باب اٺون
برف جي پهرئين ئي وسڪاري سان نانو مون کي واپس نانيءَ جي ڀيڻ وٽ
وٺي ويو. ”هوءَ توکي ڪجهه به نه چوندي.“ هن چيو.
اونهاري جي عجيب آزمودن کانپوءِ مان پاڻ کي وڌيڪ وڏو ۽ سمجهدار
سمجهڻ لڳو هوس ۽ اهو گهر مون کي اڳي کان به وڌيڪ
ڀيانڪ ٿي لڳو. هو اڃا به پنهنجي هٻڇ ڪري پنهنجن
ڀڀن کي زهر سان ڀريندا هئا ۽ بيمار ٿي پوندا هئا ۽
پوءِ پنهنجي بيماريءَ جو بيان وڌائي ذري پرزي هڪ
ٻئي کي ٻڌائيندا هئا. پوڙهي اڃان به خدا کان
ساڳيءَ ريت ڪيني ڀريل دعائون گهرندي هئي. مالڪياڻي
سنهي ٿي ويئي هئي، پر هن جي ٽور گرڀ واري وقت جهڙي
سست ۽ ڍري هئي. ٻار جا ڪپڙا سبڻ ويل هوءَ هميشه
هڪڙو گيت ڳائيندي هئي. ”منهنجو ننڍڙو ڀاءُ سپيريا
– مننهنجو ننڍڙو ڀاءُ! مان ويهان ٿي گهوڙي گاڏيءَ
۾ هو بيهي ٿو ٻاهر – منهنجو ننڍڙو ڀاءُ سپيريا!
ٿوري ئي کڙڪي تي گيت بند ڪري، ڪاوڙ مان پڇندي هئي، ”توکي ڇا
گهرجي؟“ مون کي پڪ آهي ته هن کي ٻيو ڪو به گيت ڪو
نه ايندو هو.
شام جي وقت مون کي ويهڻ واري ڪمري ۾ سڏي، حڪم ڪندا هئا. ”اسان
کي جهاز وارو احوال ٻڌاءِ!“
در جي ويجهو ويهي، مان انهن کي پنهنجو قصو ٻڌائيندو هوس. مون کي
ان گهر کان پري واريءَ زندگيءَ کي يادڪندي ڏاڍي
خوشي ٿيندي هئي. مان انهيءَ ذڪر ۾ اهڙو ته گم ٿي
ويندو هوس، جو ٻڌندڙن جو خيال ئي لهي ويندو هوم،
پر هو مون کي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس جلد ئي
ڏياري ڇڏيندا هئا.
ڇاڪاڻ ته ننڍڙي توڙي وڏي مالڪياڻي ڪڏهن به جهاز تي نه چڙهيون
هيون، تنهن ڪري هو اهو معلوم ڪرڻ گهرنديون هيون ته
”اتي خوف ته نه هو!“ مون کي پتو نه پوندو هو ته
اتي ڪهڙو خوف ۽ خطرو هو. ”ڀلا، جهاز، جي ٻڏي پوي
ها، ته سڀئي غرق ٿي وڃن ها؟“ مالڪ انهن تي کلڻ
لڳندو هو، پر مان انهن کي اها ڳالهه مڃائي نه
سگهيس ته اونهي پاڻيءَ ۾ جهاز ٻڏي نٿي سگهيو.
پوڙهيءَ جي خيال موجب جهاز پاڻيءَ تي ترندو نه
هوندو. بلڪه جهڙي ريت زمين تي گاڏي ڦيٿن تي هلندي
آهي، اهڙيءَ ريت اُهو پاڻيءَ تي هلندو هوندو!
”جيڪڏهن اِهي لوه جا آهن ته پوءِ اهي ترن ڪيئن ٿا؟ ڪهاڙو ته
تري! ڪڏهن به نه...“
”پر لوه جو ڏول ته ترندو آهي.“
”ٻنهي جي ڪهڙي ڀيٽ؟ ڏول ته تمام ننڍرو ٿو ٿئي.“
”مون جڏهن سماوريءَ ۽ هن جي ڪتابن بابت ٻڌايو مان، تڏهن هنن کي
بڇان وٺي ويئي. پوڙهيءَ جي خيال موجب ڪتاب ڪافرن ۽
ڪم عقلن جا لکيل هئا.“
”حضرت دائود ۽ ان جي مناجاتن جي ڪتاب لاءِ ڇا ٿي چئين؟“
”مناجاتون ته ڪلام رباني آهي، ۽ حضرت دائود وري به خداوند کان
انهن جي لکڻ لاءِ معافي گهري هئي.“
”اهو ڪٿي لکيل آهي.“
”منهنجي هٿ جي مُڪ تي، ٻيو ڪٿي! تنهنجي مٿي تي چنبو هڻان ته پتو
پوندوئي ته ڪٿي!“
هن کي سڀ ڄاڻ هوندي هئي. هن جا هر ڪنهن ڳالهه بابت جهنگلين جهڙا
ويچارا هوندا هئا. ”هڙو تاتاري پيڪوار نديءَ تي
گذاري ويو، جڏهن هن جو روح هن جي وات مان نڪتو،
تڏهن سڀني ڏٺو ته اهو ڪوئلي جهڙو ڪارو هو!“
”روح يا ساه؟“ مون پڇيس ۽ هن حقارت مان وراڻيو ”اڙي ڍڳا،
تاتاريءَ جو روح، تنهنجو نه.“
ننڍي مالڪياڻي به ڪتابن کي نه مڃيندي هئي. ”اهي ڏاڍو نقصان
رسائيندا آهن. خاص طرح ننڍن ڇوڪرن کي. جتي مان
رهندي هيس، اتي گريشڪا نالي هڪڙي چڱي خاندان جي
ڇوڪري رهندي هئي. هوءَ سڄو ڏينهن پئي پڙهندي هئي.
پوءِ آخر ڇا ٿيو؟ هوءَ هڪڙي پادريءَ جي عشق ۾
گرفتار ٿي پيئي. ان جي زال وچ رستي ۾ ماڻهن جي
اڳيان ڏاڍي بڇڙي نموني شڪي ۽ شرمسار ڪيس.“
ڪڏهن ڪڏهن مان سماواريءَ جي ڪتابن مان ياد ڪيل لفظ ڳالهائڻ ۾ ڪم
آڻيندو هئس. مثال طور هن جي هڪڙي ٿلهي ڪتاب ۾ هڪڙي
سٽ هن ريت هئي: ”در حقيقت ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ
بارود جي کوجنا نه ڪئي آهي، پر اهو ڪيترن ماڻهن جي
مشاهدن ۽ تحقيقن جو گڏيل نتيجوهو.“ مون کي پتو
ناهي ته انهيءَ سٽ ڇو مون تي اثر ڪيو هو. انهيءَ ۾
”درحقيقت“ جا لفظ مون کي ڏاڍا وڻي ويا هئا ۽ انهن
لفظن جي ڪري مون کي ٺٺول جي مصيبت برداشت ڪرڻي
پيئي.
هڪڙي ڀيري جڏهن منهنجي مالڪن مون کي جهاز جي واقعن ٻڌائڻ لاءِ
گهرايو، مون جواب ڏنن، ”در حقيقت، هينئر ٻڌائڻ
لاءِ باقي ڪجهه ڀي نه رهيو آهي.“
هو سڀ انهيءَ تي وائڙا ٿي ويا. ”ڇا؟“ هنن رڙ ڪري چيو، .تو ڇا
چيو؟“ پوءِ هو اچي کلڻ ۾ ڇٽڪيا ۽ هڪ ٻئي کي وري
وري چوڻ لڳا، ”درحقيقت! ڏسوس، در حقيقت!“ خود
منهنجي مالڪ مون کي سمجهائيندي چيو، ”ننڍو ٿي ڪري
ائين وڏن وانگر نه ڳالهائبو آهي.“ اُن کانپوءِ
ڪافي وقت تائين هو مون کي چيڙائيندا رهيا. ”او در
حقيقت! ٻار جو گند ته ميڙي ڇڏ!“
اُنهيءَ بيهوديءَ کل جو مون کي ايترو رنج نه ٿيندو هو، جيترو
عجب لڳندو هوم. مان انهيءَ گهر ۾ وڏي ويل ۾ ڦاٿل
رهندو هئس ۽ ان کي منهن ڏيئي پار پوڻ مون لاءِ
ڏاڍو ڪٺن هو. مان پنهنجي ڪم ۾ ڪڏهن به پؤڻو ڪين
پوندو هوس. گهر ۾ ٻه ٻار هوندا هئا، جن جي سنڀال
لاءِ ٻه نوڪرياڻيون هيون، جي هر روز بدلبيون
رهنديون هيون. ڇاڪاڻ ته اهي مالڪن کي راضي ڪري نه
سگهنديون هيون. انهيءَ ڪري مان ٻارن کي به
کيڏائيندو رهندو هوس، ۽ هر هفتي انهن جي رلهڪن کي
جنڊارس جي چشمي تي ڌوئڻ به ويندو هوس. اتي مون کي
کٽياڻين جون ٺٺوليون سهڻيون پونديون هيون. ”اڙي
تون ته عورتن جو ڪم ٿو ڪرين!“
ڪڏهن ڪڏهن ته هنن جي مسخري مون کي ڪپڙن مان ڪڍي ڇڏيندي هئي.
