باب يارهون
وري آءٌ هڪڙي آگبوٽ جي پورچيخاني ۾ ٿانون ڌوئڻ جي ڪم تي لڳي
ويس، جهاز جو نالو ”پرم“ هو ان جي رفتار تيز،
ڪمرا ڪشادا ۽ رنگ بدڪ جهڙو سفيد هو، منهنجو پگهار
ماهوار ست روبل مقرر ٿيو، ۽ وري به هيڊ بورچيءَ
جي هٿ هيٺ ڪم ڪرڻ لڳس،
جهاز جو نائب ڪپتان ڏاڍو ٿلهو هو. هن جو پيٽ ٻاهر نڪتل ۽ ٽڪڻ
بليئرڊ جي بال وانگر لسي هئي، پٺيءَ پٺيان هٿ
ٻڌيو سڄو ڏينهن ڇـُڙيل رڇ وانگر ڊيڪ کي ڪڇيندو
وتندو هو ۽ جڏهن گرمي گهٽيندي هيس ته پاڇي ڏانهن
ڀڄندو هو، هن جي زال ڀنڀوريءَ وانگر هيڏانهن
هوڏانهن ڦرندي وتندي هئي، گرچ چاليهن جي لڳ ڀڳ
هئي اڃا ٺاهوڪي لڳندي هئي پر هو مرجهايل گل
وانگر پائوڊر سان منهن کي اهڙو ٿـڦيندي هئي جو
پائوڊر هن جي ڳلن تان لهي هن جي رنگين لباس کي
ليپو ڏيئي ڇڏيندو هو.
بورچيخاني تي جنهن جي حڪم جو سڪو هلندو هو، اهو ”اوان او
انووچ“ نالي هيڊ بورچي هو، هو قد جو ڍينڊو ۽ بت
جو سگهارو هو، هن کي ٽيڊي رڇ ڪري چيڙائيندا هئا،
هن جو نڪ ڪنڍو ۽ اکيون حرفتي هيون رنگين مزاج
هئڻ ڪري هر روز ڏاڙهي ڪوڙيندو هو ۽ ڪلف لڳل ڪالر
پائيندو هو، هن جي ڳلن جو رنگ نيلاڻ مائل هو ۽
هن جون ڪاريون مڇون مٿي اڀيون بيٺيون هونديون
هيون جيڪا به گهڙي ملندي هيس ته کيسي مان آئينو
ڪڍي پنهنجن دونهاٽيل آڱرين سان پيو انهن کي
مروٽيندو هو.
جهاز ۾سڀني کان نمايان شخصيت جو مالڪ کوري جو آگ مئن جئڪ شوموف
هو هن جو جسم راٺوڙ ۽ ڇاتي موڪري هئي هن جو نڪ
چپترو ۽ رنبي جهڙو سڌو هو هن جي گهاٽن ڀرن
۾ڪافيءَ جي رنگ جهڙيون اکيون لڪيون پيون هونديون
هيون، هن جا سخت ۽ گهنڊيدار وار ڌرتي جي ڇٻر وانگر
هن جي ڳلن کي ڍڪيو بيٺا هوندا هئا، ۽ ساڳئي ڍنگ
جا وار هن جي مٿي تي ٽوپ وانگر ڏسڻ ۾ ايندا هئا،
۽ وڏي مشڪل سان انهن وارن مان هن جون ڏنگيون
ڦڏيون آڱريون کوپريءَ تائين پهچي سگهنديون
هيون.
هو رميءَ جو اٽڪلي کيڏاري هو ۽ حد کان زياده لوڀي هو، ڏڪاريل
ڪتي وانگر بورچيخاني ۾ گوشت ۽ ماني ڳوليندو وتندو
هو، هو چانهه اوانووچ سان گڏجي پيئندو ۽ ان کي
پنهنجا گذريل وقتن جا عجيب ۽ غريب قصا ٻڌائيندو
هو، هو ننڍ پڻ ۾ ريازان جي هڪڙي ريڊار وٽ ڪم ڪندو
هو، هڪڙي ڏينهن هڪڙو راهب هن کي ريبي پاڻ سان
وٺي ويو ۽ چار سال هڪڙي خانقاهه ۾ راهب ٿي
گذاريائين.
”مان جيڪر اڄ به راهب هجان ها،“ هو مزاحيه انداز ۾چوندو هو ”پر
اسان جي خانقاهه ۾ پينزا کان زيارت واسطي هڪڙي
عقيدتمند عورت اچي نڪتي انهيءَ عورت منهنجا ماشا
ئي ڦيرائي ڇڏيا، ”تون ملڪ جو جانٺو جوان ۽ مان
آبروءَ واري رن زال مونسان گڏ گهارڻ لاءِ تنهنجو
ڪهڙو خيال آهي؟، اها ڳالهه منهنجي دل سان ٺهڪي
آئي، ۽ مان هن سان هليو ويس، مان هن جو يار هوس ۽
اسان هڪ ٻئي سان ٽي سال اهڙي گرم جوشي سان
گذاريا جيئن تنور ۾روٽي. “
ٽيڊي رڇ، ڳالهه جي وچ ۾پنهنجي نڪ تي نڪتل ڦرڙي کي هٿ لاهيندي
چيس، ”هڻ ڪوڙ جيڪڏهن ڪوڙ هڻڻ ۾ڪمائي ٿئي ها ته
تنهنجا لک جمع هجن ها. “
جئڪ ان جي جواب ۾ٿورو ڀڻڪيو ۽ هن جي سخت وارن ۾ جيڪي هن جي
مڇن ۽ چوٽين ۽ لسي منهن کي ڍڪيو بيٺا هئا ٿوري
چرپر ٿي تنهن کانپوءِ هن هيڊ بورچي جو ڍيڪ ٻڌو
اڻ ٻڌو ڪري ساڳيءَ تيزي سان قصو شروع ڪيو، مون
کان هوءَ ٿوري عمر ۾پڪي هئي تنهن ڪري هن مان جلدي
منهنجي دل ڀرجي ويئي، ۽ مان هن جي ڀائيٽي سان دل
وندرائڻ لڳس، جڏهن هن کي ان جو پتو پيو تڏهن ڳٿڙ
کان جهلي در جو منهن ڏيکاري ڇڏيائين.“
”تنهنجو اهو مرڪ به هو ”هيڊ بورچي اهڙي خوشي ڀرئي لهجي ۾چيس،
جهڙي لهجي سان جئڪ ڳالهه ٻڌائي رهيو هو.
جئڪ جي ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏيڻ کانسواءِ مٽ ۾کنڊ جي لپ هڻندي
چيو ”مون کي ڍڪر اچي ويا پر هڪڙي پوڙهي واپاريءَ
جو ساٿ ملي ويو، هن سان گڏ مون ساريءَ اڌ دنيا جي
راهن کي جهاڳيو، اسان بلقان جا جبل لتاڙي ترڪي،
رومانيا، گريس، سڄي آسٽريليا ۽ ٻيا ملڪن جا ملڪ
گهميا جتي گراهڪ جو ڏس پئي مليو، اسان ٽپڙ کڻي
اتي پئي پهتاسين. “
”چوري به ڪندو هئين ؟“
هيڊ بورچي ءَ ساڀيان ۾پڇيس.
”بلڪل نه“ پوڙهي اڳي ئي چتاءُ ڏيئي ڇڏيو هو –’ ٻاهر توکي
ايماندار ٿي رهڻو پوندو، اتي ڏاڍي سختي آهي، ڪنهن
خسيس شيءَ کي به هٿ لڳايو نه ٿئي، تنهنجو سر وڍيو
ناهي!‘ مان اها ڳالهه مڃان ٿو ته هڪڙي ڀيري ڪنهن
شيءَ جي تڳائڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ڪجهه به حاصل نه
ٿيو. هڪڙي سوداگر جي اڱڻ ما گهوڙي ڪڍڻ ۾
ڪامياب ٿي ويس، پر اڃا ٿورو اڳتي نه وڌيس ته
پڪڙجي پيس، خوب موچڙا هڻي پوليس لاڪپ ۾ڏيئي
ڇڏيائون، منهنجو هڪڙو ٻيو ساٿي هو اهو سچ پچ
گهوڙن جو چور هو پر مون جيڪي ڪجهه ڪيو هو، سو مزي
خاطر.
”پوءِ سوداگر اوچتو بيمار ٿي پيو.۽ رات جو خراب خواب لهڻ لڳو،
جنهن ۾ هن کي رڳو منهجي صورت ڏسڻ ۾پئي آئي، تنهن
ڪر ي هو اچي ڊنو. ڪورٽ ۾وڃي، جج کي ليلائي چيائين.
الله لڳ هن جي ڀائيواريءَ مان مون کي ڇڏايو!‘ ’هن
جي معنيٰ ته منهنجي‘-، ڌڻي واسطي هن کان منهنجي
جان ڇڏايو، هيءُ ڪو ڀوپو آهي.‘ ٿورو خيال ڪيو،
انهيءَ جي معنيٰ ته مان –ڀوپو! ’هن منهنجي ننڊ وه
ڪري ڇڏي آهي‘ مون کي خراب خواب ٿا اچن، جيڪڏهن
توهين هن کي نه ڇڏيندا ته توهان به بيمار ٿي
پوندا.‘ وغيره. سوداگر اثر وارو هو، تنهن ڪري هن
جي جند مون مان آزاد ٿي. “
”مان هجان ها ته توکي ڪڏهن به نه ڇڏيان ها، ٽيڊي رڇ چيو. ”مان
ته توکي پاڻيءَ ۾ ابتو ٽنگي ڇڏيان ها، جيئن تنهنجي
مستي ڌوپي وڃي ها.“
انهيءَ تي جئڪ فرمايو ”مون کي خبر آهي ته مون ۾ ڪافي مستي آهي.
