باب تيرهون
مجسمي سازي جو ڪارخانو ٻن ڪمرن جو ٺهيل هو، جيڪي اڌ تي پٿر جا
ٺهيل هئا، هڪڙي ڪمري کي چار دريون هيون، جن مان
ٽن جو منهن اڱڻ ڏانهن ۽ هڪ جو منهن باغ ڏانهن
هوندو هو ۽ ٻئي ڪمري کي ٻه دريون هونديون هيون،
دريون ننڍيون ۽ چورس هونديون هيون ۽ انهن جا
پراڻا مر چڙهيل شيشا مشڪل سان سياري جي جهڪيءَ
روشنيءَ کي اندر لنگهڻ ڏيندا هئا، ميزن سان سڄو
ڪمرو ڀريو پيو هوندو هو، ۽ ڪاريگر انهن تي جهڪي،
ڪم کي لڳي ويندا هئا، ڇت ۾رسين سان پاڻي جا ڀريل
شيشا ٽنگيا پيا هوندا هئا، بتين مان نڪرندڙ روشني
پوڻ ڪري انهن مان سفيد ۽ وڻندڙ ڪرڻا نڪري، اچي
مجسمن جي چورس ڪاٺولن تي پوندا هئا.
انهن گرم ۽ گندي هوا سان ڀريل ڪمرن ۾ پاليخ، خوليا ۽ مسترا
شهرن جا اٽڪل ويهه کن ڪاريگر ڪم ۾ رڌل رهندا هئا.
انهن مان هر هڪ کي بت تي سوٽي قميص جا ڳچي وٽ
کليل هوندي هئي ۽ سادي پتلون پهريل هوندي هئي، ڪن
کي پيرن ۾ جوتا هوندا هئا، ۽ ڪي پيرين اگهاڙا
هوندا هئا، هو هلڪيون سستيون ٻيڙيون ڇڪيندا
رهندا هئا، ۽ انهن مان نڪتل دونهون هنن جي مٿن
مٿان نيري ڌنڌ وانگر پڙي لڳايو بيٺو هوندو هو،
سريش، وارنش ۽ آنن جي سڙيل زرداڻ ڪري هوا ۾ بدبو
پکڙيل هوندي هئي، هوريان هوريان هنن جي گلي مان
هيٺيون گيت مغموم سر ۾ نڪرڻ لڳندو هو:
ماڻهو ڪهڙا نه بي غيرت بنجي ويا آهن !
جوان ڇوڪرا لڪي لڪي ڇوڪريون پيا ڀڄائن !
هونءَ ته هو ٻيا به ڪيترائي مغموم گيت ڳائيندا هئا، پر هيءُ
انهن کي خاص طرح پسند هو، انهيءَ گيت جي سر ۽ تار
جي ڪري نه ته خيالن ۾ رخنو پوندو هون، نه ئي
تصويرن چٽڻ ۽ مجسمن جي شڪلين ۾ رنگ ڀرڻ وقت سندن
هٿن ۾ جهليل برش جي چرپر ۾ڪو ڦيرو ايندو هو.
دريءَ وٽ نشي ۾ ٻڏل، سڄيل نيري نڪ وارو پوڙهو
گولوفيف پنهنجي هٿوڙيءَ سان ويٺو ٺڪ ٺڪ ڪندو هو،
هن جي هٿوڙيءَ مان نڪرندڙ اداس آواز گيت کي وڌيڪ
مغموم بنائي ڇڏيندو هو. هن جي هٿوڙيءَ جو آواز دل
۾ اهڙو اثر ڪندو هو، ڄڻ ڪو جيت وڻ جي پاڙن کي ٽڪي
رهيو هجي.
ڪنهن شيطان جهڙي ماڻهوءَ مجسمن ٺاهڻ جي ڪم جي اهڙي ورڇ ڪري ڇڏي
هئي، جو هر ڪاريگر کي ٻيو ٻيو ڪم ڪرڻو پئي پيو،
جنهن ڪري مجسمن کي نفاست سان ٺاهڻ وارو سندن
شوق ۽ چاهه قائم رهي نه پئي سگهيو . هڪڙو چيڙاڪ
ٽيڏيءَ اک وارو ڊکڻ جنهن جو نالو پـَئنفل هو،
سرو ۽ شمشاد جي ڪاٺ جي ٽڪرن کي ماپ مطابق مختلف
ٽڪرن ۾ڪٽي وارنش لڳائيندو هو، سلهه ۾ ورتل،
نوجوان ڊئوڊوف انهن تي رنگ جو پهريون هٿ هڻندو
هو، ۽ ان جو ساٿي سورو ڪِن انهن تي شڪل جو
خاڪو بنائيندو هو، ملياشن وري اُنهن تي پينسل
سان زيبائش جا ليڪا ڪڍندو هو، پوڙهو گولوفيف
سموري نقشي ۾سون جي تند هٿوڙيءَ سان کـُپائيندو
هو، اُن کان پوءِ ڪي ان ۾ نظارو چٽيندا هئا ۽ ان
تي لباس جا نشاس ڪڍندا هئا. انهيءَ کان پوءِ
تصوير کي ڀت ۾ ٽنگي ڇڏيندا هئا، ته منهن ۽ هٿ
بنائيندڙ ڪاريگر اچي ان کي آخري شڪل ڏين.
ڪنهن وڏي مجسمي کي، جو چرچ ۾وڃي ڪٿي منبر تي يا گهرن ۾ ڪنهن
عبادت جي مسند تي جاءِ وٺڻ وارو هو، بغير منهن،
هٿن ۽ پيرن جي، رڳو چوغن ۽ دستار سان ڀت ۾ٽنگيل
ڏسي، ڏاڍي ڪوفت ٿيندي هئي. مون کي اهي مختلف رنگن
۾ رنگيل تختا موت جو مظهر لڳندا هئا، انهن ۾جان
پيدا ڪندڙ شيءَ جي ڪمي هوندي هئي، ائين لڳندو هو
ته ڪڏهن انهن ۾ به جان هئي، پر اها ڪنهن ڪرامت
سان صرف پنهنجو ٻا هريون خاڪو ۽ ڪپڙن جو ڍير
ڇڏي، ڪيڏانهن هلي ويئي هئي.