ايتري قدر جو هنن کي نپوڙيل ڪپڙن جا پنوڙا هڻندو
هوس ۽ جواب ۾ هو به ڪين گهٽائينديون هيون. انهيءَ
هوندي به اهي عورتون مون کي خوش مزاج ۽ زنده دل
لڳنديون هيون.
اهو جنڊارس جو چشمو انهيءَ ٻنڌ سان لڳو لڳ پئي وهيو، جيڪا ڌٻڻ
واري هنڌ اوڪا نديءَ تي بنايل هئي. اها ٻنڌ شهر کي
ميدانن کان جدا ڪندي هئي، جنهن کي اڃا به قديم
ديوتا ”يارلو“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ڀر واري
ڳوٺ سيميڪا جي ماڻهن انهيءَ ميدان جي هڪڙي حصي کي
وندرگاهه بنايو هو. ناني ڳالهه ڪندي هئي ته جڏهن
هوءَ ننڍي هوندي هئي، ته اتان جا ماڻهو ديوتا
يارلو کي نذر ڏيندا هئا. اهي هڪڙي ڦيٿي کي تڏن ۽
ڳوڻين جي ٽڪرن ۽ نوڙين سان ويڙهي، باه ڏيئي رڙين ۽
راڳن سان جبل تان هيٺ اڇلائيندا هئا ۽ ڏسندا هئا
ته اهو ٻرندڙ ڦيٿو اوڪا نديءَ ۾ ڪري ٿو يا نه. جي
اهو اوڪا نديءَ ۾ وڃي پوندو هو ته هو سمجهندا هئا
ته يارلو هنن جو نذر قبول ڪيو ۽ انهيءَ سال آسمان
گهڻو وقت صاف رهندو ۽ ميون جو فصل ڀلو ٿيندو.
اهي کٽياڻيون گهڻو ڪري انهي يارلو ميدان جي آسپاس جون رهاڪو
هيون. هو بت ۾ سٻر، طبع جون شوخ ۽ دنيا جي لاهن
چاڙهن کان واقف هونديون هيون. مون کي هنن جي واتان
واپارين ۽ آفيسرن جا، جن جا هو ڪپڙا ڌوئينديون
هيون، احوال ٻڌڻ ۾ مزو ايندو هو. سياري ۾ برف جهڙي
پاڻيءَ ۾ ڪپڙا ڌوئڻ ويلَ جهڙو ڪم هو، سڀني جا هٿ
ڦاٽا پيا هوندا هئا. اهي جهريل ڇاپرن جي هيٺان، جن
مان هوا ۽ برف اندر ڌوڪيندي ايندي هئي، اونڌن ڪاٺ
جي ڦرهن تي بيهي، پنهنجي ڪم کي جنبي وينديون هيون.
هنن جا منهن پاري ۽ برف ۾ سڙي سرخ ٿي ويندا هئا.
هنن جون آڱريون سيءَ ۾ اهڙيون سڪي پونديون هيون،
جو مُڙي نه سگهنديون هيون ۽ هنن جي اکين مان
لڳاتار پاڻي پيو ٽمندو هو. انهيءَ هوندي به هو کل
ڀوڳ ۾ رڌل هونديون هيون، هڪ ٻئي کي قصا ڪهاڻيون
ٻڌائينديون هيون، ۽ هر ڪنهن شيءِ کي ۽ هر ڪنهن ڪم
کي همت سان منهن ڏينديون هيون.
انهن سڀني ۾ نتاليا ڪوزلوسڪي نالي ڌوٻڻ ڳالهين جي ڳهير هوندي
هئي. هن جي عمر اٽڪل ٽيهه سال کن هئي. هن جو منهن
تازو، بت سگهارو، اکيون مرڪندڙ ۽ زبان تکي ۽ ڦڙت
هوندي هئي. هن جون ساٿياڻيون هن جي واکاڻ ڪنديون
هيون. پنهنجن معاملن ۾ هن کان مشورو وٺنديون هيون،
هن جي هنر ۽ پوشاڪ جي صفائيءَ جي تعريف ڪنديون
هيون ۽ پنهنجي ڌيءَ کي، جو هن هاءِ اسڪول ۾ پڙهائڻ
ويهاريو هو، ان تي هن جي ساراهه ڪنديون هيون. هوءَ
جڏهن ٽڪريءَ تان لهندي، ڪپڙن جي ٻن ڀرين جي بار
سان ڪٻي ٿي هيٺ ايندي هئي، ته سڀ هن جي خوشيءَ سان
آجيان ڪنديون هيون ”ڌيڻهين ڪيئن آهي؟“
”مهرباني، خوش آهي. خدا جا شڪر، چڱيءَ ريت پئي پڙهي.“
”ڏسجانءِ، ڪنهن ڏينهن بيگم ٿينديئي.“
”انهيءَ ڪري ته مان هن کي پڙهايان ٿي. ٻوٿن بڇڙيون اهي بيگمون
ڪو آسمان تان ته نه لهي آيون آهن؟ جنهن کي جيترو
گهڻو علم آهي. اوترو گهڻو اهو حاصل ٿو ڪري ۽ اوترو
ئي وڏي عزت ۽ عهدو ٿو ماڻي. ڌڻيءَ اسان کي نادان
ٻار ڪري پيدا ڪيو پر چاهي ٿو ته عقلمند وڏڙا ٿي
وٽس واپس ٿيون. ان جو مطلب آهي ته اسان سڀني کي
هتي سکڻو آهي.“
هوءَ جڏهن ڳالهائيندي هئي ته ٻيون سڀ هن جي گفتگو خيال سان
ٻڌنديون هيون. عورتون نه رڳو هن جي منهن تي پر
پرپٺ به هن جي واکاڻ ڪنديون هيون ۽ هن جي عقل تي
عجب کائينديون هيون. انهيءَ هوندي به ڪا به هن جو
نقل نه ڪندي هئي. هن پراڻن جوتن جي رٻڙ مان پنهنجن
ٻانهن جي ٺونٺين تائين دستانا سبيا هئا، جنهن ڪري
هن جي چولي جون ٻانهون ان ۾ ڍڪيل رهنديون هيون ۽
هن جا هٿ پاڻيءَ ۾ ڀڄڻ کان محفوظ رهندا هئا. هر
ڪنهن انهيءَ ڳالهه جي تعريف ڪئي، پر ڪنهن به ان جي
پيروي نه ڪئي. جڏهن مون ائين ڪيو ته هو مون تي
ٺٺوليون ڪرڻ لڳيون، ”ڏسو، ڏسو، عورتن جو نقل ٿو
ڪري!“
پنهنجي ڌيءَ لاءِ هوءَ چوندي هئي، ”اهو وڏو قدم آهي. ان سان
دنيا ۾ هڪ وڌيڪ بيگم ايندي. ڇا اها معمولي ڳالهه
آهي؟، ٿي سگهي ٿو اوستائين پهچڻ کان اول ئي هوءَ
مري وڃي. ويچارن شاگردن کي ڪنهن مرتبي تي پهچڻ
لاءِ ڏاڍي محنت ٿي ڪرڻي پوي. بخيروف جي ڌيءُ کي
ڏسو، پڙهندي رهي، پڙهندي رهي، نيٺ وڃي ماسترياڻي
ٿي ۽ پنهنجي زندگي بنائي ورتائين.“
”ها، البت جيڪڏهن هو پرڻجن ته پوءِ پڙهڻ جو ضرور ڪين اٿن، پر جي
ٻيو ڪو هنر ڄاڻنديون هجن، ته اُهو هنن کي پوءِ به
ڪم ٿو اچي.“
”عورت جو عقل هُن جي مٿي ۾ ڪونهي.“
مون کي اها ڳالهه خراب لڳندي هئي، جو جڏهن هو اهڙين ڳالهين ۾
ڇٽنديون هيون، ته بس ئي نه ڪنديون هيون. مون
خلاصين، سپاهين ۽ هارين کي عورتن بابت ڳالهائيندو
ٻڌو هو، هو هميشه عورتن کي ڦاسائڻ جي حرفتن جي
ٻٽاڪ هڻندا هئا. مون کي هنن جي عورتن ڏانهن رويي
مان ڪجهه ڪيني جي بوءِ ايندي هئي، گهڻو ڪري هنن
جون سڀ ٻٽاڪون سکڻيون لڳنديون هيون ۽ هنن کي ٻڌندي
ائين سمجهندو هوس ته هو سڀ اُهي هٿ گهڙيون ٺوڪيندا
رهندا هئا.
