سيڪشن؛ شخصيات

ٻري جن ٻاري

 باب- ٻيو

صفحو :4

 

(باب ٻيو)

سياست ۾ حصو

سياسي شعور:

 

شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي نالي سان سنڌ جي تاريخ جون جيئريون جاڳنديون ۽ لازوال يادون ذهن جي ڦرهيءَ تي تري  ٿيون اچن. هن سنڌ جي مسلمانن ۽ عام ماڻهن جي حقن جي حفاظت ۽ آزاديءَ لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن. سي ٿلهي ليکي اڄ جي جديد سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي ماڳ ماڻڻ لاءِ رهنمائي جو ذريعو بڻجي سگهن ٿيون. سنڌ ۾ ويهين صديءَ جي آزاديءَ واري  چرپر تي جڏهن به ڪو ڪتاب لکيو ويندو، ان ۾ شيخ صاحب جو ڪردار، هيرو جي حيثيت سان ان انداز سان اڳڀرو ۽ چٽو ٿي بيهندو جو ٻيو ڪردار يا ليڊر سياسي ڄاڻيٽي، ذهانت، بهادري، بروقت سوچڻ، اسڪيمون تيار ڪرڻ جي ڪاوش، اڻٿڪ جدوجهد، تحرير توڙي تقرير جي صلاحيتن جي ڀرپور واهپي جي معاملي ۾ سندس ڪلهي سان ڪلهو ملهائي بيهڻ جوڳو ٿي نه سگهندو.

ويهين صديءَ جي اڳياڙيءَ کان پاڪستان ٺهڻ تائين جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته سنڌ ۾ آزاديءَ جي چڻنگ دکائي ڀنڀٽ ڪرڻ، منجهيل ۽  اوکن مسئلن ۽ معاملن ۾ مسلمانن جي رهنمائي ڪرڻ، ٿڌن ۽ ٺريل جذبن کي جاڳائي جيئرو ڪرڻ ۾ شيخ صاحب کي مرڪزي ۽ بنيادي حيثيت جو مالڪ مڃڻو پوندو.

ريشمي رومال واري تحريڪ هجي يا خلافت جو مسئلو، سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ جي چرپر هجي يا تحريڪ پاڪستان جو مسئلو، هندن جي اقتصادي ۽ معاشي ڏاڍاين جي خلاف ويڙهه هجي يا سنڌي تحريڪ، جمهوريت جي تحريڪ، توڙي ون يونٽ ٽوڙ، هر تحريڪ ۾ شيخ صاحب هڪ اهڙي جوش ۽ جذبي سان شامل رهندو هو جو لڳندو هو ڄڻ پنهنجي پوري ڄمار هو ان ۾ وڃائي ڇڏيندو.

شيخ صاحب جي اها مڙسي ۽ جنون وارو جذبو هئو، جنهن کيس سنڌ مان کڻي، پوري هندستان جي پهرين جوڙ جي مسلمان سياستدانن سان وڃي بيهاريو. ان جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته 1920ع کان وٺي آزادي ۽ مسلمانن جي ٻين معاملن لاءِ جيڪي به ڪانفرنسون ٿيون تن ۾ شيخ صاحب مرڪزي ليڊر جي حيثيت ۾ نظر ٿو اچي. اهو ئي سبب آهي جو مولانا شوڪت علي (مولانا محمد علي جوهر جو وڏو ڀاءُ) جهڙو وڏو ليڊر پڻ شيخ صاحب جي شخصيت، دين ۽ مسلم قوم لاءِ سندس درد ۽ آزاديءَ واري جدوجهد جي سلسلي ۾ ڏنل سندس قربانين جو تفصيل ڏيئي کيس ساراهيو آهي. گڏوگڏ مسلمانن کي اپيل ڪئي آهي ته هو شيخ صاحب جي زندگيءَ کي مشعل راهه بڻائين. (1)

شيخ صاحب جي سياسي زندگيءَ جي ابتدا چٽيءَ طرح 1914ع کان ملي ٿي. سندن سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪجهه هن طرح ٿي جو رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي انهن ڏينهن ۾ ”الامين“ اخبار جاري ڪرائي هئي، شيخ صاحب کي ان جو ايڊيٽر ڪري رکيو ويو. رئيس صاحب کيس پنهنجي سياسي ڪمن لاءِ به سيڪريٽري بنايو ۽ 1914ع کان 1916ع تائين پاڻ انهن ڪمن کي سنڀاليندو رهيو.

