سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (تربيت)

باب-19

صفحو : 19

 

باب اوڻيهون

 

        سياري جي موسم ۾ ميلي جي ميدان تي ڪوبه ڪم ڪونه ڪندو هو، تنهن ڪري گهر جا سوين سنها ٿلها ڪم منهنجي حوالي ٿي ويا، جنهن ڪري منهنجو سڄو ڏينهن انهن ۾ صرف ٿيڻ لڳو. باقي شام جو سو واندڪائي هوندي هيم، اُن ۾ وري گهر جي ڀاتين کي ”مصور“ ۽ ”ماسڪو گزيٽ“ رسالن ۾ شايع ٿيل قسطن وارا ناول پڙهي ٻڌائيندو هوس. رات جو پنهنجي ننڊ ڦٽائي، دير دير تائين، پنهنجي پسند جا ڪتاب پڙهندو هوس ۽ شعر لکندو هوس.

        هڪڙي ڏينهن عورتون چرچ هليون ويون هيون ۽ منهنجو مالڪ بيماريءَ سبب بستري ۾ ليٽيو پيو هو. هو مون کان پڇڻ لڳو، ”ڇا، اهو سچ آهي ته تون شعر لکين ٿو؟ وڪٽر تنهنجي شعر جون ڳالهيون ڪندو آهي! چڱو. ڪو شعر پڙهي ٻڌاءِ.“

        مان انڪار ڪري نه سگهيس، تنهن ڪري هن کي ٻه چار شعر پڙهي ٻڌايم. جن جو ظاهري طرح هن تي ڪو اثر نه ٿيو. ته به مون کي چوڻ لڳو، ”دل سان لکندو رهجانءِ. ٿي سگهي ٿو تون ڪڏهن پـُشڪن ٿي پوين. تو ان کي پڙهيو هوندو؟“ پوءِ پشڪن جي شعر جي هڪڙي مصرع پڙهي ٻڌائڻ لڳو:

        ڇا، ڪڏهن ڏائڻيون به شادي ڪن ٿيون.

        ڇا، جنڙا ڪڏهن مرندا به آهن؟

        پوءِ چوڻ لڳو، ”هن جي ڏينهن ۾ ماڻهو ڏائڻين ۽ جنن ۾ اعتبار ڪندا هئا، پر آءٌ نٿو سمجهان ته هن جو پنهنجو اُنهن ۾ ڪو اعتبار هو. هن انهن جو ذڪر رڳو چرچي طور ڪيو آهي.....منهنجا ڀاءُ، اها حقيقت آهي ته توکي تعليم ملڻ کپندي هئي، پر مون لاءِ ته تنهنجي مدد ڪرڻ جو هاڻي وقت گذري ويو آهي....مان جيڪڏهن تنهنجي جاءِ تي هجان ها ته پنهنجي شعري بياض کي عورتن جي نظرن کان لڪائي رکان ها. ڇو ته جيڪڏهن انهن جي اِ نهيءَ تي اک پئجي ويئي ته توکي خوب چيڙائينديون. منهنجا ڀاءُ، مان توکي ٻڌايان ٿو ته عورتن کي شل نه ڪنهن جي ڪا ڪمزوري هٿ اچي، پوءِ ان کي ڦٿڪائي ڇڏينديون.“

        ڪجهه ڏينهن کان مالڪ ڪنهن خيال ۾ گم ڏسڻ ۾ ايندو هو. هو بار بار پنهنجي متعلق اداسائيءَ ۽ پريشانيءَ سان سوچڻ لڳندو هو. در جي گهنٽي وڄڻ سان ڇرڪ ڀري، اُڀو ٿي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي چهڙون ڏيڻ لڳندو هو ۽ هر ڪنهن مان وڏون پيون ڪڍندو هو. گهر مان ڪاوڙجي هليو ويندو هو ۽ دير سان نشي ۾ چور واپس ورندو هو. ائين پيو ڀانئبو هو ته هو ڪنهن اهڙيءَ ڳالهه کي لڪائي رهيو هو، جيڪا هن جي زندگيءَ ۾ اوچتو پيش آئي هئي ۽ جنهن هن جي دل کي پائمال ڪري ڇڏيو هو، ۽ هاڻي هن جي روزمره واري زندگي بي رس ۽ بي چس ٿي پيئي هئي، جنهن کي هو رڳو زوريءَ گذاري رهيو هو.

        هر آرتوار جو منجهند جي مانيءَ کان پوءِ رات جو نائين بجي تائين مون کي موڪل هوندي هئي. مان پنهنجو اهو وقت هيڏانهن هوڏانهن رلڻ ۽ شام جو يامڪسي گهٽيءَ ۾ هڪڙي قهوه خاني ۾ گذاريندو هوس. انهيءَ قهوه خاني جو مالڪ بت ۾ ڀريل هو ۽ راڳ جو شوقين هو. چرچ ۾ مناجاتن ڳائڻ وارا انهيءَ ڳالهه کان واقف هئا، انهيءَ ڪري ڪڏهن ڪڏهن هو قهوه خاني ۾ هليا ايندا هئا، جتي هنن جي خوشامد چانهه ۽ بير سان ڪئي ويندي هئي، جنهن جي عيوض ۾ هو راڳ ٻڌائيندا هئا. مون کي انهن جو راڳ بي مزي لڳندو هو، ڇاڪاڻ ته هو دل سان نه پر شراب ڪباب واسطي ڳائيندا هئا. ۽ هنن جا گيت گهڻو ڪري اُهي ئي چرچ جون مداحون ۽ مناجاتيون هونديون هيون. انهن عارفانه راڳ ڳائڻ وارن ۾ ڪيترا اهڙا به هوندا هئا، جي عام ماڻهن جي اڳيان ڳائڻ پسند نه ڪندا هئا، تنهن ڪري قهوه خاني جو مالڪ انهن کي پردي جي پٺيان ويهاريندو هو ۽ ٻڌندڙن کي رڳو انهن جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. گهڻو ڪري ڪي نه ڪي ڳوٺاڻا ۽ ٻهراڙيءَ جا راڳيندڙ ئي اُتي اچي راڳ ڳائيندا هئا. دڪان جو مالڪ سوداگريءَ واري ڏينهن تي جڏهن ٻهراڙيءَ جا ماڻهو سودو سامان وٺڻ ايندا هئا، ته هو انهن مان ڳولي، چڱي آواز وارن کي پنهنجي دڪان ۾ آڻي، راڳ ڳارائيندو هو.

        ڳائيندڙ کي شراب جي دخل اڳيان ووڊڪا جي پيپ ڀرسان اسٽول تي ويهاريو ويندو هو. گهڻو ڪري هو سڀ سٺا ڳائيندڙ هوندا هئا، پر انهن سڀني ۾ ڪلشڪوف وڌيڪ سٺو هوندو هو. هن جي مٿي تي ڳاڙهن وارن جا ڇڳا هوندا هئا. هن جو نڪ مردن وانگر سڪل، سندس اکيون سنجيده ۽ ننڊاکڙيون هونديون هيون، جي سدائين هڪ پاسي ئي پيو گهورينديون هيون. هو پنهنجون اکيون پوري ۽ ڪنڌ کي پٺتي ڪري، جيئن سندس مٿو ووڊڪا جي پيپ سان گسڻ لڳندو هو، ۽ ڇاتي ڪڍي، پنهنجي مٺڙي آواز سان هيٺيون گيت ڳائڻ شروع ڪندو هو:

        آه، ڪيئن نه ڪوهيڙو پکڙي وڃي ٿو!

