سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (تربيت)

باب-14

صفحو : 14

باب چوڏهون

منهنجو ڪم بلڪل  سولو هوندو هو. مان صبح جو سوير ان وقت اٿندو هوس، جڏهن ٻيا بسترن ۾ ستا  پيا هوندا هئا ۽ انهن لاءِ سماوار گرم ٿيڻ لاءِ رکي ڇڏيندو هوس،  جڏهن هو بورچيخاني ۾چانهه پيئڻ  لڳندا هئا،  ته مان ۽ پاشڪا ڪارخاني کي صاف ڪري، رنگ ٻاهر ڪڍي  رکندا هئاسين. ان کان پوءِ مان دڪان ڏانهن هليو ويندو هوس، شام  جي وقت  مون تي اهو ڪم رکيل هوندو هو ته مان رنگ ملائڻ سکان ۽ ڪاريگرن کان سکان ته هنن رنگ ڪيئن ٿي لڳايا، ڪجهه ڏينهن  تائين ته مونکي انهن ڪمن جي ڏسڻ  مان مزو ايندو هو، پر  جلد ئي مون کي معلوم ٿيو ته ننڍن ننڍن ڪمن جي ورڇ ڪري ڪاريگرن کي پنهنجي پنهنجي ننڍي ڪم مان  ڪو به مزو ڪونه ٿي آيو ۽ هو ان مان جهٽ ۾ ڪڪ ٿي پوندا هئا.

گهڻو، جو ڪم  ڪونه هوندو هوم، سو جلد ئي  مان پنهنجي شام جو وقت مزي سان گذارڻ لڳس، ڪاريگرن کي پنهنجا جهاز جا آزمودا ۽ ڪتابن جون ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪري ڏنم ۽ ائين مان انهن جو ڄڻ چارڻ ڀٽ  ٿي پيس، مون جلد ئي  محسوس ڪيو ته هنن  دنيا  جو سير  ۽ سفر  مون کان  گهٽ ڪيو هو – ڇاڪاڻ  ته هو ننڍي هوندي کان وٺي ڪارخانن  جي قيدن ۾ بنديا پيا هئا، انهن سڀني مان ذخاريف ماسڪو  ڏٺو هو، جنهن بابت هو چوندو هو. ”ماسڪو ۾ روئڻ  رڙڻ جي يا ڪنهن شڪايت ڪرڻ  جي ڳالهه ئي ڪانهي، اتي هر ماڻهو کي اکيون کولي هلڻو پوي ٿو ۽ اٽڪل سان زندگي  گذارڻي پوي ٿي.

باقي ٻين ڪاريگرن  ويجهن  شهرن  جهڙوڪ شويا ۽ لدمير کانسواءِ ڪجهه ڏٺو ئي ڪين هو، ڪازان جي ڳالهه نڪرندي هئي ته  مونکان پڇندا هئا، ”اتي روسي آهن ؟ اتي ديوليون به آهن؟“ جي خيال ۾ پرم جو شهر سائبيريا ۾ هو  ۽ هنن کي  انهيءَ ڳالهه  تي ويساهه  ئي نه ايندو هو ته سائبيريا يورال  جبل جي پريان  آهي اهو  چوندا هئا، ته سامونڊي مڇي يورال  مان ايندي آهي –”ڀلا کڳا ڪٿان ٿا اچن ؟ ڪئسپين سمنڊ مان ؟ انهيءَ جو مطلب ته يورال  سمنڊ جي ڪناري تي آهي !“جڏهن هو چوندا هئا،ته انگلينڊ سمنڊ جي پرينءَ ڀر آهي ته مان  اهو سمجهي نه سگهندو هوس ته اهي چرچو ٿا ڪن يا ساڀيان ٿا چون. هو نيپولين جو شجرو ڪالوگا  جي اميرن سان وڃي ملائيندا هئا.

هو مونکي چوندا هئا، ته”پنهنجي اکين  ڏٺو احوال  ٻڌاءِ!”۽ جڏهن کين ٻڌائيندو هوس ته اعتبار ئي نه ايندو هون، هو سنسني خيز  تاريخي  ڪهاڻيون ٻڌڻ وڌيڪ پسند ڪندا هئا، پوڙهن کي به سچين  ڳالهين  کان وڌيڪ  ڏند ڪٿائن مان مزو ايندو هو. جيتري  قدر ڪا ڳالهه حقيقت کان پري ۽ ڪوڙ بدوڙ سان مليل  هوندي هئي اوترو ئي هو اها وڌيڪ  چاهه  سان ٻڌندا هئا. هنن کي  اهڙين خيالي ڪهاڻين ۾ پنهنجي ڏکن ۽ غربت گڏيل  حقيقي حياتيءَ بجاءَ آئنده جي اميدن جي هوائي  قلعا ڏسڻ ۾ايندا هئا.

انهيءَ تي مون کي پاڻ وڌيڪ تپرس لڳندو هو، ڇا ڪاڻ  ته مون کي اهو  احساس پيدا ٿي ويندو هو  ته ڪتابن ۾عام  رواجي زندگي جي سچي تصوير چٽيل ئي ڪانه هوندي آهي ڪتابن ۾مون کي هيڊ  بورچي سماوري
آگ مئن جئڪ  گهومو اليڪساشي ذخاريف ۽کٽياڻي لتاليا جهڙن ماڻهن جو ذڪر ڪٿي به نظر ڪين آيو هو.

ڊئوڊوف پنهنجي  پيتيءَ مان  مونکي  ”گولتسنڪي “ جي افسانن جو هڪڙو پراڻو ڪتاب ڪڍي ڏنو، مان جڏهن انهن  کي ڪو به  ڪتاب ڏاڍيان  پڙهي ٻڌائيندو هوس ته هنن  کي ڏاڍي موج  ايندي هئي، لاريونچ چوندو هو، ”ڏاڍو سٺو، انهيءَ ڪري اسان  ۾جهڙو جهٽو گهٽ  ۽گوڙ شور  بنهه بند  ٿي ٿو وڃي.“

مان ڪٿان  نه ڪٿان  ڪتاب ڳولهي هٿ ڪندو هوس ۽ هر روز شام جو اسان جي ڪچهري لڳندي هئي، ۽ اهو  وقت ڏاڍو پر لطف گذرندو هو، ڪارخاني  ۾ان مهل اڌ رات جهڙي ماٺ ٿي ويندي هئي. ميزن جي مٿان شيشن جا فانوس سياري جي سرد  ستارن وانگر پيا چمڪندا هئا ۽ انهن مان نڪرندڙ ڪرڻا  ڪاريگرن جي گنجن ۽ڊگهن  وارن  وارَن مٿن تي پيا پوندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن  وچ وچ ۾ڪتاب جي ليکڪ يا سورهيه جي واکاڻ شروع  ٿي ويندي هئي. انهيءَ وقت اهي سڀ عام رواجي نموني کان ٻئي نموني  ڏاڍو وڻندڙ  دلچسپ لڳندا هئا. مان هنن  سان پيار ڪندو هوس ۽ هو مون سان سهڻو سلوڪ ڪندا هئا ۽ مان اتي رهڻ  ۾خوشي محسوس ڪندو هوس.

هڪڙي ڏينهن  استانوف چيو ”ڪتاب پڙهڻ وقت ائين لڳندو آهي ته بهار اچي ويو آهي ۽ اسان  جي آجيان  لاءِ سياري جون  بند ڪيل  دريون کولي ڇڏيون آهن.“

ڇاڪاڻ ته اسين ڪتابن جي مسواڙ ڀري نه سگهندا  هئاسين، تنهن ڪري نون نون ڪتابن جو ملڻ اسان  لاءِ مشڪل هو، مان ڪٿان پني يا اڌارا وٺي ڪيئن نه ڪري پڙهڻ لاءِ اهي وٺي ايندو هوس، هڪڙي ڏينهن  ائين باهه وسائڻ واري آفيسر کان  ”لومونٽوف “ جو ڪتاب ملي ويم، انهيءِ ڪتاب جي  ڪري مونکي پهريون  ڀيرو ماڻهن تي شعر  جي اثر  جو پتو پيو، هاڻي  مون کي چٽي ريت ياد ٿو  اچي  ته جيئن ئي مون  ان ڪتاب  مان شيطان  جي عنوان واري نظم  جو  پهريون باب پورو ڪيو هو،  ته استانوف گهڙيءَ ڏانهن پئي نهاريو ۽گهڙيءَ ڪتاب ڏانهن، پوءِ پنهنجي  هٿ وارو برش ڦٽو ڪري پنهنجي ٻنهي گوڏن کي ٻانهن سان ڀاڪر وجهي،  سرهائيءَ مان پينگهي  وانگر گهڙيءَ هيڏي گهڙيءَ هوڏي پئي لڏيو.

