سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (تربيت)

باب-1

صفحو :1

مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي(تربيت)

اياز قادري

ڇپائيندڙ پاران

سنڌي ادب ۾ آتم ڪهاڻي لکڻ جو رواج ته آهي پر اهو رواج يا ته سماجي ۽ اخلاقي قدرن جي ڪري گهٽجي رهيو آهي يا وري ماڻهو پنهنجي حياتيءَ ۾ اهي لکتون ڇپائڻ نه ٿو گهُر. سنڌ سان واسطو رکندڙ ڪيترين ئي سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن جون ”آتم ڪهاڻيون“ ڇپيل ته ملن ٿيون، پر انهن کي گهڻو ڪري هتان جي سماجي قدرن سان سلهاڙيل رکيو ويو آهي. جنهنڪري ”آتم ڪهاڻي“ لکڻ جو فن ڪا ڳڻپ جوڳي ترقي ماڻي نه سگهيو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ پرڏيهه ۾ پلجندڙ ”آتم ڪهاڻي“ هتان جي لکجندڙ ”آتم ڪهاڻي“ کان نرالي نظر اچي ٿي. حقيقت ۾ آتم ڪهاڻيءَ لکڻ جو مقصد به اهو آهي، ته پنهنجي زندگيءَ جي تجربن کي اهڙي ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان کولي، بيان ڪجي جو ٻيا پڙهندڙ انهن تجربن منجهان سبق پرائي پنهنجي زندگيءَ کي بهتر  رُخ ۾ وٺي وڃڻ جي جسارت ڪري سگهن.

مئڪسم گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻيءَ جو هيءُ جُلد ”تربيت“ نه رڳو فني طرح انهن ليکڪن جي رهنمائي ڪري ٿو جيڪي سچائيءَ سان آتم ڪهاڻي لکڻ گهرن ٿا، پر عام پڙهندڙ لاءِ به رهنما روشنيءَ جو درجو رکي ٿو. پنهنجي زندگيءَ جو تفصيل انتهائي سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان ڏيندي لائق تخليقڪار هڪ ٻار، نوجوان ۽ ليکڪ جو سمورو پوتاميل عوام آڏو رکيو آهي، جنهن مان گهڻو ڪُجهه سکي ۽ پرائي سگهجي ٿو.

مئڪسم گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻي ”تربيت“ جو پهريون ڇاپو 1977ع  ۾ جناب ظفر حسن، سيڪريٽري بورڊ جي حيثيت ۾ اداري طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو. هيءُ ٻيون ڇاپو جيتوڻيڪ وڏي عرصي کان پوءِ پڌرو ٿي رهيو آهي، پر تڏهن به انهيءَ کي ڇپائيندي دلي طرح خوشي محسوس ٿي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب کي ڇپائڻ جي گُهر گهڻي عرصي کان ٿيندي پئي آئي، پر حالتن جي سازگار نه هُئڻ ڪري اهڙي اڳڀرائي نه ٿي سگهي هُئي.

بهرحال ”دير آيد دُرست آيد“ جي مصداق ، ڪتاب جو ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪرايل ۽ نئين سرورق سان تيار ڪرايل ڇاپو پڙهندڙن جي آڏو آهي. اميد اٿئون ته اداري جي ڪارڪنن جي هيءَ محنت صاب ٿيندي.

 

ڄام شورو                              انعام الله شيخ

1-فيبروري 2005ع                         سيڪريٽري

بمطابق 22 ذوالحج 1425هه            سنڌي ادبي بورڊ

 

باب پهريون

دنيا  جي لاهن چاڙهن  تان لنگهڻ لاءِ،  منهنجو پهريون قدم شهر جي شاهي بازار  جي هڪڙي چلتي واري بوٽن جي دڪان تي پيو ، جتي مون کي دربان جي نوڪري ملي، منهنجو مالڪ گول مول ۽ ڊينڊو هو . هن جو رنگ هلڪو ڀورو ۽ منهن کهرو هو . هن جا ڏند پيلا ۽ اکيون ميريون گپ جهڙيون هيون، مون سمجهيو ته شايد اهو انڌو آهي ۽ آزمودي خاطر هن جا ويچارا ڪڍيم، جنهن تي نرم آواز پر سخت لهجي ۾ چيائين ، ”منهن ڇو ٿو ڦڏو ڪرين؟“ اهو خيال  ته اهي مئل اکيون مونکي ڏسي  رهيون هيون، مون کي ڏاڍو ڏکيو لڳو .”ڇا، هن ڏسي ورتو ته مون هن جا ويچارا پئي ڪڍيا؟“

مون توکي چيو نه ، ته منهن ڦڏو نه ڪر !“ هن ورجايو . هن جا ٿلها چپ ٿورو  چريا، ۽ بس – ”کنهڻ بند ڪر !“هن جي خشڪ ڀڻ ڀڻ منهنجي ڪنن تائين پهتي .”توکي اهو ياد رکڻ گهرجي ته تون بهترين  دڪان ۾ ڪم ڪري رهيو آهين . دربان  کي بت وانگر سنئون سڌو بيهڻ گهرجي .“ ان وقت ”بت “ لفظ جي معنيٰ ئي نٿي آيم، ۽ کنهڻ کان بس ڪيئن ڪري پئي سگهيس، جڏهن جيتن جي چڪن منهنجي هٿن تي ڳوڙهيون ڪري ڇڏيون هيون !

”هن کان اڳ تون ڇا ڪندو هئين؟“ منهنجي مالڪ منهنجي هٿن ڏانهن نهارڻ کان پوءِ چيو . جڏهن مون کيس ٻڌايو تڏهن هن  پنهنجو گول مٿو، جيڪو سفيد ڪتريل وارن سان ڍڪيل هو ، ڌوڏيو ۽ عجب مان رڙ ڪري چيائين،  ”ٿڳڙيون ميڙڻ !اڙي اهو ته پنڻ کان ۽ چوري ڪرڻ کان به بڇڙو ڪم آهي!“

ٿورو آڪڙ مان چيومانس ته ”مون چوري به ڪئي آهي!“ اهو ٻڌي ، ميز جي ڪنارن کي سوگهو جهليندي، مون ڏانهن اهڙيءَ ريت گهوري  ڏٺائين ، ڄڻ ڪا جهنگلي ٻلي پنهنجا  چنبا اڀا ڪيو بيٺي هئي . هن ڪجهه ڊنل نموني مون ڏانهن نهاريو، ۽ رڳو هيٺيان اکر هن جي وات مان نڪتا” ڇا؟ تون چوري ڪئي آهي؟ڪيئن؟“

جڏهن ٻڌايو مانس ، تڏهن چوڻ لڳو ، ”اوه، اها ڳالهه آهي! مان ان کي صرف شرارت ٿو سمجهان ، پر جيڪڏهن تو هتي ڪنهن جوتي يا پيسي سان هٿ چراند ڪئي، ته عمر ڀر جيل ڏياري ڇڏيندوسانءِ .“

هن اهو سڀ اهڙي ڊيڄاريندڙ نموني چيو، جو هن لاءِ منهنجي سموري رغبت ختم ٿي ويئي .

مالڪ کان سواءِ دڪان ۾ منهنجو ماروٽ ، مامي جاڪوف جو ساشا ۽ ٻيو هڪ هوشيار چرب زبانو ۽ڳاڙهه منهون ڪلارڪ هو، جنهن کي سڀ هيڊڪلارڪ چوندا هئا. ساشا ناسي فراڪ ڪوٽ، ڪلف لڳل ڪالر ۽ ٽاءِ ٻڌي، ٺٺ ڪيو وتندو هو ۽ هر وقت پيو مون کي ڇڙٻيندو هو ، نانو جڏهن مون کي دڪان جي مالڪ وٽ وٺي آيوهو،ته ساشا کي منهنجي ڪم ۾ منهنجي مدد ڪرڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ چيو هئائين ، ساشا ڦونڊجي ويو هو–” هن کي ائين  ڪرڻو پوندو جيئن مان چوندومانس!“

ناني منهنجي ڪلهي تي اهڙيءَريت ٻانهن رکي، ڄڻ مونکي جهڪائيندو  هجي . ”توکي ائين ڪرڻو پوندو جيئن هو چوندو . هو توکان وڌيڪ وڏو ۽ آزموديگارآهي.“

ساشا ڪنڌ ڌوڏيو ۽ مون ڏانهن گهوري ڏٺو–” ناني جي ڳالهه ياد رکجانءِ .“ ۽ پنهنجي وڏي هئڻ جو فائدو وٺڻ شروع ڪيائين .

”ڪشروف ، اکيون ڏٻيون ڪري گهورڻ بند ڪر!“ مالڪ هن کي چيو .

”مان –مان ته چڱي طرح نهاري رهيو آهيان .“ ساشا ڪنڌ جهڪائي مڻ مڻ ڪئي.

ڇا هر ڪنهن سان مذاق ڪرڻ ٿوگهرين؟ ڇا ، سمجهين ٿو ته دڪان ۾ گراهڪ نه پر ڪي ڀولا ٿا گهڙي اچن!“

هيڊ ڪلارڪ ادب سان مرڪيو ، مالڪ جون واڇون ڀوائتي نموني کلي ويون،  ساشا جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ دخل جي پٺيان  لڪي ويو، مون کي اها يخ يخ ڏاڍي عجيب لڳي، هنن جا ڪيترا جملا منهنجي لاءِ نوان هوندا هئا،  ائين لڳم ، ڄڻ  هو ڪنهن ڌارين ءَ ٻولي ۾ ڳالهائي رهياهئا.

