙو تڪڙو هليو ويو،

مون کي اها ڳالهه تيئن نه وڻندي هئي ته هي نانيءَ جا مائٽ هئا، مون آزمودي مان ڏٺو هو ته مائٽن جي هلت ڌارين کان به بڇڙي هئي، هڪ ٻئي جي عيبن ۽ اوڻاين جي ڄاڻ  ڪري هو چرچي ڀوڳ  ۾لڪل هڪ ٻئي کي چهنڊڙيون  پائي وٺندا هئا، ۽ جهيڙي لاءِ ته اول ئي سندرو ٻڌي ويهندا هئا.

مون کي پنهنجو مالڪ وڻندو هو، هو پنهنجن وارن کي ڏاڍي ٺاهوڪي نموني ڪنڌ ڌوڻي، پٺتي  ڪر ي ڪنن ۾اٽڪائي، ڇڏيندو هو، هو گهڻين ڳالهين ۾”نيڪ خيال“ جون سڪون لاهيندو هو، ۽ گهڙيءَ گهڙي دل  کولي  ٽهڪ ڏيندو هو، هن جي اکين جي جوت  ۾ قرب  پيو جهاتيون پئيندو هو ۽ هن جو ڪنڍيدار نڪ هن جي گهنجن  مٿان ڄڻ آرام پيو ڪندو هو.

”او  ڙي، جهنگلي  ڪٻريون !” هو پنهنجي  ماءُ ۽ زال کي چوندو هو،”ڇا اوهان جي  ٽان ٽان بند به ٿيندي يا نه؟ “

هن جا ننڍڙا  هڪ ڪرا ڏند کلڻ وقت ڏسڻ ۾ ايندا هئا، سس ۽ ننهن هڪ ٻئي کي سڄو ڏينهن پيون کڙهون هڻنديون هيون، مونکي انهيءَ تي عجب لڳندو هو ته هنن ڪيئن ڳالهه مان ڳالهوڙو  ڪري ٿي وڌو،صبح جو ڦڻي  ڦوهار ڪرڻ ۽ ڪپڙن بدلائڻ  کان اول ئي گهر ۾ ڀاڄ لائي ڏينديون هيون، ڄڻ گهر کي ڪا باهه لڳي ويئي هئي،۽ سڄو ڏينهن  مانيءَ واري وقت کان سواءِ اهڙيءَ ريت زوزٽ ۾ پيون هلنديون  ڦرنديون  هيون، کاڌي جي ڪمري ۾ به جڏهن پيٽن کي ايترو ڏلهنديون هيون جو اندر هڪڙي گرهه جي جاءِ نه بچندي هين، ته پوءِکاڌي  بابت آهستي آهستي پنهنجا ويچار پيش ڪرڻ شروع ڪنديون هيون،  ۽ دنگل لاءِ ميدان تيار ڪنديون هيون، سس کڻي ڇا به پچائيندي، ته به ننهن موڙو ڏيئي، ضرور چوندي. ” امڙ ته ائين ڪين پچائيندي هئي. “

”چئبو خراب پڪل هو.“

”انهيءَ ڳالهه کي ڇڏي ڏي.هن جو وڌيڪ سوادي هوندو هو.“

”پوءِ هلي وڃ نه پنهنجي ماءُ ڏي.“

”مان هن گهر جي مالڪياڻي آهيان. “

”۽ مان ڇا آهيان؟“

۽ مالڪ وچ ۾ ٽپي چوندو هو، ”گهڻو ٿيو جهنگلي ڪٻريون ! توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ چريون ٿي پيون آهيو ڇا؟“

اُن گهر جي هر ڪا چيز بي سبب عجيب ۽کل جهڙي لڳندي هئي.  بورچيخاني کان کاڌي جي ڪمري ڏانهن ويندي ننڍڙي سوڙهيءَ جاءِ مان لنگهڻو پوندو هو، گهر ۾ اُها هڪ ئي، ”جاءِ ضرور“ هوندي هئي  سماوار ۽ کاڌو به اتان ئي کڻي وڃڻو پوندو هو، انهيءِ ڪري ئي کندڪ ۽ بيزاري شروع ٿي ويندي هئي، منهنجي سمهڻ جو هنڌ هڪڙو ڪوچ هو، جو انهيءَ ’جاءِ ضرور‘ جي دروازي ۽ بورچيخاني  جي دروازي جي وچ تي پيو هوندو هو، ڪوچ جا پير ڀت سان لڳو لڳ گهر کان  ٻاهر نڪرندڙ  کليل در ڏانهن هوندا هئا،  انهيءَ ڪري منهنجي مٿي کي بورچيخاني مان تنور جي گرم هوا لڳندي هئي ۽ منهنجي پيرن کي ان بهري منجهان ٿڌي  هوا سٽيندي رهندي هئي، سمهڻ وقت پنهنجن  پيرن کان جيڪي به فرش  تي پيل تڏا ملندا هئم، ويڙهي ڇڏيندو هوس، خاص طرح گهر جي اندريون وڏو ڪمرو بي مزي ۽ اداس  لڳندو هو، ان ۾ سادي  ڪاٺ جون ٽيبلون  ۽ ٻارهن کن  وئنا  جون نيٽ واريون ڪرسيون  پيون هونديون هيون،  هڪڙو ٻيو  ننڍڙو ڪمرو به هوندو هو جيڪو گهر سينگار جي سامان، شادين جي تحفن، چاندي جي ٿالهين  ۽ چانهه جي سامان سان سٿيو پيو هوندو هو.  گهر سينگارڻ جي سامان ۾ ٽي هٿراڌو ٻوٽا  هئا، جن مان هر هڪ ٻين ٻن  کان ميرو ڏسڻ ۾ ايندو هو،  هڪڙو درين  کان سواءِسمهڻ جو ڪمرو به هو جنهن ۾ تمام وڏا پلنگ، پيتيون ۽ ڪٻٽ  پيا هوندا هئا، انهن مان سڪل تماڪ جهڙي بوءِ ايندي هئي، اهي ٽيئي ڪمرا خالي پيا هوندا هئا، سڄو خاندان سدائين کاڌي جي ڪمري ۾ ستو پيو هوندو هو، جتي ايندي ويندي  هڪ ٻئي کي پيا ٿيلها ڏيندا هئا، ۽ وڙهندا گرندا هئا.

صبح جي ناشتي کان پوءِ، اٽڪل اٺين بجي،  مالڪ ۽ سندس ڀاءُ وڏي ميز ريڙهي  آڻي  پوري وچ تي رکندو هو ۽ ان تي پنا پينسلون  ۽ مس جون ننڍڙيون پياليون رکي، ميز جي ڇيڙن تي بيهي ڪم ۾ رنڀي ويندا هئا، ميز جيڪا سڄو ڪمرو والاريو بيٺي هوندي هئي، ڪجهه ڌڏندي هئي، باغ مان ايندي جي نوڪرياڻي  يا مالڪياڻيءَ جو پاسو ميز جي ڪنڊ سان لڳي ويندو هوته وڪٽر دانهن ڪندو هو، ”هتي ٺينگ ڏينديون نه اچو !“

”باسيل !“ مالڪياڻي  ڪاوڙ مان مڙس کي چوندي هئي، ”هن کي سمجهائي ڇڏ ته مون سان ايتريون رڙيون نه ڪري. “

”چڱو، پر هتي اچي ميز کي نه ڌوڏينديون ڪريو!“ هو ٿورو نرميءَ سان جواب ڏيندو هو.

”مان ڇا ڪريان؟  مان پيٽ سان آهيان  ۽ ڪمري ۾ لنگهڻ جي جاءِ ڪانهي.“

ته پوءِ اسين ويهڻ واري ڪمري ۾ڪم ڪنداسين.“

هوءَ انهيءَ تي تپي ڪرڪڻ لڳندي هئي- ”منهنجا ڌڻي! ويهڻ جي ڪمري کي به ڪم جو ڪمرو بنائيندا !“

انهيءَ وقت سس جو ڪاوڙ ۾ڀريل  منهن  جيڪو  بورچيخاني  جي باهه تي لال ٿيل هوندو هو،ٻاهر نڪري ايندو هو ۽ چوڻ لڳندي هئا، ”ڌٺو هن کي! ضرور توهان جي ڪم ۾ رنڊڪ وجهي! هنکي ٻيا چار ڪمرا ته ڄڻ پورائي نٿا پون!“

وڪٽر ٽهڪ ڏيڻ لڳندو هو ۽ مالڪ رڙ ڪري چوندو  هو، ”هاڻي بس ڪر!“

هوڏانهن نهن پاڻ کي ڪرسي  تي ناٽڪي نموني اڇلي، ڪنجهڻ لڳندي هئا-”اڙي  مان مران ٿي ! اڙي منهنجو دم ٿو نڪري!”

”الله جي مار پويوَ! منهنجي ڪم کي نه رنڊايو !”مالڪ رڙ ڪندو هو، هن جو چهرو ٿڪ کان پيلو لڳندو هو. ”پاڳل  خاني  ۽ هتي  رهڻ ۾ ڪهڙو فرق آهي! ۽ مان پاڻ کي اوهان جهنگلي  ڪٻرين جي پيٽ پالڻ  لاءِ پيو ڳاريان!“

پهريائين مونکي انهن ملاکڙن ڊيڄاري ڇڏيو، خاص طرح هڪڙي ڀيري انهيءَ وقت جڏهن مالڪياڻي ءَ ٽيبل  تان ڇرو کڻي پاڻ کي وڏي صفحي ۾بند ڪري ڪلف ڏيئي  ڇڏيو ۽ اتي چرين  وانگر  رڙيون ۽ رانڀاٽ شروع ڪيائين  جڏهن ماٺ ٿي  ويئي، تڏهن مالڪ،  جيڪو در کولڻ ۾ ناڪامياب ٿيو هو،  مون کي چوڻ لڳو،”منهنجي  ڪلهي تي چڙهي در جو ڪڙو لاهه. “

جيئن ئي مون هن جي پٺي ءَ تي چڙهي در  جو شيشو ڀڃي، ڪڙي لاهڻ لاءِ منهن اندر ڪيو ته مالڪياڻيءَ ڇري سان منهنجي مٿي تي رپڙ ڪري وڌو،  مون ڪيئن به ڪري ڪڙولاٿو، ۽ مالڪ زور سان زال کي کاڌي جي ڪمري ڏانهن گهلي ويو ۽ گهڻي ڇڪتاڻ کان پوءِ هن کان چاقو کسي ورتائين، انهيءَ وچ ۾ مان بورچيخاني  ۾ وڃي  پنهنجي ڦٽيل مٿي جي سنڀال ڪرڻ لڳس، ۽ انهيءَ نتيجي  تي پهتس  ته منهنجي سموري تڪليف اجائي هئي، ڇاڪاڻ ته اها ڇري  اهڙي ته مڏي هئي، جو ڊبل  روٽي به نه ڪٽي سگهي ها، منهنجو مالڪ جي پٺيءَ تي چڙهڻ به فضول هو، مان ڪنهن ڪرسيءَ تي چڙهي به سولائي سان شيشو ڀڃي سگهان ها ۽ ڪنهن ڊگهين ٻانهن  واري ماڻهو لاءِ ته ڪڙو کولڻ پاڻ وڌيڪ سولو هو، انهي ءَ هنگامي کان پوءِ مان وري ڪڏهن به اهڙن نظارن تي نه ڊنس.

ٻيئي ڀائر  چرچ جي راڳ واري ٽولي ۾ شامل هوندا هئا، هو ڪم ڪندي ڳائڻ شروع ڪري ڏيندا هئا، وڏو ڀاءُ شروع ڪندو. ”ڇوڪريءَ جي دل منڊي ۾ هئي جيڪا مون سمنڊ ۾اڇلائي ڇڏي هئي،!“ ۽ ننڍو ڀاءُ وراڻي  ڏيندس، ”۽ انهيءَ منڊيءَ سان مون هن جي خوشي هن ڌرتي تي چٽ  ڪر ي ڇڏي!“

ٻار جي ڪمري  مان مالڪياڻي ءَ جو چڙ ڀريو آواز  ايندو هو – ” توهان جو مغز ته ٺيڪ آهي؟ ٻار اڃان هاڻي سمهيو آهي!“ يا ”باسيل، تون پرڻيل ٿي ڪري به  اهڙا راڳ ٿو ڳائين، ڄاڻ ٿو عبادت جو گهنڊ وڄي، اتي وڃي ڪي ثواب جا راڳ ڳائجو!“

”ايتو ٽيڪو ڇا تي مچايو اٿئي؟ هي ته چر چ جي گيت جو سر آهي.“

انهيءَ تي مالڪياڻي جواب ڏيندي هئي ته ”چرچ جا گيت جهڙي تهڙي هنڌ ڳائي نٿا سگهجن!“

”اسان کي ضرور هتان  ٽپڙ  ويڙهڻا  پوندا، نه ته خبر ناهي اسان جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ “

مالڪ ٽي سال ساندهه، انهيءَ ڳالهه جو ذڪر  ائين ئي ڪندو رهيو جيئن تقريباً هر روز هو  ميز کي بدلائڻ جو ذڪر ڪندو هو.