”ڀائرو! خدا جي واسطي ماٺ ڪري ويهو!“ لاريونچ چيو ۽ پنهنجي ڪرسي استانوف جي ميز  ڀرسان جتي مان ڪتاب پڙهي رهيو هوس، ريڙهي ويهي  رهيو، انهيءَ شعر  اسان  جي دل کي خوشي ۽ غم  ٻنهي سان  ائين  ڀري ڇڏيو هو جيئن ڪا وهندڙ اڏ ٻنيءَ  جو ٻارو ڀري ڇڏيندي آهي ۽ ان مان پاڻي ٻاهر پيو اٿلندو آهي، منهنجو آواز  ڀرجي آيو هو. اکين  مان ڳوڙها ٽم ٽم ڪري وهڻ لڳا هئا،  تان جو مان ڪتاب پڙهي  نه پئي سگهيس. مون کي اهو ڏسي وڌيڪ اثر ٿيو ته سڀ ڪاريگر ڪتاب ٻڌڻ ۾محو هئا  ۽ ائين ٿي لڳو  ته هر ڪا شيءَ پنهنجي  دستور محور کان ٻاهر نڪري مقناطيسي اثر هيٺ مون ڏانهن  ڇڪجي آئي آهي، جڏهن مون ڪتاب جو پهريون ڀاڱو پورو  ڪيو هو ته هر  ڪو ماڻهو ميز جي چوگرد سرڪندي پئي آيو، ۽ هڪ  ٻئي جي ڪلهن تي ٻانهن رکي  بيهي  پئي رهيا، انهن مان هر ڪو يا ته مرڪي رهيو هو  يا ته خيال  ۾ گم ٿي   ڏٺو. زخاريف منهنجو ڪنڌ ڪتاب ڏانهن ڪندي چيو ”اڳتي پڙهه. “

جڏهن  مون ڪتاب پڙهي  پورو ڪيو، تڏهن ڪتاب مون کان وٺي، ڪتاب جو نالو  پڙهي  کڻي  ڪڇ ۾ ڪيائين.۽ چوڻ لڳو،  ”وري ٻيهر سڀاڻي  پڙهنداسين.مان  هن کي سانڍي رکان.“

ڪتاب کي ڪلف ۽ڪنجيءَ سان بند ڪري هو ميز ڏانهن موٽي آيو، هر  ڪو ماڻهو پنهنجن  جاين  ڏانهن  موٽي رهيو هو، تڏهن به ڪارخاني ۾سانت لڳي پئي هئي، استانوف دريءَ جي ويجهو وڃي شيشي سان اهڙيءَ ريت منهن لڳائي بيٺو ڄڻ ته برف جيان ڄمي ويو هو، ذخاريف پنهنجو  برش  وري هيٺ رکندي سنجيده ٿي چيو، ”خدا جا ٻانها – ها  چئبو زندگي  اهڙي آهي! هن ڪنڌ ڌوڏي  ۽ منهن هيٺ ڪر وڌيڪ چيو،  ”مان  جي شيطان بنائڻ  تي اچان ته  اهو ڪارو ڪٺ ۽بو جرو، ان جا پر باهه  جي الن  جهڙا ، ۽ منهن هٿ ۽ پير هلڪي نيري رنگ جا هوندا، جيئن  چانڊوڪيءَ ۾ چمڪندڙ ميرانجهي برف هوندي آهي.“

جيستائين رات جي ماني  کائڻ  جو وقت ٿيو تيسين هو عجيب ڪيفيت ۾ اسٽول  تي بي آرامي  سان ويٺي لڇيو ۽پڇيو ۽ ميز تي پنهنجن آڱرين سان پئي ٺڪ ٺڪ ڪيائين، پوءِ پنهنجي ليکي شيطان، عورت، بيبي حوا،  بهشت ۽ دوزخ گناهن ثوابن  ۽ درويشن تي مٿو  هنيائين ۽ آخر  هيٺين  لفظن  سان پنهنجي  ڳالهه کي ختم ڪيائين،”اها حقيقت آهي ته  جيڪڏهن درويش بڇڙين عورتن جي ڄار ۾ ڦاسي سگهن ٿا، ته شيطان  به نيڪ دلين کي خراب ڪرڻ  تي هرکي سگهي ٿو.“

سڀ ماڻهو چپ ڪيو هن کي ٻڌي رهيا هئا، مون وانگر  شايد ٻين جي دل به ڳالهائڻ نه ٿي  گهريو. سڀئي بي دليو ڪم ڪري رهيا هئا ۽ گهڙي گهڙي پئي پنهنجن واچن  ڏانهن ڏٺائون، هوڏانهن  ڏهن جا ڌڪ لڳا، هوڏانهن هنن  ڪم بند ڪري ڇڏيو، استانوف ذخاريف ۽ مان  ٻاهر اڱڻ  ۾ نڪري آياسين.  ستارن ڏانهن نهاريندي استانوف هيٺيون  شعر  پڙهيو :

اُهي ائين چمڪي  رهيا هئا

۽ ائين ٿي لڳا  ڄڻ  بيابان ۾ڀٽڪندڙ قافلو

انهيءَ کان پوءِ  چيائين،”اها اهڙي ڳالهه آهي جا رواجي اک نٿي ڏسي ۽ رواجي لفظ به نٿا بيان ڪن.“

سردي ۾ ڏڪندي ذخاريف چيس،” مونکي لفظ ياد نه آهن، مون کي  ڪجهه  ياد ڪونهي، پر آءٌ سڀ ڪجهه  ڏسي رهيو آهيان. هيءُ ڪهڙو عجب آهي!هيءُ ماڻهو شيطان تي به ڪهل کائي ٿو ! ۽اسان  کي به شيطان  لاءِ  افسوس ۾ وجهي ڇڏيائين! ڇا، ائين ناهي؟“

”برابر ! “ استانوف  هن سان  ها ۾ ها ملائي.

در وٽ مونکي  بيهاري تاڪيد ڪيائين، ” دڪان تي ان ڪتاب  جي ڪنهن سان به  ڳالهه نه ڪجانءِ. ٿي سگهي ٿو ته  ان ڪتاب  تي بندش هجي.“

مونکي ڏاڍي خوشي  ٿي ۽خيال  ڪيم ته شايد هيءُ انهن ڪتابن  مان هڪ هجي جنهن جو ذڪر  گناهن  جي قبوليت  وقت  پادريءَ  مون سان   ڪيو هو.

کاڌي مهل  هرڪو ماڻهو پنهنجي  خيال  ۾ٻڏو پيو هو، هر روز وارو گوڙ شور  ۽چرچو ڀوڳ بند هوائين  ٿي لڳو ته ڪنهن تازي  پيش آيل  حادثي تي سڀ ويچار ۾پئجي  ويا هئا،  جڏهن  اسين بسترن ۾ سمهڻ  جي تياري ڪري رهيا هئاسين ته ذخاريف ڪتاب ڪڍي  فرمائش ڪئي، ”هان هي وٺ !وري پڙهي ٻڌاءِ. آهستي، تڪڙ نه ڪر !“

ڪيترا ڪم ڪندڙ  بسترن مان اٿي، منهنجي  چوگرد  پنهنجن سمهڻ  وارن اڌوگابرن  ڪپڙن ۾ڄنگهون ڄنگهن  تي چاڙهي  گول ٺاهي  ويهي رهيا.

جڏهن مون ٻيهرڪتاب پورو ڪيو ته  ذخاريف جون آڱريون ميز تي ٻيهر ٺڪ ٺڪ ڪرڻ لڳيون،  ۽هو چوڻ لڳو، ”زندگي انهيءَ کي چئبو آهي.هون  شيطان.شيطان... پر اهو  ته ٻڌاءِ منهنجا ڀاءُ هيءَ ويڌن توسان ڪيئن  ٿي ؟...“

استانوف  منهنجي ڪلهي وٽان ڪتاب ۾ نهاري ڪجهه چرچي  واريون سٽون پڙهي ٽهڪ ڏيئي چيو.”مان  اهي پنهنجي بياض ۾نقل ڪندس.“

ذخاريف ڪتاب کڻي تڪڙيون  تڪڙيون  وکون وجهندو، پنهجي ميز ڏانهن ويو پوءِ موٽي  آيو،  ۽ چڙ ۾چوڻ لڳو، ” اسان  جي زندگي به انڌن  گلرن  جهڙي آهي. اسان کي اهو پتو ئي ڪونهي   ته ڇاجي  لاءِ جي رهيا آهيون، اسان جي نه خدا  کي نه شيطان کي ڪا ضرورت آهي. اسين  وري خدا  جا ڪهڙا ٻانها  آهيون؟ موسيٰ به خدا  جو ٻانهو هوخدا  هن سان  ڳالهايو  ۽ هن لاءِ فرمايائين، ”هي منهنجو  آهي –مهنجو پيارو بندو !“ پر اسين ڪهڙي باغ جي  موري آهيون ؟“

ڪتاب پيتي ۾ رکي  گهمڻ  جا ڪپڙا  پائيندي استانوف کي چيائين ”هلين ٿو شراب پيئڻ ؟“

”مان  وڃان ٿو پنهنجيءَ محبوبڙيءَ وٽ،“ استانوف نرمائيءَ سان چيس.