        صاف زمين ميري ۽ رستا اونداها ٿي وڃن ٿا!

        ٿورو دم پٽي، وڌيڪ پٺتي آهلي، ڇت ڏانهن منهن ڪري، چوڻ شروع ڪندو هو:

        ”آه، پوءِ مان ڪاڏي وڃان! هاڻي مان ڪيئن ڪيان؟

        ڪٿان شاهي سڙڪ مليم! ڪهڙي پاسي نڪري وڃان!

        هن جو آواز سنهو پر لاڳيتو ۽ اڻٿڪ هوندو هو. هو قهوه خاني جي فضا کي پنهنجي اداس گيتن ۽ ستار جي غمگين نغمن سان ڀري ڇڏيندو هو. هن جا سنوان سڌا گيت هر ڪنهن تي جادو ڪري ڇڏيندا هئا. ٻيا ته ڇڏيو، پر جيڪي نشي ۾ بيخبر هوندا هئا، سي به انهن کي ٻڌڻ لاءِ ماٺ ڪري ڪنڌ جهڪائي ويهي رهندا هئا. منهنجي دل ۾ هڪ ٻئي جي پٺيان جذبن جون اٿلون ۽ اڇلون اچڻ لڳنديون هيون، ۽ ائين سمجهدو هوس ته اُهي مٺيءَ موسيقيءَ جو سحر انگيز اثر هيٺ روح جي گهراين مان ڦٽي اٿندا هئا.

        پوءِ قهوه خاني ۾ چرچ جهڙي چپ ٿي ويندي هئي ۽ راڳ ڳائيندڙ هڪ اهڙي دياوان پادريءَ وانگر لڳندو هو، جيڪو وعظ بجاءِ پنهنجي سموريءَ دل سان انسان ذات لاءِ دعا ۽ سڄيءَ ڏکن ڀريل انساني زندگيءَ لاءِ بخشش گهرندو هجي. سڀني طرفن کان ڏاڙهين وارا مڙس هن ڏانهن گهورڻ لڳندا هئا، هنن جي سخت چهرن ۾ سندس اکيون ٻارن جي اکين وانگر چمڪڻ لڳنديون هيون. هنن جي ٿڌن ساهن مان مٿن راڳ جي اثر جو پتو پوندو هو. انهيءَ وقت مان محسوس ڪندو هوس ته ماڻهو هونئن پنهنجي روزمره جي زندگي ڪيتري قدر نه ڪجسي ۽ بناوتي گذارين ٿا! سچو پچو زندگيءَ جو رنگ ۽ اُن جو لطف شايد هنِن ئي هنڌن تي ۽ اهڙين ئي گهڙين ۾ هي وٺن ٿا. نه ته ايترا اُن جي سر ۽ ميٺاج ۾ مٺجي پنهنجي پاڻ کي غافل ڇو ٿي وڃن ها!

        هڪڙي ڪنڊ ۾ ليزا، پراڻا ڪوٽ وڪڻندڙ، بدچال ۽ بڇان جهڙي عورت، پنهنجن ڪلهن ۾ ڪنڌ جهڪايو، اڪيلي اڪيلي ويٺي هوندي هئي. هن جي گستاخ پر هيڻين اکين مان ڳوڙهن جون بوندون ٽم ٽم ڪري وهڻ لڳنديون هيون. اُن جي ويجهو اُٻاڻڪو متروپولسڪي، چرچ جي ٽوليءَ ۾ راڳ ڳائيندڙ نوجوان، ويٺو هوندو هو. هن جي بت تي گهڻا وار هوندا هئا ۽ هن جون اکيون نشي جي ڪري لٿل، منهن ۾ گول ۽ اندر پيٺل پيون لڳنديون هيون. هو سندس ڏيک مان ائين لڳندو هو، ڄڻ هو هڪ پادري آهي، جنهن کي رڳو جبو پاتل نه هو. هو پنهنجي ووڊڪا جي گلاس ڏانهن پيو گهوريندو هو، ۽ ان کي کڻي، چپن تي آڻي وري خيال سان رکي ڇڏيندو هو-سواءِ ڪنهن ڍڪ پيئڻ جي، چپ چاپ، ڄڻ پيئڻ اُن کان پڳو ئي ڪونه ٿي.

        پنهنجو راڳ پورو ڪري، ڪلشڪوف پنهنجي ڪرسيءَ تي سـُري، ٽيڪ ڏيئي، آرام سان ويهي رهندو هو، ۽ قهوه خاني جو مالڪ هن جي اڳيان شراب رکي، راضپي سان مرڪي چوندو هو، ”واه واه، وڻ وڄائي ڇڏيئه! اهو راڳ ته نه هو، روح هو! تون بيشڪ ڳائڻو آهين. ڪوبه ان کان انڪار ڪري نه سگهندو.“

        ڪلشڪوف شراب جي سرڪي ڀري، کنگهي، نڙي صاف ڪري، پوري يقين سان چوندو هوس، ”جنهن کي به آواز آهي اهو راڳ ڳائي سگهي ٿو. پر راڳ راڳ ۾ فرق آهي. راڳ وڏي ڳالهه آهي. راڳ جي روح کي پيش ڪرڻ هر ڪنهن جي وس ۾ ناهي. انهيءَ لاءِ ئي چيو اٿن ته راڳ ڏات آهي. راڳ سکجي نٿو، پر راڳ ملي ٿو!“

        ”ڊاڙ مان ڇا فائدو؟“

        ”سچ ۾ ڊاڙ ڪهڙي!“ ڪلشڪوف وڌيڪ خود اعتماديءَ سان چيو.

        ”ڪلشڪوف، تون ڪيڏو نه غرور ٿو ڪرين!“ ميزبان کي خار وٺي ويو.

        ”جيڪو منهنجو اندر مون کي چوي ٿو. مان انهيءَ کان وڌ ڪابه ڳالهه نٿو ڪريان.“

        ڪنڊ مان مترو پولسڪيءَ رڙ ڪئي، ”اوه، توهان رڍن کي هن راه وڃايل گدلي فرشتي جي راڳ جي ڪهڙي خبر؟ توهين ته ٺلها ڍونڍ آهيو، ڍونڍ!“

        متروپولسڪي هر ڪنهن جو ازلي مخالف هوندو هو. هر ڪنهن سان پيو ڏند ڏيندو هو. هر ڪنهن جا پيو نقص ڪڍندو هو. ۽ هر آرتوار تي ڪنهن نه  ڪنهن جي هٿان اُنهيءَ پنهنجيءَ وچڙندڙ طبيعت سبب موچڙا به کائيندو هو.

        قهوه خاني جو مالڪ ڪلشڪوف جي راڳ سان محبت ۽ خود هن سان نفرت ڪندو هو. هو ڪلشڪوف جي گهٽتائي ڪرڻ کان به نه گسندو هو، ۽ ڪو موقعو ملندو هوس ته هن جي بي عزتي ڪري يا ڪرائي وٺندو هو. اها ڳالهه هن جي گراهڪن ۽ خود ڪلشڪوف کان به لڪل ڪانه هئي.