جڏهن منهنجن مالڪن وٽ ٻين جو ذڪر نڪرندو هو،ته مونکي جوتن جو دڪان ياد اچي ويندو هو،جتي به اهڙي قسم جون ڳالهيون  نڪرنديون هيون هتي هي به سڄي شهر ۾ پنهنجو مٽ ۽ ثاني   ڪنهن کي به نه سمجهندا هئا، اخلاق جا قاعدا قانون ته کين  اصل زيرين  زبرن  سان ياد هئا، هو انهن قاعدن قانونن تي جن کان مون کي منجهه ٿيندي هئي، ماڻهن کي پرکيندا هئا، ۽ انهن خلاف بڇڙيون بڇڙيون فتوائون  ڏيندا هئا، پاڻ کي ڇڏي،   ٻين تي اهڙين فتوائن صادر  ڪرڻ ڪري منهنجي دل ۾ پنهنجن مالڪن تي چڙ ۽ ڪاوڙ هوندي هئي ۽ انهن  جي اخلا قي اصولن  کي ڀڃڻ  مان مون کي خوشي ٿيندي هئي.

مون کي اتي ڏاڍو گهڻو ڪم ۽ گهرو نوڪر جا سڀ فرض پورا ڪرڻا پوندا هئا، اربع جي ڏينهن بورچيخاني  کي ٻهارڻ، فرش  کي پوچي گهمائي سماور  ۽ ٿانو صاف ڪرڻا پوندا هئم. ۽ ڇنڇر  جي ڏينهن  ٻين ڪمرن ۽ ٻن ڏاڪڻين کي ڌوئيندو  هوس، ڪاٺيون  ڏاريندو  به هوس ۽ اندر به ڪندو هوس، ڀاڄيون  صاف به ڪندو هوس، ۽ وڍيندو به هوس،  مالڪياڻي  سان ٽوڪري کڻائي  بازار به ويندو هوس ۽ هن هـُن ڪم سان سيڌي وارن ٻين دڪانن تي به وڃڻو پوندو هوم.

پر ڪم جي خيال  کان منهنجي  اصل مالڪياڻي  ڄڻ نانيءَ جي واتوڙي ۽ ڪاوڙيل پوڙهي ڀيڻ هئي، هوءَ صبح جو ڇهين بجي اٿندي هئي، جلدي جلدي  هٿ منهن ڌوئي  گنجي ۾ ئي يسوع مسيح کي پنهنجي آزين ۽ شڪايتن سان، جي پنهنجي پٽن ۽ ننهن بابت هن کي هونديون هيون، تنگ ڪرڻ لاءِسندس مجسمي جي اڳيان  وڃي بيهندي هئي. ”مالڪ!“ هوءَ پنهنجيون ٻه ڏسڻيون  آڱريون  ۽ آڱوٺا  لوندڙيءَ تي رکي روئڻهارڪي آواز ۾ چوندي هئي ”مان توکان ڪجهه نٿي گهران، مون کي ڪجهه نه گهرجي،  صرف ٿورو آرام، ٿورو سک عطا ڪر، تنهنجي طاقت جي اڳيان  ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي.“

هن جي سڏڪن تي مان جاڳي پوندو هوس، ننڍاکڙو،  پنهنجي بلئنڪيٽ هيٺان هن ڏانهن نهارڻ لڳندو هوس، ۽ هن جون جوش ڀريل  دعائون ٻڌي ٿورو خوف محسوس ڪندو هوس، مينهن ڌوتل  درين جي شيشن مان سرءُ جو صبح  جهڪو ڏسڻ ۾ ايندو هو،  اڌ رات جو سرديءَ ۾ هن  جي اونداهي شڪل فرش تي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين پيئي ڦرندي هئي  ۽ سندس ٻئي هٿ  ڀوائتي نموني پيا لڏندا هئا، هن جا ڇڊڙا  وار رومال مان کسڪي، هن جي ڪنڌ ۽ ڪلهن تي اچي پوندا  هئا، هوءَ رومال کي پنهنجي کاٻي هٿ سان مٿي تي ٺاهي به رکندي هئي ۽ ڪاوڙ ۾ چوندي به هئي، مصيبت آهي! پنهنجي مٿي کي ڌڪ هڻي ڇاتي ۽ پٺي  ڪٽي، التجا ڪرڻ لڳندي هئي،-“او ڌڻ ! منهنجي ڏکن جو حساب منهنجي ننهن کان وٺ. جيڪي مونکي گهٽ وڌ ڳالهايو اٿائين ان لاءِ ڪا سيکت ڏينس. ۽ منهنجي پٽ وڪٽر جون اکيون کول، او  ڌڻي، وڪٽر  جي مدد ڪر، هن تي پنهنجي ٻاجهه ڪر.“

وڪٽر بورچيخاني ۾ سمهندو هو، ماءُ جو روڄ ٻڌي چوندو هو، وري ننهن کي پٽڻ شروع ڪيو اٿئي؟ ڪهڙي نه شرم جي ڳالهه آهي.

”چڱو ٿيو، تون ننڊ ڪر! پوڙهي ڏوهاريءَ وانگر ڀڻڪندي چوندي هڻي، پر گهڙي سواءِ جي ماٺ کان پوءِ هوءَ پنهنجي دعا جا خاتمي وارا جملا چوندي هئي، ”شل انهن جا هڏا  چور ٿين، شل انهن کي مٿي لڪائڻ لاءِ اجهو نه ملي! او منهنجا مالڪ!“ ناني جو ن دعائون به اهڙيون خوفناڪ هونديون هيون جهڙيون هن جون هونديون هيون.

دعائون  پوريون ڪري هوءَ اچي مون کي اٿاريندي هئي، ”اٿي ڙي، اٿي! جيڪڏهن صبح  جو سوير  نه اٿندين ته حياتي ۾ ڇاڪندين؟ سماور  رک ڪاٺيون کڻو،  آءُ  رات جو ڪجهه ڏاري ڇڏيو اٿئي يا نه؟ “

مان هن جي گجي وهندڙ  ڪنجهه ڪنجهه  ٻڌڻ کان نٽائڻ لاءِ سمورو ڪم جهٽ پٽ ڪري وٺندو هوس پر هوءَ راضي ٿيڻ جي ئي نه هئي، بورچيخاني ۾مون تي دڙڪن  ۽ دهمانن جو ڌوڙهيو لڳائي ڇڏيندي هئي، اڙي شيطان، ٿورو هوريان جيڪڏهن وڪٽر کي جاڳايئه ته ڏينهن جا تارا ڏيکاريندي سانءِ. ”جهٽ ڪر ڊبل روٽين جي دڪان ڏانهن ڀڄ !“

هر روز مالڪياڻي لاءِ ٻه پائونڊ سفيد ماني ۽ ڪجهه رول خريد ڪري ايندو هوس، جڏهن مان پڙو کڻي ايندو هوس، ته ٻيئي، عورتون ان کي شڪي  نگاهن سان ڏسنديون هيون ۽ پنهنجي  هٿن تي توري چونديون هيون. ”ڇا،  دڪان واري رونگ نه ڏني؟ نه؟  وات پٽ!“ ۽ فاتحانه  نموني  واڪو ڪنديون هيون، ”ڏس ! هن جي ڏندن ۾ ذرڙا پيا آهن،  جيڪا هن رونگ ڏني هئي سا سموري پاڻ ڳڙڪائي ويو آهي،باسيل ڏسين ٿو!“

مان ڪم چاهه سان ڪندو هوس. گهر مان مٽي صاف ڪرڻ ۾ مون کي مزو ايندو هو، تنهن ڪر ي فرش جي پوچي ٿانون جو ڌوئڻ ۽ درن جي بولٽن جي پالش چڱيءَ طرح ڪندو هوس، وقتي وقتي جڏهن گهر ۾ سانت ۽ صلح هوندو هو، تڏهن عورتن کي پاڻ بابت چوندي ٻڌندو هوس،  ”ڪم چور ناهي.صاف سٿرو به آهي ”پر بيهودو آهي“  – ”پر امان هن جي پرورش ڪٿي ٿي آهي!“

ٻنهي مون کي اها  ڳالهه سيکارڻ شروع ڪئي ته مان هنن جي عزت ڪريان پر هنن جي لاءِ منهنجي دل ۾ ڪڏهن به عزت پيدا نه ٿي، ڇاڪاڻ ته مان انهن کي ڪم عقل سمجهندو هوس،  هو مون کي وڻنديون ئي، نه هيون تنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻي ٻجهي هنن جو چيو نه وٺندو هوس، ۽ کتا جواب ٻڌائيندو هو مان. مالڪياڻي جڏهن ڏسندي هئي ته هن  جا واعظ اجا يا ٿي ويا تڏهن گهڙي گهڙي مون کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ چوندي هئي ”توکي ياد رکڻ گهرجي ته تون ڪهڙي سڃي گهر جو ڇوڪر آهين، مان تنهنجي  ماءُ کي ريشمي وڳو زريءِ جي ڪناري سان ڏنو هو.“

تنهن تي هڪڙي ڏينهن چيومانس،”انهيءَ جي عيوض توکي منهنجي کل کپي ڇا؟“

خدا جي پناهه.  هن جو ش مان رڙ ڪئي، ”اڙي هي ته  گهر کي باهه ڏيئي، ڇڏيندو!.“

انهيءَ رڙ  منهنجون وايون بتال ڪري ڇڏيون، هن منهنجي  لاءِ اهڙي ڳالهه ڇو چئي؟“

انهيءَ واقعي کان پوءِ ٻنهي  عورتن مالڪ کي وڃي منهنجي دانهن ڏني ۽ هن مون کي سخت ڳالهايو،-” ڇوڪرا قدم سنڀالي کڻ!. مگر ٻئي ڀيري پنهنجي ماءُ ۽ زال کي ڇيڀيندي چيائين. ”توهين به ٻيئي ڪهڙيون  نه بيقدريون  آهيو ”ڇوڪرو گهوڙو آهي ڇا، جو هن کي ائين  پيون وهايو؟ ٻيو هجي ها ته ڪڏهوڪو ٽپڙ ٻڌي هليو وڃي ها،پر اوهين ان کان اڳي هن کي جيئرو به ڇڏيو ها؟“

اهو هن جو چوڻ هنن کي ڪنڊو ٿي لڳو، ٻيئي دانهو ن ڪرڻ لڳيون، هن جي زال آپي کان ٻاهر نڪري  مڙس کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳي، ڊگهن وارن وارا بيوقوف!توکي ايترو به عقل ڪونهي، تون اهڙيون ڳالهيون هن جي سامهون چئي رهيو آهين هاڻي هو منهنجي چئي ۾ڪيئن رهندو؟ ”خاص طرح منهجي ههڙي حال ۾؟“

هن جي ماءُ غمگين ٿي چيو.”باسيل الله توکي معاف ڪري، پر مان توکي ٻڌائي ٿي ڇڏيان  ته تون ڇوڪري کي پر ڪارن مان ڪڍي رهيو آهين.

جڏهن هو گجي ۽ گڦ ڪڍنديون ٻاهر هليون ويون، ته مالڪ خار مان چيو ”ڏسين ٿو شيطان، مان تنهنجي  ڪري ڪهڙي ڏچي ۾ پئجي ٿو وڃان.  جي اهي حال اٿئي، ته جلدي ناني وٽ وڃي ٿڳڙيون ميڙيندين.

اهڙي گهٽتائي منهنجي سهڻ کان ٻاهر هئي، ۽مون جواب ڏنس، مان ٿڳڙيون  ميڙڻ ۾ چڱو هوس، مون کي تو وٽ ڪم سکڻ لاءِ آندو ويو هو، پر تو مونکي ڪهڙي سکيا ڏني آهي؟  جوٺا ٿانو صاف ڪرڻ؟ “

مون کي  وڌي اچي ڄنڊن کان جهليائين، پر هن ۾ ڪاوڙ نه هئي، منهنجي اکين ۾ سڌو نهاريندي عجب ڀرئي لهجي ۾ چيائين، ”چئبو تون بغاوتي  آهين، هان؟  پر منهنجا پٽ، ائين مون سان ڪين هلي سگهندين.نه سائي ن،  نه!

مون سمجهيو ته منهنجو تڏو هاڻي گول آهي پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هو بورچيخاني  ۾ آيو، هن جي هٿ ۾ ڊرائنگ جا ڪاغذ – پينسل رول  پلڪار ۽ فوٽ پٽي هئي، من کي چيائين، ”جڏهن ڇريون صاف ڪر ي ڇڏين ته هي ويهي اتارجانءِ. ۽ مون  کي هڪڙي ٻماڙ جاءِ جي اڳياڙي واري خاڪي جنهن ۾درين  وارا هنڌ خالي هئا ۽ ان تي  عجيب نقش نگار ڪيل هئا، ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، اچي هيءَ ڪمپاس اٿئي، جتي ليڪون ختم ٿين اتي ٻڙين  جا نشان ڪڍجانءِ، جي سڌيون وڃن ۽ پوءِ اهي ليڪون ڪڍجانءِ جي ڦڏيون هجن چڱو هاڻي ڪم شروع ڪر. “

مون کي ههڙي صاف سٿري ڪم ملڻ تي سرهائي ٿي. انهيءَ هوندي به ڪاغذ ۽ڪمپاس کي ڏسي وائڙو ٿي ويس، ڇاڪاڻ ته انهن کي ڪم آڻڻ جي ڄاڻ ڪانه هيم، مان هٿ ڌوئي ڪم ۾ جنبي ويس، مون سڀئي، سڌيون ليڪون نقل ڪري اصل سان ڀيٽي  ڏٺيون  ته ٺيڪ هيون پر ٽي البت بيڪار هيون.  ڦڏين  ليڪن پائڻ  کان پوءِ جڏهن ڏٺم  جاءِ جو منهن ئي ڦري ٻئي پاسي تي ٿي ويو آهي، ته ڏاڍو اچرج  ۾  پئجي ويس، جڏهن ان  جون دريون نقل ڪيم، تڏهن ڏٺم ته هڪڙي دري چوکٽ ڇڏي هوا ۾ لڏي رهي آهي جاءِ ۾داخل ٿيڻ  وارا  ڏاڪا ٻيءَ ماڙ ڏانهن سرڪي ويا هئا، جاءِ جي ڇت جي هڪ ڪنڊ ۽ پاڻي  جي نيڪال واري نالي پنهنجو پاسو ڇڏيو، نالي چمنيءَ جي مٿان ۽ڪنڊ ڇت جي وچ ۾ مٿان منهن ڪڍيو بيٺي هئي.