جڏهن ڪا عورت دڪان ۾ داخل ٿيندي هئي ته مالڪ جا هٿ مڇن کي مروٽڻ لاءِ کيسن مان ٻاهر نڪري ايندا هئا، هن جي منهن تي مٺي مرڪ پکڙجي ويندي هئي، جنهن سان هن جي ڳلن تي تازگي اچي ويندي هئي، پر هن جي چنجهين اکين جو ڊول ساڳيو ئي رهندو هو . هيڊ ڪلارڪ سڌو ٿي بيهي  رهندو هو، هن جون ٺونٺون پاسرين  سان لڳيون بيٺيون هونديون هيون ۽ هن جون ڪارايون پي لڏنديون هيون. ساشا لڄاري نموني اکيون پيو ٽمڪائيندو هو ، ڄڻ پنهنجي ٻاهر  نڪتل دوڏن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندو هجي . مان دروازي وٽ اک ٽيٽ ڪري کنهي وٺندو هوس، ۽ بيهي هنن جا وڪري جا گُر  ڏسڻ لڳندوهوس .

گراهڪن  جي پيرن وٽ گوڏا کوڙي، هيڊ ڪلارڪ پنهنجي ڦڙت آڱرين سان هنن کي جوتا پائڻ لڳندو هو . عورت جي ڄنگهن کي، جيڪي انهيءَ اونڌيءَ بوتل وانگر هونديون هيون ، جنهن  جي ڳچي هيٺ سنهي ٿيندي ويندي آهي، هو ڏاڍي نزاڪت سان ڇهندو هو، ڄڻ ته هن کي اهو خوف ٿيندو هو ته متان انهن کي ڪو نقصان  نه ٿي پوي.

هڪڙي ڀيري هڪڙي عورت ٽنگ پٺتي ڪندي، چيٽ ڪئي،”تون ته ڪتڪتائي ڪري رهيو آهين!“

”تنهنجو جسم ئي اهڙو نازڪ آهي، جنهن کي هٿ لڳڻ سان ڪتڪتائي ٿي اچي وڃي ، “ هيڊ ڪلارڪ ٺهه پهه خوشامد  ڀريو جواب ڏنو .

هن جون گراهڪن  سان چاپلوسيءَ جون ڳالهيون کل جهڙيون هونديون هيون، ۽ مان پنهنجي کل  جهلڻ لاءِ ڪنڌ ڦيري در جي سيشن مان ٻاهر نهارڻ لڳندو هوس . پر منهنجي هر کر وري به مون کي هيڊ ڪلارڪ  جي مزيدار حرفتن ڏسڻ لاءِ مجبور ڪندي هئي، هن کي ڏسي مان خيال ڪندو هوس ته منهنجي هٿن ۾ ڪڏهن به نه اهڙي ڇهڻ  جي اٽڪل اچي سگهندي ، نه ئي مان اهڙيءَاٽڪل  سان ٻين جي پيرن ۾ بوٽ پارائي سگهندس .

گهڻو ڪري مالڪ پوئين ڪمري ۾ هليو ويندوهو ۽ ساشا کي به پاڻ ڏانهن سڏي وٺندو هو، جنهن  ڪري گراهڪ ۽ هيڊ ڪلارڪ اڪيلا رهجي ويندا  هئا، هڪڙي ڀيري هڪڙي ءَ ڳاڙهي مٿي واريءَ عورت کي بوٽ پارائيندي، هن جي پير سان راند ڪندي، ان کي پنهنجي  ٻنهي هٿن ۾مٿي کڻي ، چمي ڏيئي ورتائين  ”الا، تون ته الهڙ آهين !“ عورت حيرت مان چيو . هو سهڪڻ لڳو، ۽ وڏو ساهه کڻندي  چيائين ، ”او-ه !“

انهيءَ تي مون کي اهڙي کل اچي ڇٽڪي ، جو ڪرڻ کان بچڻ لاءِ در جي ڪنڍي کي کڻي سوگهو ڪيم ، ۽ اهو اکڙيو هليو آيو ۽ منهنجو مٿو در جي شيشي کي ٽوڙيندو ٻاهر هليو ويو، هيڊ ڪلارڪ مون ڏانهن لت اولاري، ۽مالڪ وري پنهنجي ڳوري مڪ وهائي ڪڍي ، ۽ساشا منهنجي گرشمالي ڪرڻ لڳو، انهيءَ رات گهر ڏانهن موٽندي، رستي تي ڇينڀيندي، ساشا مون کي چيو ، ”اهڙين ڳالهين  ڪري توکي جواب ملي ويندو، مون کي تون ٻڌاءِ ته آخر ان ۾ کلڻ جي ڳالهه ڪهڙي  هئي !“ ۽ سمجهائڻ لڳو، ”جيڪڏهن عورتون دڪان جي ملازم تي ريجهي پون ته اهو ڌنڌي لاءِ سٺو آهي، هنن کي نئين جوتي جي ضرورت نه به هجي پر ملازم سان ملاقات جي واسطي اچي نڪرنديون آهن، پر تون –تون خر دماغ آهين ، اسين تنهنجي لاءِپيا هرج سهون ۽ تون –“

انهيءَ تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ، ڪنهن به منهنجي ڪري هرج نه پئي سٺو ، ۽خاص طرح ساشا صبح  جو مون کي بورچياڻيءَ جو ٻيلي ٿي ڪم ڪرڻو پوندو هو ، هوءَ روڳي ۽ رکي رن هئي. مان هن جي حڪم تي مالڪ، هيڊ ڪلارڪ ۽ساشا جي ڪپڙن کي برش هڻندو هوس ۽ سندن جوتن کي پالش ڪندو هوس ، ان کان پوءِ سماور  تيار ڪري چلهي ۾ڪاٺيون وجهندو هوس۽ بورچيخاني کي پوچو ۽ دڪانن  جي ڪمرن ۾ ٻهاري ڏيندو هوس. گراهڪن کي سامان کڻي ڏيندو هوس، انهن کي چانهه آڻي پياريندو هوس. جڏهن وري بورچيخاني ڏانهن وڃي ماني کڻي ايندو هوس ، ته انهيءَ وقت ساشا در کوليندو هو ، پر اهو ڪم به هو شان کان گهٽ سمجهندو هو . ۽ مون کي يشي ڏئي چوندو هو، ” جلد ڪر ليلهر _ تنهنجو ڪم به مان پيو ڪريان !“ اها زندگي منهنجي لاءِ، جيڪو ڳوٺ جي وارياسين گهٽين  ۽ آهستي  وهندڙ اوڪا نديءَ جي ڪنارن جو هريل هجي ۽ جيڪو ٻنين ۽ ٻيلن  ۾ سڄو ڏينهن ڦرندڙ هجي ، مصيبت ۽ ڪڪ ڪندڙ هئي ، مونکي نانيءَ کان ۽ پنهنجي ٽولي کان جدا ڪيو ويو هو.منهنجو ڪو به ساٿي ڪونه هو، ۽ زندگي مونکي  پنهنجو پليت پهلو ڏيکارڻ شروع ڪيو هو .

جڏهن ڪو گراهڪ خريداري نه ڪندو هو ۽ ائين ئي نڪري ويندو هو، تڏهن ٽيئي اهڙو  رويو اختيار ڪندا هئا ، ڄڻ  گراهڪ کين ٺڳي  ويو هو . مالڪ  پنهنجي ڪاوڙ  ماري، مونکي حڪم ڏيندو هو_ ”ڪشروف ، جوتا کڻ ، حرامزادي! گهر ۾ ويهي ويهي  ڪڪ ٿي هئي، سو آئي هئي هيڏانهن ، ۽ سڄي دڪان کي کڻي هيٺ مٿي ڪيو هئائين ، جيڪڏهن منهنجي زال هجي ها ته پتوپئجي وڃيس ها.

پر هن جي زال جيڪا بت ۾ سڪل ، اک کان ڪاڻي ، ڏيڍ نڪي هئي، هن تي حڪمراني ڪندي هئي، ۽ هن کي اهڙيون ست سريون  ٻڌائيندي هئي ، ڄڻ هو سندس نوڪر هو .

۽ ڪڏهن ڏاڍيءَ ميڙ منٿ، خوشامد ۽ سلامن کان پوءِ جڏهن ڪا گراهڪ عورت هٿين  خالي هلي ويندي هئي، ته هو هن کي اهڙو ته گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳندا هئا،  جو منهنجي دل چوندي هئي ته ڊڪ پائي وڃي ان عورت کي سڀ ڪجهه ٻڌائي اچان . مون کي ته چڱيءَ ريت خبر هئي ته ماڻهو پر پٺ ٻين جي گلا ڪندا آهن پر هو ٽيئي اهڙي ته خاص بڇڙي نموني  ائين ڪندا هئا،ڄڻ ته هو چونڊيا ئي انهيءَ لاءِ ويا هئا ته ٻيءَ سڄيءَ دنيا  کي گاريون ڏين. هو حسد ۾ اهڙو ته پيا پڄرندا هئا،  جو ڀلجي به ڪنهن جي تعريف  نه ڪندا هئا. هر ڪنهن جي ڪانه ڪا بري ڳالهه کوٽي ڪڍندا هئا. هڪڙي ڏينهن  هڪڙي نوجوان عورت دڪان ۾ آئي، هن جا ڳل چمڪندڙ ۽ گلاب جهڙا هئا، هن جي اکين ۾ شفق واري لالائي هئي، هن کي پشم جي ڪنارين وارو ڪوٽ پاتل هو، جنهن  مان هن جو ٻاهر نڪتل ڪنڌ ائين ٿي لڳو، ڄڻ ته ڪنهن ٻئي ملڪ مان آندل گل هو. پنهنجي ڪوٽ لاهڻ کان پوءِ ، جيڪو هن ساشا کي جهلڻ لاءِ ڏنو هو، هوءَ پهريان کان به وڌيڪ سهڻي ٿي لڳي ، هن جو جسم ڀوري بلو رنگ جي ريشمي ويس ۾ موهيندڙ ٿي لڳو، هن جي ڪنن ۾ هيرا  چمڪي رهيا هئا، هن کي ڏسڻ سان ” وئسيليسا “ ياد اچي ٿي ويئي ۽ مون ائين پئي سمجهيو ته هوءَ ڪا گورنر  جي زال هئي. هنن ٽنهي هن جي آڌر ڀاءُ  ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو . هن جي اڳيان ائين پئي جهڪيا، ڄڻ هوءَ مقدس ڏياٽي هئي. هن جي تعريف ۾ هنن جا گلاخشڪ ٿي ويا، ۽ اهڙي ريت هن جي چوڌاري پئي  ڦيراٽيو ن کاڌائون  ڄڻ ته چريا هئا ۽ انهن جا عڪس ميخاني جي موالين وانگر پئي آئيني ۾ نچيا، جڏهن هوءَ هڪڙو قيمتي جوڙو خريد ڪري هلي ويئي ، ته منهنجي مالڪ سيٽي وڄائي ، ۽ ٽوڪ هڻندي چيو ، ”رنڊي !“ – ”اڪٽر ياڻي _ ڪميني ، “ ڪلارڪ گڙڪيو .پوءِ هن جي عاشقن ۽ عياشين بابت بڪ بڪ ڪرڻ لڳا.

