اسان تعليم کاتي ۽ اسڪول بورڊ جي ذميدار اصحابن جو به ضرور ڌيان
ڇڪائينداسين ته ”الوحيد“ جو خاص پرچو هڪ تاريخي
پرچو آهي، جو بطور انعامي ڪتابن جي شاگردن جي لاءِ
تمام مفيد ٿيندو. سنڌ سرڪار کي اگر ”الوحيد“ سان
ڪا خاص رنجش نه آهي ته اهڙي پرچي جي سرڪار کي خاص
مدد ڪرڻ گهرجي. پر اسان جو ڀروسو پنهنجي خدا تي
آهي ۽ پنهنجي قوم تي آهي ته اسان جو خدا مسلمانن
کي توفيق ڏيندو ۽ مسلمانن جي قوم کي پنهنجي خدا تي
ڀروسو آهي، جيڪو ڏهن هزار پرچن جي نيڪال ۾ اسان جي
مدد ڪندو. اهو ڀروسو ئي آهي، جنهن اڄ ڏينهن تائين
”الوحيد“ اخبار کي زندهه رکيو آهي. آخرڪار انهن
ڏهن هزار پرچن جو نيڪال ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي.
اسان کي نهايت افسوس آهي جو سڀني صاحبن جا مضمون شايع ڪري نه
سگهيا آهيون. اسان کي اميد آهي ته اهي ڀائر اسان
سان ناراض نه ٿيندا ۽ اسان ڪوشش ڪنداسين ته انهن
جا مضمون روزانه ”الوحيد“ جي پرچن ۾ شايع ڪيا وڃن.
تنهن کان سواءِ ڪي مضمون انگريزيءَ ۾ لکيل آهن، جن
جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ضروري ۽ سنڌيءَ جي مضمونن
جو به ترجمو ڪرڻ ضروري آهي. اميد آهي ته جي وقت
مليو ته چيدهه چيدهه مضمونن جو ترجمو به ڪيو
ويندو. انگريزيءَ جو سنڌيءَ ۾ ۽ سنڌيءَ جو
انگريزيءَ ۾.
آخر ۾ پنهنجي قوم جو ٻن ڳالهين طرف ڌيان ڇڪايون ٿا. هڪ ڳالهه
هيءَ آهي ته سنڌ جي جدا جدا تڪن ۽ شهرن ۾ آزاد
پارٽيون قائم ڪيون وڃن. انهن پارٽين جو سنئون سڌو
واسطو مسلم قوم سان هئڻ گهرجي. سنڌ آزاد پارٽيءَ
جو پروگرام تيار ڪيو ويو آهي، سو ٻن قسمن جو آهي.
هڪُ پروگرام جو واسطو قانون ساز مجالس ۽ خود حڪومت
جماعتن سان آهي. ٻيو، پروگرام ٻاهرئين ڪم سان تعلق
رکي ٿو. هر آزاد پارٽي جڏهن قائم ٿي ويندي ته
ٻنهي پروگرامن جون ڪاپيون انهن جي خدمت ۾ موڪليون
وينديون ته جيئن هر پارٽي انهن تي غور ۽ خوض ڪري
سگهي.
ٻي ڳالهه آهي روزانه انگريزي اخبار جي جاري ڪرڻ جي ضرورت – اسان
کي اميد هئي ته مسلم ليگ جا ڪروڙ پتي ۽ لکپتي اهو
ضروري قومي فرض ادا ڪندا پر انهن جي زندگيءَ جو
مقصد اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيڻ، ليڊر ٿيڻ آهي ۽ نه
قومي ضرورتن کي پورو ڪرڻ. تنهنڪري اهو فرض به
”الوحيد“ کي ادا ڪرڻو آهي ۽ مسلمانن جي غريب طبقي
کي.
اسان فيصلو ڪيو آهي ته جلد ئي ”الوحيد“ جا صفحا روزانه
انگريزيءَ ۾ ڪڍيا ويندا. انگريزي سپليمينٽ جو خرچ
تڏهن پورو ٿي سگهندو، جڏهن ٽي سئو نوان خريدار ٿي
سگهندا. اسان کي اميد آهي ته اسان جا مسلمان همدرد
۽ خاص طور سان نوجوان مسلمان ڪافي تعداد ۾ خريدار
پيدا ڪندا، ۽ اهڙيءَ ريت انگريزي ”الوحيد“ کي
سونپي ”الوحيد“ وانگر هميشه لاءِ زندهه رکي
سگهندا.
باب چوٿون
بحيثيت مصنف!