مان مشڪل سان پنهنجا ڳوڙها روڪي، پنهنجن ايترين سارين غلطين جو سبب معلوم ڪرڻ لڳس، جڏهن پتو نه پيم ته اٽڪل جا ڌڪا هڻڻ لڳس،مون جاءِ جي مهاڙ ۽ ڇت جي چوٽيءَ ۽ ڪنگرن تي  ڪانون ڳيرن ۽ جهرڪين جون  شڪليون ڪڍي ڇڏيون.۽ درين جي ڀرسان گهٽيءَ ۾ منڊن ٽنڊن واٽهڙن  جون تصويرون بنايون، جي ڇٽيون کنيو پئي ويا، پر انهن مان به هنن جا بيڊولا عضوا ظاهر پئي ٿيا، پوءِ مون سڄي پني تي رول سان پاسيريون تصويرون ڪڍي پنو مالڪ حوالي  ڪري ڇڏيو.

هن پنهنجي وارن کي پٺتي ڪيو ۽ هن جون اکيون عجب ۾ پٽجي ويون،تُرشيءَ سان مون کان پڇيائين، ”هي سڀ ڇا هي؟“

”مينهن ٿو وسي. .. پاسيرو ٿو وسي، تنهن ڪري  گهر به پاسيرو ٿو لڳي، ”پکين لاءِچيومانس، ”اهي پکي آهن  مينهن کان بچڻ لاءِ اتي اچي ويٺا آهن. مينهن ۾ گهڻو ڪري اهي ائين ڪندا آهن ۽ هي ماڻهو پنهجن گهرن ڏانهن ڀڄندا پيا وڃن هيءَ جيڪا عورت آهي اها ويچاري ترڪي پئي هئي، ۽ هي گهورڙيو ليمان ٿو وڪڻي. “

”تنهنجي  سمجهاڻي جي وڏي مهر باني.“ مالڪ چيو: پوءِ ايترو ته هيٺ جهڪيو جو هن جا وار ڪاغذکي ڇهڻ لڳا، ۽ ٽهڪ  ڏيندي، رڙڪيائين. ”اڙي ڍڳا تنهنجا ته ٽڪر ٽڪر ڪري ٻاهر ڦٽا ڪجن، تنهنجي ته وٺي ڪري...“

مالڪياڻي  اندر آئي ۽ تصوير  کي ڏسندي مڙس کي چيائين، ”موچڙا ڏينس!“

پر مالڪ نرمي ءَ سان جواب ڏنس.”شاگرديءَ جي زماني ۾ منهنجا پڻ اهڙا افعال هئا.“ منهنجي تصوير تي ڳاڙهي  پينسل سان منڌيئڙي جو نشان ڪڍندي مون  کي ڪجهه ٻيا پنا ڏنائين، وري ڪوشش ڪر !“

”منهنجي ٻي ڪوشش  وڌيڪ ڪارگرثابت ٿي. رڳو دري ڦري دروازي واري هنڌ اچي وئي، مون کي سکڻي  جاءِ ڪين ٿي وڻي سو ان ۾ مسواڙي ويهاري ڇڏيم، جن مان جي عورتون درين مان منهن ڪڍي پکا هڻي رهيون هيون ۽ انهن جا عاشق انهن ڪي سامهون سگريٽ ڇڪي رهيا هئا، انهن ۾هڪڙو اهڙو ماڻهو هو جيڪو سگريٽ نه ڇڪندو هو، تنهن ڪري هو ٻين تي ڪاوڙجي رهيو هو، مون هڪڙو گاڏي وارو دروازي جي ويجهو بنايو، جنهن جي پيرن وٽ ڪتي پئي ليٿڙيون کاڌيون.

”منهنجي مالڪ پڇيو. ”وري هي لينگها ڇا جا آهن؟“

جڏهن مون کيس سکڻي گهر بابت پنهنجن جذبن کان واقف ڪيو ته هن خار مان چيو.”کڏ ۾ پون تنهنجيون بيوقوفيءَ جون ڳالهيون، جيڪڏهن سکڻ تي دل اٿئي ته  دل سان ڪم ڪر،  هيءَ سڀ  بڪواس آهي. “

آخر جڏهن  مان هن جي نقل  جي ڪم ۾ گهڻي  قدر ڪامياب ٿي ويس ته اهوڏسي هو خوش ٿيو،- ”ڏس تون ڇانه ٿوڪري سگهين ! هاڻي اهو سڀ توتي مدار ٿو رکي چڱو، هاڻي ڌيان ڏي.“

پوءِ مون کي سمجهائڻ لڳو –” هن گهر جو نقشو ڪڍ، جنهن ۾ ڪمرن جي بيهڪ ۽ درن ۽ درين  وغيره جا هنڌ صاف صاف ڄاڻاءِ مان توکي ڪجهه  به نه ٻڌائيندس،تون پاڻ ڪوشش ڪر.“

مان پنا وٺي بورچيخاني  ۾ ويس ۽ انهن تي مٿا ڪٽ ڪرڻ لڳس ته ڪهڙي ريت ڪم سرانجام ڏجي؟  پر بلڪل اتي ئي منهنجي نقشن ڪڍڻ جي تعليم پوري ٿي ويئي، مالڪ جي ماءُ ڪاوڙ ۾ ڪوڪٽ ڪندي ۽ ڪاريهر وانگر ڦوڪارا ڏيندي چيو، ”هاڻي تون نقشا ويٺو ڪڍين.  ڄنڊن کان جهلي اهڙو زور سان منهنجو مٿو ميز سان هنيائين جو نڪ ۽ چپ رهڙجي پيم، پنا کڻي ٽڪر ٽڪري ڪري ڦٽا ڪيائين،ڊرائنگ جو سامان جهٽ هڻي کسي ورتائين. ڍاڪن تي هٿ رکي فاتحانه انداز ۾ چوڻ لڳي، ”ڪير اهڙي ڳالهه سهي سگهندو؟ ٻين کي ڪم پيو سيکاري ۽  پنهنجو هڏ ۽ رت، سڳو ڀاءُ ڪم لاءِ وتي پيو ٿاٻا کائيندو“.

منهنجو مالڪ ڊوڙندو  آيو. هن جي پٺيان هن جي زال هڪي  ٻڪي هلي آئي ۽ پوءِڌڪڙ تي اٽو لڳو ٽنهي پئي هڪ ٻئي تي چيٽو ن ۽ واڪا ڪيا، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن ٿڪون پئي اڇلايائون. آخر رنن روئڻ شروع ڪيو ۽ مالڪ مون کي چوڻ لڳو، ڪجهه ڏينهن لاءِ ماٺ ڪر ڏسين ٿو ته اسان ۾ڪهڙو نه رڳڙو پيدا ٿي ويو آهي.“

مون کي هن سان همدردي ٿيڻ لڳي، رنن جي رڙين ۽ روڄ ويچاري  غريب جا ڪن ٻوڙا ۽ ماشا خطا ڪري ڇڏيا هئا.

مونکي انهيءَ جو اول ئي پتو پيو هو ته ٻڍي رن منهنجي تعليم ۽ تربيت ۾ ارهي آهي،  ۽ انهيءَ کي روڪڻ لاءِ ويهن ئي ننهن جو زور پيئي ڏئي، تنهن ڪري نقشي تي ويهڻ کان اول هن کان هميشه پڇندو هوس، ”منهنجي  لاءِ ڪو ڪم آهي؟“ هوءَ گهنڊ وجهي جواب ڏيندي هئي، ”جڏهن ٿيندو تڏهن توکي ٻڌائينديس ۽ ٿورن  منٽن کان پوءِ منهنجي لاءِ ڪو نه ڪو ڪم ڳولي وٺندي هئي،يا چوندي هئي، تو  اڄ ڏاڪڻ ڪهڙي نه سٺي صاف ڪئي آهي، پر اڃا به ڪنڊن ۾ گند پيوآهي، وڃ وڃي پهرين ان کي صاف ڪر.“

مان وڃي ڏسندو هوس ته گند جو زرو به  ڪونه هوندو هو، تنهن تي هو رڙ ڪري چوندي هئي. ”توکي اها مجال ڪٿان ٿي جو مون کي ٿو ڪوڙو ڪرين.“

هوءَ منهنجي نقشن کي گندو ڪري ڇڏيندي هئي، هڪڙي ڀيري ٻوڙ جو رس ۽ ٻئي ڀيري مجسمي واري بتيءَ وارو تيل انهن تي هاري ڇڏيائين، پوءِ جيڪي به حرڪتون ڪندي هڻي سي ٻاراڻيون هونديون  هيون ۽ اهي ٻاراڻي  نموني رٿيل هونديون هيون  ۽ انهن کي ٻاراڻيون نموني  لڪائڻ  جي ڪوشش ڪندي هئي، مون به ٻيو اهڙو ماڻهو ڪونه ڏٺو هو آهي، جيڪو هلڪڙين هلڪڙين ڳالهين  تي ايترو  پاڻي مان نڪري ويندو هجي  ۽ جنهن کي پنهنجي شڪايتن مان ايتري خوشي حاصل ٿيندي هجي، ٻين جي شڪايت عام عيب آهي،  پر هو ڳالهه اهڙي ڍنگ سان ڪندي هئي، ڄڻ  ته گيت جهونگاري رهي آهي.

هن کي پنهنجي پٽ وڪٽر سان  چريائپ تائين پيار هو. مون کي ان تي گهڻو ڪر ي کل ايندي هئي، پر جڏهن  ان جي اظهار ڪرڻ ويل وڦلڻ لڳندي  هئي ته مون کي خوف  وٺي ويندو هو، بعضي بعضي صبح جي عبادت کان پوءِ تنور  جي ڪنارن  تي بيهي پنهنجون ٺوٺيون  ستل پٽ جي پلنگ جي مٿي واري ڪاٺ تي رکي تپ ۾ ورتل ماڻهوءَ وانگر ڪڻڪڻ شروع ڪندي  هئي، -“ منهنجا بختاور !  منهنجا ديوتا  منهنجي رت  جا قطرا ..... سچا موتي – نوراني فرشتا .....  ننڊ ڪر. ٻارڙا ننڊ ڪر ۽ اهڙي سهڻي  ڪنوار جا خواب لهه، جيڪا سڀني کان سونهن ۾ سرس  هجي ..... ڪا شهزادي  يا ڪروڙ پتيءَ جي ڌيءَ هجي! تنهنجا ويري شل ڄمندي مرن! تنهنجا سڄڻ شل ويجهن وڌن، هزار سال رهن! شل ڇوڪريون تنهنجي پٺيان ڦرنديون وتن. ائين  ولر ڪيو وتن جيئن ڪڪڙ پٺيان ڪڪڙيون.“

اها ڳالهه مون کي کل ۽ چريائپ جهڙي محسوس ٿيندي هئي.

وڪٽر واهيات ۽ رولو هو. هن جي نڪ ۽ ڪاٺڪٽي  جي چهنب ۾ ڪنهن به قسم جو فرق ڪين هو ۽ ان وانگر ئي هو وڏائي خور هو، جيڪڏهن هو ماءُ جي دعائن تي جاڳي پوندو هو، ته ننڊاکڙي آواز سان چوندو هو، ” شل خدا جي مار پوئي، امان! منهنجي منهن ۾ انهيءَ ڳڙ ڳڙ  ڪرڻ جي معنيٰ ڇا آهي؟ توسان گڏ رهڻ به جٺ آهي. “

انهيءَ تي هوءَ کلندي کسڪي ويندي هئي- ”سمهه،  سمهه ! منهنجا جوان پٽ!“

۽ ٻين  وقتن تي ائين لڳندو هو ڄڻ  ڪرڻ تي آهي. هن جا پير تنور جي ڀرسان ٿڙڻ ۽ ٿڙڪڻ لڳندا هئي، ۽ اهڙي ريت سهڪي ڄڻ هن جي زبان  کي باهه لڳي ويئي آهي، چوڻ لڳندي هئا، هان؟ تون پنهنجي ماءُ کي خدا جي مار ٿو وجهين؟ حيف آهي توتي! ذليل،تو منهنجو جيءُ ئي جلائي ڇڏيو آهي، شايد تنهنجي ڄمڻ ويل شيطان اچي مون ۾واسو  ڪيو هو جيئن اڳتي هلي ڪٿي تباهه ٿي وڃين!“

 پوءِ هن جي وات مان اهڙين ته گندين گارين جا واهه وهي نڪرندا هئا، جن جو ٻڌڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو.

هن کي رات جو پوري ننڊ نه ايندي هئي، رات جو ڪيترائي ڀيرا تنور جي ڇت تان بي آراميءَ سان هيٺ ٽپو ڏيئي اچي مون کي جاڳائيندي هئي.

”ڇاهي؟“

”چپ !“

۽ اونداهه ۾ ڪنهن شيءَ ڏانهن گهوريندي، پاڻ تي صليب جو نشان بنائيندي  هوريان چوندي هئي، ”او ڌڻي. او حضرت الياس،او شهر  بار برا مون کي اوچتي موت  کان پناه ڏي !“

پوءِ ڏڪندڙ  هٿن سان  بتي ٻاريندي هئي، هن جو وڏي  نڪ وارو منهن سڄيل ۽گهٻرايل ڏسڻ ۾ ايندو هو، ۽ هن جون شيريون اکيون گهرجي شين کي، جي موم بتي جي روشنيءَ ۾ اوپريون پيون لڳنديون هيون گهورڻ لڳنديون هيون.