انهيءَ ڏينهن جڏهن مالڪ منجهند جي ننڊ ، ڪرڻ لاءِ پٺئين  ڪمري ۾ ويو، ته مان هن جي سوني واچ کولي ، ان جي مشين ۾سرڪو وجهي ڇڏيو. جاڳڻ کان پوءِ هو جڏهن پنهنجي هٿ ۾ واچ کنيو ، بڙ بڙ ڪندو ، دڪان ۾ ڌوڪيندو آيو،  ته مونکي خوشي ٿيڻ لڳي .

”ڇا ٿيو؟  منهنجي واچ سڄي آلي ٿي وئي آهي!ائين اڳي ته ڪڏهن به نه ٿيوآهي، سموري آلي آهي، هاڻي ته خراب ٿي ويندي!“

ائين ڪيترائي ڀيرا پنهنجي اڪيلي  روح کي وندرائڻ لاءِ خيال ڪيم ته ڪو اهڙو ڪم ڪريان ، جو ڪو تماشو ٿئي، ۽ مون کي هتان جواب ملي.

برف جي ڪوٽن سان ڍڪيل واٽهڙو دڪان جي اڳيان  چپ چاپ لنگهي  ويندا هئا، ائين لڳندو هو، ڄڻ هو جنازي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آيا هئا، پر ان جي اول ئي کڄي وڃڻ  ڪري هينئر تڪڙا تڪڙا  قبرستان ڏانهن وڃي رهيا هئا، گهوڙا برف پيل رستن تي هلندي ، بار سبب سهڪڻ لڳندا هئا، دڪان جي پٺيان ديول مان گهنڊن جا هڪ سرا آواز ايندا هئا، ۽ اهي منهنجي دماغ تي ائين پوندا هئا ، ڄڻ ته مٿي تي  مترڪا لڳندا هجن.

هڪڙي ڏينهن اڱڻ ۾ مال جي پيتي، جا ان وقت آئي هئي، کولي رهيو هوس، ته ديول جو ڪٻو چوڪيدار، جنهن جي شڪل تڳڙين جي ٿهي جهڙي هئي ۽ جنهن جا ڪپڙا ائين ليڙون ليڙ هئا ڄڻ ته هن جي مٿان ڪتن جي لوڌ ڇڏي ويئي هئي، منهنجي ويجهو آيو ۽ سنهڙي آواز ۾ چيائين، ”ڇا، مون تي مهرباني ڪري ٻه رٻڙ جا جورابا تڳائي نه ڏيندين؟“

مون ڪو به جواب نه ڏنو. خالي کوکي جي مٿان ويهندي، پنهنجي اوٻاسي ڏيندڙ وات جي مٿان صليب جو نشان بنايائين ۽ وري چيائين، ”هڪڙي جوڙي کسڪائڻ لاءِ ٿو چوين؟“

            ” چوري ڪرڻ گناهه آهي.“ مون چيس.

           ” وري به سڄي دنيا چوري ڪري ٿي ٻڍاپي لاءِ ڪا ته رعايت هئڻ گهرجي.“

             جن سان مان گڏ گذاري رهيو هوس ، هيءُ انهن کان مختلف ۽ وڻندڙ هو . مون محسوس پئي ڪيو ته هن کي پڪو يقين هو ته  مان هن لاءِ ضروري چوري ڪندس ۽ پوءِ مون هن سان انجام ڪيو ته  هن کي رٻڙ جا جورابا چورائي دريءَ مان ڏيندس.

         شاباس!“ هن سواءِ ڪنهن اتساهه ڏيکارڻ جي اطمينان سان چيو –” تون مون کي ٺڳين ته نٿو؟ نه – مان سمجهان ٿو ائين ناهي . “

             ٿورو گهڙي خاموش رهڻ کان پوءِ، جنهن ۾ هو پنهنجي کڙيءَ سان گنديءَ برف تي ٺپ ٺپ  ڪري رهيو هو، ۽ پائيپ دکايو هئائين ، مون کي ائين چئي وائڙو ڪري ڇڏيائين –” پر جيڪڏهن مان توکي بيوقوف بنائيندو هجان ته؟  جيڪڏهن مان اهي جورابا تنهنجي مالڪ وٽ کڻي اچان ۽ انکي ٻڌايان ته اهي تو مون کي اڌ روبل ۾وڪيا آهن ته ؟ ان لاءِ ڇا  ٿو چوين ؟ انهن  جي قيمت ٻه روبل آهي. تومون کي اڌ روبل ۾ڏيئي ڇڏيا .تحفوٿي ڏنئه- هان؟ “

        مان، وائڙن وانگر وات بند ڪيو ، هن ڏانهن گهوري رهيو هوس ، ڄڻ ته هو اهڙي چغلي اول ئي هڻي آيو هو، هو پنهنجي گهڻي آواز ۾ بڪندي پنهنجي جوتن ڏانهن نهاريندو رهيو ۽ نيري دونهين جا ڪڪر به ڪڍندو رهيو– ” سمجهه کڻي تنهنجي مالڪ مون کي چيو هجي ته وڃي انهيءَ ڇوڪر جو آزمودو لهه- اهو چور ته نه آهي! ها، پوءِ ڇا؟“

      مان توکي جوراب نه ڏيندس ، “ ڊپ ۽ڪاوڙ ۾مون چيس .

    ”توکي ڏيڻا پوندا . توانجام ڪيو آهي .“

هن پنهنجي ٻانهن وڌائي مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو ۽ پنهنجون برف جهڙيون آڱريون منهنجي نرڙ تي رکندي چيائين ، ” تون جورابن ڏيڻ جي سخا جو خيال ڪيئن ڪري رهيو آهين !“

” تو ئي ته مون کي انهن جي ڏيڻ لاءِ چيو .“

مان ته توکي ٻيو به گهڻو ڪجهه چئي ٿو سگهان . جي مان توکي چرچ ۾  چوري  ڪرڻ لاءِ چوان ! ڪندين ؟ سمجهين ٿو ته سڄيءَ دنيا  تي اعتبار ڪرڻ گهرجي؟ هان ، بيوقوف ڇوڪر!“

مون کي هڪ پاسي ٿيلهو ڏنائين ۽ اٿي کڙو ٿيو، مون کي چوريءَ جا جوراب نه گهرجن . مان ڪو وڏو ماڻهو نه آهيان ، مان جوراب ڪونه  پائيندو آهيان، مان ته توسان مسخري ٿي ڪئي.پر، ڇاڪاڻ ته تون ساديءَ دل وارو آهين، تنهن ڪري ايسٽر جي موقعي تي گهنٽا گهر  ۾ مٿي اچجانءِ. گهنڊ وڄائجان. ۽ شهر جو نظارو ڏسجانءِ“.

”  مون کي خبر آهي ته شهر ڪهڙو آهي؟“

”پر گهنٽا گهر تان اهو وڌيڪ وڻندڙ ڏسبو آهي .“

هوريان  هوريان پنهنجن  ڇنل جوتن سان برف تي هلندي، هو چرچ  جي ڪنڊ وٽ مڙيو. مان پاڻ کي ذليل  ۽ منجهيل محسوس  ڪندي، هن ڏانهن نهاري به رهيو هوس، ۽ ويچار به ڪري رهيو هوس ته ڇا هي ٻڍو مون سان مسخري ڪري رهيو هو يا مالڪ جو منهنجي آزمودي لاءِ موڪليل ماڻهو هو . منهنجي دڪان  ڏانهن موٽڻ  تي دل  ئي نٿي ٿي .

ساشا اڱڻ ۾ اچي، زمين آسمان هڪ ڪري ڏنو-”اڙي توکي ڪهڙي بلا کاڌو؟“

اوچتو مون کي اهڙي ڪاوڙ آئي، جو جنبوريءَ سان جيڪا هٿ ۾ هيم، هن تي رومڙ ڪيم ، مون کي پتو هو ته هو ۽ منشي چوري ڪندا هئا، هو اک ٽيٽ  ڪري بوٽ يا سليپر  تنور جي بخاري۾لڪائي رکندا هئا، ۽ رات جي وڃڻ وقت پنهنجي اوور ڪوٽ جي آستين  ۾ان کي وجهي ويندا هئا، هنن جي اهڙي هلت ڏسي ،مان ڊڄي ويندو هوس، ڇا ڪاڻ ته مالڪ جو چتاءُ منهنجي دل ۾ پيو هوندو هو .

