سنڌ مسلم
ليگ
آل انڊيا
مسلم ليگ جي پسمنظر بيان ڪرڻ کان پوءِ
ضروري آهي ته سنڌ مسلم ليگ جو پسمنظر پڻ
بيان ڪجي.
پس منظر:
سنڌ مسلم
ليگ جي شاخ 3 نومبر 1917ع ۾ قائم ڪئي
ويئي. ان جو پهريون اجلاس تاريخ 11 نومبر
1917ع ۾ سيد اسدالله شاهه جي صدارت هيٺ
منعقد ٿيو، جنهن ۾ صرف تعليم يافته ماڻهو
شريڪ ٿيا هئا. - - - -- - (1)
سال 1919ع ۾
سنڌ مسلم ليگ جو ٻيو اجلاس سيد اسدالله
شاهه جي صدارت هيٺ سکر ۾ منعقد ٿيو. هن
اجلاس ۾ پهريون ڀيرو انگريزن جي پاليسين
جي مذمت ڪئي ويئي، اهڙيءَ طرح سنڌ مسلم
ليگ آل انڊيا مسلم ليگ جي پهرين شاخ هئي،
جنهن آل انڊيا مسلم ليگ جي پاليسيءَ کي
نظرانداز ڪري انگريز سرڪار جي مذمت ڪئي.
1919ع ۾
ڪانگريس تان استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ
قائداعظم کي مسلم ليگ جو صدر بڻايو ويو ته
سنڌ جي مسلمانن هن تنظيم ۾ وڏي دلچسپي
ورتي. محمد علي جناح جنهن جو تعلق سنڌ سان
هو. سال 1920ع ۾ مسلم ليگ جي ٻيهر تنظيم
ڪئي. اهڙيءَ طرح فيبروري 1920ع ۾ سنڌ مسلم
ليگ تي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي ڪائونسل
جو ميمبر ڪري کنيو ويو.
1920ع کان
1922ع تائين ڪانگريس جي عدم تعاون جي
تحريڪ ۽ مسلمانن جي خلافت ۽ هجرت تحريڪن
جي ڪري مسلم ليگ فعال ڪردار ادا نه ڪري
سگهي، پر جڏهن 1924ع ۾ ترڪيءَ ۾ انقلاب
آيو ۽ ڪمال اتاترڪ ترڪيءَ جو سربراهه ٿيو،
تڏهن خلافت کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
هن اعلان سان هندستان اندر هلندڙ خلافت
تحريڪ ختم ٿي ويئي ۽ مسلمان وري ٻيهر مسلم
ليگ ڏانهن متوجهه ٿيا.
تاريخ 10
فيبروري 1924ع تي ڊاڪٽر عبدالمجيد سابق
سيڪريٽري سنڌ مسلم ليگ جي دعوت تي سنڌ
مسلم ليگ جي ڪوٺايل جلسي ۾ اٽڪل 40 جدا
جدا خيالن جا مسلمان گڏ ٿيا. جلسو ڊاڪٽر
شيخ نور محمد جي صدارت هيٺ ٿيو. مسٽر محمد
جان مسلم ليگ جي اڳئين ڪم جو ذڪر ڪيو ۽
شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين مسلم ليگ کي
ٻيهر زندهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
جلسي ۾ شيخ
عبدالمجيد سنڌي هيٺيان ٺهراءَ پيش ڪيا:
1- ٺهراءُ
پاس ڪيو ويو ته مسلم ليگ کي وري زندهه ڪيو
وڃي.
2- سنڌ ۾
مسلم ليگ جو پروگرام ڏنو وڃي.
3- جداگانه
چونڊن لاءِ سنڌ جي مسلمانن جا رايا گڏ
ڪرڻ.
4- نوڪرين،
مقامي جماعتن ۽ ڪائونسلن ۾ مسلمانن جي حقن
بابت فيصلو ڪرڻ.
5- سنڌ کي
بمبئي صوبي کان جدا ڪرڻ، زبان جي اصول تي
جدا صوبائي حڪومت بنائڻ لاءِ فيصلو ڪرڻ.