هنن جو بورچيخانو پيتين ۽ ڪٻٽن جي ڪري ننڍڙو لڳندو هو، چانڊاڻ  ان ۾ڪاٺ ڪيو اندر هلي ايندي هئي، ان ۾ رکيل مجسمي جي ڏئي جي لاٽ مرندڙ ساهه وانگر پيئي ٽمڪندي هئي. ڀت تي ٽنگيل ڇريون ۽ڪانٽا  برف جي لارن وانگر چمڪڻ لڳندا  هئا، ۽ پٽ تي پيل ڪاريون تيون اکين بنان منهن وانگر لڳنديون هيون.

ڪڏهن ڪڏهن ٻڍي تنور جي ڇت تان پير  اهڙيءَ ريت هيٺ رکندي هئي ڄڻ ته ڪناري تان هيٺ نديءَ  ۾ لهي رهي آهي، ۽ پيرن اگهاڙي  هلندي ڪنڊ ۾ پيل گهڙا منجيءَ  وٽ اچي پهچندي هئي، ان تي وڏي منهن وارو هڪڙو گهڙو پيو هوندو هو جنهن کي ڏسي مونکي جسم کان جدا ڪيل مٿي جو خيال ايندو هو. ٻيو پاڻي سان ڀريل گهڙو پٽ تي پيو هوندو هو. هوءَ اتان پاڻي ڀري سهڪندي ۽ ساهيون کڻندي  پيئندي هئي، پوءِ دري ءَ جي شيشي  تي ڄميل  نيري  پاري  مان ٻاهر نهارڻ شروع ڪندي هئي، ۽ هوريان دعا گهرڻ لڳندي هئي –

”رحم. منهنجا مالڪ رحم !“

پوءِ بتي وسائي گوڏن تي ويهي  عجيب نموني مڻڪندي هئي -  ”منهنجا خاوندنه ڪنهن کي مون سان پيار آهي،نه ڪنهن کي منهنجي ضرورت آهي؟

وري تنور  تي چڙهي  چمنيءَ جي پڙ کي کولي  ڏسڻ لڳندي هئي، ته هوا واري نلڪي  پري هنڌ تي آهي يا نه. ائين  ڪندي  هن جي هٿن کي ڪاراڻ  لڳي ويندي هئي،  پوءِ ٺهه پهه ائين  سمهي پوندي هئي، ڄڻ ڪنهن  غيبي  هٿ وٺي  سمهاري ڇڏيو هوس، جڏهن مون  کي هن تي چڙ ايندي هئي، تڏهن چوندو هئس، ”ڪهڙي نه ڏک جي ڳالهه آهي جو ناني هن ٻڍي  سان شادي نه ڪئي، هنن ٻنهي جي ڪهڙي نه حياتي  گذري  ها!“ ور ور ڪري هن مونکي بيحد  تنگ ڪيو پر اهڙا  ڏينهن به ايندا هئا جڏهن هن جي ڦوڪيل منهن کي غم وڪوڙي ويندو هو،هن جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳندا هئا،  ۽ هوءَ ڏک ڀرئي لهجي ۾ چوندي هئي.  ” تون سمجهندو هوندين مون زندگي مزي ۾گهاري آهي؟ مون ٻارن کي ڄڻيو پاليو ۽ انهن کي کٽڻ ڪمائڻ لائق بنايم، پر ڇا جي لاءِ؟  انهيءَلاءِ ته انهن جي نوڪرياڻي ٿيان. سمجهين ٿو انهيءَ ۾ مون کي راحت ٿي ملي؟  منهنجي پٽ ڌارين مان شادي ڪئي،  ڇا اها مون کي سک ڏئي ٿي؟ هان؟“

”نه“ مون جواب ڏنو.

”ڏس اهو حال آهي؟“

پوءِ هوءَ پنهنجي ننهن کي گنديون گاريون  ڏيڻ لڳي، -”هڪڙي ڀيري مان هن سان گڏ غسلخاني ڏانهن وئي هيس،مون هن کي چڱي طرح ڏٺو، هن ۾ ته ڪو اهڙو لعل  هو ئي ڪونه،  جنهن تي فخر ڪجي. هن کي سهڻي ڪير چوندو؟“

هوءَ هميشه زال مڙس جي تعلقات جو ذڪر گندي نموني  ڪندي هئي. پهريان ته ان ڳالهه  مونکي منجهائي  ڇڏيو هو پر  جڏهن انهيءَ تي هري ويس تڏهن  ان کي ڪجهه ڌيان سان ٻڌڻ لڳس، ڇاڪاڻ ته محسوس ڪندو هوس ته ان ۾ ڪاتلخ حقيقت  هوندي-”عورت کي وڏي طاقت آهي،هن خدا  کي به نه ڇڏيو، ڇا اها حقيقت ناهي؟ “ هوءَ ٽيبل  تي مڪ هڻي ڏند ٽيڙڻ لڳي، حوا جي ڪري ئي اسان سڀني  کي دوزخ نصيب ٿيو. ڇا، اهو ڪوڙ آهي؟“

هوءَ جڏهن عورت  جي طاقت جو ذڪر ڪندي هئي،  ته بس ئي نه ايندي هيس.مون تي  اهو اثر ويٺل هو ته هوءَ ڪنهن ٻئي کي ٻڌائڻ ۽ ڊيڄارڻ  جي نيت سان ائين ڪري رهي  آهي، هنجو اهو جملو ته ”حوا خداکي به رکائي وئي!“ خاص طرح مونکي  ياد ٿي ويو هو.

هڪڙيءَ جاءِ جو پاسو  اسان جي اڱڻ  سان لڳو لڳ پو هو،  ان جي اٺن طبقن مان چئن ۾ فوجي آفيسر  رهندا هئا ۽ پنجين ۾ملٽري جا پادري  نوڪرن ۽ خادمن سان انهيءَ جا ءِ جو اڱڻ ڀريو  پيو هوندو هو ڌو ٻياڻيو ن  نوڪراڻيون  ۽ بورچياڻيون انهن  جي پٺيان  پيون ڦيريون پائينديون  هيون، هر ڪنهن رڌڻي ۾ محبت جا ڊراما هلندا هئا، جن ۾ ڳوڙها، جهيڙا  طعنا ۽ ڏوراپا  سمايل  هوندا هئا،  اتي سپاهين جو سپاهين سان، سپاهين جو  ٻين ڪمن وارن سان ۽ ڪمن وارن جو پنهنجو پاڻ ۾ دنگل لڳو پيو هوندو هو، ۽ عورتن تي هميشه مار ۽ موچڙو پيو وسندو هو.

اڱڻ ۾هميشه خرابين  ۽ بڇڙاين جون ڳالهيون پيون هلنديون هيون.  مست جوانن جون خواهشون هتي پوريون ٿينديون  هيون، وحشيانه شهوت  پرستي، جاهلانه ظلم ۽ گندي ٻٽاڪ جا تماشا  اتي عام جام هوندا هئا، منهنجي  مالڪن جي گهر ۾ماني ءَ کائڻ  ويل انهن جو ذڪر ذري پرزي ٿيندو هو،  ٻين جي تڪليفن تي گد گد ٿي.  ٻڍي مالڪڻ اڱڻ ۾ ٿيل سڀني دردناڪ  حادثن جو احوال وڏي  شوق ۽ چاهه مان ور ور ڪر ي ٻڌائيندي هئي، ننڍي مالڪياڻي ڳالهين  ٻڌڻ  ۾گم ٿي ويندي هئي ۽ خوشيءَ جي مرڪ هن جي چپن تي پکڙجي ويندي هئي، وڪٽر دل کولي ٽهڪ ڏيندو هو،  پر مالڪ منهن ۾ گهنج وجهي چوندو هو، ”امان هاڻي انهيءَ قصي کي ختم به ڪر !“

”يا خدا! هاڻي مون کي ڳالهائڻ جي به اجازت ڪانهي!“ هوءَ شڪايتي لهجي ۾ چوندي هئي.

”امان  هلندي هل ڪير ٿو توکي  جهلي؟  هتي ته اسين  سڀ تنهنجا ٻچا آهيون. ڇا، ڪوڙ  آ؟ “ وڪٽر ماءُ کي ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ همٿائيندي چوندو هو.

مالڪ پوءِ هنن وٽان  اٿي ويندو هو، هن کي پنهنجي ماءُ تي رحم به ايندو هو ۽ان کان نفرت به ٿيندي هئي، هوءَ جڏهن هن وٽ ايندي  هئي ته يا ته جوڻس  جي شڪايتن جا ڀنڊار کولي ويهندي هئي يا پئسن  لاءِ منٿون ڪرڻ شروع ڪندي هئي، هو جلد ئي روبل جو نوٽ يا چانديءَ جو سڪو هن جي تريءَ تي رکي چوندو هو، ”ڏيانءِ ته نه پر وٺ. توکي ڏيندي ڪرڪان نٿو، پر اها چڱي ڳالهه ناهي. “

”مان چرچ ڏانهن وڃي رهي آهيان. مون کي خيرات ۽ موم بتين لاءِ گهرجي.“

”ڪوبه خير ڪونه ٿي ڏين. تون وڪٽر کي ڏيئي،  هن جا ٻيئي جهان ٿي وڃائين.“

”تو کي پنهنجي  ڀاءُ لاءِ ڪوبه قرب ڪونهي، ۽ اهوئي تنهنجو وڏو گناهه آهي.“

ان تي هو سلام ڪر ي اتان  غائب ٿي ويندو هو.

وڪٽر جو ماءُ سان برتاءُ کهرو ۽ بيهودو هو. پيٽوڙي، هميشه  بکيو هوندو هو. آرتوار جي ڏينهن جڏهن ماڻس ڪيڪ تيار ڪندي هئي،  ته هن جي  لاءِ ڪجهه پاٽ ۾ وجهي منهنجي ڪوچ جي هيٺان لڪائي رکندي هئي، ميز تي کاڌي کائڻ کان پوءِ وڪٽر انهن ڪيڪن کي وڃي پاسو ڏيندو هو، ۽ ڳڙڪائيندي ماءُ کي ڪروڌ وچان چوندو هو، ”ڪم عقل ٻڍي ! ڇا، وڌيڪ نه پئي رکي سگهين؟“

تڪڙو ٿيءَ  متان توکي ڏسي وٺن.

”چڱو، مان ٿو انهن کي ٻڌايان ته تون انهن جي پرپٺ منهنجي لاءِ مال چوري ڪري ٿي رکين.

”هڪڙي ڀيري ٻن ڪيڪن کي مون ٻرو ڏئي ڇڏيو، جڏهن وڪڙ گهٽ مليو، ذري گهٽ مونکي ماري ٿي ڇڏيائين، اسان ٻنهي جي هڪ ٻئي کان نفرت دلي ۽ ٻه طرفي  هئي، هو مون کي گهٽ وڌ پيو ڳالهائيندو هو، ڏينهن ۾ڪيترا ڀيرا  مونکي هن جو بوٽ صاف ڪرڻو پوندو هو جڏهن مان ٻاهر ڪوچ تي  سمهندو هوس ته هو جاءِ ضرور جو در کولي وٿيءَ  مان منهنجي  مٿي ڏانهن کانگهارو اڇلائيندو هو، انهيءَ ۾شڪ ڪونهي  ته هو پنهنجي  ڀاءُ، جنهن جو پيارو جملو ”جهنگلي ڪٻريون هو جو گهڻين ڳالهين ۾نقل ڪندو هو، هونئن به هو  پنهنجي گفتگوءَ کي ٻڌل سڌل جملن سان کڻي سٿيندو هو. جنهن ڪري هن  جي گفتگو ڇسي ٿي پوندي هئي، مثلاً،  امان مون ڏانهن ڌيان ڏي منهنجا جوراب ڪٿي آهن؟“

مون کي سڀني گهر وارن جي ڳالهائڻ جو ڍنگ  اڍنگو لڳندو هو، ناني ۽  نانيءَ جي سنئين سڌي ٻوليءَ  ۾پرورش حاصل ڪرڻ کان پوءِ هنن جا اڌ اکري ۽ هڪ ٻئي جي ابتڙ ملايل لفظ حيرت ۾ وجهي ڇڏيندا هئا.  مثلاً چوندا هئا: ”بيوقوف – سياڻو“ ”ڏکوئيندڙ – خوشي“ ”فرحت ڏيندرڙ –غم“ مونکي اچرج لڳندو  هو ته بيوقوف سياڻو ڪيئن ٿو ٿي سگهي  يا غم فرحت ڪيئن  ٿو ڏئي  سگهي !

”ائين چوڻ ٺيڪ آهي؟“ هڪڙي ڏينهن  مون کانئن پڇيو.

مون تي ٺٺولي ڪندي چيائون هن استاد صاحب ڏانهن ڌيان ڏيو،  پنهنجا  ڪن ٿو ڇنائي. “

”ڪن جو ڇنڻ“ به مون کي ٺيڪ نه لڳو. ڌاڳو، ڏور رَسي ته ڇني سگهجي ٿي،  پر ڪن ڪيئن ڇني سگهجن ٿا ! هنن انهيءَ ڳالهه سمجهائڻ جي  گهڻي ڪوشش ڪئي، ته ڪن به ڇني سگهجن ٿا، ۽ ان لاءِ منهنجي ڪن کي ڏاڍو ڇڪيائون پر سڀ بيسود.

”ساڳي ڳالهه“ توهين منهنجا ڪن ته ڇن ي ڪين سگهيا! مون هنن کي فاتحانه  نموني چيو.