بلڪل هڪ سڄي ڳوٺ جي برابر.“
پنهنجي ڪالر کي آڱرين سان ڪاوڙ ۾ سٽ ڏيندي، هيڊ بورچيءَ چڙ مان
چيو، ”واهيات! مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي
اچي ته تو جهڙو بيڪار ماڻهو ڪيئن پنهنجو وقت گذاري
سگهيو هوندو– خوب پيٽ ڀري کاڌو هوندائين ۽سڄِي
دنيا جو سير به ڪيو هوندائين! آخر مون کي به ته
پتو پوي ته تو ۾ اها ڪهڙي مڻيا آهي؟“
آگ مئن مزي سان گره چٻاڙيندي جواب ڏنس ”مان پاڻ اها ڳالهه
ڄاڻڻ ٿو گهران. مان توکي اهو ٻڌائي سگهان ٿو ته
منهنجو وقت سٺو پيو گذري. دنيا ۾هڪڙا ماڻهو ستا
پيا آهن، ٻيا گهمن پيا، ۽ ٽيان ويٺا آهن پر
کائڻ لاءِ هرڪو وات ڦاڙيو پيو اچي.“
انهيءَ تي پاڻ هيڊ بورچي کي وڌيڪ چڻنگ لڳي ويئي، ”تون سچ پچ
ته بڇڙي سوئرکان به بڇڙو سوئر آهين – اصل پليت
سوئر - “
جئڪ وائڙو ٿي پچيس ”تون ڇا تي ڪپڙن کان ٻاهر نڪتو ٿو وڃين ؟
سڀئي ماڻهو هڪڙي وڻ جو ٻج آهن، مون کي گاڙين ڏيڻ
مان ڇا هڙ حاصل، توکي پتوآهي ته گارين جي ڪري
مون ۾ ڪو سڌار ڪين ايندو. “
مون کي جلدي ان ماڻهو لاءِ چاهه پيدا ٿي ويو، جنهن جون ڳالهيون
ڪن ڇٻا ڪيو ۽ وات پٽيو ويٺو ٻڌندو هوس. مان
محسوس ڪندو هوس ته هن کي زندگي جو اونهو تجربو
آهي. هو ڪپتان، داروغي، فرسٽ ڪلاس جي مغرور
مسافرن ’خلاصين، اردلين‘ ڊيڪ جي مسافرن سڀني سان
تمام گهري نموني ڳالهائيندو هو – ڄڻ ته هو پاڻ
انهن جي درجي وارو ماڻهو هو.
جڏهن به ڪپتان يا انجنير ڪنهن ڪم کان غفلت يا پتن ۾ ٺڳي ڪرڻ جي
خلاف ڇنڊ ڪڍڻ لاءِ هن کي گهرائيندا هئا، ته هو
انهن جي اڳيان پنهنجا رڇ جهڙا هٿ پٺيءَ پويان
ٻڌيو، بيٺو هوندو هو ۽ هنن جون ڳالهيون ٻڌندو هو،
۽ ائين بيٺو هوندو هو ڄڻ انهن ڳالهين سان هن جو
ڪو واسطو ئي ڪونه هو. نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏڻ جي
دڙڪن جي به هن کي پرواهه ڪانه ٿيندي هئي، هن کي
ڏسي، مون کي اهو احساس ٿيندو هو ته هو به ’نيڪ
خيال‘ وانگر ٻين کان مختلف انسان هو. هن کي به
انهيءَ ڳالهه جي پروڙ هئي ته هو ٻين کان مختلف هو
۽ ماڻهو هن کي سمجهي نٿي سگهيا.
مون کي اها ڳالهه ياد نه ٿي اچي ته هن ماڻهوءَ کي ڪنهن ڳالهه
جو ڪڏهن ڪو رنج ٿيو هجي، يا هن جي زبان کي ڪا گهڙي
بس آئي هجي، پاڻمرادو هنجي ٿلهن چپن مان لفظ
درياه جي اٿل وانگر پيا نڪرندا هئا، جنهن وقت هن
کي ڪو ڇينڀيندو هو يا هن کي ڪو قصو ڪا ڳالهه
ٻڌائيبي هئي تڏهن به هن جا چپ پيا چرندا هئا- يا
ته هي انهن لفظن کي دهرائيندو هو جيڪي هن کي چيا
ويندا هئا، يا ته پنهنجو پاڻ سان پيو ڳالهيون
ڪندو هو، هميشه جڏهن هنجو ڪم پورو ٿيندو هو ته هو
پنهنجي کوري مان پيرين اگهاڙو، تيل ۾ ٻڏل، پگهر
ڳاڙيندو، ٻاهر نڪرندو هو. هن جي قميص جا بٽڻ کليا
پيا هوندا هئا، جنهن ڪري هن جي وارن واري ڇاتي
ڏسبي رهبي هئي، انهيءَ وقت هن جو هڪ ڪـَرو گجندڙ
آواز ڊيڪ تي گونجڻ لڳندو هو ۽ لفظ هن جي وات مان
وڏ ڦڙي برسات وانگر وسڪارو لائي ڏيندا هئا.
”امڙ، سلام هجي ! ڪيڏانهن پئي وڃين؟ ڪرسٽوپول؟ مون اهو شهر ڏٺو
آهي. اتي رهيو به آهيان، اتي هڪڙي تاتار سان گڏ
رهندو هوس، جنهن جو نالو اومان گيڊولين هو. هو
پوڙهو مڙس هو ۽ ٽي زالون هونديون هيس، مڙس زبان
جو کهرو ۽ رنگ جو ڳاڙهو، هن جي هڪڙي زال بلڪل
جوان هئي، ۽ اها ڏاڍي وڻندڙ ۽ ٺاهو ڪي هوندي
هئي...“
هي جوان دنيا جون سڀ ڪنڊون ڏسي چڪو هو ۽ عورت به جيڪا ملي هيس
انهيءَ سان عشق ضرور ڪيو هئائين، سڀني ماڻهن جو
ذڪر، هو سواءِ ڪنهن بغض ۽ ڪيني جي ڪندو هو، ڄڻ ته
زندگيءَ ۾ڪنهن به هن کي ڏکويو نه هو، نه ئي ڪنهن
هن کي ڪڏهن بي آبرو ئي ڪيو هو.
گهڙي کن کان پوءِ هن جو آواز جهاز جي پاڇيل تان ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو
هو، ”دوستو، ڇا ٿا چئو؟ ٿي وڃن تاس جا هڪ ٻه هٿ؟
اچي پاڻ وندرايو، ويٺي ويٺي ڏوڪڙ ڪمايو، اڙي هن
کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو نفعي وارو ڌنڌو
آهي؟“
مون اها ڳالهه چڱي طرح جاچي ڏٺي هئي ته هو ڪنهن به شيءَ کي
چڱو يا بڇڙو نه چوندو هو، بلڪ انهن سان ”مزيدار“
۽ ”بي مزي“ جون صفتون لڳائي ڇڏيندو هو جيڪڏهن
ڪنهن به سهڻي عورت تي اک پيس ته چوندو هو،
”مزيدار جوانڙي آهي.“ ۽ جيڪڏهن هوا چڱي لڳندي هئي
ته چوندو، ”مزيدار ڏينهن آهي.“ هن جو هڪڙو خاص
تڪيو ڪلام هو ”هڻينس کڏ ۾ !“
هن کي سڀ ٽوٽي ۽ ڪاهل سمجهندا هئا، پر جيتري قدر مون ڏٺو هو ٻين
وانگر پوريءَ جوابداريءَ سان کوري جي دوزخ جي
دم گهٽندڙ دونهين ۾ ڪم ڪندو رهندو هو ۽ مون ڪڏهن
به هن جي واتان ٻين وانگر ٿڪ ۽گرميءَ جي شڪايت نه
ٻڌي.
هڪڙي ڏينهن هڪڙيءَ پوڙهي عورت جو ٻٽون ڪو چورائي کڻي ويو،
رات جو وقت هو آسمان صاف ۽ هوا ٺيڪ هئي، ماڻهن
جون طبيعتون البت نرم هيون. مائيءَ لاءِ مسافرن
چندو ڪٺو ڪرڻ شروع ڪيو، ڪپتان مائيءَ جي رقم جي
پورائي لاءَ پنج روبل ڏنا. جڏهن ڏوڪڙ مائيءَ جي
حوالي ڪيا ويا، ته مائيءَ جهڪي پاڻ تي صليب جو
نشان بنائي چوڻ لڳي ”عزيزو. هن ۾ته ٽيهه ڪوپيڪ
زياده آهن. “
”رکي ڇڏ مائي رکي ڇڏ !“ ڪنهن کلندي چيو، اهي سڀ تنهنجا آهن.“
جئڪ هن جي ڀرسان وڃي ڳنڀير ٿي چيس،”اهي مٿيان پيسا مون کي ڏي
ته پتن جي داءُ تي لڳايان!“ سڀني ۾ ٽهڪڙو پئجي
ويو، پر هو پڪو منهن ڪندي مائي کي چوندو رهيو
”ڇڏاءِ مائي، توکي انهن پئسن مان ڪهڙو فائدو
ٿيندو ؟ اڄ سڀاڻي تون هوئين ئي قبرستان
۾هوندينءَ. “
آخر جٺ ڦٺ ڪري ڀڄائي ڪڍيائونس جنهن تي مونکي عجب کائي،
چيائين”ماڻهو ڪيترا نه ڇسا آهن! انهيءَ ۾ماڻهن جو
ڪهڙو ڪم هو، جو وچ ۾ اچي پنهنجي ٽنگ اڙايائون؟ هن
پاڻ پئي چيو ته اهي مٿيان پئسا مون کي نه کپن، اهي
ويهه ڪوپيڪ، جي مون کي ملن ها، ته منهنجي لاءِ مزو
ٿي پوي ها.“
پئسن جي ديدار مان هن کي فرحت حاصل ٿيندي هئي. ۽ خوشيءَ مان
هن جون واڇون ٽڙي پونديون هيون. ڳالهين ڪرڻ ويل
به هو ڪنهن نه ڪنهن سڪي کي پنهنجي پتلون سان
مهٽيندو رهندو هو، تان جو اهو چمڪڻ لڳندو هو، ۽
پوءِ ان کي پنهنجي کهرين آڱرين ۾ نڪ سامهون جهلي،
ان ڏانهن نهاريندو هو، ته هن جي اکين ۾ چمڪ اچي
ويندي هئي. انهن ڳالهين هوندي به هو لالچي ۽ پيسي
جو بکيو ڪونه هوندو هو.
هڪڙي ڏينهن مون کي تاس جي اهڙي راند کيڏڻ لاءِ چيائين، جيڪا مون
کي نه ايندي هئي. عجب مان وات ڦاڙي چوڻ لڳو،
”توکي نه ايندي آهي؟ ۽ تون پاڻ کي پڙهيل ٿو
سمجهين ! توکي سکڻي پوندي. رڳو کنڊ لپ جو داءَ
لڳائينداسين. “
مون کنڊ جو اڌ پائونڊ کن هارايو. کنڊ جي لپ مٿان لپ هن جي مٽن
جي حوالي ٿيندي ويئي. جڏهن مان راند کي ڪجهه
سمجهڻ لڳس ته، چوڻ لڳو ” اچ ته هاڻي پئسن سان
کيڏون ؟ کيسي ۾ ڏوڪڙ اٿئي؟“
”پنج روبڪ.“
ظاهر آهي ته هن جلد ئي منهنجي هڙ ڦري ورتي. مونکي خار اچي ورتو
ته هار پوري ڪيان. تنهن ڪري پنهنجو جئڪيٽ لاهي
پنجن روبلن ۾ داءُ تي لڳايم. اهو به هارائي ويٺس.