ڪم جي ورڇ جي اصول مطابق، مختلف خدائن جي مختلف مجسمي سازيءَ جو
سڄو ڪم مختلف نمونن ۽ مختلف ڪاريگرن کي
ورهائجي مليو هو. انهن سڀني ڪاريگرن جو مـُک
ڪاريگر ٿور ڳالهائو آون واريونچ هو، هو ڪڻڪ رنگو
هو، هن جي ڏاڙهي جا وار پشم جي ڌاڳن وانگر نرم
۽ ڀورا ناسي هئا ۽ هن جون عجيب ۽ اداس ڪنهن غم ۾
ٻڏل اکيون ڀوريون هيون. هن جي مرڪ قرب ڀري
هوندي هئي، پر ان جو جواب ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو
هو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن سبب ڪري ان ڏانهن نهارڻ سان
ماڻهوءَ کي مونجهه ٿيڻ لڳندي هئي، هنجي شڪل درويش
سائمن لڪڙائيءَ جي مجسمي سان مشابهت رکندي هئي، ۽
هو انهيءَ وانگر ئي سڪل سڙيل ۽ ڊگهو هوندو هو، هن
جو اکيون انهيءَ سائمن جي اکين وانگر ماڻهن ۽ ڀتين
کان پري ڪنهن ڏورانهينءَ شيءَ ڏي پيون
واجهائينديون هيون .
مون کي ڪارخاني ۾آئي اڃا ڪجهه ڏينهن مس گذريا هئا، ته ڪارخاني
جو مک رنگساز، شڪل جو سهڻو ۽ بت جو سگهارو قزاق،
جنهن جو نالو ڪاپين ڊوخين هو، هڪڙي ڏينهن نشي ۾مست
ٿي صبح جو ڪارخاني ۾ آيو. هن جا ڏند پيلا ٿي ۽
اکيون ڪاراٽجي ويون هيون، ۽جيڪا به شي هٿ تي لڳيس
ان کي ڀڃڻ ۽ ڀورڻ لڳو، جيتوڻيڪ هو قد جو پورو
پنو هو، پر بدن ۾ جانٺو هو، ۽ شين کي ائين ٿي
جهٽ وڌائين، جيئن ٻلي ڪئي کي وجهندي آهي.
ڪارخاني جا سڀئي ڪاريگر هراسجي ويا، ۽ ڏڪڻ لڳا، هڪ
ٻئي کي واڪو ڪري پئي چيائون ، ”اڙي هن کي دسيو
!“
نيٺ اُستانوف ،جيڪو مجسمن جا منهن چٽيندو هو، هن نشي ۾ ٻڏل
مواليءَ کي ڪيرائڻ ۾ڪامياب ٿي ويو، ڇا ڪيائين،
جو موقعو وٺي، مٿي وارو اسٽول کڻي ٺڪاءُ
ڪيائينس. پوءِ ته ٽوالن سان کڻي سوگهو ٻڌائونس.
پوءِ هو جانورن وانگر ٽوالن کي چڪن سان پٽڻ لڳو.
استانوف اهڙو جوش ۾ اچي ويو، جو ٽيبل تي چڙهي
ڪاپين ڊوخين جي ڇاتيءَ جي مٿان ٽپو ڏيڻ لاءِ
تيار ٿي ويو، استانوف قد جو ڊگهو ۽ بت جو ڳورو
هو، جي هو ائين ڪري ها، ته ڪاپين ڊوخين جي
ڇاتيءَ جا هڏا ٽڙڪي ٽڪر ٽڪر ٿي وڃن ها، ايتري ۾
لاريونچ اچي نڪتو، استانوف کي ٻانهن کان وٺي هيٺ
لاٿائين ۽ ڪاريگر کي حڪم ڪيائين ”هن کي ٻاهر
ڪمري ۾ کڻي وڃو. ته ڀل اتي سامت ۾ اچي.“ ۽
ڪاريگرن هن جي حڪم جي ائين پيروي ڪئي، ڄڻ اُهو
ڪم به سندن ڪم جو هڪ حصو هو.
هو هن کي ڇڪي ٻاهر کڻي ويا، پوءِ ڪرسيون ۽ ميزون ساڳيءَ ريت
ٺاهي، ڪم کي لڳي ويا، هو پوءِ پنهنجي سنگتيءَ جي
طاقت بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳا، ۽ پيشنگوئي ڪيائون
ته هيءُ ڪنهن ڏينهن ضرور جهيڙي ۾ مرندو.
”هن کي مارڻ ڏکي ڳالهه آهي.“ استانوف، نيڪ خيال، جهڙي آواز
۾ائين چيو، ڄڻ پنهنجي آزمودي مان چوندو هجي .
لاريونچ ڏانهن نهاري مان عجب ۾ پئجي ويندو هوس ته ههڙا راٺوڙ ۽
جهڳڙالو ماڻهو هن جي امر ۾ڪيئن ٿي رهيا! هو هر
ڪنهن کي هدايتون ڏيندو رهندو هو، پر سٺي ۾سٺي
ڪاريگر کي به هن جي ڳالهه تي مٺيان نه لڳندي
هئي، هو سڀ کان وڌيڪ پنهنجو ڌيان ڪاپين ڊوخين
تي ڏيندو هو .
”ڪاپين ڊوخين تون سچ پچ نقاش آهين، مان چاهيان ٿو ته تنهنجي ڪم
۾ زندگيءَ جي جهلڪ هجي ۽ تنهنجي نقاشي اٽليءَ
واري ڍنگ جي هئڻ گهرجي، روغني چتر ڪاريءَ ۾ رنگ
تيز هئڻ گهرجي، تو رنگ ۾سفيدي ايتري ملائي آهي، جو
مريم جون اکيون برف جهڙيون سفيد ٿي ويون آهن،
۽ جيڪي هن جا صوفن جهڙا ڳاڙها ڳل بنايا اٿيئي، اهي
اهڙين اکين سان ٺهڪي نٿا اچن، اکيون پنهجين
پورين جاين تي به ڪين آهن– هڪڙي نڪ تي چڙهي
بيٺي آهي ته ٻيءَ لوندڙي ورتي آهي. چهرو پاڪ ۽
صاف هئڻ بجاءِ مڪار ۽ بي رحم پيو لڳي، پنهنجو ڪم
ٿورو وڌيڪ دل لڳائي ڪر .“
قزاق منهن بڇڙو ڪيو بيٺو هوندو هو، پنهنجون عورتن جهڙيون
اکيون خار ۾ ڇنڀي پنهنجي قدرتي طور مٺي پر پيڻ
ڪري کهري آواز ۾ چوڻ لڳو، ”منهنجا بابا سائين! هي
ڪم منهنجي ڏانءَ جو ناهي. مان گَويـَي ٿيڻ لاءِ
پيدا ٿيو هوس، پر پادرين جي پلئه پئجي ويس.“
”دل لڳائڻ سان هر ڪو ڪم سکي سگهجي ٿو .“
”نه سائين، مون کان زور آهي! انهيءَکان ته بهتر هو ته مان چئن
گهوڙن واريءَ گاڏيءَ جو سوار هجان ها، ڇا خيال
آهي؟“ پوءِ هن هڪڙو گيت ڏاڍيان چوڻ شروع ڪيو: ”او
ڪاش! مون وٽ ڪتا ۽ گهوڙا هجن ها،- پوءِ اداس ۽
سرد رات جو – پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ نڪري
پوان ها !“