مون پنهنجي چوگرد ظلم تي تڪبر ۽ بي ضمير بي حيائي ڏٺي، مونکي  هتان جي حالت ڪوتاون شهر جي  چڪلن ۽ رستن تي گهمندڙبازاري عورتن ۽ مردن کان به خراب نظر آئي. ڪوتاون شهر جي گندگي  ۽ بي حيائيءَ  جو سبب بي ثمر محنت ڏکي ۽بکي زندگي هئي،  پر هتي جا ماڻهو  ڀڀ ڀريل  ۽ سکيا هئا،  ۽ انهن جو ڪم هلڪو  ۽  سهنجو هو،  روزگار جو ڪنهن کي به ڳڻتي ۽ فڪر ڪونه هو، انهيءَ هوندي به هر ڪنهن شيءِ تي اداسائيءِ ۽ نستائيءَ  جو زهر ڇانيل هو.

 هڪ ته منهنجي  زندگي اتي ڏکي هئي، ويتر  نانيءَ جون ملاقاتون ان کي  وڌيڪ سخت بنائينديون  هيون. هوءَ پوئين در کان بورچيخاني  ۾ هلي ايندي هئي، مجسمي جي سامهون بيهي پاڻ  تي  صليب جو نشان ڪڍندي هئي، ۽ پنهنجي ننڍي ڀيڻ  کي جهڪي سلام ڪندي هئي، هن جو جهڪڻ مونکي اهڙو ڏکيو لڳندو هو ڄڻ  مان ڪنهن پيهندڙ  پٿر هيٺ چيڀاٽجي ويندو  هوس.  ”اڪولينا آهين ڇا؟ ” گهر ڌياڻي  رکائيءَ ۽ لاپرواهيءَ سان هن جو  آدر ڀاءَ ڪندي چوندي هئي.

 انهيءَ وقت ناني سڃاڻڻ  ۾ ئي نه ايندي هئي، هن جا چپ نياز کان بند ۽ منهن لٿل هوندو هو، هوءَ دروازي وٽ  بينچ تي ويهي رهندي هئي،  ۽ ڏوهارين وانگر تيستائين ماٺ ڪيو ويٺي هوندي هئي، جيستائين ساڻس ڳالهايو نه ويندو هو،  پوءِ پنهنجي ڀيڻ کي نهايت نهٺائيءَ سان جواب  ڏيندي هئي، انهيءَ تي مونکي جهير پيا پوندا هئا،۽ ڪاوڙ سان چوندو هومانس، ”هتي ڇاجي لاءِ ويٺي آهين؟“

 پيار مان اکيون  ڇنڀي  چوندي هئي،  ”بس ڪر، تون هن گهر جو مالڪ ڪين آهين.“

”ٻن جي ڳالهين  ۾ ٽيون هي به ضرور ٽنگ اڙائيندو، ڪيترا ڀيرا موچڙا مليا اٿس، ته به  اهي لاٽون اهي چگهه. “ پنهنجي  دستوري تقرير ڪندي ٻڍيءَ  منهنجي  شڪايت ڪئي.  

اها  ڌڪاريل  رن ور ور ڪري نانيءَ کان پڇندي هئي. ”پنڻ لڳي آهين ڇا؟“

”پنهنجي بدقسمتي ءَ جي ڪري.“

”جتي شرم نه هجي، اتي قسمت ڇاڪندي؟“

”چون ٿا ته حضرت عيسيٰ به گداگري ڪندو هو. “

”ڪير ٿو چئي؟ ڪافر  ۽ ڪم عقل، ۽ تون پوڙهي ڳنوار، انهن تي اعتبار ٿي ڪرين، عيسيٰ فقير نه هو، هو نبي هو، هو ايندو جيئن لکيل آهي، تون ۽ تنهنجي  باسيل کي وڏائي جو بدلو ملي رهيو آهي. توکي ياد آهي جڏهن توهين  شاهو ڪار  هئا، ۽ مان اوهان وٽ مدد لاءِ آئي هيس.تڏهن توهان مون سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو هو !”

”مون کان جيڪي ٿي  سگهيو هو اهو مون توکي ڏنو هو،“ نانيءَ بردباريءَ سان جواب ڏنو.

”ڪهڙو ڌن کڻي ڏنو هوءِ!  اهو به ڪو ڏيڻ هو؟“

ناني پنهنجي ڀيڻ جي اهڙي گستاخ ۽ بي لغام  زبان  مان ڪڏهن بيزار ڪانه ٿي، اهو ڪراهت جهڙو آواز ٻڌي، مان سوچيندو هوس، ته ناني اهو ڪيئن ٿي سهي سگهي، انهيءَ وقت  هن لاءِ منهنجو پيار گهٽجي ويندو هو.

ننڍي  مالڪياڻي اوڏي مهل ٻاهر  نڪري آئي، ۽ نرمائي سان نانيءَ کي سلام ڪيائين  -  ”ويهڻ واري ڪمري ۾هل مهرباني ڪري هل. “

”پنهنجا ميرا پير اگهي  وڃ !“ ٻڍيءَ چڙ  ڏيندي چيو.

 مالڪ به نانيءَ  جي خوشيءَ سان آجيان ڪندو هو-”اوهو ! درويش اڪولينا! ڪيئن آهين؟ پوڙهي ڪشرون جو ڇاحال آهي؟“

۽ ناني هن سان مٺڙي نموني  مرڪڻ لڳي – ”اڃان ڪم پيو ڪرين؟“

”ٻيو ڇا؟  هميشه  قيدين وانگر پيو ڳهان. “

هنن جي وچ  ۾  ٿيندڙ گفتگو وڻندڙ  ۽ قرب ڀري هوندي هئي  پر ناني  هن سان وڏڙن وانگر ڳالهائڻ، لڳندي هئي ڪڏهن  ڪڏهن  امڙ جو ذڪر  نڪرندوهو، جنهن تي مالڪ چوندو هو،  ”باربرا ! ڪهڙي نه بي مثال عورت هئي، سورمي هئي سورمي.“

هن جي زال وچ ۾ ٽپي نانيءَ کي چوندي هئي.”توکي  ياد هوندو مون کيس سونهري ڪنارين سان ڪارو وڳو ڏنو هو؟“

”برابر مونکي ياد آهي.“

”۽ اهو چڱي حالت ۾هو.“

پوءِ نانيءَ کي نئون ڄاول ٻار ڏيکاريائون.

مان ميز کي صاف ڪري رهيو هوس، ته مالڪ  چيو. ”تنهنجي ناني ته  ڏاڍي سٺي عورت آهي.“

انهن لفظن لاءِ منهنجي دلي شڪر گداري ڳنهي ورتي.

نانيءَ کي اڪيلائي ۾دل جو  ڏک ونڊيندي چيم ”تون هيڏانهن  ڇو ايندي آهين؟  تون ڏسين  نٿي ته ڪيئن...“

”مطلب  ته مان سڀ ڪجهه ڏسان ٿي،“ هن پنهنجي  عجيب چهري تي مرڪ آڻيندي  چيو ۽ مون کي ڄڻ ضمير جو چڪ پئجي ويو.

سچ پچ هوءَ سڀ ڪجهه ڏسي رهي هئي، ڪابه اهڙي ڳالهه نه هئي جيڪا  هن نه ڏٺي هجي، نه ئي هن کان اها ڳالهه ڳجهي هئي ته ان وقت مونکي ڪهڙي ڳالهه جوش ۾ آڻي رهي هئي. چوءَ طرف نهاري پڪ ڪيائين ته  اسين اڪيلا آهيون پوءِ ڇڪي کڻي ڇاتي سان لاتائين ۽ روئڻهارڪي ٿي، چيائين ”مان هيڏي پير به نه وجهان پر تنهنجي ڪري هنن جو مون سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ هوڏانهن وڏو ميان  بيمار آهي،  مان ان جي خدمت ڪري ٿڪجي پئي آهيان اهڙو موقعو ئي نه ٿو مليم،جو پنهنجو ڪم ڪريان،  تنهنڪري هڙ ۾ ڪوڏي به ڪانهيم ۽  ميڪائيل  پنهنجي پٽ ساشا کي گهر نيڪالي ڏني آهي، تنهن ڪر ي انکي به مون کي ئي پالڻو ٿو پوي،هنن توکي ماهوار ڇھھ  روبل ڏيڻا ڪيا هئا، پر  مان سمجهان ٿي ته هن اڌ سال ۾ توکي  پائي به نه ڏني هوندائون. “ پوءِ هوءَ جهڪي آهستي چوڻ لڳي، ” مون کي چيو اٿائون ته تون بي فرمان آهين تنهن ڪري هو توکي ڳالهائيندا  ۽ ڇينڀيندا آهن، مٺڙا، هيءُ جاءِ نه ڇڏجان ءِ.هڪ ٻه سال صبر ڪر جيستائين  تو ۾طاقت  اچي، همت  نه هارجانءِ. “

مون هن سان  اقرار ڪيو، پر ان جو نباهڻ  سولو ڪم  نه هو. اتان جي زندگي ءَ ڏکي، ڏاڍي  سخت خشڪ ۽ مايوس ڪندڙ هئي، مانيءَ جو سوال هو. ورنه منهنجي زندگي  ڄڻ عذاب ۾ٿي گذري. ڪڏهن ڪڏهن ايندو هوم ته ڀڄي وڃان  پر سيارو چوڌاري  پنهنجو لعنتي قبضو ڄمايو ويٺو هو.برفاني هوائون  سڄي رات پيون واڪا ڪنديون هيون ۽ گهرن کي  وڪوڙي وينديون هيون ۽ ديال جا وڏا وڻ پاري جي وسڻ ڪري ڏري پوندا هئا، مان وڃي به ڪيڏانهن وڃان ها؟

مونکي ٻاهر نڪرڻ جي موڪل ڪانه هئي. هونءَ به اهڙي هوا ۾ ڪير ٿي ٻاهر وڃي سگهيو؟   سرديءَ جو ننڍوڏينهن  گهر جي ڪم ۾ ئي جلد پورو ٿي  پوندو هو،  البت ڇنڇر  ۽ آچر  ڏينهن چرچ ڏانهن وڃڻو پوندو هو.

چرچ ۾ مونکي ڏاڍو مزو ايندو هو. ڪنهن اونداهي  ۽ ماڻهن کان خالي ڪنڊ ۾ بيهي گهڻو پري رکيل مجسمن ڏانهن ڏسڻ ۾ لطف حاصل ٿيندو هوم،ائين لڳندو هو ڄڻ اهي مجسما موم بتين مان نڪرندڙ روشنين جي درياءَ ۾ تري رهيا آهن،  ۽ انهن جا  پاڇا  سهڻي لوڏ سان ٽلي رهيا آهن،  پادرين  جي مخملي چوغن تي لڳل سونهري  زري ٿورو لڏڻ لڳندي هئي.موم بتين جون زبانون انهيءَ نيري سانتيڪي  فضا ۾ڄڻ ماکي ءَ جي مکين وانگر ڀون ڀون  ڪنديون ڏسبيون هيون. عورتن  ۽ ٻارن  جا مٿا گلن وانگر جهڪڻ لڳندا هئا. آسپاس جي هر ڪا شيءَ ڄڻ  اتي  هلندڙ گيتن سان سر ۾ سر ملايو بيٺي هوندي هئي، اتان  جي هر هڪ شيءَ ۾ ڪا ڪهاڻي سمايل  هوندي هئي، ۽ چر چ  هڪڙي هندوري وانگر لڳندي هئي، جيڪو تاريڪ فضا ۾ پيو لڏندو هو،وقتن تي مون کي پنهنجي تصور ۾ائين لڳندو هو ته چرچ هڪڙي  اونهي ءَ ڍنڍ ۾ٻڏي ويئي آهي، جتي اها پنهنجي اڪيلي ۽ ٻين کان عليحده زندگي گهاري رهي آهي، هاڻي  مون کي يقين  آهي ته منهنجو اهو خيال نانيءَ جي ٻڌايل ڪهاڻي. ”ڪينز جو چوغو“ مان پيدا  ٿيو هو. ڪڏهن  ڪڏهن  ننڊاکڙي حالت ۾ پاڻ کي ڪوري ءَ جي تڪلي وانگر  هيڏي هوڏي  اڏامندو محسوس ڪندو هوس.چرچ ۾ ڳائيندڙن جي لولي ڏيندڙ گيتن،  دعائن جي ڀڻ ڀڻ ۽ سرٻاٽ جو آواز  مونکي  خواب جي دنيا ۾ وٺي ويندو هو، جتي مان  اداس سريلن تغمن ۾ گم ٿي ويندو هوس.