پوءِ وري پنهنجا نوان جوتا داءُ تي لڳايم، ۽ اهي
به هارائي ڇڏيم. انهيءَ تي جئڪ ناراضپي ۽ ڪاوڙ مان
چيو، ”هڻيس کڏ ۾، توکي ته اڃا راند اچي ئي نه
ٿي، تون جهٽ پٽ جوش ۾ اچي ٿو وڃين! اڙي تو ته
جوتا به داءَ ۾لڳائي ڇڏيا، اچي وٺ پنهنجا پئسا
۽ٽپڙ – پر مان هڪ روبل استاديءَ طور کڻندس، ڪيئن
ٺيڪ آهي نه ؟“
مون هن جا ٿورا مڃيا.”هڻين کڏ ۾!“ هن جواب ڏنو. ”راند وندر لاءِ
آهي ۽ تون انهيءَ کي مقابلو بنائي ٿو ڇڏين. پر
مقابلي ۾به
جوش ۾ اچڻ مان ڪهڙو فائدو ! وڙهڻ کان اول ماڻهوءَ
کي پنهنجو ست سارڻ کپي. اجائي وڦلڻ مان ڇا حاصل ؟
تون اڃا ٻار آهين. توکي اهو سکڻ گهرجي ته پاڻ
تي ڪيئن قبضو رکجي، جيڪڏهن تون ڏسين ٿو ته تو هڪ
ڀيرو نه پر ڏهه ڀيرا هارايو آهي، ته هڻيس کڏ ۾.
اٿي، ٿوري جهٽ ساهي پٽي، وري اچي قسمت آزماءِ.
پتن راند ائين ٿيندي آهي. “
مون کي هن جي صحبت مان جيئن پوءِ تيئن مزو اچڻ لڳو، ۽ هو به مون
سان چڱي ريت پيش ايندو هو، هن جي ڪن ڳالهين ٻڌڻ
سان مون کي ناني ياد اچي ويندي هئي، انهيءَ
کانسواءِ هن ۾ ٻيون به ڪي اهڙيون ڳالهيون هونديون
هيون، جي منهنجي دل کي ڇڪي وٺنديون هيون، پر هن جي
طبيعت جي لاپرواهيءَ کي ڏسي مون کي ڪوفت به
ٿيندي هئي.
هڪڙي ڀيري سج لهڻ مهل هڪڙو سيڪنڊ ڪلاس جو ٿلهو متارو نشي ۾ چور
مسافر جهاز تان هيٺ ڪري پيو ۽ پاڻي ءَ جو تيز
وهڪرو هن کي پاڻ سان کڻي ويو، يڪدم جهاز بيهاريو
ويو، سج جي ڳاڙهي روشني ءَ ۾ ڦيٿن مان نڪرندڙ
تيل رت وانگر ٿي ڏسڻ ۾آيو. جهاز کان ڪافي پنڌ
پري رت جهڙي ڳاڙهي ڪن ۾ڪاري پاڇي وانگر ڪو جسم
پنهنجي زندگي لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو، ان جون
رڙيون اسان تائين پهچي رهيون هيون جن دل کي
ڏڪائي پئي ڇڏيو، مسافر پاڇيل وٽ هڪ ٻئي جي مٿان
ڳاهٽ پئي ٿيا، هڪ ٻئي کي ڌڪا ڌرما پئي ڏنائون ۽
رڙين جي جواب ۾ واڪا پئي ڪيائون. انهيءَ ماڻهو
جو هڪڙو اڪيلو ۽ متارو ساٿي به نشي ۾ٻڏل هو
جيڪو به ماڻهو هن جي سامهون پئي آيو، ان سان
ڳنڍجي پئي ويو، ۽ رنڀ ڪري پئي چيائينس ”منهنجي
رستي مان هٽي وڃو ! ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ايندس !“
ٻه خلاصي اول ئي گُهٽ هڻي ٻڏندڙ ماڻهوءَ کي بچائڻ لاءِ وڃي
رهيا هئا، ۽ ٻيڙين کي به پاڻيءَ ۾لاٿو ويو هو،
ڪپتان جي زوردار حڪمن ۽ عورتن جي چيخن ۾جئڪ جو
کڙڪيدار ۽ گجندڙ آواز صاف ٻڌڻ ۾پئي آيو، -
”اڙي هي ٻڏي ويندو، ڏسو نٿا ته ڪپڙا پيل اٿس،
اهي ڪپڙا هن کي هيٺ گهلي ويندا، عورتن جو ئي
مثال وٺو اهي مردن کان جهٽ ڇو ٻڏي وينديو ن آهن؟
عورتون جڏهن پاڻيءَ ۾ڪرنديون آهن ته اهي وڏن
گهيري دار فراڪن وغيره جي ڪري ڪنهن ڳوري پٿر
وانگر سڌو ترو وڃي وٺنديون آهن، توهين ڏسجو هي
ضرور ٻڏي ويندو !“
سچ پچ اهو واپاري ٻڏي ويو، ٻن ڪلاڪن تائين ان جي تلاش ڪندا
رهيا، پر هو گم ٿي ويو، هاڻي هن جو ساٿي بس
ڪري ڊيڪ تي ويهي رهيو، ۽ روئڻهارڪي نموني پار ڪڍي
پئي چيائين،”اسين ذري گهٽ اچي پهتا هئاسين، جڏهن
اتي پهچنداسين تڏهن ڇا ٿيندو؟ هن کي ٻار ٻچا آهن
اهي ڇا چوندا ؟“
پنهنجون ٻانهون هن جي پٺن کان ورائي، جئڪ هن کي آٿت ڏيڻ لڳو،
”اجايو پاڻ کي ڳڻتيءَ ۾ڇو ٿو وجهين؟ ڪنهن کي ڪهڙي
خبر ته هن جا ڏينهن ڪڏهن پورا ٿيندا! ڪي ماڻهو
اهڙا آهن، جن کي کنڀيون زهر ٿي لڳنديون آهن ۽ اهي
کائيندي هو مري ويندا آهن،۽ ڪي ماڻهو وري انهن
کي کائي مچي مهوڙ ٿي ويندا آهن. هاڻي ڪهڙو سبب
آهي جو انهن کنڀين جي کائڻ سان ڪي مرن ٿا ۽ ڪي
مچن ٿا !“
هيءُ سگهارو ۽ طاقتور مڙس انهيءَ واپاريءَ جي اڳيان جبل جيان
بيٺو هو ۽ هن سان همدردي جا لفظ پئي چيائين ٿوري
وقت تائين ته واپاري ماٺ ڪيو پئي رنو ۽ پنهنجن
هٿن سان ڏاڙهي تان ڳوڙها پئي اگهيائين، پر
ٿوريءَ ويل کان پوءِ دانهن ڪري چيائين ”اڙي تون
منهنجي زخمن تي لوڻ ڇو ٿو ٻرڪين! منهنجا
عيسائي ڀائرو، جيڪڏهن هن ماڻهوءَ کي هتان دفعي
نه ڪيوَ ته هڪڙي ٻئي ماڻهوءَ جي خون جو بار به
اوهان جي ڪلهن تي هوندو.“
جئڪ پاڻمرادو اتان رڙهي ويو ۽ چوڻ لڳو، ”ماڻهو به عجيب آهن،
هنن سان همدردي ڏيکاريو ۽ انهن جي عيوض گاريون
کائو !“
ڪڏهن ڪڏهن مان خيال ڪندو هوس ته جئڪ بلڪل اوڳو اُٺ آهي. پر
گهڻو ڪري ائين سمجهندو هوس ته هو ڄاڻي ِٻجهي ائين
ٿو ڪري. مان هن کان هنجي جواني ۽ دنيا جي سير ۽
سفر جي سچي ۽ صحيح احوال پڇڻ جي ڪوشش ڪندو هوس،
پر نتيجو خاطر خواه نه نڪرندو هو، هو پنهنجو ڪنڌ
پٺتي جهڪائي ۽ پنهنجن ڪارين ٽامي جهڙين اکين سان
ٽيڏو نهاري، پنهنجو هٿ پنهنجي جهنگ جهڙي منهن تي
ڦيري، ٽوٽين وانگر هوريان هوريان چوڻ شروع
ڪندو هو،”منهنجا ڀاءُ! ماڻهو هر هنڌ ڪـِولين کان
وڌيڪ عقلمند ڪينهن، ۽ توکي ٻڌايان جتي ماڻهو
آهن، اتي مصيبت آهي. اهڙي گهڻائي البت هارين
نارين جي آهي. دنيا جي هر ڪا ڪنڊ سرءَ جي پنن
وانگر بي عقل ماڻهن سان ڀري پيئي آهي، مان ملڪان
ملڪ رليو آهيان ۽ ديس ديس جو سير به ڪيو اٿم.
ايران کان يونان تائين ۽ بلغاريا کان رومانيا
تائين ڪهڙو اهڙو هنڌ آهي، جتي منهنجو پير نه پيو
آهي. ڪهڙي اهڙي محفل آهي جنهن ۾ مان شريڪ نه ٿيو
آهيان. خانه بدوشن سان به اٿيو ويٺو آهيان،
تون پڇين ٿو ته اهي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن! آخر
ڇا ٿو ڄاڻڻ گهرين؟ شهري بلڪل اسان جي شهرين
وانگر ۽ ڳوٺاڻا بلڪل اسان جي ڳوٺاڻن وانگر آهن.
گهڻين ئي ڳالهين ۾اهي اسان جهڙا آهن. ڪي ته
اهڙا به آهن، جن اسان جي زبان غلط سهي پر
ڳالهائيندا به اهن، جيئن تاتار لوڪ. البت يوناني
اسان جي زبان ڪين ڄاڻيندا آهن، مگر ڳالهائڻ کان
ماٺ ڪين ايندي اٿن. جيڪي ڪجهه ايندو اٿن، سو
وهائي ڏيندا آهن. ٻڌڻ وارو رڳو ايترو چئي سگهندو
آهي ته ڪجهه لفظ واتان ڪڍيائون پر ڇا چيائون، شايد
خود انهن کي به پتو ڪين هوندو آهي. انهن سان
اشارن ۾ڳالهيون ڪرڻيون پونديون آهن پر منهنجي
ٻڍڙي واپاريءَ کي ڳالهائڻ جو اهڙو ڍنگ هو جو
يوناني به هن جي ڳالهه سمجهي ويندا هئا، انهيءَ
ڳالهه ۾ هن کي ڪمال حاصل هو ۽ هن کي اها به ڄاڻ
هئي ته هنن تي پنهنجو اثر ڪيئن ڄمائڻ گهرجي. تون
پڇندين ته اهي ماڻهو ڪهڙي قسم جا آهن؟ تون به
عجيب انسان آهين؟ ماڻهو ڪهڙي قسم جا آهن؟ انهيءَ
۾شڪ ڪونهي ته هو ڪجهه سانورا آهن ۽ رومانيا جا
ماڻهو به اهڙا ئي آهن ۽ انهن جو مذهب به
ساڳيو آهي.باقي يوناني ۽ ترڪن جو اصل نسل ساڳيو
آهي. “
مون محسوس ڪيو ته هو ڪا ڳالهه لڪائي رهيو آهي، ڪا اهڙي ڳالهه
جنهن کي هو بيان ڪرڻ نه ٿو گهري، رسالن ۾ شايع
ٿيندڙ تصويرن کي ڏسي اندازو لڳايو هوم ته يونان
جي گاديءَ جو هنڌ اٿينس آهي، جو نهايت سهڻو ۽ قديم
شهر آهي، پر جئڪ ڪنڌ ڌوڻي انهيءَ ڳالهه کي به
شڪي سمجهيو.