آون، مرڪي پنهنجي نڪ تي عينڪ درست ڪري، ٻاهر هليو ويو، پوءِ
ڪيترن ئي، آوازن ڪاپين جي سـُر سان ساٿ ڏنو، ۽
ترنم جو اهو طوفان برپا ٿيو جو ائين ٿي لڳو ته
سـُرَ ۽ تار جي انهيءَ طوفان ۾ ڪارخانو هوا ۾ مٿي
کڄي ويو هو ۽ آواز جي لئي تي پورو لـُڏي لمي رهيو
هو –”گهوڙن جو رستو ڏٺل هجي ها – اهي پاڻمرادو اتي
هلي نڪرن ها ــــ “
سيکڙاٽ اودنستوپاشڪا، جيڪو آنن جي زرديءَ کي ڪڍي رهيو هو،
پنهنجو ڪم ڇڏي، آنن جون کلون هٿن ۾ جهليو،
وڏيءَ ڪاريگريءَ سان سڀني جي آواز کان پنهنجو
آواز مٿي ڪيو بيٺو هو، هو سڀ راڳ جي نشي ۾اهڙا
ته مست ٿي ويندا هئا جو ائين لڳندو هو ته انهنن
جي گلن مان هڪ آواز ٿو نڪري ۽ هنن جي دلين ۾
ساڳيو هڪ جذبو سمايل آهي. سڀني جون اکيون
ڪاپين ڊوخين قزاق ۾کتل هونديون هيون، راڳ ڳائڻ ۾
هو هنن جو مڃيل اڳواڻ هوندو هو، سڀ راڳ ۾هن جي
آواز سان گڏ پنهنجو آواز اهڙو ته ملائيندا هئا،
ڄڻ ته انهن تي جادو ڪيو ويو هو، هن جا هٿ پکيءَ
جي پرن وانگر کلي ويندا هئا، ۽ ائين لڳندو هو،
ته هو ڄڻ اڏامڻ لاءِ هاڻي تيار بيٺو آهي. مان
سمجهان ٿو ته جيڪڏهن هو اوچتو راڳ بند ڪري رڙ ڪري
ها، ”اچو ته جاءِ ڪيرايون! ته وڌ ۾ وڌ فرض شناس ۽
ماٺيڻو ڪاريگر به هن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي
ها، ۽ منٽن ۾جاءِ ڊٺي پٽ ٿي پيئي هجي ها.
هو ڪڏهن ڪڏهن ڳائيندو هو پر جڏهن ڳائيندو هو ته سڀني کي تابع
ڪري ڇڏيندو هو. ائين لڳندو هو ته هن جي ساٿين جو
خمير ڄڻ ڪک پن مان تيار ٿيل هو، جنهن ۾هو باهه ۽
روشنيءَ پيدا ڪري ٿي سگهيو. هن جي زوردار آواز
جي گرم سرحدن ۾جيڪا به شيءَ ايندي هئي ته انهيءَ
۾نرمي پيدا ٿي ويندي هئي.
مون کي هن جا راڳ ٻڌي ۽ هن جي ماڻهن کي تابع ڪرڻ واري قوت
ڏسي، هـُن تي ريس ٿيندي هئي. منهنجي دل جذبن سان
اهڙي ڀرجي ويندي هئ، جو مان محسوس ڪندو هوس، ته
اِجها ڦاٽي پوندي، منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري
ايندا هئا ۽ دل ۾ جنون ايندو هوم ته انهن راڳ
ڳائڻ وارن کي چوان ، ”منهنجا ڪاريگر ڀائرو ! مون
کي اوهان سان پيار آهي !“
جڏهن ڊئوڊوف، جيڪو سلهه سببان سڄو سڪي ويو هو، راڳ ڳائڻ لاءِ
عجيب نموني وارن سان ڍڪيل وات پٽندو هو ته هو
ڪانـَو جي نئين ڦٽل ٻچي وانگر لڳندو هو
.
اهو پرشور راڳ رڳو قزاق جي اڳواڻيءَ هيٺ ئي ڳائي سگهندا هئا،
نه ته ”هاءِ هاءِ، هي سنگدل ماڻهو جهنگل مان
ويندي ڪيڏانهن وڃان!“ وارا اداس ۽ ڏک ڀريا گيت، ۽
شهنشاه اليگزينڊر پهريئن جي موت وارو گيت – ”الا
ڪيئن اسان جو اليگزينڊر پنهنجي فوج ڏسڻ آيو هو
!“ ڳائيندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ڪارخاني جي بهترين روپ
ساز ذخاريف جي چوڻ تي ڪليسا جون مناجاتون به
ڳائيندا هئا، پر انهن ۾هو ڪوبه مزو پيدا ڪري نه
سگهندا هئا، ذخاريف مناجاتن ۾ هڪ خاص تاثر
چاهيندو هو ۽ ائين گهرندو هو ته سڀ هڪ ئي لئي ۽
تار ۾ هجن تنهن ڪري گهڙيءَ گهڙيءَ وچ ۾ ڳالهائي،
ڳائڻ ۾ رخنو وجهي ڇڏيندو هو .
ذخاريف جي عمر پنجيتاليهن جي لڳ ڀڳ هئي، هن جي وارن کسڻ ڪري
ٽڪڻ گنجي ٿي ويئي هئي، هن جا بچيل وار مٽيءَ لتل
خانه بدوشن وانگر ڪرڙوڍ ۽ گهنڊيدار هئا، هن جا
ڀرون هن جي مڇن وانگر ٿلها هئا. هن جي سانوري
منهن تي هن جي گهاٽي ڏاڙهيءَ ڏاڍي ٺاهوڪي لڳندي
هئي، پر هن جي وڏن ڀرن جي موجودگيءَ هن جون سيٽيل
مڇون هن جي وڏي نڪ جي هيٺان اجايون لڳنديون
هيون، هن جي نيرين اکين ۾فرق هو کاٻي پاسي
واري اک ٻيءَ اک کان ڪافي ڪجهه وڏي هوندي هئس.
مون سان گڏ ڪم ڪندڙ سيکراٽ اودنستو کي سڏ ڪري چوندو هو:
”پاشڪا، هاڻي شروع ڪر، ’تعريف‘... توهين سڀ ٻڌو .“
پاشڪا پنهنجا هٿ پنهنجي چوغي سان اگهندي، شروع ڪندو هو –
”تعريف...“
۽ ٻيا ڪيترائي آواز هن جي پٺيان چوندا هئا، -” تو خدا جي...“
پر اهي ڪڏهن به ذخاريف کي خوش ڪري نه سگهندا هئا –
”يوجين ! ٿورو هوريان تنهنجو آواز تنهنجي دل
مان نڪرڻ گهرجي ،“
استانوف ڦاٽوڙي دهل وانگر رڙ ڪندو هو - ”پنهنجي ٻانهن جي
صدا...“
”ائين نه، اهڙيءَ طرح جو زمين آسمان لڏي وڃي، در درين
۾ٽڙڪو پئجي وڃي !“
ان وقت ذخاريف جنهن جوش ۾ هوندو هو، ان جو بيان ڪري نٿو
سگهجي. هن جا حيرت ۾وجهندڙ ڀرون هيٺ ۽ مٿي ٿيڻ
لڳندا هئا، هن جو آواز گڙ گڙ ڪرڻ لڳندو هو ۽ هن
جون آڱريون ائين چرڻ لڳنديون هيون ڄڻ خيالي ستار
کي وڄائينديون هجن.