هڪڙي ڀيري ساشا کان پڇيم ، ” تون ڪجهه تڳائيندو آهين؟“

”پنهنجي لاءِ نه ،“ هن چڙ مان چيو، ” مان رڳو هيڊ ڪلارڪ جي مدد ڪندو آهيان ”جيئن مان چوان ٿو ، ائين ڪر، “ هو مون کي چوندو آهي، ۽ مون کي ائين ڪرڻو پوندوآهي، پر تون انهيءَ ڳالهه ۾ پنهنجي  ٽنگ نه اڙاءِ .“

جڏهن ساشا اها ڳالهه ڪري رهيو هو،  تڏهن هن آئيني ۾ پئي نهاريو، آڱريون کولي ، هٿ ڦڏو ڪري ، هو اهڙي ءَ ريت ٽاءِ ٺاهڻ  لڳو، جيئن هيڊڪلارڪ ٺاهيندو هو، هو مون تي  پنهنجي وڏي هئڻ جي رعب رکڻ جي هميشه  ڪوشش ڪندو هو، ڪڏهن  هو ڪڙڪو ڪري ڳالهائيندو هو، ڪڏهن مالڪ وانگر گنڀير آواز ۾ حڪم ڪندو هو، ۽ ڪڏهن ڌمڪائيندو هو، مان هن کان قد ۾ سرس هوندو هوس، پر جسم ۾ لاٺيڙو ۽ لڄارو  هوس، هو بت ۾ زٽڪو ۽ چست هو . هو پنهنجي ڪوٽ  ۽ پتلون ۾ مون کي وڏي شخصيت وارو لڳندو هو، انهيءَ هوندي به هن جي چهري ۾ مون کي سدائين ڪا نه ڪا اڻ وڻندڙ ۽ کل جهڙي ڳالهه محسوس ٿيندي هئي .

هن کي بورچياڻيءَ تي هميشه ڪاوڙ هوندي هئي، هوءَ به ڳجهارت هئي. اهو پتو ئي نه پوندو هو ته هوءَ ڀلي آهي يا بري. جڏهن هوءَ چوندي هئي، ته ”ويڙهه؟ انهيءَ مان ته مون کي سڀ کان گهڻو مزو ايندو آهي، پوءِ اها کڻي ڪهڙي به هجي – ڪڪڙن  جي ، ڪتن جي يا ماڻهن  جي – منهنجي لاءِ ساڳي ڳالهه آهي، ” ته هن جون ڪاريون اکيون ڪشاديون ٿي وينديون هيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ، جي ڪڪڙن يا تترن جي وڙهڻ جو آواز ڪن تي پوندو هوس ، ته ڪم کي اڌ ۾ ڇڏي، دريءَ وٽ وڃي ماٺ ڪري بيهندي هئي، ۽ تيستائين انهن جي ويڙهه ڏسندي رهندي هئي جيستائين  اها ختم نه ٿيندي هئي، شام جو ساشا  ۽ مونکي چمڪو ڏيئي چوندي، ” ڇوڪرو، ڇالاءِ ماٺ ڪيو ويٺا آهيو، ڪشتيءَ لاءِ ڪهڙو خيال آهي ؟“

انهيءَ تي ساشا  کي هميشه چڙ وٺي ويندي هئي، ” اڙي بي عقل ! مان ڇو ڪر  نه پر نائب ڪلارڪ آهيان، ” ڇا ٿي پيو ! جيستائين پرڻيو  نه آهين، تيستائين ڇوڪر آهين– بي عقل بي سمجهه !“

”شيطان عقلمند آهي، پر خدا وٽ ان جي ڪا به عزت ڪانهي ،“

ساشا هن جي گل ڀوڳ سهي نه سگهندو هو، هن گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته هن کي تنگ ڪيان ، پر هوءَ هن کي حقارت سان هيٺ مٿي نهاري،چوندي هئي، ” ڪاڪروچ ڪنهن جاءِ جا ! توکي الله ڪيئن جوڙيو!“

ڀيري ڀيري سان ساشا  مون  کي چهنج ڏيندو  هو ته بورچياڻيءَ جي منهن تي بوٽ جي پالش يا ڪارنهن مکي ڇڏيان، هن جي ويهاڻي ۾ سيون ٽنبي ڇڏيان يا ٻي ڪا حرڪت ڪيان پر مونکي هن کان ڊپ ٿيندو هو، هوءَ  رات جو گهري ننڊ نه ڪندي هئي، ۽ ڪيترائي ڀيرا اٿي کڙي ٿيندي هئي، ۽ بتي ٻاري ڪنڊ ۾ ڪنهن شيءَ کي گهورڻ لڳندي هئي ، ڪڏهن هوءَ تنور  جي پٺيان، جتي مان ستو پيو هوندو هوس، ايندي هئي ۽مون کي ننڊ مان جاڳائي چوندي هئي، ” مون کي ننڊ ئي نٿي اچي ، منهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي، ٿورو مون سان ڳالهيون ڪر !“ ننڊاکوڙو ئي مان ڪا ڳالهه شروع ڪندو هوس ۽ هوءَ سواءِ ڪنهن اکر ڪڇڻ  جي جهومڻ لڳندي هئي، مون کي ائين لڳندو هو ته هن جي بت مان گرميءَ جون لهرون ۽  موم ۽ لوبان جي بوءِ نڪري رهي آهي، ۽ سمجهندو هوس ته ڪهن نه ڪنهن ويل هوءَ منهن ڀر اچي ڪرندي ۽ مري ويندي،پوءِ خوف کان منهنجو آواز وڏو ٿي ويندو هو، پر هوءَ ماٺ ڪرائي چوندي هئي،  چپ، تون ته سڀني کي اٿاري ڇڏيندين، ۽ هو سمجهندا ته اسان ڪو معاملو پئي، ڪيو.“

منهنجي اڳيان هوءَ هميشه هڪ ئي ڍنگ سان ويهندي هئي، ٿورو ڪٻي ٿي ، پنهنجا هٿ مرن جي وچ ۾ ڏيئي انهن سان پيرن جي هڏن کي سوگهو جهليندي هئي، هن جو سينو بلڪل سنئون سڌو هو ، رات جي لباس مان هن جون پاسيريون ڀڳل پيپ جي پيٽين وانگر ڏسڻ ۾ اينديون هيون ،پنهنجي ڊگهيءَ ماٺ کي هيئن ٽوڙيندي هئي: ” جيڪڏهن مان مري ويس ته پوءِ ڇاهي؟ هر ڪو پيو هلي !“ يا ڪنهن غائب ملاقاتيءَ  کي مخاطب ٿي چوندي هئي،  ” پوءِ ڇاهي؟گهڻو وقت ائين رهي آهيان، چئه، ائين ناهي؟ “ يا منهنجي ڳالهه اڌ ۾ وڍي، حاڪماڻي نموني چوندي هئي،” ننڊ ڪر !“ ۽ اٿي چپ چاپ اونداهي ڪمري مان هلي ويندي هئي .

ساشا  هن کي ” ڏائڻ “  ڪري سڏندو هو ، پر هن جي پٺيان. هڪڙي  ڀيري چيومانس، ” هن کي منهن تي  ڇو نٿو چوين؟ “ ” ڇا مان هن کان ڊڄان ٿو؟“ پر گهڙيءَ ۾ منهن سسائي ، چيائين ، ” نه  مان کيس منهن  تي نه چوندس، ٿي سگهي  ٿو هوءَ ڏائڻ هجي .“

هن کي سڀ کان حقارت  هئي ۽ ڪنهن جو خيال نه ڪندي هئي، پوءِ ڀلا مان ڪهڙي  باغ جي موري هوس، صبح جو ڇهين بجي هنڌ مان ڌونڌاڙي اٿاريندي هئي، ” ڇا سڄو ڏينهن ستو پيو هوندين؟ ڪاٺيون کڻي آ، سماور  تيار ڪر، دروازن  جي ڪنڊن  کي صاف ڪر، “

هن جي لڙ  تي ساشا جي ننڊ ڦٽي ويندي هئي ،  ڪرڪندي چوندو هو، اڙي اهو ڌمچر  ڇا جو آهي؟ مان مالڪ کي چوندس ته تو اسان جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي .“

پنهنجي ڏٻري بدن کي تڪڙو ڦيرو ڏيئي، پنهنجون ڏکندڙ  بي خواب اکيون هن ۾ کپائي ، چوندي هئي، ” خدا جي مار پوئي!  جيڪڏهن منهنجو پٽ هجين ها، ته چڱو مزو چکايانءِ ها،“

ساشا هن تي لعنت  ملامت ڪرڻ لڳندو هو ۽ دڪان ڏانهن ايندي رستي  تي چوندو هو ، ”هن کي نيڪالي ڏيارڻ  لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرجي ، هن جي اک وٺي  ديڳڙين ۾ لوڻ  وجهڻ بابت تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ جڏهن سڀئي کاڌا لوڻ هوندا ، ته هن جا ٽپڙ به گول هوندا، يا گاسليٽ ! تون تارا ڦوٽاري ڇاٿو ڏسين؟“

”جيڪڏهن اهو تون پاڻ ڪرين ته ڪيئن آهي؟“

” بزدل !“ هن نڙيءَ  مان کڙڪو ڪيو .

اوچتو  بورچياڻي بلڪل اسان جي اکين اڳيان مري وئي،جيئن سماور کڻڻ لاءِ جهڪي ، ته سواءِ ڪنهن دانهن  جي زمين  تي اچي ڦهڪو ڪيائين ، ڄڻ ڪنهن چيلهه واري مڪ وهائي ڪڍي هيس، فرش تي ٿورو پاسو ورايائين ۽  رت جو گرڙو  هن جي وات مان وهڻ لڳو، ساشا ۽ مون ڄاتو ٿي ته  هوءَ مري ويئي آهي، پر خوف وچان اسان  هن کي پئي ڏٺو ۽ ايترا وائڙا  ٿي ويا هئا سين، جو ماٺ ڪيو بيٺا رهياسين، آخر ساشا ڪڙو کولي بورچيخاني مان ٻاهر هليو ويو، مون کي سمجهه  ۾ ئي نه پئي آيو، ته ڇا ڪجي، تنهن  ڪري دريءَ وٽ ماٺ ڪري بيهي رهيس .

