سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (تربيت)

باب-17

صفحو : 17

باب سترهون

 

        منهنجو ڪم ميلي جي ميدان تي صبح جو ڇهين وڳي کان شروع ٿيندو هو. مان اتي ڪافي دلچسپ ماڻهن سان ڪم ڪندو هوس-سفيد وارن وارو اوسِپ، جيڪو ڊکڻن جو مهندار ۽ ’درويش نڪولس‘ وانگر ڏسڻ ۾ ايندو هو. هو هوشيار ڪاريگر ۽ وات جو ٺڪائي هو، ڪٻو ايفوسن جيڪو ڇت جو ڪم ڪندو هو ۽ زاهد پيٽرڪ جيڪو سربندن تي حڪم هلائيندو هو. هو طبيعت جو سنجيده هوندو هو، تنهن ڪري هو به مون کي ڪو درويش لڳندو هو. هرڪو هن کي ’خدا جو ماڻهو‘ سڏيندو هو. پلستر هڻڻ وارو گريگوري شِشلين، جيڪو شڪل جو سهڻو هو ۽ هن جا وار گهنڊيدار هئا، هن جي شڪل مان سدائين چڱمڙسي پيئي بکندي هئي.

        مان جڏهن پنهنجي مالڪ، نقشي نويس، وٽ ٻيو ڀيرو ڪم تي اچي بيٺو هوس، تڏهن ئي آءٌ  هِنن سڀني سان واقف ٿي ويو هوس. هر آرتوار تي هو کاڌي جي ڪمري ۾ اچي ڪٺا ٿيندا هئا. مان هنن جي ڏيک ويک، عادتن ۽ گفتگو کان، جنهن ۾ منهنجي لاءِ نئون سواد هو، گهڻو متاثر ٿيو هوس. اهي راٺوڙ ڳوٺاڻا سنوان سڌا ۽ رڄ چڱا مڙس هوندا هئا، ۽ ڪُناوين گهٽيءَ جي چور، پرپٺ غيبت ڪندڙ ۽ شرابي ۽ خسيس دڪاندار کان گهڻو مختلف هوندا هئا.

        اُنهن ڏينهن ۾ مان خاص طرح پلستر هڻندڙ ششلين گريگوريءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو هوس، ايتري قدر جو سندس شاگرد ٿيڻ جو به ارادو ڪيو هوم. هن پنهنجي سنهري ڀـِرن کي پنهنجي سفيد آڱرين سان کنهندي، نرمائيءَ سان منهنجي خيال کي رد ڪري ڇڏيو هو، ”اڃا نه، ڪم ڏاڍو سخت آهي. ڀل هڪ سال گذري.“ ۽ پنهنجي سهڻي ڪنڌ کي لوڏيندي چيو هئائين، ”ڇا، جنهن ڪم تي هينئر آهين، اُهو توکي پسند ناهي؟ پر، ائين نه سوچيندو ڪر. پنهنجي ڪم سان شوق رک، همت ڪر. سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.“

        مان چئي نٿو سگهان ته هن جي انهيءَ سمجهه ڀريءَ صلاح تي مون ڪيترو عمل ڪيو، پر مان اڄ به ان کي شڪر گذاريءَ سان ياد ڪيان ٿو.

        هاڻي به هو سڀ  اُنهيءَ ساڳيءَ طرح هر آرتوار تي صبح جي وقت منهنجي مالڪ سان ملڻ لاءِ ايندا هئا. منهنجي مالڪ جي انتظار ۾ هو بورچيخاني جي بينچن تي ويهي هڪ ٻئي سان مزيدار چرچا ڀوڳ ڪندا رهندا هئا. منهنجو مالڪ اچڻ سان وڏي واڪي هنن جو آدرڀاءُ ڪندو هو، ۽ سڀني سان هٿ ملائڻ کان پوءِ ميز جي هڪڙي مٿي کان ويهي رهندو هو. ڪاريگر پنهنجون ڦاٽل چوپڙيون ۽ ياداشت ناما پنهنجن کيسن مان ڪڍي، ميز تي رکندا هئا، ۽ هفتي جو حساب ڪتاب شروع ٿيندو هو.

        وڻندڙ کل ڀوڳ واري نموني هنن جي حساب ڪتاب تي جهڳ جهڳ شروع ٿي ويندي هئي، جي ورلي ترشي اختيار ڪندي هئي، نه ته هميشه هنن جي وچ ۾ دوستانا ٽهڪ لڳا پيا هوندا هئا. منهنجو مالڪ ۽ هو هڪ ٻئي جي حساب مان غلطيون ڪڍيو هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئا.

        ”ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي، جو تو جهڙو چڱو مڙس ۽ ايڏي اٽڪل بازي!“ هڪڙو ڪو کلي، منهنجي مالڪ کي چوندو هو.

        مالڪ ڦڪيءَ کل سان وراڻيندو هو، ”اڙي اُلو، تون پنهنجي چالاڪيءَ لاءِ ڇا ٿو چوين؟ سمجهئي ڦَٻي وينديئه!“

        ”ٻيو اسان ۾ رهيو به ڇا آهي؟“ ايفوسن ڪنڌ ڌوڏيندي، ڳالهه کي لئي وٺائي.

        ’خدا جي ماڻهوءَ پيٽرڪ کان به رهيو نه ٿيو-”ماڻهو ٻيو ڪري به ڇا؟ جيڪي ٿو ڪمائي، سو آهي خدا ۽ زار جي حوالي، پيٽ پالڻ لاءِ به ڪي ته گهرجي!“

        ”اِنهيءَ ڪري ته مون وٽ اوهان جي ڏاڙهين ڪوڙڻ جيترا ڏوڪڙ به ڪين رهيا آهن!“ مالڪ ٽهڪ ڏيئي چيو.

        ”ڏاڙهين ڪوڙڻ لاءِ يا اسان جي کل لاهڻ لاءِ!“

        گريگوري پنهنجي اڏامندڙ ڏاڙهي کي هٿ وجهي، سيني تي بيهاري، وعظ واري نموني چيو، ”منهنجا ڀائرو، منهنجو خيال آهي ته اسان کي پنهنجو ڪم ٻين کي ٺڳڻ کان سواءِ ڪرڻ گهرجي. اسان کي هن جهان ۾ سچائي ۽ ايمانداريءَ سان رهڻ گهرجي. ڇا، اوهان پوءِ اندازو ڪري سگهو ٿا ته اسين ڪيتري نه سک ۽ مزي سان رهنداسين! يارو، دوستو، توهان جو ڇا خيال آهي؟“

        اُنهيءَ وقت هن جي اکين ۾ وڌيڪ چمڪ پيدا ٿي ويئي، ۽ هو وڌيڪ پرڪشش نظر اچڻ لڳو. هن جي گذارش ٻين ڪاريگرن کي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو، ۽ هو وڏي مشڪل سان پنهنجون اکيون هن کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري سگهيا.

        ”ڳوٺاڻا هونئن به گهڻي ٺڳي نه ڪندا آهن.“ درويش صورت اوسپ ٿڌو شوڪارو ڀري چيو، ڄڻ انهن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندو هجي.

        پيٽرڪ، سانوري سربند، ميز تي جهڪي، ٿلهي آواز ۾ چيو، ”گناه ڌٻڻ مثل آهي، جيئن ڪو اڳتي ويو تيئن هو وڌيڪ ڦاٿو.“

        مالڪ جوابي لهجي ۾ چيو، ”برابر، ائين آهي! پر ڌٻڻ ۾ ڌڪجي ڪو اچي ته اچي، نه ته پاڻمرادو ته ڪو اُن جي ويجهو به ڪونه ويندو.“

        اِئين پنهنجي فلسفي جي گفتن کي پورو ڪري، هو وري ليکي جي جهڳ جهڳ کي لڳي ويندا هئا. نيٺ جڏهن اهو رڳڙو پورو ٿيندو هون، ۽ حساب ڪتاب صفا ڪري لاهيندا هئا، ته ميڙ ڪري، مالڪ کي پنهنجو مهمان بنائي، چانهه پيئڻ لاءِ هوٽل ۾ هليا ويندا هئا.

        منهنجي سپرد اهو ڪم هو ته اُنهن ڪاريگرن تي نظر داري رکان، جيئن هو ڪاٺ، سرون يا ڪوڪا وغيره چورائي کڻي نه وڃن. منهنجي مالڪ وٽ ڪم ڪرڻ کان سواءِ هو ٻين ٺيڪيدارن وٽ به ننڍو ننڍو ڪم ڪندا هئا، جتي اهو سامان ڪتب آڻي سگهيا ٿي، ۽ اِنهيءَ طرح منجهانئن ڪي ڪي ته منهنجن اکين جي اڳيان سامان تڳايو ويندا هئا.