”منهنجا يار! توکي ڪوڙي ڳالهه تي ويساه ڏياريو اٿائون، اٿينس؟
اهڙو ته ڪو به شهر ڪونهي. ها، باقي ’ايٿون‘ آهي
پر اهو شهر نه پر هڪڙي پهاڙيءَ آهي، جنهن جي
چوٽيءَ تي هڪڙي خانقاه آهي، انهيءَ ڪري ان کي
’ايٿون جو مقدس پهاڙ‘ ڪري سڏيندا آهن، هڪڙو پوڙهو
ماڻهو انهيءَ جون تصويرون وڪڻندو هو. ڊئنيوب نديءَ
تي ٻيو هڪڙو شهر آهي، جنهن کي ’بليگورڊ‘ ڪري
ڪوٺيندا آهن، انهيءَ شهر جي بناوت بس پنهنجي
’يرو سلاف‘ ۽ ’نجني‘ جهڙي آهي. انهن شهرن ۾ڪا خاص
ڳالهه ڪانهي. باقي ها، اتان جا ڳوٺ البت ٻئي قسم
جا آهن، ۽ اتان جون عورتون اهڙيون ته ٺاهوڪيون
آهن، جو سر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وينديون آهن، مان
به هڪڙي جي پيچ ۾ڦاسي، اتي ئي ٽپڙ کولي، ويهي
رهيو هوس، ڪم بخت جو نالو به چڱو هو؟“
هن پنهنجي پگهر ۾ٻڏل منهن کي صاف ڪيو ۽ وڏو ٽهڪ ڏيندي
چيائين، ”ڏس ڪهڙي نه عجب جي ڳالهه آهي، جو
ماڻهوءَ کان اهو به وسري ٿو وڃي! ۽ هوءَ ۽ مان ته
–جڏهن مان هن کان جدا ٿي رهيو هوس ته هوءَ روئي
رهي هئي، ۽ منهنجي اکين ۾ به ڳوڙها هئا. “
۽ پوءِ،گهڙي پل ماٺ ڪرڻ کان سواءِ مون کي سمجهائڻ شروع ڪيائين.
ته عورت کي ڪيئن قابو ڪرڻ گهرجي.
اسين ڊيڪ تي ويٺا هئاسين وڻندڙ چانڊوڪي اسان ڏانهن وڌي رهي
هئي، پاڻيءَ ۾ چمڪندڙ ڇولين کان پري ڪنارن تي
بيٺل چراگاه مشڪل سان ڏسڻ ۾اچي رهيا هئا. آسمان
۾ ڪٿي ڪٿي زرد ستارا ٽم ٽم ڪري رهيا هئا. اهي
ستارا جن جي دل ڌرتيءَ ڇڪي ورتي هئي. چؤ طرف هر
ڪنهن شيءَ ۾ حرڪت هئي. هر شئي ۾ بيداري جي لهر
هئي، ڄڻ چؤ طرف خاموش مگر ڀرپور زندگي ڇانيل هئي
۽ انهيءَ لطيف پر اداس بنائيندڙ خاموشي ۾هن
جو ٿلهو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو. ”ائين ٿيندو هو،
جو هوءَ جنهن گهڙيءَ جاڳندي هئي، تڏهن ٻانهون
وڌائي مون کي چنبڙي پوندي هئي...“
جئڪ جي ڪهاڻي اگهاڙي هئي پر گندي نه هئي ڇاڪاڻ ته اها زندگيءَ
جي سنئين سڌي تصوير هئي ۽ ان ۾ڪنهن به قسم جي
غلاظت ۽ ڏيک ڪونه هو. معصوم چنڊ جي عرياني ڏسي
منهنجي دل ۾ بي انت امنگ ۽ آواز اڀرڻ لڳا،
منهنجي من ۾ ملڪه مارگاٽ جي ياد اچڻ لڳي، جيڪا
منهنجي دل جي لاءِ پياري ۽ لاجواب شيءَ هئي، ۽
مون کي اهي حقيقت ڀريل ۽ اڻ وسرندڙ سٽون ياد
اچڻ لڳيون.”گيتن کي حسن جي ضرورت آ. حسن کي گيتن
جي ضرورت ناهي. “
انهن خيالن ۽ تصويرن کي جيڪي منهنجي مٿان ننڊ جي پنڪيءَ
وانگر طاري هئا، دور ڪر ي، مون وري جئڪ تي زور
ڀريو ته پنهنجن مشاهدن ۽ مسافرين جو مون کي احوال
ٻڌائي.
”تون به عجيب آدمي آهين!“ هن وراڻيو، ڪهڙي ڳالهه آهي، جا توکي
ٻڌايان؟ مون ته ملڪن جا سفر ڪيا آهن. مان
خانقاهن ۾ به رهيو آهيان ۽ شراب خانن ۾ به مان
ڄاڻان ٿو ته ڳوٺن جو ڇا حال آهي ۽ امير ڪهڙو ٺٺ
سان گذارين ٿا. مان ڄاڻان ٿو ته ڀريل پيٽ ۽ بکئي
پيٽ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“
هو ماضي جا داستان اهڙي ڍنگ سان ٻڌائڻ لڳو، ڄڻ ڪنهن
اونهيءَ ندي جي مٿان جڙيل پراڻي موريءَ تي
سنڀالي سنڀالي وک وجهندو هجي. ”هڪڙي ڀيري جي ڳالهه
آهي، مون کي گهوڙي چورائڻ جي الزام ۾ پوليس وٺي
ٿاڻي ۾بند ڪري ڇڏيو. مون کي پڪ هئي ته مون کي
سائيبيريا موڪليندا. اوچتو ٿاڻيدار جون رڙيون ۽
واڪا ڪن پيم، هن جي گهر ۾آتشدان جو دونهون ڀرجي
ويو هو، انهيءَ تي مڙس اچي مڇريو هو. مون هن کي
چيو، ’سائين، جيڪڏهن اجازت ڏيو ته مان ان کي ٺيڪ
ڪريان!‘ هن منهنجي ڳالهه اڌ ۾ روڪي چيو، ’وڏن
وڏن ڪاريگرن جا اِن تي مٿا خراب ٿي ويا آهن، سو
تون ڪهڙو ٺاهيندين!‘ مون پڇيس، ’سائين، ڪڏهن
اناڙي به اُهو ڪم ڪري وجهندو آهي، جيڪو جنرل ڪري
نه سگهندا آهن‘ مون ۾ ڪجهه همٿ پيدا ٿي. سائبيريا
جي خيال کان مان هر مصيبت سان مقابلو ڪرڻ لاءِ
تيار هوس. ’چڱو، ڪوشش ڪري ڏس، هن چيو، ’پر
جيڪڏهن اڳي کان به خراب ٿي پيو ته موچڙا هڻي نور
وڃائي ڇڏيندوسانءِ.‘ مون کي انهيءَ کي درست ڪرڻ
۾ ٻه ڏينهن لڳا. ٿاڻيدار وائڙو ٿي ويو.
”اڙي نالائق! تو جهڙو استاد ڪاريگر ۽ گهوڙي جي چوري ڪري! آخر
ڳالهه ڇا آهي؟ مون هن کي سمجهائيندي چيو، سائين !
اهو ته رڳو مون چرچو ٿي ڪيو!‘ ’چئبو اها ڳالهه
آهي؟‘ هن چيو رڳو چرچو ! اها ته ڏاڍي خراب ڳالهه
آهي، ڏاڍي خراب ڳالهه.‘ هن ور ور ڪري اُهي لفظ
پئي چيا. مطلب ته اهڙي بي رحم ٿاڻيدار جي به مون
سان همدردي ٿي ويئي. “
”پوءِ ڇا ٿيو؟“ مون پڇيس.
”ڪجهه به نه. هن جي مون سان همدردي ٿي ويئي. ٻيو ڇا؟“
”تو جهڙي پٿر سان همدردي ڪرڻ مان ڇا هڙ حاصل ؟“
هو کلڻ ۾ ٻڏي ويو، ”مسخرا ڪنهن جاءِ جا! سو مان پٿر آهيان؟ خير
پٿرن سان به ماڻهن کي همدردي ٿي ويندي آهي. ڇاڪاڻ
ته پٿرن جو به پنهنجو ڪم آهي. ٻيو نه ته سڙڪن
جوڙڻ ۾ ته ڪم اچن ٿا. دنيا ۾ڪا به اهڙي شيءَ
ڪانهي جا بيڪار هجي. هر ڪنهن شيءَ جو پنهنجو ڪم ۽
پنهنجي ضرورت آهي، مٽي ڇاهي؟ پر انهيءَ مان به
گاهه ۽ گل اڀرن ٿا.“
جڏهن جئڪ ڳالهين جو اهڙو نموني ذڪر ڪندو هو تڏهن مان محسوس
ڪندو هوس ته هن جو مطالعو ايترو ته اونهو هو جو
انهيءَ جي دز تائين به منهنجو خيال نه ٿي پهچي
سگهيو.
”تنهنجو هيڊ بورچي لاءِ ڪهڙو خيال آهي؟ مون پڇيس.
”هو ٽيڊي رڇ! هن ويچار ڪندي چيو؟ ڀلا هن ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي، جو
هن لاءِ راءِ قائم ڪجي؟ ڪجهه به نه.“
اها حقيقت هئي، اوان او اُنووچ ايتري ته سنئون ۽ سڌو ماڻهو هو،
جو هن جي باري ۾ ڪو به خيال بيهي ئي نٿي سگهيو.
البت هن جي خاص ڳالهه اها هئي ته جئڪ هن کي ڏٺو نه
وڻندو هو، جيتوڻيڪ وري به هن کي خاص طرح سڏي
پاڻ سان گڏ چانهه پيئاريندو هو.
هڪڙي ڀيري جئڪ کي چيائين، ”جيڪڏهن مان جاگيردار هجان ها ۽ تون
مون وٽ ٻيلپي تي بيٺل هاري هجين ها، ته جهڙو سست
آهين، تهڙو هفتي ۾ ست ڀيرا منهنجا موچڙا کائين
ها، ۽ جئڪ بلڪل ڳنڀير ٿي وراڻيس ”ستن ڏينهن ۾ ست
ڀيرا ته ڏاڍا گهڻا چئبا !“
اهڙي ريت گهٽ وڌ ڳالهائڻ جي باوجود، هيڊ بورچي جئڪ کي کائڻ
لاءِ ڪجهه نه ڪجهه بچائي سچائي ڏيندو رهندو هو.
