باب ٻيون
”الوحيد“ جي اجراءَ ۽ شروعات:
هن اخبار جي جاري ٿيڻ جي ساڍن ٽن مهينن بعد قاضي عبدالرحمان،
حاجي عبدالله هارون جي مدد سان شيخ عبدالعزيز کان
”الوحيد“ پريس جا جملي حقوق خريد ڪري ورتا. اهو
ذڪر قاضي عبدالرحمان ”الوحيد“ جي 4 جولاءِ 1920ع
واري پرچي ۾ به ڪيو آهي. مولانا دين محمد وفائي
اخبار جو پهريون اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو، جيڪو بعد
۾ ڪافي عرصو اخبار جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن جو ذڪر
پوءِ ايندو.
اخبار جي شروعات ڪرڻ ۾ مکيه طرح مرحوم شيخ عبدالعزيز، مرحوم شيخ
عبدالمجيد سنڌي ۽ مرحوم سر عبدالله هارون جون گڏيل
ڪوششون هيون. شروع ۾ اخبار جي مالڪيءَ جا حق حاجي
عبدالله هارون وٽ هئا، پر پوءِ اها اخبار سنڌ جي
خلافت ڪاميٽيءَ جي حوالي ڪئي ويئي. 1920ع ڌاري سر
عبدالله هارون ”الوحيد“ اخبار کي صوبه سنڌ خلافت
ڪاميٽيءَ کي وقف ڪري ڏني ۽ اهڙيءَ طرح الوحيد جي
خسارن کان پاڻ کي آجو ڪيو. “- - - - - (1)
”الوحيد“ جي نڪرڻ شرط اخبار شيخ عبدالعزيز (فرزند شيخ سليمان،
”الحق“ وارو) جي نظرداريءَ ۾ ڏني ويئي، ليڪن ٻن
مهينن جي قليل عرصي کان پوءِ قاضي عبدالرحمان (جو
بي- اي پاس ڪري آيو هو) جي حوالي ڪئي ويئي. شروع
وارن ڏينهن ۾ ”الوحيد“ جي مددگارن ۾ مرحوم مولوي
حڪيم شمس الدين به شامل هو، جيڪو انهن ڏينهن ۾
مجلس خلافت جو جنرل سيڪريٽري هو ۽ ڪراچيءَ ۾
اسپتال هلائيندو هو. انهيءَ کان سواءِ ادارتي عملي
۾ مولانا دين محمد وفائي، گهر جا سڀ سانگا لاهي،
ان مقصد لاءِ ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو هو.
حافظ خير محمد اوحدي لکي ٿو ته:
”الوحيد سنڌ جي سياسي ۽ صحافتي افق تي ڪي اهڙا اڻ مٽجندڙ نشان
ڇڏي ويئي، جن کي اسين وسارڻ چاهيون ته به آسانيءَ
سان نٿا وساري سگهون ۽ جيستائين ”الوحيد“ جي نالي
جو تعلق آهي اهو سندس ظاهري اهڃاڻ جي مٽجي وڃڻ جي
باوجود سنڌ جي آسمان صحافت تي هميشه چمڪندو
رهندو.“ - - - - - (1)
”الوحيد“ بابت ممتاز مورخ ۽ عالم پير حسام الدين راشديءَ لکيو:
الغرض ”الوحيد“ستت ئي ايڏي مقبول ٿي ويئي جو سنڌ اندر قومي
سجاڳيءَ جي زبردست لهر اٿاري ڇڏيائين. سڄي ڇيڙي
نبيري سندس حصي ۾ اچي ويئي. ”الوحيد“ جو لکيو سنڌ
جي مسلمانن لاءِ ڄڻ الهام ٿي پيو. ڪنهن کي چون
چوان جي مجال نه هئي. هر ڪو پيو ان جي لکڻيءَ
ڏانهن تڪيندو هو. ”الوحيد“ جي احاطي ۽ دائري کان
ٻاهر جيڪا شئي هئي، سا بلڪل باطل ۽ غيرمستند يعني
قطعي مجهول ۽ صفا نامعقول، انگريز ششدر ٿي ويا ۽
سنڌ ۾ انگريز پرستن جون ٿالهيون ابتيون ٿي ويون.
ديڳڙا اونڌا ٿي ويا ۽ ڏويون ٽنگجي ويون. “- - - -
- -(1)
الوحيد جا ايڊيٽر:
37 ورهين جي طويل عرصي ۾ ”الوحيد“ اخبار جا ڪيترائي ايڊيٽر مقرر
ٿيا، جن ۾ مکيه طرح : قاضي عبدالرحمان، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، مولانا دين محمد وفائي، شيخ
عبدالسلام، مير الله بخش ٽالپر، قاضي خدا بخش،
رئيس علي محمد مري، بلوچ دين محمد عليگ، مولانا
عبدالڪريم چشتي، نبي بخش سرڪي، حڪيم شمس الدين،
علاءُ الدين سمون، مولوي عبدالغفور سيتائي، مشتاق
ابڙو، پير شاهنواز، دين محمد مستري ڇتن وارو ۽ شيخ
عبدالرحيم شامل آهن.