6- هندستان
جي حڪومت ۾ جيڪي آئينده سڌارا ٿيڻا آهن،
تن بابت سنڌ جي مسلمانن جا رايا معلوم
ڪرڻ.
7- هارين ۽
ٻين مسلمانن جي اقتصادي حالت سڌارڻ.
8- ٻيو ڪو
ضروري ڪم ڪرڻ - - - - - (1)
هن اجلاس ۾
سنڌ مسلم ليگ جا نوان عهديدار چونڊيا ويا.
شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي صوبائي ڪاميٽيءَ
تي ميمبر طور کنيو ويو.
1920ع کان
پوءِ جيڪي به آل انڊيا مسلم ليگ جا اجلاس
هندستان جي مختلف هنڌن تي منعقد ٿيا، تن ۾
شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ حاجي عبدالله
هارون سنڌ جي نمائندن جي حيثيت سان شرڪت
ڪئي. خلافت ۽ هجرت تحريڪ کانپوءِ ”سنڌ جي
بمبئي کان عليحدگي“ واري تحريڪ هلي. سنڌ
جي جدائيءَ وارو مطالبو به آل انڊيا مسلم
ليگ جو مستقل مطالبو ٿي ويو (1) 1927ع کان
1930ع تائين مسلم ليگ يا آل انڊيا مسلم
پارٽين جا جيڪي اجلاس شملا، دهلي، ڪلڪته،
الهه آباد يا انڊيا جي مختلف شهرن ۾ منعقد
ٿيا، تن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي سنڌ جي
نمائندي جي حيثيت سان شرڪت ڪئي.
جيئن ته
اسان کي هتي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي مسلم
ليگ ۾ حصي تي ٻث ڪرڻو آهي، تنهنڪري آل
انڊيا مسلم ليگ ۽ سنڌ مسلم ليگ جي پسمنظر
ڏيڻ کان پوءِ هاڻ اسان شيخ صاحب جي مسلم
ليگ ۾ ان رول جو احوال ڏينداسين، جيڪو هن
مسلم ليگ جي اجلاسن ۾ شرڪت، مسلم ليگ لاءِ
پروپئگنڊا، مسلم ليگ کي سنڌ ۾ آڻڻ ۽ ان جي
پليٽ فارم تان پاڪستان جي لاءِ جدوجهد جي
سلسلي ۾ ادا ڪيو.
ڪراچي مسلم
ليگ ڪانفرنس ۾ الڳ وطن لاءِ ٺهراءُ.
تاريخ 8-9
آڪٽوبر 1938ع تي حاجي عبدالله هارون ڪراچي
۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس گهرايو.
تاريخ 11 آڪٽوبر 1983ع ۾ قائداعظم محمد
علي جناح جي صدارت هيٺ ڪانفرنس منعقد ٿي.