        ”اِنهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته هو سٺو راڳ ڳائي ٿو.“ قهوه خاني جي مالڪ هڪ ڀيري اعتراف ڪندي چيو، ”پر حد کان وڌيڪ مغرور آهي، انهيءَ ڪري هن جي مٿي مان ڪجهه هوا ڪڍڻ گهري.“

        ڪيترائي قهوه خاني ۾ ويٺل ماڻهو ڪنڌ ڌوڻي، هن سان ها ۾ ها ملائڻ لڳا-”برابر، ڏاڍي آڪڙ اٿس.“-”هن کي پنهنجي درجي تي رهڻ گهرجي.“

        ”آڪڙ به ڇا تي ٿو ڪري؟ آواز تي نه؟ اهو ته هن کي خدا وٽان مليو آهي. اُن ۾ هن جو پنهنجو ڪهڙو ڪمال ٿيو؟- ۽ آواز به ته اهڙو کليل ڪونهيس!“ قهوه خاني جي مالڪ چيو.

        ڪنهن وڌيڪ هن کي ٽيڪو ڏيندي، چيو، ”برابر، هن جو آواز به ڪو ايڏو کليل نه آهي، پر هو اُن کي ڪم ڏاڍي سٺي نموني ٿو آڻي.“

        هڪڙي ڀيري جڏهن ڪلشڪوف راڳ ڳائڻ کان پوءِ شراب پي هليو ويو، تڏهن قهوه خاني جو مالڪ ليزا کي پٻيون ڏيڻ لڳو، ”ڪلشڪوف سان ٿوري ڇيڙڇاڙ ٿي وڃي، ٿورو ڪپڙن کان ٻاهر ڪڍونس. اهو ته تنهنجي ڏائي هٿ جو کيل آهي!“

        ”ها، پر جي ڪجهه سال ننڍي هجان ها.“ هن ٽهڪ ڏيئي چيو.

        قهوه خاني جو مالڪ ڳالهه تي زور ڏيندي چيو، ”ننڍيون نيٽيون ڪهڙي ڪم جون آهن؟ مون کي پڪ آهي ته هو تنهنجي ئي ڪنڍيءَ ۾ ڦاسندو، ۽ تنهنجي ئي آڱرين تي نچڻ لڳندو. جڏهن تون هن کي نيچو نوائيندينءَ تڏهن ڏسجانءِ ته ڪيئن ٿو ڏک ڀريا گيت ڳائي ۽ هن جو راڳ سچ پچ ته راڳ پوءِ ٿيندو. پوءِ جي هتي سڀني کي روئاري نه ڇڏي ته منهنجو نالو لاهي ڪتي تي رکي ڇڏيو. بس، تون رڳو اِها مهرباني ڪر، هن کي ڪنهن ريت پنهنجيءَ ڄار ۾ هڪ وار ڦاساءِ ضرور!“

        پر ليزا انڪار ڪيو. گهنجن پيل، هِن وهيءَ کان موٽيل عورت هيٺ نهاريو، ۽ پنهنجي ڇاتيءَ ۾ لڳل رومال کي هڪڙي هٿ سان اٿلائيندي پٿلائيندي، چوڻ لڳي، ”اهو ڪنهن جو جوانڙيءَ جو ڪم آهي. جيڪڏهن مان ڪجهه سال ننڍي هجان ها، ته ان ۾ هوند پل جي به دير نه ڪيان ها.“

        گهڻا ئي ڀيرا قهوه خاني جي مالڪ ڪوشش ڪئي ته ڪلشڪوف کي نشي ۾ چور ڪري ڇڏجي، پر هو به راڳ ڳائي، هر راڳ کان پوءِ گلاس شراب جو پي، پنهنجي نڙيءَ جي چؤڦير گرم مفلر ويڙهي، مٿي ۾ ٽوپي وجهي، هليو ويندو هو.

        ڪلشڪوف کي نيچو نوائڻ لاءِ قهوه خاني جو مالڪ ٻيا ڳائڻ وارا ڳولي ڪڍندو هو. جنهن رات ڪلشڪوف جو راڳ نه لڳندو هو، ته قهوه خاني جو مالڪ وڏي اميد سان ئي راڳ واري کي پيش ڪندو هو، ”اچو ته هن ٻئي ڳائيندڙ کي به ٻڌون! مهربان دوست، اچ ۽ اچي پنهنجو جوهر ڏيکار!“

        ڪڏهن ڪڏهن سچ پچ ته ڪو سٺو نئون آواز ٻڌڻ ۾ اچي ويندو هو، پر مون کي اهڙو ڪوبه موقعو ياد ناهي جڏهن مقابلي وارو ڪلشڪوف جي مٽ ٿي سگهيو هجي.

        ”هون! هون!“ نراس ٿيل قهوه خاني جو مالڪ چوندو هو، ”خراب ناهي. تنهنجو آواز ته ڏاڍو مٺو آهي، پر ان ۾ جان ناهي.“

        ٻڌندڙ، ٺٺولي ڪري چوندا هئا، ”ڏسجي ٿو ته هـُن ڏٻري گهوڙي کان ڪير کٽي نه سگهندو!“

        اهڙي هڪڙي ڀيري، ڪلشڪوف پنهنجن وڏن ڀِرن مان هنن ڏانهن نهاري، سرد لهجي ۾ چوڻ لڳو، ڇوٿا پنهنجو وقت وڃايو؟ توهان کي منهنجو مـَٽ ُ ڪوبه نه ملندو. مون کي خدا جي ڏات آهي. منهنجي دل ۾ ازل جي آگ پيئي ٻري!“

        ”اسين سڀ به ته خدا جا آهيون.“

        ”ها، تون ڀل ايستائين شراب پيئاريندو رهه، جيستائين تنهنجو ڏيوالو نڪري، پر توکي منهنجي مقابلي جو ماڻهو نه ملندو.“

        قهوه خاني جو مالڪ ڪاوڙ ۾ لال ٿي ويو-”چڱو، چڱو، ڏٺو ويندو.“

        ”هيءَ راڳ آهي، ڪڪڙن جي ويڙهه ناهي.“ ڪلشڪوف زور ڏيندي چيو.

        ”ٺيڪ آهي. پر پنهنجون مرليون وڄائڻ بند ڪر.“

        ”هي مرليون ناهن، پر توکي سمجهايان ٿو. اُهو راڳ، جيڪو رڳو وندر لاءِ آهي شيطاني شيءِ آهي ۽ جيڪي راڳ کي رڳو وندر لاءِ ٻڌن ٿا، سي پاڻ به شيطان کان گهٽ ناهن!“

        ”چڱو، چڱو، ڳالهائڻ بند ڪر! هاڻي ڪو ٻيو راڳ ٻُڌاءِ“

        ”مان راڳ ڳائڻ لاءِ سدائين تيار هوندو آهيان-پوءِ کڻي ننڊ ۾ ڇونه هجان.“ هو گلو صاف ڪري ڳائڻ لڳو.

        هڪدم لفظن جي ڏي وٺ، جهڳ جهڳ، هٺ ۽ وڏائي سڀ ڳالهيون دونهين وانگر غائب ٿي ويون. هڪدم اسان جي مٿان ٻئي قسم جي زندگيءَ جون تازگي بخشيندڙ، خيالن ۾ غلطان ڪندڙ، پيار ۽ ڏک ڀريل لهريون ڇائنجي ويون. مون کي هن سان ۽ هن جي ڏات سان. جنهن جو اسان سڀني تي ايترو قبضو هو، ڏاڍي ريس ٿيندي هئي. جيتوڻيڪ مان چاهيندو هوس ته اُن ڏٻري گهوڙي سان واقفيت پيدا ڪريان ۽ گهڻي وقت تائين ويهي ڳالهيون ڪيان، پر اُن لاءِ همت ٻڌي نه سگهندو هوس.