”الوحيد“ جو پهريون ايڊيٽر قاضي عبدالرحمان ۽ آخري ايڊيٽر شيخ
عبدالرحيم هو. انهيءَ سلسلي ۾ جناب خير محمد
اوحديءَ جو خيال به هنڊائڻ جهڙو آهي، جيڪو هن
”الوحيد“ ۽ ان جي ايڊيٽرن جي باري ۾ ظاهر ڪيو آهي:
”الوحيد“ کي سندس ابتدائي دور ۾ ئي تحريڪ خلافت جي حمايت، سنڌ
جي مسلمانن جي جذباتي وابستگيءَ ۽ شيخ عبدالمجيد
سنڌي، قاضي عبدالرحمان ۽ مولوي دين محمد وفائيءَ
جي قلم ايڏي بلند ترين درجي تي پهچائي ڇڏيو هو جو
ان کان پوءِ اچڻ واري دور ۾ هوءَ پنهنجي شُهرت ۽
مقبوليت کي قائم رکڻ لاءِ ڪنهن به ايڊيٽر جي قلم
جي مرهون منت نه رهي هئي. اُن جي برعڪس ”الوحيد“
جا ايڊيٽر مشهوري ۽ هر دلعزيزي حاصل ڪرڻ لاءِ
هميشه ”الوحيد“ جا محتاج ئي رهيا. ”الوحيد“ پارس
هئي، جنهن جو هٿ هن سان لڳي ويو، اهو سون بڻجي
ويو. “- - - - - - - (1)
بمبئي کان جدائي جي تحريڪ ۽ الوحيد جو حصو
1920ع ۾ ”الوحيد“ جو خلافت تحريڪ جي پليٽ فارم تان اجراءُ ٿيو.
خلافت تحريڪ، هجرت تحريڪ ۽ سنڌ ۾ برصغير جي
مسلمانن جي مفادن لاءِ اخبار ڀرپور جدوجهد ڪرڻ
لڳي. سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ واري تحريڪ ۾ به
هن ڀرپور ساٿ ڏنو. سندس ادارتي عملي ۽ سرپرستن
انهن تحريڪ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هنن
تحريڪن جي لاءِ هلايل هلچل ۽ سرگرمين جون خبرون،
مطالبا، تحريڪ جي لاءِ حمايت ۽ مضمون، اداريا ۽
خاص نوٽ وغيره لاءِ ”الوحيد“ پنهنجا صفحا مخصوص
ڪري ڇڏيا هئا ۽ ان تحريڪ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ
تيار هئي. تحريڪ جي حمايت ۾ ”الوحيد“ ۾ جيڪو مواد
شايع ٿيو، تنهن جو ڪجهه خلاصو هت پيش ڪجي ٿو ته
جيئن تحريڪ ۾ ”الوحيد“ جي ڪردار جي هڪ جهلڪ نظر
اچي سگهي.
”سن 1925ع کان پوءِ آل انڊيا خلافت ڪاميٽي ۽ آل انڊيا ڪانگريس
پارٽيءَ جا ساليانه اجلاس منعقد ٿيا، جنهن ۾ سنڌ
جي عليحدگيءَ جو سوال پيش ٿيو ۽ ساڳيو ٺهراءُ شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ طرفان بحال ڪرايو ويو. آل انڊيا
مسلم ليگ جو ٺهراءُ هن طرح سان بحال ٿيو، جنهن ۾
چيو ويو ته جيئن علم الانسان ۽ جاگرافيءَ ۾ اهڙو
ڪوبه مثال موجود نه آهي، جيئن سنڌ کي بمبئي ۾ شامل
ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪري هندستان جي هن حصي کي سنڌ
جي عوام جي ترقيءَ ۽ مفاد خاطر، آل انڊيا مسلم ليگ
جو رايو آهي ته بمبئيءَکان ڌار ڪري الڳ صوبائي
حيثيت ڏني وڃي. - - - - -(1)
پهرين جنوري 1929ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ڪانفرنس جو اجلاس دهليءَ
۾ منعقد ٿيو. انهيءَ اجلاس جي ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته
هيءُ اجلاس محمد علي جناح جي 14 نُڪتن واري ٺهراءَ
جي تصديق ڪري ٿو. ٺهراءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اسين
رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس جي مسلم نمائندن جي خدمات جو
اعتراف ڪريون ٿا، جن سر آغا خان جي سرڪردگيءَ هيٺ
چيو آهي ته ڪوبه دستور منظور نه آهي، جيستائين
مسلمان ۽ ٻين گهٽ ذاتين جي سلامتيءَ جا شرط نه
هوندا. اسان مرڪزي خواهه صوبن جي قانون ساز مجلسن
کي ذميدارين سونپڻ لاءِ راضي نه آهيون، جيستائين
مرڪزي قانون ساز مجلسن ۾ جملي تعداد ميمبرن سان
3/1 حصو مسلمانن لاءِ نه هوندو.