جڏهن هو هليا ويا، ته مان پاشڪا  جي ڀرسان  ليٽي پيس، مون هن کي پاسا ورائيندو، ڪجهندو ۽ڪڻڪندو ڏٺو،  ۽ ائين ڪندي ڪندي  سڏڪن ۾پئجي ويو.

”ڇا هي ؟“

”مون کي هنن  تي ڏاڍي ڪهل ٿي اچي.“ هن سمجهائيندي چيو.”مان هن سان  چار سال گڏ رهيو آهيان، ۽ هنن کي  چڱي ريت سڃاڻان ٿو.“

مون کي پڻ هنن  تي ترس اچي ويو، اسين  پوءِ ڪافي وقت تائين جاڳندا رهياسين،  ۽ پاڻ ۾ هوريان  هنن بابت ڳالهيون ڪندا رهياسين،  هڪ هڪ ٿي،هنن جون سڀ چڱايون  اسان کي ياد اينديون رهيون ۽ هنن  لاءِ اسان  جي دل  جيئن پوءِ تيئن قياس ۽ همدرديءَ  جي اڌمن سان ڀربي ويئي.

پاشڪا ۽ مان  ٻيئي گهرا دوست ٿي ويا هئاسين. پوءِ هو سٺو  ڪاريگر ٿي ويو هو،  پر گهڻو وقت ڪم ڪري نه سگهيو. ٽيهن سالن جي عمر تائين رسيو ئي نه ته هو بيحد  شراب  پيئڻ  لڳو، پوءِ  مون هنکي  ماسڪو ۾خترو مارڪيٽ  وٽ  ٿڳڙين ۾ڏٺو  ۽ هاڻي ويجهو  ٻڌو اٿم ته هو مدي  جي بخار ۾ تازو مري ويو آهي، مون کي  هن ڳالهه جو ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي،  ته ڪيترن ئي چڱن ماڻهن  جون زندگيون منهنجي سانڀر ۾ائين بي مقصد برباد ٿي ويون،  ته هر هنڌ ڪيترائي ماڻهو  ٿڪجو ٽٽيو پون ٿا،  ۽ مري ٿا وڃن ۽اها فطري ڳالهه  به آهي پر دنيا ۾ ڪٿي  به جهڙي ريت روس ۾ماڻهو پٽجي  کوهجي ۽ ايتري تيزي سان ٿڪجي  ختم  ٿي وڃن ٿا، تيئن ڏسڻ ۾نه ايندو.

انهيءَ زماني ۾هو مونکان عمر  ۾سال کن وڏو هو.  هو کل مک جوان  ذهين  ايماندار ۽ پنهنجي فن ۾ هوشيار هو،  هو ڪتن ٻلين  ۽پکين  جون  شڪليون  ڏاڍيون چڱيون ڪڍندو هو ۽ خاص طرح  ڪارٽون  ڪڍڻ  جو ڏاڍو ماهر هو. ڪارخاني  جي سڀني ڪاري گرنجا مختلف نموني  ۾ڪارٽون ڪڍيا هئائين، استانوف  جو ڪارٽون  ڪاٺ ڪٺي  وانگر ڪڍيو هئائين  جيڪو  پنهنجن پورن ۾ هڪ ٽنگ تي بيهي  ڪاٺ ڪٽي  رهيو هو، ذخاريف اهڙي  ڪڪڙ وانگر  بنايو  هئائين، جنهن جي ڪلنگي کسي ۽ کنڀ ڇڻي ويا هئا،بيمار ڊئوڊوف کي منڊي ٽيٽيهر جي شڪل  ۾ پيش ڪيو هئائين، انهن  سڀني کان وڌيڪ بهتر شاهڪار  گولوفيف جو ڪارٽون  هو، جنهن ۾ هن کي ڊگهي نڪ سان ڌاڙهيءَ وارو چمڙو بنايو هئائين، جنهن کي ڇهن آڱرين وارا ننڍڙا  ننڍڙا  چنبا هئا، انهيءَ چمڙي جو منهن گول ۽ ڪارو  بنايو هئائين جنهن مان ٻڙين جهڙين  مائڪين  سان سفيد گول اکيون گهوري رهيون هيون. انهيءَ کان سواءِ اهي اکيون  اهڙيون  ٽيڏيون بنايون  هئائين ،  جو  هن جي شڪل ڏائڻ جهڙي ٿي ڏٺي.“

ڪاريگرن کي پنهنجا ڪارٽون ڏسي ڪا بخيلائي ڪان لڳي پر گولوفيف جو قيءَ ڏيندڙ  ڪارٽون  ڏسي، سڀني  کي درو ڙي وٺي وئي، هن  کي ڇينڀ ڪڍندي چيائون  ”خيريت انهيءَ ۾آهي  ته ان  کي ڦاڙي  ڇڏ، جيڪڏهن  پوڙهي مڙس جي ان  تي اک پئي ته موت ڏيئي ڇڏيندءِ !“

هي گندو بدعاتو  ۽ هميشه  نشي ۾ ٻڏل پوڙهو ڏينهن رات پاڪائي  جو ڍونگ  رچندو هو ۽ ٻين  جي برائيءَ  ۾اهڙو  رڌل  رهندو هو جو توبهه. هي  پنهنجي ساٿي ڪاريگرن  جون چغليون  ُوڃي  دڪان جي مئنيجر  کي هڻندو هو، ڪارخاني جي مالڪياڻي  پنهنجيءَ  ڀائٽيءَ جو مڱڻو  ان مئنيجر  سان ڪرائي ڇڏيو هو ، جنهن ڪري هن  اڳيئي پاڻ  کي ڪارخاني جومالڪ سمجهڻ شروع  ڪيو هو، ۽ڪاريگرن کي حڪم پيو هلائيندو هو، ڪاريگر  هن کان نفرت به ڪندا هئا، ۽ ڊڄندا به هئا،  انهيءَ ڪري  هن جي هن چغلخور ڇاڙتي کان به ڪن  هڻندا هئا.

پاشڪا  ان مردود پوڙهي  کي هردم ڪنهن نه ڪنهن نموني تنگ ڪندو هو، اصل  ائين  جيئن هن  ڪا گهڙي  چين  جي نصيب نه ٿئي.  انهيءَ ڪم ۾مان  به پاشڪا  سان ٻٽ  ٿي بيهي  رهيس، اسان  جي حرڪتن  ۽ شرارتن تي ڪاريگر خوش  به ٿيندا  هئا،  ۽ اسان  کي سمجهائيندا  به هئا - ڇوڪرو ! اهي شرارتون توهان کي آويءَ ۾ آڻينديون، ڪزمي – چيلاٽ جو  چڪ اوهان  جي کل لاهي ڇڏيندو.” اسين سڀ دوڪان  جي مئنيجر کي ڪزمو – چيلاٽ ڪري سڏيندا هئاسين.

اسان  تي انهن سمجهاڻين جو ڪو به اثر نه ٿيو، گولوفيف هر وقت نشي ۾ جڳ جهان کان بي خبر هوندو هو، تنهن ڪري اسان  کي هن  سان شرارت  ڪرڻ  جو موقعو  آساني  سان ملي ويندو هو.هڪڙي  ڀيري  نڪ تي اهڙو پڪو سونهري ٻورو  ملي ڇڏيوسين جو ٽن  ڏينهن جي مهٽ  سهٽ  کان پوءِ وڃي  لٿس. جڏهن به  اسين هن سان شرارت ڪندا هئاسين، ته  مون کي  پنهنجو  پهريون آگبوٽ ۽  اُن جو خلاصي وياتڪن  وارو سپاهي ياد اچي ويندو هو ۽ منهنجي  دل بيقرار ٿي ويندي هئي، گولوفيف  پوڙهو  هوندو هو ته به  اڪثر  اسان کي لڪي لڪي  پڪڙي ويندو هو،  ۽  خوب اسان  کي  مارون ڪڍندو هو ۽ هر ڀيري اسان کي مار  ڪڍي سڌو وڃي مالڪياڻيءَ  کي اسان جي خلاف دانهن ڏيندو هو.