        پنهنجي زرد اکين سان هو ماڻهن ڏانهن اهڙيءَ ريت نهاريندو هو، ڄڻ ته انهن جي هستي هن جي اڳيان ڪابه حقيقت نه رکندي هئي. هن ۾ ڪا اهڙي ڳالهه هوندي هئي، جا مون کي به ڪانه وڻندي هئي ۽ منهنجي دل ۾ جيڪي هن ڏانهن ڪشش هوندي هئي، ان کي اُها گهٽائي ڇڏيندي هئي. هن جي شخصيت اهڙي هوندي هئي، جنهن جي واکاڻ، هن جي راڳ کي خيال ۾ نه آڻيندي به، ڪرڻ چاهيندو هوس، پر ڪري نه سگهندو هوس. هو جنهن نموني پوڙهن وانگر پنهنجي مٿي تي ٽوپي ٺاهي رکندو هو ۽ جنهن خاص انداز سان پنهنجي ڳچيءَ کي ڳاڙهي مفلر سان ويڙهي چوندو هو، ”هيءُ مفلر منهنجيءَ ننڍڙي محبوبڙيءَ مون لاءِ بنايو آهي!“ ان کان مون کي بڇان ٿيندي هئي.

        جڏهن هو راڳ ڳائي بس ڪندو هو، ته سهڪڻ لڳندو هو ۽ پنهنجي مردن جهڙي نڪ کي پنهنجين ٻن آڱرين سان مهٽڻ لڳندو هو، ۽ ماڻهن جي سوالن جا جواب بي دليءَ سان ڏيندو هو. هڪڙي ڀيري جڏهن مان کانئس ڪو سوال پڇڻ ويس، ته مون ڏانهن بي مروت نموني نهاري، چوڻ لڳو، ”ڀڄي وڃ هتان، ڇورا!“

        مان مترو پولسڪيءَ کي وڌيڪ پسند ڪندو هوس. هو جڏهن قهوه خاني ۾ داخل ٿيندو هو ته هن جو بت ڪنهن ڳوري بار کنيل مڙس وانگر پيو لڏندو هو. پنهنجي پير سان ڪرسيءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي، پنهنجون ٺونٺيون ميز تي ۽ پنهنجو ٿلهو جهنڊولو مٿو هٿن ۾ جهلي، ويهي رهندو هو. ٻه ٽي گلاس چپ چاپ چاڙهڻ کان پوءِ گجگوڙ ڪندڙ اوڳرائي ڏيندو هو. عجب مان هرڪو هن ڏانهن نهارڻ لڳندو هو. جواب ۾ هو به لاپرواهيءَ سان هنن ڏانهن گهورڻ لڳندو هو. هن جا اڻ سنواريل ڄنڊا هن جي ٻاهر نڪتل زرد چهري جي چوگرد پِڙي هڻي بيهي رهندا هئا.

        ”اڙي اوهين ڇا ٿا ڏسو؟“ هو دانهن ڪندو هو.

        ”جنڙي ڏانهن ٿا ڏسون!“ ڪڏهن کيس جواب ملندو هو.

        ڪڏهن ڪڏهن هن جي سڄي شام ماٺ ۾ گذري ويندي هئي، جهڙيءَ ريت هو چپ چاپ ۾ پيئندو هو، اهڙيءَ ريت پير گهليندو، چپ چاپ ۾ هليو ويندو هو. پر ڪڏهن ڪڏهن هو غصيباز مست فقير وانگر ماڻهن تي ڦٽڪار جو وسڪارو شروع ڪري ڏيندو هو-”مان خدا جو بَدِينِ کان بَري ٻانهو اوهان تي لعنت ڪيان ٿو. اي گنهگارو، اي بڇڙاين سان ڀريل انسانو، اي مڪارو، اي پنهنجي گناهن جي گپ ۾ غوطا کائيندڙ شيطانو، خبردار ٿيو! حيف آهي دنيا جي انهن مزن ۽ موجن تي، جيڪي اوهان کي گناهن جي غار ۾ ڌڪي رهيا آهن. اي شرابن جا دنگ چاڙهيندڙ مواليو! اي پيٽ کي ڏلهي ڀريندڙ پيٽوڙيئو! اي هن ڌرتيءَ جي غلاظت جي پيدائش، توهان جا اڃا ڏينهن پورا نه ٿيا آهن. توهان جيئرا آهيو ڇاڪاڻ ته ڌرتي توهان جهڙن لعنتين کي پنهنجي جهوليءَ ۾ وٺڻ کان ڇرڪي رهي آهي.“

        هن جو آواز اهڙو ته گجندڙ هوندو هو، جو درين جا تاڪ کڙڪڻ لڳندا هئا، ۽ هن جي آواز ۾ ڪا اهڙي ڳالهه هئي، جو ٻڌندڙ اوٿڪ ۾ اچي ويندا هئا. هو ٽهڪ ڏيندا ’مست درويش‘ جي هيٺين لفظن سان عزت افزائي ڪندا هئا: ”بوجرو ڪتو، ڪيئن نه ڀونڪي ٿو!“

        هن سان واقفيت ڪرڻ تمام سولي هئي. صرف ووڊڪا جي بوتل ۽ ڀڳل گوشت جو خرچ سهڻو پوندو هو.

        هڪ ڀيري مون سوال ڪيس ته مون کي ڪهڙا ڪتاب پڙهڻ گهرجن!

        جواب ۾ هن ڪاوڙ ۾ ڀرجي، رهندو مون کان سوال ڪيو، ”ڇا لاءِ ٿو پڙهين؟“

        پر پوءِ مون کي منجهيل ڏسي، نرم ٿي پڇڻ لڳو، ”تو مذهبي ڪتاب پڙهيا آهن؟“

        ”هائو“

        ”ته پوءِ اُهي پڙهندو ڪر. اُنهن کان وڌيڪ ڪابه ڳالهه ڪانهي، جيڪا توکي پڙهڻ گهرجي. سڄيءَ دنيا جو علم اُنهن ۾ آهي. پر رڍن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو آهي. انهيءَ جي معنيٰ اها ته ڪنهن کي به ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي. ڀلا، تون ڪو راڳ ڳائي سگهين ٿو؟“

        ”نه.“

        ”ڇونه؟ توکي ڪجهه ڳائڻ گهرجي. وقت کي انهيءَ کان وڌيڪ واهيات نموني گذارڻ جو ٻيو ڪو طريقو ڪونهي.“

        ڀر واريءَ ميز تان ڪنهن چيو، ”تون به ته ڳائيندو آهين!“

        ”چڱو، مان واهيات آهيان، پوءِ ڇا ٿيو؟“

        ”ڪجهه به نه.“

        ”اها ’ڪجهه به نه‘ ته نئين ڳالهه ناهي. سڀني کي پتو آهي ته تنهنجي ڪُند مغز ۾ ڪجهه به ڪونهي ۽ خدا ڪندو ته اُن ۾ ڪڏهن ڪجهه هوندو به ڪونه-آمين!“

        هو هر ڪنهن ماڻهوءَ سان، ۽ مون سان به، اهڙيءَ ئي ڇتڪتائيءَ سان پيش ايندو هو. پر جڏهن مون کيس ٻه چار ڀيرا ووڊڪا ۽ پڪل جيرا کارايا، ته مون سان ڪجهه نرميءَ سان پيش اچڻ لڳو. هڪڙي ڏينهن مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيائين-چوڻ لڳو، ”جڏهن به مان توکي ڏسندو آهيان تڏهن سوچيندو آهيان ته تون ڪير آهين، ڇا آهين ۽ ڇو آهين ؟...پر پنهنجو رستو وٺ، جيڪي هجين سو هجين، منهنجو انهيءَ ۾ ڇا!“