انهيءَ عرصي دوران مولانا عبيدالله سنڌيءَ ملڪ جي آزاديءَ خاطر جڏهن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جنگ عظيم پهرين شروع ٿيڻ بعد انگريزن کيس گرفتار ڪرڻ چاهيو، ته هو چند ساٿين سان گڏ سرحد ٽپي افغانستان وڃي پهتو، جتان هندستان جي سياسي ڪارڪنن سان رابطو قائم ڪرڻ خاطر وقت بوقت پيو خط و ڪتابت ڪندو هو. ان وقت مولانا سنڌيءَ هڪ خط سِلڪ جي ڪپڙي تي لکي قميص جي اندران سبي هندستان موڪليو، جو پڪڙجي پيو اهو بعد ۾ ”ريشمي رومال  منصوبو“ جي نالي مشهور ٿيو. ان ۾ ڄاڻايل ڪارڪنن يا واسطي رکندڙ ماڻهن مان شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي به هڪ سمجهي ڪيس هلائي 1916ع ۾ کيس ٽي سال رتناگر جيل ۾ رکيو ويو، جنهن مان 1919ع ۾ آزاد ٿيو. سگهو ئي مٿس ٻيو ڪيس حيدرآباد سيتاگرهه جي ڏينهن ملهائڻ ڪري مکي جيٺانند، ڊاڪٽر چوئٿرام، سوامي گووند آنند ۽ مسٽر جيٺامل پرسرام سان گڏ داخل ڪيو ويو، جو سرڪار ٽن مهينن کان پوءِ تنبيهه ڏيڻ بعد واپس ورتو. (1)

1919ع ۾ آزاد ٿيڻ کان پوءِ شيخ صاحب جن حالتن مان گذريو ۽ انهن حالتن ۾ هن سياسي ڪردار ادا ڪيو، سو سندس سياسي شعور جو روشن مثال آهي. شيخ صاحب پنهنجي اڻٿڪ ڪردار جي سلسلي ۾ الوحيد جي 16 جنوري 1922ع جي شماري ۾ ڪجهه وچور ڏنا آهن، اهي وچور سندس ئي چواڻيءَ پيش ٿا ڪجن:

”اڃان سال 1919ع پورو به نه ٿيو هو ته سنڌ ۾ فيض الڪريم خان، خان بهادر نبي بخش جي مدد سان خلافت جي متعلق فتنو شروع ڪيو ۽ مختلف حيلن ۽ وسيلن سان ڏيڍ سؤ عالمن ۽ پيرن جي دستخط سان رسالو شايع ڪيو ته ترڪيءَ جو سلطان خليفو نٿو ٿي سگهي بلڪ شريف مڪه خليفو آهي. ان فتني جو مقابلو ڪرڻ ۾ ٻين سان گڏ هن خاڪسار به ڪوشش ڪئي. پر خان صاحب جي نظر ۾ ٻه ٻيا عامل شيخ هڪ ڊاڪٽر نور محمد ۽ ٻيو شيخ عبدالمجيد هئا، جن کي سزا ڏيارڻي هئي. هن پنهنجن دوستن کي هڪ خط ۾ اهڙو يقين  به ڏيکاريو. دشمن جي اها سازش اسان لاءِ خير جو ۽ برڪت جو باعث ٿي پئي ۽ سنڌ ۾ چئن طرفان کان ڪلڪته بمبئي ۽ ٻين هنڌن جو سير پڻ نصيب ٿيو. ان جوش و خروش جي زماني ۾ ”الامين“ سان قطع تعلق ڪري اٺ، ڏهه مهينا سنڌ جي قومي پرچار جو ڪم ڪندو رهيس. 1920ع جي آخر ۾ ڪراچيءَ ۾ الوحيد جي سڏ تي وڃڻو پيو، وري جلد ئي ناگپور ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويس پر اتي پهتي اڃا ٻه چار ڏينهن مس ٿيا هئا ته قاضي عبدالرحمٰن  جي گرفتاريءَ جي تار آئي ۽ ڪانگريس کي ڇڏي ڪراچي آيس، جتي ”الوحيد“ جو سمورو بار اچي مون تي پيو. ٻن ٽن مهينن کان پوءِ مهراج وشنو شرما ۽ مون کي گرفتار ڪيو ويو. 2 سيپٽمبر 1921ع تي سزا ملي. ٻه سال کن سزا ڪاٽي 14 جون 1922ع تي ننڍو جيل ڇڏي وڏي جيل ۾ اچڻو پيو“. (1)

آزاديءَ کان پوءِ جون 1923ع ۾ شيخ صاحب خلافت جي حق ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. سرڪار طرفان کيس چيو ويو ته هو پنهنجي هلت چلت جي ضمانت ڏئي، مطلب هيءُ هئو ته هو وري حڪومت جي خلاف بغاوت ۽ خلافت تحريڪ ۾ حصو نه وٺي. ان تي ”الوحيد“ ۾ ٻن قسطن ۾ هڪ مضمون هن لکيو، ان مضمون جا ڪجهه ٽڪرا پيش ٿا  ڪجن:

”مون کان ضامن ۽ ضمانت جي گهر ٿي آهي، منهنجو ضامن خدا آهي ۽ منهنجي ضمانت سوراج آهي. جيڪڏهن سرڪار کي انهن ٻنهي ڳالهين کي قبول ڪرڻ کان  انڪار آهي ته اهڙيءَ سرڪار سان منهنجو ڪو واسطو ڪو نه آهي. خواهه مون کي جيل ۾ وڌو وڃي يا ڦاسيءَ تي چاڙهيو وڃي. مان فقط خدا سان ۽ پنهنجي ملڪ سان وفادار ٿي رهڻ لاءِ ٻڌل آهيان. ٻئي ڪنهن سان به وفادار نٿو ٿي سگهان. جن ضامن ڏيئي  آزاد ٿيڻ جي صلاح ڏني آهي، انهن جو مان شڪر گذار آهيان، پر مون کي افسوس آهي جو مان انهن جي صلاح نٿو قبول ڪري سگهان.

