شيخ صاحب جي
اها وڏي خوشقسمتي ۽ خوش بختي هئي جو پاڻ
انهيءَ سڄي طوفاني دور جي سياست ۽ صحافت
تي مڪمل طور ڇانيل رهيا. سندن حالتن سان
تمام ويجهو ۽ ڳوُڙهو تعلق رهيو. سندن
ڪردار ۽ لکڻين کي ڪنهن به صورت ۾ ڏند ڪٿا،
ڪٿان ورتل، روايتي يا اثر قبول ڪري کڻڻ
وارو نٿو چئي سگهجي.
”الوحيد“ جي
ذريعي شيخ صاحب سنڌ جي مسلمانن جي دلي
امنگن مطابق، سندن سياسي تربيت جو انتظام
ڪيو. سندن خيال ۽ صلاحيتن کي منظم ڪري،
باقي ماڻهن کي جهنجهوڙي، خواب غفلت مان
اڪاري، سنڌ جي حقن واسطي ايندڙ مقابلن
لاءِ ذهني طرح تيار ڪيو.
خلافت تحريڪ
۽ ”الوحيد“ اخبار هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم
ٿي اڀريون ۽ بعد ۾ جڏهن ظاهري طور خلافت
تحريڪ ٿڌي ٿي ته اخبار ان ٿڌاڻ کي ماٺو
ڪرڻ نه ڏنو ۽ ساڳين ويچارن ۽ نظرين کي
مختلف شڪلين ۾ کڻي، سنڌ جي مسلمانن جي هر
جدوجهد ۾ ان جي روح کي زندهه رکيو ۽ کين
ڪاميابيءَ سان همڪنار پئي ڪيو.
سچي ڳالهه
اها آهي ته شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ”الوحيد“
جي ذريعي مثالي محنت ۽ اخلاقن سان، هتي جي
ماڻهن جي، جيڪا سياسي تربيت ڪئي سا سُنهري
اکرن ۾ لکڻ جي لائق آهي.
شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ جو ”خلافت تحريڪ“ ۾
صحافتي ڪردار:
خلافت تحريڪ
۾ صحافيءَ جي حيثيت ۾ شيخ صاحب جي جدوجهد
هڪ اهڙي جدوجهد هئي، جا سنڌي صحافت جي اهم
عنوان طور، ان جي صفحن جو سينگار ۽ سونهن
بڻي رهندي. شيخ صاحب سچ پچ ته پنهنجي قلم
جي ذريعي هن تحريڪ ۾ سنڌ جي مسلمانن کي
خاص طور ۽ پوري برصغير جي مسلمانن کي عام
طور سندن تاريخ ۾، 1857ع جي جنگ کان پوءِ،
پهريون دفعو هڪ جنگ جوٽڻ ۽ قربانين ڏيڻ جو
ڍنگ ڏسيو. شيخ صاحب جي هٿ هيٺ نڪرندڙ
اخبار ”الوحيد“ شيخ صاحب کان رهنمائيءَ ۾
پنهنجو رول ڀرپور انداز ۾ اختيار ڪيو ۽ ان
وقت جي حالتن جي حيران ڪيل ۽ منجهيل
مسلمانن کي هڪ وڏي مقصد جي واٽ ڏيکاري.
شيخ صاحب هن
تحريڪ ۾ نه صرف ”الوحيد“ جي ذريعي پنهنجو
تاريخي ۽ صحافتي ڪردار ادا ڪيو، پر تحريڪ
جي صدر جي حيثيت ۾ پڻ سندس ذميواريون وڌيل
هيون. هن تحريڪ بابت شيخ صاحب پنهنجي
مضمون ۾ لکي ٿو:
”. . . . .
. اسان مسلمانن خلافت تحريڪ ۾ وڏيون
قربانيون ڏنيون، پئسن جي لحاظ کان توڙي
تڪليفن ۽ جانين جي خيال کان. اسان جي
قربانين جو فائدو تُرڪن کي مليو. ان جو
احوال ڪو پڇڻ گهري ٿو ته لاڙد ڪرزن کان
سندس قبر مان وڃي پڇي. اهو سچ آهي ته ترڪن
جي فتح ۾ رپئي مان 15 آنا حصو غازي مصطفيٰ
ڪمال پاشا جي تلوار جو آهي، پر هڪ آنو،
بيشڪ اسان جو آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته
خلافت تحريڪ ۾ اسان جي قوم سڀني کان وڌيڪ
قربانيون ڏنيون آهن. 80 فيصد حصو اسان جو
آهي، اسان جي ڪيترن ماڻهن نوڪريون ڇڏيون،
جيڪڏهن هندن هڪ ڪروڙ رپين کان گهٽ گڏ ڪو
نه ڪيو. . . . . . پر انهن قربانين کان
سواءِ هندستان جي مسلمانن ۾ پنهنجي قومي
هستيءَ ۽ پنهنجي قومي حقن جي حفاظت جو
اهڙو احساس پيدا نه ٿي سگهي ها، جو هن وقت
پيدا ٿي چڪو آهي ۽ آئون هر هڪ مسلمان کي
دعوت ڏيندس ته اڃا به اها خلافت ڪاميٽي
آهي، جا مسلم ۽ اسلامي قوم جي عزت ۽
هستيءَ کي قائم رکڻ لاءِ هر قرباني ڏيڻ
لاءِ تيار آهي. . . . . . . . .(1)
هونئن ته
خلافت تحريڪ جي تحريڪ پوري برصغير ۾ جاري
هئي، پر سنڌ ۾ ته ان جوش ايمانيءَ جو
مظاهرو هندستان جي سڀني علائقن کان وڌيڪ
نمايان هو. بلڪه سنڌي مسلمانن لاءِ ايمان
جي امتحان جو وقت هو. سنڌ ۾ اهڙي جوش ۽
جذبي ڦهلائڻ ۾ سڀ کان وڏو هٿ شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ جي ان صحافتي ڪردار جو
هو، جيڪو هن پهريائين روزانه ”الامين“ ۽
ان کان پوءِ الوحيد“ ۾ ادا ڪيو.