اُهي کٽياڻيون مردن تي پنهنجي فتح بابت اهڙي يخي نه هڻنديون
هيون. پر جڏهن به مردن جو ذڪر ڪنديون هيون، ته
انهن جي لهجي ۾ حقارت ۽ عداوت سمايل هوندي هئي،
جنهن مان محسوس ڪندو هوس ته حقيقت ۾ عورت مرد کان
وڌيڪ طاقتور آهي.
هڪڙي ڀيري نتاليا چيو،”اهي مرد، جي ڪنهن سان ملڻ کان ڪيٻائيندا
آهن ۽ منهن ۾ مُڱ وجهيو وتندا آهن، اهي به نيٺ
عورتن جا سلامي اچي ٿيندا آهن.“
انهيءَ تي هڪڙي ٻُڍيءَ عورت گهڻي آواز ۾ چيو، ”ٻيو ڪاڏي ويندا؟
ٻيا ته ٺهيو، پوپ ۽ پادري به خدا کي ڇڏي اسان وٽ
جهڪندا آهن.“
اهي ڳالهيون، جي پاڻيءَ ڇاڇولجڻ ۽ آلن ڪپڙن جي پٿرن ۽ ميرن تختن
تي سٽڪن جي آواز ۾ به ٻڌڻ ۾ پيون اينديون هيون ۽
انهن جا اگهاڙا شهواني گفتا، جي انهن شين لاءِ هو
ڪڍنديون هيون، جن مان سڀني زنده شين جي پيدائش
ٿيندي آهي، مون کي شرم ۾ ٻوڙي ڇڏيندا هئا ۽ منهنجن
خيالن کي انهن خسيس ”عشق جي معاملن“ ڏانهن موڙي
ڇڏيندا هئا، جي منهنجي چوگرد ٿيندا رهندا هئا.
پوءِ مان ڪيترو ئي عرصو عشق ۽ محبت کي اهڙين ڪراهت
ڀرين ڳالهين سان مشابهت ڏيئي، دل ئي دل ۾ ان کان
ٽهندو وتندو هوس.
انهيءَ هوندي به انهن کٽياڻين، رڌڻي جي اردلين ۽ دڪي جي مزورن
جي صحبت منهنجي لاءِ پوڙهيءَ مالڪياڻيءَ جي گهر جي
فضا کان هزار درجا وڌيڪ بهتر هئي. اُتي هر وقت
ساڳيو بيوقوفيءَ وارو لڙ لڳو پيو هوندو هو ۽ اُتان
جي زندگي اهڙي ته هڪڙي ئي اُٻڙڪن آڻيندڙ ڍنگ ۾
پلٽجي ويئي هئي جو انهيءَ کي صبر سان برداشت ڪرڻ ۾
منهنجو دم نڪرندو هو. منهنجا مالڪ اهڙيءَ ريت
رهندا هئا، ڄڻ ته انهن تي جادو ڪيو ويو هو. هنن جي
سڄي زندگي کاڌي، بيماري ۽ ننڊ جي چڪر ۾ پيئي ڦرندي
هئي ۽ هنن جو واسطو وڌ ۾ وڌ کاڌي ۽ بستري سان
رهندو هو. هو هميشه هڪ ٻئي کان الڳ رهندا هئا،
جهڙيءَ ريت چڪيءَ ۾ پيسجندڙ ان جا داڻا.
جڏهن مون کي واندڪائي هوندي هئي، ته مان ڇاپري ڏانهن ڪاٺيون وڍڻ
هليو ويندو هوس ۽ اڪيلائيءَ ۾ فرحت محسوس ڪندو
هوس، پر اهڙي فرحت قسمت سان نصيب ٿيندي هيم. اتي
به آفيسرن جا اردلي نوسي، اچي مون کي لهندا هئا ۽
محلي جي واقعن جا قصا بيان ڪرڻ لڳندا هئا. منهنجا
اڪثر ملاقاتي ارموخن ۽ سڊوروف هوندا هئا.
ارموخن ڪالوگا علائقي جو رهاڪو هو. هو قد جو ڊگهو ۽ ٿورو جهڪيل
هو ۽ هن جون ڦنڊيل نسون هن جي چمڙيءَ مان ڏسڻ ۾
اينديون هيون ۽ هن جو مٿو ننڍو ۽ اکيون ڏرا ڏنل
هونديون هيون. چڙ ڏيارڻ جي حد تائين جاهل، ڪاهل ۽
هلڻ جو بي ڍنگو هوندو هو. ڪنهن عورت کي ڏسڻ سان هن
جون اکيون ڦرڻ لڳنديون هيون ۽ هُو اهڙيءَ ريت اُن
ڏانهن وڌڻ لڳندو هو، ڄڻ ان جي پيرن تي وڃي ڪرندو.
نوڪرياڻين ۽ بورچياڻين کي هو جهٽ ۾ ۽ آسانيءَ سان
ڦاسائي وٺندو هو، جنهن ڪري سڀئي هن جا دشمن ٿي پيا
هئا. انهيءَ کان سواءِ سڀ هن جي رڇ جهڙي طاقت کي
مڃيندا هئا. سڊوروف نُولا شهر جو رهاڪو هو. پورالو
هو ۽ سنهو ۽ نرم آواز هوندو هوس. سواءِ انهي وقت
جي جڏهن هو پنهنجي نرم آواز ۾ ڪو ٽوٽڪو ٻڌائيندو
هو، هميشه پيو اونداهين ڪنڊن ڏانهن واجهائيندو هو.
”ڪاڏي ٿو نهارين؟“
”مون سمجهيو هتي ڪئو هو. مون کي ڪئا وڻندا آهن، خاص طرح انهن جو
ماٺ ماٺ ۾ ڊوڙڻ مون کي ڏاڍو وڻندو آهي.“
مان اردلين کي سندن مائٽن ڏانهن ۽ خاص طرح عشقيه خط، لکي ڏيندو
هوس. مون کي ان ۾ مزو ايندو هو. خاص طرح سدوروف جي
خطن لکڻ ۾. هر ڇنڇر تي هو پنهنجي ڀيڻ ڏي خط
لکرائيندو هو. هو مون کي پنهنجي بورچيخاني ۾ سڏي،
منهنجي ڀرسان ميز تي ويهندو هو. پنهنجي سخت وارن
واريءَ ڪوڙيل ٺوڙهه تي هٿ گهمائي، بلڪل منهنجي ڪن
۾ خط لکڻ لاءِ هدايتون ڏيندو هو.
”چڱو هاڻي لکڻ شروع ڪر. عبارت جو ته توکي پتو آهي. ”مٺڙي ڀيڻ،
اميد ته خوش هوندينءَ!“ – تون پاڻ سمجهين ٿو ته خط
ڪيئن شروع ڪبو آهي. هاڻي لک: تنهنجو موڪليل روبل
پهتو، تنهن جي مهرباني پر ان جي موڪلڻ جو ضرور نه
هو. مون کي هتي ڪنهن به شيءِ جي کوٽ ڪونهي. اسين
مزي سان زندگي گهاري رهيا آهيون... ائين آهي ته نه
– سچ پچ ته اسان ڪتن واري زندگي گذاريون ٿا پر هن
کي ان جي ٻڌائڻ جو ضرور ڪونهي. هوءَ اڃا ننڍڙي
آهي، فقط چوڏهن سالن جي. ان کي دکي ڇو ڪجي؟ هاڻي
پاڻهي ائين لک جيئن توکي چيو اٿم.“
هو مون کي ويڙهي ويندو هو ۽ هن جي گرم ساه جا ڦوڪارا بلڪل
منهنجي ڪن ۾ اچي لڳندا هئا. ”هي لکينس: ”جيڪڏهن ڪو
توسان مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ڪري ته ان تي ڀروسو
نه ڪجانءِ، پڪ ڄاڻ هو توکي ٺڳڻ ٿو گهري ۽ هن جا
اراد توکي برباد ڪرڻ جا آهن.“
کنگهه جهلڻ سان هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويندو هو ۽ هن جي اکين مان
ڳوڙها وهڻ شروع ٿيندا هئا. هو ميز تي جهڪي ويندو
هو ۽ اڃا به منهنجي ويجهو سرڪي ايندو هو.
