سنڌ مسلم
ليگ جا عهديدار:
صدر:
جي . ايم. سيد
جنرل
سيڪريٽري: سيد غلام حيدر شاهه
ڪاروباري
ڪاميٽيءَ جا ميمبر:
شيخ
عبدالمجيد سنڌي، سيد پير محمد شاهه، سيد حسين بخش
شاهه، سيد خير شاهه، آغا غلام نبي پٺاڻ، ايم. اي
حافظ، جي الانا، رئيس شهمير خان، غلام محمد خان
اسراڻ، پير غلام مرتضيٰ سرهندي – (1)
حڪومت سنڌ
مسلم ليگ جي جلسن سڏائڻ تي پابندي وڌي. تاريخ 8
جنوري 1945ع تي الحاج محمد هاشم گذدر وزارت تان
استعيفيٰ ڏني ۽ سنڌ اسيمبليءَ اندر وزارتن تان رسه
ڪشي شروع ٿي ويئي. سنڌ مسلم ليگ جي صدر جي ايم سيد
۽ سنڌ جي وزيراعظم غلام حسين هدايت الله جي وچ ۾
اختلاف پيدا ٿيا. غلام حسين هدايت الله کي خطرو هو
ته جيڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس گهرايو ويو ته
وزارت جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ آندي ويندي. ”21
فيبروري 1945ع تي سنڌ مسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ جي
ميٽنگ صبح جو 11 بجي وزيراعظم سر غلام حسين جي
چئمبر ۾ ٿي. ليگ پارٽيءَ جي 23 ميمبرن مان 18
ميمبر ميٽنگ ۾ حاضر هئا. سر غلام حسين جي قيادت ۾
ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. - - (2)
تاريخ 24
فيبروري 1945ع ۾ سر غلام حسين جي مسلم ليگ وزارتَ،
مسلم ليگ جي ميمبرن هٿان جنرل ايڊمنسٽريشن جي
سپليمينٽري گرانٽ ۾ شيخ عبدالمجيد صاحب جي هڪ
روپيا ڪتر واري رٿ جي پاس ٿيڻ تي شڪست کاڌي. 25
ميمبرن رٿ جي فائدي ۾ ۽ 19 ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ
ڏنو. مسلم ليگ پارٽيءَ جي 14 ميمبرن، هندو پارٽيءَ
جي ستن ميمبرن شيخ پارٽي جي چئن ميمبرن رٿ جي
فائدي ۾ ووٽ ڪيو. ڪتر جي رٿ پاس ٿيڻ کان پوءِ سنڌ
جي گورنر سر هيوڊو گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ جي 26
سيڪشن جي سب سيڪشن (2) هيٺ صوبائي اسيمبليءَ جو
اجلاس اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ پنهنجي ڪتر جي رٿ تي تقرير ڪندي
سرڪار جي ڪاروبار تي سخت نڪته چيني ڪئي ۽ هيءَ
ڳالهه صاف ڪيائين ته هيءَ رٿ سرڪار تي بي
اعتماديءَ جي رٿ برابر آهي- - - - - - (1)
اتي سنڌ
صوبي مسلم ليگ جي صدر مسٽر جي ايم سيد اٿي اعلان
ڪيو ته مون کي گذريل رات مسلم ليگ جي اسيمبلي
پارٽيءَ کان درخواست پهتي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو
آهي ته اسان جو پارٽي ليڊر سر غلام حسين تي اعتماد
نه رهيو آهي، تنهن ڪري اسان ان جي خلاف ووٽ
ڪنداسين. سر غلام حسين چيو ته مون سان دغا بازي
ڪئي ويئي آهي. اڃا تازو ٽيون ڏينهن پارٽي ميمبرن
مون تي اعتماد جو ٺهراءُ پاس ڪيو هو ۽ خاطري ڏني
هئي ته هو مون سان بجيٽ ۽ گرانٽ تي ساٿ ڏيندا،
هينئر هيءَ اوچتو ئي سازش سٽي ويئي آهي ۽ منهنجي
برخلاف ووٽ ڪيو وڃي ٿو. هيءَ ظاهر ظهور غداري آهي.