”ايمان جي
امتحان ۽ اسلام جي ثابتيءَ جو وقت“ جهڙي
عنوان تحت شيخ صاحب ”الامين“ ۾ لکيو هو:
”خلافت
اسلاميه جي مٽجي وڃڻ جي خطري کان اها ڪهڙي
ايماندار دل آهي، جا درد کان بي تاب ۽ بي
قرار نه آهي؟ ڪهڙو اهو مسلمان آهي، جنهن
جو قلب آهه و زاريءَ کان خالي آهي؟ دنيا
جي اها ڪهڙي قوم آهي، جنهن تي گذريل ٿورن
سالن جي اندر ايتريون مصيبتون نازل ٿيون
آهن؟ جيتريون مسلم قوم تي ٿيون آهن؟ ۽
انهن مصيبتن هوندي به اها ڪهڙي قوم آهي،
جا غفلت ۾ سرشار ۽ لڳو لڳ گناهن ۾ غرق رهي
آهي. اسان جي عمل کان ڪو به اهڙو ڪم رهجي
نه ويو آهي، جنهن کان اسان پنهنجي دين جي
برباديءَ لاءِ پورو حصو نه ورتو هجي.
اسان پنهنجو خون ۽ خزانو خرچ ڪيو ۽ نتيجو
اهو ٿيو جو اسان پنهنجي رسول مقبول
ﷺ
جي بي گناه جانشين کي ذليل ۽ خوار ڪيو ۽
هن کي ڪامل شڪست ڏيڻ ۾ اسان هن جي سپاهين
کي گولين جو نشانو بڻايو. لارڊ جارج تازو
قبول ڪيو آهي ته هندستان جي لشڪر کان
سواءِ ترڪيءَ کي ختم نه ڪري سگهجي ها.
اسان جون پاڪ جايون کسجي رسول جي دشمنن جي
قبضي هيٺ ٿيون آهن، جن پاڪ شهرن جي عظمت ۽
عزت قائم رکڻ لاءِ هزارين اصحابن ۽ لکين
قلمي گوئين 13- صدي تائين پنهنجون جانيون
قربان ڪيون، تن ساڳين پاڪ شهرن جي عظمت
ڊاهڻ ۾ اسان اڄوڪن مسلمانن پنهنجي جان
مال قربان ڪرڻ ۾ ڪين گهٽايو. ڇا انهن سڀني
ڪمن ڪرڻ کان پوءِ يا انهن تي چشم پوشيءَ
ڪرڻ کان پوءِ اسان کي پنهنجي ڪافر ۽ مردود
۽ منافق هجڻ ۾ ڪو شڪ هجڻ گهرجي؟ ڇا اسان
تي انهن سڀني گناهن ثابت ٿي وڃڻ کان پوءِ،
اسان رسول
ﷺ جي سامهون پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين؟ ڇا حشر ۾
اسان پاڻ کي آخري پيغمبر سردار ڪونين جي
امت سڏائڻ جي دعويٰ ڪنداسين؟ ڇا رسول
ﷺ اسان جهڙن ڏانهن نهارڻ به پسند ڪندا؟ ڇا پاڻ سڳورا اسان جي
شفاعت ڪندا؟ ڇا اسان جهڙن نالائقن تي خدا
پنهنجو رحم ڪندو؟
اسان جا
گناهه بيشمار آهن ۽ اسان جون نالائقيون
بيحد آهن. مسلمان سڏائڻ پنهنجي ماڳ، پر
اسان انساني قطار کان به پري آهيون.
پنهنجي برباديءَ لاءِ ۽ پنهنجي ڀائرن جي
برباديءَ لاءِ اسان سنڌ ۽ هنڌ جي مسلمانن
کان جيڪي ٿي سگهيو ڪيوسين. اسان مسلمانن،
جن پنهنجي جاني ۽ مالي طاقت سان خلافت
اسلاميه جي برباديءَ ۾ مدد ڪئي، سي خلافت
اسلاميه جي حفاظت لاءِ 30 يا 40 لک رپيا
بچائي سگهون ٿا يا نه؟
خدا جي رحمت
کان مايوس ٿي وڃڻُ اسان جي مذهب ۾ حرام
آهي. اسان کي هاڻ پاڻ کان پڪو واعدو وٺڻ
گهرجي ته اڄ کان پوءِ اسان جي جان ۽ اسان
جو مال خدا ۽ خدا جي رسول جي حڪمن جي خلاف
خرچ نه ٿيندو. اهو واعدو پاڻ کان وٺي اسان
مان هڪ هڪ کي خلافت ”بيت المال“ لاءِ چندو
گڏ ڪرڻ کپي. سڀ کان اول اها مالي مدد اسان
تي فرض آهي. اها ئي آهي طلبَ، جا في الحال
اسان جي ديني رهبرن ۽ پوليٽيڪل ليڊرن
اسان کان ڪئي آهي. جيڪڏهن انهن جي موجوده
طلب تي عمل ڪرڻ ۾ اسان ڪا ڪوتاهي ڪئي ته
اسين روز قيامت ۾ شرمسار ۽ گنهگار
رهنداسين. اسان مان جي مالدار آهن، سي خود
به هن ڪارخير ۾ چندو ڏين ۽ ٻين کان به وٺي
ڏين. اسان مان جي مالدار نه آهن، سي ٻين
کان چندو وٺي گڏ ڪري سگهن ٿا.“ . . . (1)
سنڌ ۾ خلافت
تحريڪ جي شروعات شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان
ٿي. اها تقرير 17 آڪٽوبر 1919ع ڌاري
حيدرآباد ۾ ڪئي ويئي هئي. 17 آڪٽوبر جي
تاريخ اصل ۾ يوم خلافت هو. آل انڊيا مسلم
خلافت ڪانفرنس پنهنجيءَ لکنئوُ واري
گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو هو ته اهو ڏينهن سڄي
هندستان ۾ نهايت جوش ۽ جذبي سان ملهايو
وڃي ۽ ترڪيءَ جي سلامتيءَ لاءِ دعائون
گهريون وڃن. ان سلسلي ۾ ان وقت جي مشهور
هفتيوار رسالي ”الامين“ جنهن جو ايڊيٽر
شيخ عبدالمجيد سنڌي هو ۽ شيخ صاحب لکي ٿو:
”هڪ هفتي
کان حيدرآباد جا چند دردمند مسلمان خلافت
ڏينهن ملهائڻ لاءِ جاکوڙ ڪري رهيا آهن.