        هنن منهنجو گرمجوشيءَ سان استقبال ڪيو. گريگوريءَ اڳين واقفيت ياد ڏياريندي چيو، ”اڙي، تون ته مون کي ايلاز ڪندو هئين ته مون کي پنهنجو شاگرد ڪر؟ ۽ هاڻي تون اسان جي مٿان اوورسيئر مقرر ٿيو آهين!“

        اوسپ چرچو ڪندي چيو، ”تون پيو پاڻيءَ جو وهڪرو ڏسج، خدا پاڻهي پيو ٻيڙي هلائيندو.“

        پر پيٽرڪ ڪجهه تِک مان چيو ”پوڙهن ڪوئن کي پڪڙڻ لاءِ پونگڙو موڪليو اٿن.“

        منهنجو ڪم مون کي عذاب وانگر لڳندو هو. مان هنن ماڻهن جي اڳيان منجهي پوندو هوس. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي پنهنجي ڪم جا ڪاريگر هوندا هئا. ۽ مان انهن جي مٿان ائين چوڪيداري ڪري رهيو هوس ڄڻ ته هو چور ۽ ٺڳ هئا! پهرين مون کي اُهو ڪم اهڙو ته ڏکيو لڳو، جو اوسپ، جنهن منهنجي دل جي ڳالهه کي تاڙي ورتو هو، مون کي ٻانهن کان هڪ پاسي وٺي چوڻ لڳو، ”ڪجهه سمجهه ڌار، جيڪڏهن اِهي افعال اٿئي ته ڪنهن جاءِ جو نه رهندين، سمجهين ٿو؟“

        حقيقت ۾ مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو. پر اها ڳالهه محسوس ڪندي ته هن کي منهنجي نازڪ جوابداريءَ جو پتو هو، اسان پاڻ ۾ کلي دل سان ڳالهايو.

        ”ڌيان ۾ رکجانءِ، جنهن ماڻهوءَ تي توکي اول اول اک رکڻي پوندي، اُهو اهو ’خدا جو ماڻهو‘ سربند پيٽرڪ آهي. هن کي اهڙيءَ هٿ چراند جي عادت به آهي. ڪابه شيءِ هٿ لڳيس ته نه ڇڏيندو. چاهي اها ڪيتري ئي خسيس هجي، مثلاً ڪوڪن جو اڌ سير، سرن جو ڊزن کن، چُن جي ڇٻي اڌ. هو آهي ته معقول ماڻهو، پڙهيل ۽ نيڪ خيالن وارو، ته به هن ۾ ٻين جي ڀلي خاطر، يعني پنهنجي ڪهول ڪارڻ، اها هڪ ڪمزوري آهي. ۽ انفوسن عورتن جهڙو آهي، مرنجان مرنج، توکي ان جو اونو نه ڪرڻ گهرجي، جيتوڻيڪ ڪُٻ نڪتل سڀ ماٺيڻا چالاڪ ٿيندا اٿئي. ۽ هيءُ عورتن پٺيان ته بنهه خوار اٿيئي. هوڏانهن گريگوري ششلين آهي، هن جي خاصيت هيءَ آهي ته هو ٿلهي مغز جو آهي، پاڻ کي ئي مس ٿو سنڀالي سگهي، ڪوبه هن کي ٺڳي سگهي ٿو. گهڻو ڪو حرص هوس به ڪونهيس، ته به اِها ٿوري هٿڙيءَ جي عادت الائي ڇو پئجي ويئي اٿس!“

        ”ڇا، اِهو چڱو ماڻهو آهي؟“

        اوسپ مون ڏانهن اِئين گهوريو ڄڻ پري کان نهاريندو هجي، ۽ پنهنجو رايو پيش ڪيائين، جيڪو اڃا تائين منهنجي دل ۾ سوگهو آهي-”هو چڱو آهي، اِنهيءَ ۾ شڪ ڪونهي. سست ماڻهوءَ لاءِ چڱي ٿيڻ کان وڌيڪ ٻيو سولو ڪم ڪونهي. چڱي هجڻ لاءِ  دماغ جي ڪابه ضرورت ڪانه پوندي آهي.“

        ”پاڻ بابت ڇا ٿو چوين؟“ مون پڇيس.

        اوسپ کلندي چيو، ”مان؟ مان ان جو جواب ڪنواريءَ ڇوڪريءَ وانگر ڏيندس. صبر ڪر ته مان ڏاڏي ٿيان، پوءِ توکي پنهنجي ڳالهه ٻڌائيندس. تيستائين پنهنجي دماغ کان ڪم وٺ ۽ مون کي ڳولي لهه، اهو تنهنجو ڪم آهي.“

        ائين هُن بابت ۽ ٻين ڪاريگرن بابت جيڪي منهنجي دل ۾ خيال هئا، سي هُن ڊاهي آڻي هيٺ پٽ تي سٽيا. هن جي ڳالهه تي شڪ ڪرڻ منهنجي لاءِ ڏکيو هو، ڇاڪاڻ ته ايفوسن، پيٽرڪ ۽ گريگوري به اُن ٻڍي کي سمجهو ۽ زماني جو پختو ماڻهو سمجهندا هئا. هو هن وٽ، سعيو ڪري، صلاح ڏيڻ ايندا هئا ۽ هن کي وڏي عزت ڏيندا هئا-”مهرباني ڪري اسان کي هي ته ٻڌاءِ.“ انهن لفظن سان پنهنجي ڳالهه شروع ڪندا هئا، ۽ ڏاڍي ڌيان سان هن جو هر گفتگو ٻڌندا هئا.

        اِنهيءَ هوندي به هن کي ويندو ڏسي، هڪ ڀيري پيٽرڪ گريگوريءَ کي ڪن ۾ ڀڻڪو ڪيو-”ڪافر!“ ۽ گريگوري ٽهڪ ڏيئي چيو، ”مسخرو.“

        گريگوريءَ مون کي دوستانو چتاءُ ڏنو هو-”جڏهن اِنهي ٻڍي سان هجين، ته پنهنجو خيال رکجانءِ. توکي پتو ئي نه پوندو، جو توکي هو پنهنجي آڱرين تي نچائڻ شروع ڪري ڏيندو. خدا توکي هن جي نقصان کان پناه ڏئي.“

        ”ڪهڙو نقصان؟“

        سهڻي پلسٽر واري اکيون ڇنڀيندي چيو، ”مون کي پتو ئي نٿو پوي ته توکي ڪيئن ٻڌايان.“

        هاڻي مان انهن سڀني بابت وڏي مشڪل ۾ پئجي ويس. ٻاهرئين ڏيک ويک مان سربند پيٽرڪ سڀني کان وڌيڪ نيڪ ۽ ايماندار ٿي لڳو. هن جون ڳالهيون مختصر ۽ سمجهه ڀريون هونديون هيون. هن جي دل هميشه خدا، موت ۽ مرڻ کان پوءِ زندگيءَ جي خيال ۾ لڳل هوندي هئي-”اڙي منهنجا ٻچڙو، ڀائرو، اهڙا بي خيالا نه ٿيو! اوهان اها ڳالهه ڪيئن وساريو ته توهان جو حشر ڪهڙو ٿيڻو آهي؟ هر ڪنهن کي اڳي پوءِ قبر ۾ داخل ٿيڻو آهي.“

        هن کي پيٽ جي تڪليف هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته هو کائڻ صفا بند ڪري ڇڏيندو هو ۽ جي ڀل کان هڪڙو گرهه به وڌيڪ کائي ويهندو هو ته هن کي اهڙو سور جو دورو پوندو هو، جو حشر مچي ويندو هو. ڇت جو ڪم ڪندڙ ڪٻڙو ايفوسن جيتوڻيڪ پورالو هو، ته به بلڪل ايماندار لڳندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مزي ۾ اچي اهڙيون حماقتون ڪندو هو، جو هن جي پاڳل هجڻ جو شڪ پيدا ٿيندو هو. هو هميشه عورتن جي عشق ۾ گرفتار رهندو هو ۽ هر عورت جي تعريف ۾ ساڳيو جملو ڪتب آڻيندو هو-”مان پٽ توکي سچ ٿو چوان، هوءَ عورت ته ناهي مَکڻَ آهي!!“

        جڏهن ڪانوين محلي جون موهيندڙ عورتون فرش ڌوئڻ لاءِ اينديون هيون، ته ايفوسن ميان، ڪٻ کي لوڏا ڏيندو، ڇت تان هيٺ لهي ايندو هو ۽ ڪنهن ڪنڊ ۾ بيهي خوشيءَ مان پيو ڦوڪارا هڻندو هو. هن جون وڏيون ڀوريون اکيون پيون ڦڙڪنديون هيون ۽ واڇون کلي وڃي ڪنن سان لڳنديون هيس ۽ چپن ۾ چوڻ لڳندو هو، ”خدا پنهنجي مهر ڪري ڪهڙي نه بلبل موڪلي آهي! اڄ ته منهنجو نصيب ڦاٽي پيو آهي! هن ڏانهن ته نهار-جهڙو مکڻ، جهڙي ماکي! مان پنهنجي ههڙي خوش نصيبيءَ تي شڪرانو نه ڪريان ته ڇا ڪريان! ههڙو حسن مون کي جوان ٿو بنائي ڇڏي، باهه ٿو لڳائي ڇڏي!“