جنهن سرڪار، منهنجي مذهب ۽ ملڪ سان بي انصافي ڪئي آهي ۽ اڃان به ڪري رهي آهي، تنهن کي خود پنهنجي چال سڌارڻ لاءِ ضامن ڏيڻ گهرجي ۽ بي انصافين کي دور ڪرڻ گهرجي. منهنجي ضامن ڏيڻ جي معنيٰ ته مان سچو پچو ڏوهي آهيان. جيل ۾ رهڻ سان منهنجي تندرستي ختم ٿئي بلڪ مون کي قتل ڪيو وڃي ته اهو به مون کي منظور آهي پر آزاديءَ جي جدوجهد کان دستبردار نه ٿيندس. هندستان جي آزادي نه صرف جزيرر العبت کي آزاد ڪندي پر پوري ايشيا کي غلاميءَ جي لعنت کان ڇڏائيندي. پوءِ هڪ پاسي انسان جي آزادي آهي ٻئي پاسي ڍڳي جو گوشت يا ان جي پرستش آهي. جن کي ڍڳي جو گوشت يا ان جي پرستش کپي تن کي هندستان ۽ ايشيا جي آزاديءَ جو نالو به وٺڻ نه گهرجي.

جيڪڏهن مون کي انهيءَ ڳالهه جو يقين ٿي وڃي ته هر لذيذ شئي جي استعمال ڇڏي ڏيڻ سان هندو مسلم متفق ٿِي پتنگن وانگر آزاديءَ جي مچ ۾ ڪاهن ته آءٌ جيڪر وڻن جا پن کائي ڪري گذارو ڪريان، پر ڪنهن به لذيذ شيءِ کي ويجهو نه وڃان.“ - - - - - - (1)

اهڙن باغي خيالن کي فرنگي ڪيئن ٿي سهي سگهيو. جنهن ڪري شيخ صاحب کي وري گرفتار ڪيو ويو. ڊسمبر 1924ع ۾ هن کي وري آزادي نصيب ٿي. شيخ صاحب جي آزادي وقت حالتون ڪافي بدلجي چڪيون هيون. خلافت جو خاتمو ٿي چڪو هو، مسلمانن ۾ مايوسي پيدا ٿي چُڪي هئي. شيخ صاحب الوحيد اخبار جي ذريعي ان مايوسيءَ کي ختم ڪرڻ گهريو ٿي. ان مقصد ماڻڻ لاءِ هن تحرير ۽ تقرير، ٻنهين ذريعن جو سهارو ورتو. 1925ع ۾ حيدرآباد جي هوم اسٽيڊ هال ۾ هڪ تمام وڏو جلسو ٿيو، ان ۾ شيخ صاحب جيڪا تقرير ڪئي، تنهن مسلمانن ۾ هڪ نئون ولولو ۽ هڪ نئون حوصلو پيدا ڪري ڇڏيو هو. شيخ صاحب تاجدار برطانيه کي مخاطب ٿيندي بغاوت جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته:

”بادشاهه کي هندستان جي شهنشاهيت تان هٿ کڻڻ گهرجي.، ورنه طاقت جي زور تي سندس شهنشاهيت کي ختم ڪيو ويندو. شيخ صاحب وڌيڪ چيو ته شايد انگريز، مسلمانن جي  طاقت منجهان اڻ واقف آهي، مسلمان هڪ اهڙي قوم آهي، جيڪا تيز طوفانن ۽ پربت جيڏن پهاڙن سان ٽڪر کائيندي دير ناهي لائيندي، ڇو ته اها قوم خدا جي خوف کان سواءِ ڪنهن کان ناهي ڊڄندي.“ - - - - - (1)

اهڙي قسم جي تقريرن  ۽ مضمونن منجهان شيخ صاحب جو صرف مقصد مسلمانن جي ذهن تان انگريز جي مرعوبيت کي ختم ڪرڻو هو. ورنه انگريز کي هندستان مان ڪڍڻ واري ڳالهه ان وقت تمام گهڻو پري ٿي نظر آئي. شيخ صاحب اها ڳالهه شدت سان ڀانئي ورتي هئي ته غلاميءَ جي دور ۾ اسان جي قوم ۾ اهڙيون ڪمزوريون پيدا ٿي ويون آهن جو قوم لاءِ ڪا وڏي اميد رکڻ ۽ انهن ڪوتاهين جي موجودگيءَ ۾ سامراج سان آمهون سامهون ٿي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ ممڪن نه هو، تنهنڪري پنهنجي تحرير ۽ تقرير جو رخ قوم جي اخلاق ۽ ڪردار کان سواءِ قومي ڪرئڪٽر جي ٺاهڻ ڏانهن موڙي ڇڏيو هو. ان مقصد جي لاءِ شيخ صاحب الوحيد ۾ ڪيئي مضمون لکيا، سندس اهي مضمون سنڌ جي تاريخ جو روشن باب آهن. جيئن ته هندن جي ڊزن کن اخبارن جي ڀيٽ ۾ مسلمانن جي هيءَ  واحد روزانه اخبار هئي، انڪري مسلمانن جي سجاڳي ۽ سياسي شعور لاءِ الوحيد جي انهن مضمونن اهم ڪردار ادا ڪيو.