”’پنهنجي ٻانهن جي صدا!‘ سمجهو ٿا؟“ هو ڳنڀير ٿي چوندو هو،
”توهين سچ پچ پنهنجو اهڙو حال بنايو، اها ڳالهه
ويچاريو ته ٻانها الله جي واکاڻ ڪري رهيا آهن،
مون کي سمجهه ۾نٿو اچي ته توهان کي اها ڳالهه ڇو
سمجهه ۾ نٿي اچي ؟“
”جيئن تون چاهين ٿو ائين اسين ڳائي نٿا سگهون“ استانوف آهستي
چيس .
”چڱو کڻي ڇڏيوس!“ ذخاريف ناراض ٿي، پنهنجي جاءِ تي واپس وڃي
ويهي رهيو.
هو اسان جي ڪارخاني ۾روپ سازيءَ جو استاد ڪاريگر هو، هن کي
چهرن چٽڻ ۾ بزنطيني ۽ جديد اطالوي طرزن ۾ڪمال
حاصل هو. لاريونچ کي جڏهن ديول جي منبر لاءِ
ڪنهن مجسمي بابت ڪو ڪم سونپيو ويندو هو، ته هن
سان پهرين مشورو ڪندو هو، هن کي مجسمن جي روپ
تيار ڪرڻ جي هرڪا ڄاڻ هوندي هئي.
قديم قيمتي مجسمن جا نمونا به هن جي نظرن مان گذري چڪا هئا،
ڪڏهن ڪو قديم مجسمو ڏسندو هو ته ڏند مروٽي
چوندو هو ، ”هنن اسان جي فن جو بنياد اهڙو سوگهو
جهلي بيهاريو آهي، جو ان کان ڪيڏانهن پري ٿيڻ
اسان جي وس ۾ ئي ناهي .“
انهيءَ هوندي به، جو هو ڪارخاني جو چوٽيءَ جو ڪاريگر هوندو هو،
هن ۾ ٻين وانگر سيٽ ڪانه هوندي هئي، ۽ پنهنجن
شاگردن خاص طرح مونسان ۽ پاشڪا سان ڏاڍو سهڻو
سلوڪ ڪندو هو، هو اسان کي ڪم سکڻ جو ن اهڙيون
اهڙيون هدايتون ڏيندو هو، جي ٻيا نه ڏيندا هئا،
پر هن جي ڳالهه کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو،
هن ۾ خوشي بنهه هوندي ئي ڪانه هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن
ته هفتن جا هفتا وات مان هڪ اکر به نه ڪڍندو هو
ڄڻ ته گونگو هو. هو ماڻهن سان اهڙي نموني پيش
ايندو هو ڄڻ ته اهي سڀ اجنبي هوندا هئا، ۽ هو
انهن سان ان کان اول ڪڏهن مليو ئي ڪين هو،
جيتوڻيڪ هن کي راڳ ۾ مزو ايندو هو، پر اهڙي
ڪيفيت ويل به هو راڳ ۾شامل نه ٿيندو هو ۽ ائين
لڳندو هو ڄڻ هو راڳ ٻڌي ئي نٿو. ٻيا هن ڏانهن
نهاري هڪ ٻئي کي اکيون ڀڃندا هئا .
هو مجسمي کي ميز ۽ گوڏن تي ليٽائي ان ۾ جيئن ئي ڪو سانورو يا
ڀورو چهرو بنائڻ شروع ڪندو هو، ته ڪڏهن ڪڏهن
اهڙي وٺي رڙ ڪندو هو ڄڻ ته چڙ وٺي ويئي هجيس،
پوءِ پنهنجي ليکي ڀڻ ڀڻ شروع ڪندو هو ان وقت
ڪارخاني ۾موت جهڙي ماٺ پئجي ويندي هئي، سڀ ڪاريگر
چور نگاهن سان هن ڏانهن نهارڻ لڳندا هئا ۽ چـُپن
ئي چپن ۾ پيا مرڪندا هئا. پوءِ خاموشي ۾هن جي
واتان عجيب لفظ ٻڌڻ ۾ايندا هئا. ”هن کي رڍ جي
کل پائي ۽ پر وجهي روپ چٽڻ گهرجي .“
اهڙي هڪڙي موقعي تي مون پڇيومانس،”ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آهين
؟“
مون کي ڪوبه جواب ڪونه ڏنائين منهنجي ڳالهه يا ته ٻڌائين نه
ٿي، يا ته جواب ڏيڻ نٿي گهريائين ، وري
خاموشيءَ ۾هن جا لفظ گونجڻ لڳا، - ”اسان کي
درويشن جي حياتين بابت ڄاڻ هئڻ گهرجي. پر اسان
کي ڪابه خبر ڪانهي، اسان جي زندگي بي روح آهي،
مجسما ته موجود آهن، پر روح اڻ لڀ آهي.“
هن جي اهڙيءَ ريت ڏاڍيان سوچڻ تي ٻيا ته ڇڏيو پر استانوف به
ٽهڪ ڏيئي کلندو هو، پوءِ کل ڀري سس پس شروع ٿي
ويندي هئي –”هـِن ڇنڇر تي ضرور گتي ۾دُنگ
چاڙهيندو .“ انهيءَ تي قداور مضبوط جسم وارو
استانوف، جنهن جي عمر ٻاويهه سال، منهن گول ۽
بنان ڏاڙهي جي هو ملول ٿي ڪنڊن ڏانهن نهارڻ لڳندو
هو.
مونکي ياد آهي ته هڪڙي ڀيري جڏهن ذخاريف بيبي مريم جي هڪڙي
قديم مجسمي جهڙو ٻيو مجسمو بنايو هو تڏهن ان کي
ميز تي رکي جوش ۾ چوڻ لڳو هو،”آخر پورو ٿي ويو!