”توکي اٽڪ ٿي ٿئي! پرواهه ناهي، لکندو رهه! خاص طرح سفيد پوشن
کان. سفيد پوشن تي ڪڏهن به ويساهه نه ڪجانءِ. اهي
پهرينءَ ئي نظر ۾ غريب ڇوڪرين کي ڀنڀلائي ڇڏيندا
آهن. جيڪڏهن تو ڪي پيسا بچايا هجن ته ڪنهن پادريءَ
کي، جو تنهنجي نظر ۾ چڱو ماڻهو هجي، ڏجانءِ ته
سنڀالي رکي. ان کان به وڌيڪ بهتر آهي ته انهن کي
زمين ۾ پوري ڇڏجانءِ. ايترو ياد رکجانءِ ته ڪٿي
پوريا اٿئي!“
مٿان دريءَ جي کڙ کڙ ۾ هن جي اها ڪن ڦس سمجهڻ ڏاڍي ڏکي هئي.
منهنجي اڳيان تنور جو منهن هوندو هو، جو دونهين
سان ڪاراٽيل هو ۽ ان ويجهو ٿانون جو ڪٻٽ هو، جو
مکين سان ڪارو ٿيو پيو هو. بورچيخاني ۾ سڙيل سڻڀ،
گاسليٽ ۽ دونهين جي گندي بوءِ پکڙي پيئي هوندي هئي
۽ جيتن ۽ ڪاڪروچن جا ميڙن جا ميڙ تنور ۽ ڪاٺين ۾
اچ وڃ ڪندا رهندا هئا. مون تي اداسائي ڇائنجي
ويندي هئي ۽ دل ۾مونجهه پيدا ٿيندي هيم. سپاهيءَ ۽
ان جي ننڍڙي ڀيڻ سان اهڙي همدردي پيدا ٿي ويندي
هيم، جو ذري گهٽ اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا هئم. ڇا،
ماڻهو اهڙيءَ ريت رهي سگهن ٿا! ڇا، اهو انهن لاءِ
ٺيڪ آهي ته اُهي ائين رهن؟
سدوروف جي سس پس کي نظر انداز ڪندو مان لکندو رهندو هوس. مان خط
کي زندگيءَ جي ڏکن ۽ غمن سان ڀريندو هوس. آخر هو
شوڪارو ڀري چوندو هو، ”تو هن ڏانهن ڪافي لکيو آهي.
هاڻي هوءَ پاڻهي سمجهندي ته هن کي ڪهڙي ڳالهين جو
خيال رکڻ گهرجي.“
”اهڙو ڪو به خطرو ڪونهي، جنهن جو هروڀرو هن کي خيال رکڻ گهرجي.“
مان ڇڙٻي، چوندو هومانس. جيتوڻيڪ مان پاڻ به هُن
اڪيلي معصوم لاءِ ڪيترين ڳالهين جو خطرو محسوس
ڪندو هوس.
سپاهي مرڪي، گلو صاف ڪندي چوڻ لڳو، ”تون ته ڪو ڇسو آهين! ڪو به
خطرو ڪونهي جو مطلب ڇا؟ سفيد پوش صاحبن ۽ خدا لاءِ
ڇا ٿو چوين؟ ڇا انهن کان به نه ڊڄڻ گهرجي؟“
ڀيڻ جي خط ملڻ سان هو ڀڳو ايندو هو ۽ تڪڙ مچائي ڏيندو هو –
”جلدي، ٻيلي جلدي پڙهي ٻڌاءِ.“ ۽ مون کان اهي تڪڙ
۾ لکيل ماڪوڙن جي ٽنگن جهڙا اکر ٽي ڀيرا پڙهائيندو
هو.
جيتوڻيڪ هو فطري طور رحمدل ۽ قربائتو هو، ته به هن جو عورتن
ڏانهن رويو ٻين مردن جهڙو هو، يعني وحشين جهڙو.
اهي واقعا منهنجي چاهڻ نه چاهڻ بغير منهنجي ڄاڻ ۾
ايندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته منهنجي اکين اڳيان ٿي
گذرندا هئا ۽ اهي سڀ حيرت انگيز ۽ بي حيائيءَ واري
نموني اوچتو ئي اوچتو شروع ٿي ويندا هئا. مان
ڏسندو هوس ته سدوروف پهرين عورتن جي دل ۾ پنهنجي
سپاهيانه زندگيءَ لاءِ رحم جو جذبو پيدا ڪندو هو،
پوءِ انهن سان ڪوڙا عهد ۽ اقرار ڪري، انهن کي
ريبيندو هو. هو پنهنجي ان سورهيائيءَ جو قصو
ارموخن کي، نفرت مان منهن ۾ گهنج وجهي، ٿڪون
اڇليندي، اهڙي نموني ٻڌائيندو هو، ڄڻ ڪنهن هن جي
وات ۾لوڻ جو ٻڪ وجهي ڇڏيو هو. مان اهو سڀ اداس دل
سان ڏسندو رهندو هوس ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي سپاهين کان
پڇندو هوس، ”عورتن کي اهڙا ڪوڙا دلٻا ڇو ٿا ڏيو؟
پهرين هنن کي فريب ڏيئي، پوءِ انهن تي پاڻ ۾ ويهي
چٿرون ٿا ڪيو! انهن جو پڙدو فاش ٿا ڪريو! انهن جي
هڪ ٻئي سان سودي بازي ٿا ڪريو ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن کي
مارون ۽ موچڙا ٿا ڏيو!“
هڪڙي کلندي چيو، ”اهڙين ڳالهين جي تورتڪ تنهنجي لاءِ ضروري
ناهي. اهي گنديون ۽ گناهه ڀريل ڳالهيون آهن. توکي
انهن ۾ ڦاسڻ کان اڳ انهن مان نڪرڻ جو رستو سکڻ
گهرجي. تون اڃا ننڍو آهين، سمجهي نه سگهندين.“
پر هيڪر مون کي وڌيڪ صاف جواب مليو، جو اڃا مون کي ياد آهي:
”ڇا، تون سمجهين ٿو.“ سدوروف چيو، ”ته عورتن کي
پتو ڪونهي ته مان انهن کي فريب ڏيئي رهيو آهيان؟
انهن کي چڱيءَ ريت پتو آهي. عورت چاهي ٿي ته ڌوڪو
کائي، فريب جي انهن راندين ۾ هر ڪو ٺڳڻ جي ڪوشش ٿو
ڪري. اها شرم جهڙي ڳالهه آهي. هيءَ ٻنهي لاءِ محبت
نه پر هڪ ٻئي کي ڀنڀلائڻ جي راند آهي. هر ڪو شرم
کان لڪي لڪي، رات جو يا ڪٿي بيگاهه جاءِ تي، اها
راند رهي ٿو. جڏهن تون وڏو ٿيندين، توکي پاڻ ان جو
آزمودو ٿيندو. انهيءَ ڪري ئي آدم کي جنت مان
نيڪالي ملي، اها ئي سموري غم جي پاڙ آهي.“
هن جيڪي چيو سو بلڪل صاف ۽ سچي نموني، پر اهڙيءَ اداسيءَ ۽
پشيمانيءَ سان چيو، جو انهن ”فريبي راندين“ ڏانهن
منهنجي ڪجهه نفرت ٿڌي ٿي ويئي. انهيءَ کان پوءِ
ارموخن کان وڌيڪ منهنجي هـُن سان گهرائپ ٿيڻ لڳي.
مان ارموخن کي ڌڪارڻ لڳو هوس ۽ اهڙن موقعن جي تاڙ
۾ هوندو هئس، جو هن کي چڙ ڏياريان ۽ بڇڙو ڪيان ۽
اهي مان اهڙيءَ هوشياريءَ سان پيدا ڪري وٺندو هئس،
جو هو مون کي ڌڪ هڻڻ جي خيال کان اڱڻ ۾ ڊڪائي
پوندو هو پر پنهنجي بيوقوفيءَ ڪري هو مون کي پڪڙڻ
۾ ڪامياب ٿي نه سگهندو هو.
عورتن سان تعلقات جو ذڪر ڪندي، سدوروف چيو، ”اهي ڳالهيون منع
ٿيل آهن.“
مون کي اها خبر هئي پر مان ائين مڃي نٿي سگهيس ته، ”محبت جا
معاملا“ انسان جي ڏکن جو سبب بنجي سگهيا ٿي. مون
غم جا ماريل انسان ڏٺا هئا، پر سدوروف ۽ ارموخن جي
انهن خيالن جي تائيد نٿي ڪري سگهيس. ڇاڪاڻ ته مان
انهن عشق وارن جي اکين ۾ انوکي تجلي ڏسندو هوس. ۽
هنن جي دل ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ جيڪو بي انت قرب پيدا
ٿيو ٿي، تنهن کي ڄاتم ٿي. اهو دلين جي ميلاپ وارو
جشن پري کان ئي خود مون کي مسرور ڪري ڇڏيندو هو.
