باب ٽيون
جهڙيءَ ريت صبح جو ستارو هوريان هوريان جهڪو ٿيندو ويندو آهي،
منهنجو ڀاءُ نڪي به اهڙي ريت هيڻو ٿيندو ويو، هو
مون سان ۽ نانيءَ سان گڏجي ڇڄهريءَ جي هيٺان تختن
تي وڇايل ٿڳڙين جي هنڌ تي سمهندو هو، ڀت جي ٻئي
پاسي ڪڪڙين جي کڏي هئي. انهيءَ ڀت جي وٿين مان
اسان کي رات جو متارين ڪڪڙين جي ڪٽ ڪٽ ۽ انهن جي
پرن جي ڦڙ ڦڙ ۽ صبح جو وڏي سونهري ڪڪڙ جي ٻانگ ٻڌڻ
۾ ايندي هئي، ”اڙي،تون ڪهڙو بهشت جو پکي آهين!“
ناني ننڊ مان اکيون پٽي چوندي هئي، صبح جو سويل
اٿارين ٿو پاڪ مريم جو نالو ياد ڏيارين ٿو !“
مان سويل ئي اٿيو ويٺو هوندو هوس، ۽ چيرن مان ايندڙ سج جي ترورن
۽ انهن ۾ نچندڙ ذرڙن کي چاهه مان ويٺو ڏسندو هوس،
مون کي اهي ذرڙا انهن لفظن وانگر لڳندا هئا جن سان
پرين جا قصا لکيا ويندا آهن.
تختا جن تي اسين سمهندا هئاسين ڪئا ڪتري چٽ ڪري ويا هئا ۽
ڳاڙهن چٽن وارن ٽنڊڻن جا ميڙ ن جا ميڙ اچي انهن
تي کيڏندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ مرغي خاني مان
ايندڙ بدبو جي ڪري چهريءَ مان ڀڄي وڃي ڇت تي سمهي
پوندو هوس، ۽ اتان جاءِ ۾ رهندڙ ماڻهن جو ننڊ
ڀريل ۽ ذري گهٽ ٻوٽيل اکين سان اٿڻ جو تماشو
ڏسندو هوس،ڀنڊن وارن وارو ماڻهو فرمانوف،جيڪو نشي
پيئڻ کان پوءِ اچي گارين ۾ ڇٽندو هو ٻاڪر نڪرڻ سان
پنهنجن اٿيل اکين سان سج ڏانهن نهاريندو هو ۽ رڇ
وانگر رانڀاٽ ڪرڻ لڳندو هو. انهيءَ کان پوءِ نانو
چپن ۾ ورد پڙهندو ايندو هو، ۽ اڱڻ مان ٿيندو، غسل
خاني ڏانهن ٿڌي پاڻيءَ سان هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ هليو
ويندو هو، هن جي پٺيان جاءِ جي مالڪ جي گهڻ
–ڳالهائو، ماتا جي داغن ڀريل منهن واري بورچياڻي
ايندي هئي. هن جو نڪ چهنبدار ۽ شڪل ڪوئل جهڙي ڪاري
هئي، جنهن تي ماتا جا چگهه اڇ – سرا لڳندا هئا،
پوءِ وري جاءِ جو مالڪ ايندو هو جيڪو مون کي ڳيري
وانگر لڳندو. هو مطلب ته سڀني جا منهن ۽ مهانڊا
مونکي ڪنهن نه ڪنهن پکيءَ يا جانور جهڙ ا لڳندا
هئا، ڏينهن ڪيترو به چمڪندڙ ۽ وڻندڙ هوندو هو ته
به مان پاڻ کي اداس محسوس ڪندو هوس، ۽ائين چاهيندو
هوس ته ٻاهر ٻنين ڏانهن هليو وڃان. جتي ماڻهو ڪو
نه هئا،ڇاڪاڻ ته سمجهندو هئس ته ماڻهن جي موجو
دگيءَ سهڻي کان سهڻي ڏينهن کي به مون لاءِ بي
زيبو ڪريو ڇڏي.
هڪڙي ڏينهن اهڙي ريت ڇت تي آهليو پيو هئس ته نانيءَ سڏ ڪيم
جڏهن هن جي ڀرسان هنڌ وٽ وڃي بيٺس، ته مونکي ڏک
مان ڪنڌ لاڙي هوريان چيائين، ”نڪي مري ويو. “
ٻارڙو ويهاڻي تان رڙهي ويو، هو ۽ پٿراڻيءَ تي بيجان پيو هو، هن
جو چولو ڳچي ڏي سرڪي ويو هو، جنهن ڪري هن جو ٻاهر
نڪتل پيٽ ۽هن جون ڪاٺين جهڙيون سڪل ڄنگهون ظاهر
ٿي رهيون هيون. هن جا هٿ عجيب نموني پٺي ڏانهن وري
ويا هئا، جنهن مان پتو پيو، ته هن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي
هئي، ۽ هن جو مٿو پاسيرو ٿي ويو هو.
الله جا وڏا ٿورا، جو هو گذاري ويو !“ نانيءَ پنهنجن وارن کي
هٿن سان وٿي ڏيندي چيو. ” بدنصيب جيتا مڙو! ڇا
لاءِ جيئي ها؟“
نانو ٽلنڊو ٽڙڪندو ڄڻ جهمر هڻندو اندر ويو، ۽خيال سان نڪي جي
بند اکين تي پنهنجون آڱريون کڻي رکيائين، نانيءَ
خار مان چيس،هٿن صاف ڪرڻ کانسواءِ هنکي ڇو ٿو
ڇهين؟“
ٻڌ ته ! ناني چپن ۾ چيو ” ٻار ڄمي ٿو ساهه کڻي ٿو،کائي ٿو پر
سڀ فضول.“
نانيءَ ڳالهه روڪندي چيس ”اڃا ننڊ ۾ پيو ڳالهائين ڇا؟“
هن نانيءَ ڏانهن بي خياليءَ سان نهاريو، اڱڻ ڏانهن ويندي
نانيءَ کي چيائين، ”توکي جيئن وڻي تيئن ڪر مون وٽ
هن جي ڪفن دفن جو پيسو ڪونهي.