هن ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي تقرير
ڪندي چيو ته ”جيڪڏهن ڪانگريس مسلمانن جي
حقن لاءِ ڪجهه نه ڪيو ته پوءِ مسلمانن کي
سواءِ انهيءَ رستي جي ٻيو رستو نه آهي ته
پاڪستان جي منصوبي ڏانهن موٽ کائين؛ پوءِ
ڪراچي جي مسلمانن کي ڪير به روڪي نه
سگهندو ته هو پنهنجي خودمختياري حاصل ڪرڻ
لاءِ ڪلڪتي تائين مارچ ڪن. - - - - -(1)
ان کان اڳ
سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو پهريون اجلاس 8
آڪٽوبر تي شروع ٿيو. ڪانفرنس جي ڪارروائي
باقاعده هلائڻ لاءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي
صاحب صدر هو. شيخ عبدالمجيد صاحب رسمي طور
سنڌ مسلم ليگ پاران قائداعظم محمد علي
جناح جو اسم گرامي پيش ڪندي هڪ اهم تقرير
ڪئي. شيخ صاحب فرمايو ته:
هي اجلاس
مسلم ليگ جو آهي، آل انڊيا مسلم ليگ جو
روح روان، مسلمانن جي خوش قسمتي آهي جو
قائداعظم محمد علي جناح هن اجلاس ۾ موجود
آهي، انهيءَ حالت ۾ هن ڪانفرنس جو سهرو به
ان جي ئي سر تي سونهي ٿو. شيخ صاحب مسٽر
محمد علي جناح جي ڪارنامن جو ذڪر ڪندي چيو
ته انڊين نيشنل ڪانگريس جڏهن مسلمانن کي
نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ نيٺ نهرو جهڙي ذميوار
ليڊر هيءُ اعلان ڪيو ته هندستان جي قسمت
جي فيصلي لاءِ هندستان ۾ فقط ٻه طاقتون
آهن، هڪ انگريز ۽ ٻي انڊين نيشنل ڪانگريس،
انهيءَ وقت هندستان جي 9 ڪروڙ مسلمانن مان
مسٽر محمد علي جناح جي ئي شخصيت هئي، جنهن
کيس ٻڌايو ته انگريز خواهه انڊين نيشنل
ڪانگريس کي ياد رکڻ کپي ته هندستان ۾ ٽي
طاقتون موجود آهن. انهن کي ڪڏهن به
نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، تنهنڪري اهڙي
هستيءَ کان زياده لائق هن ڪانفرنس جي
صدارت لاءِ ٿي نٿو سگهي. شيخ عبدالمجيد
سنڌيءَ جي اها رٿ يڪراءِ منظور ٿي ۽
قائداعظم الله اڪبر جي فلڪ شگاف نعرن جي
گونج ۾ صدارت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو“ - -
(1)
پاڪستان جو
ٺهراءُ پيش ڪرڻ کان پوءِ تقرير:
ٺهراءُ (2)
پيش ڪرڻ کان پوءِ شيخ عبدالمجيد پنهنجي
تقرير ۾ چيو ته وزير پوري طرح قوم جا
خيرخواهه نه آهن ۽ انهن ڪو به ڀلائيءَ
وارو ڪم نه ڪيو آهي. هن وزيرن تي ملامت
واري تجويز جي تائيد ڪئي. شيخ صاحب وڌيڪ
چيو ته تجويز جي ٻين فقرن کي ڇڏي فقط
پهرئين فقري لاءِ عرض ڪرڻ گهران ٿو، جنهن
۾ واضح ڪيو ويو آهي ته موجوده وزارت تي
مسلمانن جو اعتماد ڪونه آهي، هيءَ تجويز
ظاهر آهي ته موجوده وزارت جي خلاف آهي.
مگر اصل ۾ انهيءَ جو خاص تعلق ڪانگريس سان
آهي، اهڙي ساڳي تجويز اوهان ڪالهه رات پاس
ڪري چُڪا آهيو، جنهن موجب اوهان ڪانگريس
جي اڄڪلهه جي مسلم دشمنيءَ کي ڪنڊيم ڪيو
آهي. ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ پنهنجي موجوده
پاليسيءَ کان ڪڏهن به باز نه ايندي.
ڪانگريس هندستان ۾ عام طرح ۽ سنڌ ۾ خاص
طرح جو ڪجهه ڪري رهي آهي، انهيءَ ڪري سنڌ
جي مسلمانن جو هميشه مٿن ڪو به اعتبار نه
رهيو آهي. مسلمان آزادي گهري ٿو ۽ آزاد
هندستان ۾ باعزت رهڻ چاهي ٿو، مگر ڪانگريس
فيصلو ڪيو آهي ته هو مسلمانن سان ڪو به
باعزت سمجهوتو نه ڪندي، انهيءَ مان ثابت
آهي ته هندستان جي آزاديءَ جي دشمن هاءِ
ڪمانڊ آهي.