ڪيئن به هو، پر جيتري قدر ياد اٿم، زندگي هوريان هوريان، منهنجي
لاءِ ڏاڍي بي مزي ۽ ڪوڙي ٿيندي ويئي.اها ساڳئي ئي
محور جي چوگرد پئي ڦري. مون کي انهيءَ اوندهه ۾
جنهن منهنجي اکين اڳيان انڌارو ڪري ڇڏيو هو، ڪٿان
به ڪنهن روشنيءَ جي ڪرڻي جي اميد نظر نه ٿي آئي.
هڪڙي ڏينهن سپاهين جي واتان هڪڙي ڳالهه ٻڌيم، جنهن مون کي ڏاڍو
متاثر ڪيو. هڪڙو فضيلت وارو پرديسي ڪٽر ماسٽر هو،
جو شهر جي هڪڙي وڏي درزيءَ وٽ ڪٽائيءَ جو ڪم ڪندو
هو. اُن جي شادي هڪڙيءَ نازل عورت سان ٿيل هئي،
جنهن کي اڃا ٻار ڪين ڄائو هو. اها عورت سڄو ڏينهن
ڪتابن پڙهڻ ۾ گذاريندي هئي. ٻيئي زال مڙس انهيءَ
اڱڻ جي ويجهو، جتي پاڙي وارن شرابين جو هل هنگامو
لڳو پيو هوندو هو، الڳ ٿلڳ زندگي گذاريندا هئا.
انهن وٽ نه ڪو ملڻ وارو ايندو هو، نه ئي هو ڪڏهن
ٻاهر نڪرندا هئا. البت موڪل وارن ڏينهن تي ٿئيٽر
ڏسڻ لاءِ، هو گڏجي ٻاهر ويندا هئا.
مڙس رات تائين ڪم ۾ رڌل رهندو هو. زال جيڪا اڃا ننڍي لڳندي هئي،
هفتي ۾ ٻه ڀيرا لئبريريءَ ڏانهن ويندي هئي. مان هن
کي ڏسندو رهندو هوس. ڪتاب شاگردن وانگر هٿ ۾
جهليو، اهڙي ريت هلندي ويندي هئي، ڄڻ ته ٿورو لَڱُ
هوس. هن جي ننڍن هٿن تي دستانا چڙهيل هوندا هئا ۽
هوءَ شڪل ۽ صورت ۾ سٻاجهي، ٺاهوڪي، صاف ۽ سٿري ڏسڻ
۾ ايندي هئي. هن جو منهن پکين جهڙو مٺڙو ۽ اکيون
گهائيندڙ هيون. هن جي شڪل اهڙي سهڻي هئي، جو هوءَ
چينيءَ جي گڏي لڳندي هئي. سپاهي چوندا هئا ته هن
جون پاسريون گهٽ آهن، تنهنڪري منڊڪائي ٿي هلي، پر
هن جو هلڻ مون کي پسند هو ۽ منهنجي نظر ۾ هن جي
عزت محلي جي سڀني عورتن، آفيسرن جي زالن ۽ ٻين کان
مٿڀري هئي. اهي عورتون پنهنجي ناز ڀرئي ڳالهائڻ،
سهڻين پوشاڪن ۽ نخري ناٽ جي باوجود پاروٿيون ۽
اهڙين خسيس شين وانگر لڳنديون هيون، جي ڪٻٽ ۾ رکجي
رکجي، ڪافي عرصي کان فراموش ٿي ويون هجن.
محلي جا ماڻهو انهيءَ ڪٽر ماسٽر جي زال کي اڌ مغز ڪري ليکيندا
هئا. انهن جو چوڻ هو ته ڪتابن هن جو مٿو ڦيري
ڇڏيو هو ۽ هن کي اهڙيءَ منزل تي پهچايو هو، جو گهر
جو ڪم ته ڇڏيو پر مڙس جي چوڻ تي مارڪيٽ مان سودو
وٺڻ به نه ويندي هئي، نه ئي گهر جي نوڪرياڻيءَ کي،
جيڪا ڪنهن ڌارئين ملڪ جي عورت هئي ۽ سندن گهر جي
سنڀال ۽ رڌ پچاءُ ڪندي هئي، ڪنهن قسم جي ڪا هدايت
ئي ڏيندي هئي. سندن نوڪرياڻيءَ جي هڪ اک گل هئي ۽
ٻي سدا ڳاڙهي هوندي هئي ۽ ان مان به پاڻي پيو
وهندو هوس. محلي جي ماڻهن جي خيال موجب نوڪرياڻيءَ
جي عقل جا به پنهنجي مالڪياڻيءَ وانگر حال بڇڙا
هئا. هن کي ٻيو ته ڇڏيو، پر پورو بصرن جو داڳ ڪرڻ
به نه ايندو هو ۽ ڪيڏي نه عجب جي ڳالهه هئي، جو
هڪڙي ڀيري موريءَ کي گجرون سمجهي کڻي رڌيون
هئائين!
اُهي ٽيئي اُنهيءَ گندي ماحول جي لائق ئي نه هئا ۽ ائين لڳندو
هو، ڄڻ ڀل کان ڪنهن هنن تترن کي ڪڪڙن سان گڏ واڙي
ڇڏيو هو. انهن کي ڏسي، مون کي ابابيل پکي ياد اچي
ويندو هو، جو گرميءَ جي تلاش ۾ روشن دان مان اندر
هليو آيو هو ۽ پاڻ کي ماڻهن جي گندي ۽ دم گهٽيندڙ
ڪوٺيءَ ۾ ڦاٿل ڏٺو هئائين ۽ اُتي ٻاهر نڪرڻ لاءِ
ڀڙڪا ڏيئي ڏيئي، چوڌاري ڀتين سان لڳي لڳي، مري ويو
هو.
انهيءَ کان پوءِ اردلين جي واتان هڪڙيءَ گنديءَ ۽ بي حيائيءَ
واريءَ شرارت جو پتو پيم، جا آفيسر انهيءَ ڪٽر
ماسٽر جي زال سان ڪري رهيا هئا. هر روز هنن مان ڪو
هن ڏانهن خط لکندو هو جنهن ۾ محبت جا قسم، هن جي
سونهن جي واکاڻ ۽ پنهنجي فرضي ڏکن سورن جو ذڪر
هوندو هو. هن وٽان هر هڪ خط جي جواب ۾ هنن کي اها
گذارش هوندي هئي ته هن کي آرام سان رهڻ ڏين، ۽ هنن
کي جي ڪا تڪليف پهتل هئي ته ان لاءِ کيس معافي
ڏين، ۽ پڇاڙيءَ ۾ هنن جي ڏکن سورن لاءِ ڌڻيءَ کان
رحم جي طلب ڪيل هوندي هئي. جنهن کي خط ملندو هو،
اهو خط باقي ٻين سڀني کي پڙهي ٻڌائيندو هو. پوءِ
وري ٻيو هڪڙو محبت نامو تيار ڪري، ٻيءَ صحيح سان
هن ڏانهن روانو ڪيو ويندو هو.
جڏهن اردليءَ اها ڳالهه پئي ڪئي، ته ٻين ٽهڪ پئي ڏنا ۽ اُن عورت
تي ٺٺوليون پئي ڪيون. ”اها ڪٻڙي عقل جي انڌي آهي.“
ارموخن ٽيڪ ڏنو. ۽ سدوروف سر هلائيندي چيو. ”ڪجهه
به هجي، عورت کي ڌوڪو کائڻ ۾ مزو ايندو آهي. هن کي
پتو هوندو آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي.“
مان نه ٿو سمجهان ته ڪٽر ماسٽر جي زال کي اهو پتو هو ته ڪو هن
کي بيوقوف بنايو پئي ويو. تنهن ڪري مون هن کي آگاه
ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اُن خيال کان هڪ ڏينهن مان
اوستائين انتظارڪندو رهيس، جيستائين هن جي
بورچياڻي هيٺ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ هلي ويئي. پوءِ مان
اونداهيءَ ڏاڪڻ تان چڙهي، بورچيخاني ڏانهن هليو
ويس، جتي ڪٽر جي زال ميز تي ويٺي هئي. هن جي هٿ ۾
هڪڙو گلٽ جو وڏو پيالو هو ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪتاب هو. مون
کي ڏسي هن جون متيون منجهي ويون. ڪتاب پنهنجي
ڇاتيءَ سان لڳائي، رڙ ڪري، چيائين ته ”ڪير آهي؟
تون ڪير آهين؟“
منجهيل ۽ ٽٽل ڦٽل لفظن ۾ مون هن کي پنهنجي اتي اچڻ جو مقصد
ٻڌايو ۽ هر وقت هن جي ڪتاب ڏانهن نهاريندو رهيم،
جو سمجهيم پئي ته ڪنهن به وقت هوءَ اُهو ڪتاب
اڇلائي مون کي هڻندي ۽ اهو منهنجي مٿي تي اچي
ٺڪاءُ ڪندو. هن کي هلڪو آسماني چوغو پهريل هو،
جنهن کي هيٺان جهالر ۽ ڳچيءَ ۽ ٻانهن وٽ زري لڳل
هئي. هوءَ ميٽائين رنگ جي ڪرسيءَ تي ويٺي هئي ۽ هن
جا گهنڊيدار وار هن جي ڪنڌ تي پئجي رهيا هئا. مون
کي هوءَ جنت جي فرشتي وانگر ٿي لڳي. هوءَ ڪرسيءَ
تي ٽيڪ ڏيئي ويهڻ کانپوءِ مون ڏانهن خار ڀريل اکين
سان گهورڻ لڳي، جي پوءِ خوشيءَ ڀريءَ حيرت ۾ چمڪڻ
لڳيون.