”اڙي موذي!“
مان هليو ويس ۽ وري رات تائين نه وريس، نڪي کي ٻئي
ڏينهن دفن ڪيو ويو، جڏهن دعائون پئي گهريائون،ان
وقت مان پنهنجي ڪتي سان گڏ امان جي وري کوٽيل قبر
جي مٿان ويهي رهيس، منهنجي نزديڪ ياز جو پيءُ بيٺو
هو، جنهن قبر کوٽڻ جو ڪم رعايتي نرخ تي ڪيو هو ۽
مونکي ور ور ڪري پئي چيائين، ”دوستيءَ جي ڪري
ائين ڪيو اٿم نه ته ٻين کان آءٌ ٻيڻا وٺان ها.“
پيلي کڏ مان تيز ۽ گندي بوءِ پئي آئي، اندر جهاتي پاتم
ته ڪارا تختا ڏسڻ ۾ آيا، مان ڪيترو به هوريان پئي
چريس ته به ڪناري تي پيل واري هيٺ هلي پئي ويئي،۽
اتي گيسڙا ٺهي پئي ويا، مان هرو ڀرو پئي چريس
پريس،چاهيم پئي ته اهي تختا ڍڪجي وڃن.
” پنهنجي حرڪت بند ڪر !“ ياز جي پيءُ تماڪ جو ڪش هڻندي
چيو.
نانيءَ ننڍڙو تابوت قبر ڏانهن کڻي آئي. ياز جي پيءُ هيٺ
کڏ ۾ ٽپو ڏنو، تابوت کي تختن جي ويجهو رکي هو ٻاهر
نڪري آيو، لتن ۽ڪوڏرن سان مٽي هيٺ اڇلائي کڏ ڀرڻ
لڳو، نانو ۽ ناني به ماٺ ڪري هن جي مدد ڪري رهيا
هئا.
اتي نه پادري هئا، نه فقير هئا، رڳو، اسين چار ڄڻا صليب
جي انبوه ۾ بيٺا هئاسين،ناني جڏهن ياز جي پيءُ کي
پيسا ڏيڻ لڳي، ته ان کي ڇينڀيندي،چوڻ لڳي،”تو
منهنجي ڌيءُ جو تابوت سرڪائي ڇڏيو.“
ٻيو چارو ئي نه هو، نه ته ٻئي ڪنهن جي قبر ۾ کڏ کوٽڻي
پوي ها، اها ڪا ڳڻتي جي ڳالهه نه آهي. “
ناني قبر تي جهڪي پار ڪڍڻ لڳي، پوءِ اتان اٿي سڌي گهر
هلڻ لڳي، نانو هن جي پٺيان هلڻ لڳو، هن جو ٽوپلو
اکين تي جهڪيل هو ۽ هن جا هٿ ڦاٽل ڪوٽ جي کيسن ۾
هئا.
”اڻ کيڙيل زمين ۾ ٻج ڇٽيوسين. “ ناني چيو، هو ان وقت
ائين هلي رهيو هو ڄڻ ڪو ڪانگ هرن جي موسم ۾ اوڙين
مٿان لامارا ڏيندو هجي.
”ڇا ٿو چئي؟“ مون نانيءَ کان پڇيو.
”پور ٿا پونس،ڌڻي رحم ڪندس.“
ڏينهن تپي ويو هو، ناني هوريان هلي رهي هئي، هن جا پير
گرم واريءَ ۾ گهڙي ٿي ويا، هوءَ ڪڏهن ڪڏهن منهن
تان پگهر اگهڻ لاءِ بيهي ٿي رهي.
قبر ۾اها جيڪا ڪاري ڪاري شيءَ هئي، مون نانيءَ کان
پڇيو، ”ڇا، اهو امان جو تابوت هو!“
”هائو.“ هن خار مان چيو. ”گورڪن بيوقوف، گڏهه آهي! اڃا سال ئي
مس ٿيو آهي ته ويچاري باربرا خاڪ ٿي رهي آهي،
اهو سڀ هن وارياسي زمين جي ڪري آهي، پاڻي سمي ٿو
وڃي، ان کان چيڪي مٽي بهتر آهي.“
”ڇا اسان سڀني کي خاڪ ٿيڻو آهي؟“
”سڀني کي فقط درويشن کان سواءِ،
”چئبو تون خاڪ نه ٿيندينءَ !“
هوءَ بيهي رهي.منهنجي ٽوپي ٺاهيائين ۽ مونکي سنجيده ٿي
چيائين، ”بهتر آهي ته اهڙا ويچار ڇڏي ڏي. ٻڌين ٿو
نه؟“
پر مان اهڙا ويچار ڪندو هوس. موت ڪيترو نه بڇڙو ۽ حقارت ڀريو هو
ڪيترو نه خوفناڪ ! ان جي خيال کان مون کي ڪوفت
ٿيندي هئي.
اسان جي گهر پهچڻ کان اول ئي ناني سماور گرم ڪري ٽيبل
ٺاهي ڇڏي هئي.
”اچو ته ڪجهه چانهه پيئون، سمجهان ٿو ته ٿڪجي پيا
هوندا. مون پنهنجي حصي جي به چانهه هن ۾ وجهي ڇڏي
آهي.هيءَ اسان سڀني جي لاءِآهي.“
نانيءَ کي ڪلهي واري ٿڦڪي هڻندي چيائين.“ ڪيئن ڙي؟“
ناني آسمان ڏانهن هٿ کڻي چوڻ لڳي، انهن سمورين ڳالهين
جي معنيٰ ڇا آهي.“
انهن ڳالهين جي معنيٰ آهي ته ڌڻي اسان تي ناراض آهي ۽
اسان کان هرڪا شيءَ هوريان هوريان کسي رهيو آهي،
جيڪڏهن هٿ جي آڱرين وانگر ڪٽنب جا ڀاتي ڪٺا رهن. “
گهڻي وقت کان پوءِ ناني کي اهڙو مِٺ محبت ۽ قرب سان
ڳالهائيندو ٻڌو هوم.هنکي ائين ڳالهائيندو ٻڌي
مون کي اها اميد پيدا ٿي ته شايد انهيءَ پوڙهي جا
لفظ منهنجي زخميل جذبن تي مرهم جو ڪم ڪن ۽ مان
انهن ٻاهر نڪتل ڪارن تختن جي ڳالهه وساري ڇڏيان،
مان هن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳس، پر نانيءَ سواءِ ڪنهن
لم ٺپ جي هن جو ڳالهائڻ ئي پورو ڪري ڇڏيو.
“ميان وڏا هاڻي ماٺ ڪر، سڄي عمر اهو روئڻو روئندو
رهئين، پر مان پڇان ٿي ان مان ڪجهه هڙ حاصل به
ٿيو؟ سڄي عمر ماڻهن کي ائين پئي کاڌو اٿئي،جيئن ڪٽ
لوهه کي کائي.“
ناني هن ڏانهن نهاريو، چپن ۾ ڪجهه ڀڻڪيو، پر ٻڙڪ ڪڍڻ جي
همت ئي نه ڪيائين.