ويهين صديءَ جي شروعات کان وٺي هونئن ته سڄو ئي هندستان خاص طرح سان سنڌ جنهن طبقاتي ڪشمڪش جي دور مان گذري رهي هئي، تنهن ۾ جاگيردارن، زميندارن، وچولي طبقي ۽ هيٺاهين طبقي جي ماڻهن جي لاءِ ترقي ڪرڻ نهايت مشڪل هو ۽ ڪمتري ۽ برتريءَ جا امتياز جيتوڻيڪ اهي ساڳيا نه رهيا آهن، جيڪي گذريل صديءَ ۾ هئا، مگر ان هوندي به، اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي هئي جو ڪو شخص ويهين صديءَ جي پهرين اڌ  ۾ پورهيت طبقي ۾ پيدا ٿي، ملڪ جي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ ڪو مٿانهون مقام حاصل ڪري سگهي. وڏيرا شاهي، پيري مخدومي هن ملڪ ۾ ايترو ته طاقتور رهي آهي جو هيٺاهين طبقي جو ڪو شخص پنهنجي ذاتي صلاحيتن ۽ ذهانت سان اڀري جمهوري خيالن ۽ نظرين کي ڦهلائڻ لاءِ هٿ پير ٿو هڻي ته اهي ٽئي طاقتون گڏجي ان شخص کي ڪچيءَ ۾ ئي نپوڙي هيسائي ٿيون ڇڏين ۽ اهي سڌيءَ طرح، گويا اهو وڏي واڪي اعلان ڪنديون رهن ٿيون ته بزرگي ۽ اهميت فقط سندن قبيلي جي ميراث آهي، پر ڪيڏي نه عجب جي ڳالهه چئبي، جو ان ماحول ۾ پر ان کان به اڻانگي ماحول ۾ اڄ کان به تقريباً سؤ سال اڳ سنڌ جي سرزمين هڪ اهڙي  شخص کي جنم ڏنو جو ڄائو نپنو ته غريب گهراڻي ۾، پر عزت ۽ عظمت جو اهو مقام حاصل ڪيائين جنهن لاءِ جاگيردار ۽ پير ورهين کان سڌون ڪندا رهيا، اها عظيم شخصيت آهي شيخ عبدالمجيد سنڌي.

پنهنجي طويل زندگيءَ ۾ شيخ صاحب ملڪ جي اقتصادي خوشحاليءَ لاءِ جيڪي ڪجهه ڪيو آهي، تنهن جا تفصيل ته شايد گڏ ڪرڻ تمام مشڪل آهن، پر ريشمي رومال تحريڪ، خلافت تحريڪ، هجرت تحريڪ، عدم اتحاد، خدام ڪعبه، سنڌ آزاد پارٽي، مسلم ڪانفرنس، انڊين نيشنل ڪانگريس، مسلم ليگ، سنڌ عوام محاذ ۽ نيشنل عوامي پارٽي جي ريڪارڊ ڏسڻ سان يقينن ڪو به شخص شيخ صاحب جي هم گيري شخصيت ۽ بي لوث خدمتن جو کليءَ دل سان اعتراف ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي.

تحريڪ  آزادي هند جي دور ۾ قومي اڳواڻن اڳيان هميشه ٻه مقصد هئا: انگريز کان آزادي حاصل ڪرڻ ۽ اقليتن ۾ باهمي اعتماد پيدا ڪري، سندن فرقيوارانه مسئلن کي منصفانه نموني حل ڪرڻ، اقليتن جو هڪ مسئلو هو ته سنڌ بمبئي کان الڳ ٿئي يا نه پر هڪ پاسي انگريز جا ڪي تنگ نظر ۽ ٻيا مفاد پرست عنصر زور ڏيئي رهيا هئا ته سنڌ ڪنهن به صورت ۾ بمبئي پرڳڻي کان الڳ نه ٿئي. ٻئي طرف سنڌ جو عام مطالبو هو ته سنڌ هر حالت ۾ بمبئي کان جدا ٿئي. ٻنهي طرفن کان سخت ڇڪتاڻ هئي. ڪا به ڌر پنهنجيءَ ڳالهه تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه هئي. اهڙيءَ حالت پيچيدگيءَ جي صورت اختيار ڪئي هئي. ان نازڪ وقت ۾ آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جي سفر جي حيثيت سان ”اجمير“ ڪانفرنس ۾ شيخ صاحب جيڪي ٺاهه جون رٿون پيش ڪيون سي ايتريون منصفانه هيون ۽ اهڙي ته ڪمال ۽ ڪاريگريءَ سان تيار ڪيون ويون هيون، جو ٻنهي ڌرين درميان آخري ڳالهه ٻولهه جو سلسلو شروع ڪرڻ لاءِ فضا هموار ٿي ويئي.