اها ٻڍي عورت.پاڻ به عادتي شرابڻ  هئي، پرشراب هن کي وڌيڪ کل مک ۽ صاف دل بنائي ڇڏيندو هو. هوءَ  اسان  کي ڌمڪائڻ ۾ڪسر  نه  ڇڏيندي هئي، ميز تي  مڪ هڻي  رڙ ڪري  چوندي هئي،  ”شيطانو ! وري شرارت! هو پوڙهو آهي،  هن  جي اوهان  کي عزت ڪرڻ گهرجي. ٻڌايو مون کي، توهان مان  ڪنهن  هن  جي شراب جي گلاس ۾رنگ وڌو هو ؟“ 

”اسان ٻنهي.“

مائي عجب مان واڪو  ڪري چوندي هئي، ”خدا جي پناه ! ايڏي ارڏائي،لعنتيو، ڪجهه  ته پاڻ  وڏن لاءِ عزت ڌاريو، نڪرو هتان ، کائو نه کلا !“

هڪڙي ڀيري اسان  کي ائين  ٻاهر  ڪڍي دڪان  جي مئنيجر  کي  اسان  جي سمجهائڻ  لاءِ چيائين، هن  مونکي  ڪاوڙ  مان چيو ،  ”تون  ڪتاب پڙهين  ٿو،  مقدس بائيبل به پڙهندو آهين. توکي  ته خيال  ڪرڻ  گهرجي، منهنجا  دوست، آئنده ائين نه ٿيڻ کپي.“

اسان جي مالڪياڻي تنها ۽ اداس رهندي هئي ، ڪڏهن ڪڏهن  شراب جي چڪي  چاڙهڻ کان  پوءِ  پنهنجي دريءَ  وٽ ويهي  ڳائڻ لڳندي هئي:

منهنجو نڪو همدرد آهي ۽ نڪو  غمخوار آهي 

ڪنهن سان  پنهنجي دل جا سور سليان

اڪيلي غمن ۾ پئي  جهڄان ۽ جهران

ڪير آهي  جنهن کي پنهنجو چوان !

پوءِ ڏک ڀريل  آواز ۾پيرسنن  وانگر ڪوڪارڻ لڳندي هئي، ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ماٺ ٿي ويندي هئي.

هڪڙي ڀيري مون ڏٺو  ته هوءَ هٿ ۾ گرم  کير جو منگهه کنيو، ڏاڪڻ تان پئي لٿي، ته اوچتو هن جون  ڄنگهون  ٿڙڪڻ لڳيون ۽ ويهي. گسڙيون ڏيندي، هيٺ لهڻ لڳي، پر هٿن  مان منگهه نه ڇڏيائين هر ڏاڪي  تان هيٺ لهڻ  کان پوءِ کير ڇلڪي هن جي ڪپڙن  تي هارجي پئي ويو، منگهه کي پاڻ  کان  پري جهليندي چوڻ لڳي، ”اڙي بدبخت، توکي  ڇا ٿيو آهي ؟ تنهنجي  نيت  ڪهڙي آهي ؟“

هو بت  ۾ڀريل نه هئي، پر ڦيڦي  هئي، هن جي حالت انهيءَ ٻلي جهڙي  هئي جا پنهنجي  جواني  ۾خوب کائڻ پيئڻ ڪري سست ۽ ٽوٽي ٿي پيئي  هجي، ۽ هاڻي سندس شڪار  جا ڏينهن پورا  ٿي ويا  هجن،  تنهن ڪري رڳو  پنهنجي گذريل عيشن ۽ مزن کي ياد ڪري ويٺي  ميڪندي هجي.

استانوف  هڪڙي ڏينهن خيال ۾ ٻڏي چيو،   ”ڪنهن زماني  ۾هي دڪان  گهڻي چلتي وارو هو،هي  شهر  جو مشهور دڪان هوندو هو ۽ هن تي بهترين ڪاريگر ڪم ڪندا هئا، پر جڏهن کان ڪزمي- چيلاٽ  جو هتي پير پيو آهي تڏهن کان هيءَ دڪان  ترين تي وڃي پيو آهي، سڄي ڪمائي هن جي پيٽ  ۾ پيئي وڃي. هيڏانهن اسين آهيون  جو ائين  پيا  ڳهون. جڏهن ماڻهو  ائين  محسوس ڪرڻ لڳي ته  هو ٻين  جي لاءِ پيو وهي،تڏهن هن  جي دل ڪم  کان بيزار ٿي پوي ٿي ۽ طبيعت ائين  چاهي  ٿي ته  گهمجي ڦرجي  ۽ ٻئي ڪنهن هنڌ ڪٿي وڃي  نوڪري ڪجي، نه ته  به  گرميءَ جا ڏينهن ڇت تي سمهي  آسمان  ڏانهن نهاريندي آرام سان گذارجن،  ۽ سياري جا ڏينهن چلهه  جي آڏو ويهي هٿ سيڪي  گذاري ڇڏجن.“

پاشڪا  تي به استانوف جي خيالن جو اثر  پئجي ويو هو،  هڪڙي ڀيري  ڪنهن ڪاريگر جي ڏنل  سگريٽ  کي سوٽو هڻندي  فلسفيانه  انداز ۾ خدا،  شراب، ۽ عورت جو ذڪر  ڪرڻ لڳو،  محنت ۽ مزدوريءَ جو ذڪر  ڪندي چوڻ  لڳو،  ”ڪي ماڻهو محنت ڪري ڪي شيون  تيار ڪن ٿا،  ۽ ٻيا  جنکي شين  جي نه سمجهه نه پروڙ، اهي انهن کي ناس  ڪندا ٿا رهن.“ اهڙين وڏين ڳالهين  ڪرڻ وقت هن جو  وڻندڙ چهرو  ڪاراٽجي  ۽ پوڙهن وانگر  ٿي ويندو  هو پوءِ فرش تي وڇايل  هنڌ تي ويهي  دريءَ جي شيشي مان هيٺ ڇاپري تي  ڪريل برف ۽مٿي آسمان  جي ستارن ڏانهن  نهارڻ لڳندو هو.

ڪاريگرن جو سمهڻ به گوڙ وارو هوندو هو. ڪي کونگهرا پيا هڻندا هئا ۽ ڪي وري ننڊ ۾پيا ڳالهائيندا هئا،  هڪڙو ڪاريگر ته سڄي رات ننڊ ۾ پيو وڦلندو هو،  ڊئوڊوف پنهنجي  زندگي جون گهڙيون کنگهي پيو گذاريندو هو، ڪنڊ ۾ هڪ ٻئي جي ڀرسان ”خدا جا  ٻانها“ ڪاپين ڊوخين، سوروڪن ۽ پرشين شراب جي نشي ۽ موت  جهڙي ننڊ ۾ سڪل بنڊن  وانگر پيا هوندا هئا، ڀتين  تي ٽنگيل  نامڪمل  چهرن وارا مجسما پيا انهن کي گهوريندا هئا،  فرش جي وٿين  مان سڙيل  آنن ۽ گندي روغن  جي اهڙي بدبوءِ ايندي هئي جو جاڳيلن جي نند حرام  ٿي ننڊ هئي.

”او خدا ! هنن جي حالت ڪهڙي نه رحم جوڳي آهي !”پاشڪا آهستي چوندو هو.

مون کي پنهنجي  لاءِ توڙي ٻين لاءِ اهڙا  قياسي جملا ڪوفت ڏيندا هئا جيئن  مان اڳي  چئي آيو آهيان، اسين  ٻيئي ڪاريگرن کي چڱا ماڻهو سمجهندا  هئاسين،  پر  اهي سچ پچ پنهنجون زندگيون  ڏاڍي  بڇڙي نموني ۽ گناهن ۽ تڪليفن ۾ گذارينداهئا، سياري جي سرد طوفاني هوائن ۾جڏهن هر ڪا شيءِ وڻ ٽڻ، گهر گهاٽ ۽ زمين ۽ آسمان ڏڪڻ  ۽ ڏک ڀريل ورلاپ  ڪرڻ  لڳندا هئا، ۽ ناتال  جي مقدس مهيني  ۾جڏهن چرچ جي گهنڊن جو آواز  ماتم ڀريو ٿي ويندو هو تڏهن  مايوسي  ۽ افسردگيءَ  جي لهر شيهي جي ڳوراڻ وانگر  سڄي  ڪارخاني کيوڪوڙي ويندي هئي ۽ اها ڪاريگرن کي مُردن  وانگر  بيجان ڪري ڇڏيندي  هئي ۽  هو  پنهنجي غم  ۽ ڏک کي وسارڻ لاءِ شراب  خانن ڏانهن ۽ عورتن ڏانهن جيڪي انهن جي خدمت شراب  وانگر ڪنديون هيون وڃڻ  شروع ڪندا هئا.