مضمون
شيخ صاحب جيئن ته بنيادي طور تي ليکڪ ۽ قلمڪار هو ۽ هن پنهنجي
قلم کي سياسي، سماجي، تعليمي توڙي علمي مسئلن ۽
معاملن لاءِ ڀرپور نموني استعمال ڪيو آهي. سندس
مضمون تمام ڊگها، وسيع ۽ جامع قسم جا آهن. مضمونن
۾ شيخ صاحب موضوع تي منطقي دلين سان نڀائڻ جي ڪوشش
ڪندو هو. اهي مضمون گهڻي ڀاڱي الوحيد ۾ قسطوار
ڇپيا هئا، جيڪي پوءِ اڃا به وڌيڪ پڙهندڙ تائين
پهچائڻ لاءِ ڪتابچن جي صورت ۾ ورهايا ويندا هئا.
انهن مضمونن جي نموني طور ڏيڻ لاءِ الوحيد جي آزاد
نمبر ۾ لکيل سندس ٻه مضمون هتي شامل ڪجن ٿا.
ياد رفتگان
سنڌ جي مسلمانن ۾ جن صاحبن سياسي بيداري پيدا ڪئي يا انهن جي
تعليمي، مذهبي يا اخلاقي خدمت سرانجام ڏني، پر جي
هن وقت اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويا آهن، تن
کي هن موقعي تي وسارڻ هرگز مناسب نه ٿيندو.
ڪيترائي اهڙا هوندا، جن جا نالا اسان کي معلوم نه
آهن. فقط انهن جو ئي ذڪر خير ڪبو، جي اسان کي ياد
پئجي سگهن ٿا:
سياسي خدمت جي ميدان ۾ مرحوم غلام محمد ڀرڳڙيءَ جو ڪو ثاني
ڪونهي. تعليمي بيداري پيدا ڪرڻ ۾ مرحوم حسن علي
آفندي، پنهنجو نالو هميشه زندهه ڇڏي ويو آهي. سنڌي
علم ادب جو روح روان مرحوم مرزا قليچ بيگ هو.
مسلم قوم ۾ اخباري ذوق شوق پيدا ڪرڻ جو شرف مرحوم
شيخ محمد سليمان کي ٿيو. هڪ مزدور مان مالدار ٿيڻ
۽ پوءِ پنهنجي زندگي قومي خدمت ۾ ضم ڪرڻ جو درجو
مرحوم مير محمد بلوچ کي ٿيو. اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ
بعد پنهنجي زندگيءَ جي سمورين اميدن کي خاڪ ۾
ملائي پنهنجي وطن ۽ ٻچن کان جدا ٿي هڪ اسلامي ملڪ
تان پنهنجي زندگي قربان ڪرڻ جو مثال مرحوم شيخ
محمد ابراهيم ڪراچيءَ واري ڪيو. مذهبي جذبي جي جوش
جي صداقت ۾ پنهنجي وطن کي خير آباد ڪري هجرت ڪرڻ ۽
پنهنجي زندگي جي عيش ۽ آرام کي هميشه لاءِ ترڪ ڪرڻ
جي تحريڪ مرحوم رئيس جان محمد جوڻيجي جاري ڪئي.
مذهبي تعليم سان گڏ تبليغ جو مرڪز مرحوم مولانا
حاجي عبدالله هارون کڏهه ۾ قائم ڪيو. انگريزن کان
قطع تعلقات جو لفظ سڀ کان اول مرحوم مولانا حضرت
تاج محمود صاحب امروٽيءَ جي زبان مبارڪ مان دهليءَ
جي جلسي ۾ نڪتو جو ساري هندستان ۾ پکڙجي ويو.
حيدرآباد جي عاملن مان سڀ کان اول مرحوم شيخ غلام محمد ۽ شيخ
محمد صديق مسلمان ٿيا. مرحوم شيخ عبدالرحيم صاحب
نه فقط پنهنجن عامل ڀائرن جي نوجوانن ۾ اسلامي
تبليغ جي ڪم ۾ ڪامياب ٿيو پر هڪ غير معمولي عالم
فاضل ۽ سياستدان هو. شعر گوئي ۽ شاعريءَ ۾ مرحوم
ميان محمد هاشم ”مخلص“ ۽ سيد محمد زمان شاهه ٺٽوي
پنهنجو نالو پٺ تي ڇڏي ويا آهن. اخبار نويسيءَ ۾
مرحوم مخلص سان گڏ مرحوم ميان شمس الدين بلبل ۽
مرحوم ميان عبدالوهاب غيرمعمولي شهرت جا مالڪ هئا.