جيڪڏهن انهيءَ قسم جون دغا بازيون ، غداريون چالو
رهيون ته سنڌ نون سڌارن ماڻڻ جي حقدار نه ٿي
سگهندي، مسٽر نهچلداس وزيراڻي ڪتر واري رٿ جي
تائيد ڪئي، هن ڳالهه کي ورجايو ته هيءَ رٿ بي
اعتماديءَ جي رٿ جي برابر آهي. جنهن صورت ۾ سر
غلام حسين هندو پارٽيءَ جو حق تسليم نه ڪيو.
انهيءَ ڪري اسان اڳ ۾ ئي مخالفت ۾ هئاسون ۽ هينئر
هن ڪتر جي رٿ جي تائيد ڪريون ٿا.
مسٽر محمد
امين کوسي رٿ جي مخالفت ڪندي چيو ته، جن ماڻهن جو
وجود ئي دغا بازي آهي، تن کان پبلڪ جي ڀلائيءَ جي
ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. هنن کي نه اصول آهي ۽ نه
ئي ضمير آهي. هينئر هو خاص مقصدن جي بنياد تي سر
غلام حسين جا مخالف ٿي بيٺا آهن.
اهڙن ماڻهن
سان شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب کي جيڪو بااصول انسان
آهي، شريڪ ٿيڻ نه گهرجي. اهي ماڻهو ٻن ٻن ڪلاڪن
کان پوءِ ويس بدلائين ٿا. اهي ساڻس به اوترو ئي
وفادار رهندا، جيترو سر غلام حسين سان هليا آهن.
هنن کي جيڪڏهن پاڻيءَ جون سهوليتون مليون، خطاب
مليا ته يڪدم اوڏانهن هليا ويندا. رٿ تي ووٽنگ ٿي
ته رٿ جي فائدي ۾: 1- شيخ عبدالمجيد سنڌي 2- مسٽر
مولا بخش 3- پيرزاده عبدالستار 4- وڏيرو محمد
عثمان 5- مسٽر جي ايم سيد 6- مسٽر محمد هاشم گذدر
7- سيد محمد علي شاهه 8- نواب محمد خان چانڊيو 9-
نواب امير علي لاهوري 10- نواب جان محمد خان 11-
سيد غلام نبي شاهه 12- خانبهادر غلام محمد خان
اسراڻ 13- خان صاحب سهراب خان سرڪي 14- رئيس رسول
بخش 15- پير غلام حيدر شاهه آف بلڙي 16- سردار علي
گوهر خان 17- سيد خير شاهه 18- سردار قيصر خان 19-
مسٽر نهچلداس 20- پرتاب راءِ 21- راءِ بهادر هوت
چند 22- سيٺ دولترام 23- سيٺ گهنومل 24- مکي گوبند
راءِ 25- مسٽر تارا منير ووٽ ڪيو.
جملي 25
ميمبرن ووٽ ڪيو. رٿ جي خلاف هيٺين ماڻهن ووٽ ڪيو:
1- سر غلام
حسين 2- خان بهادر مير غلام علي ٽالپر 3- پير
الاهي بخش 4- راءِ صاحب گوڪلداس 5- ڊاڪٽر هوتچند
6- مسٽر جي الانا 7- محمد يوسف چانڊيو 8- سيٺ لولو
مل 9- سيد نور محمد شاهه 10- ڪرنل هوزڪ 11- مسٽر
فريزار 12- خان بهادر مير حسين بخش 13- سردار جعفر
خان بليدي 14- سردار مير الهداد خان 15- مير بنده
علي خان ٽالپر 16- محمد امين کوسو 17- شمس الدين
خان پٺاڻ 18- ديوان ڏيئل ملهه. جملي 19 ميمبرن ووٽ
ڪيو.