حضرت مولانا تاج محمد امروٽي، پير امام
شاهه ۽ ڪن ٻين ليڊرن سان گڏجي پنجي وڳي
شام جو حيدرآباد اسٽيشن تي پهتا، اسٽيشن
تي استقبال ڪندڙن، ليڊرن کي هار پارايا ۽
بزرگن جون سواريون الله اڪبر جي نعرن سان
غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي بنگلي ڏانهن
روانيون ٿيون. “
شيخ صاحب
وڌيڪ لکيو:
”خلافت جو
منصب ڪنهن قوم يا گروهه لاءِ خاص نه آهي،
بلڪه دنيا جي سمورين قومن جا اهي ماڻهو،
جن پنهنجي رب سان واعدو ڪيو آهي ۽ اهي
انهيءَ واعدي تي ٻڌل رهڻ چاهين ٿا، سي سڀ
خلافت جا حقدار آهن. انساني عقل به شاهدي
ڏئي ٿو ته جيڪو شخص جهڙي صلاحيت جو مالڪ
آهي، انهيءَ مطابق ئي هن کي ڪم ڪرڻ
گهرجي. حڪومت جون واڳون اهي ئي سنڀالي ٿا
سگهن، جن جي اندر ۾ اهڙيون صلاحيتون
موجود هجن. الله تعاليٰ جو قرآن مجيد ۾
فرمان آهي ته:
”جن ماڻهن
ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، الله تعاليٰ
اهڙن ماڻهن کي زمين تي خلافت جي منصب ڏيڻ
جو واعدو ڪيو آهي“.
خدا تعاليٰ
جو اهو واعدو سمورين اسلامي قومن سان آهي،
خاص ڪنهن قبيلي يا گروهه سان نه آهي. يعني
مسلمانن جي جنهن طبقي ۾ ايمان ۽ نيڪ عملن
جي صلاحيت موجود هوندي اهو ئي خلافت جو
حقدار هوندو. “-(1)
حيدرآباد
واري انهيءَ ڪانفرنس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو
هو ته خلافت جي فيصلي کي عوامي بنائڻ لاءِ
لاڙڪاڻي ۾ ٽن ڏينهن جي ڪانفرنس ڪوٺائي
وڃي، جنهن ۾ هندستان جي چوٽيءَ جي اڳواڻن
کي به گهرايو وڃي. نتيجي طور انهيءَ
ڪانفرنس جي لاءِ، 7، 8، 9 فيبروري 1920ع
جون تاريخون نبيريون ويون. جيئن ته هيءَ
ڪانفرنس عوامي تقريرن ۽ حاضريءَ جي خيال
کان مثالي هئي ۽ خلافت جي موضوع تي جيئن
ته ان کان اڳ ايڏي وڏي ڪانفرنس ڪٿي به
ڪونه ٿي هئي، انهيءَ ڪري انهيءَ جي ڳالهه
ٻڌائڻ ضروري ٿيندي. هيءَ ڳالهه انهيءَ
ڪانفرنس جي، انهيءَ ڪارڻ به ضروري آهي، جو
شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جن انهيءَ ڪانفرنس
ڪوٺائڻ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو.