هن جي اڳيان کائڻ جي ڪا شيءَ رکي، رکائي سان هن
کي چوندو هو، ”تنهنجي هوڙ ڪوسي ڪرڻ لاءِ اڄ هي ٻه
گرنهه آهن. “
جئڪ مزي سان ڳپل هڻندي چوندو هو، ”تنهنجي مهرباني سان پاڏي
جيتري طاقت سانڍيندو ٿو اچان. “
”اڙي حرامخور طاقت توکي ڪهڙي ڪم ايندي ؟“
”ڪهڙي ڪم ايندي؟ منهنجي حياتي وڌندي. “
”انهيءَ مان ڪهڙو لاڀ! تون ته ڪنهن به ڪم جو ناهين. “
”بيڪار ماڻهو به ته جيئن ٿا. جيئڻ ۾ به ته مزو آهي، ڇا اهو
ڪوڙ آهي؟ زندگي ڏاڍي مزيدار شيءَ آهي. “
”ڪهڙو ته ڇسو آهين !”
”ڇا چئيه “
”ڇسو“.
”ڪهڙي نموني ته ڳالهائي ٿو! جئڪ حيرت مان چيو.
هيڊ بورچي مون ڏانهن منهن ڦيري مون کي چوڻ لڳو، ”خيال ته ڪر!
اسين سڄو ڏينهن دوزخ جهڙيءَ باهه جي مٿان پيا
سڙون، ۽ اسان جي هڏن جي مک به رجي ٿي وڃي، ۽ هن
مڙس کي ڏس ته ويٺي جا ٽڪر کائيندو، سوئر وانگر
سڄندو ٿو وڃي. “
”هر ڪو ماڻهو قسمت پاڻ ٿو ٺاهي.“ جئڪ گرنهه چٻاڙيندي چيو.
مون کي چڱي ريت پتو هو، ته کورن کي گرم رکڻ چلهه تي ڪم ڪرڻ
کان گهڻو ڏکيو هو، ڇاڪاڻ ته مان پاڻ ٻه ٽي
ڀيرا اُتي ڪم جي ڪوشش ڪري ڏٺي هئي، مون کي
حيرت لڳندي هئي ته هـُن هيڊ بورچيءَ کي ائين
جواب ڏيئي ڇو نه ٿي چپ ڪرائي ڇڏيو. هـُن جي
اِها لاپرواهيءَ جي روش ڏسندي، وڌيڪ مون کي پڪ
ٿيندي هئي ته هن جي مغز ۾ ڪا وڏي ڳالهه هئي.
سڀ ماڻهو ڪپتان انجنيئر توڙي معمولي ڪم ڪندڙ، هن کي پيا
ڳالهائيندا هئا، جيتوڻيڪ سڀني کي علم هو ته هو ڪم
چور ڪو نه هو. مون کي انهيءَ ڳالهه تي تپرس وٺندو
هو-’آخر اهي ماڻهو هن کي غلط نموني ڇو ٿا گهٽ وڌ
ڳالهائين؟‘
هن سان گڏ کوري ۾ ڪم ڪندڙ ن جو ورتاءُ ساڻس وڌيڪ چڱو هوندو هو،
پر هو به هن جي بي تڪين ڳالهين ۽ پتن جي چـُس تي
هن تي ٽوڪون ڪندا هئا.
مون هنن کان پڇيو، ”توهان جو جئڪ بابت ڇا خيال آهي؟ ڇا، هو
چڱو ماڻهو آهي؟“
”جئڪ؟ هن ۾ ڪا به خرابي ڪانهي. وڏي ڳالهه ته ڪاوڙ اصل
ڪانهيس. کڻي هن جي ڇاتي تي ڪوئلن جو مچ ٻاريو،
پر مجال جو گرم ٿئي.“
انهيءَ جي باوجود هو کوري ۾گهڻو وقت ڪم ڪندو هو ۽ گڏهه وانگر
پيٽ کي ٿمي ٿمي ڀريندو هو، تڏهن به ننڊ هو
بنهه ڪانو وانگر ٿوري ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪم
تان لهي. پنهنجن پگهر ۽ تيل ۾لتل گندن ڪپڙن
بدلائڻ جي تڪليف وٺڻ کان سواءِ مسافرن سان سڄي
رات ويهي کل ڀوڳ ڪندو هو يا انهن مان هن يا
هن سان پتا سٽيندو هو.
منهنجي لاءِ هو هڪ اهڙو ڪلف لڳل صندوق هو، جنهن ۾ڪا اهڙي
شيءَ لڪل هئي، جنهن کي حاصل ڪرڻ جي مون کي ڏاڍي
اڻ تڻ لڳل هوندي هئي ۽ ان جي ڪنجي حاصل ڪرڻ لاءِ
مان هنجي پٺيان لڳو وتندو هوس.
”منهنجا ننڍڙا ڀاءُ مون کي پتو نه ٿو پوي ته تون ڪهڙي ڳالهه
جي تلاش ۾آهين؟ هو عجب مان پنهنجن ڀرن ۾ ذري گهٽ
ڍڪيل اکين سان مون ڏي گهوري چوندو هو، جيڪڏهن مون
دنيا جي مٽي وائري آهي، ته ڇا ٿيو؟ تون به عجيب
ماڻهو آهين. چڱو ٻڌ ته هڪڙي ڀيري مونکي ڪهڙو
واقعو پيش آيو.“
۽ هن پنهنجو قصو ٻڌائڻ شروع ڪيو: ”هڪڙي سفر جي دوران مان
هڪڙي شهر ۾ رهيل هوس، اُتي هڪڙو نوجوان پر سلهه
جي مرض ۾ ورتل وڪيل جرمن زال سان رهندو هو، هن
جي زال بت ۾سگهاري، پر بي اولاد هئي. اها عورت
هڪڙي واپاريءَ جي مٿان اڪن ۽ ڇڪن ٿي پيئي، پر
اُنهيءَ واپاريءَ کي پنهنجي خوبصورت زال ۽ ٽي
ٻار هئا، جڏهن هن کي پتو پيو ته اُها جرمن عورت
هن جي مٿان دل جان سان عاشق آهي، تڏهن هن سوچيو
ته هن جرمن عورت سان ڪجهه مزاق ڪجي، هـُن پوءِ
ان سان رات جي وقت باغ ۾ ملڻ جو موقعو رکيو، ۽ ڇا
ڪيائين جو پاڻ سان گڏ پنهنجن ٻن دوستن کي به وٺي
ويو، جن کي وڻن جي پٺيان لڪائي ويهاريائين،
هاڻي ٿورو خيال ڪر! پوءِ جڏهن جرمن عورت اُتي
پهتي تڏهن هن کي چيائين ’مان ته تنهنجي ڪم جو نه
آهيان ڇاڪاڻ ته منهنجي اول ئي شادي ٿي چڪي آهي،
البت منهنجا ٻه دوست تنهنجي خدمت واسطي حاضر آهن،
هڪڙو رنڙ آهي ۽ ٻيو ڪنوارو آهي!“
”’او خدا جي پناه!‘ جرمن عورت ڪاوڙ ۾ ڪپڙن کان ٻاهر نڪري ويئي،
۽ واپاري ٻچي کي اهڙي ٿڦ وهائي ڪڍيائين، جو مڙس
بينچ تي اونڌي منهن وڃي ڪريو. پوءِ پنهنجي وڏي
کڙي وارو پادر لاهي هن جي گنجي ٽڪڻ تي اهڙي ريت
وهائڻ شروع ڪيائين جو هن جي مٿي جا رهيل کهيل وار
به کسي ويا. مان ان عورت سان گڏجي اتي ويو هوس،
ڇاڪاڻ ته مان اُنهن وٽ نوڪر هوس. مان پري لوڙهي
مان جهاتي پائي ڏسي رهيو هوس ته محبت جو مزو
ڪيئن ٿو حاصل ڪيو وڃي. ايتري ۾ وڻن ۾ لڪل ماڻهو
ٻاهر نڪري آيا ۽ اُن عورت کي جنڊن کان وٺي گهلڻ
لڳا. مان جهٽ پٽ لوڙهي جي مٿان ٽپو ڏيئي، وڃي هن
کي انهن راڪاسن جي هٿن مان ڇڏرايو. مون هن کي
چيو، مهربانو ! ائين نه ٿيندو آهي، هوءَ ويچاري
اعتبار تي آئي هئي، ۽ هـِن وري ساڻس بدسلوڪي ڪرڻ
پئي گهري، ائين مان هـُن کي اتان واپس ته وٺي
آيس، پر منهنجي مٿي ۾ به ڦاڙ هو، ڇاڪاڻ ته
هـُنن مون کي سروٽو وهائي ڪڍيو هو، اُها عورت
پوءِ شرم کان بنهه پاڳل تي ويئي، ۽ چوڻ لڳي، ڪجهه
به ٿئي، پنهنجي مڙس جي مرڻ کان پوءِ مان پنهنجن
مائٽن ڏانهن جرمنيءَ هلي وينديس!؟‘ مون چيس،
’بلڪل ٺيڪ آهي، توکي ايئن ئي ڪرڻ گهرجي.‘ هن
ڪيو به ائين. هوڏانهن هن جو مڙس مئو، هيڏانهن
هيءَ ٽپڙ ٻڌي، جرمنيءَ هلي ويئي. هوءَ دل جي
ڏاڍي چڱي هئي ۽ سجاڳ هئي ۽ وڪيل صاحب به، شل مٿس
ڌڻيءَ جي رحمت هجي ڀليرو مڙس هو. “
مون کي پتو ئي نه پيو ته آخر ان ڪهاڻي ۾ ڪهڙي اهم ڳالهه آهي،
تنهن ڪري بس ڪري ويهي رهيس، مان محسوس ڪري رهيو
هوس، ته اهو به انهن گهڻن واقعن مان هڪڙو معمولي
واقعو آهي،جي هر روز ٿيندا پيا رهن.
