باب ستون
نانو ۽ ناني وري شهر ڏانهن لڏي آيا هئا. مان جڏهن هنن ڏانهن ويس
تڏهن منهنجي طبيعت ۾ ڪاوڙ ۽ دل غم سان ڀريل هئي.
مون کي هـُنن، جهاز جي ڪپتان ۽ ٻين، ڇا جي لاءِ
چور سمجهيو هو؟
نانيءَ منهنجو آڌر ڀاءُ مٺڙي نموني سان ڪيو ۽ چانهه لاءِ سماوار
گرم ڪرڻ لڳي. پنهنجي خندي واري نموني ناني پڇيو،
”ڪجهه ڏوڪڙ بچايا اٿئي.“
”جيڪي بچايو اٿم اُهو منهنجو آهي“ مون وراڻيس ۽ دريءَ ۾ ٿي
ويٺس. مون سگريٽن جو پاڪيٽ ڪڍي، هڪڙو سگريٽ دکايو.
”هان!“ ناني شوڪجي چيو، ”ڳالهه اتي وڃي پهتي آهي. شيطاني ڪم ڪيو
اٿئي! انهيءَ منجهه ته واقعي چستي ڪئي اٿئي.“
”مون کي ته تماڪ جي ڳوٿري به ڏني وئي آهي!“ مون ڦونڊجي چيو.
”تماڪ جي ڳوٿري!“ ناني رڙ ڪندي چيو، ”مون کي ڪپڙن مان ڪڍڻ ٿو
گهرين ڇا؟“
هو مون ڏانهن الر ڪري وڌيو. هن جي ساين اکين ۾ چمڪ اچي ويئي ۽
پنهنجو مضبوط ۽ اڻڀو هٿ مون ڏانهن وڌايائين. مون
جهٽ ۾ پيٽ وارو ٽڪر وهائي ڪڍيس. ويچارو وڏو ميان
پٽ تي سنئون ٿي پئجي رهيو. ڪجهه وقت عجب مان وات
پٽيو پئي مون ڏانهن ڏٺائين ۽ اکيون ٽمڪايائين.
پوءِ هوريان چيائين، ”تو پنهنجي ناني يعني مون کي
ڪيرايو؟ پنهنجي ماءُ جي پيءُ کي؟“
”تو به اڳي مون کي ڪيترائي ڀيرا ڪيرايو آهي.“ پنهنجيءَ ڪڌيءَ
هلت جو اندازو نه لڳائيندي، مون چيو.
سڪل ۽ سڙيل منهنجو نانو ٽپ ڏيئي اٿيو، منهنجي ڀرسان ويهندي،
منهنجي وات مان سگريٽ کسي، دريءَ کان ٻاهر ڦٽو
ڪيائين ۽ ڊڄندي چيائين، ”اڙي چريا! تون اها ڳالهه
نه ٿو سمجهين ته توکي هن ڪئي جو ڪيتو خدا سڄي ڄمار
لوڙائيندو رهندو.“
پوءِ نانيءَ کي سڏي، ان کي چيائين، ”ڏٺئه! هن مون کي پٽ تي
ڪيريو. پٽ تي ڪيرايو! کڻي پڇينس!“
نه هم نه تم، نانيءَ مون ڏانهن ايندي ئي، کڻي وارن کان ورتو ۽
ٿڦون وهائڻ شروع ڪيائين، ”وٺ انهيءَ جو انعام!“
مون کي ايذاءُ ته نه آيو، باقي ڏاڍي گهٽتائي محسوس ڪيم. خاص طرح
ناني جي ٽهڪن ڏيڻ ڪري.
نانو ڪرسيءَ تي ٺينگ ڏيئي ويهي رهيو ۽ سٿرن تي ڌڪ هڻي، پئي
چيائين، ”ڏاڍو سٺو، ڏاڍو سٺو!“
مان پاڻ کي ڇڏائي ڇاپري ڏانهن ڀڄي ويس ۽ هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ اڪيلو ۽
اداس ليٽي پيس ۽ سماوار جي سون سون ٻڌڻ لڳس.
پوءِ ناني اندر هلي آئي. منهنجي مٿان جهڪي، مشڪل سان ٻڌڻ جهڙي
ڀڻ ڀڻ ۾ چوڻ لڳي، ”معاف ڪجانءِ، مون انهيءَ جو
خيال رکيو هو، جيئن توکي ڪو به ايذاءُ نه رسي. مون
کي وڏي ميان جي خاطر ائين ڪرڻو پيو، ڇاڪاڻ ته
ڪراڙو آهي... ڏاڍو ڪراڙو آهي. هن جي دل وٺڻ ضروري
آهي. هن جون ڪي هڏيون ضربيل آهن. انهيءَ کانسواءِ
هن جي دل غمن ۽ ڏکن جي گـُهڻن ِ کائي ڇڏي آهي. هن
کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه پهچائيندو ڪر. الڪسي،
ياد رکجان، هينئر تون ٻار ناهين، هاڻي هو ٻار
آهي.“
هن جي لفظن گرم پاڻيءَ وانگر منهنجي دل جي زخمن کي صاف ڪري
ڇڏيو. نانيءَ جي پيار ڀري ڀڻ ڀڻ منهنجي دل ۾ شرم
به پيدا ڪيو ۽ دل کي هلڪو به ڪري ڇڏيو. مون کڻي هن
کي ڀاڪر پاتو.
”چڱو، هاڻي هن وٽ وڃي ويهه. سڀ ٺيڪ آهي. باقي هن جي اڳيان ڪجهه
ڏينهن سگريٽ نه ڇڪجانءِ. ٿوري وقت کانپوءِ هو
انهيءَ تي به ٺهي ويندو.“
مان وري ڪمري ڏانهن واپس ويس ۽ ناني ڏانهن نهاريندي مشڪل سان
پنهنجي کِل روڪي سگهيس. هو ٻارن وانگر راضي ٿيو
ويٺوهو. هن جي منهن ۾ سرهائي هئي. هو ميز تي ويٺو
هو ۽ ڄنگهيون ڄنگهن جي مٿان لاهي ۽ چاڙهي رهيو هو،
۽ پنهنجا هٿ ڳاڙهه سـَرن وارن ۾ پئي گهمايائين.
”ڪيئن ڙي ٻڪر، وري مون کي ڪيرائڻ آيو آهين؟ تنهنجي ههڙي تهڙي!
ڌاڙيل ڪنهن جاءِ جا! جهڙا ڪانو تهڙا ٻچا، جهڙو
پيءُ هو تهڙو پٽ ساماڻو آهي. پليت! مسافريءَ تان
گهر موٽي ٿو ۽ صليب بنائڻ بجاءِ مڙس سگريٽ ٿو ڇڪي.
تنهنجي ههڙي تهڙي، بونا پارٽ ڪنهن جاءِ جا!“
مون ماٺ ڪري ڇڏي ته ڀل پنهنجي گارين جي گدام کي خالي ڪري، آخر
ٿڪجي، بس ڪري، ويهي رهيو. پر چانهه پيئڻ مهل اچي
واعظ ۾ ڇٽو ”جيئن گهوڙي کي لغام جي ضرورت هوندي
آهي، تهڙي ريت انسان کي الله جي خوف جي ضرورت آهي.