        ڪلشڪوف سان هن جو سلوڪ مون کي سمجهه ۾ نه ايندو هو-هن کي وڏي چاهه سان ٻڌندو هو، ۽ هن جي راڳ تي خوش ٿيندو هو. ته به هن جي ويجهي وڃڻ کان پوءِ نٽائيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هن بابت سخت ناپسنديءَ جا رايا بيان ڪندو هو. ”بيوقوف ڪنهن جاءِ جو! هن کي پنهنجي آواز تي قبضو آهي، ۽ اها ڄاڻ اٿس ته ڇا ڳائي رهيو آهيان. باقي انهيءَ کان سواءِ گڏهه آهي گڏهه.“

        ”ڇو؟“

        ”پنهنجيءَ ٻيءَ برادريءَ وانگر.“

        جڏهن هو سنجيدو هوندو هو، تڏهن مان هن سان وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ پسند ڪندو هوس، پر اهڙيءَ ويل هو پيو رنڀندو هو ۽ پنهنجن گندين اکين سان ٻاهر پيو نهاريندو هو. مون کي ٻڌايو ويو هو ته هو ڪازان يونيورسٽيءَ ۾ دينيات جو طالب علم رهي چڪو هو. مون کي اُن ڳالهه ۾ شڪ هوندو هو، پر هڪڙي ڏينهن ڳالهيون ڪندي مون بشپ ڪرسنتوف جو نالو ورتو. ڪنڌ لوڏي چيائين، ”ڪرسنتوف؟ مان هن کي سڃاڻندو آهيان. ڪازان يونيورسٽيءَ ۾ مان هن جو شاگرد هوندو هوس. ڪرسنتوف معنيٰ ’سون جو گل‘. پال برينڊا صحيح هو جڏهن هن لکيو هو، ’ڪرسنتوف سچ پچ سون هو‘!“

        ”پال برينڊا ڪير آهن؟“

        مون پڇيس، پر متروپولسڪي منهنجي ڳالهه کي رد ڪندي چيو، ”منهنجو انهيءَ سان ڪهڙو واسطو؟“

        اُن ڏينهن جڏهن مان گهر پهتس، تڏهن پنهنجي نوٽ بـُڪ ۾ لکي ڇڏيم: ”مون کي پال برينڊا ضرور پڙهڻ گهرجي.“ خبر نه آهي ته ڇو. پر مون ائين ئي سمجهيو ته منهنجي روح کي جيڪي سوال ستائيندا ٿي رهيا، انهن جي جواب مون کي اُن پال برينڊا کي پڙهڻ مان ملي ويندا.

        متروپولسڪي ڪڏهن ڪڏهن چڙ ڏياريندڙ نموني اهڙا نالا کڻندوهو، جي منهنجا ڪڏهن ٻڌل نه هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ائين هو پنهنجا لفظ به ٺاهي بيان ڪندو هو.

        ”زندگيءَ جو ’انيسو‘ ختم ٿيندو ٿو وڃي.“ هن چيو.

        ”انيسو‘ ڇاهي؟“

        ”مزو!“-آءٌ جو منجهي پيس ته هن کي اُن تي مزو اچي ويو ۽ مون کي پنهنجي اُن سوال جي جواب جي عنايت ڪيائين.

        هن جي نڪته آميز ٽوٽڪن ۽ هن جي وسيع علم مان انهيءَ نتيجي تي پهتس ته هو عالم هو، پر مون کي انهيءَ ڳالهه تي مٺيان لڳندي هئي ته هو پنهنجي علم کي ٻين اڳيان بيان ڪرڻ ۾ بخل ڪندو هو ۽ ان کي اڪثر غير فهم نموني پيش ڪندو هو. يا ائين هو، ته مون کي هن مان انهيءَ قسم جي اميد نه رکڻ کپندي هئي! ڪجهه به هجي، پر هو انهن ماڻهن مان ضرور هو، جن منهنجي دل تي پنهنجو اثر ڇڏيو هو. مون کي هن جي مست درويشانه نموني جي ڦٽڪارن ٻڌڻ مان مزو ايندو هو-”اي پليت ۽ ذليل انسانو!“ هو گجگوڙ ڪندو هو، ”توهان ۾ جيڪي نالائق آهن، انهن کي مان ۽ مرتبو آهي ۽ جيڪي لائق آهن سي ذليل ۽ خوار آهن. پر قيامت جو ڏينهن ويجهو اچي رهيو آهي. تڏهن توهان پڇتاءُ ڪندؤ، پر پڇتاءُ ۽ توبهه جو وقت گذري ويو هوندو ۽ توهين اُلن وانگر پيا هٿ مهٽيندؤ!“

        هن جي طنز ڀري تقرير ٻڌي، مون کي ’نيڪ خيال‘، نتاليا ڌوٻياڻي جيڪا غير متوقع تباهيءَ جي ڀوائتيءَ کڏ ۾ ڪري پيئي هئي، ۽ ملڪه مارگاٽ جنهن بابت گندا افواه پکڙندا رهندا هئا، ياد اچي ويندا هئا. سچ پچ، ڪهڙيون نه ڳالهيون منهنجي دل ۾ سانڍيل هيون!

        هڪڙي عجيب حادثي منهنجي هن عجيب انسان سان گهرائپ جو خاتمو  آڻي ڇڏيو. هڪڙي بهار جي ڏينهن هو مون کي فوجي حاطي سان لڳل ٻنين ۾ گڏيو. هو اُٺ وانگر داڦوڙا هڻي هلي رهيو هو. هن جو ٻاهر نڪتل مٿو وڃڻي وانگر هڪ پاسي لڏي رهيو هو. هو اڪيلو ٿي ڏٺو.

        ”گهمڻ ٿو وڃين؟“ هن مون کان کهري نموني پڇيو، ”مان به توسان گڏ ٿو هلان. مان به گهمڻ لاءِ نڪتو هوس. دوست، مان هڪڙو بيمار ماڻهو آهيان، سچ پچ ته ڏاڍو بيمار!“

        اڃا ڪجهه قدم ڳالهائڻ کان سواءِ مس کنيائون، ته اسان هڪ کڏ جي مٿان اچي بيٺاسون. نوڙي کڏ ۾ ڏٺوسين ته هڪڙو ماڻهو هيٺ اُن جي هڪ پاسي ويٺل نظر آيوسين. ائين ٿي لڳو ڄڻ هو ڀڪ کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو. هن جو ڪوٽ هن جي هڪڙي ڪن جي مٿان ڇڪيل هو، ڄڻ هن ان کي لاهي ڦٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر لاهي نه سگهيو هو، ۽ اُن کي اُتي ئي ڇڏي ڏنو هئائين.

        ”نشي ۾ آهي.“ متروپولسڪيءَ بيهندي چيو.