ستت ئي اجمير کان بمبئي ويندي گاڏيءَ ۾ شيخ صاحب جي مشهور ڪانگريسي اڳواڻن ڊاڪٽر محمود سان ملاقات ٿي، خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ بعد ڊاڪٽر محمود شيخ صاحب کان ڪافي متاثر ٿيو ۽ بعد ۾ ٻنهي ڄڻن جي گڏيل ڪوششن سان ”سنڌ جي جدا ٿيڻ ۽ هندو مسلم نمائندگي“ جي سوالن تي ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ لاءِ مولانا آزاد، مولانا شوڪت علي ۽ مدن موهن مالويهه بمبئي ۾ گڏيا ۽ ان گڏجاڻيءَ جي نتيجي ۾ لکنوءَ مسلم يونٽي مسلمانن جي مختلف طبقن محمد علي جناح جي مشهور 14 نڪتو جو چونڊن جي باري ۾ هو راضي نامون ڪيائون بعد ۾ سمورن سياستدانن ۾ اجتماعي طور انهن 13 نڪتن تي اتفاقي ٿيو..........(1)

الله آباد يونٽي ڪانفرنس جا جلسا 15 ڏينهن کان به وڌيڪ رهيا ۽ انهن ۾ ”سنڌ جي جدا ٿيڻ واري“ سوال سخت نازڪ صورت اختيار ڪئي. خاص طرح سان  جڏهن ماهر اقتصاديات پروفيسر ڇٻلاڻي  ثابت ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌ بمبئي کان الڳ ٿيڻ ڪري مالي مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿي ويندي. تڏهن ته مسلمان نهايت مايوس ٿي ويا پر ٻئي طرف جڏهن شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ پنهنجي تقرير ڪئي ته پروفيسر ڇٻلاڻي به ”سنڌ عليحدگيءَ“ جي حمايت ۾ ڏنل دليلن سان اتفاق ڪيو. انهيءَ تاريخي تقرير جي تعريف ڪندي هندستاني مسلمانن جي جليل القدر اڳواڻ مولانا شوڪت علي لکيو آهي:

“He has left his mark on the Allahabad Unity Conference. His speech on the separation of Sindh at Allahabad unity conference.won applause & congratulations from all including Dr. Moonje (Mohasabha Leader). Once When he had finished his speech on Hindu Unity, the venerable president of the conference made note on  his life was that best speech that he heard during his life was that of Shaikh Abdul Majeed Sindhi”---------

ترجمو: - ”شيخ صاحب الله آباد واري ڪانفرنس ۾ واهه جو ڌاڪو ڄمايو. سنڌ جي جدا ٿيڻ واري تقرير تي کيس چؤطرف کان مبارڪباد ملي رهي هئي، ٻيو ته  ڇڏيو پر مهاسڀائي اڳواڻ ڊاڪٽر مونجي به سندس ثنا خوان ٿي ويو. هڪ دفعي جڏهن شيخ صاحب ”هندو مسلم ايڪتا“ تي پنهنجي تقرير ختم ڪئي ته موقعي جي صدر پنهنجي ڊائريءَ ۾ هي اکر لکيا:

”مون ههڙي شاندار تقرير اڄ تائين ڪا نه ٻڌي آهي“ (1)

شيخ صاحب جي سڀ کان وڏي خوبي هيءَ آهي ته ڌرين ۾ اختلاف ڪيتري به حد تائين ڇو نه هجن، پر هي يار پنهنجو منصفانه فيصلو، ڪمال حرفت ۽ هوشياريءَ سان ٻنهي ڌرين کان مڃائي ويندو.

”تحريڪ آزادي هند“ واري وقت ۾ سائمن ڪميشن بابت مسلمانن جي اعليٰ اڳواڻن ۾ زبردست اختلاف پئجي ويا ۽ ان ڳالهه جو انديشو ٿي پيو ته ڪٿي هندو مسلمان ايڪتا جي تحريڪ ختم نه ٿي وڃي. خود مسلم ليگ ۾ گروهه بندي ٿي ويئي. هڪڙو گروهه سر محمد شفيع جي اڳواڻيءَ هيٺ سائمن ڪميشن سان سهڪار ڪرڻ جي فائدي ۾ هو، ته ٻيو گروهه مسٽر محمد علي جناح جي قيادت هيٺ بائڪاٽ ڪرڻ لاءِ ڪمر ڪشي بيٺو هو. اختلاف جي باهه تيزيءَ سان وڌي رهي هئي ۽ مصلحت جي ڪا اميد نظر نٿي آئي. اهڙي نازڪ موقعي تي صوبائي خلافت ڪاميٽي پاران شيخ عبدالمجيد سنڌي سکر ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ سڀني اڳواڻن شرڪت ڪئي. مولانا آزاد، مولانا ظفر علي خان، حبيب الرحمان چونڊن متعلق نهرو رپورٽ جي تجويز متعلق ترميمون پيش ڪيون. ٽن ڏينهن جي مباحثي بعد سڀني اڳواڻن انهن ترميمن کي قبول ڪيو.