اهڙين راتين جو ڪتابن جواثر  بيڪار  هو، تنهن  ڪري پاشڪا ۽ مان وندر لاءِ ٻيو طريقو  اختيار ڪندا هئاسين، مسخرن جهڙا  ڪپڙا  پهري منهن کي رنگ  لڳائي اٻاڻڪائيءَ  جي ديو سان وڙهڻ  لاءِ مختلف طريقن  مان  ان تي حملا ڪندا هئاسين تان  جو اسان  جي ساٿين  جا ٽهڪ ۽ سڏ اسان کي فتح  جي مبارڪ ڏيندا هئا،  مون پنهنجي حافظي مان ”سپاهي جنهن پيٽر  اعظم  جي حياتي بچائي“ واريءَ ڪهاڻي کي ڊرامي جي شڪل  ڏني. ڊئودوف جو  پلنگ اسان جي اسٽيج  هو اسان  جو اهو مسخري ڀريو ڊرامو ڏسي، هو کلي  کلي  کيرا  ٿي پوندا هئا، ”سنگ – يو – ٽانگ  چيني شيطان“ وارو  ڊرامو به  ڪاريگرن کي ڏاڍو پسند آيو،پاشڪا  شيطان جو ڪردار ڏاڍي  ڪاريگري سان ادا ڪيو هو باقي ٻيا  پارٽ هارين، ماڻهن جي ميڙن ۽ نيڪ روح جا مان ادا ڪندو هوس،۽ پوءِ جڏهن شيطان دنيا ۾چڱي ڪم ڪرڻ  ۾ ناڪامياب ٿي مغموم ۽ اداس پنهنجي  آستانن تي موٽي  اچي ٿڪ پٽيندو هو ته چوڌاري خوشيءَ جا ٽهڪ ٻري ويندا هئا.

اسان جي انهن کيلن تي هو دل کولي کلندا هئا، مونکي انهيءَ ڳالهه تي  حيرت ۽ چڙ لڳندي هئي، ته ننڍڙيءَ ننڍڙيءَ ڳالهه تي هو ايترو وات پٽي، ڇو ٿا کلن –”واهه مسخرا، واه “  ”واه شيطان،  واه “ هو اسان  کي واڪو ڪري چوندا هئا، انهن کي مان جيترو  زياده ائين ڪندي ڏسندو هوس اوترو  زياده مون کي اهو محسوس ڪري ڏک ٿيندو هو ته دراصل هو خوشيءَ  کان وڌيڪ غم جا شائق هئا. خوشيءَ جو انهن جي زندگي سان ڪو به واسطو ڪونه هوندو هو،  انهيءَ ڪري هن جي نگاه ۾خوشي جو قدر  ۽ قيمت  به ڪان هوندي هئا، اها خوشي جيڪا ائين هو ڪڏهن ڪڏهن ڏيکاريندا هئا اها ڏکن  ڀريل اداس روسي زندگي  جي بلڪل ابتڙ هئي، ۽ صرف گهڙيءَ سواءِ هنن جي غمن جو بارگهٽائي سگهندي هئي،  انهيءَ خوشيءَ ۾ پنهنجي ڪيتري قوت ۽ سگهه ٿي سگهي  ٿي  جنهن کي نه  پنهنجي اصلي زندگي هجي ۽ نه اها پنهنجي ليکي  جي سگهي، پر جا رڳو  ٿوري دم لاءِ ماڻهن جا ڏک ۽ سور  ڀلائي ڇڏيندي هجي؟ گهڻو ڪري روسي خوشي اوچتو ئي اوچتو ڪروڌ ۽ رنج جو روپ اختيار ڪري ڇڏيندي آهي عموماً  ائين ٿيندو آهي ته ڪو ماڻهو پنهنجن غمن  ۽ ڏکن  جي زنجيرن کي  ٽوڙي، خوشيءَ ۾ نچندو ٽپندو ايندو آهي ته اوچتو ئي اوچتو هن جي اندر ۾ وحشيانو جذبو بيدار ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ غم جي چريائپ ۾ جيڪو به هن جي سامهون ايندو آهي  انهيءَ سان وڙهڻ لڳندو آهي ۽ ان  کي ڪيرائڻ. ڏاڙهڻ ۽ ناس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

انهن جي اها نمائشي  خوشي  جيڪا  هن کي  پنهنجي دل کان ٻاهر جي ڳالهين مان حاصل  ٿيندي هئي مون  کي وياڪل ڪري ڇڏيندي هئي تنهن  ڪري انهيءَ ڳالهه جو  خيال  نه ڪندي  ته مون بابت هو ڇا خيال ڪندا،، مون اهڙا  خيالي  کيل تيار ڪيا،  جي هنن جي دلين  ۾ صحيح  ۽سچي  خوشي پيدا ڪن. مان  پنهنجي ترڪيب ۾ڪجهه ڪامياب ٿيس، هو منهنجي انهن ڪارنامن تي حيرت ۾ پئجي  ويندا هئا، ۽منهنجي  واکاڻ  ڪرڻ لڳندا هئا،  پر اداسائي ۽ غم  جنهن کي مان  سندن  دلين  مان هيڪر ٻهاري  ڪڍي ڇڏيندو هوس هنن وٽ وري موٽي ايندا هئا،  ۽ سندن دلين  کي پنهنجي اشڪنجي ۾ ٻيهر سوگهو  جڪڙي ڇڏيندا هئا.

لاريونچ مونکي چوڻ لڳو، ”الله  وڏي حياتي ڏيئي ! تون ڏاڍو زنده دل آهين، ۽ ذخاريف  هن سان سر ملائي  چوڻ لڳو، ”اسان  جا وڏا نصيب آهن  جو تون اسان  وٽ آهين، الڪسي  تون ڪنهن سرڪس يا ٿيٽر  ۾شريڪ ٿيءُ. سچ ٿو چوان  تون ڪامياب مسخرو ثابت ٿيندين.“

سڄي ڪارخاني مان ٻه ڄڻا  ڪاپين ڊوخين ۽ اسٽانوف ناتال يا ٻين  ڪن  چڱن ڏينهن تي ٿيٽر  ڏسڻ ويندا هئا، انهن جي موٽي اچڻ تي ڪارخاني جا پوڙها  ڪاريگر هنن کي نيڪ نيتيءَ  سان مشورو ڏيندا هئا ”وڃو وڃي پاڻ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ جارڊان جي مقدس پاڻيءَ  سان غسل ڪيو، ”استانوف مونکي  هر وقت پيو چوندو هو،  ”بهتر آهي ته  هيءُ ڪم ڇڏي،ائڪٽر ٿي ءُ ۽ مون کي هر کائڻ  لاءِ ياڪولوف ائڪٽر جي پهرين  تڪليفن واري ۽ پوءِ جي سک واريءَ حياتيءَ جو مثال  ڏيئي  چوندو هو، ”تون  به هن  جي درجي تي پهچي سگهين ٿو.“

ان لاءِ هو مون کي ميري اسٽوئرٽ  جنهن  کي هو ”عياش رن“ سڏيندو هو ۽ ”اسپين جي بهادر ڊان سيزر ڊي بازان“ جا قصا ۽ٻيون  اهڙيون مزيدار ڳالهيون ٻڌائي چوندو هو، ” انهن سڀني کيلن ۾ تون  هيري جو پارٽ ادا ڪري سگهين ٿو.اليڪسي، ڊان سيزر ڊي بازان سچ پچ جوڌو ۽ زنده دل انسان هو.“

استانوف  پاڻ به سچ پچ “اسپين  جي بهادر “جهڙو هيرو هو، هڪڙي ڀيري ٽن باهه وسائڻ  واري هڪڙي  غريب هاريءَ کي وچ بازار  ۾هروڀرو پئي ماريو اٽڪل چاليهه  کن ماڻهو  ميڙ ڪيو اهو تماشو ڏسي رهيا هئا،  استانوف ماڻهن کي چيري اندر  گهڙي پيو، ۽ ٻانهون کنجي  باهه وسائڻ وارن کي ماري کڻي   ڍير ڪيائين، هاريءَ کي ٻانهن کان وٺي ماڻهن ڏانهن  ڌڪي  زور سان رڙ  ڪري انهن کي چوڻ لڳو،  وٺي  وڃو  هاڻي هن کي !“

باهه وسائڻ وارا ٽي هئا، سندن آفيس بلڪل  ويجهي هئي، جيڪڏهن هو پنهنجن ٻين ساٿين  کي سڏي وجهن ها ته  استانوف اتي  جو اتي مئو پيو  هجي ها، پر هن جي بي  ڊپائي هنن جا  اهڙا حوصلا  خطاڪري ڇڏيا هئا، جو هو اٿي وٺي ڀڳا،  ۽ هيءُ پٺيان  رڙڪري هنن کي للڪارڻ لڳو، ”بزدل ڪتا، ڪاڏي ٿا ڀڳا وڃو ! “