مقدس ماءُ! تون اهڙو ٻاجهه جو درياءَآهين، جنهن
سان انسانن جي دلين مان نڪرندڙ ڳوڙها وهي وڃي ملن
ٿا !“
پوءِ، اٿي جنهن جو آيس تنهن جو اوور ڪوٽ پائي، شراب خاني
ڏانهن هليو ويو. نوجوان ڪاريگر کلڻ ۽ سيٽيون
وڄائڻ لڳا، ۽ ٻڍا ڪاريگر رشڪ مان ٿڌا ساه کڻڻ
لڳا، استانوف تيار ٿيل مجسمي کي ڏسڻ لاءِ ويجهو
ويو ۽ چوڻ لڳو،”يقيناً! هن کي نشو پيئڻو ئي ٿو
پوي! پنهنجي ڪم کي ائين وڪامندو ڏسي، هن جي دل
ٽڪر ٽڪر ٿي پوي ٿي، اهڙي قسم جو غم سڀني کي نه
ٿيندو آهي.“
ذخاريف جي ميڪشي هميشه ڇنڇر تي ٿيندي هئي، هن جي پيئڻ جو
انداز ٻين ڪاريگرن کان نرالو هو، ڇنڇر جي ڏينهن
صبح جو پاشڪا کي ڪنهن ماڻهوءَ کي چٺي لکي ڏيندو
هو، منجهند جو لاريونچ کي چوندو هو، ”اڄ مان حمام
تي وڃان ٿو.“
”وري ڪڏهن موٽيندين؟“
”اهو ڪوئي...“
”مهرباني ڪري اڱاري جو موٽجانءِ.“
ذخاريف پنهنجي گنجي کوپڙي لوڏي ۽ اکيون ڇنڀي، انجام ڪندو هو
حمام کان موٽي صاف ۽ سٺا ڪپڙا پائيندو هو، ٽاءِ
ٻڌي ريشمي واسڪوٽ پائي ان جي کيسي مان چانديءَ
جي زنجير ڪڍي ٻاهر لڙڪائي ڇڏيندو هو . ان کان
پوءِ ٻئي ڪنهن سان به ڪين ڳالهائيندو هو، رڳو مون
کي ۽ پاشڪا کي حڪم ڏيئي ويندو هو ته ڪارخاني کي
شام تائين صاف ڪري ڇڏجو ۽ ميز تان مٽي لاهي ڌوئي
ڇڏجو !“
پوءِ ته هر ڪاريگر عيش جي موج ۾اچي ويندو هو، هرڪو حمام مان
ٿي ڪپڙا پهري، ماني کائڻ هليو ويندو هو، شام جو
دير سان ذخاريف شراب ڪباب ۽ نان کنيو، اچي نڪرندو
هو، هن جي پٺيان هڪڙي ڊگهي ۽ متاري عورت به
هوندي هئي، جا ديو وانگر پئي لڳندي هئي، ان
عورت جو قد ساڍا ڇهه فوٽ هوندو هو، ان جي اڳيان
اسان جو قداور استانوف ٻار ۽ اسٽول، ميزون ۽
ڪرسيون رانديڪن وانگر ڏسڻ م ايندو هيون هونئن
ته قد آهر سندس جسم پورو پنو هو، پر هن جي ڇاتي
جبل جي ڏارن وانگر هن جي کاڏي ڏانهن اڀريل
هوندي هئي، هن جي هلڻ جي ٽور سست ۽ بي ڍنگي
هئي. هوءَ چاليهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي، پر هن جي
گهوڙي جهڙين وڏين اکين واري نرم چهري ۾ اڃا به ڪو
گهنج پيل ڪونه هو ۽ اهو تازو وڻندڙ پيو لڳندو هو.
هن جو وات بازار ۾ وڪامندڙ سستين گڏين وانگر
ننڍڙو هو، هوءَ سڀني سان ڏند شيڪيندي هئي، ۽
واهيات ۽اجايون ڳالهيون ڪرڻ لڳندي هئي –” ڪهڙو
حال آهي؟ اڄ ته سچ پچ سيءُ آهي. هتي ڪهڙي ته
بدبوءِ آهي! شايد وارنش ۽ رنگ جي بوءِ آهي. طبيعت
ته ٺيڪ آهي نه؟“
عام طرح ان عورت کي ڏسندي حرض ٿيندو هو، هوءَ ائين لڳندي هئي ڄڻ
ته ڪا چپ چاپ وهندڙ ڪشادي ندي آهي، پر ڳالهائڻ
ويل اهڙي بي معنيٰ ۽ اجائي گفتگو ڪندي هئي، جو هن
جا مـِٽاگول مول ڦوڪجي ويندا هئا. انهيءَ تي
نوجوان کلڻ لڳندا هئا ۽ هڪ ٻئي کي ڪن ۾چوندا هئا
”انجڻ!“- ”نه چرچ جو منارو !“
پنهنجا چپ بندڪري ۽ پنهنجا هٿ ڇاتيءَ تي رکي، سماوار جي ويجهو
ميز تي ويهي رهندي هئي ۽ پنهنجن گهوڙي جهڙين وڏين
اکين مان دوستاڻي نموني اسان مان هر هڪ ڏانهن
واري واري سان ڏسندي ويندي هئي. اسين سڀ هن سان
عزت سان پيش ايندا هئاسين. ننڍن جا ته هن کي ڏسندي
اوسان ئي خطا ٿي ويندا هئا، اهي هن جي پهاڙ
جهڙي جسم کي چاهه مان نهارڻ لڳندا هئا، پر جي
انهن جون اکيون هن جي اکين سان ملي وينديون
هيون ته هڪا ٻڪا ٿي، اکيون هيٺ ڪري ڇڏيندا هئا.
ذخاريف به هن سان ادب سان پيش ايندو هو، ۽ هن کي
”پاريسرڻ “ ڪري سڏيندو هو. هو هن جي خوشامد ۾ کٿو
نه پڄندو هو ۽ گهڙي گهڙي پيو هن جي اڳيان جهڪندو
هو. انهيءَ تي هوءَ مٿين دل سان اعتراض ڪرڻ لڳندي
هئي، ”ڏس منهنجي لاءِ ايڏي تڪليف جي ضرورت ناهي،
نه ئي پاڻ کي ايترو هلاڪ ڪر .“
هن کي وڃڻ جي ڪڏهن به تڪڙ نه هوندي هئي، هن جي ٺونٺ جتي رکيل
هوندي هئي، اتي رکي رهندي هئي ۽ رڳو هن جا هٿ ڪم
سانگي چر پر پيا ڪندا هئا، جن جي جسم مان سينٽ
جي گرم خوشبوءَ تنور مان تازيءَ نڪتل مانيءَ
وانگر اچڻ لڳندي هئي، هڪڙي پوڙهي ڪاريگر هن
جي حسن جي واکاڻ ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو، ۽
هوءَ به اها واکاڻ اهڙي ريت ٻڌڻ لڳي، ڄڻ ته هن
جي اڳيان ڪو پادري منبر تي وعظ ڪري رهيو هو،
جڏهن هو اچي منجهيو، ته هوءَ مٺڙي نموني مرڪي
پنهنجي آتم ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳي، ”سچي ڳالهه ته اها
آهي ته مان ننڍ پڻ ۾ڪا اهڙي سهڻي ڪانه هيس، پر
جڏهن ٽيهن ورهين جي ٿيس، ته منهنجي سونهن اهڙي
سرس ٿي، جو وڏا وڏا امير به منهنجي عشق جو دم ڀرڻ
لڳا، هڪڙي ڪپتان ته مون کي ٻن گهوڙن واريءَ بگي
ڏيڻ جي آڇ ڪئي .“
انهيءَ وچ ۾ ڪاپين ڊوخين تي نشي جو پورو اثر ٿي ويو، هن ڏانهن
خار ۾ نهاري کهري نموني پڇيائين ،”ڇا جي لاءِ
توکي ٻن گهوڙن واري بگي پئي ڏنائين ؟“
”محبت لاءِ .“
”محبت لاءِ ؟“ڪاپين ڊوخين گهڙي لاءِ منجهي ويو...”ڇا مطلب ؟“
عورت سادگيءَ سان وراڻيو ،”تو جهڙي سهڻي جوان کي ته محبت جي
معاملي جي خبر هئڻ گهرجي!“
ڪارخانو ٽهڪن سان گونجڻ لڳو، استانوف قزاق کي هوريان چيو ”هيءَ
رن بيوقوف آهي– اُن کان به ڪجهه وڌ ماڻهوءَ جو
انڌو جوش آهي، جيڪو ماڻهوءَ کي هن ڏانهن مائل ٿو
ڪري، نه ته ...“
نشي ڪري هن جو رنگ زرد ٿي ويو هو، هن جي لوندڙين وٽ پگهر جا
قطرا موتين وانگر چمڪي رهيا هئا. هن جي جذباتي
اکين مان وحشت ڀريل اُلا نڪري رهيا هئا.