        شروعات ۾ عورتون هن تي کلڻ لڳنديون هيون-”اڙي ٻڌ ته ڪٻڙو ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪري! شل خدا مٿس رحم ڪري!“

        هو هنن جي کل کي اڻ ڏٺو اڻ ٻڌو ڪري، هنن ڏانهن پيار ڀرين نظرن سان ڏسڻ لڳندو هو. هوريان هوريان هن جون هڏائون منهن ننڊاکڙو ٿي ويندو هو ۽ هن جي وات مان گلن جهڙا مٺا لفظ بهيرون ڪري نڪرڻ لڳندا هئا، جي عورتن کي نشو ڏيئي ڇڏيندا هئا. هڪڙيءَ وڏيءَ عورت پنهنجي ساٿياڻيءَ کي چيو، ”هن ماڻهوءَ جون ڳالهيون ته ٻڌو! هرو ڀرو شڪل جو خراب نه ناهي!“

        ”هن جو آواز پکين جي گيتن جهڙو آهي.“

        منجهانئن هڪڙي مغرور عورت چيو، ”تنهنجو مطلب آهي ته ڪو فقير چرچ جي دروازي وٽ سئن هڻي رهيو آهي.“

        پر ايفوسن فقيرن کان گهڻو مٿي هو. هن جا پير اونهين پاڙن وانگر مضبوط هئا. هن جي آواز ۾ رس هو، هن جي لفظن ۾ جادو هو، جو عورتن کي لولي ڏيئي ڇڏيندو هو، ۽ هو ماٺ ۾ اچي وينديون هيون. سچ پچ ته ائين لڳندو هو، ڄڻ هن جي هستي هن جي مٺڙي طلسمي آواز سان گڏ نديءَ جي وهڪ وانگر هنن ڏانهن وهندي ويندي هئي.

        آخرڪار پنهنجي موڪري مٿي کي ائين لوڏي، ڄڻ ڪنهن حادثي هن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هجي، پنهنجي ڪاريگر ساٿين کي، کاڌي جي ميز تي يا ڪنهن سومر جي ڏينهن صبح جو ڪم تي چڙهڻ کان اڳ ٻڌائيندو هو.... ”هوءَ  ننڍڙي جوانڙي واهه جي مٺي هئي، واهه جي ماکي هئي! ههڙي مکڻ سان ملاقات! سچ پچ ته بهشت هو بهشت!“

        پنهنجي اهڙيءَ فتح جي بيان ڪرڻ ويل ايفوسن ٻين عشقبازن وانگر نه ته پنهنجي اٽڪل بازيءَ جي ٻٽاڪ هڻندو هو، نه ئي عورت کي پنهنجو شڪار سمجهي ڦونڊ ۾ ڀربو هو. هن جي کليل ۽ عجب ڀريل اکين مان رڳو خوشيءَ ۽ شڪر گذاريءَ جو اظهار ٿيندو هو.

        اوسپ، نفرت مان ڪنڌ ڌوڻي، چوندو هوس، ”تون ته ويلُ آهين. تنهنجي ڪيتري عمر ٿيندي؟،

        ”چوئيتاليهه، پر اُن سان ڇا ٿيندو آهي! اڄ مان پنج سال وڌيڪ جوان ٿي ويو آهيان. ائين پيو سمجهان ڄڻ آب حيات ۾ ٽٻي هنئي اٿم. منهنجي دل خوش آهي ۽ رڳ رڳ ۾ تازگي پيو محسوس ڪيان. ڪن ڪن عورتن ۾ اهڙو اثر ٿيندو آهي.“

        خار ۾ ڀرجي پيٽرڪ هن کي وعظ ڪرڻ لڳندو هو، ”پنهنجا پير سنڀال، پنجاهه کي پهتين، ته انهن خراب ڪمن جو پاڻيهي نتيجو ڏسندين.“

        هوڏانهن ڀيري ڀيري سان گريگوري ٿڌو ساهه کڻي چوندو هو، ”ايفوسن، تون ڏاڍو بيشرم آهين!“ ۽ مان اها ڳالهه محسوس ڪندو هوس ته اُهو سهڻو جوان، هُن ڪٻڙي تي رشڪ ڪندو هو.

        پوڙهو اوسپ پنهنجي چانديءَ جهڙن ڀرن مان هن کي سڌو گهوري، ٽهڪ ڏيئي چوندو هو، ”هر ڪا ڇوڪري دام ۾ ڦاسي ٿي پوي. ڪنهن کي لذيذ کاڌو کپي، ڪنهن کي لٽو ۽ زيور کپن، پر اِهي تنهنجون سڀ ماکيون ۽ مٺايون ڪڏهن ته نانيون به ٿينديون!“

        گريگوريءَ کي زال هئي، پر اها ڳوٺ ۾ رهندي هئي. هيءُ جوان به ٻهاري وارين اُنهن عورتن ۾ اکيون وجهيو هلندو هو. ۽، اُنهن مان ڪنهن کي به پنهنجي ڪمائيءَ ۾ اضافي ڪرڻ خاطر ڪنهن سان رستي رکڻ ۾ ڪو عار ڪونه ٿيندو هو. هو ائين سمجهنديون هيون ته ههڙن غريباڻن حالن ۾ اُهو به سندن هڪ روزگار هو. پر سهڻو پلستر وارو پاڻ کي هنن جي ديدار بازيءَ سان ئي خوش رکيو ايندو هو. هن جي گهور ۾ پاڻ رحم هوندو هو، ڄڻ ته هن کي پاڻ تي يا هنن تي ڏک ٿيندو هجي. جڏهن اُهي وک وڌائي پاڻ هن سان اشاري بازي ڪنديون هيون، ته هو لڄ ڀريو ٽهڪ ڏيئي، اتان هليو ويندو هو-”آهه، اوهين نياڻيون-“

        ”اڙي اناڙي، توکي ڪهڙي ڳالهه ٿي روڪي؟“ ايفوسن وائڙو ٿي هن کان پڇندو هو.

        ”مون کي زال آهي.“ گريگوريءَ هن کي ياد ڏياريو.

        ”پوءِ ڇا ٿيو؟ هن کي پتو ٿورو ئي ڪو پوندو!“

        ”جيڪڏهن مان بيوفا ٿيندس، ته هن کي پتو اوس پئجي ويندو. هن کان ڪا ڳالهه لڪي نه رهندي.“

        ”پر اهو ڪيئن ممڪن آهي؟“

        ”مان اهو ته چئي نٿو سگهان ته ڪيئن، پر جيستائين هوءَ پاڪدامن آهن، تيستائين هن کي منهنجي بيوفائيءَ جو پتو پئجي ويندو، ۽ جيستائين مان پاڪدامن آهيان، تيستائين هن جي بيوفائيءَ جو مون کي پتو پئجي ويندو.“

        ”پر، اُهو به ڪيئن؟“ ايفوسن ڳالهه تي زور ڏيندي چيو.

        ”مان چئي نٿو سگهان.“ گريگوريءَ ورائي چيو.

        ڇت جوڙيندڙ ايفوسن، ڪاوڙ ۾ مڪ الاريندي، چيس، ”پاڪدامن هئڻ ڪري ٻئي ڪنهن جو ڇا پتو هوندو؟ پنهنجو منطق ته ڏس! تنهنجو مغز پورو ته ناهي!“

        ششلين گريگوريءَ جي ٽولي ۾ ست ڪاريگر ڪم ڪندا هئا، جن هن کي پنهنجو جمعدار نه پر پاڻ جهڙو ۽ پاڻ منجهان ڪري سمجهندا هئا، ۽ هن جي پرپٺ هن کي ”پاڏو“ ڪري ڪوٺيندا هئا. جڏهن هو ڏسندو هو ته هن جا ڪاريگر سست ٿيا ويٺا آهن، ته پاڻ ڪم ۾ جنبي ويندو هو، ۽ ٿورو سهڻو ڪم ڪري، هنن کي وڻندڙ نموني چوندو هو، ”شاباس جوانو! ڪم ڪي هلائيندا هلو.“

        هڪڙي ڀيري مالڪ جو ڪاوڙ ڀريل پيغام هن کي پهچائيندي، مون چيو، ”ڪهڙا نه ڪم جا ٽوٽي آهن، اِهي تنهنجا ڪاريگر!“

        ”سچ پچ!“ هن ظاهري عجب کائيندي چيو.