انهيءَ ڏينهن شام جو اڱڻ جي دروازي وٽ ڳالهيو ن ڪندي
مون لـُڊملا کي صبح واري پنهنجي امڙ جي ڀرسان
پنهنجي ڀاءُ جي دفن ڪرڻ جي ڳالهه ٻڌائي پر ان تي
ڪو اثر نه ٿيو.
”يتيمن لاءِ ڪي چڱيون ڳالهيون به آهن. جيڪڏهن منهنجو
ابو ۽ امڙ گذاري وڃن ته جيڪر مان پنهنجي ڀاءُ کي
ڀيڻ جي حوالي ڪري وڃي نَن (راهبه) ٿيان،هونئن به
منهنجي لاءِ ته اهوئي هڪ رستو آهي.منڊڙي ته پرڻجي
سگهي ٿي، نه ڪم ڪري سگهي ٿي ۽ مان لـُولي ٻارن ڄڻڻ
جو گناهه پنهنجي سر تي کڻڻ پسند نه ڪنديس. “
هوءَ اهڙيون پختيون ڳالهيون جهڙيون اسان جي محلي جون
ٻيون عورتون ڪنديون هيون، ڪرڻ لڳي، شايد انهيءَ
شام کان وٺي منهنجي هن ۾ دلچسپي گهٽجڻ لڳي، تنهن
کانسواءِ ان کان پوءِ جيڪو منهنجي زندگي ءَ ۾ ڦيرو
آيو انهيءَ مونکي هن سان ملڻ جا ڪي ٿورا موقعا
ڏنا.
منهنجي ڀاءُ جي مرڻ کان ڳچ ڏينهن پوءِ ناني مونکي
چيو، ” اڄ رات جو ساجهر سهمجانءِ.سڀاڻي ڪاٺين
لاءِ ٻيلي ۾ هلنداسين. “
”مان به ٻوٽين لاءِ اوهان سان گڏ هلنديس.“ ناني ءَ چيو.
ڳوٺ کان ٻه ميل پري ديال ۽ صنوبر جو جهنگ هو اتان جي
زمين ڌٻڻ واري هئي، ان جو هڪڙو ڇيڙو اوڪا نديءَ
تائين ۽ ٻيو ڇيڙو ماسڪو روڊ تائين هو. ٻيلو سڪل ۽
ڪريل وڻن سان سٿيو پيو هوندو هو، ڀرسان ’ساويلو‘
جبلن جي قطار وٽ ديال جا وڻ ڳتيا پيا هئا، انهن
جي چهنبدار چوٽين جو ڏيک افق وٽان ليڙون ليڙ ٿيل
تنبن وانگر ڏسڻ ۾ ايندو هو، اهي وڻ سڀ ڪائونٽ
سوپلوف جي ملڪيت هئا،پر ان جي ڪا پهر اتي ڪانه
هئي انهيءَ ڪري ’ڪناون‘ ڳوٺ جا ماڻهو ان سڄي
ٻيلي کي وقف جو مال ڪري سمجهندا هئا، ماڻهو سڪل
ٽاريون وڍيندا هئا، ڪريل وڻ ڳاڏين تي کڻي ويندا
هئا ۽ وقت تي ساون وڻن کي ڪيرائڻ کان به نه
گـُسندا هئا، سرءُ ۾ ماڻهن جا ميڙ ڪهاڙا ڪلهن تي
کنيو، رسيون چيلهين سان ويڙهيو جهنگ ۾ ڪاهي پوندا
هئا، ۽ پوري سيارن جو ن ڪاٺيون ڪري ورندا هئا.
اهڙي ريت اسين ٽيئي به پرهه ڦٽي جو ماڪ پيل چانديءَ
جهڙن گاهه ڍڪيل پٽن تان اڳتي وڌڻ لڳاسين، اسان جي
کاٻي اوڪا نديءَ جي پرئين پاسي ’ڊيا ٽلو‘ ٽڪرين جي
لاهن کي روشني ڏيندو، نجني شهر جي ڀتين ۽ چرچ جي
سونهري مناري کي روشن ڪندو اسان جي روس جو آرسي
سج پنهنجي سست رفتار سان اڀرڻ لڳو، ڍري وهندڙ اوڪا
نديءَ وٽان هوا جا ننڊا کڙا، کيپ ڀريا،نرم جهوٽا
اچڻ لڳا،سورج مکيءَ جا سنهري پيالا ماڪ سان ڀرجي
پئي ڇلڪيا، للي گل جون مکڙيون نوڙت ۽ نياز وچان
ڌرتيءَ ڏانهن جهڪي پئي ويون، رنگ برنگي گل ڪٿي
ڪٿي سڪل ڇٻر وارن ٽڪرن ۾ اداس بيٺا هئا، جهنگلي
گلاب جا گل پنهنجون رتائيون پنکڙيون ٽيڙيون بيٺا
هئا، ائين ٿي لڳو ڄڻ سڄو ٻيلو ڪٿي ڪاريون، ڪٿي
سائيون ۽ ڪٿي ڳاڙهيون ۽ پيليون ورديون پهريو،
فوجين وانگر اسان جي استقبال لاءِ اڳي ئي تيار
بيٺو هو، ديال جا وڻ شاهي پکين وانگر پئي ڏسڻ ۾
آيا، پر صندل جا وڻ معصوم ڇوڪرين وانگر پئي لڳا،
ڌٻڻ مان نڪتل گهميل بوءِ ٻنين ۾ چو طرف پکڙي پيئي
هئي، منهنجي اڳيان منهنجو ڪتو پنهنجي سرخ زبان
لڙڪايو سهڪندو، پئي هليو،گهڙي گهڙي بيهي ناس پئي
هنيائين ۽ پنهنجو لومڙ جهڙو مٿو سوالي نموني مٿي
ڪري پئي ڇڏيائين،ناني کي نانيءَ جو جئڪيٽ ۽ پراڻي
پتلون پهريل هئي، هو پنهنجن رازن تي پاڻ اکيون
ڀڃندو ۽ کلندو پئي هليو؟ ائين پير پئي کنيائين ڄڻ
ڪا شيءَ چورايو پئي ويو، ناني بلو ڪڙتو ۽ ڪاري
لونگي پايو ۽سفيد رومال مٿي تي ويڙهيو، برد
باريءَ سان پئي هلي. هونئن به هن سان گڏ هلندي
تڪڙ ڪرڻ اجائي هئي.