پارليامينٽري سيڪريٽري خان بهادر گبول ووٽنگ هلندي
رفوچڪر ٿي ويو ۽ اسپيڪر کي گورنر وٽان حڪم مليو ته
اجلاس کي اڻ ڄاڻايل مدي لاءِ ملتوي ڪيو وڃي.
تاريخ 22
جولاءِ 1945ع سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو
ساليانو اجلاس زير صدارت شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي
خالقڏني هال ۾ منعقد ٿيو. جلسي ۾ جناب شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ صاحب، سيد غلام مرتضيٰ شاهه، سيٺ
يوسف هارون، ايم. اي. (سينٽرل) حاتم- اي علوي
صاحب، مسٽر احمد خان بارڪزئي، قاضي عبدالمنان ۽
سيد جمال الدين بخاري وغيره تقريرون ڪيون. جلسي ۾
اٽڪل ڏهه هزار کن فرزندان توحيد شرڪت ڪئي. تلاوت
قرآن مجيد بعد صدر صاحب ڪرسيءَ تي ويهي مسٽر حاتم
علوي کي جلسي جي افتتاحي رسم ادا ڪرڻ لاءِ چيو.
مسٽر شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ مسلم شاگردن کي مخاطب ٿي چيو ته
اوهان کي پنهنجن حقن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ هر ممڪن
ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هينئر جڏهن ايل- ڊبليو هاسٽل مان
آمريڪي فوجون نڪري ويون آهن، تڏهن اتي مسلمان
شاگردن کي رهڻ ڏنو وڃي. جيڪڏهن کين نه رهڻ ڏنو وڃي
ته زوريءَ ان جو قبضو وٺڻ گهرجي. ان بعد مسٽر حاتم
علوي تقرير ڪئي. بعد ۾ استقباليه ڪاميٽيءَ جي
چيئرمين مسٽر احمد خان بارڪزئي تقرير ڪئي. بعد ۾
شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب فيڊريشن جي عهديدارن جا
نالا ظاهر ڪيا، جن کي مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن
ڪائونسل منتخب ڪيو هو.
حاصل مطلب
ته شيخ صاحب 26 نومبر 1938ع تائين سنڌ مسلم ليگ جو
صدر رهيو. 27 نومبر 1938ع تي سنڌ مسلم ليگ جي نئين
سر چونڊ ٿي. صدارت واسطي ٻه اميدوار هئا. هڪ شيخ
عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻيو سر عبدالله هارون. ٻنهي کي
هڪ جيترا ووٽ مليا، بعد ۾ وقتي چيئرمين خانبهادر
ايوب کهڙي، پنهنجو ڪاسٽنگ ووٽ عبدالله هارون جي
حق ۾ ڏنو. نتيجي طور، هڪ ووٽ جي اڪثريت سان
عبدالله هارون سنڌ مسلم ليگ جو صدر چونڊجي ويو.
جنرل سيڪريٽري شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي مقرر ڪيو
ويو. شيخ صاحب 1942ع تائين انهيءَ عهدي تي ڪم ڪندو
رهيو. انهيءَ پوري مدي ۾ شيخ صاحب مسلم ليگ کي سنڌ
۾ ڀرپور انداز ۾ فعال بڻائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رهيو ۽
سر عبدالله هارون جو مک ٻانهن ٻيلي رهيو.