پوڙهي گولونيف پنهنجي آڱرين سان اکين مان ڳوڙها اگهي، نڪ
سڻڪي، هن کان پڇيو، ”توکي ڪيترا ٻار آهن ؟“
”صرف هڪڙو “
هڪڙي بتي ميز جي مٿان ٻي تنور جي مٿان ٻري رهي هئي. انهن
بتين جي روشني جهيڻي هئي. ڪنڊن ۾اونداها پاڇا
نچي رهيا هئا، جن مان بنا چهرن جي نامڪمل
مجسما هيبتناڪ نموني نهاري رهيا هئا، انهن جي
نامڪمل چهرن، هٿن ۽ پيرن جي مٿان چڙهيل ميرانجهڙا
خول ڀوائتا ۽ بي ڊولا ٿي لڳا. مون کي پنهنجو وهم
ياد اچي ويو ته درويشن جا روح انهن چٽيل مجسمن
مان ڪو چورائي ويو آهي، شيِشي جا گول پيالا اُهي
ئي ڇت مان رسين سان ٽنگيا پيا هئا، ۽ دونهين جا
بادل انهن جي چوگرد ڦري رهيا هئا، جنهن ڪري انهن
مان نيري رنگ جي روشني نڪري رهي هئي.
ذخاريف ميز جي چوگرد چڪر لڳائي هر ڪنهن ماڻهوءَ کي کائڻ پيئڻ
لاءِ گذارش ڪري رهيو هو. هن جو تراکڙو گنجو مٿو هر
هڪ جي اڳيان لڏندو پئي ويو، ۽ هن جون ڪاٺين
جهڙيون سڪل آڱريون لڳاتار چري پري رهيون هيون.
هن هيڻي مڙس جو نڪ شڪاري پکيءَ جي چهنب وانگر
ٻاهر نڪتو بيٺو هو. جڏهن ان تي روشني ٿي پيئي،
ته ان جو پاڇو هن جي ڳل تي پکڙجي پئي ويو . هو
پنهنجي کڙڪيدار آواز ۾ ور ور ڪري چئي رهيو هو،
دوستو! کائو ۽ پيئو !“
”پاريسري، پاڻ کي تڪليف نه ڏي،“ عورت گفتو ڪڍيو،”هر ڪنهن کي
پنهنجا هٿ ۽ پنهنجو پيٽ آهي، ۽ جي ڪو چاهي ته
به پيٽ ڀرڻ کان وڌ کائي نٿو سگهي !“
”دوستو، هاڻي صبر سان ويهو،“ ذخاريف بلند آواز ۾ رڙ ڪري چيو
”اسين سڀ خدا جا ٻانها آهيون، اچو ته گڏجي ڳايون
–تعريف ان خدا جي !“
شراب ڪباب ماڻهن جا مٿا ڦيري ڇڏيا هئا، تنهن ڪري مناجات مزو
نه ڪيو.ڪاپين ڊوخين هٿ ۾ مونيڪا جهليو ويٺو
هو،نوجوان وڪٽر سلاتين جيڪو ڪانوَ وانگر ڪارو ۽
سنجيده هو، تنبورو ڳچي ۾ وجهيو بيٺو هو ۽
پنهنجن هٿن سان ان کي وڄائي رهيو هو.
”هاڻي روسي ناچ شروع ٿيڻ گهرجي.”ذخاريف فرمائش ڪئي ”پاڙيسرڻ!
ڇا، مان توسان نچي سگهان ٿو!“ عورت کي گذارش
ڪندي چيائين.
”آه !“ عورت وڏو ساه کڻندي چيو، ”تون پاڻ کي ڪيڏو نه تڪليف ۾ٿو
وجهين !“
ميدان صاف ڪيو ويو، ۽ هوءَ سنتريءَ وانگر وچ ميدان ۾ اٿي بيهي
رهي، هن کي ويڪرو ناسي گهگهرو ۽ ان تي ڦڪو گج
پهريل هو ۽ مٿي تي ڳاڙهو رومال ٻڌل هو. مونيڪا
کي هٿ لڳندي ئي اُن جا آواز لرزش ۾ اچي ويا ۽ ڏک
ڀريل آلاپ شروع ڪري ڏنائون. تنبوري اُنهن سان
سـُر ۾ سـُر ملايو، ۽ اُن جي تارن ٿڌا شوڪارا ڀرڻ
شروع ڪيا، پر موسيقيءَ به ڪو مزو نه ڪيو، ائين
ٿي لڳو ڄڻ ڪو ماڻهو جنون ۾ اچي پنهنجو مٿو ڀت
سان ٽڪرائي رهيو هجي.
ذخاريف کي ته ناچ ايندو ئي نه هو، ٻڪريءَ وانگر هيڏانهن هوڏانهن
ٺينگ پئي ڏنائين. هن جا پير سازن جي سرتار تي
ڪڏهن به پورا فرش تي نه پئي پيا، ائين ٿي لڳو
ڄڻ ڄنگهون هن جون هيون ئي نه، ۽ هن جي جسم اهڙي
بڇڙي نموني پئي ور وڪڙ کاڌا، جيئن ڏينڀو
ڪوريئڙي جي ۽ مڇي مهاڻي جي ڄار ۾ کائيندي آهي.