منهنجي همت مون کي جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ مان ڀڄڻ لاءِ در ڏانهن منهن
ڪيو پر هن مون کي ترسايو – ”ٿوري گهڙي بيهه.“
پيالو ساسر تي ۽ ڪتاب ميز تي رکي، زور سان چيائين، ”تون ته
مزيدار ڇوڪرو آهين؟ هيڏانهن آءُ.“
مان لڄ محسوس ڪندو، هن وٽ وڃي پهتس. هن منهنجو هٿ ورتو ۽ پنهنجن
نازڪ آڱرين سان ان کي ٿڦڪي هڻندي، چيائين، ”توکي
پڪ آهي...! ڇا، توکي ڪنهن به پَٽي پڙهائي ته نه
موڪليو آهي...؟ نه؟ ڏاڍو چڱو. اهو تنهنجو پنهنجو
خيال آهي!“
منهنجو هٿ ڇڏيندي، دم کڻندي، چيائين، ”سو سپاهي منهنجي بابت اهي
ڳالهيون ٿا ڪن.“
”هتان هلي وڃ!“ مون عرض ڪيس.
”ڇو؟“
”اهي توکي ڌوڪو ڏيندا.“
اُنهيءَ تي هن کان خوشيءَ ڀريو ٽهڪ نڪري ويو. ”پڙهندو آهين؟ ڇا،
توکي ڪتاب پسند آهن؟“ هن مون کان پڇيو.
”مون کي اُنهن لاءِ وقت ئي ڪونهي.“
”جيڪڏهن توکي شوق هجيئي ها، ته وقت پاڻهي پيدا ڪري وجهين ها،
چڱو، تنهنجي مهرباني!“ ۽ هن پنهنجي آڱوٺي ۽ ڏسڻي
آڱر جي وچ ۾ ٻن گريون جو سڪو جهلي، مون ڏانهن
وڌايو. مون ان سرد سڪي کي مٿينءَ دل سان ورتو،
ڇاڪاڻ ته انڪار ڪرڻ جي همت ئي نه پئي ٿيم، پر
موٽندي، ان کي ڪٽهڙيءَ جي پائي تي رکي ڇڏيم.
مان انهيءَ عورت وٽان نوان ۽ اوچا امنگ کڻي آيس. مان پاڻ کي
نئين دور جي پرڀات ۾ محسوس ڪرڻ لڳس. ڪيترن ڏينهن
تائين منهنجو دماغ انهيءَ ڪٽر ماسٽر جي زال جي
تصور سان روشن رهيو، جيڪا پنهنجي ڪشادي ڪمري ۾
فرشتن وانگر هلڪي بلو رنگ جي پوشاڪ پهريو ويٺي
هئي. هن جي هر هڪ شيءِ ۾ هڪڙي اوپري دلڪشي هئي.
مون کي هن جي پيرن هيٺان پيل هلڪي سونهري رنگ جي
رگ ياد اچي رهي هئي. سياري جي هلڪي روشني، جيڪا
پاري پيل چانديءَ جهڙن شيشن مان اندر اچي رهي هئي،
ڄڻ هن جي جسم مان گرمي حاصل ڪري رهي هئي. منهنجي
دل ۾ هن کي وري ڏسڻ جي خواهش هر هر اڀرڻ لڳي. سوچي
سوچي، فيصلوڪيم ته ڪتاب گهرڻ جو بهانو ڪري وٽس
وڃان.
مون انهيءَ بهاني کي عملي روپ ڏنو. وري به مون هن کي ساڳئي ڪمري
۾ ڏٺو. هن جي هٿ ۾ ڪتاب هو، پر هن جي منهن تي
ڳاڙهو رومال ٻڌل هو ۽ هن جون اکيون سڄيل هيون. هن
مون کي ڪاري جلد وارو ڪتاب ڏيندي، ڪجهه چيو، پر هن
جا منجهيل لفظ منهنجي سمجهه ۾ نه آيا. هن وٽان
جڏهن ڪتاب وٺي هلڻ لڳس، تڏهن منهنجي دل اداس ٿي
ويئي. مون کي الائي ڇو، اُن ڪتاب مان ڏامر ۽ مٺيءَ
ڪاٺيءَ جهڙي بوءِ پئي آئي. مون اُنهيءَ ڪتاب کي
پهرائين پنن ۾ ويڙهي، پوءِ هڪڙيءَ نئينءَ ڌوتل
قميص ۾ وجهي، پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو. ڀؤ پئي
ٿيم ته متان منهنجي مالڪن جي ور چڙهي وڃي، ۽ ان کي
ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏين.
منهنجا مالڪ ”نيوا“ نالي رسالو گهرائيندا هئا، ڇاڪاڻ ته ان ۾
تصويرون ۽ انعامي آڇون هونديون هيون، پر پڙهندا
اهو ڪڏهن به نه هئا. تصويرن کي ڏسڻ کانپوءِ رسالي
جون ڪاپيون سمهڻ واري ڪمري جي ڪٻٽ ۾ جمع ڪندا
ويندا هئا ۽ سال گذرڻ کانپوءِ جلد ٻڌرائي پلنگ جي
هيٺان سانڍي ڇڏيندا هئا. اتي اول ئي هڪ ٻئي ”مصور“
نالي رسالي جا ٽي پڪا جلد پيل هوندا هئا. مان جڏهن
ڪمري کي ڌوئيندو هوس، ته گندو پاڻي انهن کي پسائي
ڇڏيندو هو. مالڪ ”رشين ڪوريئر“ نالي هڪڙي اخبار به
گهرائيندو هو. شام جو ان کي پڙهڻ کانپوءِ ڀڻ ڀڻ
ڪري چوندو هو، ”خدا ڄاڻي، اهڙو گند ڇا جي لاءِ ٿا
ڇپين!“
هڪڙي ڇنڇر جي ڏينهن ڪمري جي ڪم کان پالهي ٿيڻ کان پوءِ، ڪتاب
ٻاهر ڪڍيم، انهيءَ جون پهريون سٽون هيون – ”گهر به
ماڻهن وانگر آهن، هر گهر کي پنهنجي شڪل ۽ صورت
ٿيندي آهي.“ مون کي انهيءَ حقيقت حيرت ۾ وجهي ڇڏيو
۽ مان ميز ۽ دريءَ جي ويجهو بيهي، ڪتاب پڙهڻ لڳس،
تان جو ڏاڍي ٿڌ وٺي ويئي. شام جي وقت جڏهن گهر جا
سڀ ڀاتي چرچ ڏانهن هليا ويا، تڏهن مان ڪتاب کولي،
ان جا کٿل پنا، جن جو رنگ سرءُ جي زرد پنن وانگر
هو، اٿلائي اٿلائي پڙهڻ لڳس،. مان اهڙيءَ دنيا ۾
وڃي پهتس، جنهن جو ماحول ته ڇڏيو، پر ان جي ماڻهن
جا نالا به نوان هئا. مطلب ته جن ماڻهن سان مان
زندگي گذاريندو هوس، انهن کان اُهي بالڪل مختلف
هئا.
انهيءَ ڪتاب جي ليکڪ جو نالو ”ڊي مانٽيپن“ هو. ڪتاب جي ڪردارن
جي زندگي عجيب غريب ڏيکاريل هئي. ان ۾ هرڪا ڳالهه
صاف ۽ سنئين نموني بيان ڪيل هئي. ڄڻ ته نيڪ ۽ بد
کي اهڙيءَ روشنيءَ ۾ چٽو ڪري ڏيکاريو ويو هو، جيڪا
انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ ٻرندڙ ليڪ جيان اندر چمڪي
رهي هئي. ان جي ڳالهين ۾ جذبن کي اڀارڻ جو اثر
رکيل هو ۽ پڙهندڙ ان جي ڪردارن جي قسمت ۽ حال
احوال جي چڪر ۾ گم ٿي پئي ويو. پڙهندي پڙهندي مون
کي جوش وٺي پئي ويو ته انهن مان فلاڻي جي مدد
ڪريان ۽ فلاڻي جو مقابلو ڪريان ۽ اها ڳالهه بلڪل
وسري پئي ويم ته اهي واقعا، جي منهنجي اڳيان پيش
ٿي رهيا هئا، تن جي حقيقت صرف انهيءَ ڪتاب تائين
محدود هئي. ڳالهين جي انهن دل تاڙيندڙ بيانن کي
پڙهندي ۽ انهن جي ڀڃ گهڙ ۾ منهنجا ٻيا سڀ خيال محو
ٿِي ٿي ويا. ان جي هڪڙي صفحي جي پڙهڻ سان خوشيءَ ۾
ڀرجي ٿي ويس ۽ ٻئي صفحي جي پڙهڻ کان پوءِ دل اداس
۽ مغموم ٿي پئي ويئي.