”پليت تاتاري ويجهو اچي رهيا آهن. غليظ جابلو عاليشان ”ڪينز“ جي ويجهو پهچي  رهيا آهن، اهي  صبح جي عبادت ويل شهر ۾داخل  ٿي رهيا آهن، او وڏي سگهه وارا خدا، پنهنجن ٻانهن کي انهن کان پناهه ڏي، پنهنجن  ٻانهن  کي امان ڏي  ته تنهنجي صبح جي عبادت ڪن ۽  تنهنجي واکاڻ جا گيت ٻڌن، جيئن اهي تاتاري پاڪ چرچ جي بي حرمتي نه ڪن اسان  جي زالن ۽  نياڻين جو ست ۽ سيل خراب نه ڪن، اسان  جون ڪنواريون ڇوڪريون هنن جي عيش جو سامان نه ٿين.  اسان جي پيرن فقيرن  کي عذاب ڏيئي هو دئيت ماري نه ڇڏين. پوءِ خدا انسانن جون اهي آه زاريون، عيسائين جون اهي التجائون  ٻڌيون ۽  وڏي ملائڪ ميڪائيل کي خدا حڪم ڪيو- ”ميڪائيل  وڃ ڌرتيءَ کي ڪينز وٽ وڃي اهڙو ڌوڏ، جو ڪينز  ڍنڍ هيٺ هليو وڃي“ ۽ اڄ تائين اهي ماڻهو سواءِ آرام ۽ ٿڪ جي صبح کان وٺي شام تائين  عبادت ۾ مشغول آهن ۽ هميشه اهڙي ريت رهندا. “

نانيءَ جي گيتن، ننڍي هوندي، منهنجي دماغ کي ائين پـُر ڪري ڇڏيو هو. جيئن ماکيءَ جي مک ماکيءَ سان ماناري کي پـُر ڪري ڇڏيندي آهي. نه فقط ايترو، پر مان انهن جي سـُر ۽ تار تي به ويچار ڪندو هوس. چرچ ۾ مان ناني جون مناجاتون ڪين چوندو هئس. نانيءَ جي خدا جي موجودگيءَ ۾ ناني جي خدا جون ڏمر ڀريون مناجاتون ۽ غم ڀريل مولود چوندي، مونجهه محسوس ٿيندي هيم. مون کي پڪ هئي ته نانيءَ جي خدا کي به مون وانگر انهن مان مزو ڪين ايندو هوندو. انهيءَ لاءِ اهو سبب ئي ڪافي هو ته اُهي ڪتابن ۾ لکيل هيون ۽ هر ڪو ماڻهو انهن کي ياد ڪري ڇڏيندو هو، ۽ طوطي وانگر پيو  انهن کي رٽيندو هو. پر منهنجي دل کي جڏهن غم ۽ دک تنگ ڪندا هئا يا ڏينهن جي رنجهه ڪنجهه مونجهو ڪري ڇڏيندي هئي، ته مان پنهنجون دعائون ۽ مناجاتون پاڻ جوڙيندو هوس. جڏهن تڪليفن جو خيال ايندو هوم ته لفظ پاڻمرادو دعا جي صورت وٺي، هڪڙيءَ لڙهيءَ ۾ پوئجي ويندا هئا.

        ”او خدا، او ڌڻي، منهنجي مصيبت ڏس! مولا، مون

        کي جلد وڏو ڪر، ۽ هن ڏکن واريءَ زندگيءَ مان آزاد ڪر.

        ڌڻي، مون کي ڪابه تعليم ڪانهي، جنهن مان ڪو لاڀ

        وٺان. شيطان جي ٻانهي، مترينا، مون کي گڏهن جيان

        ڪـُٽي ٿي، ۽ منهنجي حياتي زهر بڻائي ڇڏي اٿس.“

        اُنهن مان ڪيتريون دعائون ۽ مناجاتون اڄ به مون کي دل تي تري ٿيون اچن. ننڍپڻ جا نقش ديرپا ٿين ٿا ۽ اهي سڄيءَ حياتيءَ تي پنهنجو اثر وجهن ٿا.

        هڪڙو ٻيو سبب به هوندو هو، جنهن ڪري مون کي چرچ ۾ خوشي ملندي هئي. مون کي اتي اهڙو ئي سڪون ملندو هو، جهڙو جهنگل ۾. اتي منهنجي دل جيڪا رنج ۽ غم ۾ ٻڏل ۽ گندي زندگيءَ جي اثرن کان داغدار ٿي چڪي هئي، رنگين تصويرن ۾ گم ٿي ويندي هئي. پرمان چرچ ۾ انهيءَ وقت ويندو هوس، جڏهن سخت پارو پيو پوندو هو، يا گهٽين ۾ برفاني ڇوهو پيو گـُهلندو هو، جڏهن آسمان پاڻ به برف جي تهه وانگر اڇو ڏسڻ ۾ ايندو هو، جڏهن هوا برف جي اڏامندڙ چادر وانگر ٿڌي ۽ تکي هوندي هئي، جڏهن ڌرتي برف جي وسڪار هيٺ اهڙي ڍڪجي ويندي هئي، ڄڻ ته وري ظاهر ٿيڻ جو هوءَ نالو ئي نه وٺندي.

پر جڏهن راتيون ماٺيڻُيون  هونديون  هيون  ته گهٽين ۾گهمڻ  پسند ڪندو هوس ۽ اونداهيون ڪنڊون تاڙيندو وتندو هئس. اهڙي  سير وقت  ائين محسوس ڪندو هوس، ته مون کي پر لڳي ويا آهن. ۽ مان چنڊ وانگر  مٿي پرواز پيو ڪريان. منهنجي اڳيان منهنجو پاڇو  برف جي ترورن کي ڍڪيندو هيٺ مٿي هنبوڇيون  هڻندو هلندو هو، رستي تي چوڪيدار ملندو هو، هن جي بت تي ٿلهي رڍ جي کل  پهريل  هوندي هئي، هٿ ۾ ڏنڊو ۽ پاسي  سان ڪتو هوندو هوس، گهرن مان ماڻهن جي پاڇن جا خاڪا گهٽين ڏانهن وڌڻ لڳندا هئا ۽ ڪتا انهن جو پيڇو ڪندا هئا، ڪيتريون جوان نينگريون پنهنجن سينڌن سان سير تي ويندي ملنديون هيون مونکي ائين لڳندو هو، ڄڻ اهي چرچ  مان ڀڄي آيل  راهبائون  آهن. ڪڏهن ڪنهن روشندان مان هڪڙي خاص قسم جي عجيب ۽ اڻ لکي خوشبوءِ  ٻاهر هلي ايندي هئي، جا ڪنهن زندگي  ڏانهن اشارو ڪندي هئي، جنهن جو اڃان مونکي پتو ئي ڪونه هو. اهڙن روشندانن جي هيٺان گهڻي وقت تائين بيهي رهندو هوس، جيئن  انهن گهرن  جي رهاڪن جي رهڻي ڪرڻيءَ جو حال معلوم ڪري سگهان. اهو عبادت جو وقت هوندو هو، تڏهن به اتان مسرت ڀريل نغمن، کل خوشيءَ، پيالي ۽ وايو لن جا مٺا آواز  روشندانن  جي رستي ٻاهر هليا ايندا هئا،  

تخنووسڪي ۽ مارينو وسڪي محلن جي ڪنڊن تي، جي جهڪيل هڪ ماڙ گهر هوندا هئا، اهي خاص طرح مون  کي پاڻ  ڏانهن ڇڪي وٺندا هئا،  هڪڙي چانڊوڪيءَ رات جو جيئن مان اتي  بيٺو هوس، ته مون کي عجيب  آواز ٻڌڻ ۾ آيا، اُهي  ائين ٿي لڳا، ڄڻ ڪنهن ڏاڍيان ڪا راڳڻي جهو نگاري هجي. ۽ ان جا آلاپ گهر جي اندرين ءَ گرم هوا سان گڏجي ٻاهر هلي آيا هجن. مونکي لفظ ته سمجهه ۾ نه پئي آيا، پر راڳ  ٻڌل محسوس پئي ٿيو، مان جڏهن ويجهو ويس، تڏهن ٻڌم ته ساز راڳ ۾ رخني وجهڻ بجاءِ انهيءَ سان ٻٽ ٿيا بيٺا آهن.  مان موريءَ تي ويهي رهيس ۽ خيال  ڪرڻ لڳس ته ڪهڙو نه شاندار  سر انهيءَ ڏک  ڀرئي، ساز مان نڪري رهيو آهي،  اهو ساز وايولن هو اهو ڏک ڀريو انهيءَ  ڪري ٿي لڳو، جو منهنجي دل ۾ ڀي ڏک سمايل  هو، ڪڏهن ڪڏهن انهن گڏجي ايترو، مٺو ۽ ڏاڍيان  پئي ڳايو جو،  سمجهيم ته ضرور گهر ۽ ان جا در دريون  جهومندا هوندا، ان  مهل ڇت  تان ماڪ   جا ڦڙا اهڙي ءَ  ريت پئي ڪريا جيئن منهنجي اکين  مان ڳوڙها، پئي ٽميا.

چوڪيدار  چپ چاپ منهنجي ويجهو آيو ۽ مونکي موريءَ تان هيٺ ڇڪيندي  پڇيائين، ” هتي  ڇا جي لاءِ پيو رلين؟“-”راڳ“ لاءِ، مون وراڻيو.  

”مزيدار ڳالهه  ٻڌائيه! ڀڄي وڃ. مان گهٽي کي گول ڦري دريءَ جي ويجهو ٿنڀي وٽ اچي بيٺس، پر راڳ بند ٿي چڪو هو.

انهيءَ ئي روشندان مان اهڙا کل  ۽ خوشي  ڀريا آواز جي اڳين  ڏک ڀريل آوازن کان بلڪل مختلف هئا، اچي رهيا هئا، جي مون سمجهيو ته ڄڻ مان خواب ڏسي رهيو آهيان.  مان هر ڪنهن ڇنڇر  رات جو انهيءَ گهر  جا ڦيرا ڏيڻ لڳس، پر انهيءَ  بهار جي سموريءَ موسم ۾  مونکي  وري اهو وايولن رڳو هڪ ڀيرو ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ اهو اڌ رات تائين وڄندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ جڏهن گهر موٽيس ته موچڙا مليم.

انهن راتين جي ڪهاڻين، جي سياري جي آسمان هيٺ سڃين  گهٽين ۾ حاصل ٿيم.مون کي گهڻو ڪجهه ڏنو. ڄاڻي واڻي مان شهر جون ٻاهريون  گهٽيون ۽ پاسا  گهمندو هوس، جتي نه بتيون هونديون هيون نه ئي، پنهنجي  مالڪ جي ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ  واري سان ملڻ جو ڊپ هوندو هوم ته وڃي هن کي چغلي هڻندو ته مان چرچ  وڃڻ کان گسائيندو پئي وتيس، اتي نه ڪوئي شرابي بازاري عورت يا سپاهي ملندو هوم، جو مون کي تنگ ڪري.  جيڪڏهن درين  تي برف  ڄميل نه هوندي هئي،  يا پردا  چڙهيل  نه هوندا هئا، ته مان هيٺين  طبقن وارن گهرن ۾ درين مان جهاتي به پائي سگهندو هوس.

اهي درين  مان اندر مڙهيل تصويرون بيشمار ۽ قسمين قسمين هونديون هيون. ڪٿي ماڻهو عبادت ۾ ته  ڪٿي راند روند ۾مشغول هوندا هئا، ڪٿي پيار ته ڪٿي تڪرار ۾ رڌا  هوندا هئا، مطلب ته سڀئي پنهنجين ڳالهين ۾ گم، سڀئي پنهنجي دنيا ۾ مست هوندا هئا.

هڪڙي دريءَ ۾ ڏٺم ته ڳاڙهي لباس ۾ هڪڙي عورت هڪڙي باريش ديو مڙس جي گوڏن  تي ويٺي هئي ۽ هو هن کي ٻارن وانگر لوڏي رهيو هو، ڄڻ ته هوءَ ٻار هئي،  ائين ٿي لڳو ڄڻ هن کي  ڪو عشقي راڳ ٻڌائي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته مرد جو وات پٽيو پيو هو، هن  جون اکيون  پئي چريون  پريون. عورت ٽهڪ ڏيندي پٺتي جهڪي ۽ هوا ۾ ٽنگو ن هيٺ مٿي  ڪرڻ لڳي، مرد هن کي سڌو ڪري وري راڳ شروع ڪيو پر هوءَ وري به ٽهڪن  ۾ ٻڏي ويئي مان انهن کي ڳپل وقت ڏسندو رهيس،  ۽ تڏهن  مان  اڳتي وڌيس جڏهن محسوس ڪيم ته اهو قصو سڄي رات هلندو رهندو.

هڪڙي ڀيري  دريءَ  مان هيٺين  طبق ۾ ڏٺم ته ٻه عورتون ميز تي ويٺيون هيون،   ۽ هڪڙو شاگرد  انهن جي سامهون پڙهي رهيو هو،  ٻنهي مان  جيڪا ننڍي هئي، سا ڪرسيءَ کي ٽيڪ  ڏيو ويٺي هئي، ۽ منهن ۾ گهنج وجهي ڪتاب پئي ٻڌائين، اوچتو  وڏي عورت جيڪا بت ۾سهي هئي ۽ جنهن جا وار شاندار ٿي لڳا، منهن تي هٿ کڻي  ڏنا ۽ هن جي ڪلهن جي ڌڏن مان پتو پئي پيو ته هوءَ روئي رهي هئي، ڇوڪر ڪتاب کڻي اڇلايو، ننڍي عورت اٿي ۽ ٻاهر ڊڪندي هلي ويئي، ڇوڪر وڏي عورت جي اڳيان،   پنهنجي گوڏن ڀر ويهي رهيو ۽ هن جي هٿن  کي وٺي چمڻ لڳو.