جئڪ پڇيو ”ڪيئن، سٺي ڳالهه هئي نه ؟،
منجهيل لفظن ۾ مون ڪجهه اعتراض ڪيو، جنهن جو جواب هن ڏاڍي
سنجيده نموني هيٺين ريت ڏنو: ”جن کي خدا گهرج کان
گهڻو ڏنو آهي، اهي وندر جي ڳولا ۾ٿا رهن. پر ڪڏهن
ائين به ٿيندو آهي ته انهن جي ٺينگ ٽپن جو نتيجو
انهن جي اميدن جي برخلاف نڪري پوندو آهي. ڌنڌي ۾
دماغ جي ضرورت آهي، ۽ انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته ڌنڌي ۾
دماغ ٿيندو آهي، پر هنن جو دماغ به ڌنڌي جو دماغ
آهي. نفعي نقصان وارو. انهيءَ ڪري ڪڏهن زندگي
هنن جي لاءِ وبال ٿي پوندي آهي، انهيءَ ڪر ي
ٺلهيءَ وندر لاءِ هو واجهه وجهندا رهندا آهن. “
جهاز جي اڳيان نديءَ جو پاڻي ڳجي ڪر ي هيڏانهن هوڏانهن وهي پئي
ويو، نديءَ جي گوڙِ اسان جا ڪن کايو پئي ويو، ۽
نديءَ جا ڪنارا تڪڙا تڪڙا ڊڪندا پئي ويا. مسافر
جهاز جي ڊيڪ تي کونگهرا هڻي رهيا هئا. هڪڙي قداور
عورت، جنهن کي ڪارا ڪپڙ ا پاتل هئا، ۽ جنهن جو
مٿو اگهاڙو هو. ۽ ننڊ ۾ بي خبر ماڻهن کي خاموشي
سان اورانگهيندي ۽ بينچن کي وٺندي، اسان ڏانهن
اچي رهي هئي، جئڪ مون کي ٺونٺ هڻي هوريان چيو،
”معلوم ٿو ٿئي، ڪنهن تڪليف ۾آهي.“ مان ائين
محسوس ڪرڻ لڳس، ڄڻ ٻين کي ائين ڪنجهندي ڪرڪندي
ڏسي، هن کي مزو پيو ايندو هجي.
مان هن جون ڳالهيون وڏي چاهه سان ٻڌندو هوس، ۽ هن مونکي
ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌايون هيون، جيڪي اڃا تائين
بلڪل چڱي ريت ياد اٿم، پر انهن ۾ ڪا به اهڙي
ڳالهه ڪانه آهي، جيڪا مزيدار ۽ مسرت ڀريل هجي.
ڪتابن ۾ به ڪڏهن ڪڏهن لکندڙ جي جذبن، ڪاوڙ،
خوشيءَ، غم۽ طنز جو پتو پوندو هو، پر هيءَ نه
ڪنهن تي طنز ڪندو هو، ۽ نه ئي راءِ زني. ڪا به
ڳالهه هن ۾ غم۽ خوشيءَ جو جذبو پيدا ڪانه ڪندي
هئي، هو پنهنجي ڳالهه اهڙي هڪ الڳ ٿلڳ شاهد
وانگر بيان ڪندو هو، جنهن جو جج، جوابدار ۽
فرياديءَ مان ڄڻ ڪنهن سان ڪو واسطو نه هو. هن جي
اهڙي بي حسي تي مون کي سخت مٺيان لڳندي هئي ۽
ٿوري وقت کان پوءِ منهنجي طبيعت ۾ هن جي لاءِ هڪ
قسم جي ڌڪار پيدا ٿي ويئي.
هن جي واسطي زندگي کوري جي انهيءَ اُلي کان وڌيڪ نه هئي، جو
مشين کي گرم ڪندو هو، ۽ هو ان کوري جي اڳيان
بيهي پنهنجن سخت ۽ کهرن هٿن سان ان ۾ٻارڻ
وجهندو رهندو هو ۽ ان جي انهيءَ بٽڻ کي هيٺ مٿي
ڪندو رهندو هو، جنهن سان ان جي گرميءَ جو درجو
گهٽ وڌ ٿيندو هو.
”ڪنهن توکي ڏکويو به آهي ؟“
”مون کي ڪير ڏکوئيندو؟ مان سگهارو مڙس آهيان. منهنجي هڪ ئي مڪ ماڻهوءَ لاءِ ڪافي آهي.“
”مان مـُڪن جي ڳالهه نٿو ڪريان، پر چوان ٿو ته ڪنهن تنهنجي
روح کي ڪڏهن ڏک به پهچايو آهي!“
”روح کي ڏک پهچي نه ٿو سگهي، ڪو به ان کي گهائي نه ٿو سگهي.“
هن وراڻيو، ڪا به انساني قوت انهيءَ کي زخمي نه
ٿي ڪر ي سگهي ۽ نه ئي ٻاهريان حادثا ان تي اثر
وجهي سگهن ٿا. “
هوڏانهن جهاز جا مسافر خلاصي بورچي، مطلب ته هر هڪ ماڻهو ”روح
“ جو لفظ ائين عام رواجي طرح ڪم آئيندو هو، جيئن
زمين، ڪم، کاڌو ۽ عورت ۽ ان لفظ جو ذڪر ماڻهن جي
زبان تي ائين تڪڙو تڪڙو ايندو هو جيئن زندگيءَ
جي ٻين ڪمن ڪارين جو ذڪر هر شخص جي گنديءَ زبان
مان موقعي بي موقعي اهو لفظ ٻڌي، منهنجي دل کي
رنج پهچندو هو، جڏهن جهنگلي ماڻهو انهيءَ کي گند ۽
گارين ۾ ڪم آڻيندا هئا، تڏهن ته منهنجي دل کي
جهير اچي ويندا هئا.
مون کي ياد آهي ته ناني ڪهڙي نه احتياط سان روح جو ذڪر ڪندي
چوندي هئي ته ’روح محبت حسن ۽ خوشي جو گهر آهي‘،
منهنجو عقيدو هوندو هو، ته جڏهن ڪو چڱو ماڻهو
وفات ڪندو هو، ته سفيد پرن وارا فرشتا هن جي روح
کي نانيءَ جي خدا وٽ کڻي ويندا هئا، ۽ هو ان جو
قرب سان استقبال ڪندو هو –”اي منهنجا پيارا پاڪ
روح! تو هيٺ دنيا ۾ڪهڙا نه ڏک ڏٺا آهن ! ”انهيءَ
کان پوءِ اهو نيڪ خدا ان روح کي فرشتن وارا
سفيد پر ڏيندو هو.
جئڪ پڻ نانيءَ وانگر ڏاڍي احتياط سان ۽ ڪڏهن ڪڏهن روح جو ذڪر
ڪندو هو، جڏهن ماڻهو ان کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا هئا،
ته هو جواب ۾پنهنجي زبان خراب نه ڪندو هو ۽ جڏهن
ٻيا ماڻهو روح بابت وات ٺوڪڻ لڳندا هئا، ته هيءُ
پنهنجو ڳاڙهو ڍڳي جهڙو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندو هو.
هڪڙي ڀيري پڇيومانس ته ” روح ڇا آهي؟“ جواب
ڏنائين ”روح خدا جو دم آهي. “
انهيءَ تي مون کي تسلي نه ٿي، تنهن ڪري وڌيڪ پڇيومانس، آخر ڪڪ
ٿي، ڪنڌ ڌوڻي، چيائين،”منهنجا ڀاءُ! روح بابت ته
پادرين کي به خبر ناهي، ڇاڪاڻ ته اهو سربستو راز
آهي. “
مان هـُن بابت ويچار ڪندو هوس ۽ پڪو انجام ڪيو هوم ته هن بابت
ڪانه ڪا راءِ ضرور قائم ڪندس، پر سڀ ڪوشش اجائي،
جڏهن مان هن بابت سوچڻ لڳندو هوس، ته هن جي
دونهاٽيل جسم جو خيال منهنجي دماغ مان سڀني شين کي
ٻاهر ڪڍي پاڻ اتي ويهي رهندو هو، ۽ انهيءَ وقت
مون کي ٻي ڪا به ڳالهه نه سجهندي هئي.
ان ڏينهن ۾ نائب ڪپتان جي زال مون سان اهڙي مهرباني سان پيش
اچڻ لڳي، جو ماڻهن کي شڪ پوڻ لڳو، هن ڏانهن هر
روز صبح جي وقت گرم پاڻي کڻي وڃڻ جو ڪم مون تي
رکيو ويو، جيتوڻيڪ اهو ڪم حقيقت ۾جواڻ جماڻ ۽
کلمک ليوشا نوڪرياڻي جو هو، جڏهن ڪيبن ۾ هن جي
خانگي سمهڻ واريءَ ڪوٺي ۾ويندو هوس. ڇاتي
اڳهاڙي ڪيو ويٺي هوندي هئي، ۽ هن جي ڳوهيل اٽي
جهڙي زرد جسم کي ڏسي، مون کي ملڪه مارگاٽ جو ٽامي
جهڙو چمڪندڙ ۽ سوٽ جسم ياد اچي ويندو هو، ۽ هن
کان مون کي اُٻٿو اچڻ لڳندو هو، هوءَ ان وچ ۾
ڳالهائڻ ۾لڳي ويندي هئي- اتي ئي شڪايت، اتي ئي،
دٻاءُ ۽ اتي ئي کل ڀوڳ.“
مان هن جي ڳالهين جو جيڪي هونئن ئي مون کي ڪريل ۽ بڇڙيون
لڳنديون هيون، ڪو مقصد نه سمجهي سگهندو هوس، هن
جي چال بابت ڪجهه شڪ هوم،تنهن ڪري انهن کان ڪڏهن
به پريشان ڪونه ٿيندو هوس، جهاز تي ان قسم جون
جيڪي به ڳالهيون ٿينديون رهنديون هيون تن کان
پاڻ کي پري رکندو هوس، مون پاڻ کي ان سڄيءَ دنيا
کان ائين بچائي رکيو هو، جيئن ڪو ماڻهو مينهن واچ
کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ وچ ۾ ڪو پهاڙ ڏيئي، ٻئي
پاسي لڪي ويهي رهي.