گانڌي جي
1921ع ۾ هندستانين کي دلاسو ڏنو ته هڪ سال
اندر هندستان کي سوراج وٺي ڏيندس، ليڪن
ويهه سال گذري ويا، اڃا ٿو سوراج ملي، اڄ
به ڪانگريس جيڪڏهن نوَ ڪروڙ مسلمانن جي
اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح سان باعزت
سمجهوتو ڪري ته هڪ سال ۾ به نه پر ڇهن
مهينن اندر هندستان آزاديءَ جي نعمت حاصل
ڪري سگهي ٿو. مگر ڪانگريس هندستان ۾
انگريزن جي اقتدار جي خواهشمند آهي. هن جو
انگريزن جي بندوقن، توبن ۽ مشين گنن تي
ڀروسو آهي. هو ڪڏهن به نٿي چاهي ته
هندستان آزاد هجي، ڇاڪاڻ ته هوءَ مسلمانن
کان ڊڄي رهي آهي، انهيءَ ڪري هوءَ هر وقت
شرارتون ڪندي رهي ٿي. ڪانگريس وٽ هينئر ڪو
به اصول نه رهيو آهي. هينئر ٿورو وقت ٿيو
ته ڪانگريس اعلان ڪيو ته هو سنڌ جي موجوده
وزارت جي معمول ۾ ڪا به مداخلت ڪانه ڪندي،
پر جڏهن اڄ سڀ مسلمان ميمبر متفق ٿي ويا
آهن ۽ هو مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺان اچي
مسلم ليگ جي وزارت قائم ڪرڻ گهرن ٿا ته
تارن ۽ ٽيليفونن ذريعي گفت شنيد ٿي رهي
آهي. فقط انهيءَ لاءِ ته مسلمانن جو منتشر
شيرازو متحد نه ٿئي ۽ نه هو پنهنجو جائز
فائدو حاصل ڪن، مگر مون کي منهنجي خدا ۾
ايمان آهي ۽ پنهنجيءَ قوم ۾ ڀروسو آهي ته
هو هينئر چالاڪيءَ ۾ نه ايندي. سنڌ جا 30
لک مسلمان مون سان گڏ آهن، ڪانگريس ڇا؟
خان بهادر ڇا؟ هو سڀن جي درن کي ٽوڙي سگهن
ٿا ۽ وزارت جو خاتمو ڪري سگهن ٿا. مان وري
به پنهنجن مسلم وزيرن کي موقعو ٿو ڏيان ته
اڄ به هوش جي راهه ۾ اچن ۽ وقت جي نزاڪت
کي محسوس ڪندي مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺان
اچي ليگ جي پروگرام کي سامهون رکي پبلڪ جي
خدمت ڪن. اسان مسلمان وزيرن ۽ باقي ميمبرن
کي پاڻ سان ملائڻ گهرون ٿا. سر حاجي
عبدالله هارون يا ٻين صاحبن سان انهيءَ
ڳالهه ۾ متفق نه آهيان ته ڪو سنڌ جي
جدائيءَ ڪري مسلمانن کي نقصان سهڻو پوندو.
جي کڻي سهڻو پيو آهي ته اهو عارضي آهي ۽
انشاءَ الله جو فائدو ٿيندو سو مستقل آهي
۽ هينئر اهڙو وقت نه آهي ”جهڙو راجا تهڙي
پرجا“؛ پر هن وقت جهڙي پرجا اهڙو راجا
هوندو. هينئر سنڌ جا مسلمان بيدار آهن ۽
انشاءَ الله هو ميدان ۾ ڪاميابيءَ سان
اڳتي وڌندا رهندا.”- - - (1)
ڪانگريس کان
نفرت پيدا ڪرڻ ۽ مسلمانن جون همدرديون
حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڪانفرنس وڏو ڪردار ادا
ڪيو. مسلمانن لاءِ جدا قوم جو تصور ۽ الڳ
وطن قائم ڪرڻ لاءِ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ
طرفان پيش ڪيل قرارداد کي پاڪستان لاءِ
پيش ڪيل پهرين قرارداد مڃيو ويو آهي.