        انهيءَ ماڻهوءَ جي ويجهو تازي ڄاول سبز گاه جي مٿان پستول پيو هو ۽ ان جي ويجهو ٽوپي ۽ ووڊڪا جي بوتل به پيئي هئي، جنهن مان مشڪل سان هڪ ٻه ڍڪ پيتل هئا ۽ جنهن جو ٻوچ پري وڏي گاه ۾ پيل هو. مٿي ڇڪيل اوورڪوٽ هن جي منهن کي اهڙيءَ ريت لڪائي ڇڏيو هو، ڄڻ شرم کان منهن ڍڪيندو هجي. گهڙي پلڪ اسان ٻيئي بت بڻيا بيٺا هئاسون، پوءِ متروپولڪسي، پنهنجون ٻيئي ٽنگون کولي، کڏ جي ڪپ تي پختائيءَ سان  بيهي، چوڻ لڳو، ”هن پاڻ کي گولي هنئين آهي!“

        مون جڏهن اها ڳالهه محسوس ڪئي ته ماڻهو نشي ۾ چور نه پر مئل آهي، ته مون کي اُنهيءَ ڳالهه تي ڄڻ ويساهه ئي نه پئي آيو. مون کي ياد ٿو اچي ته مون کي اُن ماڻهوءَ جي صفا ڪوڙيل مٿي ۽ زرد ڪن ڏانهن نهاريندي نه خوف ۽ نه افسوس ئي ٿي رهيو هو. مون کي انهيءَ ڳالهه تي يقين ئي نه پئي آيو ته ههڙي بهار جي شاندار ڏينهن تي ڪو ماڻهو پنهنجي حياتي ختم ڪري ٿي سگهيو.

        متروپولسڪي پنهنجي ڳلن کي اهڙيءَ ريت مهٽيندي ڄڻ ته هن کي ٿڌ لڳي ويئي هجي، ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ”پڪيءَ عمر جو آهي. جوڻس ڀڄي ويئي هوندي يا ڪا پئسن جي گهوٻي هنئين هوندائين.“

        هن مون کي موڪليو ته پوليس وٺي اچان، ۽ پاڻ کڏ جي ڪناري تي ٽنگون لڙڪائي ۽ پنهنجو ٿڳڙيون ٿيل اوور ڪوٽ چڱيءَ ريت ويڙهي، انتظار ۾ ويهي رهيو. مان پوليس کي اطلاع ڏيئي، تڪڙو تڪڙو واپس وريس، ته رستي تي مون کي متروپولسڪي مليو. هن مئل ماڻهوءَ جي ووڊڪا پي ڇڏي هئي ۽ سکڻي بوتل لوڏيندي، چيائين. ”هن ئي هـُن کي تباه ڪري ڇڏيو هو!“ ۽ پوءِ بوتل کي پٽ تي اهڙو زور سان اڇلايائين، جو بوتل ڇيهون ڇيهون ٿي ويئي.

        پوليس وارو، جيڪو منهنجي پٺيان آيو هو، وڌي کڏ ڏانهن ويو، ۽ جهڪي، اُن ۾ اندر ڏسي، پهريائين ٽوپي لاهي هٿ ۾ ڪيائين ۽ پوءِ پاڻ تي صليب جو نشان ڪڍيائين. پوءِ هو موٽي اسان وٽ آيو ۽ متروپولسڪيءَ کان پڇڻ لڳو-

        ”تون ڪير آهين؟“

        ”تنهنجو ان سان ڪهڙو واسطو!“

        ٿوري گهڙي ماٺ ڪرڻ کان پوءِ پوليس واري ٿوريءَ نرميءَ سان چيس، ”ڀلا، ان لاءِ تون ڇا ٿو چوين. هتي هڪڙو ماڻهو مئو پيو آهي ۽ تون نشي ۾ ٻڏل آهين؟“

        پنهنجي ڇاتي ٺوڪيندي، متروپولسڪيءَ آڪڙ مان وراڻيس، ”مان ويهن سالن کان نشي ۾ ٻڏل رهان ٿو.“

        مون کي اچي خوف ورايو ته هن کي نشي جي حالت ۾ هجڻ ڪري گرفتار ڪندا. ايتري ۾ ماڻهن جو ميڙ اچي گڏ ٿيو. هڪڙو شوخ پوليس انسپيڪٽر، جيڪو گاڏيءَ ۾ چڙهي آيو هو، کڏ ۾ هيٺ لهي ويو ۽ مئل ماڻهوءَ جو اوور ڪوٽ مٿي ڪري، ان جي منهن ڏانهن ڏسڻ لڳو-

        ”هن کي پهرين ڪنهن ڏٺو؟“

        ”مون“ متروپولسڪيءَ دعويٰ ڪندي چيو.

        انسپيڪٽر هن ڏانهن گهوري نهاريو، ۽ طنز ڀريءَ ڌمڪيءَ سان چيائين، ”سائينءَ منهنجي کي مبارڪ هجي!“

        اٽڪل ٻارهن کن ماڻهو ۽ پوليس وارا انهيءَ کڏ جي مٿان گهيرو ڪيو بيٺا هئا، ۽ هيٺ پئي نهاريائون ۽ جوش مان پئي سهڪيا. انهن مان هڪ رڙ ڪري چيو، ”مان هن کي سڃاڻندو هوس! اسان جي گهٽيءَ ۾ رهندو هو ۽ خانگي نوڪري ڪندو هو.“

        متروپولسڪي انسپيڪٽر جي اڳيان مٿي اگهاڙو جهومي رهيو هو، هن سان ڏند پئي ڏنائين ۽ کهرو پئي ڳالهايائين. انسپيڪٽر هن کي ڇاتيءَ واري مڪ هڻي، هيٺ ڪيرائي ڇڏيو. پوليس واري جيڪا رسي پاڻ سان آندي هئي، سا ڪڍي، ۽ زور ڏيئي مترو پولسڪيءَ جون ٻانهون ويڻيءَ وٽان سوگهيون ٻڌي ڇڏيائين. مترو پولسڪيءَ سواءِ ڪنهن چون چران جي پنهنجون ٻانهون پٺيءَ جي پوئتان اهڙي ريت ٺاهي جهليون، ڄڻ ته انهيءَ تي اڳ ئي هريل هو. انسپيڪٽر ”وڃو، هليا وڃو!“ جون رڙيون ڪري، ماڻهن کي اُتان ڊوڙائي ڀڄائي ڇڏيو.

        هاڻي هڪڙو ٻيو پوڙهو سپاهي اڳتي وڌيو. هن جون اکيون ڳاڙهيون هيون، جن مان پاڻي پئي وهيو ۽ هن جو وات ٿَڪ کان پٽيو پيو هو. هن مترو پولسڪيءَ جي هٿن ۾ ٻڌل رسيءَ کي جهليو ۽ خاموشيءَ سان هن کي شهر ڏانهن وٺي ويو. مان به ان هنڌان اداس هليو آيس. ان وقت ڪلشڪوف جو اداس نغمو منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيو هو. مون کان اهو ڏک ڀريو منظر وسريو ئي نه پئي ته ڪيئن سپاهيءَ هوريان پنهنجي کيسي مان رسي ڪڍي هئي ۽ گجندڙ درويش فرمانبرداريءَ سان پنهنجون بوجريون ٻانهون پٺيءَ جي پوئتان ويڻي ويڻيءَ تي چاڙهي، بيهي رهيو هو، ڄڻ ته اها هن جي عادت هئي.

        ٿورن ڏينهن کان پوءِ مون کي پتو پيو ته ان مست درويش کي شهر نيڪالي ملي ويئي هئي. ڪلشڪوف به اتان غائب ٿي ويو. ڪنهن بيٺل گهر ۾ هن جي شادي ٿي هئي، تنهن ڪري اُهو پاڙو ڇڏي، ٻئي ڪنهن هنڌ وڃي گهوڙن جي سنجن ٺاهڻ جو دڪان ڪڍيو هئائين.