سنڌ عليحدگي جي تحريڪ ۾ شيخ صاحب جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون تن جو ذڪر ڪندي مرڪزي خلافت ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري لکي ٿو:

“…..Mr. Abdul Majeed sindhi usual was the only muslim from sindh, who  attended the meeting at shimla. The report of the simon commission was condemned & criticized for several defence & on many other grounds including simon commissions Lack of support  to the separation of Sindh. Mr Abdul Majeed Sindhi  must not have missed a single All India  Conference which was in any way connected with the separation of Sindh since the inception of the  movement & at most of the conference he used to press for words the cause be the only Sindhi to of the Government”—

”هميشه جيان هن ڀيري به شيخ صاحب اڪيلو سنڌ پاران ”شملا ميٽنگ ۾ شامل ٿيو. ميٽنگ ۾ سائمن ڪميشن جي سخت مذمت ڪئي وئي، خاص ڪري سندس انهيءَ رويي جي، جو سنڌ جي عليحدگيءَ کي اهميت ئي نه ڏني ويئي هئي، سنڌ متعلق هن تحريڪ شروع ٿيڻ کان وٺي ڪٿي به ڪا اهڙي ميٽنگ نه آهي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي شريڪ نه ٿيو هجي. (2)

مٿئين ڪانفرنس جي موقعي تي شهر جي جامع مسجد ۾ هڪ جلسو ڪيو ويو، جنهن ۾ ٽن هزار ماڻهن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ گهڻو ڪري سڀ نمائنده شامل هئا. مولانا شوڪت علي صدارت ڪري رهيو هو ۽ شيخ صاحب کي تقرير ڪرڻ لاءِ چيو ويو. ان وقت مسلم نيشنل پارٽيءَ جا  ڪيترائي همدرد ۽ معاون موجود هئا. اهڙي ماحول ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جي پاليسي ظاهر ڪرڻ گويا هڪ جرئتمندانه قدم کڻڻو هو، شيخ صاحب تقرير ڪئي ۽ خلافت ڪاميٽيءَ جي وضاحت ڪئي، - - - -  سڄو مجموعو ٻه ڪلاڪ تقرير ٻڌندو رهيو، مولانا شوڪت عليءَ تقرير کان متاثر چيو:

“I can never foget his most orgumentive speech at Simla in dedication of Muslim policy, when he kept  the whole audience spell bound for more than one hour. The next day morning when I passed through the Bazzar I was accosted with salutations forced every where to arrange lecture of Mr. Abdul Majeed Sindhi”

”آءٌ شيخ عبدالمجيد جي شملي واري تقرير ڪڏهن به وساري نٿو سگهان. هن مسلم پاليسي جي وضاحت ڪئي ۽ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ  حاضرين کي همه تن گوش رکيو. ٻئي ڏينهن شملي جي بازارن ۾ مون کي جتي ڪٿي ائين ٿي چيو ويو ته شيخ صاحب جي ٻي تقرير جو انتظام ڪرايو.“ (1)

خلافت ۾ عدم تعاون تحريڪ جي ناڪاميءَ تي اسيمبلين ۾ داخلا جي سوال تي سڄي هندستان جي مسلمانن ۾ اختلاف پيدا ٿي پيو. هڪ طرف مولانا آزاد ۽ سندس ساٿين اسيمبلين ۾ داخل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ان سلسلي ۾ آخري ڪوشش طور مولانا محمد علي مرحوم جي جاءِ تي خلافت ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ رکي ويئي. ٽن ڏينهن تائين بحث ٿيندو رهيو، پر کڙتيل ڪجهه نه نڪتو. سڀ ڪنهن ائين ٿي سمجهيو ته ميٽنگ ناڪام ٿي ويئي. ان وقت شيخ صاحب جون اهي ئي صلاحيتون هيون جن مولانا شوڪت علي جهڙي بزرگ کي سندس ويجهو ڪري ڇڏيو، مولانا شوڪت علي هڪ هنڌ لکي ٿو:

“When I was released from prison in 1933 and has visited Sindh in 1934, - he was again in Sukkur jail, and I well remember that after the public meeting at night  I decided to make a TAWAF  of the Sukkur jail, and we all shouted ALLAH AKBAR, and that was our greeting  to our dear Brother and Co- worker and he has heard it and understood inside the prison.”

”1922ع ۾ مون کي جڏهن جيل مان آزاد ڪيو ويو ۽ 1924ع ۾ مان سنڌ جي دوري تي نڪتس ۽ سکر ۾ ويس ته معلوم ٿيو ته شيخ عبدالمجيد سنڌي جيل ۾ آهي. رات جو پبلڪ جلسو ختم ٿيڻ بعد اسان فيصلو ڪيو ته جيل جو طواف ڪيون ۽ الله اڪبر جا نعرا بلند ڪري پنهنجي ساٿيءَ کي پنهنجو آواز پهچايون، هن ٻڌو ۽ سمجهيو.“ (1)

جنهن زماني ۾ سنڌ جا اڪثر زميندارن، وڪيلن ۽ ڪئين سياستدانن لالچ ۽ خود غرضيءَ ۾ وڪامجي ظالم جي رعب، دٻدٻي ۽ دڙڪي کان هيسجي قوم کي وساري ڇڏيو هو، ان وقت هيءُ ئي هو جو گذريل ستر سالن جي سياسي عرصي ۾ نه ڪنهن کان ڊڄي حق گوئي کان ڪناره ڪش ٿيو نه ئي وري عهدن جي لالچ نه پيسي جو حرص، بک ۽ فاقه ڪشيءَ جي تڪليف کيس گمراهه ڪري نه سگهيا. هي صاحب گذرجي تنگيءَ ۽ عوام جي بيقدريءَ ۽ حڪومت جي مخالفت جي باوجود، پنهنجو سياسي آواز بلند ڪندو رهيو آهي. ان بابت محترم جي ايم سيد چوي ٿو:

”سنڌ جي اڪثر سياستدانن جا ڪارناما عهدا تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ وجهبا ۽ شيخ صاحب جا ٻئي پڙ ۾، ته شيخ صاحب جو پاسو سوايو ٿي ويندو.“ – (2)

1918ع ڌاري مملڪت طرابلس تي اٽليءَ جي جابر حڪومت حملو ڪيو، جنهن مسلمان عالم ۾ اضطراب جي هڪ لهر پيدا ڪري ڇڏي، وري 1912ع ۾ بلقان جي رياستن تُرڪيءَ خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. عالم اسلام جي جذبات تي لڳل اهي ضربون شيخ صاحب محسوس ڪيون ۽ مرحوم حاجي عبدالله هارون سان گڏجي تحريڪ ٽريپولي شروع ڪئي، جنهن جومقصد  هو اٽليءَ خلاف ٽريپولي جي مسلمانن جي مدد ڪرڻ، هي اهو وقت هو جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائي پوري شباب کي پهچي چُڪي هئي، شيخ صاحب جي رهنمائيءَ هيٺ سنڌ  جي مسلمانن ترڪن جي دل کولي مدد ڪئي. ساڳئي دور ۾ مولانا عبيدالله سنڌي گريجوئيٽن کي اسلامي تعليم ڏيڻ جي  غرض  سان دهليءَ ۾ ”نظارالمعارف“ جي نالي سان هڪ ڪلاس کوليو هو، جنهن ۾ اسلام جي انقلابي روح جي درس تدريس ٿيندي هئي، ستت ئي مولانا صاحب جي ڪار گذارين کي سرڪار شڪ سان ڏسڻ شروع ڪيو ۽ سندن گرفتاريءَ لاءِ وارنٽ پڻ جاري ڪيا. مولانا انهيءَ ڪري دهلي ڇڏي اچي حيدرآباد پهتا. مرحوم شيخ عبدالرحيم جي وساطت سان کين ٽنڊو سائينداد جي بزرگ سرهنديءَ سان ملايو ويو ۽ سندن ئي رعايت سان مولانا سنڌيءَ کي خشڪي جي رستي سرحد ٽپائي قنڌار روانو ڪيو ويو. مگر ان مختصر عرصي جي قيام دوران هنن ٻنهي انقلابين هر هڪ مولانا سنڌي ۽ شيخ عبدالله سنڌيءَ هڪٻئي کي ڏٺو، پرکيو ۽ هڪ ٻئي جي صحبت مان فيضياب ٿيا.

1916ع ۾ ريشمي رومال واري سازش ۾ شيخ صاحب کي فرنگين جي قيد ياترا جو پهريون موقعو ميسر ٿيو ۽ ڊفينس آف انڊيا رولس تحت 1916ع کان 1919ع تائين رتنا گر (پوني  نزديڪ) جيل ۾ کيس سختيون سهڻيون پيون.

1921ع ۾ شيخ صاحب ٻيهر بغاوت جي الزام ۾ گرفتار ٿيو. 1923ع ۾ شيخ صاحب ٻيهر سخت قيد جي سزا ڀوڳڻ بعد جڏهن ٻاهر نڪتا ته کانئس چڱي چال چلت جي ضمانت طلب ڪئي ويئي، جيڪا ميسر ڪرڻ کان هن مرد مومن صاف انڪار ڪيو ۽ ٻيهر جيل وڃڻ قبول ڪيو.

”سوري جنين سيج مرڻ تن مشاهدو“ جي مثل هڪ غيور سنڌي ڪٿي ٿي شرطي آزاديءَ کي اسيري تي ترجيح ڏني.؟

شيخ صاحب جڏهن شاديءَ بعد ترت ئي جيل ويا هئا تڏهن پٺيان سندن اهليه کي نياڻي زهره تولد ٿي (جا اڃان زندهه آهي مگر بي بي صاحبه پاڻ الله کي پياري ٿي ويئي. اها خبر جڏهن شيخ صاحب کي جيل ۾ پهچائي ويئي ۽ کانئن پڇيو ويو ته ڇا پاڻ پيرول تي جيل کان  ٻاهر اچي پنهنجي شريڪ حيات جو آخري ديدار ڪرڻ پسند ڪندا، ته پاڻ هي چئي انڪار ڪيائون ته اسلام جي هڪ سپاهي جو پهريون رشتو الله جي خوشنوديءَ سان آهي ۽ جيڪڏهن الله کي اهو منظور هو ته سندس پياري بيگم کيس هميشه جدائيءَ جو داغ ڏيئي سفر آخرت اختيار ڪري ته سندس رب جي رضا تي قانع ۽ شاڪر رهڻ ئي مناسب آهي. هيءُ ته هو انهيءَ سنڌي مجاهد جو ايثار جيڪو اسان جي نئين نسل لاءِ مشعل راهه بنجڻ گهرجي.