الله ئي انسان جو سچو سڄڻ آهي. انسان انسان جو وڏو
ويري آهي.“
انسان جي دشمنيءَ واري ڳالهه ته مون کي به دل سان ٺهڪي آئي.
باقي ٻيون ڳالهيون مون کي دلچسپ نه لڳيون.
”هاڻي تون وري مترينا وٽ وڃي ڪم ڪر ۽ وري بهار جي موسم ۾ جهاز
تي موٽي وڃجانءِ. ڀل سيارو هن وٽ گذار، پر جيئن
هنن کي پتو نه پوي ته تون بهار ۾ انهن کي ڇڏي
ويندين.“
”ماڻهن کي ڇا لاءِ ٺڳيندو وتي؟“ نانيءَ چيو، جنهن پاڻ ٿورو اڳ
مون کي مکرجي مار ڪڍي، ناني کي ٺڳيو هو.
”ٺڳيءَ کان سواءِ زندگي گهارڻ مشڪل آهي.“ ناني پنهنجيءَ ڳالهه
تي زور ڏيندي چيو. ”ڇا، تون ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جو
نالو ٻڌائيندينءَ، جيڪو ٻئي ڪنهن کي نه ٺڳندو
هجي؟“
ان ڏينهن شام جو، جڏهن نانو عبادت ۾ مشغول هو، مان ۽ ناني وڏو
ٻاهريون در کولي، ٻاهر ٿي بيٺاسين. ٻن درين واري
جهوپڙي، جتي نانو رهيو ٿي، شهر جي ڇيڙي تي
ڪناتناپا گهٽيءَ جي پٺيان هئي، جتي اڳ ناني کي
پنهنجي جاءِ هوندي هئي.
”اسين وري هتي موٽي آياسين،“ نانيءَ کلندي چيو. ”ويچاري وڏي
ميان جي دل کي ڪٿي به آرام نٿو اچي، تنهن ڪري وتي
ٿو جايون مٽائيندو. هتي به راضي ناهي، پر هيءُ هنڌ
مون کي پسند آهي.“
اسان جي اڳيان پري پري تائين ٻنين ۾ ساوا سَر بيٺا هئا. انهن جي
پاسن کان کاما کنيل هئا ۽ ڪاٺ جا لوڙها ڏنل هئا.
واٽ تي ڇڙهين جون قطارون هنيون ويون هيون، جي
ڪازان جي سڙڪ تائين هليون پئي ويون. کامن مان ٻوٽن
جون چوٽيون ٻاهر نڪري آيون هيون، جن کي سياري جي
سرد ۽ غروب ٿيندڙ سج رت ۾ ٻڏل آڱرين جهڙو ڳاڙهو
بنائي ڇڏيو هو. شام جا هلڪا جهوٽا ننڍي ميرانجهڙي
گاه کي لوڏي رهيا هئا. ويجهن پيچرن تان اسان کي
شهر جي ڇوڪرن ۽ انهن جي ساٿي ڇوڪرين جا اونداها پر
گاهه جي ٻوٽن وانگر سڌا پاڇولا نظر پئي آيا. ساڄي
پاسي ڏانهن خارجي مسيحين جي قبرستان جون ڳاڙهيون
بلند ديواريون بيٺيون هيون ۽ کاٻي پاسي اونداها
وڻن جا جهڳٽا بيٺا هئا، جن جي پاڇي ۾ يهودين جو
مُقام هو. اُهي سڀيئي شيون قحط ساليءَ مسڪينيءَ ۾
ورتل ٿي لڳيون ۽ ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ اُهي ڌرتيءَ
جي زخمي ڇاتيءَ کي چهٽيون پيون هيون. جهوپڙيون
جيڪي شهر جي ڇيڙي تي هيون، سي پنهنجي درين مان ڄڻ
ڊڄندي ڌڌڙ ڀرئي رستي ڏانهن نهاري رهيون هيون، جنهن
تي سڪل ۽ بـُکن ماريل ڪڪڙيون ڀٽڪي رهيون هيون.
”ديونچي“ چرچ ڏانهن ڳئن جو ڌڻ اوڳاريندو پئي ويو.
مليٽري ڇانوڻيءَ مان بئنڊ جو آواز اچي رهيو هو.
هڪڙو شرابي رستي تي ٿيڙ کائيندو پئي ويو. هن جي
هٿن ۾ هارمونيڪا هئي، جنهن سان سر ملائي راڳ پئي
چيائين، ”مون کي يار ملندو- ڪڏهن نيٺ ملندو!“
”گڏهه!“ نانيءَ ٻڏندڙ سج جي ڳاڙهيءَ روشنيءَ ۾ اکيون ڇنڀيندي
چيو، ”ڪيڏانهن پنڌ پيو آهين؟ ڪير توکي ملندو؟ ڪٿي
ڪري پوندين ۽ ننڊ وٺي وينديئه. اِها هارمونيڪا به،
جنهن سان دل ريجهائي رهيو آهين، ڪو کسي وينديءِ.“
مون هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي نانيءَ کي جهاز واريءَ زندگيءَ جو
سربستو احوال پئي ٻڌايو، جتان نڪرڻ کانپوءِ هت پاڻ
کي موڳو ۽ پاڻيءَ کان جدا ٿيل مڇيءَ وانگر محسوس
ڪري رهيو هوس. نانيءَ منهنجون ڳالهيون اهڙي خيال
سان پئي ٻڌيون، جهڙي خيال سان مان هن جون ڳالهيون
ٻڌندو هوس. جڏهن مون سماوريءَ جو قصو ٻڌايومانس،
تڏهن پاڻ تي صليب جو نشان بنائيندي چيائين.
”هو ڪو چڱو مڙس هو، مقدس مريم، تون هن جي نگهبان آهين، چڱا
ماڻهو آهن ڪٿي؟“ ۽ مون کي چيائين، ”متان ان کي
وساري ڇڏين. چڱائي ڪٿي مليئي ته دل ۾ سانڍي رکج ۽
برائيءَ کي ڪڍي اڇلائي ڇڏج.“
اهو ٻڌائيندي، ٻڏتر ۾ پئجي ويس ته مون کي ڇو اُتان نيڪالي ملي
هئي پر دل ٻڌي، هن کي سڀ ڪجهه ٻڌايم. ناني ان تي
بلڪل ناراض نه ٿي ۽ مون کي چيائين، ”تون اڃا ننڍو
آهين، تو اڃا زندگي گهارڻ جو نمونو نه سکيو آهي.“
”سڀ ماڻهو هڪ ٻئي کي اها ڳالهه چوندا آهن: ”توکي زندگي گهارڻ
اچي.“ ڪڙمي، خلاصي، سڀ - نانيءَ مترينا به پنهنجي
پٽ کي ائين پئي چيو. پر اها ڳالهه نيٺ به ڪٿي سکبي
آهي؟“
نانيءَ چپ کي چڪ وجهي، ڪنڌ لوڏيو، ”مون کي پاڻ پتو ڪونهي.“
”تون به ته ٻين وانگر اها ڳالهه چئي رهي آهين.“
”مان ڇو نه چوان؟“ نانيءَ گنڀير ٿي وراڻيو. ”توکي چڙ نه لڳڻ
گهرجي. تون اڃا ٻار آهين“ نه ئي تو دنيا جا لاها
چاڙها ڏٺا آهن، هونئن به انهيءَ منجهيل پـَٽ کي
ڪير ٿو سلجهائي سگهي؟ بدمعاشن جي ڳالهه ٻي آهي.