مالڪ ڀڄندو اندر آيو ، هن جي ڀرسان ويهي رهيو، ۽ هن جي منهن کي هٿ لائي ڏسڻ لڳو.

”مري وئي“

هو ڪنڊ ڏانهن ويو، جتي ننڍڙو مجسمو پيل هو، ۽ اتي پاڻ تي صليب جو  نشان ڪڍڻ لڳو، دعا گهرڻ کان پوءِ ساشا  کي حڪم ڏنائين ، ” ڪشروف ، تڪڙو ڊوڙ  ۽ پوليس کي وٺي آءُ . “

جوتن جو کڙڪو ڪندي ، پوليس جاءِ ۾ آئي، ۽ پنهنجي هڙ ڪوسي ڪري هلي ويئي، ٿوريءَ دير کان  پوءِ هو وري هڪڙو گاڏو  ڪاهرائي آيا ۽ بورچياڻيءَ کي مٿي ۽ ڄنگهن کان وٺي ٻاهر کڻي ويا، مالڪياڻيءَ در مان اها ماجرا ڏسڻ کان پوءِ مون کي چيو، ” فرش کي پوچي هڻي ڇڏ.“ مالڪ راءِ زني ڪندي چيو، چڱو ٿيو، جو رات جو مري وئي . “

اهو ڇو چڱو هو، مان سمجهي نه سگهيس .

سمهندي، ساشا هميشه کان ٿوري  نرم لهجي ۾چيو ، ” بتي نه وسائجان ءِ“

”ڊڄين ٿو ؟ “

هو پنهنجي منهن کي سڄو ڪمبل ۾ويڙهي ، ڪجهه وقت ماٺ ڪري، پئجي رهيو، رات بيحد خاموش هئي، ڄڻ ته ڪنهن جو انتظار ڪري رهي هئي، گهڙي کان پوءِ مونکي ائين لڳو ڄڻ ڪٿي ڪو خطري جو گهنڊ وڄي رهيو هو، ۽ سڄو شهر ٻاهر نڪري آيو هو، ۽ رڙيون ۽ دانهون ڪري رهيو هو ، پنهنجو نڪ ڪمبل مان ٻاهر ڪڍي ساشا منٿ  ڪئي ، هل ته تنور وٽ گڏجي  سمهون .“

”تنور ڏاڍو گرم آهي.“ مون ڳالهه وٺائيمانس.

ٿوريءَ سانت کان پوءِ چوڻ لڳو، ” ڪهڙو نه اوچتو مري ويئي ؟ ضرور ڏائڻ هوندي ،مون کي ننڊ نه ايندي.“

” مون کي به نه ايندي هئي . “

هو  ُمردن ۽ لاش جا قصا ٻڌائڻ لڳو، جيڪي پنهنجون قبرون ڇڏي اڌ رات تائين ٻاهر رهندا هئا، ۽ پنهنجن آستانن ۽ عزيزن  جي ڳولا ڪندا هئا، ”سڀني ُمردن کي شهر ته ياد رهندا آهن ، پر گهٽيون ۽ گهر وساري ويهندا آهن .“

خاموشي ۽ اوندهه جيئن پوءِ تيئن ويئي وڌندي .

ٿورو  اڀو ٿي،  ساشا پڇيو ، ” توکي ڏيکاريان ته منهنجي صندوق ۾ ڇا آهي؟“

هن جي جيڪي صندوق ۾ڪٺو ڪيو هو ، ان جي ڏسڻ جي هرکر گهڻي وقت کان هيم. هو صندوق کي ڪلف ڏيئي ڇڏيندو هو، ۽ کولڻ وقت هو خيال سان چو طرف پيو  نهاريندوهو . جيڪڏهن مان ان ۾جهاتي پائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو هوس ، ته ڇڙٻ ڏيئي چوندو هو، ”اڙي، تون هتي ڇا ٿو ڪرين .“

جڏهن مان هائو ڪيس ، ته پنهنجا پير  هنڌ  ۾ وجهي،  اٿي ويهي رهيو، ۽ مون کي حڪم ڏنائين ته پيتي کڻي اچ، پيتي کڻي ، مون اچي هن جي پيرن وٽ رکي، چاٻي صليب سان گڏ هن جي ڳچي ءَ ۾ پيئي لڙ ڪندي هڻي، اونداهي بورچيخاني ۾ چو طرف نهاري، هن پيتي  کولي ، ۽ پيتي ءَ جي پڙ کي ائين ڦوڪيائين، ڄڻ ته ان کي سرد پئي ڪيائين ، ٿورو وقت  ڊرامائي انداز ۾ ماٺ ڪرڻ کان پوءِ ، اوٺي قميص جو مٿان ڏنل تهه ٻاهر ڪڍيائين، ان جي هيٺان ڪاٺ جون پيتڙيون ، چانهه جا رنگين دٻا، پراڻيون پالش جون دٻليون ۽ ٽين جا دٻا هئا .

” انهن ۾ڇا آهي؟ “

” تون ڏسندين!“

هن صندوق پنهنجي ٻنهي ڄنگهن جي وچ ۾ڪري رکي ۽ هوريان هوريان  ” نوراني راز .....“ وارو گيت آلاپڻ لڳو .

مون سمجهيو پئي ته  ڪي رانديڪا  هوندا ، مون کي ڪڏهن به رانديڪو نه مليو  هو، انهيءَ ڪري انهن کي ڏسندي ، ڄڻ نفرت ٿيندي هيم، پر دل ۾ انهن تي پيو ساڙ کائيندو هوس، جن وٽ رانديڪا هوندا هئا ، انهيءَ خيال کان مان خوش ٿي رهيو هوس ته ساشا جهڙي سخت ماڻهوءَ وٽ به رانديڪا آهن، جيتوڻيڪ لڄ  کان لڪائي ٿو رکي .

نيٺ هڪڙي پيتي کولي ، ان مان عينڪ جي شيشن کان سواءِ  خالي فريم ڪڍيائين ۽ پنهنجي نڪ تي رکي گنڀير ٿي چيائين، ” پرواهه ناهي، جي شيشا ڪونهن ، هيءَ خاص قسم جي عينڪ آهي. “

”مون کي ڏي ته مان پائي ڏسان!“

”تنهنجي اکين تي ٺيڪ نه لڳندي، تنهنجيون اکيون ڀوريون آهن ۽ هي ڪارين اکين واسطي آهي.“ ائين چئي ، هو مالڪياڻيءَ  جي ڪر ڪر ۽ رنجهه ڪنجهه جي اهل ڪرڻ لڳو، پر اوچتو ماٺ ڪري چو طرف بورچيخاني ۾ نهارڻ لڳو،

هڪڙيءَ پراڻي پالش  جي دٻيءَ ۾ قسمين قسمين بٽڻ  پيا هئا، هو ٻٽاڪ هڻي چوڻ لڳو، ” اهي سڀ مون گهٽي ءَ مان لڌا آهن، پورا ستٽيهه آهن . “

ٽيءَ ننڍي پيتيءَ ۾ وڏي پتل جي پن ، پراڻا ڪوڪا ، بوٽن جا بڪل ، دروازن جا ڪنڊا، لڪڻن جا هڏن  وارا هٿيا، ڇوڪرين جون پراڻيون  ڦڻيون ، خوابن ۽ ڳجهارتن جو ڪتاب ۽ ٻيون به اهڙي قسم جون شيون  جي به رستن  تان ميڙيون هئائين ، پيل هيون .

ٿڳڙين ميڙڻ واري زماني ۾ مان جيڪو اهڙين کٿل شين جو انهيءَ کان به ڏهوڻو ذخيرو ڪٺو ڪري سگهان ها. ساشا  جو اهو خزانو نه صرف مايوس ڪندڙ هو، پر انهيءَ کي ڏسي مونکي هن تي رحم اچڻ لڳو ، پرساشا هر ڪنهن شيءَ کي فخر سان ڏسي رهيو هو، ۽ ڏاڍي چاه مان انهن کي لوڏيائين پئي ۽ پنهنجا ٿلها چپ ٻاهر پيئي ڪڍيائين ، هن جو ن ٻاهر نڪتل اکيون انهن کي پيار سان نهاري رهيون هيون ، ۽ شيشن  بغير فريم هن جي ٻاراڻي چهري کي کل جهڙو بنائي ڇڏيوهو .

”هنن مان جيڪڏهن ڪا توکي سوکڙي ڪري ڏيان ته ڪيئن !“ هن انهيءَ عينڪ مان شاندار نموني مون ڏانهن نهاريندي چيو .