جيئن اسين جهنگ ۾ داخل ٿياسين، ناني ۾ چستي اچي ويئي،
نڪ فضا ۾ ڦيرائي،پهريان ڀڳل ٽٽل ۽ منجهيل اکرن ۾
پوءِ موج ۽ مستيءَ ۾ شاندا ر نموني ڳالهائڻ شروع
ڪيائين، ائين ٿي لڳو،ڄڻ چڪو چاڙهي ورتو هئائين.
”جهنگ ڌڻيءَ جا باغ آهن. انهن جي وات مان نڪتل پاڪ دم
يعني هوائون انهن جي پرورش ڪن ٿيون، جواني ءَ جي
ڏينهن ۾جڏهن جهازن تي ڪم ڪندو هوس هڪڙي ڀيري
’جگوليا‘ جي علائقي تائين وڃي پهتس،الڪسي مان
توکي ٻڌايان ٿو جيڪا حياتي مون گذاري آهي اها
توکي حاصل ٿي نٿي سگهي، اوڪا نديءَ تي ’فاسيموف‘
کان وٺي ’موروم‘ تائين جهنگ ئي جهنگ پکڙيا پيا
آهن، ۽ وولگا نديءَ کان وٺي پورال جبل تائين
هليو وڃ ته رڳو ٻيلو ئي ٻيلو، اڻ کٽ ۽ بيحد
خوبصورت – اک ته اک پر پکي به پر سٽي ساڻو ٿي پوي،
ته ٻيلو پار نه ڪري سگهي.
نانيءَ هن ڏانهن ٽيڏي اک سان ڏٺو ۽ مون کي اک ڀڳائين،
نانو جهاڪن مٿان ٿڙندو ٿاٻڙندو به پئي هليو ۽
سادن سهڻن لفظن ۾ ڳالهه به ٻڌائيندو پئي رهيو،
جيڪا اڃا تائين منهنجي ذهن ۾ سانڊيل آهي.
”اسين ڀاڙي تي تيل جا دٻا ’سارا توف‘ کان ماڪارا تائين
کنيو پئي وياسين. اسان جي ڪپتان جو نالو ”ڪائرل
“هو ۽ ان سان گڏ ان جو ٻيو تاتاري ساٿي هو جنهن جو
نالو ڪجهه آسوف يا اهڙو ڪو ٻيو هو، جڏهن اسين
”جگوليا“ ۾پهتاسين ته واءُ سامهون هو ۽ ڏاڍو تيز
پئي لڳو ٻيڙيءَ جي اونڌي ٿيڻ جو خطرو هو تنهن ڪري
اسين ڪناري تي ماني پچائڻ لاءِ لهي پياسين. مئي جو
مهينو هو ڌرتيءَ تي پاڻي جاڏي ڪاڏي پکڙيو پيو
هو، ان جون لهرو ن زمين تي پکين جي ولرن وانگر
رڙهنديون پئي آيون ائين جيئن ڪئسپين سمنڊ تي
هزارين بدڪون ترنديون آهن. بهار ۾ جگوليا جا
پهاڙ سبز ٿيو وڃن ۽ سج جي روشني سڀني شين کي
لالاڻ مائل ڪيو ڇڏي.
”اتي آرام ڪرڻ کان پوءِ اسين دوست ٿي وياسين ۽ پاڻ کي
هڪ سمجهڻ لڳاسين، نديءَ تي ٿڌ به هئي ۽ ڪوهيرو
به، پر ڪناري تي فرحت هئي، هوا به وڻندڙ پئي لڳي.
جڏهن رات ٿي اسان جو ڪپتان ڪارل، جو پوڙهو پر
جانٺو هو پنهنجي ٽوپي لاهي چوڻ لڳو ”ڇوڪرو اڄ
کان وٺي نه مان توهان تي حڪم هلائيندس نه توهان
سان گڏ رهندس، جهاز کي پاڻ منهن ڏجو، مان جهنگ
منهن ٿو ڪيان،“ اسان جون وايون ولڙيون ٿي ويون
ته هو ڇاٿو چوي؟ ڪو ته اڳواڻ هئڻ گهرجي. تون
سمجهي سگهن ٿو ته ماڻهن کي رستي ڏيکارڻ لاءِ ڪو
ته سونهون کپي، چاهي وولگا ندي ئي هجي جيڪا سڙڪ
جيان سڌي آهي پر اتي به رستو وڃائي سگهجي ٿو.
ڇا ڪاڻ ته اڳواڻ کان سواءِ ماڻهو ائين آهي جيئن
مغز کان سواءِ ڍڳا، جن مان پوءِ ڪنهن کي به ڳڻتي
نٿي ٿئي ته ٻئي جو ڪهڙو حل ٿيندو، انهيءَ ڪري اسان
کي اچي فڪر ورتو، پر هو پنهنجيءَ تي اٽ هنيو بيٺو
هو.
”مان اوهان جي ڌنار ٿيڻ مان ڪڪ آهيان“ هن چيو، ”مان
جهنگ منهن ٿو ڪيان“.
”اسان مان ڪي ته اهڙا به هئا، جن چاهيو پئي ته هن کي
زبردستي جهلجي، پر ٻين چيو ته ٿوري ماٺ ڪيو. ايتري
۾ تا تار رڙ ڪئي، ’مان ڀي ٿو وڃان.‘ هن جا مالڪ
ڏانهن ٻن ڦيرن جا پيسا هئا ۽ هاڻي ٽئين جو به اڌ
اچي ختم ٿيو هو. هن جي ڳپل رقم هئي، جا مالڪ
دٻايو ويٺو هو ۽ اهو نقصان تاتار سهي نه پئي
سگهيو، اسين سڄي رات هنن کي لاها چاڙها ڏيندا
رهياسين پر صبح جو ست ڄڻا وڃڻ لاءِ شنگ ٿي
بيٺا، ۽ اهي خلاصين جو ٽيون حصو هئا، ۽ اهي پوءِ
اسان کي ڇڏي هليا ويا، اهڙي ريت جهنگ ماڻهن کي
پاڻ ڏانهن ڪشش ڪري ڇڪي ٿو وٺي.“
”ڇا، پوءِ هو وڃي ڌاڙيل ٿيا ؟“
”ممڪن آهي، يا سنياسي ٿيا هجن. ان جو پوءِ اسان کي ڪو
پتو نه پيو، ناني پاڻ تي صليب جو نشان بنايو، ”او
يسوع مسيح جي ماءُ ! ماڻهن جو حال ڏسي توکي انهن
تي افسوس ٿو ٿئي. “
”اسان سڀني کي ايترو عقل عطا ٿيل آهي جو ڄاڻي سگهون
ته اسان کي ڪٿي شيطان دلبو ڏئي رهيو آهي –“ اهو
نانو هو.