اهڙا ڪيترا ئي ڏسڻ جهڙا نظارا  هوندا هئا، جيڪي منهنجي حافظي ۾ هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويا، ۽ اهي مونکي ايتري قدر محو ڪر ي ڇڏيندا  هئا، جو تمام گهڻو دير سان گهر موٽندو هوس، انهيءَ ڪري گهر جي ٻنهي  زالن کي اچي شڪ پيو ۽ مون کان سوال پڇڻ لڳيون، ڪهڙي چرچ  ڏانهن ويو هئين؟ اتي پادري ڪهڙو واعظ ڪيو هو؟ “

هو سڀني پادرين  کي سڃاڻنديون هيون ۽ اهو به پتو هوندو هون ته ڪنهن ڏينهن ڪهڙو وليءَ يا نبي ءَ جو بيان ٿيندو آهي ۽ ڪٿي ٿيندو آهي،  مطلب ته  هنن کي ديولين  جو ذري پرزي جو پتو  هو،  هو مون کي  ڪوڙ ڳالهائيندي جهٽ پٽ پڪڙي وٺنديون هيون،  ٻيئي ناني جي قهار خدا جي عبادت ڪنديون هيون جيڪو خوف جي وقت آزي نيزاري زياده پسند ڪندو هو، هو هميشه  هنن جي چپن تي ويٺو  هوندو هو، پنهنجن جهيڙن ۾ هڪ ٻئي کي انهيءَ جون ڌمڪيون ڏينديون هيون . ”ٿورو ترس ! توکي خدا ان جي سزا ڏيندو ۽ توکي  چٽ ڪري ڇڏيندو، ويٺي ڏسجانءِ.“

هڪڙي آرتوار تي ٻڍيءَ کان سنبوسا سڙي پيا، چلهه جي سيڪ اچڻ سان ڪاوڙ۾دانهون ڪيائين. ”شل خدا جي مار پوئي !“ تئيءَ کي مٿي ڪري سونگهيائين.يڪدم پريشانيءَ  کان هن جي منهن جو پنو لهي ويو، تئي هيٺ ڦٽي ڪري ويٺي پار ڪڍڻ – ”اڙي  هن ۾ گوشت تريو ويو آهي! اڙي هيءَ صاف به ناهي! اڙي مان اڃاسومر ڏينهن ڌوئي پوئي سڻڀ  صاف ڪري رکي هئي، پوءِ گوڏن ڀر ويهي خدا کي سوال ڪرڻ لڳي، - ”اي خدا ! مون گنهگار  کي بخش ! پنهنجي صبر  ۽ تڪليفن جي  صدقي مون  کي معاف ڪر، مون  بيوقوف ٻڍڙي تان  پنهنجو ڏمر لاه. “

سڙيل سنبوسا ڪتي جي حوالي ڪيا ويا ۽ تئي ڌوئڻ  لاءِ هوديءَ  ۾ اڇلائي  ويئي، پر  انهيءَ کان پوءِ ننڍي  مالڪياڻي انهيءَ واقعي جا هن کي تنڪا ڏيندي هئي، - ”ها، سنبوسا ساڙي  ڇڏيئه ! ڪني گوشت  واري تئيءَ ۾ تيار پئي ڪيئيه!“

هو پنهنجن بيڪار ۽ بي معنيٰ زندگين کي اهميت ڏيڻ خاطر پنهنجي خدا کي هر ننڍي  وڏي ڳالهه ۾گهلي وٺنديون هيون. ٻاهران  ڏيک اهو ڪنديون هيون ڄڻ هو هر گهڙي ءَ هر وقت پنهنجي مٿانهين مالڪ کي ياد پيون ڪن.

هيڏي  وڏي سڃي گهر  ۾ سندن خدا  جي پٺيان  اهڙي وٺ وٺان مون کي تنگ ڪري ڇڏيندي هئي، مونکي وهم اچي ويٺو ته اونداهين  ڪنڊن ۾ ”غيبات“  ويٺي آهي تنهن ڪري گهر جي اونداهين ڪنڊن ۾ ليئا ۽ جهاتيون پيو پائيندو هوس، رات جو مجسمي  واري ڪنڊ کي جتي بتي ٽم ٽم ڪندي رهندي هئي، ڏسي مونکي خوف  ٿيڻ لڳندو هو، مجسمي جي ڀرسان ڇت ۾ مٿان هڪڙو وڏو کليل چورس خال هو، جنهن کي وچ مان هڪ سيخ ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. اتان نيرو آسمان نظر ايندو هو، جنهن  کي ڏسندي ائين لڳندو هو ڄڻ آسمان  ان خال مان سڄي گهر ۽ اسان سڀني کي ڳهي ويندو. اسين سڀئي ان جي ابدي خاموشيءَ ۾ اهڙي ريت گم ٿي وينداسين. جيئن ڪو پٿر بغير آواز پاڻي  ۾ ٻڏي وڃي، مونکي ياد نٿواچي  ته پوءِ ڪهڙي ريت انهن وهمن مان جند ڇڏايم پر ان ۾ پڪ ئي پڪ نانيءَ جي مهربان خدا منهنجي مدد ڪئي، جيتوڻيڪ مون کي اهو ته اول يقين هو ته جيڪڏهن منهجو ڪو ڏوهه نه هو ته مون کي ڪنهن جن ڀوت  مان به خطرو  ڪونه هو، منهنجو ڪو ڏوهه ناهي ته منهنجي لاءِ سزا به ناهي، حياتيءَ جو اهڙو ڪو به قاعدو ڪونهي جنهن ۾ بي ڏوهيءَ کي سزا ملي، ٻين جي گناهن جو بار منهنجي  ڪلهن تي پئجي نٿي سگهيو.

مان چرچ ۾ وڃڻ کان گسائڻ لڳس، خاص طرح بهار جي رت ۾جنهن  جي انوکي سڏ  تي لبيڪ نه  ڪرڻ مونکي ڏاڍو ڏکيو  ٿي لڳو.  مونکي هو جيڪي ستن ڪوپيڪن جا سڪا خيرات جي پيتي ءَ ۾وجهڻ لاءِ ڏيندا هئا، اهي  منهنجي تباهيءَ جو باعث  بڻيا. مون انهن  مان ڇڪو خريد ڪيو. چرچ وارو سمورو وقت انهيءَ سان کيڏندو وتندو هوس ۽ گهر اويلو  موٽندو هوس، هڪڙي  ڀيري مون کي جيڪي پئسا مئن جي خيرات ۽ مقدس مانيءَ جي لاءِ ڏنا هئائون سي مون جوا ۾هارائي ڇڏيا، ۽ جڏهن  پادري ماني ورهائڻ لڳو، تڏهن مون وڌي هڪڙي ٻئي ماڻهوءَ جو ڀاڱو ورتو، ترت ئي منهنجي جوا جو شوق ماليخيوليا جي حد تائين  وڃِي  پهتو. مون ۽ هوشياري به هئي،  ۽ طاقت به ۽ جلد ئي، منهنجو نالو ڇڪي بليئرڊ  ۽ رميءَ  ۾ سڄي پاڙي  ۾مشهور ٿي ويو،.

ايسٽر جي مقدس مهيني ۾ مون کي پڇتاءُ ۽ توبهه لاءِ تيار ڪيائون ۽ پنهنجن ڏوهن  جي اقرار ڪرڻ واسطي مونکي پنهنجي ڀر واري پادريءَ پوڪرو وسڪي ڏانهن وڃڻو پيو، هو مونکي  سخت قسم جو  ماڻهو لڳندو هو،۽ مون کان  گهڻا گناهه  هن جي ڪري ئي ٿيا، هئا مون هن  جي باغ واريءَ بيٺڪ کي پٿرن مان چٽيو هو ۽ هن جي ٻارن کي موچڙا  ڏنا هئا، اهي سڀ ڳالهيون ته هن کي ياد هونديون. انهيءَ خيال مون کي ڀوءُ ڏيئي ڇڏيو ۽ هن جي خونائتي چرچ ۾ پنهنجي اقرار جي واري جو انتظار ڪندي منهنجي دل ويهڻ لڳي، پر پادري پوڪرو وسڪي مون سان خنده پيشانيءَ سان پيش آيو، اڙي تون ته منهنجو پاڙيسري آهين ! منهنجا پٽ گوڏن تي ويهه ! تو ڪهڙا  گناهه ڪيا آهن؟،

منهنجي مٿي جي مٿان مخمل جو ڳورو ڪپڙو رکيائين  ڌوپ ۽ ميڻ جي بوءِ منهنجي نڪ ۾ گهڙي ويئي، مون کي ڳالهائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو ۽ آخر بيدلي سان ڀڻڪو ڪيم.

”تو پنهنجن وڏن جو چيو ورتو آهي؟“

”نه. “

”چئو، مون گناه ڪيو آهي. “

پوءِ نه ڄاڻان ڪيئن چيم، ”من چوري ڪئي آهي. “

”ڪيئن؟ ڪٿي؟ “ پادريءَ هوريان ۽ خيال سان پڇيو.

”ٽن درويشن  واري چرچ مان، پوڪروفو جي چرچ مان، نڪولس جي چرچ مان...“

”سڀني چرچ مان ! اهو ته وڏو گناهه آهي. پٽ. سمجهين ٿو  نه؟ “

”هائو، مان سمجهان ٿو. “

”چئو ’مون گناهه ڪيو آهي‘ پرتو چوري ڇو ڪئي؟ ڪنهن شيءَ جي کائڻ لاءِ؟ “

”ڪڏهن ڪڏهن، ۽ ڪڏهن انهيءَ ڪري جو مان جوا ۾ پئسا،هارائي ويٺو هوس، ۽ ڇاڪاڻ ته مونکي نياز گهر آڻڻو  هو انهيءَ ڪري مون  چوري ڪئي.“

پادري پوڪرو وسڪيءَ ٽٽل لفظن ۾ جيڪي ٻڌڻ ۾ ئي نه آيا، ڪجهه چيو. پوءِ ڪجهه سوالن ڪرڻ بعد  چيائين . ”تو ڪو منع ڪيل ڪتاب پڙهيو آهي؟“

هن ڀيري هن جو منهن ڏاڍو گنڀير هو، اهو سوال منهنجي سمجهه کان ٻاهر هو، مون پڇيس،ڪهڙو ڪتاب؟

”منع ڪيل ڪتاب، تو ڪو پڙهيو آهي؟“ – ”نه،  ڪو به نه. “

”اٿي تنهنجا سڀ گناهه بخشجي ويا.“

مون هن ڏانهن حيرت مان نهاريو. هن جو چهرو ڪنهن خيال ۾ ٻڏل پر نرم ٿي لڳو، جنهن  ڪري منهنجو  گندو ضمير  بيچين ٿي ويو، جڏهن منهنجي  گهر جي مالڪن مون کي پڇتاءَ لاءِ تيار پئي ڪيو، تڏهن  مون تي ان جو ڏاڍو   خوف ويهاريو هئائون، ۽ انهيءَ ڳالهه  تي ور ور  ڪري گهڻو زور ڏنو  هئائون ته ”ننڍڙا گناهه به نه لڪائجانءِ!“ تنهن ڪري پنهنجي  قبوليت ۾ اضافو ڪندي چيم،  ”مون تنهنجي اونهاري واري بيٺڪ کي پٿرن  سان چٽيو هو. “

منهنجي پريان  ڪنهن شيءَ  کي نهاريندي  پادريءَ پنهنجو مٿو مٿي  ڪيو،  ”ڏاڍي خراب ڳالهه ڪيئه. چڱو هاڻي وڃ. “

”مون تنهنجي ڪتي کي به پٿر هنيا هئا. “

”ٻيو ڇا ! مونکان بيخيالي سان پڇيائين.

مان جڏهن اتان نڪتس، تڏهن پاڻ کي ويچارو ۽ ٺڳيل محسوس ڪيم،  مونکي پڇتاءُ بابت ڪيڏو نه ڊيڄاريو ۽ هيسايو ويو هو. مون ان کي ڪيترو نه خطرناڪ پئي سمجهيو پر اها رسم ته ڏاڍي  بي ضرر ۽ بي مزي هئي. انهيءَ سموري رسم ۾ مون کي جيڪا ڳالهه وڻي، اها منع ڪيل ڪتابن جي ڳالهه  هئي، جنهن جو مون کي ان وقت تائين پتو نه هو. مونکي هيٺين  ماڙيءَ وارو نظارو جنهن ۾ ڇوڪرو پڙهي  رهيو هو ۽ ٻه عورتون کيس ٻڌي رهيو ن هيون.  ۽  ”نيڪ خال“ جي ڪتابن  جا ٽوڪرا  ۽ انهن ۾ پيل ٿلها ڪارا ڪتاب جن تي غير مفهوم نقشا نڪتل هئا، ياد اچي ويا، ٻئي ڏينهن  مونکي پندرهن ڪوپيڪ ڏيئي چرچ ڏانهن موڪليا ئون. ايسٽر جي اچڻ  جي اڃا دير هئي ڪجهه ڏينهن  کانپوءِ برف  رجڻ شروع ٿي هئي، مان خشڪ گهٽين مان گهمندو پئي ويس، سڙڪن تي مٽي اڏامي رهي هئي. هوا صاف  ۽ وڻندڙ  هئي، چرچ جي ڀرسان  ڪي مزور ڇڪي راند کيڏي رهيا هئا، دل ۾ چيم، ”اڃا  عبادت جو وقت  پيو آهي  ڇو نه ٻه هٿ هڻي وٺجن،“ چيو مان،  ”مون کي کيڏڻ ڏيندا؟ “

”پهريائين  نال جو ڪوپيڪ ڪڍ“ هڪڙي مائيءَ جي سينئرن واري ڳاڙهه منهي آڪڙ جي چيو.