هن قرارداد
کي مدنظر رکي ٻين مسلم ليگ جي اجلاسن ۾
ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، سو بنيادي اصلي
قرارداد شيخ صاحب پاران پيش ڪيل ڪراچيءَ
جي قرارداد کي چئي سگهجي ٿو. مسلم ليگ جي
ڪنهن به اجلاس ۾ اهڙي جرئت ڪنهن به اڳواڻ
ڪو نه ڪئي، جهڙي دليريءَ سان شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ ڪانگريس کي دڙڪو ڏيئي
ڪئي.
ڪانفرنس جي
ختم ٿيڻ بعد سنڌ جي مسلمان اڳواڻن ۽
اسيمبلي ميمبرن سان قائداعظم صلاح مشورا
ڪيا. شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي عدالله
هارون، جي. ايم سيد، غلام حسين هدايت الله
۽ ٻين جي ڪوششن سان سنڌ ۾ مسلم ليگ کي
منظم ڪرڻ جي سلسلي ۾ قائداعظم کي ڪاميابي
نصيب ٿي.
آڪٽوبر
1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ ڪراچيءَ جي ڪانفرنس
۾ ٻين صوبن جا ليڊر به آيل هئا. قائداعظم
جي مشوري سان سنڌ ۾ مسلم ليگ جي نئين سر
تنظيم عمل ۾ آئي. سنڌ صوبائي مسلم ليگ جا
هيٺيان عهديدار نامزد ڪيا ويا.
صدر - - - -
- - - - - - - - - حاجي عبدالله هارون
نائب صدر -
- - - - - - - - پير غلام مجدد
محمد ايوب
کهڙو
جنرل
سيڪريٽري - - - - - شيخ عبدالمجيد سنڌي
جوائنٽ
سيڪريٽري - - -سيد علي محمد شاهه راشدي
خزانچي - -
- - - - -- - - - غلام حسين هدايت الله
انهيءَ کان
علاوه شيخ عبدالمجيد ۽ سنڌ جي ٻين رهنمائن
کي آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل تي نامزد
ڪيو ويو.
انهيءَ کان
علاوه قائداعظم سنڌ جي مسلمان ليڊرن کي
صلاح ڏني ته هو پنجاب جي وزيراعظم سر
سڪندر حيات ۽ بنگال جي وزير اعظم مولوي
فضل الحق سان مشورو ڪري ڪنهن مسلم ليگيءَ
کي اسيمبليءَ ۾ پارٽيءَ جو اڳواڻ چونڊين.
مٿين ليڊرن سنڌ جي ليڊرن جي صلاح مشوري
ڪرڻ بعد هڪ ٺاهه تي صحيحون ڪيون. ان
عهدنامي تي صحيح ڪندڙن ۾ هيٺيان ليڊر هئا:
الهه بخش
سومرو، پير الاهي بخش، غلام حسين هدايت
الله، مير بنده علي ٽالپر، جي ايم سيد ۽
شيخ عبدالمجيد سنڌي. عهدنامو هيٺين ريت
هو:
”سنڌ
اسيمبليءَ جا ميمبر هڪ مستقل سياسي پارٽي
سنڌ مسلم ليگ جي نالي سان ٺاهيندا. مسلم
ليگ پارٽيءَ جا ميمبر مسلم ليگ جي پاليسي
۽ پروگرام سان هلڻ لاءِ ٻڌل رهندا. اهو
نهايت ضروري آهي ته موجوده وزارت استعيفا
ڏيئي ۽ مسلم ليگ پارٽيءَ جو اڳواڻ وزارت
ٺاهي. “- - - (1)
سنڌ صوبائي
اليڪشن جو نتيجو:
1938ع جي
سنڌ صوبائي اليڪشن جي چونڊ ۾ ڪراچي ضلع
مان شيخ عبدالمجييد سنڌي ميمبر چونڊيو
ويو.
سنڌ صوبائي
اسيمبليءَ ۾ مسلمانن لاءِ 35 جايون مخصوص
هيون ۽ 25 جايون غير مسلمانن لاءِ مخصوص
هيون. ڪل 60 جايون رکيون هيون، جيڪو نتيجو
آيو سو هن طرح هو
- - سنڌ
اتحاد پارٽي - - - - - -18 ميمبر ڪامياب
ٿيا.