”اڙي هوءَ تنهنجي مٿان ڇتي ٿي پيئي آهي.“ ليوشا ٽهڪ ڏيندي،
چيو، ”موقعي جو فائدو وٺ !“
نه صرف هوءَ بلڪ جهاز تي ڪم ڪندڙ ٻيا ماڻهو به مون کي چيڙائيندا
رهندا هئا، انهن سڀني کي نائب ڪپتان جي زال جي
ڪمزورين جو پتو هو. هڪڙي ڏينهن هيڊ بورچي منهن
شوڪي چيو ”هن رن هرڪا شيءَ ڏٺي آهي، هاڻي هن
جو وات چوزن لاءِ پاڻي پاڻي ٿو ڪري. پٽ
پيشڪوف! پنهنجا پيرسنڀالجانءِ. “
هيڏانهن جئڪ مون کي پيءُ وانگر سمجهائيندي چيو، ”جيڪڏهن تون
ٿورو وڏو هجين ها، ته مان ٻيو ڪجهه چوان ها، پر هن
عمر ۾پاڻ روڪڻ بهتر آهي، وڌيڪ تنهنجي مرضي. “
مو ن چيس ”اها ڳالهه بند ڪر ! مون کي انهن ڳالهين کان مونجهه ٿي
ٿئي!“
”بيشڪ بيشڪ.“
پرجلد ئي پنهنجي آڱرين کي وارن ۾ ڦاسائي انهن کي سٽ ڏيندي
ڳنڀير پر معنيٰ خيز لفظن ۾ چيائين،”هاڻي هن جي
ڳالهه تي هن جي نقطي نگاه کان به ويچار ڪرڻ گهرجي،
هو ڏاڍي ڪسمپرسيءَ جي زندگي گهاري رهي آهي،
انسانن جي ڳالهه ڪهڙي هجي، ڪتي جي به اها خواهش
هوندي آهي، ته ڪو پيار مان هن تي هٿ گهمائي،
جهڙي ريت کنڀين کي نرم مٽيءَ ۽ پوسل جي ضرورت
آهي، اهڙيءَ ريت عورت به پيار ۽ محبت جي بکايل
هوندي آهي، انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته اهي ڳالهيون شرم
جهڙيون آهن، پر هوءَ به ڇا ڪري ؟“
مون هن جي اکين ۾ اکيون وجهي گهوريندي چيو، ”چئبو توکي هن سان
همدردي آهي.“
”هوءَ منهنجي ڇا ٿيئي! ماءُ ؟ مگر هجي ته به – پر تون به عجيب
تماشو آهين“، ائين چئي. هو ڦاٽل دهل وانگر واڪو
ڪري کلڻ لڳو، ڪو اهڙو وقت به ايندو هو، جڏهن هن
ڏانهن نهارڻ کان پوءِ مان ائين محسوس ڪرڻ لڳندو
هوس ڄڻ ڪنهن اوچي هنڌ تان هيٺ ڪنهن انداهيءَ ۽
اونهيءَ کڏ ۾ ڪري رهيو آهيان.
”جئڪ توکان سواءِ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي زال آهي، تو ڇو شادي نه
ڪئي؟“
”مان؟ خدا جو شڪر آهي گهڻن ئي جوانڙين جو منظور نظر رهي چڪو
آهيان. پر مون شادي ڇو نه ڪئي آهي، ان جو اصلي سبب
هي آهي ته جڏهن ڪنهن جي شادي ٿيندي آهي ته انکي ڪو
گهر وسائي ڪنهن هنڌ رهڻو پوندو آهي. مون کي به
زمين جو ننڍڙو ٽڪر آهي پر اهو منهنجو چاچو ڦٻائي
ويٺو آهي، جڏهن منهنجو ننڍو ڀاءُ فوج جي نوڪري مان
واپس وريو، تڏهن چاچي ۽ هن جي وچ ۾رڳڙو ٿي پيو،
رڳڙي ۾چاچي کي ٿورو مٿي وارو ڌڪ لڳو، جنهن مان
ٿورو رت وهي پيو، چاچي وڃي ڪورٽ جو در کڙڪايو، ۽
منهنجي ڀاءُ کي پورن ارڙهن مهينن لاءِ جيل جي هوا
کائڻ لاءِ اندر موڪليو ويو، هڪ ڀيرو جيل مان ٿي
اچڻ کانپوءِ ماڻهوءَ جي اڳيان صرف هڪڙو رستو هوندو
آهي، ۽ اهو ڦري گهري وري به جيل وٽ وڃي ختم ٿيندو
آهي. هن جي زال ڪيتري نه سهڻي ڪهڙ ي نه جوان
هئي، پر ڇا چئجي؟ شاديءَ کان پوءِ مرد کي هر چيز
تي حڪومت ڪرڻ گهرجي، پر سپاهي جي پنهنجي زندگي به
ته پنهنجي ناهي.“
”تون عبادت ڪندو آهين ؟“
”تون به عجيب ناٽڪ آهين-هائو/ ڪندو آهيان.“
”ڪيئن عبادت ڪندو آهين ؟“
”گهڻئي طريقا آهن. “
”توکي ڪيئن ايندي آهي؟“
”مون کي ته عبادت ايندي ڪانهي، مان رڳو چوندو آهيان –’اي ڌڻي
جيئرن تي رحم ڪر، ۽ مري ويلن کي آرام ڏي، اسان
کي بيماري کان بچاءِ-۽ هڪ ٻه ٻيون اهڙيون
ڳالهيون. بس. “
”ڪهڙيون ڳالهيون؟“
ٻه ٽي ڳالهيون، جي ان وقت ياد اچن پر ڪجهه چئجي نه چئجي، سڀ
ڪجهه هن تائين پهچي ٿو وڃي. “
هو مون سان قرب سان پيش ايندو هو، پرهن جي سلوڪ ۾ اهڙي
ڳالهه هوندي هئي. ڄڻ آءٌ ڪو ننڍڙو پونگڙو هوس، ۽
هو مون سان کيڏي رهيو هو. ڪڏهن ڪڏهن راتين جو
مان هن جي ڀرسان گوڏا ڀڃي ويهي رهندو هوس، هن مان
گاسليٽ دونهين ۽ بصر جي بوءِ اچڻ لڳندي هئي، هو
ڪچن بصرن کي ائين رڙڪي ويندو هو، جيئن ٻيا ميوو
کائيندا آهن. انهيءَ وقت هو فرمائش ڪندو هو،
”الڪسي منهنجا پٽ، ڪجهه شعر ٻڌاءِ. “
مون کي ڪيترائي گيت ۽ نظم ياد هوندا هئا، انهيءَ کان سواءِ مون
وٽ هڪڙو ٿلهو نوٽبڪ هو، جنهن ۾ پنهنجا دلپسند
شعر اتاري ڇڏيا هئم. مان هن کي روسلان ۽ لـُڊملا
نالي منظوم ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪندو هوس، هو ڪن
ڏيئي، ٻڌڻ لڳندو هو، ايتري قدر جو پنهنجو ساه به
آهستي کڻڻ لڳندو هو، جڏهن اها ڪهاڻي پوري ٿيندي
هئي، ته هوريان چوڻ لڳندو هو، ”اها ڏاڍي سٺي ۽
مزيدار ڪهاڻي هئي. ڇا تو پاڻ جوڙي آهي؟ پشڪن؟
هڪڙي وڏي ماڻهو سان منهنجي ملاقات ٿي هئي– ان جو
نالو به پشڪن هو. “
”اهو نه، هيءُ گهڻو وقت ٿيو ته قتل ٿي ويو آهي. “
”سو وري ڪيئن ؟“
مون هن کي ٿورن اکرن ۾ اهو قصو ٻڌايو. جو ملڪ مارگاٽ کان ٻڌو
هوم، جئڪ خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو ۽ پوءِ چوڻ لڳو،
”ڪيترائي ماڻهو عورتن جي ڪري تباه ٿي ويا آهن. “
مون هن کي ڪيتريون ئي آکاڻيون، جي ڪتابن ۾ پڙهيون هيم، بيان
ڪري ٻڌايون، منهنجي دل تي، هـُل هنگامي ۽ پيار
محبت سان ڀريل زندگين جون ڪهاڻيون، جن کي سندن
جذبي ۽ جولان جي اُلن وانگر اجاگر ڪري ڇڏيو هو،
ملي جُلي اٿلون ۽ اڇلون کائيندڙ نديءَ وانگر اٻڙڪا
کائي، تري اينديون هيون، انهن ڪهاڻين ۾ڇا هو،
رائتا اجهل جذبا، چريائپ جي حد وارا بهادريءَ جا
ڪارناما، ويڙهه، زندگيءَ ۽ موت جا هنگاما، مڃڻ
کان ٻاهر بخت جون بازيون، اعليٰ نيڪيءَ ۽ اخلاق جا
ڪم، ڪريل ماڻهن جو خسيس ڪميڻايون، دل کي بنهه
چنبن ۾کڻي وڃڻ واري ٻولي–مطلب ته ڪٿان جا قصا
ڪٿي ملائي. پنهنجي گهرج آهر، نوان قصا ٺاهي
وٺندو هوس ۽ جئڪ کي ويٺو ٻڌائيندو هوس. قصن ۽
ڪهاڻين جي واقعن ۾ تبديلي ڪرڻ سان گڏ انهن جي
ڪردارن جي ڳالهين ۽ ڪمن ۾ به ڦير ڦار ڪري ڇڏيندو
هوس، ان ۾ مان به نانيءَ جي خدا وانگر بلڪل آزاد
هوس، پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ پنهنجي فعل جو مختيار،
ايتري قدر جو انهن ۾ منهنجي زندگي جو عڪس
جرڪڻ لڳندو هو. انهيءَ مان خود مون کي فائدو
هيءَ ٿيو، جو نه زندگي جي حقيقت کان الڳ ٿي
سگهيس، نه ئي ٻين زنده انسانن کي سمجهڻ جي منهنجي
خواهش ئي گهٽجي سگهي. پاڻ ڪتابن جي انهيءَ گڏيل
اثر منهنجي دل جي مٿان اهڙو شفاف ۽ تازگي بخش
تهه چاڙهي ڇڏيو، جو مان پنهنجي آسپاس واري گند
۽ غلاظت سان ڀريل زندگي جي زهري اثر کان بچيل
رهيس، ۽ ڪتابن جي ڪري ڪيترين ئي بڇڙاين سان پاڻ کي
نقصان پهچائڻ کانسواءِ منهن مقابل ٿيس.
عشق ۾ڦاٿل ماڻهن جي آفتن جي مشاهدي مون کي خرابين ۽ بڇڙاين ۽
رنگين بازارين جي بدنام گهرن ڏانهن وڃڻ کان روڪي
ڇڏيو، جن ماڻهن کي خرابين ۽ بڇڙاين مان مزو ايندو
هو، انهن تي مون کي بڇان ۽ قياس ايندو هو،
”روڪمبال“ جي پڙهڻ سان مون اهو سکيو ته انسان
کي ڏک سک کان بيپرواهه رهي، حالتن جو مقابلو
ڪندو رهڻ گهرجي.”ڊيوماس“ جي سورمن اهو سيکاريم ته
دنيا ۾شاندار مقصدن لاءِ پنهنجي جان وقف ڪري
ڇڏجي، خوش جيئڙو شاهه هينري چوٿون منهنجو
پسنديده سورمو هو. مون کي ائين لڳندو هو ته
”برنجر “ جون هيٺيون سٽون انهيءَ جي شان ۾ هيون:
هن سڌي سادي عوام تي حڪومت ڪئي.
۽ شراب پيئندو رهيو، اهو اسين ڄاڻون ٿا،
پر اهو بادشاهه ڇو نه خوشيون ڪري.