سن 1925ع ۾ حيدرآباد جي هوم اسٽيڊ هال ۾ هڪ عظيم الشان اجتماع کي خطاب ڪندي شيخ صاحب هڪ رقعت انگيز تقرير ڪئي، جنهن ۾ صاف لفظن ۾ تاجدار برطانيه خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو، ائين شيخ صاحب چيو ته:

”بادشاهه پنجين کي هندستان جي شهنشاهيت جي دعويٰ تان دستبردار ٿيڻ گهرجي ورنه کيس بزور بازو تخت شاهيءَ تان هٽايو ويندو. “ . . . . . (1)

اهڙي باغيانه تقرير انگريز جي زماني ۾ هندستان جي ٻئي ڪنهن ليڊر شايد ئي ڪئي هجي. ساڳئي سال الهه آباد ۾ هڪ ڪانفرنس سڏائي ويئي هئي، جنهن ۾ مهاتما گانڌيءَ کان علاوه موتي لال نهرو، سي آر داس، مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي، حڪيم اجمل خان، ڊاڪٽر انصاري، مولانا آزاد، ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو شامل ٿيا ۽ شيخ صاحب کي ئي سنڌ مان دعوت ڏيئي گهرايو ويو. هن ڪانفرنس ۾ شيخ صاحب قيادت جون اهي ته صلاحيتون ڏيکاريون جو کيس 1932ع ۾ ٿيندڙ آل انڊيا ڪانفرنس جي صدارت لاءِ چونڊيو ويو. هي ڪو معمولي اعزاز نه هو. ڪيترن چوٽيءَ جي ليڊرن جي موجودگيءَ ۾ سنڌ جي هن نحيف ۽ مسڪين مرد قلندر کي سڀني جي مٿي جو موڙ ڪري ويهاريو ويو. ڪانفرنس ۾ بمبئي کان سنڌ جي جدائيءَ تي گهڻو بحث هليو. ڪانفرنس هلندي هڪ وقت اهڙي صورتحال پيدا ٿي جو ائين پئي لڳو ته ڪانفرنس ڄاڻ ٽٽي ۽ وجي آچياريه ڪانفرنس جي صدارت ڪري رهيو هو. سنڌ جا وڏا  هندو اڳواڻ به هن ڪانفرنس ۾ شريڪ هئا،   بمبئي کان سنڌ کي جدا ڪرڻ جي خلاف تقريرون ڪيون هئائون، شيخ صاحب انهن کي جواب ڏيڻ لاءِ آخر ۾ تقرير ڪئي ۽ دل کولي ڳالهايو. سندن هڪڙي پاسي ڪو هندستاني برک اڳواڻ ويٺل هو ۽ ٻئي پاسي مولانا ابوالڪلام آزاد. هن مولانا آزاد کي چيو ته ”اوهان شيخ صاحب جي تقرير ٻڌي“ مولانا آزاد چيو ته هائو، شيخ صاحب شروع کان ان مسئلي ۾ حصو ورتو آهي ۽ پنهنجي تقرير ۾ موثر جواب ڏنو اٿس“.

انهيءَ تي هن شخص مولانا آزاد کي چيو ته ”مولانا ائين نه“ ، مولانا صاحب چيو ته جيئن اوهين چئو“ هن شخص چيو ته ”مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اڄ تقرير ٻڌي آهي، جنهن مون کي متاثر ڪيو آهي، اڄ رات مان پنهنجي ڊائريءَ ۾ اها ڳالهه لکندس.

پنڊت مدن موهن ملويهه چيو ته ”هن وڏي عمر ۾ آئون ٻيو پٽ ڪٿان آڻيندس مان ڪانفرنس ۾ شموليت جي موڊ ۾ نه هوس پر هاڻي ائين ڀانيان ٿو ته مونکي اله آباد اچڻ جو معاوضو شيخ صاحب جي تقرير ٻڌڻ جي صورت ۾ مليو آهي، ۽ آءٌ شيخ صاحب جو شڪر گذار آهيان، پنڊت موهن ملويهه ٻئي هڪ اڳواڻ کان پڇيو ته  ٻڌوَ شيخ صاحب جي تقرير؟ هن چيو  ان کان بهتر ڪهڙي تقرير ٿي سگهي ٿي.

اها ڪانفرنس ٻئي ڏينهن به هلي سڀئي ليڊر لان ۾ ويٺا هئا، اتي وجي آچاريه ڪرسي ڇڏي آيو ۽ شيخ صاحب کي چيائين ته ”اوهان جي تقرير ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان“ ان کان پوءِ جدا جدا پارٽين جا ليڊر آيا ۽ تقرير جي ساراهه ڪيائون. هندن جي روش خراب هئي، پر هندو مهاسڀا ليڊر آيو ۽ مبارڪ ڏنائين. شيخ صاحب سندس نالو وٺي چيو ته ”اوهان جي طرفان پڻ“؟ هن چيو ”جي، منهنجي طرفان پڻ“ ان تي شيخ صاحب چيس ته تو غلطي ڪئي آهي ۽ چيائين ته مسٽر عبدالمجيد منهنجا مخلصانه خيالات آهن، اهي منهنجا ذاتي جذبات آهن.-  (1)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org