ڪانفرنس
بابت ان زماني ۾ سکر کان نڪرندڙ هفتيوار
”الحق“ ذريعي اطلاع ڏنو ويو:
”لاڙڪاڻي جي
ڪانفرنس جي آجيان واري ڪميٽيءَ جي چيئرمين
اطلاع ڏنو آهي ته ماڻهن جي آمد کي محدود
ڪرڻ جي لاءِ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ
ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن. عالم سڳورن
کان ٽڪيٽ جو ملهه نه ورتو ويندو. “- - -
- - - -- (1)
لاڙڪاڻي
ڪانفرنس بابت شيخ صاحب هفتيوار ”الحق“ ۾
رقم طراز آهي:
”لاڙڪاڻي
واري خلافت ڪانفرنس سنڌ جي سڀني ڪانفرنسن
کان وڏي ڪانفرنس ٿي گذري. پندرهن هزار
ماڻهن جو ميڙ سنڌ جي ڪنهن به ڪانفرنس ۾ اڳ
ڪونه ٿيو هو، هن ڪانفرنس هڪ ميلي جي صورت
اختيار ڪئي، ماڻهن جو تعداد تمام وڌيڪ
هئو، جيترا ماڻهو اندر هئا، اوترا ئي ٻاهر
بيٺا رهيا.“ - - - - - (2)
شيخ
عبدالمجيد سنڌي خلافت ۽ هجرت وارين تحريڪن
۾ ڪهڙو صحافتي رول ادا ڪيو، ان جي تاريخ
اَڌوگابري رهجي ويندي، اگر جيڪب آباد واري
ڪانفرنس جو ذڪر نه ڪبو. جيڪب آباد واري
ڪانفرنس ٻي ۽ ٽين مئي 1930ع تي ٿي. انهيءَ
ڪانفرنس جي صدارت مولانا تاج محمود
امروٽيءَ ڪئي. انهيءَ ڪانفرنس جي موقعي تي
هجرت ڪاميٽي ٺاهي ويئي. سنڌ ۾ هجرت جو
آغاز انهيءَ ڪانفرنس کان پوءِ ٿيو. انهيءَ
ڪانفرنس ۾ اٽڪل ٽي هزار ماڻهو شريڪ ٿيا.
شيخ صاحب،
انهيءَ ڪانفرنس جي جيڪا تصوير چٽي آهي، سا
ان قابل آهي ته هتي ڏجي:
”هٿن کي
طاقت نه آهي جو انهيءَ نظاري کي قلم سان
بيان ڪري، اکين سان ڏٺل هوندي به اعتبار ۾
نٿو اچي. قرباني ۽ جانثاري، ايثار ۽
فداڪاري، سادگي ۽ پاڻ ارپڻ جي سچي تصوير
ٽن هزارن جي بلوچي جلسي جي صورت ۾ شهيدان
اسلام جي يادگار کي تروتازه ڪري رهي هئي.
جاهل خواه عالم، جديد تعليم يافته هڪڙي
نشي ۾ مست، هڪڙي ئي درد ۾ ديوانا، هڪڙيءَ
ئي محبت ۾ مجنون، هڪڙي ئي مدعا جا
متوالا، هڪڙي ئي غم ۾ غرق، هڪڙي ئي شئي جا
شيدائي، هڪڙيءَ ئي الفت ۾ آئٽيل ۽ ساڳئي
مقصد ۽ مراد جا متوالا هئا. يعني خلافت
اسلاميه جي حفاظت جا فداڪار، حامي ۽
حمايتي.
خليفة
المسلمين جي حال، رعيت ۽ ملڪ تي جيڪي
مصيبتون نازل ٿيون آهن، مقامات مقدس تي
جنگ جي ڪري جيڪي بيحرمتيون ۽ برباديون
نازل ٿيون آهن ۽ خليفي جي قبضي مان انهن
پاڪ جاين جي نڪري وڃڻ جي ڪري انهن جاين
جون جيڪي بي عزتيون ۽ دين اسلام تي جيڪي
چٿرون ٿيون آهن، تن جا احوال ٻڌي غريب
بلوچ ۽ سچا مسلمان رنا ٿي ۽ واڪا ڪرڻ لڳا
ٿي. اهو هو نظارو جيڪب آباد جي خلافت
ڪانفرنس جو، قربانيءَ جو اهو حال هو جو ست
ماڻهو، جن ۾ وڏا وڏا پير، بزرگ ۽ مولوي به
شريڪ هئا، سي پنهنجن ٻارن ٻچن سميت
مهاجرين جي جماعت ۾ اچي داخل ٿيا. جڏهن
مولانا حميد احمد سان همدرديءَ جي رٿ پيش
ٿي ته تڏهن يڪي آواز سان سڀ پڪارڻ لڳا ته
اسان سڀ مولانا وانگر جيل ۾ وڃڻ لاءِ تيار
آهيون. جڏهن قطع تعلقات تي تقريرون ٿيون،
تڏهن گهڻي ئي زميندارن اعلان ڪيا ته
جيڪڏهن عالم فتويٰ ڏيندا ته اسين به انڪار
ڪنداسين. سڀ کان رشڪ ۽ تحسين جوڳو اعلان
ميان جان محمد جوڻيجي جو هيو.
هيءَ
ڪانفرنس هڪ ماتمي مجلس هئي. جڏهن دل جي
درد ۽ غم جي سختيءَ کان الله اڪبر جون
صدائون حاضرين بلند ڪيون ٿي، تڏهن ڄڻڪ وڻن
ٽڻن مان به ساڳيون صدائون پئي نڪتيون.
گريه ۽ زاريءَ کان پٿر دليون به پاڻي ٿي
پيئون، “- - - - - (1)
جيڪب آباد
جي ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ جي ڪري خلافت
تحريڪ کي وڏي هٿي ملي. جيڪب آباد واري
ڪانفرنس سڄي سنڌ ۾ هجرت لاءِ وڏو جذبو ۽
جوش پيدا ڪيو هو. انهيءَ ڪري انتظاميه
جيڪب آباد ۾ ظلم و تشدد ۽ ڏاڍاين جو سلسلو
شروع ڪري ڇڏيو ته جيئن اڳياڙيءَ ۾ ئي
انهيءَ جذبي جا گونچ پٽي، انهيءَ کي ختم
ڪيو وڃي. هڪ خلافتي ڪارڪن منشي خدا بخش کي
چيو ويو ته هن جون لکيل درخواستون ڪنهن به
ڪورٽ ۾ قبوليون نه وينديون. بعد ۾ انهيءَ
کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو. سردار رسول
بخش، جيڪو نهايت وڏي ڄمار وارو هئو ۽ 3
هزار سالياني ڍل ڀريندڙ هئو، ان کي به
گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس ٻارنهن مهينن جي جيل
جي سزا ڏني ويئي. سپاهي محمد دائود، جنهن
ڪانفرنس جي موقعي تي مستعفي ٿيڻ جو فيصلو
ڪيو هو ۽ واعدي مطابق استعيفا ڏئي به
ڇڏيائين، انهيءَ کي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس
گهرائي مارڪٽ ڪئي ۽ کيس ڌمڪيون ڏنيون.