پنهنجي ناني کي ڏس، ڪيترو نه پڙهيل ۽ عقلمند آهي
پر ان کي به ان جو پتو ڪونهي.“
”۽ ها، ٻڌاءِ تون اتي سـُکي زندگي گذاريندو هئين؟“
”مان؟ هائو، ۽ ڏکي پڻ. ٻنهي نمونن جي.“
ماڻهو اسان وٽان اچي پئي لنگهيا ۽ انهن جا وڏا پاڇا انهن جي
پويان پئي ويا. هنن جي هلڻ ڪري هنن جي پيرن وٽان،
جا ڌوڙ اڏامي پئي، سان دونهين جي بادلن وانگر انهن
جي پاڇن مٿان ڇانئجي پئي ويئي. شام جي اداسائي
وڌندي پئي ويئي. دريءَ مان ناني جي ڀڻ ڀڻ اچي رهي
هئي ”او منهنجا خدا، مون تان پنهنجو ڏمر لاهه،
منهنجي گناهن کي پنهنجي غضب سان نه پرک.“
نانيءَ مرڪندي چيو، ”خدا کي ڪڪ ڪري ڇڏيو اٿائين. هر رات ساڳيو
سورن جو بيان ”ڪراڙو ٿي ويو آهيان، هاڻي ڪجهه نه
گهرجيم،“ پر هميشه پيو ڪا نه ڪا شڪايت ڪندو. مان
خيال ڪندي آهيان ته خدا شام جو هن جي عبادت ڏسي،
کلي چوندو هوندو ”هن باسيل ڪشروف وري پنهنجي رام
ڪهاڻي شروع ڪئي!“... هاڻي هل ته هلي ننڊ ڪريون.“
مون فيصلو ڪيو ته پيٽ گذران لاءِ ٻوليندڙ پکين کي پڪڙڻ جو ڪم
شروع ڪيان، جنهن ڪري مان َ مزي سان زندگي بسر
ٿيندي. مان انهن کي پڪڙي ايندس ۽ ناني انهن کي
وڪڻي ايندي. پوءِ مون ڄاري، ڦندو ۽ لاسو ۽ پڃرو
پاڻ بنائي ورتا. هر روز صبح پره ڦٽيءَ جو هڪڙي
واهي جي ويجهو ٻوٽن جي جهڳٽي ۾ لڪي ويهي رهندو هوس
۽ ناني ڳوڻ ۽ ٽوڪري کڻي، موسم جون پويون کنڀيون،
اکروٽ ۽ سايون ٻوٽيون چونڊڻ لاءِ پري پري، ٻيلي ۾
هلي ويندي هئي.
سيپٽمبر جو ٿڪل سج اڀرڻ وارو ئي هو، ته اوچتو ڪڪرن ان جي پيلن
ڪرڻن کي ڍڪي ڇڏيو هو. ڪڪرن جو پاڇو منهنجي مٿان
ڇانوَ جي وڏيءَ چادريءَ وانگر پئجي رهيو هو. واهي
جي کڏ ۾ڪوهيري جي مٿان چڙهڻ ڪري اڃا اوندهه لڳي
پئي هئي. اُن جا ڪنارا کڙ ٻڙ ۽ ڪچا هئا، جن تي
گاهه، لوا ۽ ڪانهن اڀري ويا هئا. وڻن جي ڪريل
ڳاڙهن، سونهري ۽ ناسي پنن واهه جي ڪنڌين کي ڍڪي
ڇڏيو هو. صبح جي تازگي ڏيندڙ هوا انهن پنن کي
ٻهاري هيٺ ڦٽو پئي ڪيو.
جهنگلي ٻوٽن جي وچ ۾ گولڊ فِنچ پکي ڳائي رهيو هو. هوڏانهن مٽيءَ
ڀريل ٽڙيل پکڙيل ٻوڙن ۾ زنده دل ڳاڙهن موڙن وارا
پکي پئي ڦريا. نوس نوس ڪندڙ ٽٽمائوس به شوڪر ڪندا،
منهنجي مٿان لامارا ڏيندي ۽ وري اچي ٿي مٽيءَ کي
ٺونگا هڻڻ ويٺا. هنن جا اڇا مٿا کل جهڙي نموني
ڦوڪجي ٻاهر نڪري ٿي آيا ۽ انهيءَ ئي گهڙي وري
سـُسي مٿا مٿن جهڙا ٿي ٿي وين. انهن جو نمونو
ڪناون گهٽيءَ جي آرتوار وارن جوڌن جهڙو ٿي لڳو. هو
اهڙا ته اٻهرا ۽ گستاخ هئا، جو هر ڪنهن شيءِ کي
سونجهڻ ضروري سمجهندا هئا، جنهن ڪري هڪ ٻئي جي
پٺيان اچي منهنجي ڄار ۾ ڦاسندا هئا. انهن جي پرن
کي ڦڙڪندو ڏسي، منهنجي دل اداس ٿي ويندي هئي. پر
منهنجي لاءِ اهو ڌنڌي جو سوال بڻجي ويو هو. مان
انهن کي ڄار مان ڪڍي، پڃري ۾ وجهندو پئي ويس، ۽
اُن پڃري کي ڳوڻ ۾ اندر رکي ڇڏيو هوم. اتي اونده
کي هو ڏسي ماٺ ٿي پئي ويا.
فنچ پکين جو ٽولو ٿوهرن جي آسپاس کيڏي رهيو هو. چؤ طرف اُس
پکڙجي ويئي هئي. فنچ تڙڪي جو مزو ماڻي، سرهائيءَ
مان تنواري رهيا هئا ۽ اسڪول جي ٻارن وانگر ٺينگ
ٽپا پئي ڏنائون. اڏامندڙ لارڪ پکي هڪڙي مک ڦاسائي
موٽي آيو هو. انهيءَ کي خيال سان ڪنهن ڪنڊي ۾
اٽڪائي، چور وانگر پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي، هيڏي
هوڏانهن واجهائي رهيو هو. هڪڙي جهٽ ڳالهائيندڙ فنچ
کي پنهنجي ڀرسان ماٺ ۾ لهندو ڏسي، ان جي قيمت جو
ويچار ڪري، دل ۾ تسبيح پئي سوريم ته شل ڦاسائي
وجهانس. هڪڙو نَرُ فنچ پنهنجي ولر کان وڇڙي، هڪڙي
وڏي وڻ تي اچي ويٺو. هو ڏاڍي شان ۽ مان ۾ هڪ جرنل
وانگر پئي لڳو. هن جي ڪاري چهنب هن جي لئي ڀريل
تنوار سان هيٺ مٿي پئي ٿي.