        پر هن جي ائين وڃڻ کان اڳ، مون ڪلشڪوف جي واکاڻ جا گيت پنهنجي مالڪ جي اڳيان ايترا ته ڳايا هئا، جو منهنجو مالڪ چوڻ لڳو، ”مون کي هن جو راڳ ضرور ٻڌڻ گهرجي.“ هڪڙيءَ رات هو مون سان ڪلشڪوف جو راڳ ٻڌڻ لاءِ گڏجي هلڻ لڳو. جڏهن ميز تي راڳ ٻڌڻ ويٺاسون، ته هن جون اکيون کلي ويون، ۽ سڄو وقت هو وائڙن وانگر چپ چاپ اُتي ويٺو رهيو.

        قهوه خاني ڏانهن ايندي، سڄي واٽ، هو مون کي چيڙائيندو آيو هو، ۽ پهرين اُن ۾ گهڙياسين، ته اُتي ويٺل ماڻهن ۽ اتان جي دم گهٽيندڙ فضا تي لاڳيتيون چٿرون ڪندو رهيو. جڏهن ڪلشڪوف راڳ شروع ڪيو، ته به هن جي چپن تي حقارت ڀريل مرڪ کيڏي رهي هئي. پر ڪلشڪوف جڏهن راڳ ڳايو، تڏهن هن تي راڳ جو اهڙو اثر ٿيو، جو گلاس ۾ بير وجهندي، اڌ ۾ بس ڪري، حيرت مان چوڻ لڳو، ”ڪهڙو نه جادو آهي!“

        لڏندڙ هٿن سان هن بير جي بوتل هيٺ رکي، ۽ ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏيئي، پنهنجي خيالن ۾ گم ٿي ويو.

        ”منهنجا ڀاءُ، واقعي لاجواب آهي.“ جڏهن ڪلشڪوف راڳ ختم ڪيو، تڏهن هن ٿڌو ساهه کڻي قبول ڪندي چيو، ”بيشڪ ڳائي ڄاڻي! سڄي ڪمري ۾ گرمي پيدا ڪري ڇڏي اٿائين.“

        ڪلشڪوف پٺي پٺتي ڪري، ۽ اکيون ڇت ۾ کپائي، وري راڳ ڳائڻ شروع ڪيو:

        ”ٻنين مان هڪڙي هيڪلي ڇوڪري ويندي ٿي رهي،

        هوءَ ڪنهن ڌنوان جي گهران ڪم تان موٽي هئي....“

        ”واقعي ڳائي ڄاڻي.“ منهنجي مالڪ مرڪي، ڪنڌ سان ها ها ڪندي، پنهنجي ڳالهه کي دهرائيندي چيو.

        بين جي باهه لڳائيندڙ سُرن وانگر هن جو آواز صاف نڪري رهيو هو.

        ”نماڻيءَ نورڀريءَ نينگر هڪڙي واٽهڙوءَ کي ٻڌايو

        ’مان لاوارث آهيان، ڪنهن کي منهنجي گهرج ڪانهي....‘“

        ”ڪهڙو نه دل کي گهائيندڙ راڳ آهي هيءُ!“ منهنجي مالڪ پنهنجون اکيون ٻوٽيندي چيو.

        مون کي انهيءَ ڳالهه مان خوشي ٿي رهي هئي ته هن کي مزو اچي رهيو هو. انهيءَ راڳ ۾ اهڙو سوز ڀريل هو، جو اُهو سڄي قهوه خاني تي ڇائنجي ويو. اُن جي هر هڪ مصرع کان پوءِ ان جو اثر ۽ گهرائي ۽ غم وڌندو پئي ويو:

        ”مان ساري ڳوٺ ۾ اڪيلي آهيان،

        افسوس جو مان غريب آهيان، منهنجا ڪپڙا سادا آهن،

        ڪوبه مون ڏانهن پيار مان نٿو نهاري،

        ڪوبه بانڪو جوان مون سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،     

        هڪڙو ٻڍو رنڙ مون کي جهلڻ گهري ٿو،

        پر اهڙي قسمت اڳيان هار مان ڪيئن هار مڃان!“

        منهنجو مالڪ ڪنڌ جهڪايو ويٺو هو. نڪ سان سـُڻ سـُڻ پئي ڪيائين. اکين مان ڳوڙها ٽمي، هن جي پيرن ۾ پئي پيا، هن انهن کي روڪڻ جي ڪوشش نه پئي ڪئي. راڳ ختم ٿيڻ کان پوءِ هو اداس ۽ غمگين ٿي ويو ۽ حيرت مان چوڻ لڳو، ”هل ته گهر هلون، مان هن ڪُڙهه ۾ ٻوساٽجي مري ويندس. مان وڌيڪ ويهي نٿو سگهان.“

        پر جڏهن اسين قهوه خاني مان ٻاهر نڪتاسين، تڏهن چوڻ لڳو، ”پيشڪوف، گهر نٿا هلون، هل ته ڪنهن هوٽل ۾ ماني کائون.“

        پوءِ هن هڪڙيءَ بگيءَ کي بيهاريو ۽ ڀاڙي ٻولائڻ کان سواءِ اُن تي چڙهي ويٺو ۽ سڄي واٽ ماٺ ۾ رهيو. هوٽل ۾ هڪڙي ڪنڊائتي ميز تي ويهي رهياسين. هن ڪاوڙ ۾ پر هوريان راڳ واري کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون:

        ”هن حرامزادي منهنجي طبيعت ئي ٻيءَ طرح ڪري ڇڏي آهي. مون کي صفا چريو بنائي ڇڏيو اٿس. تون گهڻو پڙهندو ۽ گهڻو سوچيندو آهين....چڱو، مون کي ٻڌاءِ ....هن جو مطلب ڇاهي؟ ته ڪو ماڻهو زندگيءَ جي گهاڻي ۾ وهندڙ ٿو رهي، هن جي زندگيءَ جا چاليهه سال گذري وڃن ٿا، هو شادي ڪري ٿو، هن کي ٻار ٿين ٿا، پر دنيا ۾ اهڙي ڪابه دل ڪانهي جنهن سان هو پنهنجو سور سلي! ڪڏهن ڪڏهن چاهيندو آهيان ته پنهنجي دل جو ڏک ڪنهن سان ونڊيان، جيڪي منهنجي دل ۾ آهي سو ڪنهن کي ٻڌايان، پر منهنجو ڪوبه ڪونهي. منهنجي زال؟ هن کي پنهنجي گهر ۽ ٻارن کان واندڪائي ڪانهي. منهنجي دل ۾ جيڪي آهي، اُهو هوءَ سمجهي نه سگهندي. ماڻهوءَ جي پنهنجي زال سان دلچسپي تيستائين قائم رهي ٿي، جيستائين پهريون ٻار پيدا ٿئي. حقيقت هيءَ آهي ته هوءَ –خير، مان سمجهي نه ٿو سگهان ته توکي هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٻڌايان-هوءَ مون لاءِ ڪجهه ڪانهي-رڳو هڪ جسم. اڙي منهنجا ننڍا ڀاءُ، ڪنهن جي دل جو زخم ڪير ٿو ڏسي!“