ديال جي ڊگهن وڻن ۽ ڀنل دڙن جي وچ مان اسان جو گپ ۽
چڪ سان ڀريل پيچرو پئي ويو، مونکي به اهو اڌمو
پئي آيو، ته ڪارل وانگر وڃي جهنگ ۾رهان جتي نه
وات هڻندڙ انسان هجن نه جهيڙا هجن نه نشو هجي.
اتي رهي مان ناني جي دل کي ڏکوئيندڙ ڪنجوسائي ۽
امڙ جي سمندڙ واريءَ ۾ ٺهيل قبر وساري سگهان، جنهن
مونکي اداس ڪري وڌو هو، جيڪا منهنجي دل کي ڪنهن
ڳري بار وانگر چيڀاٽي رهي هئي.
هڪڙي سڪل هنڌ پهچڻ تي نانيءَ چيو، ”ڳڀي ٽڪر لاءِ ڇا ٿا
چئو؟ اچو ته ويهون!“
هڪڙي ڪپڙي ۾ ماني بصر لوڻ آچار پنير ويڙهيل هئا جيڪي
هوءَ سڄي واٽ ٽوڪريءَ ۾ کنيو هلي، نانو اهو سامان
ڏسي اکيون ٺپيندي، ککو وکو ٿي چوڻ لڳو، ”اڙي، پر
مان ته ڪجهه پاڻ سان نه کڻي آيوآهيان.“
”هي اسان سڀني کان گهڻو آهي.“
هڪڙي ديال جي وڻ هيٺان، جيڪو جهاز جي کوهي وانگر ڊگهو هو، ٽيڪ
ڏيئي ويهي رهياسين، هوا ۾ ڌوپ جهڙي خوشبوءَ سمايل
هئي، هوا جا هلڪڙا جهوٽا ٻنين مان ٿيندا، سائي
گاه کي نچائيندا، اسان ڏانهن پئي آيا، ماني کان
پوءِ ناني پنهنجن ڪارن هٿن سان جڙيون ٻوٽيون
پٽيندي به پئي ويئي ۽ مونکي انهن جا طبي فائدا به
ٻڌائيندي پئي ويئي، نانو ڪريل بنڊن کي وڍڻ لڳو ۽
مونکي وڍيل ڪاٺ کي هڪ هنڌ ڍڳ ڪرڻ جي هدايت
ڪيائين، پر مان پاڻ کي نانيءَ جي پٺيان وڃڻ کان
روڪي نه سگهيس. ائين ڏسڻ ۾ پئي آيو ڄڻ هوءَ سڪل
ٿڙن جي وچ ۾ ڪنهن ديو ڀنڀوريءَ وانگر تري رهي
هئي، ۽ جڏهن جهڪي ديال جا ٽڪر پئي کنيائين ته ڄڻ
انهن ۾ ٽٻيون پئي هنيائين سمورو وقت پنهنجو پاڻ
سان ڳالهيون پئي ڪيائين، ”کنڀيون هن ڀيري آڳاٽيون
ڄمي پيون هيون ڪٿي به ڪا ڏسڻ ۾ نٿي اچي، ڌڻي توکي
غريبن جو اونو ئي ڪونهي، کنڀيون ئي ته غريبن جو
ڪڪڙائون ٻوڙ آهن!“
مان هن جي پٺيان ٻلي پير پئي ويس، جيئن هن جو خيال رب جي رهاڻ
۽ ٻوٽن ۽ ڏيڏرن جي خيال کان هٽي نه وڃي، پر هن جي
مون تي اک پئجي ويئي.
”تون ناني وٽان کسڪي آيو آهين ؟“ هوءَ ڪاري ءَ ڌرتيءَ تي جنهن
تي گلن جو شاندار ڀرت رکيل هو، ڪنهن شيءِ کي
چونڊڻ لاءِ جهڪي ۽ ٻڌائڻ لڳي ته ”جڏهن يسوع مسيح
انسان تي ڏمرجي ٻوڏ موڪلي، جنهن ساري مخلوق ٻوڙي
ڇڏي هئي تڏهن موم دل ماءُ (بيبي مريم ) خبرداريءَ
سان هر ڪنهن شيءَ جو ٻج هڪڙي ڇليءَ ۾ ڪٺو ڪري ان
کي لڪائي ڇڏيو هو، ٻوڏ کان پوءِ سج کي چيائين ته
نه جيڪڏهن تون ڌرتيءَ کي مٿان ئي مٿان خشڪ ڪري
ڇڏيندين ته انسان ڪيترا ته تنهنجي ساراهه جا گيت
ڳائيندا ! پوءِ جڏهن سج ڌرتيءِ کي سڪائي خشڪ ڪيو،
ته هن ان ۾ اهي ٻج پوکڻ شروع ڪيا جان جو يسوع
مسيح کڻي نهاري ته ڇا ڏسي ته ڌرتيءَ تي وري ساڳي
رونق لڳي پئي آهي ساڳي ساوڪ، ساڳيا ماڻهو ۽ جانور
آهن ! منهنجي مرضيءَ جي خلاف اهو ڪنهن ڪم ڪيو
آهي؟“ هو پڇڻ لڳو، بيبي مريم قبول ڪيو ته اهو هن
جو ڪم هو، پوءِ معلوم ٿيو ته يسوع مسيح کي پڻ
ڌرتيءَ جي اهڙي سڃاڻپ نه پئي وڻي، تنهن ڪري هن
پنهنجي رضا مندي ڏيئي ڇڏي،مريم تو اهو ڏاڍو چڱو ڪم
ڪيو. “
اها ڳالهه مونکي وڻي ته ڏاڍي، پر منجهائي به رکيائين. مون ٿورو
خيال ۾ ٻڏي، چيو مانس،”ڇا، سچ پچ ائين ٿيو هو؟
يسوع مسيح جي ماءَ مريم ته نوح جي طوفان کان گهڻو
پوءِ پيدا ٿي هئي!“
انهيءَ ڳالهه نانيءَ کي وائڙو ڪري ڇڏيو. ”ڪير ٿو چوي؟“
”اسڪو ل جي ڪتابن ۾ لکيل آهي.“
هاڻي ناني ڪجهه سامت ۾ آئي ۽ مونکي سمجهائيندي چيائين ”جيڪڏهن
رڳو اسڪول جي ڪتابن ۾ ائين آهي ته توکي اها ڳالهه
وساري ڇڏڻ گهرجي. اهي ڪتاب ڪوڙ ٿا ڳالهائين. “
پوءِ کلندي چيائين. ”اڙي چر ٻٽ ٿو رو ويچار ڪر يسوع مسيح هو
پر يسوع مسيح جي ماءُ نه هئي“ ”پوءِ هو ڪيئن
ڄائو؟“
”مون کي ڪهڙي خبر !“
”ڏاڍو سٺو، ايتري پڙهڻ کان پوءِ به اهو سکيو آهين ته مونکي خبر
ناهي!“
”پادري چيو هو ته يسوع مسيح جي ماءُ مريم آئنا ۽ جوکيم جي ڌيءَ
هئي.“
انهيءَ تي ناني تپي ويئي، مون ڏانهن سونڊ پائي، گهوريائين،
”جيڪڏهن وري اهڙو خيال ڪيو اٿئي، ته کل لاهي
ڇڏيندي مانءِ.“
ٿورو پوءِ سمجهائڻ لڳي، مقدس مريم جي پيدائش ساري مخلوق کان
اول ٿي هئي، هن يسوع مسيح کي جنم ڏنو ۽ پوءِ –“
”پر حضرت عيسيٰ جي ماءُ ڪير هئي؟“
نانيءَ وٽ ڪو جواب ڪونه هو ۽ منجهي کڻي اکيون پوريائين.