        ”جيڪو ڪم هو هاڻي پيا ڪن، اُهو هنن کي ڪالهه پورو ڪرڻ کپندو هو، پر اِهو ڪم ته اڄ به پورو ٿي نه سگهندو!“

 

        ”بلڪل ٺيڪ ٿو چوين.“ هن قبول ڪندي چيو، ”اڄ به پورو ڪري نه سگهندا.“

        هو گهڙيءَ تائين ماٺ ٿي ويو ۽ پوءِ چوڻ لڳو، ”مان ڄاڻان ٿو ته انهن کي لت هڻي ڪڍي ڇڏڻ گهرجي، پر ڇا ڪيان؟ پنهنجا آهن، منهنجي ڳوٺ جا آهن. انهيءَ کان سواءِ خدا اسان کي سزا ڏيئي هن دنيا ۾ موڪليو آهي ته اسان کي پنهنجي پگهر جو پورهيو کائڻ گهرجي، ۽ اها ڳالهه توسان ۽ مون سان به لاڳو آهي. پر حقيقت هيءَ آهي ته تون ۽ مان هنن کان گهٽ پورهيو ٿا ڪريون. انهيءَ ڪري هنن کي ڪڍندي لڄ ٿي اچيم.“

        هو ڏاڍو سوچيندو هو، ننڊ ۾ گهمندڙ ماڻهوءَ وانگر هيڏانهن هوڏانهن هيلو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو ميلي جي سڃين گهٽين مان چڪر هڻندو، ڪنهن واهه جي پل جي مٿان ڪٽهڙي وٽ بيهي رهندو هو، ۽ ڪڏهن هيٺان وهندڙ پاڻيءَ ۾، ڪڏهن مٿي اڏامندڙ ڪڪرن ڏانهن ۽ ڪڏهن اوڪا نديءَ جي وهڪري کي ڏور تڪيندو رهندو هو. جيڪڏهن ڪو هن وٽ پهچي هن کان پڇندو هو- ”هت ڇا پيو ڪرين؟“ ته هو ڇرڪ کائي، جواب ڏيندو هو، ”ڇا؟“ ۽ هوش ۾ اچڻ کان پوءِ. منجهيل نموني مرڪي، چوندو هو، ”ڪجهه نه، پاڻيءَ ڏانهن پيو نهاريان.“

        هو گهڻو ڪري چوندو هو، ”ڌڻيءَ پنهنجيءَ دنيا کي اهڙيءَ ريت بنايو آهي جيئن اها هئڻ گهرجي. هو آسمان، جنهن تي سج، چنڊ ۽ تارا پيا چمڪن، ۽ هيءَ زمين، جنهن تي نديون پيون وهن. اُنهن تي وري ٻيڙيون ۽ جهاز پيا هلن. ڪنهن به ٻيڙيءَ تي چڙهي جيڏانهن دل چوي، اوڏانهن وڃي سگهجي ٿو. ريازان، رائبنسڪ، پرم، استراخان. هڪڙي ڀيري سير ڪرڻ لاءِ ريازان ويو هوس، خراب ناهي، پر اسان جي نجنيءَ جهڙي چهل پهل ان ۾ ڪانهي. ۽ استرا خان ته پاڻ وڌيڪ بي رونق آهي. سڄو ’ڪالمڪن‘ سان ڀريو پيو آهي ۽ ڪالمڪ مون کي وڻندا ناهن. مون کي اهي سڀ ڌاريا ماڻهو-اِهي مارڊون، ڪالمڪ، ايراني ۽ جرمن ڏٺا ڪين وڻن.“

        هن جي گفتگو هميشه هوريان هوندي هئي، ۽ ائين لڳندو هو، ڄڻ هن جا لفظ ڪنهن همدردانه تائيد جي تلاش ۾ هوندا هئا، ۽ هميشه اُها تائيد هن کي سربند پيٽرڪ وٽان حاصل ٿيندي هئي.

        ”اِنهن ماڻهن ڪٿي به رهائش اختيار نه ڪئي آهي، ڄڻ ته رول آهن.“ پيٽرڪ اهڙيءَ سختيءَ سان چيو ڄڻ ته انهن تي ڪنهن سزا جي فتوا ڪڍندو هجي. ”حضرت عيسيٰ جي آمد کان اول هت آيا هئا، ۽ هن جي ٻيهر ظهور کان اول هتان هليا ويندا.“

        گريگوريءَ جي منهن ۾ رونق اچي ويئي، ۽ هن جي آواز ۾ جوش پيدا ٿي ويو-”چئبو، اها ڳالهه آهي! ائين آهي نه؟ انهيءَ ڪري ئي مون کي روسي قوم سان الفت آهي. هو خالص روسي آهن ۽ انهن سان ٻي ڪنهن قوم جو ميل ڪونهي. مون کي يهودي به پسند ڪين آهن. مون کي دل ۾ کٽڪو جاڳندو آهي ته اِهي ڪتاب وارا ڪيئن ٿيا، پر مان سمجهان ٿو ته انهيءَ ۾ به قدرت جو راز هوندو.“

        مبهم لفظن ۾ سربند سُر وٺايس، ”هائو، انهيءَ ۾ راز آهي-پر ڪيتريون ڳالهيون آهن، جي بي تڪيون به لڳن ٿيون.“

        اوسپ وچ ۾ دخل ڏيندي، ست سُري ٻڌاين-”هائو، گهڻيون ئي ڳالهيون بي تـُڪيون آهن. مثلاً اِهي توهان جون ڳالهيون. اڙي واتوڙي، رڳو پيا ڄاڙيون هڻو، اوهان جون ته چهبڪن سان چمڙيون لاهجن.“

        اوسپ گهڻو ڪري، ماٺ ڪيو پيو هنن جون ۽ ٻين جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌندو هو. هن جي لاءِ اها اول اڳڪٿي ڪرڻ ته ڳالهه جو ساٿ ڏيندو يا مخالفت ڪندو ناممڪن هو. ڪڏهن ڪڏهن هو هنن جي خيالن جو ساٿ ڏيندو هو، ته به اها ڳالهه ظاهر هئي ته جيڪڏهن هو هنن کي بيوقوف نه، ته به ڇسو ضرور سمجهندو هو. پيٽرڪ، گريگوريءَ ۽ ايفوسن کي ڪڏهن ڪڏهن رڙ ڪڍي چوندو هو، ”اڙي، سوئر جا ٻچو! پنهنجي بڪ بڪ بند ڪريو!“ انهيءَ تي هو کلي ڏيندا هئا، ڦڪائيءَ کان ئي سهي پر کلندا ضرور هئا.

        منهنجو مالڪ جيڪي پنج ڪوپيڪ روزانو کاڌي لاءِ مون کي ڏيندو هو. سي منهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪافي نه هوندا هئا. تنهن ڪري آءٌ اڌ بکيو هلندو وتندو هوس. اهو حال ڏسي ڪاريگر مون کي پاڻ سان گڏ کاڌو کارائيندا هئا. ۽ ڪڏهن ڪڏهن چانهه پيئڻ لاءِ به پاڻ سان گڏ هوٽل تي وٺي ويندا هئا. مان سواءِ ڪنهن هٻڪ جي انهن جي آڇ قبول ڪندو هوس. مون کي هنن سان گڏ ويهڻ، هنن جي اوڀارين لهوارين ڳالهين، ٽوٽڪن ۽ ڪهاڻين ٻڌڻ ۾ مزو ايندو هو. جواب ۾ مان هنن کي مذهبي ڪتاب پڙهي ٻڌائيندو هوس، جي هنن کي پسند ايندا هئا.

        ”تو ڪتابن سان پاڻ کي ڀري ڇڏيو آهي، هاڻي تنهنجي گُجي انهن سان ڦاٽڻ تي اچي پهتي آهي.“ اوسپ پنهنجون نيريون اکيون، جن جو خيال پروڙڻ ڏکيو هو، مون ۾ کپائيندي، چيو، هن جي اکين جون ماڻڪيون ڄڻ سفيديءَ ۾ گم ٿينديون پئي ويون-”بهتر آهي ته ٿورو ٿورو ڪري پڙهه. جڏهن وڏو ٿين، تڏهن راهب ٿجانءِ. ۽ پنهنجي دعائن سان ماڻهن جا دک دور ڪجانءِ ۽ مالدار ٿجانءِ.“

        ”مالدار نه خدمتگار.“ پيٽرڪ هن کي درست ڪندي، اهڙي لهجي ۾ چيو، جنهن ۾ ڪاوڙ سمايل هئي.

        ”ڇا؟“ اوسپ سوال ڪيو.