جيتوڻيڪ اهو نظارو وڻندڙ نه هو، تڏهن به سڀ
ماڻهو، پيتل ۽ اڻ پيتل، هن جي هٿن ۽ منهن جي
چرپر ۽ رنگن کي ڏسي رهيا هئا. هن جي منهن جا
نمونا پئي مٽيا سٽيا، ڪڏهن اُهو مٺڙو ۽ پيارو
پئي ٿي ويو، ڪڏهن ان ۾ هيٺ ۽ غرور جي جهلڪ اچي
ٿي ويئي. ۽ ڪڏهن ڪاوڙ ۽ غصي ۾ اڀامي ٿي ويو.
پوءِ ٿڌا ساهه کڻي، پنهنجون اکيون بند ڪري، اُهي
اهڙيءَ ريت ٿي کوليائين، جو سڄو غم جي بار سان
جهڪيل ٿي محسوس ٿيو. پنهنجون مٺيون بند ڪري
ٻليءَ پير هن عورت ڏانهن ٿي وڌيو، پر جڏهن ان جي
ويجهو ٿي پهتو، تڏهن زمين تي لت هڻي پنهنجي گوڏن
تي ويهي، پنهنجا هٿ ڊگها ۽ اکيون مٿي ڪري، هن ڏا
نهن مرڪي نهارڻ ٿي لڳو. جواب ۾ هن به مرڪي ۽ مٺڙي
نموني ٿي چيس – ”مهربان، اٿي کڙو ٿي!“ هن جون
اکيون چاهينديون هيون ته ٻوٽجن، پر هن جي ڇپرن
کان گهڻيون وڏيون هونديون هيون، جنهن ڪري هن جي
شڪل اڻ وڻندڙ ٿي ويندي هئي.
پاڙيسرڻ پاڻ به ناچ ۾ الهڙ هئي، رڳو هيڏانهن ۽ هوڏانهن پيئي
جانٺا هڻندي هئي، ۽ پنهنجي وزني بت جي بار کي هڪ
ڄنگهه کان ٻيءَ ڄنگهه تي پيئي اڇلائيندي هئي، هن
جي کاٻي هٿ ۾رومال هوندو هو، جيڪو هوءَ وڏي
مشڪل سان لوڏي سگهندي هئي، ۽ هن جو سڄو هٿ هن
جي چيلهه تي اهڙي ريت رکيل هوندو هو، جو هن جي
شڪل پيرن کان مٿي تائين هڪڙي وڏي ڪوزي جهڙي نظر
ايندي هئي.
جڏهن ذخاريف هن ڀڪ جهڙيءَ عورت جي چوگرد ڦيرا پائيندو هو ته هن
جي منهن جا رنگ پيا لهندا چڙهندا هئا، ائين
لڳندو هو ته هڪ نه آهي پر ڏهه ماڻهو آهن، جي نچي
رهيا هئا، جيڪڏهن هن جي هڪ شڪل ۾نوڙت ۽ نياز هو
ته ٻيءَ ۾ مغروري ۽ بي رخي ۽ ٽئين ۾هو اهڙو
ڊنل ۽ هيسايل لڳندو هو، ڄڻ انهيءَ خوفناڪ بلا
کان کسڪي ڀڄي وڃڻ گهرندو هجي، پوءِ هن جي ٻي
شڪل نمودار ٿيندي هئي، جنهن ۾ موچڙن لڳل ڪتي
وانگر هن جا ڏند ٻاهر نڪري ايندا هئا، ۽ بت پيو
وٽ سٽ کائيندو هوس، هن اڻ وڻندڙ ۽ بي مزي ناچ کي
ڏسي مون کي پنهنجي پاڙي ۾ ڏٺل سپاهين، اردلين ۽
کٽياڻين جا ڪڌا ڪرتوت ياد اچي ويا هئا.
انهيءَ مهل مون کي سوڊوروف جا سرد لفظ دل تي تي آيا، ”اهڙن
معاملن ۾ هر ڪو ٺڳڻ جي ڪوشش ڪندو آهي- انهيءَ راند
جو اهو قانون آهي، محبت وغيره ڪجهه ڪانهي سڀ دل
کي وندرائڻ جون ڳالهيون آهن .“
مون کي ان ڳالهه تي ويساهه ئي نه ايندو هو ته انهن معاملن ۾ هر
ڪو ٺڳڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڇا، ملڪ مارگاٽ به
ائين ڪندي هئي؟ ۽ اها به پڪ هوندي هيم ته گهٽ ۾
گهٽ ذخاريف سچو هو، مون کي پتو هو ته هڪڙيءَ گهٽين
جي رولاڪ ڇوڪريءَ جنهن سان استانوف عشق ۾ڦاسي پيو
هو، استانوف کي ڌوڪو ڏنو هو. انهيءَ هوندي به هن
دوستن جي راءِ رد ڪري هن کي مارڪٽ ڪانه ڪئي هئي،
پر پاڻ هن سان وڌيڪ قرب سان پيش آيو هو.
هوءَ ڀڪ جهڙي عورت ڦيرا پائي رهي هئي، هن جي چپن تي مردن جهڙي
مرڪ هئي ۽ هر هر هٿ سان رومال لوڏي رهي هئي.
ذخاريف به هن جي چوگرد اهي ئي ٺينگ ڏئي رهيو هو .
چهرن لٿل مجسما ڀتين تي پنهنجا اونداها پاڇا وجهي رهيا
هئا، رات جي تاريڪي در درين ۽ ڀتين جي اوٽ مان
لياڪا پائي رهي هئي موم بتين جي روشني جهڪي ٿي
ويئي هئي ۽ ڪارخانو گندي هوا سان ڀرجي ويو هو،
جيڪڏهن ڪو ڪن لائي ٻڌي ها ته ٽامي جي نلڪي مان ڪاٺ
جي ٽپ ۾ ڪرندڙ پاڻيءَ جي ڦڙن جو آواز انهيءَ
گوڙ شور ۾ به صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو.
ڪتابن ۾ پيش ڪيل زندگي کان اهو سڀ ڪجهه ڪيڏو نه
مختلف ۽ ڪيڏو نه الم انگيز هو.
آخر ڪار سڀ ماڻهو انهيءَ تماشي مان تنگ ٿي پيا ۽
ڪوپين ڊوخين هارمونيڪا سلانين کي ڏيندي، چيو ، ”
اچو ته گڏ جي ناچ ڪريون !“
هن
کي ڏسي، مون کي سگنوڪ ياد اچي ويو، هي به ان
وانگر ائين نچي رهيو هو، ڄڻ هوا ۾ ڦيريون
پائيندو هجي. پاشڪا ۽ سوروڪن به هن جي پٺيان
ڏاڍي ذوق مان تيز تيز قدم کڻڻ لڳا. سلهه وارو
ڊئوڊوف به فرش تي پير هڻي، شروع ٿي ويو، ۽ سڄو
وقت، مٽيءَ، دونهين، ووڊڪا ۽ سڙيل چمڙي جهڙي
ڪباب جي بوءِ جي ڪري پئي کنگهيو. هو نچڻ، ڳائڻ ۽
رڙيون ڪرڻ ۾ مشغول هئا، هنن ڄاتو پئي ته اُهو
ڏينهن هنن جي موڪل ۽ خوشيءَ جو ڏينهن هو، تنهن
ڪري هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ لاءِ پنهنجي فن ۽ ڪمال
جو مظاهرو پئي ڪيائون.