مان ڪتاب پڙهندو ۽ پڙهندو رهيس، تان جو دروازي جي گهنٽي وڳي.
مون کي هڪدم پتو پئجي ويو ته دروازي جي گهنٽي ڪير
وڄائي رهيو هو، جيئن ته ان وچ ۾ موم بتي هوريان
هوريان سموري ڳري چڪي هئي ۽ ميڻ قنديل تي، جنهن کي
مون انهيءَ ڏينهن صبح جو صاف ڪيو هو، چوڌاري پکڙجي
ويو هو. پنهنجي ڏوهه جي واردات کي مٽائڻ لاءِ مان
بورچيخاني ۾ ڊڪڻ لڳس. ڪتاب کي تنور ۾ لڪائي مان
بتيءَ کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ لڳي ويس. ايتري ۾ دائي ڊڪندي
آئي – ”ٻوڙو آهين ڇا؟ هو دروازو کڙڪائي رهيا آهن!“
مون در کولڻ لاءِ تڪڙي ڊڪ پاتي.
”ستو پيو هئين ڇا؟“ مالڪ شوخيءَ مان پڇيو.
ڏاڪڻ تي چڙهڻ ويل هوريان وک وجهندي، جوڻس چرڪاٽ ڪيو – ”مون کي
ٻاهر هوا ۾ بيٺي ٿڌ لڳي ويئي آهي.“ ٻـُڍيءَ خوب
ڇهه ڇنڊيا. هن جي اک جهٽ پٽ وڃي ڳريل موم بتيءَ تي
پيئي. پوءِ ته پڇائون شروع ڪري ڏنائين – ”هي ڇا
آهي؟ هو ڇا ڪري رهيو هئين؟ بتي ڇو ٻاري هيئي؟“
منهنجون هيٺيون هيٺ مٿيون مٿي هيون. اچي ڏڪڻيءَ ورايم ته متان
ڪتاب جو پتو پئجي وڃين.
”اڙي هن ڇوري مان ته گهر کي باهه لڳڻ جو خطرو آهي.“ ٻـُڍيءَ
واڪو ڪيو.
وري جڏهن مالڪ ۽ هن جي جوءِ ماني کائڻ ويٺا، ته ٻيهر ڳالهه جو
کنڌو پٽيائين – ”ڏسو ته ڪيئن نه سڄي موم بتي ڳري
ويئي آهي! ضرور هيءُ ڇورو ڪنهن ڏينهن گهر کي باهه
لڳائيندو.“
پوءِ ته مون کي چئني طرفن کان زباني وٺ وٺان شروع ٿي ويئي.
منهنجن سڀني دانسته يا نادانسته ٿيل غلطين جو ذڪر
ڪيو ويو ۽ نيٺ منهنجي قسمت ۾لکيل تباهيءَ جي
پيشنگوئي ڪئي ويئي. مون کي ڳالهه جي پوري خبر هئي
ته هو نه ڪنهن بغض کان نه ڪنهن ڀلي خاطر مون تي
اها وٺ وٺان ڪري رهيا هئا، پر صرف پنهنجي بيزاريءَ
جا بخار ڪڍي رهيا هئا. مون کي هنن جي اجائيءَ ۽
چرين جهڙيءَ هلت کي ڪتاب ۾ پڙهيل پنهنجي ادبي
سورمن جي هلت سان ڀيٽ ڪرڻ ۾ مزو لڳندو هو.
کاڌي کائڻ کانپوءِ هو ڍرا ٿي ويا ۽ هوريان ٻرانگهون پائيندا وڃي
بسترن ۾ داخل ٿيا. خدا کي پنهنجي ڪڪ ڪندڙ مخفي
احوال ٻڌائڻ کانپوءِ، ٻڍي به تنور جي ڀر ۾ ماٺ ڪري
پئجي رهي. پوءِ مان اٿي، ڪتاب کي لڪل هنڌان ڪڍي،
دريءَ وٽ کڻي ويس. اها چانڊوڪي رات هئي، پر انهيءَ
هوندي به ايتري روشني ڪا نه هئي، جو اهي سنها اکر
پڙهي سگهجن. هوڏانهن مون کي ڪتاب کي اڳتي پڙهڻ جي
آنڌ مانڌ لڳي پيئي هئي، تنهن ڪري ڇا ڪيم جو پتل جي
نئين پالش ڪيل تئي کڻي، اهڙيءَ ريت رکيم، جو چنڊ
جي روشنيءَ جو شعاع اچي ڪتاب تي پئي پيو. پوءِ
حضرت عيسيٰ جي مجسمي واري ڪنڊ ۾ پيل بينچ تي بيهي
مجسمي واريءَ بتيءَ جي جهڪيءَ روشنيءَ ۾ پڙهڻ شروع
ڪيم. ٿڪ سببان اوچتو پنڪي اچي ويم ۽ بينچ تي اچي
ڌڙام ڪيم. پوڙهيءَ جي لُڙ ۽ لتن اچي مون کي
اٿاريو. منهنجي ڪلهن تي ڪتاب سان سٽڪو لائي
ڏنائين. هوءَ پيرين اگهاڙي هئي ۽ جسم تي رات جي
چوغي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به پهريل ڪين هوس. هن جو
منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ هن جومٿو پئي
ڏڪيو. مون کي انهيءَ اوني اچي ورايو ته ڪتاب هن جي
هٿ اچي ويو هو ۽ هوءَ اجهو ٿي پرزا پرزا ڪري
اڇلائيس.
نيرن وقت منهنجي آڏي پڇا شروع ٿي. مالڪ شوخيءَ مان پڇيو، ”تو
اهو ڪتاب ڪٿان آندو؟“
عورتن کي ته بس ئي نه پئي آئي. وڪٽر ڪتاب کي سـُنگهي، کڻي ٻوٿ
بڇڙو ڪيو. ”اڙي هن ۾ ڇاجي بوءِ آهي؟“
جڏهن ٻڌائون ته اهو ڪتاب پادريءَ جو آهي، تڏهن وري ڪتاب کي ڏسڻ
لڳا ۽ انهيءَ ڳالهه هنن کي حيرت ۾وجهي ڇڏيو ته ڪو
پادري به ناول پڙهندا آهن. البت هو انهيءَ تي ٿڌا
ٿيا. تڏهن به منهنجي مالڪ، جي ڪتاب پڙهڻ ۾ خطرا ۽
نقصان ٿين ٿا، انهيءَ تي هڪ وڏي تقرير ڪئي –
”ڪتابن جا پڙهندڙ ريلن جا ڊاڪو ۽ خوني ٿيندا آهن.“
ڪاوڙ ڀرئي لهجي ۾ هن جي زال وچ ۾ چيو، ”ڇتو آهين ڇا؟ اهڙيون
ڳالهيون ٿو دماغ ۾ وجهينس!“
مان اهو ڪتاب سدوروف وٽ کڻي ويس ۽ پنهنجي سموري ڪهاڻي ٻڌائي
مانس. هن ڪتاب وٺي، ٽوال ۾ ويڙهي، پيتيءَ ۾ سانڍي
رکيو. ”هنن جي ڳالهين ڏانهن ڪو به ڌيان نه
ڏجانءِ.“ هن چيو، ”هتي اچي پڙهندو ڪر. مان ڪنهن کي
به نه ٻڌائيندس ۽ مان جي هتي نه هجان، ته پيتيءَ
جي ڪنجي مجسمي جي پٺيان پئي اٿيئي.“
ڪتاب پڙهڻ تي منهنجي مالڪن جي اختيار ڪيل روش جي ڪري مون کي
پنهنجي ڪتابن جي پڙهائيءَ کي بالڪل پوشيدو رکڻو
پيو.مون تي هنن جي انهن ڳالهين جو ڪو به اثر نه
ٿيو ته ڪتابن جا پڙهندڙ ريلن کي ڊاڪا هڻندڙ ۽ خوني
ٿيندا آهن، يا جن ۽ ڀوت ڪڪ ٿي، انهن تي حملا ڪندا
آهن، وغيره وغيره. انهيءَ بجاءِ ”قبوليت“ واري
ڏينهن پادريءَ جي منع ڪيل ڪتابن وارو سوال، ڪوٺيءَ
۾ پڙهندڙ ڇوڪريءَ وارو نظارو، سماوريءَ جو ”اصلوڪن
ڪتابن“ وارو تذڪرو ۽ ناني جون ڪافرن جي ڪفر وارن
ڪتابن جون ڳالهيون دل ۾ تري آيون. مون هن کي چوندي
ٻڌو هو، ”اليگزينڊر زار جي ڏينهن ۾ وڏن ماڻهن
ڪافرن جا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا هئا. هنن چاهيو پئي
ته روسي ماڻهن کي مذهب مان ئي ڪڍي ڇڏي، پر جنرل
آرچڪوف انهن کي سڳ سوڌو پڪڙي ورتو ۽ پوءِ هو ڪهڙي
به رتبي وارا هئا، ان کي نظر انداز ڪري، کين
سائبيريا موڪليو ويو هو، جتي هنن جو کنڌو ئي کڄي
ويو.“
ڪتاب پڙهندي مون کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ ته مون کي ڪنهن وڏي
راز جو پتو پوڻ وارو آهي، تنهن ڪري منهنجي حالت
ديوانن جهڙي ٿي ويئي.مون کي ڪتاب ختم ڪرڻ جو جوش ۽
سدوروف کان ڪتاب جي گم ٿي وڃڻ جي ڳڻتي لڳي رهندي
هئي. ”جي ڪتاب گم ٿي ويو ته ڪٽر ماسٽر جي زال کي
ڪهڙو جواب ڏيئي سگهندس؟“
پوڙهي مون تي ڪڙي نظر رکڻ لڳي، جيئن مان اردليءَ جي ڪوٺيءَ
ڏانهن وڃي نه سگهان، ”ڪتابن جا ڪيڙا“ هوءَ هميشه
کنڌڪ هڻي چوندي هئي، ”ڪتاب بڇڙائي سيکارين ٿا.