- - سنڌ
هندو مها سڀا - - - - - 11 ميمبر ڪامياب
ٿيا.
- - سنڌ
ڪانگريس - - - - - - - 8 ميمبر ڪامياب
ٿيا .
- - مسلم
پوليٽيڪل - - - - - - 4 ميمبر ڪامياب ٿيا.
- - سنڌ
آزاد پارٽي - - - - - - -- 3 ميمبر ڪامياب
ٿيا.
- - مزدور
- - - - - - - - - - - - 1 ميمبر ڪامياب
ٿيو.
باقي آزاد
مسلمان ۽ هندو ڪامياب ٿيا. اڪثريتي پارٽي
اتحادي پارٽي هئي، مگر ان پارٽيءَ جو ليڊر
۽ ڊپٽي ليڊر سر شاهنواز ڀٽو ۽ حاجي
عبدالله هارون چونڊن ۾ ڪامياب نه ٿي
سگهيا. سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين گڏجاڻي
هيرانند جي چيئرمين هيٺ منعقد ٿي. اسپيڪر
جي چونڊ لاءِ ٽي اميدوار هئا. شيخ
عبدالمجيد سنڌي، ڀوڄ سنگهه. پير الاهي
بخش، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي حمايت ۾
اميدواريءَ تان هٿ کڻي ويو. نتيجي طور ڀوڄ
سنگهه کي 40 ووٽ مليا ۽ شيخ عبدالمجيد
سنڌيءَ کي 18 ووٽ مليا “- - - - (1)
سر هدايت
الله ۽ سومرو وزارت
اپريل 1937ع
۾ گورنر سنڌ، سر غلام حسين هدايت الله کي
سنڌ ۾ وزارت ٺاهڻ لاءِ چيو. جنهن پنهنجي
وزارت ۾ گوبند رام، مير بنده علي خان
ٽالپر کي کنيو، جلد ئي پوءِ خانبهادر الهه
بخش سومري سنڌ اسيمبليءَ اندر پنهنجو هڪ
گروپ قائم ڪيو. هن گروپ جي ڪراچيءَ ۾
ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي پڻ
شرڪت ڪئي.
23 مارچ
1938ع ۾ الهه بخش سومري مخالف پارٽيءَ جي
اڪثريت ۾ ان جي ليڊر جي حيثيت سان وزارت
ٺاهي.
يوم نجات:
سال 1939ع ۾
ڪانگريس صوبائي وزارتن تان استعيفيٰ ڏني.
قائداعظم محمد علي جناح ان کي پنهنجي فتح
قرار ڏيئي، مسلمانن کي تاريخ 24 ڊسمبر
1939ع تي يوم نجات ملهائڻ لاءِ اپيل ڪئي
ته جيئن خدا جو شڪر ادا ڪجي. جنهن
ڪانگريس جي ظالمانه حڪومت ۽ بي انصافين
کان نجات ڏياري، قائداعظم جي هن اپيل تي
لبيڪ چوندي پوري برصغير ۾ يوم نجات ملهايو
ويو.