مون به اهڙوئي آڪڙجي ٽن ڪوپيڪن جو داءُ لڳايو. منهنجي ڀاڳ ڀڙايو،  هڪڙي وڏي رانديگر مون واري داءُ تي ٻه داءُ لڳايا، پر هن جا ٻئي داءُ خالي ويا، انهيءَ ڪري مونکي ڇهه ڪوپيڪ مليا، ۽ مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس، انهن مان هڪڙي رانديگر  چيو.  ”ڇوري تي اک رکجو، متان کٽي ڀڳو  وڃي.“

اها مون پنهنجي  بي عزتي سمجهي انهيءَ ڪري پنهنجي بي پرواهي  ڏيکارڻ لاءِ نون ڪوپيڪن جو داءَ ڀري رکيم. پر منهنجي انهيءَ آڪڙ جو رانديگرن تي ڪو به اثر نه ٿيو، باقي هڪڙو  ڇوڪرو  هو جو منهنجي عمر جو هو تنهن چيو، ”مان هن شيطان  جي پٽ کي خوب سڃاڻان ٿوهي وڏي نصيب وارو آهي“ هڪڙي  سڪل ماڻهوءَ، جنهن جي ڪپڙن جي پوءِ مان معلوم پئي ٿيو ته گلن وارو آهي، ڳالهه جي وچ ۾چيو ”شيطان جو پٽ؟ عجيب!“ هن خيال سان ڇڪو اڇليو ۽ منهجا نو ڪوپيل کٽي ويا، پوءِ مون ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو، ”ڪيئن شيطان جا پٽ!“

مون جواب ۾ٽن ڪوپيڪن جو داءُ رکيو جو هن هارايو، راند جي قاعدي موجب ڪو به ماڻهو ساڳئي ڇڪن تي لڳاتار ٽن ڀيرن کان وڏيڪ داءُ نه پئي رکي سگهيو تنهن ڪري مون ٻيا ڇڪا کڻي چئن ڪوپيڪن جي ڍڳڙي ٺاهي داءُ رکيو پر منهنجي  قسمت جواب ڏيئي بيٺي هئي ۽ مون لڳاتار ٽي داءُ هارايا، ان وقت چرچ ۾واعظ ختم ٿي چڪو هو، چرچ گهنڊ انهيءَ جي ختم ٿيڻ  جو اعلان ڪري رهيا هئا، ۽ چرچ ۾ڪٺا ٿيل ماڻهو ٻاهر نڪري رهيا هئا،

گلن واري مون کان پڇيو ”پرڻيل آهين؟“ ۽ منهنجي وارن کي وٺڻ لاءِ جهٽ هنيائين پر مان گوهي ڏيئي ڀڄِي ويس.

هڪڙي ڇوڪري کان جنهن  جي ڪپڙن مان اندازو لڳايم ته چرچ ڏانهن ويو هوندو، پڇيم، ”تون واعظ ٻڌڻ ويو هئين ڇا؟“ ”سمجهه ته مان ويو هئس، انهيءَ ۾ تنهنجو ڇا؟“

مون هن کي چيو ”مهرباني ڪري ٻڌاءِ ته واعظ ڪيئن ٿيو، پادري ڇا پڙهيو ۽ جي  مان اتي هجان ها ته مونکي ڇا ڪرڻو پوي ها؟  هن مون کي جهلي  کڻي ڌڪو ڏنو  ۽ اهڙي رڙ ڪيائين  جو منهنجو ساهه مٺ۾ اچي ويو، ”اڙي  ڪافر  واعظ کان گسايو اٿئي،  توکي  آءٌ  اکر به نه ٻڌائيندس، مان چاهيان ٿو ته ڀل تنهنجو پيءُ تنهنجي لاک لاهي.“

مان ڏڪندو  ڏرندو گهر ڀڳس، پڪ هيم ته اڇا ڪارا پڌرا  ٿي پوندا پر مون کي شاباس ڏيندي ٻڍي  پڇيو ته پادري کي ڪيترا پئسا ڏنئه؟

”پنج ڪوپيڪ“ مون ٺه پهه وراڻيو.

”۽ ٽي ڪوپيڪ ٻئي کي ڏنا  هوندءِ باقي ست ڪوپيڪ تو چٽ ڪري ڇڏيا ڪيئن ڙي جهنگلي جانور !“

بهار جي مند هئي، هرڪو نئون بهار جڏهن ايندو  هو ته نئين پوشاڪ پهريو ايندو هو ۽ پهرين  کان وڌيڪ  مرڪندڙ  ۽ چمڪندڙ  لڳندو هو. نئين ڦٽل گاهه ۽ ٽارين  تي نڪتل نون گونچن مان وڻندڙ سرهاڻ اچي لڳندي هئي، منهنجي دل  ۾ اڌما اڀرندا هئا، ته ٻيلن ۾ گهمجي، پکين جا گيت ٻڌجن ۽ ڪوسيءَ زمين  تي پنڌ ڪجي پر مون کي  سياري جا ڪپڙا صاف ڪري پيتين ۾ بند ڪرڻا  ٿي پيا، تماڪ جا پن ڪٽڻا ٿي  پيا، جاءِ کي ڇنڊڻو ٿي پيو ۽ سـ‎ڄو ڏينهن گهر جي اهڙي ڪم ۾ڳهڻو ۽ هڄڻو ٿي پيو جو منهنجي لاءِ بي معنيٰ ۽ مصيبت هو.

 پنهنجي واندڪائي جي وقت ۾ به ڪا اهڙي شيءِ ڪانه هوندي هئي، جا مون کي وندرائي. انهيءَ غمناڪ گهٽيءَ ۾، جنهن  ۾مونکي واڙيو ويو هو ڪا به ڏسڻ  جهڙي يا ڪرڻ جهڙي ڳالهه نه هئي، اسان جو اڱڻ ٿڪل ۽ ڪاوڙيل مزورن گندن بورچين ۽ ڌوٻياڻين  سان ڀريو پيو هوندو هو، ۽ منهنجون اکيون جيڪي رات جي وقت ان گهٽي ۾ نظارا ڏسنديون هيون سي مونکي اهڙو وياڪل ڪري ڇڏيندا  هئا جو انهن جي ڏسڻ کان نابينائيءَ  بهتر سمجهندو هوس.

 مان پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ڪينچي ۽ رنگين پنا کڻي ويهندو هوس ڪاغذن کي ڪتري گل بنائيندو هوس ۽ انهن سان گهر جي پيلپائن کي سينگاري ڇڏيندو هوس، اهڙي ريت پاڻ کي مشغول رکي دل جي منجهه  گهٽائيندو هوس، مان ڏاڍو چاهيندو هوس، ته ڪنهن اهڙي  هنڌ هجان جتي ماڻهو پنهنجو وقت رڳو سمهي نه وڃائين، جتي خدا کي گهڙيءَ گهڙي پنهنجن ڏکن سورن سان بيزار نه ڪيو  وڃي جتي ماڻهو رڳو ٻين جي عيبن تي فتوائون ۽ فيصلن  ڏيڻ تي چوڪس  ويٺا نه هجن.

ايسٽر گذرڻ کان پوءِ پهرين ڇنڇر  تي بيبي مريم جو ڪرامتن وارو مجسمو اور انسڪيءَ جي چرچ مان اسان جي شهر  ۾آندو ويو هو جتي جون جي وچ تائين اهو مهمان رهيو. انهي ءَ  کي برڪت  واسطي  ماڻهن جي گهرن ۾به کڻي ويندا  هئا، ۽ هڪڙي ڏينهن اسان  جي گهر جو به وارو آيو مان بورچيخاني ۾ ٿانو ملي رهيو هوس جو مالڪياڻي  ٻاهران جوش ۾ رڙ ڪئي، ”جلدي در کول بيبي مريم  جو مجسمو کنيو پيا اچن !“ مان ان وقت گند سان ٿڦيو پيو هوس ۽ منهنجا  هٿ مٽيءَ  سان ڪن لڳا پيا هئا، تڏهن به تڪڙو ڊڪندو ويس ۽ وڃي در کوليم.

هڪڙي جوان، جنهن جي هڪ هٿ ۾ شمعدان ۽ ٻئي ۾اگردان هو، ڪاوڙ يل  پر نرم لهجي  ۾ چيو ”توهين  ستا پيا آهيو ڇا؟ مدد ڪراءِ !“

 ٻه ڄڻا ڳوري مجسمي  کي سوڙهي  ڏاڪڻ تان مٿي کڻي پئي هليا ۽مان ان جي هڪڙي پاسي کي پنهنجن  گندن هٿن سان جهليو ۽ ڪلهو ڏيو بيٺو هوس، منهنجي  پٺيان  هڪڙو راهب ننڊاکڙي  آواز ۾ مداحون چوندو پئي آيو-”اي مقدس ماءُ اسان لاءِ دعا گهر!“

منهنجي دل ۾ اوچتو اچي خوف پيدا ٿيو. منهنجي گندن هٿن لڳڻ تي ضرور هوءَ رنج ٿي هوندي ۽ هاڻي منهنجي هٿن کي ڳاري چٽ ڪري ڇڏيندي.

مجسمي کي ڪنڊ ۾ پيل ٻن ڪرسين، جن جي مٿان  صاف  چادر وڇائي ويئي هئي کڻي رکيائون  انهن جي ٻنهي  پاسن کان ٻه  فرشتن جهڙا ٺاهوڪا راهب بيٺا هئا هنن جي اکين مان تجليون پئي نڪتيون.  هنن جا مهانڊا موهيندڙ ۽ وار وڻندڙ هئا.

پوءِ مناجاتون شروع ٿيون –”اي نامور ماءُ !“ وڏي  پادري آلاپيو- ۽ سڄو وقت پنهنجن ڊگهن وارن جي هيٺان  لڪل هڪڙي  ڪن جي سڄيل ڳاڙهي پاپڙيءَ کي مهٽيندو رهيو- ”اي مقدس ماءُ، اسان جي لاءِ دعا گهر!“ نانيءَ مون کي ٻڌايو هو ته انهيءَ مقدس  ماءُ غريبن  جي واسطي رنگ برنگي گل ۽ ساوا  ٻوٽا  ۽ اهي شيون جيڪي سرهائي ڏين ٿيون ۽ جيڪي زندگيءَ کي سهڻو بنائين ٿيون  ۽ نعمتون بخشين ٿيون، پوکيون هيون  تنهن ڪري مان  انکي پيار ڪندي هوس، جڏهن هن کي نوڙي سلام ڪرڻ جو وارو آيو تڏهن انهيءَ ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏيڻ کان سواءِ ته وڏا ڇا ڪري رهيا هئا، مون وڌي هن جي چپن ۽ ڳلن تي چميون ڏنيون.

خبر تڏهن پيم جو هڪڙو کهرو مضبوط هٿ مون کي ڳچي ءَ کان وٺي در تائين گهليندو  ويو،  مون کي ياد ناهي ته مجسمو ڪهڙي ريت کڻي ويا پر ايترو  ياد اٿم ته مان فرش تي ويٺو هوس ۽ گهر جا مالڪ منهنجي  چوگرد مڙيا بيٺا هئا ۽ مون تي نازل ٿيندڙ بدبختين  جو ڏاڍيءَ ڳڻتي  سان ۽ ڏڪندي ڏڪندي ذڪر ڪري رهيا  هئا.

” اسان  کي هن بابت پادريءَ سان صلاح  ڪرڻي پوندي.”مالڪ مون ڏانهن رکائيءَ سان پر ڪاوڙ کان سواءِ ڏسندي چيو، ”گڏه ! توکي اهوبه پتو نه هو ته چپ نه چمبا؟ توکي اسڪول ۾اهو سکڻ کپندو هو!“

ڪجهه ڏينهن تائين خوف ۽ صبر سان مريم جي ڏمر  جو انتظار ڪندو رهيس ۽ سوچيندو رهيس ته الائي  ڇاٿيندو، مون انکي گندا هٿ لڳايا هئا ۽ چمي  ڏني هئي، مونکي ان جي سزا ضرور ملندي پر مقدس ماءُ منهنجون ڄاڻائي ءَ  ۾ٿيل گناه، جو محبت جي جوش ۾ ٿي ويو هو،معاف ڪري ڇڏيو. يا انهن گناهن جي اهڙي ڪا هلڪڙي سزا هئي. جنهن جو گهر جي مالڪن جي سزا جي ڀيٽ ۾مونکي ڪوبه پتو نه پيو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻڍيءَ کي چيڙائڻ واسطي گهڙيءَ گهڙيءَ وڃي چوندو هيو مانس ”شايد پاڪ مريم کي سزا ڏيڻ جي ڳالهه وسري ويئي آهي.“

”ٿورو ترس“ هوءَ ساڙ کان چوندي هئي.

جڏهن مان پنهنجي ڪمري جي شهتيرن کي چانهه جي دٻن مان نڪتل گلابي پنن، قلعي وڻ جي پتن ۽ ٻين شين مان گل ٺاهي هڻندو هوس، تڏهن جيڪي دل ۾ايندو هوم اهو آلاپڻ لڳندو هوس، پر ان کي چرچ جي ڌن ۾رستن تي ويندڙ راهبن وانگر چوندو هوس –

”ڪمري ۾ويهي، ۽ ڪئنچي کڻي.

مان ڪاڳر ڪٽيان ٿو ڪٽيان ٿو،

مان اوڳو آهيان مان موڳو آهيان،

مان جيڪر ڪتو هجان، ٻلو هجان،

جتي وڻيم اتي وڃان اتي وڃان!

هتي ته مون تي حڪم هلن ٿا،

ڪڏهن ڪيئن ڪڏهن ڪيئن چون ٿا. “

جڏهن ٻڍيءَ منهنجي ڪم کي ڏٺو ته کلڻ لڳي ۽چيائين، ڇو نه بورچيخاني کي به سينگاريون؟“

۽ جڏهن منهنجو مالڪ معائنوڪري آيو، تڏهن ٿڌو ساهه کڻي چيائين ”شيطانڙا،  تون به عجيب مسخرو آهين، خبر ناهي وڏي لاءِ جادوگر ٿيندين يا ٻيو ڪجهه.“

هن مونکي هڪڙو نڪولاس جي مهر وارو پنجن ڪوپين وارو سڪو ڏنو،  مون انکي پنهنجن شاهڪارن جي وچ ۾ هڪڙي تار ۾ ويڙهي  لٽڪائي ڇڏيو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اهو اُتان غائب هو،  سوچيم اهو ضرور اُن ٻڍيءَ جو ڪم هوندو، جيڪا ان کي تڳائي  وئي هوندي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org