”پر حضرت عيسيٰ جي ماءُ ڪير هئي؟“
مون محسوس ڪيو ته جيت منهنجي آهي، پر هن کي مذهبي معاملن ۾ اهڙي
ريت منجهائڻ مان مون کي مزو نه ٿي آيو.
اسين جيئن پوءِ تيئن جهنگ ۾ اندر گهڙندا وياسين چؤطرف نيرو ڌنڌ
وڌندو پکيڙيو پيو هو، جنهن مان سج جا ڪرڻا ڇڻي
اندر هليا پئي آيا، چوءطرف ننڊاکڙا هلڪا سر پئي
نڪتا، جي ٻڌندڙن کي خواب جي دنيا ۾ وٺي پئي
ويا.’ڪٿي ڪوئل گيت پئي ڳايا، ڪٿي قمري نغمن ۾ مست
هئي، ڪٿي ٽيٽيهر ۽ ڪاٺ ڪٺئي جهڙن پکين پنهنجي لئي
تي هڪ سريون راڳڻيون پئي آلاپيون،مطلب ته جهنگ جا
سڀ جيو وجد ۾ هئا، اسان جو هر قدم فيروزي رنگ جي
سبز ڏيڏرن جي سلطنت ۾ حد دخلي ڪري هيو هو، ڪٿي ڪٿي
ڪاريهر ڦڻ ڪڍيو، وڻن جي پاڙن ۾ ائين ويٺا هئا، ڄڻ
انهن جي چوڪيداري ڪري رهيا هئا، نوريئڙو ميون کي
ڪتري رهيو هو، ۽ ان جو پشمدار پڇ ديال جي ٽارين ۾
لڏي رهيو هو. جيئن وڌندا پئي وياسين، تيئن تيئن
قدرت جا وڌيڪ ڏسڻ جهڙا نظارا ظاهر ٿيندا پئي ويا.
ديال جي ٿڙن تي نازڪ وليون ويڙهيون پيون هيون، انهن کي ڏسي
قداور جنن جو خيال پئي آيو، اهي ڏارن تائين پهچي
گم ٿي پئي ويون، ۽ انهن مان مٿي چانديءَ جو تهه
پکڙيل ميرو آسمان نظر پئي آيو، پيرن جي هيٺان گاهه
۽ سينور جا ساوا غاليچا وڇايا پيا هئا، جن تي
ڪريل پنن ۽ ککڙين جا ڄڻ چٽ نڪتا پيا هئا، ڪٿي ڇٻر
تي ڄاڱري ٻير رت جي ڦڙن وانگر پئي ٻريا انهن جي
وچ ۾ ڪٿي اڇيون کنڀيون، ڪر کنيون ۽ مٿي تي
ميرانجهڙا ٽوپ پايو ائين بيخوف اڀيون بيٺيون هيون
ڄڻ کين اتان ڪو اٿاري ئي نٿي سگهيو.
”مقدس مريم- جهان جي روشني !“ نانيءَ وڏا سماءَ کڻي دعا پئي
گهري،
جهنگ ۾ به هن جي هلت اهڙي هئي ڄڻ ڪا گهر ڌياڻي گهر ۾ پنهنجن ٻچن
سان ريجهه ۽ مزي ۾ ويٺي هجي. هوءَ پير پير ۾ ڏيو
ڏاڍي خبرداريءَ سان پئي هلي، هر ڪنهن شيءَ کي چاهه
سان پئي ڏٺائين، ۽ ان جي تعريف ۽ خدا جا شڪر پئي
ڪيائين، ائين ٿي لڳو ڄڻ جهنگل جي محفل کي هن ئي
گرم ڪري ڇڏيو هو، مون کي انهيءَ ڳالهه ڏاڍو مزو
پئي ڏنو، جو سينور هن جي پيرن هيٺان لتاڙجي وري
ساڳيءَ صورت ۾ اچي پئي ويو.
جيئن اسان اڳتي هلندا وياسين مون کي ڌاڙيلن جي زندگي پسند اچڻ
لڳي، ڀڀ ڀريلن کي لٽي پيٽ بکين کي ڏيڻ، سڀني ۾خوشي
۽ اطمينان پيدا ڪرڻ، ڪوبه پاڙيسري پنهنجي ٻئي
پاڙيسري سان نه سڙي نه وڙهي نه ڪوئي ڪنهن کي ڪتن
وانگر بڇيون ڏئي. نه ڪوئي ڪنهن جون ٻوٽويون پٽي،
ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جو ناني جي خدا ۽نانيءَ جي
مقدس مريم سان ملاقات ڪجي ها ۽ انهن کي ٻڌائجي ها
ته ڪيئن نه اسان هڪ ٻئي جون سڙيون ٻوٽيون ٿا کايون
۽ِ ڪيئن نه هڪ ٻئي کي گارين جا دس ٿا ٻڌايون. ڪهڙي
نه بڇڙائي ۽عذاب دنيا ۾ سهڻوٿو پوي. مون خيال ڪيو
ته جيڪڏهن مقدس مريم منهنجن ڳالهين ڏانهن ڪو ڌيان
ڏنو ۽ مون کي ڪا چڱي طاقت عطا ڪيايئن ته مان هر
ڪنهن شيءَ جو نئون انتظام ڪندس ۽ هر ڪنهن ماڻهو
جي زندگي بهتر بنائيندس. جيڪڏهن مان وڏو نه آهيان
ته ڇا ٿي پيو؟ سياڻا ماڻهو حضرت عيسيٰ کان انهيءَ
وقت صلاحون وٺندا هئا، جڏهن هو مون کان لاچار ڪو
هڪ سال کن وڏو هو.