        ”مون چيو، تنهنجو مطلب ’خدمتگار‘ آهي نه! آخر تون ٻڌين ڇو نه ٿو، ٻوڙو ٿي ويو آهين ڇا؟“

        ”چڱو خدمتگار ئي سهي. پوءِ ڪافرن کي ڪوڙو ثابت ڪجانءِ. يا خود پاڻ ئي انهن سان ملي وڃجانءِ-اُهي به ڪو گهٽ ڪونه ٿا ڏين. جيڪڏهن سمجهه کان ڪم وٺندين ته ڪفر مان به پيو ڪمائيندين.“

        گريگوري کلڻ لڳو، ۽ پيٽرڪ پنهنجي ڌاڙهيءَ کي کنهي چوڻ لڳو، ”ڏائڻيون ۽ ڀوپا به پنهنجو وقت مزي سان پيا ڪاٽين، ۽ خدا کان ڦريل ماڻهو به.“

        اوسپ چوڻ لڳو، ”ڏائڻيون ۽ ڀوپا پڙهيل نه هوندا آهن، هنن کي ڪتابن جي تعليم جو ضرور ئي نه هوندو آهي.“

        ۽ هو مون کي چوڻ لڳو، ”هيءَ ڳالهه خيال سان ٻڌجانءِ ۽ ان تي ويچار ڪجانءِ. هڪڙو هاري، جنهن جو نالو تشنيڪوف هو، سو اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو. غريب هو پر ڪنهن نه ڪم جو. کنڀ وانگر هوندو هو-جيڏانهن جي هوا لڳي اوڏانهن هليو ويندو هو. ڪم ڪار کان پري ڀڄندو هو، پر لـُفنگو به نه هو. هڪڙي ڏينهن بيڪار کان بيگار ڀلي، سو زيارتن تي هليو ويو. ٻن سالن تائيم گم هو. ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو اچي نڪتو. هاڻي هن جو حـُليو ئي ٻيو هو. وار ڪلهن تائين لڙڪيل، مٿي تي ڏاس جي ٽوپي، ڀوري رنگ جي چمڙي جي کل ڪلهي تي، ڪاري ۽ ڊگهي لٺ هٿ ۾، اسان سڀني ڏانهن حقارت سان نهاري وٺي رنڀ ڪيائين-’اڙي نابڪارو، توبهه ڪريو!‘ ماڻهن کي ڀلا توبهه کان ڪير ٿو روڪي سگهي؟ خاص ڪري عورتن کي؟ هن جو ڌنڌو کلي پيو. هن کي کاڌو ملڻ لڳو. هن کي شراب ملڻ لڳو. هن کي دلپسند عورتون ملڻ لڳيون.....“

        ڪاوڙ ۾ سربند هن جي ڳالهه کي اڌ ۾ وڍندي چيو، ”اسان جو هن جي کائڻ پيئڻ جي ڳالهين سان ڪهڙو واسطو آهي؟“

        ”نه ته ٻيو ڇا سان آهي؟“

        ”اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته هو ڇا ٿو چوي.“

        ”هو ڇا ٿو چوي؟ انهيءَ تي ڪير ٿو پنهنجو مٿو کپائي! چوڻ ڪاڻ ته هر ڪنهن وٽ پنهنجو ئي گهڻو آهي.“

        ”اسان کي تنهنجي تشيڪ بابت جيڪي ٻڌڻو هو، سو ٻڌوسين.“ پيٽرڪ گجگوڙ ڪندي چيو. پر گريگوري ماٺ ڪيو ويٺو هو ۽ ڪنڌ جهڪايو پئي گلاس ڏانهن ڏٺائين“

        ”بحث جي ڪابه ڳالهه ڪانهي.“ اوسپ صفائي پيش ڪندي چيو، ”مون ته الڪسيءَ کي ٻڌائڻ پئي گهريو ته ماڻهو ڳڀي ٽڪر لاءِ ڪهڙا رستا پيا اختيار ڪن-“

        ”ڪي رستا ته سڌو جيل ڏانهن وٺيو ٿا وڃن.“

        ”ڪيترائي.“ اوسپ قبول ڪندي چيو، پر ڪي ٿورا آهن، جي ماڻهوءَ کي ديول ڏانهن ۽ خانقاهه ڏانهن به وٺي ٿا وڃن. جنهن کي جتي ڳڀي جي ڳولا نـِئي!“

        هن کي پلستر واري ۽ سربند جهڙن مومنن متقين تي مذاق ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو. ٿي سگهي ٿو ته هو انهن کي پسند نه ڪندو هجي، پر هن جي اهڙي روش هوندي هئي، جو اهڙيءَ ڪنهن ڳالهه کي لڪائي ڇڏيندو هو. عام طرح ماڻهن سان هن جي هلت کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو هو.

        هو ايفوسن سان ٻين جي ڀيٽ ۾ نهايت مهربانيءَ ۽ قرب سان پيش ايندو هو. ڇت بند ايفوسن ڪڏهن به خدا، انسان جي مصيبتن ۽ مصيبتن عقيدن جي بحثن ۾ حصو نه وٺندو هو، جيڪي هن جي ساٿين جا دلپسند موضوع هوندا  هئا. ميز جي ڀرسان پاسيري ڪرسي وجهي، جيئن هن جي ڪٻ ڪرسيءَ جي پٺيءَ سان نه لڳي، هو ماٺ ڪيو ويٺو پنهنجو چانهه جو ڪوپ پيئندو هو. اوچتو ئي اوچتو هو کڙو ٿي، تماڪ جي دونهين جي ڪڪرن مان پري نهاري، آسپاس جو گوڙ مان ڪو خاص آواز ڪن ڏيئي ٻڌڻ لڳندو هو، ۽ پوءِ جهٽ پٽ اٿي، اک ڇنڀ ۾ هوا ٿي ويندو هو. اُنهيءَ جو اِهو مطلب هوندو هو ته هن جو ڪو لهڻيدار اچي ويو هو. هن جا لهڻيدار جهجها هئا. ڪن لهڻيدارن کي هٿ اچي ويندو هو ته مار به ڪڍندا هئس. تنهن ڪري هنن کي اهڙي موقعي ڏيڻ کان اول ئي هو ٽرڪي ويندو هو.

        ”آپي کان ٻاهر ٿا نڪري وڃن،“ هو عجب جو اظهار ڪندي چوندو هو، ”اهو ته سمجهن ته جي مون وٽ پئسا هجن ها، ته ڪڏهوڻڪو وٽن پهچي ڪين وڃن ها!“

        ”واهه ڙي ايماندار، واه!“ اوسپ هن جي پٺيان چوندو هو.

        ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته ايفوسن پنهنجي خيالن ۾ اهڙو گم ٿي ويندو هو، جو هن کي ڪا شيءِ ڏسڻ ۾ نه ايندي هئي ۽ نه ڪجهه ٻڌڻ ۾ ايندو هو. اهڙن وقتن تي هڪ قسم جي مٺڙي رونق، جيڪا هن جي وڻندڙ اکين کي وڌيڪ وڻندڙ بنائي ڇڏيندي هئي، هن جي منهن تي پکڙجي ويندي هئي.

        ”ڇا پيو سوچين؟“ هن کان پڇندا هئا.

        ”مون سوچيو پئي ته، خدا جو قسم، جي مان شاهوڪار هجان ها، ته ڪڏهن وڏ گهراڻيءَ ڇوڪريءَ سان، بلڪه سچ پچ اُن ڪرنيل جي ڌيءُ سان شادي ڪيان ها. ڌڻي ٿو ڄاڻي ته ان سان ڪيڏو نه پيار ڪيان ها! ڀائرو، ڳالهه هينئن آهي ته هڪڙي ڀيري هڪڙي ڪرنيل جي جاءِ جي ڇت  پئي وڌيم-“

        ”هائو، اسين ان جي رنڙ ڌيءُ بابت سڀ ڪجهه ٻڌي چڪا آهيون.“ پيٽرڪ وچ ۾ روڪ ڪندي چيس.

        پر ايفوسن، پنهنجي گوڏي تي هٿ رکي، پاڻ کي زوم مان لوڏيندي، اصل ائين جو هن جي ڪُٻ هوا ۾ ڦيراٽيون پئي ڏنيون، چوندو هو، ”هوءَ ڪهڙي نه شاندار هئي! مون هن کي ڇت تان ڏٺو ۽ ائين سمجهيم ڄڻ سج لڳي ويم. اُهي سفيد ڪرڻا ڪٿان اچي رهيا هئا، ڄڻ ته ڪي سفيد ڳيرا زمين کان مٿي پرواز ڪري رهيا هئا! بس مکڻ هئي، اصل ماکي! اهڙين عورتن سان گهارڻ لاءِ ڏينهن بدران ڪي راتيون ۽ راتيون ئي هجن!“

        ”پوءِ توهان جو پيٽ گذر ڪيئن ٿئي ها؟“ پيٽرڪ شوخيءَ سان چيس.

        پر، ايفوسن، سواءِ ڪنهن غصي جي، چيس، ”اسان کي گهڻي جو ضرور ڪونه هو. انهيءَ کان سواءِ هوءَ مالدار جا هئي؟“

        ”اڙي بدمعاش، تنهنجي هيءَ ٺينگ مستي ڪڏهن توکي ڏاڍي مهانگي پوندي.“ اوسپ کلي چيس.