اهڙيءَ طرح هڪ زميندار کي سڏائي، ڊپٽي
ڪمشنر دروازو بند ڪري کيس مارڪٽ ڪئي“ . -
- - - (2)
جيڪب آباد
جي واقعن تي ”الامين“ ۾ شيخ عبدالمجيد
سنڌيءَ جيڪو اداريو لکيو، تنهن جا چند
نُڪتا ڏجن ٿا:
”جيڪب آباد
جي سرحدي شهر ۾ جيڪي عملداري زيادتيون اڄ
ڏينهن تائين ظاهر ٿي چڪيون آهن. تن جو
احوال غفلت ۾ ٻڏل هو، مسٽر سمائيٿ (ضلعي
انتظاميه آفيسر) ان کي سڌارڻ جو هڪ سڌريل
طريقو اختيار ڪيو، يعني ڪشتي جو چيلينج
ڏنائين، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ساري
علائقي ۾ نئون روح ڦوڪجي ويو ۽ مسٽر
سمائيٿ ان کي روڪڻ لاءِ پنهنجي بنگلي جي
چوڌاري ڊبل پهرو بيهاريو.
مسٽر سمائيٿ
ڪجهه به ڪري پر اسان کيس يقين ٿا ڏياريون
ته حق ۽ صداقت جي آواز کي هو هرگز دٻائي
نٿو سگهي. توهان صفحه هستي تان خلافت کي
مٽائي سگهو ٿا پر مسلمانن جي دلين مان
هرگز مٽائي نٿا سگهو. “- - - - -(1)
هيءَ هڪ اڻ
ٽر ۽ اڻ وسرندڙ حقيقت آهي، ته گذريل سٺ
سالن منجهه سنڌ منجهان جيڪي به تحريڪون
اٿيون آهن، خلافت جي تحريڪ انهن سڀني کان
مٿاهين حيثيت واري آهي، ڇو جو انهيءَ
تحريڪ ۾ عوام قربانيون پيش ڪيون. اهي
قربانيون جيلن ۾ وڃڻ جي صورت ۾ به هيون ۽
هجرت جي شڪل ۾ به. خلافت تحريڪ جي انهيءَ
عوامي تحريڪ ٿيڻ ۾ جتي عالم سڳورن جو هٿ
هئو، اتي ”الوحيد“ ۽ سندس ايڊيٽر شيخ
عبدالمجيد سنڌي صاحب جو پڻ وڏو ڪردار آهي،
جيڪو پيڙهائتي حيثيت جو مالڪ آهي. جيڪڏهن
”الوحيد“ نه هجي ها، ته هيءَ ڳالهه يقين
سان چئي سگهجي ٿي ته خلافت جي تحريڪ کي
ايتري مقبوليت شايد ئي ملي ها. شيخ
عبدالمجيد سنڌي صاحب ”الوحيد“ جي ذريعي
انهيءَ زماني ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي،
ان جي هڪ جهلڪ هيٺ آڻجي ٿي.
هو ”ترڪ
موالات“ جي عنوان سان هڪ اداريي ۾ لکي ٿو:
”اسلام جو
آخري سياسي ۽ مذهبي مرڪز دارالخلافت
قسطنطنيه هن وقت دشمن جي گهيري ۾ آهي،
دشمن گهڻا آهن. مرڪز اسلام جو مددگار
خدا کان سواءِ ٻيو ڪوئي ڪونهي. ياد رکو اڄ
انهيءَ جي مدد ڪرڻ ۾ اسان ڪا ڪوتاهي ڪئي
ته پوءِ اسان ثابت ڪري ڏيکاريو ته اهو
اسلام جو شاندار وڻُ، جنهن کي اسان جي
وڏن پنهنجي خون سان وڌايو ۽ وڏو ڪيو، تنهن
کي وڍي ڇڏيندڙ جي گويا اسان مدد ڪئي آهي
۽ انهيءَ لاءِ اسين انهيءَ احڪم الحاڪمين
جي سامهون جوابده ٿينداسين، جنهن جي حڪومت
۽ سلطنت کان اسين بچي ڪيڏانهن وڃي نٿا
سگهون.
اڄ ساري
مسيحي دنيا، اسلام کي فنا ڪرڻ لاءِ اٿي
کڙي ٿي آهي. تنهن کي توهان جي ڪانفرنسن ۾
ٺهراءَ پاس ڪرائڻ جي ڪا پرواهه ڪانهي.
جيڪڏهن مسلمان مسيحي دنيا جي سازشن جو
مقابلو ڪري اسلام جا مقامات وري خليفته
المسلمين جي قبضي ۾ آڻڻ گهرن ٿا، ته پوءِ
کين هڪدم توحيد جي حفاظت لاءِ اٿي کڙو ٿيڻ
گهرجي ۽ الله جل جلال ۽ ان جي رسول
ﷺ جي محبت کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. هن وقت ضرورت آهي ته سرڪار پاران
مليل اعزاز القابن کي ڦٽو ڪري ”ترڪ
موالات“ جي تحريڪ کي ڪامياب بنايو وڃي“ .