جنهن جو سڄو ملڪ ۽ ماڻهو به خوش هجن ؟
ناولن ۾هينري چوٿين کي پنهنجي رعيت جو خيرخواه ۽ ان جو محبوب
بيان ڪيو ويو آهي، مان هن کي سج وانگر سمجهندو
هوس ۽ محسوس ڪندو هوس ته فرانس بهادر ۽
سورهيائيءَ جو مرڪز هو، جتي امير پنهنجا ريشمي
ڪپڙا ۽ غريب پنهنجن آڏڻن جا ڪپڙا پايو، خوش ۽
خورم گهمندا وتندا هئا، جڏهن ڪتاب ۾ هينري جي
قتل جو واقعو پڙهيو هو تڏهن منهنجي اکين مان
ڳوڙها وهي ويا هئا، ۽ خار مان ان جي قاتل روليڪ
تي ڏند ڪرٽڻ لڳو هوس، مان جئڪ کي جيڪي ڪهاڻيون
ٻڌايون هيون انهن سڀني ۾ هينريءَ کي سورمو ڪري
بيان ڪندو هوس، ۽ ڏٺم ته هن جي دل ۾ به هينريءَ
۽ فرانس لاءِ گهڻو احترام پيدا ٿي ويو هو.
”شاه هينري چڱو ماڻهو هو“، هن چيو ” ائين ٿو لڳي ته هن سان
گڏجي مڇين مارڻ لاءِ نديءَ ۾ڪنڍيون وجهي ويهي
ڪچهريون ڪجن. “
مان جڏهن هن کي ڪا ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪندو هوس، ته هو وچ ۾ ڪجهه
نه ڪڇندو هو، ۽ نه ئي ڪو اهڙو سوال ڪندو هو،
جنهن ڪر ي بيان ۾ ڪو رخنو پئجي سگهي، بس ماٺ
ڪيو اکيون ٻوٽيو، ويٺو ٻڌندو هو، ڄڻ ته سينور
چڙهيل جبل جي ڇپ هو، پر جي مان ڪنهن به سبب ڪري
ٿوري ماٺ ڪندو هوس ته جهٽ پٽ پڇندو هو، پوري ٿي
ڇا ؟
”اڃا نه “
”ته پوءِ ماٺ ڇو ڪئي اٿئي؟“
فرانسين بابت راءِ زني ڪندي، ٿڌو ساهه کڻي چيائين،”ڏاڍي مزي
۾آهن اهي فرانسي !“
”سو وري ڪيئن ؟“
”ڏس توکي ۽ مون کي باهه جي اڳيان جلڻو ٿو پوي ۽ سخت ڪم ڪرڻو ٿو
پوي، پر هو مزي سان شراب پيئندا ٿا وتن ۽ چڪر
لڳائيندا رهن ٿا، اها مزي جي زندگي ناهي؟“
”پر هو به سخت ڪم ڪن ٿا.“
”اُهو تنهنجن ڪهاڻين ۾ڪٿي چيل آهي؟“ هن سوال ڪيو، ۽ مون جهٽ
پٽ محسوس ڪيو ته بيشڪ مون جيتريون به ڪهاڻيون
پڙهيون آهن، انهن مان ڪنهن هڪ ڪهاڻي جي سورمي جو
به اهڙو ڪردار پيش ٿيل نه هو جنهن مان خبر پئجي
سگهي ته هو ڪهڙو ڪم ڪندو هو، يا هن جي ائين خوش
رهڻ لاءِ ڪو ٻيو ڪير هو، جو ڪم ڪندو هو.
ڳالهه تمام گهڻي ڪا ڊگهي ٿي ويندي هئي، يا جڏهن پوري ٿيندي
هئي ته اوچتو ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو، ”چڱو“ هاڻي
گهڙي سوا لاءِ ننڊ ٿو ڪريان. ۽ جتي ويٺو هوندو،
اتي ئي سنئون ٿي سمهي پوندو هو ۽ جهٽ ۾ننڊ کڻي
ويندي هيس ۽ کونگهرا هڻڻ لڳندو هو.
سرءُ جي موسم ۾ جڏهن ڪاما نديءَ جا ڪنارا ڳاڙهه- سـَرا ٿيڻ
لڳا، ۽ وڻن جا پن زرد ۽ سج جا ڏنگا ڪرڻا سرد
ٿي رهيا هئا ته جئڪ پنهنجي نوڪري ڇڏي هليو ويو،
۽ هن جي ان ڳالهه سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، ان
کان هڪ ڏينهن اڳ مون سان هن اها رٿا بيهاري هئي
ته”ٻئي ڏينهن پاڻ پرم شهر ۾ پهچي وينداسين. ٻيئي
گرم حمام ۾ هلي ٻاڦ وارو غسل ڪنداسين، انهيءَ
کان پوءِ ٻيئي ڄڻا هڪڙي سٺي هوٽل ۾هلنداسين،
جتي هر شيءَ فرسٽ ڪلاس ۽ راڳ رنگ به واه جو
هوندو، ۽ ساز سرود ٻڌڻ ۾ڏاڍي موج ايندي. “
پر ساراپول بندر وٽ هڪڙو بت جو ڀريل مڙس جهومندو جهومندو
جهاز تي چڙهي آيو، هن جو منهن کسرو ۽زالن جهڙو
هو، هن جو ڊگهو گرم چوغو ۽ لومڙ جي ڪنن وارو سمور
جي ٽوپي ڏسي، پاڻ شڪ پئي ٿيو ته هي ڪا عورت آهي.
هو اهڙي ميز تي اچي ويٺو، جنهن تي بورچيخاني مان
نڪرندڙ گرم هوا جا جهوٽا پئي پهتا، ۽ چانهه جو
آرڊر ڏنائين، چانهه ڏاڍي گرم هئي، ۽ هن ٽوپي
لاهڻ ۽ڪوٽ جي بٽڻ کولڻ کانسواءِ ئي ان کي پيئڻ
شروع ڪيو، ۽ جلد ئي پگهر ۾شل ٿي ويو.
ان وقت سرءُ جي هلڪي هلڪي بارش پئجي رهي هئي، جڏهن هن ماڻهو
رومال ڪڍي پنهنجو پگهر اگهيو ته مون محسوس ڪيو ڄڻ
هاڻي بارش بس ٿي ويندي. ۽ وري جو هو پگهر ۾ٻڏي
ويو، ته ائين لڳو ڄڻ بارش وري تيز ٿيڻ لڳي هئي.
ٿوري دير ۾ جئڪ به هن سان گڏ وڃي ويٺو ۽ ٻئي گڏجي جنتري ۾ ڏنل
هڪڙي نقشي کي غور سان ڏسڻ لڳا، مسافر نقشي
۾ڪنهن ليڪ ڏينهن اشارو ڪيو، جنهن تي جئڪ
چيو.”هڻينس کڏ ۾! اِتي؟ مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ
ته اها معمولي ڳالهه آهي. “
”ڏاڍو چڱو،“ مسافر وراڻيو،۽ نقشي کي ويڙهي گوڏن تي رکيل چمڙي
جي ڳوٿريءَ ۾وجهي ڇڏيائين پوءِ هنن گڏجي چانهه
پيتي ۽ پاڻ ۾ڪجهه وقت گفتگو ڪندا رهيا.
جڏهن جئڪ هيٺ کوري ڏانهن وڃڻ لڳوته مون هن ماڻهو بابت پڇيس،
کلندي جواب ڏنائين ”ڏسڻ ۾ عجيب آهي ڏاڙهي اٿس ئي
ڪانه، جهڙو کدڙو ! هو سائيبيريا ۾ رهي ٿو. ڀانئجي
ٿو ته اتي ڪنهن ڪم سانگي رهيل آهي.“
هن پنهنجي بوٽ جون ڪاريون کڙيون، جي گهوڙي جي سنبن وانگر سخت
هيون ڊيڪ تي هڻندي ٿورو دم رکي سڌو ٿي چيو، ”مون
هن وٽ نوڪريءَ جو فيصلو ڪيو آهي، الڪسي ! پرم وٽ
توکي الوداع چئي هليو ويندس. اسين پنهنجو ڪجهه
سفر ريل رستي ڪنداسين، پوءِ پاڻي رستي ۽ پوءِ
گهوڙي جي پٺيءَ تي. اسان کي اتي. پهچڻ ۾ پنج
هفتا کن لڳي پوندا. “
”تون هن کي سڃاڻندو به آهين؟“ مون هن جي اوچتي فيصلي تي حيرت
مان پڇيس.
”بلڪل نه. سڃاڻڻ ته وڏي ڳالهه آهي، مون ته هن جي شڪل به اڳي نه
ڏٺي آهي. “
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هو مون وٽ آيو. هن جي پٺي تي تيل لڳل
پشم جو ڪوٽ، هن جي پيرن ۾ سئنڊل ۽ مٿي تي ٽيڊي رڇ
جي کٿل ۽ ڪنارين کاڌل توپي پيل هئي، هن منهنجي
ٻانهن کي پنهنجن هٿن ۾ جهليو ڄڻ اهي لوهه ۾ جڪڙجي
ويون، ۽ چوڻ لڳو، ”مون سان گڏ هلڻ لاءِ تنهنجو ڇا
خيال آهي؟ اهو مور به پاڻ سان توکي وٺي هلندو، ڇڙو
تون ان کي ارادو ڏيکار، ڇاٿو چوين؟ مان هن کي
چوان؟ هو توکان اهو ڪجهه وٺندا جنهن جي توکي
ضرورت نه هوندي ۽ ان جي عيوض توکي ناڻو ڏيندا،
جڏهن هو ڪنهن کي سندس مرضيءَ سان خصي ڪندا آهن ته
وڏو جشن ملهائيندا آهن ۽ ان لاءِ هن کي پيسا به
ڏيندا آهن !“
کدڙو، هڙ ڪڇ ۾جهليو، پنهنجن چنجهين اکين سان جئڪ ڏانهن گهوري
رهيو هو، هن جون اکيون اهڙي ريت سڄيل ۽ ٻاهر نڪتل
هيون جيئن ڪنهن پاڻي ۾ٻڏل لاش جون هونديون آهن،
مان هن کي چپن ۾ گاريون ڏيڻ لڳس، جئڪ وري منهنجي
ٻانهن کي جڪڙي چوڻ لڳو، ”هڻيس کڏ ۾! هر ڪو ڌڻي،
جي عبادت پنهنجي نموني ٿو ڪري. انهيءَ ۾ تنهنجو ڇا
وڃي؟ چڱو، الله واهي... خوش هوندين. “
۽ جئڪ شوموف رڇ وانگر لڏندو لمندو، منهنجي دل کي حيرت ۽ ڏک
۾ڏنيون. ويندو رهيو، پنهنجي دوست جي وڃائڻ تي
ڏاڍو دلگير ٿيس، هن جي فيصلي تي خار به پئي
کاڌم. مون کي جيتري قدر ياد آهي ته جڏهن حيرت
مان سوچيم پئي ته هو ڪهڙي قسم جو انسان هو،
منهنجو دوست شوموف! ۽ آخر ايتري ڏورانهين اڻ
ڄاتل پاسي ائين ڇو هليو ويو، ته ڏاڍا جڪ پئي
کاڌم... آهه، منهنجو دوست جئڪ شوموف ! هن جي دل
۾ڪهڙو مانڌاڻ متل هو ! |