2- اهڙن سڀني صوبن ۾ جتي مسلمانن جي اقليت آهي، اتي هاڻي وانگر
سندن اثر قائم رهندو. اهڙو اثر صوبي سنڌ، سرحد ۾
قائم رکيو ويندو.
3- بنگال ۽ پنجاب ۾ مسلم اڪثريت کي گهٽ نه ڪيو ويندو. وڌيڪ اسان
زوردار لفظن ۾ ظاهر ٿا ڪريون ته دستور سازيءَ جي
عمل ۾ اچڻ کان اڳ سنڌ کي جدا صوبو بنايو وڃي.
گورنمينٽ کي گهرجي ته هڪ ڪاميٽي بنائي جيڪا حساب
ڪتاب جي جانچ پڙتال ڪري. اها به تقاضا ٿا ڪريون ته
اتر الهندي سرحدي علائقن تي ڪائونسل ۽ ٻين انتظامي
ڪمن ۾ ٻين صوبن جي انتظامي سرشتي ۾ فرق نه بنايو
ويندو. سنڌ جي هيٺين ماڻهن انهيءَ ٺهراءَ تي
صحيحون ڪيون: -
1- سر شاهنواز ڀٽو
2- مير محمد بلوچ
3-عبدالله هارون
4-صادق علي موسيٰ جي
5-خانصاحب علي ڏنو علي محمد
6-حاجي عبدالشڪور حاجي عبدالقادر
7-الڻ بخش داد خان گبول
8-محمد ايوب کهڙو
9-مير بنده علي
10-محمد عثمان سومرو
11-محمد هاشم
12-الهه ڏنو ڳاهو
13-علي اڪبر شاهه
14-شاهنواز شاهه
15- عبداللطيف ڪنٽريڪٽر (ڪوٽڙي)
16- محمد اسماعيل (ڪوٽڙي)
17- محمد رجب شفياني - - - - - -(1)
آزاد سنڌ جماعت ٺاهڻ لاءِ اپيل:
”شيخ عبدالمجيد سنڌي عوام کي اپيل ڪئي ته هو ”آزاد سنڌ“ جماعت
نالي ٺاهين ۽ ٺهراءَ پاس ڪن ته:
”سنڌ جا مسلمان اهڙي ڪنهن به حڪومت جي جوڙجڪ کي قبول نه ڪندا،
جنهن ۾ سنڌ کي آزاد ۽ جدا پرڳڻو نه ڪيو ويندو، سنڌ
جا مسلمان، سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هر قرباني ڏيندا،
اهڙو ٺهراءُ پاس ڪري ٻين اخبارن کي به موڪليو وڃي.
جماعت جو نالو : ”آزاد سنڌ جماعت“
جماعت جو مقصد: سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي ۽ آزادي.
عهديدار: صدر، سيڪريٽري، خزانچي ۽ ڪاروباري ڪميٽيءَ جا
ميمبر هوندا.
هر هڪ ميمبر مسلمان ۽ غير مسلمان هڪ آنو چندو ڏيندو،
اهو هن جماعت جو ميمبر رهندو.
جماعت جا ڪم: وقت به وقت ٺهراءَ پاس ڪري عام ماڻهن ۽ سرڪار
جي واقفيت لاءِ ظاهر ڪندي رهي ته سنڌ جا هندو-
مسلمان ڪنهن به اهڙي حڪومتي جوڙجڪ کي قبول نه
ڪندا، جنهن ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ٻين پرڳڻن
وانگر آزاديءَ جهڙو درجو نه ملندو ۽ سنڌ جا ماڻهو
سنڌ جي لاءِ هر قرباني ڪرڻ لاءِ تيار آهن، انهن جو
رايو آهي ته سنڌ کي جدا ۽ آزاد ڪرڻ کان سواءِ سنڌ
جي ماڻهن جون تڪليفون دور نه ٿينديون. ” - - - - -
- (1)
تاريخ 20 آگسٽ 1932ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنس جي گڏجاڻي
زير صدارت سر شاهنواز ڀٽي جي ٿي. انهيءَ گڏجاڻيءَ
۾ فيصلو ڪيو ويو ته پوري سنڌ ۾ سنڌ جي عليحدگيءَ
لاءِ گڏجاڻيون ۽ جلسا ڪيا وڃن. 19 جون تي سنڌ ۾
جلسا ڪري عوام جي توجهه جدائيءَ جي مسئلي ۽ آزاد
ڪانفرنس قائم ڪرڻ لاءِ ڇڪايو وڃي. سنڌ کي بمبئيءَ
کان جدا ڪرڻ لاءِ روزانه ”الوحيد“ ڪراچي عوام جي
راءِ کي هموار ڪرڻ شروع ڪيو. ”سنڌ جي جدائيءَ جي
اهميت ۽ ان جا فائدا“ تحت ڪئين ايڊيٽوريل لکيا.
|