- - - (1)
شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ جا اهڙا ۽ انهيءَ قسم جا
ٻيا ايڊيٽوريل نوٽ، سدائين ”الوحيد“ جي
زينت بڻيا رهيا. انهن پرجوش ادارين سنڌ ۾
هلچل جي لهر پيدا ڪري ڇڏي هئي ۽ انهيءَ
وقت ”الوحيد“ جي اشاعت پنجن هزارن تائين
وڃي رسي هئي ۽ سنڌ جي هر شهر، هر ڳوٺ ۾،
اوطاقن ۽ مجلسن ۾ اجتماعي طور ”الوحيد“ کي
ذوق ۽ شوق سان پڙهيو ويندو هو.
سنڌ جهڙي
پوئتي پيل پرڳڻي ۾ سرڪار جي خلاف نفرت جي
اها لهر، انگريز گورنمينٽ جي لاءِ تمام
خطرناڪ هئي، لهاذا ”الوحيد“ کي بند ڪرڻ جي
خاطر ٻن هزار روپين جو زر ضمانت داخل ڪرڻ
جو حڪم ڏنو ويو. ٻه هزار روپيه انهيءَ دور
وارين حالتن منجهه تمام وڏي رقم هئي ۽
انهيءَ جي ادائگي ”الوحيد“ جهڙي اخبار
لاءِ تمام اڻانگي هئي. انهيءَ تي شيخ صاحب
29- ڊسمبر 1920ع جي اخبار ۾ ”ابتداءِ عشق“
جي سري هيٺ اداريو لکيو. هو لکي ٿو:
”جڏهن کان
دل ۾ قومي ۽ ملڪي خدمت جو جوش ڌاري پاڻ
لاءِ حق جو رستو اختيار ڪيو آهي، تڏهن کان
اسان کي خطرو هو، ته حڪومت حق جي آواز کي
برداشت نه ڪندي ۽ ڏنڊ اسان کي ضرور برداشت
ڪرڻو پوندو. 26 ڊسمبر تي جيئن اسان
پراونشل خلافت ڪانفرنس حيدرآباد کان واپس
موٽياسين ته سٽي مئجسٽريٽ ڪراچي طرفان
هيٺيون نوٽس اسان کي مليو:
”سال 1910ع
جي پريس ايڪٽ، سيڪشن 3 ڀاڱي موجب اوهان کي
چئجي ٿو ته اوهان هڪدم ٻن هزار روپين جي
ضمانت ادا ڪريو.“
حڪم ڪنهن
انصاف تي مبني آهي يا نه، سو خود حڪم جي
پڙهڻ سان معلوم ٿيندو. نه سبب ڏيکاريل آهي
نه مهلت مليل آهي. 28 جولاءِ تي ”الوحيد“
لاچار نه نڪري سگهي. سڀني دوستن جو چوڻ
آهي ته ضمانت داخل ڪئي وڃي. جيئن حق جو
هيءُ آواز جاري رهي سگهي. جنهن صورت ۾
هيءَ اخبار محض قومي ۽ ملڪي خدمت لاءِ
خلافت عظميٰ جي اقتدار قائم رکڻ لاءِ جاري
ڪئي ويئي هئي، تنهن ڪري خلافت ڪميٽيءَ جي
معزز ميمبرن ۽ ٻين دوستن جي صلاح قبول
ڪري، اڄ ضمانت داخل ڪرائي ويئي ۽ اخبار
هاڻي برابر جاري رهندي.
اخبار جي
اجراءَ کان وٺي اداري کي چئن سئو روپين جو
ماهانه نقصان آهي، اڄ تائين اخبار جو اهو
سمورو خسارو سيٺ عبدالله هارون برداشت ڪيو
آهي. هيءَ رقم به جيڪڏهن سيٺ صاحب کان
گهرون ها ته هو ادا ڪن ها پر جيئن ته
”الوحيد“ جو آواز قوم جو آواز آهي، تنهن
صورت ۾ هڪ فرد کي موقعو ڏيڻ بجاءِ اسين
قوم کي هن نيڪ ڪم ۾ شريڪ ڪرڻ چاهيون ٿا.
اسان کي يقين آهي ته ”الوحيد“ جي 5 هزار
قارئين مان، جيڪڏهن 3 هزار قارئين ئي
روپيه رويپه ڪري رقم ڏني، تڏهن به ضمانت
ادا ٿي ويندي ۽ وڌيڪ هزار روپيا رقم ٻين
اخراجات لاءِ بچي پوندي.
اسين اهو
چوڻ ضروري ٿا سمجهون ته، هيءَ اخبار اسان
خدا جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ جاري ڪئي
آهي، ۽ اهو فڪر اسان کي ڪڏهن به نه رهيو
آهي، ته خدا جا بندا اسان کي ڪهڙي نظر سان
ڏسن ٿا. نه اسان کي ڪنهن جي تعريف ۽ تحسين
جي ضرورت آهي ۽ نه ڪنهن جي رنج جي پرواهه
آهي، هيءُ خالص ديني فريضو آهي. اسين هيءُ
جهاد جيڪو ڪري رهيا آهيون، اهو اسان جي دل
جو آواز آهي. حضرت عيسيٰ عليه پنهنجي
پوئلڳن کي نصيحت فرمائي هئي ته، ”هڪ نوڪر
ٻن مالڪن کي خوش نٿو رکي سگهي.“ انهيءَ
صورت ۾ اسان جو واحد رستو قرآن وارو آهي.