نوجوان ڪاريگرن لاءِ آرتوار جي وندر مڪي بازي به هوندي هئي. مڪي بازيءَ جو ملاکڙو پيٽر پال چرچ جي پٺيان ٽائستي ميدان ۾ ٿيندو هو، جتي ويجهن ڳوٺن وارا گاڏر ۽ هاري ۽ نجنيءَ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزور پنهنجن پنهنجن بهادرن جو مقابلو ڏسڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيندا هئا. انهن گاڏرن جو هڪڙو مشهور بهادر مارڊون نالي هوندو هو. هن جو بت ديو جهڙو، مٿو ننڍو ۽ اکيون بيحد وڏيون هونديون هيون. هيءُ جوان پنهنجي ڌر جي اڳيان ڄنگهون ڦاڙي بيهندو هو ۽ پنهنجي اکين مان وهندڙ پاڻي پنهنجي گندي ڪوٽ جي ٻانهن سان اگهي، للڪارڻ لڳندو هو، ”آهي ڪو، جو ميدان تي اچي! ڇا ڳالهه آهي؟ ڊڄي ويؤ؟“

اسان جو بهادر ڪاپين ڊوخين هميشه هارائيندو هو. هو هميشه اڌ مئو، رت ۾ ٻڏل، ميدان مان نڪرندو هو ۽ چوڻ لڳندو هو، ”منهنجي حياتي هلي وڃي ته وڃي، پر خدا جو قسم! مارڊون کان هڪ ڀيرو ضرور کٽندس.“ ۽ اهو ارادو هن جي حياتيءَ جو مقصد ٿي ويو. انهيءَ ڪري هن ووڊڪا پيئڻ ڇڏي ڏني ۽ سمهڻ کان اول پنهنجي بت کي برف سان مالش ڪرائڻ لڳو، گوشت کائڻ وڌائي ڇڏيائين ۽ پنهنجن پٺن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ روز ورزش ڪرڻ لڳو. مگر سڀ بي سود. آخر هن ڇا ڪيو، جو پنهنجي دستاني ۾ شيهي جو ٽڪر لڪائي ڇڏيائين ۽ استانوف کي خوش ٿي چيائين، ”هاڻي انهيءَ مارڊون جو انت آڻيندس.“

”اهو ڦٽو ڪر!“ استانوف چتاءُ ڏيندي چيس، ”نه ته مان ڳالهه ظاهر ڪري ڇڏيندوسانءِ.“

ڪاپين ڊوخين کي هن جي ڳالهه تي اعتبار ئي نه آيو، پر جڏهن مقابلو شروع ٿيڻ وارو هو، تڏهن استانوف مارڊون کي چيو، ”مهرباني ڪري ٿورو پري ٿجان، پهرين مان ڪوپين ڊوخين سان وڙهندس.“

قزاق جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ رڙ ڪري چيائين، ”هليو وڃ! مان توسان وڙهڻ نٿو گهران.“

”توکي وڙهڻو پوندو!“ استانوف هن ڏانهن جوهه ڪري ڏٺو ۽ اُلري هن ڏانهن وڌي ويو.

ڪاپين ڊوخين زمين تي لت هڻي، پنهنجا دستانا لاهي، کڻي ڪوٽ جي گيدي ۾ وڌا ۽ ميدان ڇڏي هليو ويو.

ٻنهي ڌرين ۾ لڙ مچي ويو ۽ هڪڙي معتبر ماڻهوءَ، جو مقابلي جي گول ڀرسان بيٺو هو، استانوف کي واڪو ڪري چيو، ”منهنجا دوست، اهو قاعدي جي خلاف آهي، جو مقابلي جي گول ۾ پنهنجا خانگي جهيڙا بيهي نبيرجن.“

هر ڪنهن پاسي کان استانوف تي الزامن جو وسڪارو ٿي ويو. نيٺ هو پنهنجي خاموشي ٽوڙي، اُن معتبر ماڻهوءَ کي هڪ پاسي نيئي، چيو ”ڇا، مان بس ڪري، ڪنهن کي ناحق خون ٿيندو ڏسان ها؟“

انهيءَ اشاري مان اُهو معتبر ماڻهو سموري حقيقت سمجهي ويو ۽ احترام مان پنهنجي ٽوپي لاهيندي، هن کي چيائين، ”انهيءَ حالت ۾ اسين تنهنجا نهايت شڪر گذار آهيون.“

”چاچا، مهرباني ڪري هيءَ ڳالهه دل ۾ رکجانءِ ۽ ماڻهن کي واءِ واءِ نه ڪجانءِ.“

”مان ائين ڇاجي لاءِ ڪندس؟ ڪوپين ڊوخين پهلوان ويڙهو آهي، پر مان سمجهان ٿو ته لڳاتار هارائڻ ڪري هو هوش کان نڪري ويو هو. پر آئينده مقابلي ٿيڻ کان اڳ هن جي دستانن جي چڪاس ورتي ويندي.“

”جيئن توهان جي مرضي.“

جڏهن معتبر ماڻهو پري هٽي ويو، تڏهن اسان جي ڌر استانوف تي اچي متي ”تو هڻي اسان جي ستياناس ڪري ڇڏي. هن ڀيري اسان جو قزاق ضرور کٽي، ها، پر تون چاهين ٿو ته اسين هميشه هار ۾ هجون.“

انهن جي وات کي اوستائين ماٺ نه آئين، جيستائين هن دانهن ڪري چين، ”توهين سڀ گڏهه آهيو.“ ۽ پاڻ مارڊون کي مقابلي لاءِ للڪار ڪري، سڀني کي وائڙو ڪري ڇڏيائين. مارڊون هوا ۾ مڪون هڻندي، چرچو ڪري، چيس، ”اَچ اَچ، ته هڪ ٻئي کي موت ڏيون.“

ماڻهو هٿن ۾ هٿ ڏيئي، وڏو گول ٺاهي، بيهي رهيا. مڪي باز هڪ ٻئي جي سامهون سڄو هٿ ٻاهر ۽ کٻو هٿ ڇاتيءَ تي جهلي بيهي رهيا. جيڪي مڪي بازيءَ جا ڄاڻو هئا، انهن اها ڳالهه تاڙي ورتي ته استانوف جي ٻانهن مارڊون جي ٻانهن کان ٿورو ڊگهي هئي. چوطرف ماٺ ٿي ويئي. رڳو مڪي بازن جي پيرن هيٺان برف جي ڀرڻ جو آواز پئي آيو. هڪڙي بي صبر تماشائيءَ وٽ کائي، رڙ ڪئي، ”وارو ڪيو!“

استانوف پنهنجي ساڄي هٿ سان وار ڪيو ۽ مارڊون پنهنجو کاٻو هٿ ڏيئي ان کي روڪي ڇڏيو، ته استانوف چالاڪيءَ سان مارڊون جي ساڄيءَ ٻانهن جي هيٺان کاٻي مڪ وهائي ڪڍي. مارڊون کان چنگهه نڪري ويئي. مارڊون جيئن پوئتي هٽيو ته چيائين، ”آهي اڃا ننڍو، پر اناڙي ناهي.“

هاڻي ٻئي مڇرجي ويا ۽ هڪ ٻئي جي ڇاتين تي مڪن جو وسڪارو لڳائي ڏنائون. جلد ئي خود ٻيءَ ڌر جي ماڻهن به استانوف کي همٿ ڏياريندي، چوڻ شروع ڪيو، ”مجسمي ساز، واهه جو هنيئيس! وارو ڪر، ٻي وهائينس.“

مارڊون بت ۾ ڳرو ۽ حملي ۾ ڍلو هو. جڏهن استانوف جون ٻه ٽي مڪون هن کي پئي لڳيون، تڏهن هن جي هڪ مڪ وڃي پئي استانوف کي لڳي. پر هو وڌيڪ سگهارو ۽ آزمودگار هو، تنهن ڪري هن تي ڪو خاص اثر نه پئي ٿيو ۽ پاڻ کليو ۽ مذاق پئي ڪيائين. اوچتو ئي ٻانهن لوڏي استانوف کي ڪلهي واري اهڙي مڪ وهائي ڪڍيائين، جو هن جي ساڄي ٻانهن ڪلهي کان نڪري ويئي.