”مون کي ڪجهه به نه گهرجي.“

مون ڏٺو ته منهنجي انڪار هن کي ڏک پهچايو هو ، ڇاڪاڻ ته هن جي شاهاڻي  خزاني جي بي عزتي ڪئي ويئي هئي، ٿوريءَ ديرکان پوءِ مون کي حڪم ڪيائين ، ” ٽوال کڻي ، هنن  کي ڇنڊ ،هنن تي مٽي چڙهي ويئي آهي . “

جڏهن هن جي خزاني کي صاف ڪري بند ڪيو ويو، ته هن ڀت  ڏانهن منهن ڦيري ڇڏيو ،  ٻاهر مينهن پئجي  رهيو هو، اسان کي ان جو کڙڪ ڇت تان مٿان ٻڌڻ  ۾ پئي آيو ، ۽ هوا ان کي درين سان پئي سٽيو، ساشا  پنهنجو منهن اڃا به ڀت ڏانهن ڪندي چيو ، ” ٿورو ترس، جڏهن باغ  جي زمين خشڪ ٿيندي، مان توکي هڪڙي اهڙي شيءِ ڏيکاريندس، جو تون وائڙو ٿي ويندين .“

مون کي جهوٽا اچي رهيا هئا، تنهن ڪري ڪو به جواب نه ڏنومانس، ٿوري وقت کانپوءِ هن ڇرڪ ڀريو ۽ ڀت تي ڌڪ هڻي، ڏڪندڙ آواز ۾ چوڻ لڳو ”مون کي ڊپ ٿو ٿئي. اوڌڻي، مون کي ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي. منهنجا فادر، هي ڇا آهي؟“

منهنجو خوف وچان ساهه سڪي ويو، مون کي ائين لڳو، ڄڻ بورچياڻي دريءَ وٽ بيٺي هئي، هن جي پٺي اسان ڏانهن ۽ منهن دريءَ جي شيشي ڏانهن هو. هوءَ ائين بيٺي هئي جهڙو هڪڙي ڀيري جڏهن  هوءَ جيئري هئي،ڪڪڙن جي ويڙهه پئي ڏٺائين ، ساشا رنو پئي ۽ ڀتين کي پئي ڌڪ هنيائين ، مان بستري تان اٿي  وڏي همٿ ڪري، هن ڏانهن وڃڻ لڳس، خوف کان منهنجا قدم ائين کڄي رهيا هئا، ڄڻ  ٽانڊن تي هلي رهيو هوس، ۽ پٺتي  نهارڻ جي جرئت ئي نه پئي ٿيم ، نيٺ هن وٽ وڃي پهتس ۽ هن جي پاسي ۾ليٽي پيس، آخر ٿڪ کان اسان کي ننڊ وٺي وئي .

گهڻن ڏينهن کان پوءِ هڪڙي وڏي ڏينهن، اسان جو دڪان منجهند جو بند ٿي ويو، منجهند جي مانيءَ کان پوءِ سمهي پيو ۽ ساشا مون کي هوريان چيو ته ”هيڏي آءُ .“

مون سمجهيو  ته مونکي اها شيءَ ڏيکاري ويندي، جنهن کان منهنجون اکيون ڦاٽي وينديون . هو مونکي باغ ڏانهن وٺي ويو، ٻن جاين جي وچ ۾ جيڪا زمين هئي ،ان ۾ليمن جي وڻن  جي قطار بيٺي هئي، انهن جي ٿلهن ٿڙن تي سينور جا تهه  چڙهي ويا هئا، انهن جي ڪارين ٽارين ۾ نه پن هئا، نه چرپر بي حرڪت پئي لڙڪيون ، ٽارين ۾ ٻيو ته ٺهيو ، پر ڪنهن ڪانوَ جو به آکيرو ڪين هو ،  اهي مونکي قبر جي پٿرن  وانگر ٿي لڳيون ، انهيءَ باغ ۾انهن وڻن کان سواءِ نه ڇٻر هئي نه ساوڪ ، ان جا پيچرا ڪارا ڪٺ هئا، ۽ لتڙ ڪري لوه جهڙا سخت ٿي ويا هئا، انهن جي ڀرسان زمين جا ٽڪر ،جي اڳئين سال جي ڪريل پنن جي ڀور سان ڍڪجي ويا هئا، سڌا ۽ بيٺل ڪني پاڻيءَ وانگر ٿي لڳا.

ساشا مونکي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾وٺي ويو، اتي ٺهيل لوڙهو اسان کي گهٽي مان لنگهندڙ ماڻهن جي نظرن کان لڪائي رهيو هو،اتي هو هڪ وڻ جي هيٺان بيهي رهيو ۽ اکيون مٽڪائي خبر داريءَ سان ڀرسان بيٺل جاءِ جي ڀيانڪ درين ڏانهن نهارڻ لڳو، هو هيٺ اوڪڙو ٿي ويٺو پنن جو ڍڳ صاف  ڪري هڪڙي ٿلهي پاڙ  ڪڍيائين ، جنهن جي ڀرسان ٻه سرون زمين ۾کتيون پيون هيون ، انهن جي ڪڍڻ کان پوءِ مونکي ڇت جي ٽين جو ٽڪر ۽ ان جي  هيٺان تختو ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن ان کي هٽايائين ، ته هڪڙي کڏ پڌري ٿي پيئي، ساشا موم بتي ٻاري ،منهنجي اڳيان جهلي ، چيو ” هيٺ جهاتي پاءِ ، پر متان ڊنو آهين ،“

هو پاڻ سڄو ڊپ ۾ورل پئي ڏسڻ ۾ آيو، موم بتي هن جي هٿن ۾ ڏڪي رهي هئي ، هن جو منهن پيلو ، چپ خشڪ ۽اکيون آليون ٿي ويون هيون ، هن جو ٻيو هٿ پٺي ءَ جي پٺيان  هليو ويو هو . هن جو خوف مون کي به وٺي ويو، ۽ مون به ڏڪندي ڏڪندي ، انهيءَ  پاڙ واري ڏرڙ ۾ نهاريو ، ساشا ان کي کوٽي مقبري جو گنبذ وانگر بنايوهو، هن پوءِ ان ۾ ٽي ننڍيون  چرچ جهڙيون موم بتيون ٻاري رکيون ،هن مان نيري روشني پئي نڪتي.

جيتوڻيڪ  اها ڏر ڪوئلن جي ٽوڪريءَ کان وڌيڪ اونهي نه هئي، پر موڪر ۾ڪافي وڏي هئي، انهيءَ  جا پاسا شيشن ۽ چينيءَ جي ٽڪرن سان ڍڪيل هئا، وچ ۾ هڪڙي ننڍي ٿلهي  تي ڳاڙهي ڪپڙي جو ٽڪر وڇايل هو، جنهن تي هڪڙو ننڍڙو تابوت پيل هو، انهيءَ کي قلعيءَ جي ورقن ۽ ڪنهن زريدار ڪفن جي ڪپڙن جي ٽڪر سان ڍڪيو ويو هو، انهيءَ مان جهرڪي ءَ جو ميرانجهڙو  ننڍڙو چنبو ۽ چهنب  ٻاهر نڪري آيا هئا ، تابوت جي پٺيان منبر جڙيل هو جنهن تي پيتل  جو صليب رکيل هو ۽ انهيءَ جي چوڌاري ٽي موم بتيون شمعدانن ۾رکيل هيون، اهي شمعدان مٺائين  جي دٻن مان ڪڍيل چانديءَ جي ورقن ۽ گلٽ مان بنايا ويا هئا، موم بتين جون ڏنگيون ڄڀيون  ٻاهر نڪري ٿي آيون ننڍڙي غار ۾ ٻاهرين ءَ  روشني ءَ  ڪري هلڪا چٽڪمرا چٽ  پئي ٿيا، ۽ اندر چٽڪمرا ترورا پئي پيدا ٿيا، انهيءَ  مان ميڻ، گهميل زمين ۽ ڪنهن شيءِ جي سڙڻ جي بوءِ پئي نڪتي، جا ڄڻ منهنجي منهن کي ساڙي ۽ اکين کي ڏکائي رهي هئي، ان جي نگين روشني مون کي ڀڳل انڊلٺ وانگر  پئي لڳي، منهنجو ڊپ حيرت ۾ بدلجي ويو.

” شاندار آهي نه؟ “

” ڇا لاءِآهي؟ “

”ديول آهي، ڇا ديول وانگر نٿي لڳي ؟ “

مون ڪنڌ ڌوڻيو .

”جهرڪي ءَ جو لاش آهي.“ هن ڳالهه کي ڳنڍيندي چيو . ” هن جو يادگار رکڻ ضروري هو، ڇاڪاڻ ته موت هن کي ڪنهن پنهنجي  ڏوهه  ڪري نصيب نه ٿيوهو .“

”ڇا توکي هيءَ مئل ملي هئي؟“

”نه هوءَ ڇاپري ۾ هلي آئي هئي ۽ مون هن کي پنهنجي ٽوپيءَ  ۾ ٻوساٽي ماري وڌو !“.

”ڇو؟“

”ڇا ڪاڻ ته منهنجيءَ دل گهريو؟“

هن منهنجي  منهن ۾ نهاري چيو . ” عجب آهي نه ؟“

هو هيٺ ويٺو ، ڏرڙ جي مٿان تختو رکيائين ۽ سرون هڻي اٿي کڙو ٿيو، پاڻ کي ڇنڊي مغروريءَ سان پڇيائين ، ” توکي ڇو پسند نٿي اچي؟“

” مون کي جهرڪيءَ جو افسوس ٿو ٿئي .“

پنهنجون اکيون هڪ هنڌ انڌن  وانگر جهلي ، مون ڏانهن گهورڻ لڳو، ۽ مون کي چيلهه واري مڪ وهائي چوڻ لڳو ” الو! تون صرف  انهيءَ ڪري پسند نٿو ڪرين ڇا ڪاڻ ته توکي ساڙ ٿو ٿئي، ٿي سگهي ٿو ته تون اهو خيال ڪندو هجين ته تنهنجو گهر جي گهٽيءَ  وارو هنڌ  هن کان وڌيڪ سٺو هو .“

پنهنجي بيٺڪ کي ياد ڪندي ، پڪ سان چيومانس ، ” يقينن  اهو بهتر هو.“

ساشا پنهنجو ڪوٽ لاهي  کڻي پٽ تي اڇليو، ٻانهون کنجي ، هٿن کي ٿڪ لائي مونکي للڪاريائين، ” ائين آهي؟ انهيءَ جي معنيٰ ته لڙائيٰ“  منهنجي وڙهڻ  تي مرضي نه هئي، طبيعت تي اهڙو بار هوم ، جو وڙهڻ تي دل ئي نه پئي ٿي ، منهنجي سوٽ جي خوفناڪ  چهري مون کي ڊيڄاري ڇڏيو ، ڊڪ پائي منهنجي ڇاتي تي اهڙو ٽڪر هنيائين جو ڦهڪو اچي ڪيم ، منهنجي مٿان چڙهي رڙيون ڪرڻ لڳو، ” ڇا زندگيءَ  جي بازي لڳايون ؟“

پر مان هن کان ڏاڍو هوس ۽ هاڻي مونکي به ڪاوڙ اچي ويئي هئي،  هڪ ٻن منٽن ۾ هو پٽ تي ليٽيو پيو هو،  هن جو منهن مٽي  ۾ ۽ ٻانهون مٿي جي مٿان ٻدل هيون ، خرڙاٽ  پئي ڪيائين. مون گهٻرائجي ، هن کي ڇوڙي ڇڏيو  ۽ هن کي اٿارڻ پئي چاهيو پر مونکي مڪون  ۽ لتون هڻي پري ڪري ڇڏيائين  ، هاڻي ته مون کي پاڻ وڌيڪ فڪر اچي ورتو ۽حيرت ۾پري ٿي بيهي رهيس، ته ڇا ڪجي!