جيئن سورت بقره ۾ آهي، ”توکان يهودي ۽
نصاريٰ ڪڏهن به خوش نه ٿيندا، جيستائين
تون انهن جو طريقو نه اختيار ڪرين.“
آئون پنهنجي
دوستن کي يقين ٿو ڏياريان ته اسان جي
پاليسي ساڳي ئي رهندي. جي شخص انهيءَ عشق
جي رستي تي قدم رکن ٿا تن لاءِ اڃا ته
آخري منزلون اچڻيون آهن. “- - - - -(1)
شيخ صاحب جي
انهيءَ اداريي کان پوءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ
منجهان امدادي رقمون اچڻ شروع ٿي ويون.
انهيءَ دور جي جذبات جو اندازو انهيءَ وقت
ڇپيل هن خبر منجهان خود لڳائي سگهجي ٿو،
ان امداد ۾ ٻيا ته خير پر خلافتين جو مثال
ڏسو:
”حيدرآباد
خلافت ڪميٽيءَ جي سيڪريٽريءَ طرفان تار
ملي ته، مهرباني ڪري ضمانت لاءِ منهنجي
طرفان 50 روپيا ۽ منهنجي گهر واري، پاران
60 روپين جا زيور قبول ڪندا، ان مقصد لاءِ
باقاعده فنڊ قائم ڪندا، ڪو فڪر نه ڪندا“ -
- - - (2)
ڏنڊ جي
باوجود جڏهن ”الوحيد“ جي پاليسيءَ ۾ ڪوئي
فرق نه آيو. البت وڌيڪ تيزي ۽ پختگي آئي
ته سرڪار ”الوحيد“ جي ايڊيٽر لاءِ باندي
خانن جا دروازا کولي ڇڏيا.
18 - ڊسمبر
1920ع واري اخبار جو اداريو آهي،
”ڪائونسلن کي ترڪ ڪريو. “ انهيءَ ۾ شيخ
صاحب لکي ٿو:
”اسان
”الوحيد“ جي ڪالمن ۾ باربار هن ڳالهه تي
روشني وجهي چُڪا آهيون ته، ڪائونسلن ۾ وڃڻ
ڪري فائدي جي بجاءِ نقصان آهي،۽ اهي ماڻهو
جي هن وقت قوم ۽ اسلام جي فيصلي جي خلاف
ڪائونسلن جي عشق ۾ گرفتار ٿِي، دشمنان دين
سان ناتا ڳنڍڻ گهرن ٿا، اهي قوم ۽ وطن جا
هرگز خيرخواهه نه آهن. اگرچه اسان تي ”ترڪ
موالات“ قرآن ۽ حديث يا ملڪي مصلحيت فرض
آهي. پر ان سان گڏ هيءُ به ڏسڻو آهي ته
ڪائونسلن ۾ وڃڻ ازخود به فائدي واري شئي
آهي يا نه، هي اهي ئي ڪائونسلون آهن، جن ۾
رولٽ ايڪٽ، پريس ايڪٽ، ڊفينس ايڪٽ وغيره
پاس ٿيا. انهن مان ڪجهه ايڪٽ (ن) جي ته
اهڙي سخت مخالفت ٿي جو نرم ۽ گرم هر ڌر
وارن ميمبرن، مخالفت ڪئي ۽ ملڪ ۾ انهن جي
خلاف جلسا ٿيا. قومي اخبارن لکيو، پر ان
سڀ جي باوجود اهي ايڪٽ منظور ٿيا. موجوده
سڌريل ڪائونسلن ئي ته حڪومت کي بي پناهه
اختيارات ڏنا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ هو قوم
جون خدمتون ڪهڙيءَ ريت انجام ڏيئي سگهن
ٿا. “- - - -(1)
16- آڪٽوبر
1920ع جي شماري ۾ هن ”هندو ۽ مسلمان
ڀائرو“ جي نالي سان هڪ اداريو لکيو، جنهن
۾ ماڻهن کي حڪومت جي خلاف ڀڙڪايو ويو آهي.
انهيءَ شماري ۾ هڪ مضمون ”سرڪاري اسڪولن
جو ڇو نه بائيڪاٽ ڪيو وڃي؟“ لکيو ۽ 2
نومبر 1920ع جي اخبار ۾ ”ترڪ موالات جي
ضرورت“ جي عنوان هيٺ هڪ مضمون لکيو هو.
اهي ٽيئي مضمون، قانون جي نظر ۾ سخت قسم
جا ڏوهه آهن. هر هڪ مضمون تي ڏوهاريءَ کي
سخت پورهئي سان هڪ سال قيد جي سزا ڏني
ويندي آهي، جيئن ته اها سزا هڪ ئي وقت
شروع ٿيندي، تنهن ڪري ٽن سالن جي اها سزا،
پنهنجو پاڻ هڪ سال ۾ تبديل ٿي ويندي.
ترڪي خلافت
جي زوال تي سنڌ ۾ روڄ راڙو متل هو ۽ من ۾
ماتم هو. ان زماني ۾ سنڌ ۾ وڏي باهه ٻريل
هئي، جنگ جي خاتمي تي، سنڌ جي مسلمانن، ان
ڪري جشن فتح ۾ حصي وٺڻ کان انڪار ڪيو جو
انگريزن ۽ ٻين طاقتن، خلافت جو مسئلو حل
نه ڪيو هو ۽ ترڪن ۽ مسلمانن جي مرڪزيت ختم
ڪئي ويئي هئي. هر هنڌ جلسا جلوس هئا،
خليفي جي حق ۾ دعائون گهريون ٿي ويون.