مرحوم قاضي سيد اسدالله شاهه سرڪاري قاضيءَ کي
سندس عهدي کان هٽائي قوم جي طرفان قاضيءَ جي سند
خود لاٿي، تنهن تي اڄ به عمل ڪري مسلمان پنهنجو
نظام درست ڪري سگهن ٿا. مولوي عبدالڪريم درس ۽
مولوي محمد عثمان نورنگ پوٽو تقرير، ۽ تحرير جا ته
استاد هئا. مرحوم تاج محمد ڪراچيءَ وارو، هڪ قومي
ورڪر جو عملي نمونو هو. مولوي تاج محمد نصرپوري
هڪ نهايت ئي آزاد طبع موحد عالم هو ۽ سچو ڪارڪن
هو. مرحوم مير دوست علي خان ٽالپر زميندار هئڻ جي
باوجود هڪ رضاڪار جي حيثيت ۾ آخري دم تائين ڪم
ڪندو رهيو. مرحوم قاضي عبدالقيوم سيوهاڻي ۽ مرحوم
خان بهادر حاجي علي حسن خان هڪڙو ميونسپالٽي ۽
ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي ڪمن ۾ جا دلچسپي ۽ بهرو وٺندا
هئا، سا هرگز وسارڻ جهڙي نه آهي. خيرپور رياست جا
جيڪي به وزير ٿي گذريا آهن، جيئن ته مرحوم خان
بهادر قادر داد خان، مرحوم شيخ صادق علي مرحوم
سردار محمد يعقوب خان ۽ مرحوم شيخ محمد ابرهيم
مسلمانن جون گهڻيئي خدمتون ڪيون آهن.
خان بهادر سيد الهندو شاهه، سيٺ غلام حسين ڇاڳلا، سيٺ علي ڀائي
ڪريم جي علوي، خان بهادر پير بخش خان، خان بهادر
منشي نجم الدين، خانبهادر ولي محمد حسن علي، مرحوم
مير غلام محمد خان ٽالپر، مسلم قوم جي تعليم ۽ عام
سڌاري لاءِ سدائين ڪوشان رهندا هئا.
مرحوم مير الهه بخش ٽالپر ٽنڊو محمد خان وارو ۽ سردار واحد بخش
خان ڀٽو، رئيس عبدالقيوم ڀرڳڙي، نواب خالقداد خان
نوجوان زميندارن ۾ عجيب خوش اخلاق، دريا دل ۽ قومي
خيالن جو ماڻهو هئا.
عالمن ۽ مشائخن ۾، جن جي طفيل دين ۽ اخلاق، مذهبي تعليم جي شمع
مسلمانن ۾ روشن رهي آهي، گهڻا ئي صاحب ٿي گذريا
آهن، جن سڀني جو ذڪر هتي نٿو ڪري سگهجي. مولانا
امروٽي ۽ مولانا عبدالله صاحب جا نالا مٿي ڏيئي
چڪا آهيون، تنهن کان سواءِ پاٽ ۽ سيوهڻ جا بزرگ ۽
علماءَ ۽ پير آغا عبدالرحمان صاحب سرهندي، آغا
عبدالحليم جان، آغا شيرين جان، پير صاحب مخدوم
محمد رشدالله جهنڊي ڌڻي، مولوي عبدالرحمان ساکورو
۽ مولوي همايون شريف ۽ هالن وارا مخدوم وغيره - سڀ
علم ۽ فضيلت جا صاحب هئا.
سرڪاري عملدارن ۾ اسان پيرزادي، ميان عبدالرحيم سکر واري کي ۽
پنهنجي دوست نصرالله خان خٽڪ بلوچ کي هرگز وساري
نٿا سگهون. شال خداوند تعاليٰ پنهنجي فضل و ڪرم
سان سڀني جي مغفرت ڪري ۽ کين جنت الفردوس ۾ جاءِ
ڏي. يار سڀ هليا ويا ۽ اسان کي انهن جي پٺيان وڃڻو
آهي. دنيا فاني آهي ۽ غيرقانوني زندگيءَ جو دروازو
سڀني لاءِ کليل آهي. اچو ته غلاميءَ ۽ گناهن کان
توبهه ڪريون ۽ پنهنجي قوم ۽ وطن ۽ دين لاءِ ڪجهه
ڪم ڪري وڃون. - - - - - - (1)
سنڌ جا مسلمان سنڌ کان ٻاهر
سنڌ جا مسلمان جي هن وقت سنڌ کان ٻاهر رهن ٿا ۽ ملڪ ۽ قوم جي
خدمت ۾ نمايان حصو وٺي چُڪا آهن، تن کي هن وقت ياد
نه ڪرڻ ناشڪرگذاريءَ جي برابر ٿيندو. هز هائينس
سلطان محمد آغا خان ڪراچيءَ جو رهاڪو آهي ۽ هن وقت
بين الاقوامي شهرت جو مالڪ آهي. چيو وڃي ٿو ته هن
جي پيروي ڪندڙن جو تعداد ستن ڪروڙن کان گهٽ نه
ٿيندو، جي دنيا جي جدا جدا ملڪن ۾ رهن ٿا. هو تاج
برطانيا جو وفادار آهي، تنهن هوندي به اسلام، مسلم
قوم ۽ ملڪ جي مناسب خدمت ۾ ڪڏهن پٺتي نه رهيو آهي.