سج جيئن مٿي چڙهندو ويو، پکي تيئن وڌيڪ مڙندا ويا ۽ اُنهن جا
راڳ مٺڙا ٿيندا ويا. واهي جي اندر ڄڻ خزان جا گيت
گونجي رهيا هئا. انهن جا خاموش، اُداس مٺڙا آواز
ٻوٽن کي ڇيڙيندڙ هئا، جي جهوٽن ۾ سَر سَر سان ملي
هڪ ٿي ويا. هنن سنهن سانتيڪن آوازن ۾ مون اونهاري
جي الوداع جو سنيهو ٻڌو. اهو اهڙن لفظن ۾ بيان ٿي
رهيو هو، جيڪي رڳو منهنجي ڪنن لاءِ مخصوص هئا ۽
اهي لفظ پاڻمرادو پوئجي منهنجي ڪنن ۾ لڳاتار گيت
جي صورت اختيار ڪري رهيا هئا. انهيءَ ويل ڏورانهون
گذريل گهڙيون هڪ ٻئي پٺيان قطارو ڪري، منهنجي دل
جي سامهون ائين ترنديون ٿي آيون، جيئن آسمان ۾
ماٺيڻين هوائن آڏو ڪپهه جي ٻڙن جهڙا اڇا ننڍڙا ڪڪر
ترندا ويندا آهن.
مٿان ڪٿان نانيءَ کي ڏسيندو ٻڌم ”تون ڪٿي آهين؟“ هوءَ پيچري جي
پاسي سان ويٺي هئي. هن جي ڀرسان رومال وڇايو پيو
هو، جنهن تي ماني، گوگڙو، موري ۽ صوف پيا هئا.
انهن جي وچ ۾ شيشي جو سهڻو ساغر پيو هو، جنهن جي
ڳچيءَ تي نيپولين جي تصوير چٽيل هئي ۽ اندر جهنگلي
ٻوٽين مان بنايل ووڊڪا شراب پيل هو.
”او منهنجا ڌڻي، ڪهڙو نه وڻندڙ وقت آهي!“ نانيءَ شڪر گذاريءَ جي
لهجي ۾ چيو.
”مون گيت بنايو آهي!“ مون هن کي چيو.
”چڱو، ٻڌاءِ.“
مون هن کي پنهنجي تڪبندي ٻڌائي، جنهن کي مان شعر سمجهي رهيو
هوس، جيڪا هيٺين ريت هئي:
سيارو اچي ٿو، گل وڃن ٿا،
الهه واهي آرهڙ جا سج، الهه واهي،
سهڻا گل ۽ مٺڙا پکي سڀيئي
الوداع سڀ الوداع چون ٿا.
نانيءَ وچ ۾ کڻي ٽپو ڏنو ۽ منهنجو گيت سڄو ٻڌڻ کانسواءِ ئي چوڻ
لڳي، ”مون کي به اهڙو هڪڙو گيت ياد آهي ۽ ڏاڍو سٺو
آهي.“ پوءِ سـُر مان ٻڌائڻ لڳي:
اوهه! اونهاري جو سج الوداع چئي هليو ويو
اونداهيءَ رات ۾ ڏورانهن جهنگلن ۾
منهنجا بهار کڻي، خزان ڇڏي ڪو هليو ويو،
مان صبح سوير انهن پيرڙن تي وري ويندي آهيان
جيڪي مون بهار جي موسم ۾ کنيا هئا،
اداس ۽ وياڪل آهن اُهي سڃيون ٻنيون
جتي مون پنهنجو جوڀن ۽ جواني وڃائي،
منهنجي سفيد سيني مان ڪو جيڪر
منهنجي ڏکويل دل ڪڍي
برف جي هيٺان پوري ڇڏي.
جيتوڻيڪ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ منهنجو گيت نه ٻڌي منهنجي گهٽائي
ڪئي ويئي هئي، پر مون کي نانيءَ جي گيت ڏاڍو مزو
ڏنو ۽ انهيءَ ڇوڪريءَ تي رحم اچڻ لڳو.
”اهو“، نانيءَ چيو، ”دکيءَ دل جو آواز آهي. توکي پتو آهي، اهو
هڪڙيءَ ننڍيءَ ڇوڪري بنايو هو. هوءَ بهار جي رت ۾
پنهنجي دوست سان گڏ گهمندي هئي پر سياري ۾ هن جو
دوست، مان سمجهان ٿي ٻيءَ ڇوڪريءَ جي ڪري هن کي
ڇڏي ويندو رهيو. هن جي دل ۾ درد جي باهه لڳي ويئي
۽ اکين مان هنجون هارڻ لڳي. جيستائين ماڻهو پاڻ
انهيءَ حال ۾ نه رهيو آهي ته ان کي چڱيءَ ريت بيان
ئي نه ڪري سگهندو. ڏس، هن ڪهڙو نه لاجواب گيت
بنايو آهي!
نانيءَ جڏهن پهرئين ڀيري پکي وڪيو ۽ ان جا چاليهه ڪوپيڪ مليس،
ته وائڙي ٿي ويئي.
”عجب جي ڳالهه آهي! مون ته ان کي بيوقوفي ۽ ٻاراڻي راند ٿي
سمجهيو! ۽ هاڻي ته جاوا آهن.“
”تو ته بلڪل ڪوڏين ۾ وڪڻي ڇڏيو.“
”سچ پچ؟“
ميلي جي ڏينهن تي هن کي جڏهن هڪ پکيءَ جو هڪ روبل ملندو هو،
تڏهن ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويندي هئي. ”ڪيتري نه
ڪمائيءَ واري راند آهي! عورتون ڏينهن جا ڏينهن
ڪپڙا ٿيون ڌوئن يا فرش ٿيون ٻهارين، تڏهن مس ٿيون
روبل جي چوٿائي حاصل ڪن ۽ تون ڇڙو پکين کي ٿو
پڪڙين! پر توکي پتو آهي ته پکين کي پڃرن ۾ قيد ڪرڻ
چڱو ڪم ڪونهي. الڪسي، هاڻ ڇڏ انهيءَ ڪم کي، جيڪي
ٿيو سو ٿيو.“
پر مون کي پکين ڦاسائڻ ۾ مزو ايندو آهي. ان ۾ هڪڙو ته مان آزاد
رهندو هوس، ٻيو ته پکين کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به
تڪليف نه رسندي هئي. هاڻي مون پنهنجا اوزار به سٺا
هٿ ڪيا هئا، آزمودگار شڪارين کان سبق به ورتو هوم.
مان اڪيلو ئي اڪيلو پنهنجي ليکي پکين جي شڪار لاءِ
بند ميلن تائين جهنگ ۾ هليو ويندو هوس. اهو جهنگ
وولگا نديءَ تائين پهچي پئي ويو. انهيءَ جهنگ ۾
صنوبرن جي وڻن ۾ ڪيترائي بيمثال سهڻا ۽ قيمتي پکي
رهندا هئا. مان منهن اونداهيءَ جو نڪرندو هوس ۽
سڄي رات ڪازان واري سڙڪ ڏيئي، برسات جي پاڻيءَ ۽
گپ چڪ کي لتاڙيندو وڌندو ويندو هوس. منهنجي ڪلهي
تي رٻڙ جي ڳوٿري هوندي هئي، جنهن ۾ ڀيچيءَ پيل
پڃرا رکيل هوندا هئا ۽ هٿ ۾ ٿلهو ڏنڊو هوندو هوم.
سرءُ جون راتيون سرد ۽ ڀوائتيون هونديون هيون.
رستي تي وڄ سڙيل وڻ بيٺا هوندا هئا ۽ انهن جون
رڙيل ٽاريون منهنجي مٿي کي کرڙي ڇڏينديون هيون.