مان انهن خيالن ۾ اهڙو گم ٿي ويس، جو وڃي کڏ ۾ ڪريس.چيلهه ۽ ڪنڌ
ٻيئي رهڙي جي ويم. کڏ جي تري ۾ گپ، وڻ جي کؤنر
وانگر لڳلڳدار هئي،مان ان ۾ ڦاسي پيس جڏهن ائين
سمجهيم ته هتان پنهنجي سر نڪري نه سگهندس ته ڏاڍي
خار لڳيم. مون نانيءَ کي سڏي ڊيڄارڻ نٿي گهريو پر
ٻيو چاڙهو به نه هو. سڏ تي ڊوڙي، هن مون کي ٻاهر
ڪڍي ورتو. پاڻ تي صليب جو نشانو ڪندي چيائين.
”ڌڻي جا لک شڪر ! چڱو ٿيو، جو هيءَ رڇ جي ڏر خالي
هئي، جيڪڏهن اهو مئو هتي هجي ها ته تنهنجو ڪهڙو
حال ٿئي ها؟ هوءَکلندي کلندي روئڻ لڳي.
هڪڙيءَ واهي تي وٺي ويئي، اتي منهنجا زخم ڌوئي صاف ڪيائين ۽
انهن تي ٻوٽين جا پن رکي، پنهنجي چولي مان اڳڙيون
ڦاڙي پٽيون ٻڌائين. ڄنگهه ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري منهنجو
هلڻ ئي مشڪل ٿي پيو هو، تنهن ڪري مون کي ريلوي
ڦاٽڪ وٽ ڇڏي ڏنائين. ان کان پوءِجڏهن ٺيڪ ٿيس، ته
روز نانيءَ کي چوندو هوس، ”ناني ٻيلو هلي ڏسون!“
هوءَ خوشي سان هلي هلندي هئي، اهڙي ريت اسان جو
اونهارو ۽ سرءُ گذري ويا، اسين اتان ٻوٽيون، ٻير،
کنڀيون ۽ اکروٽ آڻيندا هئاسين، جن کي وڪڻي پيٽ
قوت ڪندا هئاسين، جيتوڻيڪ اسان کي ناني وٽان
مانيءَ جو سڪو ٽڪر به نه ملندو هو، تڏهن به اسان
تي ڪاوڙ جي چوندو هو، ”اڙي توهين ته پينو فقير
آهيو. “
جهنگ ۾ مون کي اهڙو سڪون ملندو هو، جو منهنجا ڏک سور ڌوپي
ويندا هئا، ۽ منهنجا سڀ رنج لهي ويندا هئا،انهن
ڏينهن ۾ منهنجا حواس تيز ٿيڻ لڳا،منهنجون اکيون
کليل ۽ ڪن کڙا رهڻ لڳا، منهنجو حافظو تيز ۽ منهنجا
جذبا وڌڻ ۽ اڀرڻ لڳا، ۽ مون کي پنهنجي عجيب
نانيءَ لاءِ نئين عزت ۽ نئون پيار پيدا ٿيو،مان هن
کي اوچي ٻد وارو انسان سمجهڻ لڳو هوس، جيڪو حد کان
وڌيڪ مهربان ۽ حد کان زياده همدرد هو.
مان کيس جو ڪجهه هر گهڙي ڪندي ڏسندو هوس، اهو منهنجي انهيءَ
ڳالهه جي پٺڀرائي ڪندو هو.
هڪڙي ڏينهن مان جيئن اڇيون کنڀيون ميڙي نڪري رهيا هئاسين ته
ناني هڪڙي هنڌ دم پٽڻ لاءِ ويهي رهي ۽ مان وري
وڌيڪ کنڀيون هٿ ڪرڻ لاءِ جهنگ ۾ واپس هليو ويس،
اوچتو نانيءَ جو آواز ٻڌم. ڏٺم ته ناني کنڀي کي
صاف ڪري به رهي آهي ۽ هڪڙي خاڪي ڪتي، جنهن جي زبان
بک کان ٻاهر نڪري آئي هئي اطمينان سان چئي رهي
هئي، ” وڃ هليو وڃ الله تنهنجو ڀلو ڪري!“
واليڪ ڪجهه وقت ٿيو جو منهنجي ڪتي کي زهر ڏيئي ڇڏيو هو، انهيءَ
ڪري خيال ڪيم ته ان ڪتي کي پاڻ سان گهر وٺي هلان،
تهنن ڪري ان جي پٺيان ڊوڙ پاتيم، ان پنهنجي ڳچي ءَ
کي چورڻ کان سواءِ پنهنجي پٺي هڪڙي خاص انداز ۾
مٿي ڪئي، ۽ پنهنجي بکايل اکين سان گهوري پڇ ٻنهي
ٽنگن ۾ ڪري، ٽپ ڏيئي، هو جهنگ ۾ هليو ويو، منهنجي
سيٽي ءَ تي موٽڻ بجاءِ، ڦشرجي، تڪڙو ڊوڙڻ لڳو، هن
جي چال ڪنهن به نمواني ڪتي جهڙي نه هئا.
”ڏٺئه !“ نانيءَ مرڪندي چيو،”مون به پهريائين نه سڃاتو. مون
سمجهيو ڪتو آهي پر جڏهن ٻيهر ڏٺم ته مون کي پنهنجي
ڀل جو پتو پيو، هن جو ڪنڌ ۽ چنبا بگهڙ جهڙا هئا،
منهنجو ساهه ته مٺ ۾ اچي ويو، چيومانس، جي بگهڙ
آهين ته ٽري وڃ، اها به شڪر جي ڳالهه آهي، جو
اونهاري ۾ بگهڙ ڇتا نٿا ٿين.