        ايفوسن عورتن کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه جو ذڪر نه ڪندو هو. هو محنتي ڪاريگر به نه هو. ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجو ڪم تمام ٺاهوڪي نموني پورو ڪندو هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڪم جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏيندو هو، ڄڻ اُهو ساڳيو ايفوسن ئي نه هو، مالهي گهمائڻ مهل بي خيالي ۽ ۽ بي پرواهي ڪندو هو، جنهن ڪري پلستر ۾ خال رهجي ويندا هئا. هن جي بت مان سدائين چيروليءَ جي بوءِ نه، ته به ڪنهن تازي چيريل ديال جي ڪاٺ جي ٻُوري جهڙي ڪجهه ڪجهه وڻندڙ خوشبوءِ پيئي ايندي هئي.

        اوسپ ڊکڻ سان هر ڪنهن ڳالهه تي بحث ڪري سگهبو هو. پر هن جي ڳالهائڻ ۾ ڪو تيک ڪونه هوندو هو، ۽ اُن مان اِهو به پتو پئجي نه سگهندو هو ته هو چرچو ڪري رهيو هو يا سنجيدو ٿي ڳالهائي رهيو هو.

        گريگوريءَ جو پسنديده موضوع خدا هوندو هو، جنهن بابت هو وڏي يقين سان ڳالهائيندو هو.

        ”توکي پتو آهي ته ڪي ماڻهو خدا کي نه مڃيندا آهن؟“ مون پڇيس.

        ”ڇا ٿو چوين؟“ هن نرميءَ سان کلندي چيو.

        ”هنن جو خدا جي هستيءَ ۾ اعتبار ڪونهي.“

        ”اها ڳالهه آهي، مون کي اُنهن جو پتو آهي.“ ۽ ڄڻ ڪن غائب جيتن کي هڪليندي، چوڻ لڳو، ”ياد اٿئي ته حضرت دائود گهڻو وقت اڳ ڇا چيو هو-’بيوقوف پنهنجي دل ۾ چون ٿا ته خدا ڪونهي!‘ پوءِ توکي خبر آهي ته اهڙن جاهلن جي ڪهڙي حالت ٿي؟ اڙي چريا، جي خدا نه هجي، ته هيءَ ڪائنات ڪيئن هلي؟“

        ڄڻ هن جي تائيد ڪندي، اوسپ چيو، ”پيٽرڪ جو خدا مان يقين ڪڍو ته توهان کي پتو پئجي وڃي ته باقي ماڻهو ڇا آهي.“

        گريگوريءَ جو سهڻو چهرو ڳنڀير ٿي ويو. چن سان لتل آڱرين سان ڏاڙهيءَ کي کنهندي، شاندار نموني چوڻ لڳو، ”هر ڪنهن ساهه واريءَ شيءِ ۾ خدا آهي. ضمير ۽ روح خدا جون عطا ڪيل نعمتون آهن.“

        ”۽ گناهه؟“

        ”گناه جو واسطو جسم سان آهي ۽ شيطان ان جو اپائيندڙ آهي. ماتا جي داغن وانگر گناه به هڪ ٻاهرين شيءِ آهي. جي ماڻهو ويهي گناهن تي ويچار ڪندو ته وڌيڪ گنهگار ٿي ويندو. جيڪڏهن ڪو گناهن جو خيال ئي نه ڪندو ته گناه به نه ڪندو. اسان جا گناهن وارا خيال اسان جي غليظ جسم جي حڪمران، اُن غلط تربيت ڏيندڙ شيطان جا پيدا ڪيل آهن.“

        اُنهيءَ تي سربند پئٽرڪ بحث ڪرڻ لڳندو هو، ”اِها تون غلط ڳالهه ٿو ڪرين.“

        ”بلڪل نه! خدا گناهه کان پاڪ آهي. ۽ هـُن انسان کي پنهنجي پاڇي جهڙو ۽ پنهنجي صورت مطابق خلقيو آهي. گناهه پاڇي کان سرزد ٿئي ٿو. يعني جسم کان، صورت گناهه کان بالاتر آهي. انسان ۾ خدا جي صورت هن جو روح آهي.“

        اُنهيءَ هوندي به پيٽرڪ ڀڻڪيو، ”تون غلط آهين.“

        ”مان سمجهان ٿو تنهنجو چوڻ آهي.“ اوسپ وچ ۾ چيو، ”ته گناهه کان سواءِ توبهه ڪانهي ۽ توبهه کان سواءِ ڇوٽڪارو ڪونهي؟“

        ”هائو، هائو، بلڪل ائين. جيئن اسان جي مقدس عيسيٰ چيو آهي، ’شيطان جي خوف ڪري خدا سان محبت قائم رهي ٿي‘.“

        گريگوري پياڪ نه هو. ٻه گلاس چاڙهيندو ته مست ٿي ويندو هو، ڳٽا ڳاڙها ٿي ويندا هئس، اکين ۾ ٻاراڻي جهلڪ اچي ويندي هيس، ۽ ڀريل آواز ۾ چوندو هو: ”دوستو، اسين ڪهڙي نه سٺي زندگي گذاري رهيا آهيون! ٿورو ڪم ڪيون ٿا، پيٽ ڀري کائون ٿا، اچو ته خداوند قدوس جا ڳڻ ڳايون! هيءَ زندگي ڏاڍي سٺي آهي!“ ۽ ڳوڙها ٽم ٽم ڪري هن جي اکين مان وهڻ لڳندا هئا، جي موتين جي داڻن وانگر هن جي ڏاڙهيءَ ۾ اٽڪي بيهندا هئا. هو جنهن ڏک ۽ وياڪلتا سان حياتيءَ جي واکاڻ ڪندو هو. سا مون کي ڏاڍو ڏکوئيندي هئي. منهنجي ناني جيڪا حياتيءَ جي تعريف ڪندي هئي، اها وڌيڪ ٻاجهاري ۽ محبت ڀري هوندي هئي ۽ منهنجي دل کي پيئي وڻندي هئي.

        ان قسم جا سوال جواب به مونکي پريشان ڪري ڇڏيندا هئا. اُهي منهنجي دل ۾ اهڙا منجهيل جذبا پيدا ڪندا هئا، جيڪي مان سمجهي ڪين سگهندو هوس. اوسيتائين مون ڪتابن ۾ ڳوٺاڻن جي حياتيءَ بابت گهڻو ڪجهه پڙهيو هو، ۽ انهن ڪتابن وارين ڳالهين ۾ هنن جي حقيقي زندگيءَ  ۾ مون کي ڪابه نسبت نظر نه آئي هئي. ڪتابن ۾ خدا، مذهب ۽ چرچ جو ذڪر گهٽ، ۽ حڪومت جو، سندن جاگيردارن جو، قاعدي قانون ۽ زمين جو ذڪر زياده هوندو هو، ڪتابن ۾ عورتن سان هنن جي ناتي جو ذڪر به گهٽ هوندو هو ۽ اهو به ايترو بڇڙو ۽ ڪروڌ ڀريو ڪونه هوندو هو. پر عام رواجي زندگيءَ ۾ عورتون ڳوٺاڻن لاءِ وڏي ڪشش جون شيون هونديون هيون، اُنهن جي اُها ڪشش هو پنهنجي لاءِ خطرناڪ سمجهندا هئا، ۽ اُنهيءَ ڪري سدائين پيا هنن کان ڊڄندا هئا، هنن کي گهٽ ڪندا هئا ۽ هنن سان حرڪتون ۽ چالاڪيون ڪندا هئا. جيڪڏهن اُن ۾ ڪنهن طرح هو ناڪام ٿيندا هئا، ته اُن کي هو پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حادثو سمجهندا هئا. ڳوٺاڻن بابت ڪو ڪتاب چڱو هجي يا برو، پر ان ۾ انهن جي سڄي زندگي چڱي ته سڄي چڱي، ۽ بُري ته سڄي بـُري چٽيل هوندي هئي. دراصل ڳوٺاڻا نه صفا چڱا آهن نه صفا بـُرا، پر هو سڀ ڏاڍا مزيدار آهن. اُنهن مان هرڪو مزيدار شخصيت جو مالڪ آهي. ڳوٺاڻو ڳالهائيندو به گهڻو ئي آهي، پر ائين پيو سمجهبو آهي ته اڃا ڪجهه لڪائي رهيو آهي. ۽ جو ڪجهه هو لڪائي ويهي ٿو ۽ هزار ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ به ظاهر نٿو ڪري، سچ پچ ته اُها هن جي لڪايل ۽ اڻ بيان ڪيل ڳالهه ئي هن جي اصل شخصيت جي سمجهڻ جي ڪنجي هوندي آهي.