کاٻي پاسي هيٺ وولگا جي ڪاري پاڻيءَ تي ترندڙ جهاز
۽ بتيلن جي کوهن ۾ لڳل بتين جي روشني لوڏا کائيندي
ڏسڻ ۾ ايندي هئي ۽ انهن جي ڦيٿن جي ٿڦ ٿڦ ۽
گهگهوءَ جو روئڻهارڪو آواز ٻڌڻ ۾ پيو ايندو هو.
رستي جي ويجهو پٿريلي زمين تي ڳوٺ جون جهوپڙيون جڙيل هونديون
هيون. بکايل ڪتا ڀونڪندا، منهنجي ٽنگن کي وچڙي
ويندا هئا. چوڪيدار مون ڏانهن ڊڪندا ايندا هئا ۽
خوف وچان واڪو ڪندا هئا ”ڪير آهين؟ شيطان ئي هن
ويل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍندو آهي.“
انهيءَ ڊپ کان ته متان منهنجو سامان نه کسي وٺن، چوڪيدارن کي
رشوت ڏيڻ لاءِ پنهنجي کيسي ۾ پنج ڪوپيڪ رکندو هوس.
موڪيناءِ جي ڳوٺ وارو چوڪيدار ته منهنجو يار ٿي
ويو هو ۽ هميشه شڪايت ڪري چوندو هو، ”اڙي وري!
توکي ته بس ئي ڪانهي، تون ته ڪو راتاهو هڻندڙ
ڌاڙيل آهين!“
هن جو نالو نيفونت هو. هو قد جو ڇوٽو ۽ رنگ جو ڀورو هو ۽ درويشن
وانگر لڳندو هو. هو پنهنجي چوغي مان گوگڙو، صوف يا
راهان ڪڍي، مون کي ڏيندو هو ”اچي منهنجا جاني،
هيءَ تنهنجي لاءِ سوکڙي آهي، مزي سان کاءُ.“
مون سان هو ڳوٺ جي ڪنڌيءَ تائين گڏجي هلندو هو ۽ الوداع ڪرڻ ويل
چوندو هو، ”وڃ! الله تو ساڻ آهي.“
مان پره ڦٽيءَ کان اڳ ۾ جهنگ ۾ پهچي ويندو هوس. پنهنجا ڄار
پکيڙي جهنگ جي پاسي ۾ صبح جي انتظار ۾ ڪوٽ پٿاري
سمجهي پوندو هوس. ڌرتي سرءُ جي گهريءَ ننڊ ۾ ۽ ان
جي هر ڪا شيءِ خاموش هوندي هئي. ڪشادا چراگاه،
جيڪي جهنگ سان لڳو لڳ هوندا هئا، سي ڌنڌ ۾ مشڪل
سان ڏسڻ ۾ ايندا هئا. وولگانديءَ ٻنين کي ٻن ڀاڱن
۾ ورهائي ڇڏيو هو. پري کان اهي ٻنيون ڪٿي هڪ ٻئي
سان ملنديو ۽ ڪٿي جدا ٿينديون ڏسڻ ۾ اينديون هيون،
تان جو ڪوهيري ۾ غائب ٿي وينديون هيون. هوريان
هوريان چمڪندڙ سج چراگاهن مٿان اڀرڻ لڳندو هو. هو
روشني جهنگ جي اونداهن وڻن سان لڳي، پکڙجي ويندي
هئي، جنهن ڪري منهنجي دل زور سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳندي
هئي. چراگاهن تان ڪوهيرو سج جي روشنيءَ ۾ چانديءَ
وانگر چمڪندو مٿي وڃڻ لڳندو هو، جنهن ڪري ٻوٽا،
ٻنيون ۽ وڻ ڌيري ڌيري ظاهر ٿيڻ لڳندا هئا. چراگاه
سج جي روشنيءَ ۾ ٻڏا پيا هوندا هئا. جيئن سج آسمان
۾ مٿي چڙهندو هو، تيئن اهو کليل ۽ ٿڌيءَ زمين کي
پنهنجي گرميءَ جي خوشي ڏيندڙ تحفو پهچائي، کانئس
موٽ ۾ سرءُ جي مٺڙي خوشبوءِ وٺي چوڌاري اُها پکيڙي
ڇڏيندو هو. شفاف هوا مان ڇڻندڙ اُس جي سفيد چادر ۾
اوڙهيل ڌرتي گهڙيءَ گهڙيءَ پنهنجا رنگ بدلائيندي
رهندي هئي. مون اهڙا ڪيترا سج اڀرندي ڏٺا ۽ هر
ڀيري سان نئينءَ دنيا ۽ نئين حسن منهنجي اکين جي
آڏو جنم ورتو.
مان صبح سان ايترو پيار ڪندو هوس، جو ان جي نالي وٺڻ ۾ به خوشي
حاصل ٿيندي هيم ۽ ان جي نالي جو ساهه سڌير آواز
ڪنهن اوچتي مٺي آلاپ وانگر منهنجي جسم ۾لهريون
پيدا ڪري ڇڏيندو هو.
جڏهن سج جا ڪرڻا وڻن جي ٽارين يا لوڙهي جي سوراخن مان چلڪندڙ
تلوار وانگر جرڪندا ايندا هئا ته مان انهن کي
پنهنجي کليل هٿ ۾جهلڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. ناني مون
کي ڪيترا ڀيرا شهزادي ميڪائل چيرنگووسڪي ۽ ٿيوڊورا
جو قصو پڙهي ٻڌايو هو، جنهن ۾ انهن سج جي عبادت
کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. مان انهن ٻنهي کي خيال ۾
جنن وانگرڪارو سمجهندو هوس ۽ ڀائيندو هوس ته هنن
جا ٻوٿ ڏٻا، شڪليون بڇڙيون، عادتون بد ۽ اکيون
مرگهيءَ جي ماريل ماڻهن وانگر روڳي هونديون هيون.
جڏهن به چراگاهن جي مٿان سج اڀرڻ لڳندو هو، ته
منهنجي منهن تي پاڻمرادو مرڪ ڦهلجي ويندي هئي.
صنوبر جا آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ وڻ جڏهن پنهنجن سبز پوشاڪن تان
شبنم کي ڇنڊڻ لڳندا هئا، ته منهنجي مٿان سرٻاٽ
لائي ڏيندا هئا. صبح جو سفيد پارو ٻوٽن جي پنن ۽
انهن جي پاڙن واريءَ زمين تي چانديءَ جي ورقن
وانگر چمڪندو ڏسڻ ۾ ايندوهو. پاري ۽ مينهن جا
ماريل ڳاڙه سرا گاهه جا پٽا زمين ڏانهن ڪنڌ جهڪايو
پيا هوندا هئا. پر جڏهن سج جا ڪرڻا ان جي پنين کي
ڇهندا هئا، ته انهن جي جان ۾ هڪڙي جنبش اچي ويندي
هئي ۽ نئين زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ شايد اها سندن
آخري ڪوشش هوندي هئي.
صبح کي کيڪارڻ لاءِ پکي جاڳي اٿندا هئا ۽ هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تي
اهڙيءَ ريت ٽپ پيا ڏيندا هئا، ڄڻ خوشيءَ ۾ نه
ماپندا هجن ۽ ائين ڀانئبو هو ڄڻ کنڀن هيٺان اسپرنگ
اٿن، جيڪي کين هڪ هنڌ بيهڻ ئي نٿا ڏين.