نانيءَ کي جهنگ ۾ نه ئي ڀوءَ ٿيندو هو نه ئي اتي ڪڏهن رستو ڀلبي
هئي،هوءَ گاهه جي سڳنڌ مان ئي ٻڌائي سگندي هئي ته
ڪٿي ۽ ڪهڙو رنگ جي کنڀي آهي، ڪڏهن ڪڏهن هوءَ
کنڀين بابت منهنجو امتحان وٺندي هئي- ”هيءَ کنڀي
ڪهڙي وڻ وٽ ٿيندي آهي؟ زهريلي ۽ مٺي کنڀيءَ جو پتو
ڪيئن پوندو؟“
ڪنهن وڻ جي ڇوڏن تي نوريئڙي جي پيرن جا هلڪا نشان ڏسي هوءَ مون
کي ٻڌائيندي هئي ته ڪهڙي هنڌ نوريئڙي جو پور آهي.
۽ مان وڻ تي چڙهي نوريئڙي جا سياري لاءِ ڪٺا ڪيل
اکروٽ کڻي ايندو هوس، جي ڪڏهن ڪڏهن پنج پنج سير به
هوندا هئا، هڪڙي ڀيري نوريئڙي جي پور مان اکڙوٽ
ڪڍي رهيو هوس، ته پکين مارڻ واري بندوق جا
ستاويهه ڇرا منهنجي پاسيرين ۾ گهڙي ويا، نانيءِ
يارهن تلاش ڪري ڪڍي ورتا باقي منهنجي جسم ۾ سالن
جا سال رهجي ويا، ۽ وقت گذرڻ سان ٻاهر کن منجهان
نڪرندا آيا.
ناني سـُور هوندي به مون کي ماٺ ڏسي، خوش ٿيڻ لڳي،- ”بهادر
ڇوڪر!“ هن چيو، ”جي صابر سي اڪابر. “
جڏهن به هن کي کنڀين ۽ اکڙوٽن جي وڪري مان پاڇي ٿيندي هئي ته
اها رقم ’خفيه خير‘ طور درين جي ڪانسن تي رکي
ويندي هئي، جيتوڻيڪ کيس آرتوار جي پاڪ ڏينهن جي
پائڻ لاءِ به سڄو چولو نه هوندو هو.
”تنهنجا ته فقيرن کان به حال بڇڙا آهن.“ ناني ڪر ڪندي پنهنجي
دستوري جهيڙي ۾ چيس، ”تنهنجي ڪري مون کي شرمسار
ٿيڻو ٿو پوي. “
”انهيءَ ۾ تنهنجو ڇا آهي؟ مان تنهنجي ڌيءَ ناهيان، من کي مڙس جي
تلاش ڪانهي. “
مون ٻين کان ته وڌيڪ گناهه ڪين ڪيا آهن. “ناني شڪايت ڪندي چيو،
پوءِ مونکي اهڙي سخت سزا ڇو ملي رهي آهي؟“
نانيءَ ڇيد ڏيندي چيس. ”تنهنجي ملهه ۽ مان جو ته صرف شيطان کي
ئي پتو آهي. “
۽ مونکي پنهنجي منهن چوندي هئي، وڏو ميان شيطان کان ڊڄندو آهي،
ڏس ڪهڙو نه جهور ٿيندو ٿو وڃي ! ويچاري کي شيطان
جو ڊپ ڏينهون ڏينهن جهوري رهيوآهي. “
انهيءَ اونهاري ۾ ٻيلي جي شوق مونکي سخت جان ۽ وحشي بنائي ڇڏيو
هو ۽ منهنجو پنهنجي هڪ جيڏن سنگتين مان چاه ختم ٿي
ويو هو. جهڙوڪ هڪ لُڊ ملا، جنهن جي عام معلومات ۽
گهڻ ڳالهائو طبيعت مون کي ڪڪ ڪري وجهندي هئي.
سرءُ جا مينهن شروع ٿي ويا، هڪڙي ڏينهن نانو شهر مان مينهن ۾
ڀڳو ڀت ٿيو آيو، هو در جي ڏاڪڻ وٽ بيهي جهرڪيءَ
وانگر ڏڪي رهيو هو، ۽ اهڙي انداز ۾ چوڻ لڳو ڄڻ ته
ڪا سوڀ کٽي آيو هو. ” اڙي شيطان سڀاڻي تون نئين ڪم
تي وڃي رهيو آهين. “
”ڪيڏانهن ؟“ نانيءَ خفي ٿي پڇيس.
”تنهنجي ڀيڻ مترينا جي پٽ وٽ. “
”وڏا ميان. تو ڀل ڪئي آهي.“
”وات بند ڪر، بيوقوف ! اهي هن کي ماڻهو بنائي ڇڏيندا.“
نانيءَ ڪوبه جواب نه ڏنو، پر هن جو ڪنڌ جهڪي ويو، انهيءَ رات
لُڊملا کي ٻڌايم ته مان شهر ڏانهن وڃي رهيو
آهيان.
”مون کي به جلد اوڏانهن وٺي ويندا. “ هن اداسائيءَ سان
چيو،”بابي جي مرضي آهي ته منهنجي ڄنگهه ڪٽرائي
وڃي، ان جي ڪٽجڻ کان پوءَ مان ٺيڪ ٿي سگهنديس.“
انهيءَ اونهاري ۾ هوءَ بت ۾ لهي ويئي هئي، هن جو رنگ ٿورو
سانورو ٿي ويو هو ۽ هن جون اکيون ڪجهه وڏيون پئي
ڏسڻ ۾ آيون،
”توکي خوف ٿو ٿئي ڇا ؟ مون پڇيس.
”هائو ؟ هن جواب ڏنو ۽ روئڻ لڳي.
مون کي پاڻ شهر جي زندگي ءَ جي خيال اهڙو مونجهو ڪري ڇڏيو هو،
جو هن کي دلاسو به نه ڏيئي سگهيس، جيڪڏهن اونهارو
هجي ها، ته جيڪر نانيءَ کي چوان ها ته ائين گڏجي
هلي پنو ن ها، جيئن ننڍ پڻ ۾ هوءَ پنندي هئي، ۽
پاڻ سان لـُڊملا کي به هڪڙي گاڏڙي ۾ ويهاري ڇڏيون
ها، ۽ انهيءَ گاڏڙي کي مان ڪاهيندو هلان ها، پر
اونهارو موڪلائي ويو هو، گهٽين ۾ طوفاني هوائون
پئي لڳيون، آسمان برفاني ڪڪرن سان سٿيو پيو هو
ڌرتيءَ ڄڻ منهن ۾ گهنڊ وجهي ڇڏيو هو، ۽ سندس چهري
تي خوفناڪ بي ترسيءَ جا آثار پئي ڏسڻ ۾ آيا.
|