مسٽر محمد علي جناح به سچو پچو سنڌي آهي. سنڌ ۾ ڄائو ۽ سنڌ ۾
تعليم ورتائين، نهايت قابل وڪيل ۽ وڏي پايي جو
اڳواڻ آهي. آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر آهي. سندس
سياسي قابليت ملڪي محبت ۽ قانون دانيءَ جو موافق ۽
مخالف قائل آهي. هن وقت سنڌ ڇڏي بمبئيءَ جي شهر ۾
وڃي رهيو آهي.
ڊاڪٽر آءِ ايس حاجي بارائٽ لا ڪراچيءَ جي مشهور ڊاڪٽر حاجيءَ جو
فرزند آهي. بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ مسلم ليگ جو
سيڪريٽري هو. ڪجهه وقت لاءِ بمبئي ڪائونسل جو
ميمبر هو ۽ 1924ع ۾ سنڌ کي جدا پرڳڻو ڪرڻ جو
ٺهراءُ بمبئي ڪائونسل ۾ پيش ڪيو هئائين. اگرچه
انهيءَ ٺهراءَ تي بحث ٿئي، تنهن کان اڳ ڪائونسل
جومدو ختم ٿي ويو. هن وقت بمبئي جي شهر ۾
پريزيڊنسي ماجسٽريٽ آهي.
خان بهادر نبي بخش سنڌ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هو ۽ تنهن کان پوءِ
مئجسٽريٽ انڪئمبرڊ اسٽيٽس. اڄ ڪلهه بهاولپور رياست
جو چيف منسٽر آهي.
خانصاحب عبدالقادر به سنڌ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هو ۽ هن وقت جهونا ڳڙهه
رياست ۾ وزيرا آهي. ڊاڪٽر محمد عمر دائود پوٽو سنڌ
جو مشهور اديب، بمبئي جي اسماعيلي ڪاليج جو وائيس
پرنسپل آهي. ڊاڪٽر صاحب علمي حلقن ۾ نهايت ئي عزت
جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ڪجهه وقت لاءِ سنڌ مدرسة
الاسلام جو پرنسيپال هو، جنهن حيثيت ۾ مدرسي جي
نمايان خدمت ڪيائين. عربي زبان جي اشاعت لاءِ
ڊاڪٽر صاحب لڳولڳ جدوجهد جاري رکندو اچي ٿو. ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ کي سندس شاهه جي رسالي ۽ ٻين ڪتابن جي
جوڙڻ ۾ مددگار هو ۽ خود به سنڌيءَ ۾ ڪئي ڪتاب لکيا
اٿس.
پروفيسر مولوي عبدالصمد شڪارپور جو ويٺل آهي ۽ ڪيترن سالن کان
وٺي ڌارين ڪاليجن ۾ فارسيءَ جو پروفيسر ٿي رهيو
آهي. فارسي زبان ۾ چڱو شاعر آهي.
مولوي عبدالرئوف بمبئي ۾ رهي ٿو. اصل ڪوٽڙيءَ جو ويٺل آهي.
بمبئي جي قومي ڪمن ۾ بهرو وٺندڙ آهي.
غلام مصطفيٰ جيلاني سکر جو رهاڪو آهي. مصر ۾ ڪجهه وقت واپار
ڪندو هو. جڏهن مرحوم ڊاڪٽر انصاري پنهنجي طبي وفد
سان قسطنطنيه ويو ته هندستاني وفد کي تمام گهڻي
مدد ڪيائين. يورپ جي گذريل وڏي جنگ بعد هن کي مصر
ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. هندستان ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندو
آهي. هن وقت شايد سلون يا سنگاپور جي پاسي واپار
ڪندو آهي.
مسٽر حسن علي بارائٽ لا، مسٽر عبدالرحمان، مشهور بئريسٽر جو
فرزند آهي. نهايت چست ۽ قابل نوجوان آهي. پهريائين
ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. هن وقت ڪينيا ڪالونيءَ ۾
آهي ۽ اميد آهي ته جلد ئي سنڌ جا وڻ اچي
وسائيندو. |