        تپيل ماڻهوءَ وانگر ڏڪندي، ٿڌو ۽ ڪڙو بير يڪ ساهيءَ پي ويو. ٿوري گهڙي ماٺ ڪرڻ کان پوءِ پنهنجون آڱريون پنهنجن ڊگهن وارن ۾ وجهندي، چيائين، ”منهنجا ڀاءُ! ماڻهو سڀ حرامزادا آهن. منهنجي ٺيڪيدارن کي ئي وٺ. تون به انهن سان ڪچهريون ڪندو آهين. پر مون کي پتو آهي ته ڪهڙي نه هٿ چراند ٿئي ٿي، اهي سڀ چور آهن! ڇا، تون سمجهين ٿو ته تنهنجون ڳالهيون هنن تي اثر ڪنديون هونديون؟ نه! جيڪي ڪجهه تون هنن کي چوندو آهين، اهو هو مونکي ٻڌائي ويندا آهن-سڀ جا سڀ، پيٽرڪ ۽ اوسپ سميت. اِهي سڀ بدمعاشن جو ٽولو آهن، هو منهنجي بابت ڳالهائيندا آهن-تون منهنجو پاسو کڻندو آهين، منهنجي خلاف ڳالهائيندو آهين-پر منهنجا ڀاءُ، اهو سڀ ڇو؟“

        مان هن کي ائين ڳالهائيندي ٻڌي، ايتري قدر منجهي ويس، جو اکر نه پئي اُڪليم.

        ”ها پنهنجي ڳالهه وٺ،“ منهنجي مالڪ اوچتو مرڪندي چيو، ”ڇا تنهنجو ايران وڃڻ وارو خيال عجيب نه هو! تون، اتي جيڪي ڪجهه اتان جا رهاڪو چون ها، سمجهي نه سگهين ها، ڇاڪاڻ ته تو انهن جي زبان ڪانه ٿي سمجهي-تون ائين سمجهين ها ته هو توکي گاريون پيا ڏين!“

        ”ڇا اوسپ به توهان کي منهنجي بابت ڪجهه ٻڌائيندو رهيو آهي!“

        ”هان-هائو! پر انهيءَ تي توکي حيرت نه لڳڻ گهرجي. منهنجا ڀاءُ، هو ته سڀني ۾ واتوڙي آهي، پورو بڪ بڪيو. نه، پيشڪوف نه، تون انهن کي پنهنجن لفظن سان متاثر نه ڪري سگهندين. سچ؟ ڪير آهي، جو سچ ٻڌڻ ٿو گهري؟ اُهو هنن لاءِ سرءُ جي برف مثل آهي، جا گپ ۾ ڪري رجي ويندي آهي. بهتر آهي ته ماٺ ۾ رهه.“

        هو هڪ ٻئي پٺيان ويو بير جا گلاس چاڙهيندو. جيتوڻيڪ هن جي ڳالهائڻ ۾ جوش ۽ خنڪي وڌندي ويئي، پر هن تي نشي جو نالو ئي نه هو-”تو اهو ته ٻڌو هوندو ته ’ڳالهائڻ چاندي ۽ ماٺ سون آهي.‘ هائو، منهنجا ڀاءُ، زندگي عذاب آهي! هن سچو راڳ پئي ڳايو: ’مان ساري ڳوٺ ۾ اڪيلي آهيان.!‘“

        پنهنجي چوگرد چور نگاهن سان نهاري مون کي هوريان هوريان ٻڌائڻ لڳو، ”مون کي به ڪجهه وقت ٿيو ته هڪڙو دوست مليو هو، سچو پچو هڏ ڏوکي ۽ همدرد هو. اهو دوست هڪ عورت هئي، ذري گهٽ رنڙ هئي، هن جي مڙس کي ڪوڙن سڪن ٺاهڻ جي ڏوهه ۾ عمر ڀر قيد ڏيئي، سائبيريا موڪليو ويو هو. منهنجي هن سان واقفيت ٿي. هن وٽ کوٽو پيسو به ڪونه هو. پيسي لاءِ ئي هن اهو ڪجهه ڪيو. پر ڀاءُ، ڪهڙي نه مٺڙي عورت هئي!-واه جي جوان ۽ سهڻي-سچ پچ ٺاهوڪي عورت هئي. مان هن سان ٻه چار ڀيرا مليس ۽ مون هن کي چيو، ’تنهنجو مڙس چڱو ماڻهو ناهي. تون پاڻ به هي ڏينهن گهاري رهي آهين. تون هن جي پٺيان سائبيريا وڃي ڇا ڪندينءَ؟‘ پر پهرئين ڏينهن ئي هن جو فيصلو هڪ هو: ’هو ڪهڙو به هجي، مان هن کي پيار ڪيان ٿي. هو مون سان ڏاڍو سٺو هلندو هو. لاشڪ هن منهنجي ڪري ئي اهو ڏوه ڪيو هو ۽ هن جي خاطر ئي مان توسان هيءُ گناه ٿي ڪريان. مون کي هن جي لاءِ پئسن جي ضرورت آهي. هو چڱو ماڻهو آهي، چڱي نموني رهڻ تي هريل آهي، جيڪڏهن مان پرڻيل نه هجان ها، ته مان هي گناهه اصل نه ڪريان ها. تون به چڱو ماڻهو آهين، توسان به چاهه ٿي ويو اٿم. پر وري مهرباني ڪري اها منهنجي ڳالهه مون سان نه ڪج.‘ افسوس، منهنجا ڀاءُ، افسوس-منهنجا اهڙا ڀاڳ ڪٿي! بهرحال مون وٽ جيڪو هو، سو هن کي ڏيئي ڇڏيم-اٽڪل اسي روبل يا ڪجهه گهٽ وڌ-۽ مون هن کي چيو، ’مون کي معاف ڪجانءِ. مان توسان آئينده ملڻ نه ايندس، ملي ئي نه سگهندس، ڪڏهن به نه!‘ ۽ مان هليو ويس- ۽ اهڙي ريت-“ هو ماٺ ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ مون ڏٺو ته هو نشي ۾ الوٽ هو. هن بيحال ٿيندي چيو، ”هن وٽ منهنجو ڪل ڇهه ڀيرا وڃڻ ٿيو هو-پر اُهو ڇا هو، اِها ڳالهه تون سمجهي نه سگهندين! اُن کان پوءِ مان شايد ٻيا به ڇهه ڀيرا هن سان ملڻ هن جي گهر تائين ويس، پر مون کي همت ئي ڪانه ٿي، جو در اُڪري هن وٽ اندر وڃان، ۽ هاڻي هوءَ هلي ويئي آهي.“

        هن پنهنجا هٿ ميز تي رکيا، آڱرين سان ان کي وڄائڻ لڳو ۽ هوريان چوڻ لڳو، ”مان خدا کي سوال ڪندو آهيان ته مون کي وري هن سان نه ملائجانءِ! الله ڪندو منهنجو اهو سوال اگهندو. ورنه آءٌ، پاڻ وڃائي ويهندس.....اٿي، هل ته گهر هلون.“

        جيئن هو ٿيڙ کائي هلڻ لڳو ته چيائين، ”منهنجا ڀاءُ، اهي اٿئي منهنجا حال!“

        هن جي ڳالهه تي مون کي ڪو عجب نه لڳو. مون کي گهڻو اڳ ئي شڪ هو ته هن سان ڪا نئين ڳالهه ٿي رهي آهي. ته به زندگيءَ بابت هن جي قائم ڪيل خيالن ۽ راين مون کي اداس ڪري ڇڏيو. سڀ کان وڌيڪ انهيءَ ڳالهه، جيڪا هن اوسپ بابت مون کي ٻڌائي هئي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org