        ڪتابن ۾ ”واڍن جو ڪتاب“ نالي ناول منهنجو پڙهيل هو. اهڙن ڪتابن ۾ آيل ڳوٺاڻن جي ڪردارن ۾ سڀ کان  وڌيڪ اُن ڪتاب ۾ ’پيٽر واڍي‘ جو ڪردار مون کي وڌيڪ وڻندو هو. هڪ ڀيري مان اهو ڪتاب ميلي ۾ کڻي ويس ته پنهنجن دوستن کي اُتي پڙهي ٻڌايان. منهنجي عادت هوندي هئي ته گهڻو ڪري رات جو ڪنهن نه ڪنهن ڪاريگر جي دڪان ۾ سمهي پوندو هوس، خاص طرح انهيءَ ڪري، جو ڏينهن جي ڪم ڪري اهڙو ٿڪجي ٽٽجي پوندو هوس، جو ايڏو پنڌ ڪري، گهر ورڻ تي دل ئي نه ٿيندي هيم. جڏهن هنن کي پتو پيو ته مون وٽ ڊکڻن بابت ڪتاب آهن، ته ڏاڍو شوق ڏيکاريائون. خاص طرح اوسپ ته منٿن ڪرڻ ۾ لڳي ويو. هڪدم مون کان ڪتاب وٺي، تڪڙا تڪڙا پنا اٿلائيندي، ڪنڌ ڌوڏي مون کان پڇڻ لڳو، ”ڇا، سچ پچ اسان بابت آهي؟ وڏو بدمعاش آهين! لکندڙ ڪير آهي؟ ڪو چڱو ماڻهو هوندو؟ مون به ائين سمجهيو، چڱا ماڻهو ۽ آفيسر ڪنهن ڳالهه کان گسن ئي ڪونه ٿا. جتي مالڪ خيال نه پهچندو، اُتي به انهن جو مغز پهچي ٿو وڃي. انهن جي زندگيءَ جو مقصد ئي اِهو ٿو ڏسجي!“

        اسان جي پيٽرڪ رهڙ ڏيندي چيس، ”تون مالڪ جو اهڙيءَ ريت ذڪر ڪري، مالڪ جي شان ۾ گستاخي ڪري رهيو آهين.“

        ”سڀ ٺيڪ آ، مالڪ کي اسان جي ڳالهين جي ڪهڙي پرواهه آهي؟ اسان کي ته مينهن جي ڦڙي به نقصان رسائي سگهي ٿي، پر اسان جي لفظن مان مالڪ کي ڇا ٿو ٿي سگهي! اجايو وهلور نه وڃ. تون ۽ مان مالڪ کي ڪجهه نٿا ڪري سگهون.“

        بس، ائين اوچتو ئي اوچتو، چقمق جي چڻگن جهڙا ساڙيندڙ ۽ ڪينچيءَ جهڙا ڪٽيندڙ لفظ هن جي وات مان نڪرڻ لڳندا هئا، ۽ جن به ڳالهين لاءِ هن کي بڇان هئي، انهن تي هو خوب دل جا بخار ڪڍڻ لڳندو هو.

        ڏينهن ۾ ڪيترا ئي ڀيرا مون کان پڇندو هو، ”ڪيئن ميان الڪسي، ڪجهه پڙهندين؟ ڇا خيال آهي!“

        هڪڙي ڀيري اوسپ جي دڪان ۾ ماني کائڻ کان ٿورو وقت پوءِ. پيٽرڪ پنهنجي مددگار اردلان ۽ گريگوريءَ ۽ هڪڙي فوما نالي ڇوڪري سان گڏجي آيو. هڪڙي ڇاپري ۾، جتي ڪاريگر سمهندا هئا، بتي ٻاري ويئي ۽ مون پڙهڻ شروع ڪيو هو. هو سواءِ ڪنهن ڪڇڻ جي ماٺ ڪيو ويٺا هئا، تان جو اردلان ڪڪ ٿي چيو، ”مون گهڻو ٻڌو آهي.“ ائين چئي، هو ٻاهر هليو ويو. گريگوريءَ جي اک لڳي ويئي، وات ائين پٽجي ويس، ڄڻ اوچتو ننڊ اچي گهٽيو هوس. هڪ هڪ ڪري سڀ ڪاريگر اٿندا ويا. پر پيٽرڪ، اوسپ ۽ فوما، سرڪندا منهنجي ويجهو ايندا ويا، ۽ مون ۾ جوهه وجهيو ڪتاب ٻڌندا رهيا. جڏهن ڪتاب پڙهي پورو ڪيم، تڏهن اوسپ بتي وسائي ڇڏي. رات جي تارن مان اسين سمجهي سگهياسون، ته رات لڙي ويئي هئي.

 اونداهيءَ ۾ پيٽرڪ سوال ڪيو، ”هي ڪتاب ڇو لکيو ويو هو؟ ۽ ڪنهن جي خلاف؟“

        ”هاڻي ته سمهڻ جو وقت ٿيو آهي. ”اوسپ پنهنجا بوٽ لاهيندي چيو.

        پيٽرڪ ڳالهه تي زور ڏيندي چيو، ”مان پڇان ٿو، اهو ڪنهن جي خلاف لکيل آهي؟“

        ”اهو انهن کي پتو.“ اوسپ تختي جي مٿان ليٽندي چيو.

        ”جيڪڏهن اهو ماٽيلي مائن جي خلاف لکيل آهي، ته پوءِ اجايو آهي، ڇو ته اُهي سڌرڻ کان مٿي آهن.“ پيٽر سربند چيو، ”۽ جيڪڏهن ويچار ’پيٽر‘ جي خلاف لکيل آهي ته به واهيات آهي. هن جا گناه ان جو جواب آهن. خونين کي سائبيريا جي سزا ملندي، بس-اهوئي ته ڪتاب ۾ آهي ٻيو ڇا؟ ڇا، ڪتاب اهڙن ڏوهن کي بند ڪرائي سگهن ٿا؟.“

        اوسپ ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ سربند ڌَوَندو رهيو-”هنن ليکڪن کي پاڻ کان ته ڪجهه ڪم پڄي ڪونه ٿو، انهيءَ ڪري ٻين ماڻهن جي ڪمن ۾ وتندا ٽنگ اڙائيندا. چڱو. شب بخير، سمهڻ جو وقت ٿي ويو آهي.“

        هو اٿي، در وٽ چنڊ جي چانڊاڻ ۾ بيهي، پڇڻ لڳو، ”اوسپ، ننڊ وٺي ويئه ڇا؟ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟“

        ”ڇا؟“ اوسپ ڊکڻ ننڊا کڙي آواز ۾ چيس.

        ”چڱو، چڱو، ننڊ ڪر.“

        گريگوري پنهنجي پاسي تي ليٽي پيو هو، ۽ نوما منهنجي ڀرسان پيل لتاڙيل ڪکن تي سڌو ٿي پئجي ويو. آسپاس ننڊ جو راڄ هو. پري کان ريل جي لنگهڻ جا آواز اچڻ لڳا. مشين جو ڌڌڪو ۽ ريل تي ڦيٿن جو کڙڪو صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو. ڪاريگر مختلف سـُرن ۾ کونگهرا هڻي رهيا هئا، مان بيقراري محسوس ڪري رهيو هوس. مون کي اميد هئي ته ڪتاب ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه خيال آرائي ٿيندي، پر مون کي ڏاڍي نا اميدي ٿي.

        اوچتو اوسپ هوريان ۽ صاف لفظن ۾ مون کي چوڻ لڳو، ”پٽ، ڪابه ڳالهه دل ۾ نه ڪجانءِ. تون جوان آهين ۽ اڃا زندگي تنهنجي اڳيان آهي. رڳو پنهنجن خيالن کي وڌائيندو رهجانءِ. جيڪو تون پاڻ محسوس ڪرين ٿو ته ٻين جي ٻڌايل ڳالهين کان سو ڀيرا سٺو آهي. فوما، توکي ننڊ وٺي ويئي ڇا؟“

        ”نه،“ فوما چاهه مان وراڻيو.