استانوف نشي ۾بنهه چور هو . هن جي منهن مان ئي ٿي لڳو، ڄڻ
اِجهو ٿو روئي، هر ڪنهن کان هو پڇي رهيو هو،”ڇا،
ڪو ماڻهو اهڙيءَ عورت سان پيار ڪري سگهي ٿو؟“
لاريونچ پنهنجا ڪلها ڌوڏي،”عورت مڙيئي عورت آهي، توکي ٻيو
وڌيڪ ڇا گهرجي؟“
هيءُ جوڙو جنهن بابت بحث هلي رهيو هو، چپ چاپ ڪيڏانهن کسڪي
ويو. اهڙي موجي ڏينهن کان پوءِ ذخاريف ٻن ٽن ڏينهن
تائين ڪارخاني ۾ ڪين موٽندو هو، ۽ موٽڻ کانپوءِ
وري وات ۾مڱ وجهي، پنهنجي ڪنڊ وٺي، پنهنجي ليکي
ماٺ ڪيو، پندرهين ڏينهن تائين پيو ڪم ڪندو هو .
”هليا ويا ڇا؟“ استانوف پنهنجين روئڻهارڪين نيرين اکين سان
ڪارخاني جي چئن ئي ڪنڊن کي چڪاسي، پاڻ کان پڇيو.
هن جو منهن پڪو هوندو هو، جو پنهنجيءَ عمر کان
وڌيڪ وڏو لڳندو هو . پر هن جو ن اکيون قرب ڀريون
۽ سهڻيون هونديون هيون. هن جي مون سان سنگت هوندي
هئي ۽ ان جو خاص سبب منهنجو اهو نوٽبڪ هو، جنهن
۾ مون شعر نقل ڪري ڇڏيا هئا، هن جو خدا ۾اعتبار
ڪونه هوندو هو. حقيقت ۾لاريونچ کان سواءِ ڪارخاني
۾ ٻيو ڪوبه اهڙو ماڻهو ڪونه هو، جنهن جي لاءِ
ائين پڪ سان چئي سگهجي ته هن کي خدا ۾ اعتبار يا
ان سان محبت هئي، هو سڀ خدا جو ذڪر ڪجهه اهڙي رکي
نموني ڪندا هئا، جيئن ڪي ڪارخاني جا مزور
ڪارخاني جي مالڪ جو ڪندا آهن. اُنهيءَ هوندي به
ماني کائڻ ويل هو پاڻ تي صليب جو نشان بنائيندا
هئا، رات جو سمهڻ ويل دعا گهرندا هئا، ۽ آچر ۽
ٻين ڏينهن تي چرچ ڏانهن ويندا هئا، البت استانوف
ائين ڪين ڪندو هو جنهن ڪري کيس دهريو سمجهيو ويندو
هو.
”خدا آهي ئي ڪونه، “ هو ڳالهه تي ڳت ڏيئي چوندو هو .
”پوءِ اسين ڪيئن پيدا ٿياسين ؟“
” مون کي پتو ڪونهي .“
”ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته خدا آهي ئي ڪونه؟“ مون هن کان
پڇيو، هن پنهنجي ٻانهن پنهنجي مٿي کان ڊگهي
ڪندي چيو، ”توکي پتو هوندو ته خدا اعليٰ آهي.“
پوءِ پنهني ٻانهن ٿلهي کان هيٺ ڪندي چيائين، ”۽
انسان ادنيٰ آهي!“ ٺيڪ آ ؟
پر بائيبل ۾لکيل آهي ته انسان خدا جي شڪل ۾پيدا ڪيو ويوآهي.
اها ڳالهه مون کي منجهائي رکندي هئي. هـُن ڇيڳري، گدلي
مواليءَ پوڙهي ۾ ايڏي عمر هوندي به انيڪ برايون
هونديون هيون. هن کي ڏسي وياتڪن وارو سپاهي،
ارموخن، ۽ نانيءَ جي ڀيڻ ياد اچي ويندا هئم -
”توکي پتو آهي ته سڀ انسان بـُرا آهن .“
استانوف فتويٰ ڏني، پوءِ منهنجي دلجوئي ڪندي چيائين،”پر
الڪسي، سچ پچ ڪجهه چڱا ماڻهو به موجود آهن .“
استانوف سان گڏ گذارڻ سولو هو، ڇا لاءِ ته هو دل جو صاف هو،
جيڪڏهن هن کي ڪنهن ڳالهه جي خبر نه هوندي هئي،
ته هو صاف چئي ڏيندو هو. انهيءَ ڳالهه ۾هو بي مثال
هو، هن سان ملڻ کان اڳ جن به ماڻهن سان مليو
هوس، اُهي همه دان هئا، ۽ هر ڪنهن موضوع تي بحث
ڪرڻ لڳندا هئا.
مون کي اِها ڳالهه ڏسي حيرت ٿيندي هئي ته استانوف جي بيانن ۾
اهڙن اعليٰ شعرن جي انتخاب سان گڏ، جي پڙهڻ سان
دل ۾ گهر ڪري وڃن، اهڙا بيهودا شعر به لکيل هوندا
هئا، جن جي پڙهندي لڄ اچي ويندي هئي. جڏهن مون
هن سان پشڪن جي ڳالهه ڪئي ته هن پشڪن جو نظم
”گئريلاڊا“ ڏيکاريو، جيڪو هن جي بياض ۾نقل ڪيل هو
.
”پشڪن؟ هو ته هلڪو آهي، ها، باقي بينڊڪٽوف جي ڳالهه ڪر .“
پوءِ اکيون ٻوٽي مدهوشي جي عالم ۾، بينڊڪٽوف جا شعر ٻڌائڻ
شروع ڪندو هو:
”ڏس هن نوجوان ننگريءَ جي
جياريندڙ ڇاتيءَ ۾
ڪهڙو نه جادو آهي !“
هيٺيون سٽون خاص هن جي دل وٽان هونديون هيون، ۽ اهي هو وڏي
اڌمي بلڪ جنون سان ٻڌائيندو هو:
”عقاب جي تيز اک به منهنجي محبوب جي لڄاريءَ
دل جي گهراين تائين پهچي نٿي سگهي .“
هو انهيءَ ڳالهه تي بلڪل وائڙو ٿي ويو، جڏهن مون کيس چيو ته
مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي آئي ته هن کي ان
شعر ۾ڇو ٿي مزو آيو . |