اوچتو ئي اوچتو، اهو جهنگ جنهن ۾ چؤطرف چپ لڳي پئي هوندي هئي،
هزارين پکين جي مٺڙن آوازن سان ڀرجي ويندو هو.
اهڙن ساهوارن جي آواز سان، جي ڌرتيءَ تي وڌ ۾ وڌ
پاڪ مخلوق آهن. ڌرتيءَ تي سونهن جي خالق انسان پاڻ
کي آٿت ڏيڻ لاءِ انهن لاءِ انهن پکين جي ئي شڪلين
۾ پرين، فرشتن ۽ بـُراقن کي بنايو هو.
اُنهن ننڍڙن موسيقارن کي پڪڙيندي ۽ پڃرن ۾ بند ڪندي مون کي ڏک
ته ٿيندو هو، مون لاءِ جيڪر انهن جي ڏسڻ جي خوشي
وڌيڪ هجي ها، پر شڪاريءَ جي لالچ ۽ پئسن جي ٿور
منهنجي انهيءَ جذبي جو گلو گهٽي ڇڏيندي هئي.
پکي پنهنجي تيز فهميءَ سان مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندا هئا. ڏاڍي
خبرداريءَ سان ڄار کي جانچڻ کانپوءِ، نيرو ٽٽمائوس
سمجهي ويندو هو ته هن کي ڪهڙي هنڌان خطرو آهي.
انهيءَ ڪري چوڳي کي اهڙي پاسي کان ٺونگو هڻندو هو،
جيئن ڪوڙڪيءَ جي ڌاڳن کان بچي وڃي پر هن جي نوس
نوس هن جو خاتمو آڻي ڇڏيندي هئي. مان آڪڙ وارن پر
اوڳن بلو فنچن جا ولرن جا ولر ڦاسائي ڇڏيندو هوس.
اهي منهنجي ڄار ۾ اهڙي مزي سان هليا ايندا هئا،
جيئن چرچ ۾ شهر جا چڱا مڙس. پاڻ کي ڄار ۾ ڏسي عجب
۾ پئجي ويندا هئا ۽ پنهنجون اکيون ڦرڪائڻ لڳندا
هئا. مان جڏهن انهن کي وٺڻ لاءِ هٿ اندر ڪندو هوس
ته پنهنجون مضبوط چهنبون منهنجي آڱرين ۾ ٽنبي
ڇڏيندا هئا. ڪراسبل آڪڙ مان هلندو، اچي منهنجي ڄار
۾ ڦهڪو ڪندو هو. هيءُ بي سمجهه پورائو پکي گهڻو
وقت ڄار تي ويچار ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي پڇ تي ٽيڪ
ڏيئي چهنب پٽي، بيهي رهندو هو. هو به ڪاٺڪٽي وانگر
وڻن جي ڏارن تي مٿي ڊڪي ڊوڙي سگهندو هو پر هو ائين
تڏهن ڪندو هو، جڏهن ٽٽمائوس ساڻس گڏ هوندو هو. هن
دونهين جي رنگ جهڙي پکيءَ ۾ ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهه
آهي- هو نه ڪنهن کي پيار ڪندو آهي نه ڪو هن سان
پيار ڪندو آهي. هو مئگپاءِ سان انهيءَ ڳالهه ۾
هڪجهڙو آهي، جو سفيد شين تي هرکجي انهن کي چورائي
لڪائي ڇڏيندو آهي.
منهنجو شڪار منجهند تائين پورو ٿي ويندو هو پوءِ جهنگ وارو رستو
ڏيئي واپس ورندو هوس. سڙڪ سان اچڻ ۾ اهو خطرو
هوندو هو، جو ڳوٺن جا ڇوڪرا ۽ جوان مڙس منهنجو اڳ
جهلي، منهنجا پڃرا ڦري وٺندا هئا ۽ شڪار جو سامان
پرزا پرزاڪري ڇڏيندا هئا، اهڙو آزمودو اول ئي
پرايو هوم.
سانجهيءَ ٽاڻي گهر پهچي ويندو هوس. بت ۾ ٿڪ ۽ پيٽ ۾ بک هوندي
هيم. انهيءَ هوندي به دل ۾ محسوس ڪندو هوس ته اڄ
مون کي وڌيڪ معلومات ٿي آهي ۽ منهنجي طاقت ۾
واڌارو ٿيو آهي. انهيءَ ڳالهه جي ڪري پنهنجي
گهٽتائي سمجهڻ کان سواءِ ناني جي ٺٺول برداشت ڪري
ويندو هوس، انهيءَ تي هـُن مون کي صلاحون ڏيڻ شروع
ڪيون:
”هن واهيات ڪم کي ڇڏي ڏي. ان کان توبه ڪري ڇڏ. ڪنهن به پکين
ڦاسائيندي ڪو نالو ڪو نه ڪڍيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ ۾
مون کي اهڙو ڪو به ماڻهو نٿو سجهي، ٻي ڪا اهڙي
نوڪري جانچ، جتي تنهنجو عقل وڌي. انسان کي زندگي
بغير ڪنهن مقصد جي عطا نه ڪئي ويئي آهي. انسان خدا
جو بندو آهي، جنهن کي ڦـَلڻ ڦـُولڻ گهرجي. هو روبل
جي مثال آهي، جي ان کي ڪنهن چڱي هنڌ سيڙائبو ته ٽي
روبل پيداڪندو. ڇا، تون سمجهين ٿو ته زندگي هڪ
راند آهي؟ نه، اها راند ناهي. انسان جنهن دنيا ۾
رهي ٿو، اها مشڪل ۽ اونداهي آهي. هن کي ان ۾
پنهنجي روشنيءَ سان رستو بنائڻو آهي. اسان مان
هرڪو ڏهن آڱرين سان ڄمي ٿو پر هر ڪو سڀني کان اڳتي
هٿ ڊگهيري، چنبن ۾ گهڻي ۾ گهڻو کڻي، هٿ ڪرڻ گهري
ٿو. دنيا ۾ طاقتور ٿي جيءُ، پر جي ڪمزور آهين ته
حرفتي ٿيءُ. ڪمزور انسان جنت ۽ جهنم جي وچ ۾
لڙڪندو ٿو رهي. اهڙيءَ طرح رهه جو ماڻهو سمجهن ته
تون هنن سان آهين، پر پاڻ کي هميشه اڪيلو سمجهندو
ڪر. ڪنهن تي به ڀروسو نه ڪر، چاهي ڇا به هجي. جي
رڳو ٻاهران پنهنجي اکين تي اعتبار ڪندين، ته ڪڏهن
به سنئين وک نه کڻي سگهندين. پنهنجي ڳالهه پاڻ
تائين رک، ڪڏهن به وات هڻڻ سان محل ۽ ماڙيون ڪين
جڙيا آهن، پر عمل سان ناڻو ئي ناڻو آهي. نه تون
جهنگلي آهين نه ڄٽ، جن وٽ سواءِ رڍن ۽ ڄَوَن جي
ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي.“
هو سڄي رات اهڙي تقرير ڪري سگهيو ٿي ۽ وقت بوقت ڪندو رهندو هو.