هڙتال ٿي ڪئي ويئي. روزا رکيا ٿي ويا ۽
مطالبن جا ٺهراءَ ٿي پاس ڪيا ويا. سرڪار
جي مخالفت هئي. وٺ پڪڙ هئي، زبان بندي هئي
۽ سياسي ٻوسٽ هئي. ان صورتحال جي نقشي چٽڻ
۽ سڀ کان وڌيڪ حڪومت وقت کي جرئت سان نندڻ
۽ بيباڪيءَ سان چئلينج ڏيڻ جو حق شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ سرانجام ڏنو. هن مسئلي
کي سمجهڻ لاءِ شيخ صاحب جي انهيءَ صحافتي
ڪردار کي پڙهڻو پوندو، جيڪو هن ”الامين“ ،
”الحق“ ۽ ”الوحيد“ ۾ سرانجام ڏنو. هتي
آئون ”الامين“ اخبار ۾ شيخ صاحب جو لکيل
اداريو اوهان جي آڏو پيش ڪريان ٿو، جنهن
مان اوهان هن مسئلي تي شيخ صاحب جي صحافتي
ڪردار کان ڀلي ڀت واقف ٿي سگهندا:
”. . . . .
حيدرآباد جي خوشقسمت شهر ۾ زبان بنديءَ جو
نوٽيس فقط ڇهن ڄڻن جي نصيب ۾ لکيل هو، پير
سيد محبوب شاهه، ڊاڪٽر شيخ نور محمد، سيٺ
امين الدين، حاجي شاهه بخش، سيٺ حاجي احمد
۽ راقم (شيخ عبدالمجيد سنڌي).
قريب ساڳئي
معنيٰ جو اشتهار ڪراچي شهر جي سڀني باشندن
سان ٻن مهينن لاءِ لاڳو ڪيو ويو آهي. سکر،
دادو ۽ مٽياريءَ جي ڪن ماڻهن کي به ڊسٽرڪٽ
مئجسٽريٽ وٽان ساڳيو عنايت نامو عطا ٿيو
آهي. پر لاڙڪاڻي جو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ سڀني
کان زور آهي، جيئن ته جلسن جا ٺهراءَ به
هن جي منظوريءَ کان سواءِ وائسراءِ هند کي
موڪليا ويا آهن. اها آهي اجازت، جا
ماڻهوءَ کي پنهنجي جذبات جي اظهار ڪرڻ
واسطي ڏني وڃي ٿي. تسلي تسڪين کان ته
اسان کي محروم رکيو وڃي ٿو. خوشي ته اسان
جي نصيب ۾ لکيل ڪانهي، پر هاڻي روئڻ کان
به روڪيو وڃي ٿو.
”سنڌ کان
ٻاهر الهه آباد ۾ مسٽر حميد احمد تي خلافت
بابت تقريرون ڪرڻ ڪري قانوني ڪارروائي هلي
رهي آهي ۽ رنگون جي سرڪار، اسان جهڙو شرف
رنگون جي 48 بزرگن کي بخشيو آهي. هوڏانهن
ڪلڪتي ۾ خلافت آفيس جي تلاشي ورتي ويئي
آهي ۽ اردو ۽ بنگالي زبان ۾ ڇپيل اٺن
ٺهرائن کي ضبط ڪيو ويو آهي. هيڏانهن سنڌ
جي سرڪار ڪلڪتي مان موڪليل وڏن اشتهارن ۽
ڪراچيءَ مان آنريبل مسٽر غلام محمد خان ۽
سيٺ حاجي عبدالله هارون جي دستخط سان نڪتل
ميٽنگ جي نوٽيس کي ضبط ڪيو آهي، اسان جي
به آفيس ۾ سي آءِ ڊيءَ جو انسپيڪٽر آيو ۽
اشتهار وٺي رمندو رهيو. سرڪاري نوڪرن کي
تاڪيد ڪيو ويو ته خبردار متان يوم خلافت
تي، پنهنجي ملازمت تان غير حاضر رهيا آهيو
۽ جلسن ۾ شريڪ ٿيا آهيو.
”اهي سڀ واقعا صاف طرح ڏيکاري رهيا آهن ته
خلافت جي متعلق سرڪار هاڻي ڪهڙو رخ اختيار
ڪندي ۽ لطف ته اهو آهي ته جذبات جي انهن
لتاڙيندڙ طريقن اختيار ڪرڻ جي باوجود
معمولي يورپي عملدار کان وٺي هند سرڪار ۽
وزير هند تائين سڀني جي اها فتويٰ آهي ته
اسان کي مسلمانن جي مذهبي جذبات سان
همدردي آهي، جيڪڏهن اها همدردي آهي ته،
بيشڪ اها عجيب همدردي نه آهي ۽ انهيءَ
همدرديءَ جو مثال اهو آهي جو هڪ زخمي
وفادار سپاهي جنگ جي ميدان ۾ مرهم لاءِ
پڪاريندو هجي ۽ بهادر طبيب ان جي زخمن جو
علاج ته نه ڪري پر هن جي ٻوٿ تي پٽي ٻڌي
پنهنجي زبان سان چوي ته مون کي توسان
همدردي آهي. زخمي ۽ قريب الموت سپاهيءَ جي
مالي ۽ جاني قربانيءَ جو اهو ڪافي بدلو نه
آهي ڇا؟ ڇا مسلم قوم جي به ساڳي حالت آهي
يا نه؟