يوم نجات
جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ جي مسلمانن جو هڪ
عظيم الشان جلسو، خالقڏني هال ۾ زير صدارت
حاجي عبدالله هارون جي منعقد ٿيو. هال
ماڻهن سان سٿيو پيو هو، ڪيترائي ماڻهو
ٻاهر درين تي بيهي سارو وقت دلچسپيءَ سان
جلسي جي ڪارروائي ٻڌندا رهيا. نائين وڳي
صبح تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ جلسو شروع
ٿيو. مولوي عبدالحئي حقاني هڪ وجد آفرين
نظم يوم نجات متعلق پڙهيو. ان بعد شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ ابتدائي تقرير ڪئي، جنهن
۾ يوم نجات ملهائڻ جو واضح مقصد بيان ڪيو
۽ قائداعظم جي ڪيل اپيل تي مخالفن جي نڪته
چيني جو جواب ڏنو، بعد ۾ ڪانگريس حڪومت جي
ڪيل ظلمن جو مختصر بيان ڪيو. شيخ صاحب
چيو ته هندو پريس مولوي فضل الحق وزيراعظم
بنگال جي خلاف غلط پروپيگنڊا ڪري رهي آهي
ته هو پنڊت جواهر لال نهروءَ سان ڪانگريس
وزارتن جي خلاف الزامن جو ثبوت ڏيڻ جو
انجام ڪري ڦري ويو آهي. شيخ صاحب چيو ته
اها غلط پروپيگنڊا آهي. مولوي فضل الحق
پنهنجي پهرين ڳالهه تي قائم آهي. آخر ۾
مسلمانن کي امن سان رهڻ جي هدايت ڪندي،
ٻڌي ۽ قومي جذبي کي پيدا ڪرڻ جي اپيل
ڪيائين. ان بعد شيخ صاحب هيٺيان ٺهراءَ
صدر صاحب جي اجازت سان پيش ڪيا، جيڪي
الله اڪبر جي نعرن جي گونج ۾ قبول ٿيا:
ٺهراءُ نمبر
1: ڪراچيءَ جي مسلمانن جو هيءُ ميڙ، هيءَ
راءِ قائم ٿو ڪري ته ڪانگريس ۽ ڪانگريسي
وزارتن مسلمانن سان روا ڪيل سلوڪ مان ثابت
نه ڪيو آهي ته هو انصاف ۽ معقوليت سان
سڀني قومن جي نمائندگي ڪري ٿي. گهڻي سوچ
ويچار کان پوءِ هن ميڙ جي اها راءِ آهي ته
ڪانگريس وزارتون، مسلمانن ۽ ٻين ٿورائي
وارن قومن جي حقوق ۽ مفادن جي حفاظت ڪرڻ
۾ ناڪام رهيون آهن.
حڪومت جي
انتظام متعلق ڪانگريس وزارتون پنهنجي فرض
جي بجا آوريءَ ۾ پوئتي پيون ۽ قانون ساز
مجلس ۾ پڻ مسلمانن جي عام راءِ جي توهين
ڪئي. مسلمانن جي ڪاز کي تباهه ڪرڻ جي هر
ڪا ڪوشش ڪئي ويئي، انهن جي مذهبي ۽ معاشي
زندگيءَ ۾ مداخلت ڪئي ويئي، مسلمانن جي
سياسي ۽ اقتصادي حقن کي پائمال ڪيو ويو،
اخلاقي معاملات خواهه جهڳڙن ۾ هميشه هنن
هندن جي طرفداري ڪئي ۽ هندن جي مقاصد جي
تائيد ڪئي. مسلمانن جي مفاد کي نظرانداز
ڪري هنن کي نقصان پهچايو ويو.
ڪانگرس
حڪومت ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ به ضلعي
آفيسرن جي معمولي فرائضن ۾ مداخلت ڪئي،
جنهن جي ڪري انهن (مسلمانن) کي سخت نقصان
پهتو ۽ اهڙي فضا پيدا ڪئي ويئي، جنهن ۾
هندو عوام جي دلين ۾ هيءُ خيال پيدا ٿيو
ته هندستان ۾ هندو راڄ قائم ٿي ويو آهي.
انهيءَ ڪري هندن ۾ زياده تر ڪانگريس ۾
ايتري بي خوفي ۽ جرئت پيدا ٿي، جو هنن
مخالف هندن ۽ مسلمانن تي زيادتيون ڪيون.
مسلمانن جي حقن ۾ مداخلت ڪئي. انهيءَ ڪري
هيءُ جلسو مختلف صوبن ۾ ڪانگريس حڪومت جي
ختم ٿيڻ ڪري هڪ قسم جو ڇوٽڪارو محسوس ڪري
ٿو ۽ هن ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو
ته گذريل اڍائي سالن کان وٺي مسلمانن سان
جيڪي ظلم، زيادتيون ۽ ناانصافيون ٿي رهيون
هيون. انهن جي خاتمي تي اڄ ” يوم نجات“
ملهايو وڃي. هيءُ جلسو رب کان دعا گهري ٿو
ته هندستان جي مسلمانن کي اهڙي قوت، طاقت
۽ تنظيم عطا فرمائي، جو اهڙين وزارتن جي
قائم ٿيڻ کي روڪي سگهن ۽ مقبول عام
وزارتون قائم ڪري سگهن، سڀني قومن سان
برابريءَ ۽ انصاف ڪن.