”ٻيئي برابر ٿيا، فيصلو ڪو نه ٿيو- الڳ ڪيونِ، الڳ ڪيون!“ تماشائي رڙيون ڪرڻ لڳا، ۽ گول ڀڃي مقابلي وارن جي چوگرد مڙي ويا، مارڊون خوشدليءَ سان چوڻ لڳو، ”جيتوڻيڪ مجسمي ساز کي ايتري طاقت ڪانهي، تڏهن به چست آهي. مان  دنيا کي وڏي واڪي چوان ٿو ته هيءُ ڪڏهن وڏو مڪي باز ثابت ٿيندو.“

انهيءَ کانپوءِ ٻيا ماڻهو ننڍن ننڍن مڪي بازن جي مقابلن ڏسڻ ۾ مشغول ٿي ويا، پر مان استانوف کي هڏن جوڙيندڙ ڏانهن وٺي ويس. هن جيڪي ڪجهه ڪيو هو، اُنهيءَ ڪري هن جي عزت منهنجي نظرن ۾ وڌي ويئي هئي. هڪڙي سنئين سڌي ۽ آبروءَ واري ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ هن اهو ڪجهه ڪيو هو، جيڪو پنهنجو فرض پئي سمجهيائين. کُنڊيءَ دل واري ڪاپين ڊوجين هن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي چيو، ”ٽرڙا! پنهنجي اندر کي وڏي ڏڻ جي سماوار وانگر مهٽي مهٽي پيو چمڪائين ۽ ٻٽاڪون پيو هڻين- ڏسو، منهنجو اندر ڪيئن نه چمڪي پيو! پر توکي پتو هئڻ گهرجي ته تنهنجو اندر پتل جو آهي، جنهن کي اڄ نه ته سڀاڻي ڪٽ ڪارو ڪري ڇڏيندي.“

استانوف هن جون کُنڌڪون ٻڌيون اڻ ٻڌيون ڪري، پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهندو هو ۽ جي وقت بچندو هوس ته پنهنجي بياض ۾ لَرمونٽوف جا شعر پيو نقل ڪندو هو.

مون پڇيس، ”توکي پئسا آهن، پوءِ ڪتاب ڇو نه ٿو خريد ڪرين؟“

جواب ڏنائين، ”مون کي پنهنجن هٿن سان لکيل شعر وڌيڪ پسند آهن.“

جڏهن پنهنجن صاف ۽ سهڻن اکرن سان صحفو لکي پورو ڪندو هو، تڏهن جيستائين مس سڪي، تيستائين، هوريان هوريان شعر جهونگارڻ  لڳندو هو؛

هتي نه دنيا سان دل لڳائجي نه ڏک پرائجي،

دنيا کي غور سان ڏسو

هتي خوشي اڻ لڀ ۽

حسن چئن گهڙين جو چٽڪو آهي

پنهنجون اکيون پوري چوڻ لڳندو هو، ”ڪيترو نه سچ آهي! هو ماڻهو ڪيترو نه حقيقت شناس هو.“

استانوف جنهن نموني ڪاپين ڊوخين جا تنڪا سهندو هو، مون کي حيرت وٺي ويندي هئي. جڏهن قزاق پيئندو هو ته هيڪاري هن سان وڙهڻ لڳندو هو. استانوف هن جون کنڌڪون سهڻن لفظن سان ٽاري ڇڏيندو هو- ”ڪافي ٿيو، مون کي هٿ نه لڳاءِ.“

ڪڏهن ڪڏهن جڏهن استانوف آپي کان ٻاهر نڪري، ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي، نشي ۾ ٻڏل قزاق تي اچي مٽبو هو، ته ڪاريگر، جن کي رواجي طرح اهڙن جهيڙن ڏسڻ ۾ مزو ايندو هو، اچي وچ ۾ پوندا هئا ۽ چوڻ لڳندا هئا، ”جيڪڏهن استانوف کي نه جهلينداسين ته ڪاپين ڊوخين ڇا، ڪو به هن جي اڳيان ايندو ته ان کي هو ماري رکندو ۽ پوءِ اُن لاءِ هو ڪڏهن به پاڻ کي معاف نه ڪندو.“

جڏهن استانوف سنجيده حالت ۾ هوندو هو ته ڪاپين ڊوخين سواءِ جهل پل جي پيو هن کي ڇيڙيندو هو. ڪڏهن هن جي شعر جي شوق تي چٿرون ڪندو هو، ته ڪڏهن هن جي ناڪامياب عشق ڏانهن اڻ وڻندڙ اشارا ڪندو هو. استانوف ماٺ ڪيو، پيو سڀ ڪجهه ٻڌندو هو ۽ ڪڏهن به ڪاوڙ جو اظهار نه ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هن سان ملي، پاڻ تي پاڻ کلڻ لڳندو هو.

هو ٻيئي هڪ ٻئي جي ڀرسان سمهندا هئا ۽ رات جو ڳپل حصو هڪ ٻئي سان هوريان هوريان پيا ڳالهيون ڪندا هئا ۽ مون کي به انهيءَ اڻ تڻ کان ننڊ نه ايندي هئي ته هنن ٻنهي جي طبيعتن جي اختلاف هوندي به اُها ڪهڙي ڳالهه هئي. جنهن تي هو ٻيئي ايڏي دلچسپيءَ سان ڳالهيون ڪندا رهندا هئا پر جڏهن مان هنن جي ويجهو سرڪي ويندو هوس، ته قزاق مون کي پري ڌڪو ڏيئي، چوندو هو، ”اڙي توکي ڇا گهرجي؟“ ۽ استانوف ته مون ڏانهن ڌيان ئي ڪو نه ڏيندو هو.

پر هڪڙي ڀيري هنن مون کي پاڻ وٽ سڏي پڇيو، ”جيڪڏهن توکي ڪافي دولت هجي، ته جيڪر تون ڇا ڪرين؟“

”مان هوند ڪتاب خريد ڪيان.“

”ٻيو ڇا؟“

”چئي نٿو سگهان.“

ڪاپين ڊوخين ٻوٿ چٻو ڪري پاسو ورائي ڇڏيو، پر استانوف چوڻ لڳو، ”سچ آهي، جوان توڙي پوڙهو اول ڪجهه به چئي نٿو سگهي ته هٿ آيل پئسو ڪيئن خرچ ڪندو. حقيقت ۾ پنهنجي ليکي پئسو وڏي ڳالهه نه آهي پر وڏي ڳالهه اها آهي ته اهو ڪيئن خرچ ڪيو ٿو وڃي.“

مون پڇيومانس ته، ”اوهين ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا آهيو؟“

”اسين سمهڻ کان وڌيڪ ڳالهائڻ پسند ڪندا آهيون.“ قزاق ٿورن لفظن ۾ جواب ڏنو.

جڏهن هنن جون وڌيڪ ڳالهيون ٻڌيم، تڏهن ڏٺم ته اهي ساڳيون ئي ڏينهن واريون ڳالهيون هونديون هيون. هو هميشه خدا، سچ، خوشيءَ، عورتن جي مکڙن ۽ بيوقوفين، دنيا وارن جي حرصي حوس، زندگيءَ جي رازن ۽ مونجهارن تي بحث ڪندا رهندا هئا. پوءِ مان هنن جون ڳالهيون ڏاڍي ڌيان سان ٻڌندو هوس، ڇا ڪاڻ ته انهن جي ٻڌڻ سان مون ۾ اتساهه پيدا ٿيندو هو. مون کي اهو ڏسي خوشي ٿيندي هئي ته هو انهيءَ تي متفق هئا ته حياتي وبال هئي، ان کي بهتر بنائڻ گهرجي. مون هن ڳالهه جو به مشاهدو ڪيو ته هنن جي بهتر زندگيءَ واري اُها خواهش بي سود هئي، ڇا ڪاڻ ته هو نه ان ۾ ڪو عملي طرح سڌارو آڻيندا هئا، نه ئي هڪ ٻئي سان سهڻو سلوڪ ڪندا هئا. هنن جي بحث مباحثن مان، جن جي ڪري مون کي منهنجي چوگرد پکڙيل زندگيءَ جو اونهو اڀياس ٿيندو هو، مون کي اهو ئي معلوم ٿيندو هو ته هنن جو ماحول هڪڙي کوکلي ۽ ڏک ڀريل خلا مثل هو، جنهن ۾ هوا ۽ اڏامندڙ مٽيءَ جي ذرڙن وانگر، هو ڪنهن مقصد ۽ مطلب کان سواءِ، ڦيراٽيون کائيندا رهندا هئا ۽ هو پاڻ به پنهنجي انهيءَ بي مقصد ڦيراٽين کي ننديندا هئا ۽ اُن مان ناراض هئا.