1943ع ۾
جڏهن جي. ايم سيد سنڌ مسلم ليگ جو صدر ٿي چونڊيو،
ته هن جنرل سيڪريٽري تي شيخ صاحب جي بجاءِ غلام
حيدر شاهه کي مقرر ڪيو. هاڻي مسلم ليگ جي سياست
اهڙو رخ اختيار پئي ڪيو، جنهن ۾ کيس وڏن وڏن
زميندارن، جاگيردارن ۽ سردارن جي ضرورت هئي. ذهين،
هوشيار، باصلاحيت ۽ تجربيڪار سياستدانن لاءِ هن
پارٽيءَ ۾ تمام گهٽ حيثيت رهي هئي. شيخ صاحب وٽ
ذهانت، تجربو، قرباني، جدوجهد، تقرير جي صلاحيت ۽
اهڙي قسم جا ٻيا سڀ جوهر ته موجود هئا، پر هو
دولت، زمين، ظاهري وجاهت جي سامان کان محروم هيو.
اڳواڻيءَ جي انهيءَ سونن سنجن واري گهوڙي تي شيخ
صاحب ويهي نه سگهيو ۽ آهستي آهستي مسلم ليگ ڇڏي
ويو.
ڪانگريس
شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ جي زندگي گهڻي سياست ۽ صحافت جي
ميدان ۾ وڙهندي گذري آهي. شيخ صاحب ويهين صديءَ
جي هر تحريڪ ۽ تنظيم ۾ حصو ورتو. مقصد صرف اهو هو
ته ڪيئن به ڪري انگريزن کان آزادي حاصل ڪجي.
ان ڏس ۾ شيخ
صاحب ريشمي رومال جي تحريڪ، خلافت تحريڪ، هجرت
تحريڪ، سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ جي تحريڪ،
آزاديءَ جي تحريڪ، توڙي ان دور ۾ برصغير جي ٻن
ٻوڏين سياسي پارٽين ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۾ ڀرپور
حصو ورتو.
1906ع کان
شيخ صاحب جي عملي زندگيءَ جو آغاز ٿئي ٿو ۽ ستت ئي
پاڻ برصغير جي چوٽيءَ جي سياستدانن سان واقفيت ۾
آيو. برصغير جي چپي چپي جو دورو ڪيو. ان دور ۾
ٿيندڙ اهم ميٽنگن، اجلاسن، جلسن ۽ ڪانفرنسن ۾ شريڪ
ٿيو.
ان ڏس ۾ شيخ
صاحب جي پهرين واقفيت جنهن سياسي پارٽيءَ سان ٿي،
سا هئي، آل انڊيا نيشنل ڪانگريس.
دراصل شروع
شروع ۾ ته مسلم ليگ ۽ ڪانگريس توڙي ٻين سياسي
پارٽين جو بنيادي مقصد انڊيا جي آزادي حاصل ڪرڻ هو
۽ اها ٻڌي ۽ ٺاهه 1929ع تائين جاري رهيو. 1914ع ۾
لکنئُو ٺاهه ۽ مسلم ليگ جي ٺهڻ جا بنيادي سبب
موجود آهن. ان ڪري ويندي 1929ع تائين ڪافي اهڙا
سياسي ليڊر ۽ ڪارڪن هوندا هئا، جيڪي هڪ ئي وقت
ڪانگريس جا به عهديدار يا ميمبر هوندا هئا ته مسلم
ليگ جا پڻ. ان جو وڏو مثال قائداعظم محمد علي جناح
آهي، جيڪو ڪافي عرصي هڪ ئي وقت ڪانگريس جو ميمبر
به هو ته مسلم ليگ جو پڻ.
اهڙيءَ طرح
شيخ صاحب بمبئي کان سنڌ جي آزاديءَ تائين مسلم ليگ
۽ ڪانگريس جو هڪ ئي وقت ميمبر ۽ مرڪزي ورڪنگ
ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. شيخ صاحب کي خاص طور
ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي اهم اجلاسن ۾ گهرايو ويندو
هو. هتي اسان کي جيئن ته شيخ صاحب جي ڪانگريس ۽ ان
۾شيخ صاحب جي ڪردار تي بحث ڪرڻو آهي، ان ڪري صرف
ڪانگريس جي ليڊرن سان واسطي، اجلاسن ۾ شرڪت ۽ ٻين
معاملن جو ڪجهه احوال ڏيڻو آهي. ان ڪري احوال
ڪانگريس جي حوالي سان ايندو.