ڪراچيءَ جي
مسلمانن جو هيءُ جلسو انهن سڀني صوبن جي
گورنرن ۽ انهن جي صلاحڪار ڪائونسلن کي
درخواست ڪري ٿو ته هو مسلمانن جي جائز
شڪايتن ۽ ظلمن- جيڪي ڪانگريس حڪومت ڪيا
آهن، انهن اعلانن مطابق جيڪي گورنر،
گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع جي فقري 93
موجب مختلف صوبن جي حڪومت جون واڳون وٺڻ
وقت ڪيا هئا، جو جلد کان جلد ازالو ڪن ۽
سڀني ظلمن کي دفع ڪري عام ماڻهن کي يقين
ڏيارين ته مٿين حڪومت سڀني سان انصاف ڪرڻ
واري آهي.
ٺهراءُ نمبر
2: قائداعظم محمد علي جناح، وائسراءِ هند
سان دوران ملاقات ۽ مسٽر گانڌي ۽ ٻين
ليڊرن جي درميان تازي ڪيل گفتگو ۾ جا راءِ
اختيار ڪئي آهي، ان لاءِ ڪراچيءَ جي
مسلمانن جو عام جلسو پرزور تائيد ۽ تصديق
ٿو ڪري. هن ڳالهه کي پرزور لفظن ۾ ورجائي
ٿو ته مسلمان هر طرح سان پنهنجي قائد جا
تابع ۽ فرمانبردار آهن. هن جلسي جي راءِ
آهي ته قائداعظم جي ڪوشش ۽ جدوجهد جو مقصد
صرف مسلمانن لاءِ نه آهي، پر سڀني قليل
تعداد جي قومن جي فائدي لاءِ پڻ آهي. ان ۾
عام طرح سڄي ملڪ جي حقيقي ترقيءَ ۽
آزاديءَ جي ضمانت آهي. ان بعد جلسو دعاءِ
خير سان ختم ٿيو. -- (1)
سنڌ مسلم
ليگ جي سالياني تنظيم ۽ ٺهراءُ
”تاريخ 28
جنوري 1939ع تي سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي
جنرل باڊيءَ جي گڏجاڻي حاجي عبدالله هارون
جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي، صوبائي
سنڌ مسلم ليگ لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا
ويا،
صدر حاجي
عبدالله هارون
نائب صدر
جي ايم سيد
جنرل
سيڪريٽري شيخ عبدالمجيد سنڌي
جوائنٽ
سيڪريٽري پيرعلي محمد راشدي
آغا غلام
نبي پٺاڻ
خزانچي
حاجي عبدالله
هارون
ڪاروباري
ڪميٽيءَ جا ميمبر:
محمد ايوب
کهڙو ۽ محمد هاشم گذدر، سيد خير شاهه، سيد
حسن بخش شاهه، سيد نور محمد شاهه، جي ايم
سيد، غلام نبي اسراڻ، حاجي عبدالله هارون،
شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد غلام نبي شاهه،
قاضي فضل الله، مولوي محمد اسماعيل، پير
علي انور شاهه، سيد اڪبر شاهه، محمد يوسف،
محمد بخش، غلام نبي پٺاڻ، آغا نظر علي،
شيخ واجد علي، سيد محبوب علي شاهه، سيٺ
عبداللطيف ميمڻ، پير عبدالستار جان
سرهندي، پير محمد اسحاق جان سرهندي، پير
غلام مرتضيٰ سرهندي، سيد غلام حيدر شاهه،
محمد حسن شورو، مولانا ضياءُ الله، مولانا
ظهور الحسن، حاجي نظير الدين، چوڌري غلام
محمد.