ائين هي سڀ ٻين بابت راءِ زني ڪندا رهندا هئا، ٻين کي ذليل ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندا هئا، پاڻ بابت وڏيون ٻٽاڪون هڻندا هئا، ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تي پاڻ ۾ وڙهي پوندا هئا ۽ هڪ ٻئي جي بي عزتي  ڪرڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندا هئا. هو انهيءَ ڳالهه تي وڏي ۾ وڏو بحث ڪندا رهندا هئا ته مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو، پر هنن کي انهيءَ جي ڳڻتي نه ٿيندي هئي ته جنهن هنڌ بيهي ڪم ٿا ڪريون، انهيءَ جي مٿان پيل پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ کي جو سوراخ ٿي پيو آهي، تنهن مان پاڻيءَ جي سمهڻ ڪري پوسل ٿئي ٿي ۽ پوسل جي ڪري ڪني بدبوءِ ۽ بدن کي يخ ڪندڙ سردي ٿئي ٿي. پاشڪا ۽ مون اڳڙين ۽ پلال جي موئن سان سوراخ کي بند ڪرڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر سوراخ بند نه ٿيو، تنهن ڪري جڏهن هوا لڳندي هئي ته ان مان ڪني بوءِ ايندي هئي. هر ڪنهن اها ڳالهه قبول پئي ڪئي ته ان جي مرمت ٿيڻ گهرجي، پر جيستائين ان جي مرمت ٿئي ئي ٿئي، تيستائين سڀني کي نزلي ۽ زڪام اچي ورايو. انهيءَ کانپوءِ ڇا ٿيو، جو روشندانن جا اسڪرد ڍلا ٿي پيا ۽ چيڪٽ ڪرڻ لڳا، جنهن تي وري ڪاريگرن شڪايتون شروع ڪري ڏنيون پر جڏهن مون انهن کي ٺاهي، تيل ڏيئي، انهن جو اُهو چيڪٽ بند ڪري ڇڏيو، ته ذخاريف شوڪجي چيو، ”روشندانن جي ماٺ ٿيڻ سان پاڻ مزو هليو ويو آهي.“

”حمامن“ مان ٿي اچڻ کانپوءِ هڪدم ميري بستري تي ڦڙها ٿي ڪري پوندا هئا. هنن مان ڪنهن کي به ڪڏهن انهيءَ مٽيءَ ۽ گند کان بڇان نه ٿيندي هئي. اتي گهڻيون ئي اهڙيون ننڍيون ننڍيون شيون پيون هونديون هيون، جي گڏجي گهڻي غلاظت ڦهلائينديون هيون. اهي جيڪر ٿوريءَ ئي ڪوشش سان صاف ٿي سگهن ها، پر ڪنهن کان به اهڙي تڪليف نه پڄندي هئي ۽ مان هنن کي سدائين چوندي ٻڌوندو هوس، ”ڪنهن کي انسان جو خيال ڪونهي! نه خدا کي نه وري ماڻهن کي!“

جڏهن مان ۽ پاشڪا ڊئوڊوف کي، جيڪو مرڻ جي ڪنڌيءَ تي وڃي پهتو هو ۽ جنهن جي بت کي مَر ۽ مٽي کائي رهي هئي، وهنجارڻ لڳاسين، ته ٻيا اسان تي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا ۽ پنهنجون قميصون لاهي اسان کي ڏيڻ لڳا ته ٿوريون انهن مان به جون ڪڍي ڇڏجو! هُنن جون ٽوڪون ۽ ٺٺوليون اهڙيون هيون ڄڻ اسين ڪو ڪڌو ڪم ڪري رهيا هئاسين، جنهن لاءِ اسان کي شرم اچڻ کپندو هو.

ناتال کان وٺي لينٽ جي مقدس مهيني تائين ڊئوڊوف کي کنگهه ۾ رت جا کانگهارا ايندا رهيا. اُهي هو اهڙي خيال سان هيٺ اڇلائيندو هو، جو اڪثر سڌا وڃي ناليءَ ۾ پوندا هئا. هو رات جي وقت اهڙيون ڀوائتيون رڙيون ڪندو هو، جو اسان مان ڪن جي سڄي رات اکين ۾ گذري ويندي هئي. صبح جو سڀ هڪ وات ٿي چوندا هئا، ”هن کي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ گهرجي.“ پر ان ڳالهه ۾ تڪليف اها هئي ته هن جي پاسپورٽ جو مدو خارج ٿي ويو هو ۽ ان کي نئين سال لاءِ بحال ڪرائڻ جي ضرورت هئي. هن جي حالت ڪجهه سڌري، ته سڀ چوڻ لڳا، ”اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي. اوچتو ئي اوچتو هي ڪنهن ڏينهن مري ويندو.“ ڊئوڊوف پاڻ به چوندو هو، ”مان هتان جلد هليو ويندس.“ هو چرچي گهٻي جو عادتي هو ۽ اُن حالت ۾ به پنهنجن ٽوٽڪن سان آسپاس جي اداس فضا کي دور ڪري ڇڏيندو هو. پنهنجو سڪل ۽ هڙٻاٺن نڪتل منهن ڪنهن شيءِ تي رکي، هيٺيون راڳ ڳائڻ لڳندو هو؛

”ٻڌو، اي انسانو، ٻڌو!

انهيءَ جو آواز جو عرش جو رهڻ وارو آهي

منهنجو گهر گدام آهي،

منهنجو ڏينهن سوير شروع ٿو ٿئي،

مان ستل آهيان توڙي جاڳيل

ڪاڪروچ منهنجي خون تي پلجن ٿا.“

ٻڌندڙ کلي چوندا هئا، ”همٿ ڪا نه هاري اٿس.“

جڏهن مان ۽ پاشڪا هن وٽ وڃي ويهندا هئاسين، ته پنهنجي تڪليف جو خيال نه ڪري، هو اسان سان چرچا ڪرڻ لڳندو هو ”منهنجا معزز مهمانو، اوهان جي خاطر تواضع ڪيئن ڪجي، حڪم هجي ته ننڍڙي ڪوريئڙي جو طعام آڻي حاضر ڪجي!“

موت هن ڏانهن دير سان آيو ۽ هيءُ بيماريءَ مان بيزار ٿي پيو هو. ڪڏهن ڪڏهن خفي ٿي چوندو هو، ”وڏو عذاب آهي! مان شايد انهيءَ لائق به ناهيان جو موت اچي.“

هن جي موت کان بي پرواهي ڏسي، پاشڪا هراسجي ويندو هو. هڪڙيءَ رات ڀڻ ڀڻ ڪري، پاشڪا مون کي ننڊ مان جاڳايو- ”الڪسي، شايد هو مري رهيو آهي! جيڪڏهن هو بلڪل اسان جي مٿن کان مري ويو ته! خدا جو قسم مون کي مئل ماڻهن کان ڏاڍو خوف ٿيندو آهي.“

ڪڏهن ڪڏهن پاشڪا چوندو هو، ”هو ڄائو- پر ڇا لاءِ؟ هو اڃا ٻاويهن ورهين جي عمر تائين ئي نه پهتو آهي ۽ مري رهيوآهي!“

هڪڙيءَ چانڊوڪي رات پاشڪا اٿي ويٺو. هن جون اکيون خون کان پٽجي ويون ۽ مون کي رڙ ڪيائين. ”ٻڌ!“

ڊئوڊوف پڇٽيءَ تي ڪڻڪي رهيو هو- ”مون کي ڏي، مون کي-“ ۽ پوءِ کنگهه ۾ ٻڏي ويو.

پاشڪا ڏڪندي چيو، ”خدا جو قسم، هو مري رهيو آهي.“

مون سڄو ڏينهن اڱڻ ۾ ڪريل برف کي ڀڃي ٻاهر پئي ڦٽو ڪيو، تنهن ڪري ڏاڍو ٿڪل هوس. پاشڪا ايلاز ڪندي چيو، ”خدا جي واسطي، مهرباني ڪري، ننڊ نه ڪر.“ اوچتو ئي اوچتو ٽپ ڏيئي، اٿي بيهي رهيو ۽ چرين وانگر رڙ ڪري چيائين، ”اٿي اٿي! ڊئوڊوف مري ويو.“

ڪي ڪاريگر ننڊ مان جاڳي پيا ۽ ڪي بسترا ڇڏي ٻاهر نڪري آيا، ڪن ڪاوڙجي مختلف سوالن جي وارو وار شروع ڪئي. ڪاپين ڊوخين پڇٽيءَ تي چڙهي ويو ۽ حيرت مان چيائين، ”هن جو روح پرواز ڪري ويو آهي، مگر جسم اڃا گرم اٿس.“

ڪجهه دير خاموشي پکڙجي ويئي. ذخاريف بلئنڪيٽ ويڙهندي چيو، ”هاڻي هو جنت ۾ وڃي پهتو.“

ڪنهن رٿ ڏني ته هن کي اتان لاهي، ورانڊي ۾ رکجي. ڪاپين ڊوخين پڇٽيءَ تان هيٺ لهي، چيو، ”ويچارو ڀل صبح تائين اُتي پيو هجي، پنهنجي حياتيءَ ۾ هن ڪنهن سان به نه ڦٽائي هئي.“

پاشڪا پنهنجو منهن ويهاڻي ۾ هڻي، سڏڪا ڀريندو رهيو. ايتري گوڙ ۾ به استانوف بيخبر ننڊ ۾ ستو رهيو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org