دراصل شيخ
عبدالمجيد سنڌي 1913ع کان ڪانگريس جي ميٽنگن ۾،
اجلاسن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي.
ان کانپوءِ
1935ع تائين جيڪي به اهم گڏجاڻيون يا ڪانفرنسون
برصغير جي مختلف شهرن ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگرس جون
منعقد ٿينديون هيون، انهن ۾ شيخ صاحب شرڪت ڪئي.
1920ع کان خلافت تحريڪ ۽ عدم تعاون جي تحريڪن ۾ ته
مسلمانن ۽ هندن گڏجي تحريڪ هلائي، انهن ۾ گڏيل
جلسا منعقد ٿيندا هئا. هندو ۽ مسلم ليڊر انهن جلسن
کي خطاب ڪندا هئا ۽ آزاديءَ جي جدوجهد هلائيندا
هئا.
جڏهن کان
شيخ صاحب ڪانگريس جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي،
تڏهن کان سندس واقفيت ڪانگريس جي چوٽيءَ جي ليڊرن
سان ٿي. خاص طور مهاتما گانڌي، مولانا آزاد، رئيس
غلام محمد ڀرڳڙي ۽ ٻين سان سندس تمام ويجهو واسطو
۽ تعلق هوندو هو.
ڪانگريس ۾
چوٽيءَ جا ليڊر شيخ صاحب جي راءِ کي وڏي اهميت
ڏيندا هئا. مختلف اهم سياسي مسئلن ۽ معاملن بابت
ٿيندڙ اجلاسن ۽ ميٽنگن ۾ خاص طور تي شرڪت ڪندو هو.
ڪانگريس جي
اجلاسن ۾ شيخ صاحب جي تقرير کي به خاص مقام ملندو
هو. خاص طور سنڌ جي بمبئي جي جدائيءَ جي ڪيس ۾
جڏهن هندو جدائيءَ لاءِ راضي نه هئا، تڏهن شيخ
صاحب دليلن ذريعي ڪانگريسين کي سنڌ جي بمبئي کان
جدائيءَ لاءِ راضي ڪيو ۽ ڪاميابيءَ سان ڪيس کي
اختتام تي پهچايو. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته
شيخ صاحب ڪيڏي نه وڏي پايي جو سياسي ليڊر هو، جو
باوجود هندن جي مخالفت جي ڪانگريس کان سنڌ جي
آزاديءَ جو مسئلو مڃرائي چڪو. ان مان اهو به پڌرو
ٿئي ٿو ته هو ڪانگريس جي ڪيڏو نه ويجهو هو.
ان کان
علاوه ڪيترا اهڙا اجلاس ٿيا، جنهن ۾ مولانا آزاد
يا مهاتما گانڌيءَ جي موجودگيءَ جي باوجود شيخ
صاحب اجلاسن جي صدارت ڪئي. هتي آل انڊيا ڪانگريس
جي ڪن ميٽنگن، اجلاسن ۽ ڪانفرنسن جو احوال ڏيون
ٿا، جن ۾ شيخ صاحب شرڪت ڪئي:
1913ع - - -
ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيل انڊين نيشنل ڪانگريس جو اجلاس
1915ع - - -
بمبئي، انڊين نيشنل ڪانگريس ڪانفرنس.
1919ع - - -
سکر انڊين نيشنل ڪانگريس ڪانفرنس.
1920ع - - -
ڪلڪته انڊين نيشنل ڪانگريس اجلاس.
1920ع - -
- ناگپور- انڊين نيشنل ڪانگريس اجلاس.
1925ع - - - ڪانپور انڊين نيشنل ڪانگريس سيمينار
لکنئُو |