ٿورو هـُن ڪتاب چٽيندڙ رن کي ڏس. بازار مان رڳو
سودي وٺڻ کان به وئي آهي. باقي آفيسرن سان ترڪتال
ڪرڻ خوب ٿي ڄاڻي. مون کي پتو آهي ته هن وٽ آفيسرن
جي سڄو ڏينهن اچ وڃ لڳي ٿي رهي.“
چاهيندو هوس ته واڪو ڪري چوانس ته ”اهو ڪوڙ آهي. هوءَ ائين نه
ڪندي آهي!“ پر ان بيگناهه زال جي بچاءَ ڪرڻ جي همت
ئي نه ٿيندي هيم، انهيءَ لاءِ ته متان پوڙهي سمجهي
وڃي ته ڪتاب انهيءَ جو هو.
ڪجهه ڏينهن ته منهنجا ڏاڍيءَ مصيبت ۾ گذريا. هر وقت اهو اونو
هوندو هوم ته ڪتاب کي ڪجهه ٿي نه پوي. انهيءَ ڪري
منهنجي اکين جي ننڊ ئي حرام ٿي ويئي. پوءِ هڪڙي
ڏينهن ڪٽر جي گهر جي بورچياڻيءَ اڱڻ ۾ بيهاري چيو،
”ڪتاب موٽائي ڏيئي وڃ.“
هڪڙي ڏينهن منجهند جي مانيءَ کانپوءِ جڏهن منهنجا مالڪ سمهي
پيا، تڏهن مايوس ۽ مـُنڌل منهن سان ڪٽر جي زال وٽ
وڃي حاضر ٿيس. هوءَ اهڙي ئي ڏسڻ ۾ آئي جهڙو مون
کيس پهرئينءَ ملاقات ڀيري ڏٺو هو. فرق رڳو هيءُ هو
ته هينئر ڪپڙا ٻيا پهريل هئس. هن کي نيريءَ چوليءَ
جي مٿان ڪارو جئڪيٽ پيل هو ۽ هڪڙو سهڻو صليب هن جي
ڇاتيءَ جي مٿان لڙڪي رهيو هو. هوءَ مون کي بدڪ
وانگر ٿي لڳي. مون جڏهن هن کي ٻڌايو ته مون کي
ايتري واندڪائي ئي نه ملي، جو ڪتاب پورو ڪري سگهان
۽ مون کي ڪتاب پڙهڻ کان منع ڪئي ويئي هئي، ته
منهنجي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. اهي ڳوڙها ٻن سببن
جي ڪري وهي آيا هئا. هڪڙو پنهنجي بيوسيءَ ڪري ۽
ٻيو ان عورت جي ديدار جي مسرت ڪري.
”چه چه! ڪهڙا نه جاهل ماڻهو آهن!“ پنهنجي وڻندڙ ڀِرن ۾ گهنج
وجهندي، چيائين. تنهنجو مالڪ ته منهن مهانڊي مان
چڱو لڳندو آهي! تون ڪا به ڳڻتي نه ڪر. مان هن
ڏانهن خط لکي موڪلينديس.“
”نه نه، خط نه لکجانءِ!“ مون ايلاز ڪندي، چيس، ”هو تو تي کلندا
۽ ٺٺوليون ڪندا. تون سمجهين نٿين ته هتان جا سڀ
ماڻهو تنهنجي برخلاف آهن؟ اهي سڀ تو تي خندو ڪندا
آهن ۽ توکي بيوقوف ڪوٺيندا آهن ۽ چوندا آهن ته
تنهنجون ڪجهه پاسريون کٽل آهن.“
جڏهن اهي اکر منهنجي واتان نڪري ويا، تڏهن مون محسوس ڪيو ته مون
کان زيادتي ٿي ويئي هئي ۽ هن کي لڄي ڪندڙ لفظ
منهنجي واتان نڪري ويا هئا. پنهنجي هيٺئين چپ ۾ چڪ
وجهي، پنهنجا هٿ کڻي چيلهه تي رکيائين. منهنجو ڪنڌ
شرم کان هيٺ ٿي ويو ۽ چاهيم پئي ته جيڪو زمين جاءِ
ڏئي ته ان ۾ هليو وڃان، پر هوءَ پاڻ کي آرام
ڪرسيءَ ۾ ڦٽو ڪري، ٽهڪن پٺيان ٽهڪ ڏيڻ لڳي- ”ڪيڏا
نه جاهل آهن! ڪيڏا نه جاهل آهن!،
پوءِ پنهنجون اکيون منهنجي اکين ۾ وجهندي، ٿڌو ساهه کڻي، چوڻ
لڳي، ”پوءِ ڀلا ڇا ڪريون؟ تون ڏاڍو عجيب ڇوڪرو
آهين.“ مون هن جي ڀرسان جيڪو آئينو رکيو هو، ان ۾
پاڻ کي جاچڻ لاءِ اک ٽيٽ ڪري ڏٺو. ڏٺم ته ڳٽن جا
هڏا ٻاهر نڪتل، نڪ منو، ڀرون جي مٿان نشان ۽ وار،
جن کي ڪٽڻ جي ضرورت هئي، جاڏي ڪاڏي کنڊريل هئا.
اِهو هو، هن جو ”عجيب ڇوڪرو.“ ۽ انهيءَ عجيب ڇوڪري
جي انهيءَ چينيءَ جي گڏيءَ سان ڪا به مشابهت ڪا
نه هئي.
”توکي، جي مون ڪوپيڪ ڏنا، اهي ڇو نه کڻي وئين؟“
”مون نٿي چاهيو.“
هن ٿڌو ساهه ڀريو – ”پوءِ ڀلا ڇا ڪريون؟ جڏهن به توکي ڪتابن
پڙهڻ جي اجازت ملي ته هيڏانهن هليو اچجانءِ. مان
توکي پڙهڻ لاءِ ڪتاب ڏيندس.“
گهوڙيءَ تي ٽي ڪتاب پيل هئا، جن ۾ مون وارو موٽايل ڪتاب سڀني
کان ٿلهو هو. مون ان ڏانهن ڏک ڀرين اکين سان
نهاريو. ڪٽر جي زال پنهنجو گلاب جهڙو نازڪ هٿ مون
ڏانهن وڌايو- ”چڱو، الوداع!“
مون ڍر ڪندي هن جي هٿ سان هٿ ملايو ۽ ٻاهر ڀڄي آيس- چئبو اها
ڳالهه سچي آهي، جو هو چون ٿا ته هن کي ڪجهه پتو ئي
ڪونهي- عجب آهي، جو ٻن گريون کي ڪوپيڪ ٿي ڪوٺي!
هوءَ بنهه ٻار آهي!
پر مون کي سندس اها ڳالهه به وڻي ۽ بنهه دل ۾ چـُڀي ويئي. |