انهيءَ ڪري مون کي هن جا جملا ياد ٿي ويا هئا. اهي
مون کي ٻڌڻ ۾ ڏاڍا مزيدار لڳندا هئا پر انهن جي
معنيٰ ۾ مون کي شڪ پوندو هو. هن جي ڳالهين مان
ائين سمجهندو هوس ته هن جي نظر ۾ انساني خواهشن جي
تڪميل آڏو رڳو ٻه رڪاوٽون هيون هڪ خدا ۽ ٻيا
ماڻهو!
نانيءَ دريءَ وٽ ويهي پنهنجي ڀرت جو ڪم ڪندي هئي ۽ ڪُنڍي هن جي
چست هٿن ۾ هلندي رهندي هئي. ناني جي تقرير گهڻو
وقت خاموشيءَ سان ٻڌندي، وچ ۾ چوڻ لڳندي هئي، ”خدا
جي مرضيءَ اڳيان ٻئي ڪنهن جي به نٿي هلي.“
”ڇا چيئه؟“ نانو ڳيت ڏيندي چوندو هو، ”خدا؟ مون کان خدا وسري
ويو آهي ڇا، ٻڍي رڍ! مون کي خدا جي ڳالهين جي ساري
خبر آهي. ڇا، خدا رڳو تو جهڙن احمقن کي هن ڌرتيءَ
تي پيدا ڪيو آهي؟ گندي رن! بڪ بڪ لاهي ڏني اٿئي!“
مون ڏٺو ٿي ته قزاق ۽ سپاهي ئي اسان سڀني کان وڌيڪ خوش زندگي
گهاري رهيا هئا. انهن کي نه ڳڻتي هئي نه فڪر. جڏهن
آسمان صاف هوندو هو، تڏهن سپاهي صبح جو سوير اسان
جي گهر جي لڳو لڳ ماٿريءَ ۾ اچي مڙندا هئا ۽ کليل
ٻنين ۾ ٽڙي پکڙي ويندا هئا. هو ٻنين ۾ پري کان
کنڀين وانگر ڏسڻ ۾ ايندا هئا. پوءِ جنگي حرفتن جا
مزيدار ڪرتب ڪرڻ شروع ڪندا هئا. هو پنهنجي وڻندڙ
ڊريس ۾ بندوقون تاڻيون ڊڙندا ايندا هئا ۽ گهاري ۾
هيٺ هليا ويندا هئا ۽ بگل جي آواز تي اوچتو ئي
اوچتو ٻنين تي نروار ٿي ويندا هئا ۽ ڍولن جي کڙڪي
دار آواز تي ”هـُرا“ ڪرڻ لڳندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن
سنگينيون سڌيون ڪيو، اسان جي گهر کي ائين گهيرو
ڪري ايندا هئا، ڄڻ ان کي پلال جي پنڊ وانگر ٻهاري
ڦٽو ڪندا. مان به جوش ۾ اچي ”هـُرا“ جي رڙ ڪندو
هوس ۽ انهن سان گڏ گهيري ۾ شريڪ ٿي ويندو هوس، جو
دل ائين چوندي هئي ته ڪنهن شيءِ جو ڍينگو ڍيري ڪري
رکان، حاطو پٽي ڇڏيان يا ڀرسان بيٺل ڇوڪري کي مڪ
وهائي ڪڍان. موڪل واري وقت ۾ سپاهي مون کي سگنل
سيکارڻ يا بندوقن سان نشانبازي ڪرائڻ سان
وندرائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سپاهي پنهنجي سنگين
منهنجي پيٽ جي ويجهو آڻي، ڪوڙ بچاڻي رڙ ڪندا هئا،
”وٺجانءِ“ ڪاڪروچ!“
سنگين چمڪندي هئي ۽ ائين لڳندي هئي ڄڻ ان ۾ جان آهي ۽ نانگ
وانگر وڪڙ کائي، مون تي حملو ڪري ايندي هئي ۽ اُها
گهڙي ڏاڍي ڀوائتي هوندي هئي، پر ڏاڍي مزيدار لڳندا
هئي.
ڍول واري مون کي ڏؤنڪن سان ڍول وڄائڻ سيکاريو هو. پهريان منهنجن
ڪاراين کي جهلي، منهنجي مُٺين سان تيستائين ڪا ڌن
وڄائيندو رهندو هو، جيستائين منهنجون آڱريون سور
ڪنديون هيون. پوءِ منهنجي هٿن ۾ ڏؤنڪا ڏيئي چوندو
هو، ”وڄاءِ هڪ ٻه، ڊڻ ڊا! کاٻو هوريان، ساڄو
ڏاڍيان، ڊڻ ڊا!“ هو ائين ڪرڻ ويل پنهنجون پکين
جهڙيون گول اکيون مون ۾ کپائي ڇڏيندو هو.
مان سپاهين سان گڏجي گهڻو ڪري انهن جي سموري ڊرل ڪندو هوس ۽
جڏهن اها پوري ٿيندي هئي، ته انهن سان گڏجي گهٽين
مان ٿيندو، انهن جي دل مان اٿندڙ راڳن کي ٻڌندو،
هنن جي قربائتن ۽ نون سِڪن جهڙن چمڪندڙ چهرن کي
ڏسندو، انهن جي بيرڪن تائين ويندو هوس. هنن زنده
انسانن جو اهو گهٽيءَ مان ويندڙ جلوس منهنجي دل ۾
وڻندڙ جذبا پيدا ڪندو هو ۽ دل ۾ ايندو هوم ته پاڻ
کي هنن جي وچ ۾ اهڙيءَ طرح گم ڪري ڇڏيان، جهڙيءَ
طرح نديءَ ۾ يا جهنگ ۾ گهڙي، ماڻهو هيڪر گم ٿي
ويندو آهي. هنن ماڻهن کي ڪو به خوف خطرو ڪو نه هو
۽ آءٌ ائين سمجهندو هوس ته هو دنيا جي هر شيءِ کي
فتح ڪري سگهيا ٿي. وڏي ڳالهه ته هو ڏاڍا مٺا ۽
سادا ۽ نرم دل ماڻهو هئا.
هڪڙي ڏينهن آرام جي وقت هڪڙي نوجوان آفيسر مون کي هڪڙو وڏو ٿلهو
سگريٽ ڏنو ”دم لڳاءِ!هيءُ آءٌ، جنهن تنهن کي ڪين
ڏيندو آهيان. اهڙا عمدا سگريٽ سولا هٿ نه ايندا
آهن. توکي ئي ڏيڻ تي دل نٿي چويم.“
مون ان کي دکايو ته آفيسر ٻه ٽي قدم پٺتي هٽي بيهي رهيو، اوچتو
سگريٽ مان اکين کي انڌوڪندڙ ڳاڙهو شعلو نڪتو، جنهن
منهنجون آڱريون، نڪ ۽ ڀرون ساڙي ڇڏيا ۽ تکي دونهين
جي ڪري مان کنگهه ۾ ٻڏي ويس ۽ اوڪارا ڏيڻ لڳس.
منهنجون اکيون ٻوٽجي ويون ۽ هراس ۾ ٽپ ڏيڻ لڳس.