هن مٿي  نهاريو ۽ چيائين ”توکي پتو آهي تو پنهنجي لاءِ ڪهڙو ويل وهايو آهي؟ جڏهن مالڪ ۽ مالڪياڻي  نه هوندا ته مان  ڪي ترڪيبون ڪندس، ۽ انهن سان تنهنجي  خلاف  اهڙيون شڪايتون ڪندس، جو هو توکي نوڪريءَ مان جواب ڏئي ڇڏيندا.“

هن جون گاريون ۽ ڌمڪيون  جيئن پوءِ تيئن ويون وڌنديون ، تان جو مون جوش ۾ اچي هن جي ”غار“ ڏانهن ڊڪ پائي ، ان کي ڊاهي کڻي ڍيري ڪيو ۽ تابوت  ۽ ان ۾ پيل جهرڪيءَ جي لاش  کي کڻي گهٽي  ۾ ڦٽو ڪيم، هن جي ديول ڊاهي ۽ سڀ ڪنهن شيءَ کي پيرن سان لتاڙي ڇڏيم. منهنجي چريائپ جو ساشا تي عجيب اثر ٿيو، پٽ تي ويهي رهيو، هن جا ڀرون  مڙي ويا، وات تي هٿ ڏيو ، ماٺ ۾ پئي نهاريائين. جڏهن مون پنهنجو ڪم پورو ڪيو ، تڏهن هو اٿيو، هن ۾ ڪنهن قسم جو جوش نه هو، ڪپڙا ٺيڪ ڪيائين ، ڪوٽ پاتائين ۽ مونکي ڀوائتي نموني چيائين ، ” هلي، تون ڏسندين! ٿورو صبر ڪر! هي ته مون اول ئي رٿيو هو ، جادو ـــ هاڻي  توتي جادوءَ جو اثر ٿيندو ، ها ! ها !.“

مان پٽ تي ڪري پيس ، ڄڻ اهي لفظ جسماني ڌڪ هئا، منهنجي دل ويهجي ويئي،، هو جڏهن اتان ويو، ته پٺتي ڪنڌ ورائي به نه ڏٺائين ، ۽ ان جي ان روش هن جي ڌمڪيءَ  کي وڌيڪ  وزندار ڪري ڇڏيو، مون پڪو ارادو ڪيو ته سڀاڻي  مالڪ ،ساشا ۽ هن جي جادو ءَ ۽ هن تنگ ۽ گنديءَ زندگي کان دور هليو ويندس .

ٻئي ڏينهن نئين بورچياڻي  جيئن مون کي اٿارڻ آئي ، ته مون ڏانهن نهاري چوڻ لڳي ” ڌڻي ءَ جي پناهه تو پنهنجي  منهن کي ڇاڪيو آهي؟“ مون سمجهيو ته جادو شروع ٿي ويو، ۽ منهنجي دل ٻڏي وئي، پر هوءَ اهڙا  ته ٽهڪ ڏيئي پئي  کلي ،جو مان به مرڪڻ لڳس، آئيني  ۾نهاريم ، منهنجي منهن تي ڪارنهن جو تهه چڙهيل هو!  ” ڇا ، هي ساشا  جو ڪم آهي؟ “ مون پڇيس .

”ٿي سگهي ٿو،اهو  منهنجو ڪم هجي !“  بورچياڻي ءَ  کلندي چيو .

صبح جي وقت  پالش لاءِ پهريون ئي بوٽ  کنيم ، ته آڱر  ۾سئي ٺڪاءَ ٿي ويئي، ان کي ڪناريءَ ۾ لڪايو ويو هو .

”سو اهو آهي هن جو جادو !“

هن سڀني جوتن ۾اهڙيءَ اٽڪل سان سيون ٽنبي ڇڏيون هيون ،جو مان ڪهڙي ءَ به هوشياريءَ سان ڪم ڪيان ها،  تڏهن به اهي ضرور هٿ ۾لڳن ها، مان برف  جهڙي  پاڻيءَ جو پيالو ڀري، انهيءَ جادوگر  جي مٿان ، جتي هو ننڊ ۾يا مکر  ڪيو پيو هو، وڃي بيٺس ، ۽ ڏاڍي مزي سان پاڻي هن جي مٿي تي هاريم.

بهر حال مان اتي ڏاڍو اداس رهڻ لڳس ، منهنجي دل ۾ هميشه اهو تابوت، جهرڪي جنهن جا ميرانجهڙا  چنبا مڙي ويا هئا۽ جنهن جي پيلي چهنب اداس نموني ٻاهر نڪري ائي هئي ۽ آهي چٽڪمرا  تروڙا  جي انڊلٺ  ٺاهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا هئا، پيا هلندا هئا، منهنجو تصور  انهيءَ تابوت  کي وڏو ڪري ڇڏيندو هو ۽ انهن چنبن ۾ساهه وجهي ڇڏيندو هو ، تان جو اهي ٻاهر نڪري ايندا هئا.

مون انهيءَ شام جو ڀڄي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ، پر رات جي مانيءَ کان ٿورو اڳ چلهي تي  کاڌو گرم ڪندي منهنجي لاپرواهي  کان انهيءَ کي باهه وچڙي ويئي، انهيءَ  کي وسائڻ  جي ڪوشش ڪندي ٽهڪندڙ  تيل  پنهنجي هٿن تي هاري ويٺس ، ۽ مونکي اسپتال کڻائي ويا، اسپتال ۾ستي، جو ڀوائتو خواب ڏٺو هيم، اهو اڃا تائين ياد اٿم. انهيءَ ۾ ڏٺم ته هڪڙو ميرانجهڙو ڦڪيرو سڃو ميدان آهي ، جنهن ۾ميرانجهڙن ماڻهن جو انبوه هو، انهن کي ڪفن جهرا سفيد  چوغا پهريل هئا، انهن ماڻهن رنو ۽ رڙيو پئي ۽ هڪڙو ديو گهوڙيءَ تي منڊ ڪائيندو  پئي آيو، ۽ هن جي اکين جا ڀرون مڇن جهڙا ٿلها هئا، ۽ڏاڙهي پئي کنهيائين ، ۽ رنڀون پئي ڪيائين ،  ”مان عالي حضرت جن کي هي احوال ڪندس .“ مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ اسپتال جا پلنگ تابوت ۽ انهن تي ستل مريض، جن جا نڪ ٻاهر نڪتل هئا، مئل جهرڪيون هيون ، ۽ پيليون ڀتيون ڌڏي رهيون هيون ، ڇت سڙهه وانگر ڦڙ ڦڙ  ڪري رهي هئي، ۽ فرش لهرن وانگر اڀري منهنجي  هيٺان اڇلون ڏيئي رهيوهو، هر ڪنهن شيءَ مان مايوسي پئي بکي، ۽ وڻ جون ٽاريون  جڏهن درين  تي اچي ٿي لڳيون ، ته ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪوئي هٿ ۾ لڪڻ جهليو انهن تي ڦهڪائيندو ٿي رهيو، منهنجي آڏو دروازي وٽ هڪڙو ڳاڙهي مٿي وارو لاش چرندو ڏسڻ ۾ پئي آيو،جو پنهنجن سڪل هٿن سان پنهنجي مٿان ڪفن وجهي رهيو هو ۽ منجهيل لفظن ۾ ڪجهه  پئي ڀڻڪيائين ، ” مون کي هتان چرين وٽان وٺي هلو.“ ۽ گهوڙين  تي هلندڙ ديو هن  جي ڪنن ۾ پئي چيو” مان عالي حضرت کي ان جو اطلاع ڪندس .“

ناني، نانيءَ ۽ ٻين ماڻهن کان ٻڌو هوم ته اسپتال ۾ماڻهو بک وگهي  مري ويندا آهن ، تنهن ڪري سمجهيم ته هاڻي  منهنجي به پڄاڻي آهي، هڪڙي عينڪ واري عورت ، جنهن کي ڪفن جهڙو سفيد  ڪڙتو  پيو هو، منهنجي ويجهو آئي ،۽ منهنجي پلنگ ۾ ٽنگيل تختي کڻي ان تي ڪجهه چاڪ سان لکڻ لڳي، چاڪ ڀڄي پيو ۽ اچي منهنجي مٿان پيو .

” تنهنجو نالو ؟“

” منهنجو ڪو به نالو ڪونهي .“

” ضرور ڪو هوندو .“

” نه .“

”بدمعاشي ڇڏ، ورنه هنٽر لڳندءِ .“

مون سمجهيو ته ٿي سگهي ٿو ته هنٽر  هڻن ، تنهن ڪري هنکي ڪوبه جواب نه ڏنم ، هوءِ مون تي ٻلي ءَ وانگر غرڻ لڳي، ۽ٻليءَ وانگر ئي ماٺ ڪيو ٻاهر هلي ويئي .