        ”سٺو! توهان ٻنهي ايتري تعليم حاصل ڪئي آهي، جو پڙهي سگهو ٿا. پڙهندا رهجو. پر جيڪي ڪجهه ڇپيل آهي، ان تي ڳنڍ نه ٻڌجو. توهين سمجهي سگهو ٿا ته هر ڪا ڳالهه ڇپجي ته سگهي ٿي، ڇپائي کي ماڻهن ڌنڌو ڪري ورتو آهي.“

        هو اٿي ويٺو ۽ پنهنجن هٿن سان تختي جي پاسي کي جهلي، اسان ڏانهن نوڙي، چوندو رهيو، ”ڪتاب“-آخر ڪتاب ڇاهي؟  هڪ سونهون.... جيڪو ڄڻ ٻڌائيندو هجي: ڏسو. اجهو هي آهي عام رواجي ماڻهو، جيئن.... ڊکڻ، يا ٻيو ڪو اهڙو ماڻهو. ۽ هيڏي ڏسو هي آهن شريف زادا.... ڄڻ اُهي باقي ٻين انسانن کان بلڪل علحدا آهن. ڪتاب مقصد کان سواءِ ڪونه لکبو آهي، اُهي ڪنهن نه ڪنهن جي بچاءَ ۾ لکيو ويندو آهي.“

        گهگهي آواز ۾ فوما چيو، ”’پيٽر‘ کي حق هو ته ان ٺيڪيدار جو خون ڪري.“

        ”نه. ڪنهن کي به حق ڪونهي ته ڪنهن انسان جو ساهه وٺي. اِئين کڻي سمجهون ٿا ته تون هِن کان يا هـُن کان ۽ ڪنهن ڳالهئين خود گريگوريءَ کان، مون کان يا ممڪن آهي ته الڪسيءَ کان نفرت ڪندو آهين، پر اهو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ، ته توکي اُن لاءِ ڪنهن کي ماري ڇڏڻ گهرجي. اسان مان ڪوبه امير ڪونهي. اڄ مان مالڪ آهيان، سڀاڻي مزدور ٿي سگهان ٿو.“

        ”چاچا اوسپ، مان تنهنجي ڳالهه نٿي ڪئي.“

        ”ساڳي ڳالهه آهي.“

        ”تون ته مصنف—“

        ”ماٺ ڪر. بيهه ته مان توکي ٻڌايان ته اِهو ڪتاب ڇا بابت آهي؟“ اوسپ فونا جي ڳالهه کي روڪيندي چيو. ”اِهو ڪتاب مڪاريءَ سان ڀريل آهي. اِنهيءَ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هڪڙي امير وٽ هاري نه هو ۽ هڪڙي هاريءَ کي امير جي ضرورت هئي. پوءِ ٻيئي ڄڻا مصيبت ۾ ڦاسي ٿا پون-امير ڪمزور ۽ سست ٿيندو ٿو وڃي ۽ هاري خرابين ۽ نشن پتن تي لهي ٿو پوي. امير جي پناهه گاهه ۾ وري به امن ۽ سلامتي آهي، ۽ هو هاريءَ کي اجهو ڏئي ٿو. ۽ هاري امير جو خيرخواه ٿئي ٿو. هو ٻيئي اهڙيءَ طرح مزي ۾ زندگي گذارين ٿا، کائين پيئن ۽ صلح سان خوش گهارين ٿا. اِنهيءَ ۾ اميرن جي هٿن ۾ هارين جي ٻانهپ کي پڏايو ويو آهي. هاري جيڪو، بيحد ڀينگيو ۽ رول هو، سو مالڪ لاءِ ڪارگر نه هو، اُها هن جي فائدي جي ڳالهه هئي ته هاري سمجهدار ۽ مانيءَ ٽڪر وارو هجي. اهو پوءِ ائين ٿيو ڄڻ امير پاڻ کي هڪڙي بهتر ۽ سڌريل اوزار سان هٿيار بند ڪيو هجي. مون کي پنهنجو پتو آهي. چاليهه سال هڪڙي امير جي زمين تي هن جو ٻيلي ٿي گذاريا اٿم. منهنجي کل چهبڪن جي وسڪاري جو چڱو آزمودو حاصل ڪيو آهي.“

        مون کي انهيءَ گاڏر، پيٽر، جون اميرن بابت ڳالهيون ياد اچي ويون. جنهن پنهنجي نڙي وڍي، خودڪشي ڪئي هئي، ۽ انهيءَ ڳالهه تي ڏک ٿيڻ لڳم ته اوسپ به ان هولناڪ دل واري وانگر ساڳيون ڳالهيون نه سوچيندو هجي!

        اوسپ پنهنجو هٿ منهنجي گوڏن تي رکندي چيو، ”توهان کي هر ڪنهن قسم جي ڪتابن ۽ مضمونن جي منجهه پروڙڻ جو پتو هئڻ گهرجي. ڪابه ڳالهه ڪنهن مقصد کان سواءِ ڪانه ٿيندي آهي. ڪتاب ماڻهن کي رڳو حيرت ۾ وجهڻ لاءِ يا ائين اجايا ڪين لکيا ويندا آهن. سڀ ڪنهن انسان کي دماغ هلائڻ جي قوت عطا ڪئي ويئي آهي. اُن کان سواءِ ماڻهو رڳو ڪاٺيون به وڍي نٿو سگهي ۽ نه ئي ڪو موچڪو ڪم ئي ڪري سگهي ٿو—“

        اهڙيءَ ريت ڪافي وقت تائين ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ هو سمهي پيو، پر جلد ئي اٿي ويهي رهيو. هن جا صاف ۽ سهڻا جملا خاموش اونداهيءَ ۾ گونجڻ لڳا-

        ”چوندا آهن ته اميرن ۽ هارين ۾ وڏو فرق آهي، پر ائين ناهي. اسين به اميرن جهڙا انسان آهيون، پر فرق هيءُ آهي ته اسين غريبن جي جهوپڙين ۾ پيدا  ٿيا آهيون. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته هنن کي اِهو موقعو مليو آهي ته ڪتابن ذريعي علم سکن، پر اسان کي رڳو پنهنجي کوپڙيءَ کان ڪم وٺڻو پوي ٿو، ۽ ڏک جهلي ۽ زخم کائي سکڻو پوي ٿو. ۽ ٻيو ته هنن جي پٺيءَ جي چمڙي اسان جي چمڙيءَ وانگر سخت ناهي، بلڪ اُها اسان جي چمڙيءَ کان وڌيڪ ڪنئري ۽ اڇي آهي. بس، انهيءَ کان وڌيڪ اسان ۾ ۽ هنن ۾ ٻيو ڪو فرق ڪونهي. اڙي ڇوڪرا، سچ پچ ته هاڻي وڌيڪ وقت وڃائڻو ناهي. هيءُ زندگيءَ جي نئين دور  جو وقت آهي. بس اُن لاءِ  ئي ڪم ڪرڻو آهي. توکي هاڻي انهن پنهنجن ڪتابن کي اڇلائي ڇڏڻ گهرجي. اسان مان هر ڪنهن کي پاڻ کان سوال ڪرڻ گهرجي: ’مان ڇا آهيان؟‘-’انسان.‘ ’زميندار ڪير آهي؟‘-’انسان‘ پوءِ فرق ڪهڙو ٿيو؟ ڇا، امير ماڻهو خدا کي پنج پئسا وڌيڪ ڏئي ٿو؟ هرگز نه. ۽ جڏهن ڏيڻ جي ڳالهه اچي ٿي، ته ڪير ڪنهن کي وڌيڪ ڏئي ٿو، سا ڳالهه ته خدا ئي ٿو ڄاڻي. ڇا به هجي، پر ائين ته هرڪو چئي سگهي ٿو ته ماڻهوءَ جو ڌن خدا جي اڳيان ڪا حيثيت ڪانه ٿو رکي. اسين سڀئي هن جي اڳيان هڪجهڙا آهيون.“

        ائين ڳالهائيندي ڳالهائيندي، هو اچانڪ چپ ٿي ويو. اُنهيءَ ويل پرهه ستارن جي ڏياٽين کي وسائڻ شروع ڪيو هو.

        ٿوريءَ دير کان پوءِ اوچتو هُن چيو، ”ڏس، مان ڇا ڳالهائي ويس؟ مان اهو ڪجهه چئي ويو آهيان، جنهن بابت اڄ تائين ڪجهه سوچيو ئي نه اٿم. پر  منهنجي ڳالهه کي اهميت نه ڏج. مون انهيءَ ڪري پئي ڳالهايو، جو ننڊ نه پئي آيم. انهيءَ ڪري ڪونه ٿي ڳالهايو ته انهن ڳالهين ڪرڻ ۾ منهنجو ڪو خاص مطلب هو. ليٽي ٿو پئجي ته ڪيتريون ئي عجيب عجيب ڳالهيون دل کي ورائي ٿيون وڃن-’هڪڙي ڀيري هڪڙو ڪانءَ هوندو هو، جو ٻنين تان ۽ ٽڪرين جي چوٽين جي مٿان ملڪان ملڪ اڏامندو رهندو هو ۽ ائين پنهنجو وقت گذاريندو هو. هن جا ڏينهن اچي پورا ٿيا ۽ خدا هن جو ساهه ڪڍي ورتو. پوءِ ويچارو ڪانءُ  مري ويو ۽ هن جا هڏا ڪنا ٿي، سڙي، کامي، خاڪ ٿي ويا....‘ اهڙين ڳالهين جي نيٺ معنيٰ ڇا، مراد ڇا؟ ڪابه نه، ڪابه ڪانه....هاڻي ٿوري ننڊ ڪريو، اجهو ٿو ڪم جو وقت ٿئي.“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org