سپاهي منهنجي چوگرد گول ٺاهيو بيٺا هئا ۽ منهنجو
اهو هال ڏسي، ٽهڪ پئي ڏنائون. مان وٺي گهر ڀڳس،
سپاهين پٺيان منهنجي مٿان هوڪرو لائي ڏنو. سيٽيون
پئي وڄايائون ۽ ٽهڪ پئي ڏنائون. انهن جو اهو ٽهڪڙو
مون کي چهبڪ جي زوزٽن جهڙو ٿي لڳو. منهنجن آڱرين ۾
سور هو ۽ اکين مان ڳوڙها پئي وهيا. منهنجو منهن
پئي پوسريو. مون کي سور کان وڌيڪ انهيءَ ڳالهه تي
عجب هو ته اهڙن سٺن ۽ صاف دل ماڻهن کي اهو تماشو
ڪيئن وڻي سگهيو هو!
گهر پهچي، ڪوٺيءَ جي ڪنڊ وٺي، مان انهيءَ سڄيءَ بي ترسيءَ تي
سوچڻ لڳس، جيڪا مون پنهنجي مختصر حياتيءَ ۾ سٺي
هئي. خاص طرح منهنجي اکين اڳيان اهو ننڍڙو جوان
سپاهي وري وري اچي ٿي بيٺو. هو مون کي ان سگريٽ جي
دونهين ۾ گهٽجندي ۽ ان جي شعلي ۾ سڙندي ۽ ٽپا
ڏيندي ڏسي چئي رهيو هو ”ڪيئن، آيئي مزو!“
پر ترت ئي ان کانپوءِ مون کي ان کان به وڌيڪ سنگدليءَ ۽ ڪٺورنا
جو مشاهدو ٿيو.
مان پوءِ قزاقن جي ڇانوڻيءَ ۾ وڃڻ لڳس، جيڪا پيڪر سڪي چوسول وٽ
هوندي هئي، اُهي سپاهين کان ٻئي ڍنگ جا هوندا هئا.
انهيءَ ڪري نه ته هنن وٽ سهڻيون پوشاڪون هونديون
هيون ۽ هو وڌيڪ شهسوار هوندا هئا پر انهيءَ ڪري،
جو هنن جو ڳالهائڻ ٻئي نموني جو هو ۽ هنن جي راڳ ۽
ناچ نئين قسم جا هئا، سانجهيءَ ٽاڻي جڏهن هو
پنهنجن گهوڙن جي خدمت کان واندا ٿيندا هئا، ته
پنهنجن طبيلن جي ڀرسان گول ٺاهي ويهي رهندا هئا.
هڪڙو ننڍو قزاق پنهنجي وارن جي ڳاڙهين چڳن کي
جهٽڪو ڏيئي، مٺڙي ۽ بلند آواز ۾ ڳائڻ شروع ڪندو
هو. هن جي پٺيان شرناءِ هن سـُر ۾ سـُر ملائي،
وڄندي رهندي هئي. هوريان هوريان پنهنجي مدهوش ڪندڙ
آواز ۾ هو ڊان ۽ ڊئنيوب ندين جا راڳ ڳائيندو هو.
هن جون اکيون ان پرڀات جي پکيءَ وانگر بند هونديون
هيون، جنهن لاءِ مشهور آهي ته ڳائيندي ڳائيندي، هن
جو ساه نڪري ويندو هو ۽ هو ٽاريءَ تان هيٺ اچي
ڦهڪو ڪندو آهي. هن جي قميص جو ڪالر کليل هوندو هو.
جنهن مان هن جي نڙي ڳاڙهي ٽامي جي نڙيءَ
وانگرچمڪندي ڏسڻ ۾ ايندي هئي. سچ پچ ته هو سڄو ئي
ٽامي جو ڏسڻ ۾ ايندو هو. هن جون سـُڪيون ڄنگهون
اهڙيءَ ريت لڏنديون هيون، ڄڻ ته هن جي هيٺان زمين
۾ زلزلو اچي ويو هو ۽ جڏهن هٿ مٿي ڪري آلاپڻ لڳندو
هو ته ائين محسوس ٿيندو هو ته هو صرف آواز آهي ٻيو
ڪجهه به ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي ائين لڳندو هو
ته اجهو سنئون نئون ٿي ٿو پئجي رهي ۽ هن جو دم
پڃري ۾ ڦاٿل پکيءَ وانگر ٿو نڪري وڃي ڇاڪاڻ ته هو
پنهنجي سموري طاقت ۽ روح پنهنجي راڳ تي صرف ڪري
ڇڏيندو هو.
هن جا ساٿي پنهنجا هٿ پنهنجن کيسن ۾ وجهيو يا پٺيءَ پٺيان ٻڌيو،
هن جي چوگرد گول ٺاهيو بيٺا هوندا هئا، پنهنجون
ڳنڀير اکيون هن جي ٽامي جهڙي منهن ۾ کپائي ڇڏيندا
هئا. ڪڏهن تاڙيون وڃائيندي ۽ کنگهڪار ڪندي، نڙيءَ
کي صاف ڪري، هن سان راڳ ۾ اهڙي نموني شريڪ ٿي
ويندا هئا ڄڻ ته هو ڪي ڪليسا ۾ نعت چوندڙن جو ٽولو
هئا. ڏاڙهين وارا ۽ ڏاڙهين ڪوڙ سڀ پاڪ مجسمن وانگر
ڏسڻ ۾ ايندا هئا. ائين لڳندو هو ڄڻ ته هنن جي قوم
ئي الڳ هئي. هنن جو راڳ اهڙيءَ اڪيليءَ گهٽيءَ
وانگر لمبو ٿي ويندو هو. جيڪا سڌي ۽ ڪشادي ۽ نظر
جي حد تائين ڊگهي هجي. هن جي راڳ ٻڌڻ سان مان
پنهنجي سڌ پڌ وڃائي ويهندو هوس. ايترو پتو به نه
پوندو هوم ته ڪهڙو وقت آهي ۽ مان ٻار آهيان يا
ٻڍو. بس راڳ کانسواءِ روح ۾ ٻيو ڪجهه به نه رهندو
هوم. پوءِ راڳ واري جو آواز ماٺ ٿي ويندو هو.
گهوڙن جون هڻڪارون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون، ڄڻ اُهي
ڊوڙڻ لاءِ ميدانن کي ياد ڪندا هئا ۽ اڻ لکي نموني
سرءُ جي رات ٻنين تان سرڪندي ويندي هئي. منهنجي دل
عجيب جذبن جي اثر هيٺ ڀرجي ڦاٽڻ لڳندي هئي ۽ ان ۾
سموري انسان ذات ۽ سموريءَ دنيا لاءِ بي انت محبت
محسوس ڪندو هوس.
اهو قزاق مون کي اهڙي اعليٰ مخلوق لڳندو هو، جنهنجو ذڪر قصن ۽
ڪهاڻين ۾ هوندو آهي ۽ جا عام ماڻهن جي سرحدن کان
گهڻو پري رهندو آهي. هن جي اڳيان منهنجي زبان بند
ٿي ويندي هئي، هن جڏهن به مون کان ڪا ڳالهه پڇي
هئي ته لڄ کان مان ماٺ ٿي ويندو هوس ۽ صرف
سرهائيءَ جي مرڪ سان ڪنڌ ڌوڻي، کيس جواب ڏيئي
سگهندو هوس. مان وفادار ڪتي وانگر هن جي
فرمانبرداريءَ ۾ رهڻ لاءِ تيار هوس ۽ انهيءَ خدمت
جي عيوض مون لاءِ هن جو ديدار ۽ راڳ ڪافي هو. |