ڪمري ۾ ٻه بتيون  ٻاريائون ، جن جا فانوس ڇت ۾ ٻن اکين وانگر پئي ٽمڪيا. ڪڏهن اهي جهيڻا  ٿي پئي ويا  ۽ ڪڏهن ڀڙڪو ڏيئي روشن ٿي پئي ويا، ۽ اهڙي طرح پئي لڏيا ڄڻ  ته هڪ ٻئي کي ملڻ جي ڪوشش پئي ڪيائون ڪنڊ ۾ هڪڙي ماڻهوءَ رڙيون ڪيون- ”مان پنهنجي هٿ کان سواءِ ڪيئن کيڏي سگهندس ؟“

اها ڳالهه آهي ! تنهنجو هٿ ڪپي ڇڏيو اٿن !،

مون اهو نتيجو ڪڍيو ته جوا کيڏڻ ڪري هن جو هٿ وڍي ڇڏيو  اٿن، خدا  ڄاڻي بکن ۾مرڻ کان اول منهنجو ڪهڙو  حال  ٿيندو ؟ منهنجي سڙيل هٿن اهڙو سور پئي ڪيو ، جو انهن مان ڪو هڏا جدا ڪري رهيو هو، مان خوف ۽ سور کان روئي رهيو هوس، مون اکيون ٻوٽي  ڳوڙهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهي پنبڻن مان نڪري منهنجي لوندڙين وٽان ٿيندا ، ڪنن تائين پهچي پئي ويا.

رات ٿي ويئي۽ هر ڪو ماڻهو پنهنجي کٽ تي  ٿا نيڪو ٿي، ڀورو ڪمبل ويڙهي پئجي رهيو،خاموشي  هر گهڙي  وڌندي پئي ويئي، رکي رکي، ڪنهن جو ڀڻڪو ٻڌڻ ۾ پئي آيو، ” ڪهڙو فائدو ...... ؟ ڇا ڪري سگهبوــــــــ؟ سڀ ٺڳ آهن ...... ؟ “

مان هوند  پنهنجي نانيءَ  ڏانهن لکي موڪليان ها ته مونکي انهيءَ کان اڳ جو ماري ڇڏين ، هتان ڀڄائي وڃ ، پر منهنجن هٿن ڪم نه پئي ڪيو،مون ڀڄڻ جون اٽڪلون سوچڻ شروع ڪيون .

رات جي خاموشي گهري ٿي وئي. اها اهڙي اکٽ  ۽ اٿاهه  هئي، ڄڻ ان  کان سواءِ ڪٿي ٻيو ڪونه هو. پلنگ تان آهستي آهستي هيٺ  لٿس ۽ در ڏانهن وڌيس ،ان جو هڪ طاق  کليو پيو هو ، ورانڊي  ۾بتي جي هيٺان  بينچ  تي هڪڙو سفيد مٿي وارو ماڻهو، دونهين ۾ وڪوڙيل ويٺو هو ۽ پنهنجن ڪارين ۽ ڏرا ڏنل اکين مان پئي مون ڏي نهاريائين ، مون کي وقت ئي نه مليو، جو کڻي پاڻ کي لڪايان _” ڪير پيو، گهمي ......؟ هيڏانهن آءُ !“

هن  جي آواز  ۾سختي نه پر نرمي هئي. مان هن ڏانهن ويس ، هڪڙو گول منهن  جنهن تي سخت وارن  جو جهنگ هو،  ڏسڻ ۾ آيو، هن جي مٿي جا وار ڊگها هئا، جي چئن ئي پاسن تي ٽڙيا پکڙيا  پيا هئا،۽ چانديءَ جي چڪري وانگر پئي ڏسڻ ۾ آيا، هن جي پٽي ۾ ڪنجين جو ڇڳو پئي لڙڪيو،جيڪڏهن هن جي ڏاڙهي ۽ وار اڃا به وڏا هجن ها ته هو حضرت پطرس عليه الرحمت  لڳي ها.

” تون سڙيل هٿن وارو آهين نه ؟ رات جو ڇا لاءِ پيو رلين ؟ توکي ڪنهن موڪل ڏني آهي ؟ “

هن دونهين  جو ڪش  منهنجي منهن ۾ هنيو ، پنهنجي گرم ٻانهن منهنجي ڳچيءَ ۾ وڌائين ۽ پاڻ ڏانهن ڇڪي ، چيائين  ” ڇا ، توکي ڊپ ٿو ٿئي؟

” هائو “

جيڪو به پهريان  هتي ايندو آهي، ان کي ڊپ ٿيندو آهي، پر ڊپ جي ڪا به ڳالهه ڪنهي ، ۽ سڀني  ماڻهن مان خاص  طرح  توکي مون  کان ڊپ ڪرڻ جو ڪو به سبب ڪونهي، مون ڪنهن جي دل نه ڏکوئي آهي. ڪش لڳائيندين ـــــــ ؟  نه ؟ چڱو ٺهيو. اڃا تنهنجي  عمر پيئي آهي، سال ٻن کان پوءِ تنهنجا مائٽ ڪٿي آهن ـــــــ ؟ ڪوبه ڪونهي؟ خير ، اهي هرو ڀرو ضروري ڪونهن ، انهن کان سواءِ به وقت گذاري سگهندين .ڏسجانءِ ڪنهن به ڳالهه کان ڊڄي نه وڃجان.؟“

ڪافي مدت تائين  ڪوبه اهڙو ماڻهو نه مليو هوم ، جنهن جا لفظ سنوان سڌا ،قرب ڀريا۽ سمجهڻ جهڙا هجن.  هن جي ڳالهين ٻڌڻ ۾ مون کي ڏاڍو آرام  ٿي مليو، هو جڏهن مون کي منهنجي پلنگ وٽ وٺي آيو، ته چيومانس، منهنجي ڀرسان ويهه !“ ۽ هو ويهي رهيو .

”تون ڪير آهين؟“ مون پڇيس .

” مان سپاهي آهيان. اصلي سپاهي ، قزاق، مان ڪيترين  جنگين ۾ حصو وٺي چڪو آهيان ــــــ جي اوهين جوٽيندا  آهيو . انهيءَ واسطي ئي ته سپاهي زنده رهندا آهن ، مان هنگري،ڪوه قاف ، پولنڊ ۽ ڪيترن ئي هنڌ لڙائين  ۾ وڙهي چڪو آهيان ، لڙائي هڪ وڏي بدمعاشي آهي،“مان ٿوري دم لاءِ کڻي اکيون ٻوٽيون ،کولڻ تي ڏٺم  ته سپاهي واريءَ  جاءِ تي ناني ڪارن ڪپڙن  ۾ ويٺي هئي، ۽هو هن جي ڀرسان بيٺو هو، ۽نانيءَ کان حيرت ۾ پئي پڇيائين ، ”ته ڇا اهي پوءِ سڀئي مري ويا ؟  او ڌڻي !“

سج ننڍڙي ٻار وانگر ڪمري ۾ اک ٻوٽ ڪري رهيو هو ، گهڙي سڀني  شين کي سونهري ڪري پئي ، ڇڏيائين ، گهڙيءَ لڪي پئي ويو، گهڙيءَ چهچ ڳاڙهو ٿي پئي نڪتو .

ناني منهنجي مٿان جهڪي ۽ پڇڻ لڳي ، ” منهنجا مٺڙا، هنن توکي ڇا ڪيو؟ تنهنجي چير ڦاڙ پئي ڪيائون  ڇا؟ مون هن منحوس ڪراڙي شيطان کي کتيون ٻڌايون آهن.“

” مان سڀ انتظام ڪري ٿو وٺان ، “ سپاهي ائين چئي هليو ويو، نانيءَ، ڳوڙها اگهندي چيو ” ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته هي سپاهي منهنجو ملڪي آهي، “

مان اڃا به سمجهي رهيو هوس ته مان خواب ڏسي رهيو آهيان ، تنهن ڪري ڪجهه به نه ڪڇيم، ڊاڪٽرآيو ۽ ملم پٽي ڪري هليو ويو، ۽ پوءِ چوڻ لڳي، ” تنهنجي ناني جو هوش وڃي ٿو گهٽبو، اهڙوته مکي چوس ٿي پيو آهي، جو توبهه، ٿورو وقت ٿيو جو پنهنجي نئين دوست جا جيڪو پوستينن جوڪم ڪندو آهي،هڪ سو روبل کسڪائي آيو ، پوءِ اهڙو حشر متو، جو خدا جي پناهه.“

سج چمڪي رهيوهو ۽ ڪڪر سفيد پکين وانگر اڏامي رهيا هئا، اسان وولگا نديءَ  جي پل پار ڪئي، ڦيٿن جي هيٺان برف لتاڙي پئي ويئي ،پل جي تختن جي هيٺان  صاف پاڻيءَ جا دٻا  ڏسڻ  ۾پئي آيا، ۽ پري کان وڏيءَ ديول جي ڳاڙهي گنبذ مٿان سونهري  صلب چمڪي رهي هئي .

اسين هڪڙيءَ منهن ويڪري عورت وٽان لنگهياسين ، جنهن کي ڀاڪر ۾ بيد جي ٽارين  جي ڀري هئي، بهار ويجهو اچي رهيو هو ۽ ايسٽر جو ڏڻ نزديڪ ئي هو .

”ناني !منهنجي توسان ڪيڏي نه دل آهي !“

انهيءَ تي هن کي ڪو به عجب نه لڳو، هن وراڻيو،” انهيءَ ڪري جو اسين هڪ ٻئي جو رت آهيون ـــ پر مان ٻٽاڪ  نٿي هڻان. مون کي ٻيا ماڻهو به پيار ڪندا آهن. انهيءَ لاءِ مان بيبي مريم جي نهايت شڪر گذار آهيان . “۽ مُرڪندي چوندي رهي، ” هوءَ جلد ئي خوشيون ڪرڻ لڳندي،  هن جو پٽ زنده ٿيندو . او- باربرا منهنجي ڌيءُ .“

ائين چئي ، هو ٽٻيءَ ۾ پئجي ويئي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org