”اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان جو گناهه ڪهڙو آهي؟ پر
سچ ته اهو آهي ته مذهب جي حق ۽ آزاديءَ جي ٻن ڏوهن
جي موجودگيءَ کان پوءِ ٻئي ڪنهن گناهه پڇڻ جي
ضرورت ڪهڙي آهي؟
”تاريخ جي زبان ڪو به بند نٿو ڪري سگهي ۽ تاريخ جو سبق سيکاري
ٿي، سو فقط هڪڙي قسم جو آهي. دنيا ۾ گهڻيئي
حقيقتون اهڙيون آهن جي انسان ڄاڻندو اچي ۽ انهن تي
يقين رکڻ لاءِ مجبور ٿيندو اچي، تنهن هوندي به
انهن جون صدائون ٻڌڻ پسند نه ڪندو آهي ۽ گهرندو
آهي ته ماڻهن جي زبان مان نه نڪرن پر وقت ايندو
آهي، جڏهن هو ٻڌڻ تي مجبور ٿيندو آهي ۽ زبان مان
نڪتل صدائون نه بلڪه واقعات جي موجودگي ۽ اڪثريت
سان پيدا ٿيل طاقتون هن جي ڪن کي کولي بجلي جي
ڪڙڪاٽ ۽ بادل جي گجگوڙ وانگر سڀ ڪجهه ٻڌائي
ڇڏينديون آهن. . . . . . . “
”اسان اڄ پنهنجي صدا وري بلند ڪريون ٿا ۽ هر شخص کي، جو ملت جو
درد خلافت جو صدمو، زندگيءَ جي واهٽ ۽ حاصل ڪيل
شاخ جي بيڪار نه ٿي وڃڻ جو خواهشمند آهي، تنهن کي
اسان پنهنجي دل جي درد ۽ ڏک جي آواز ۾ دعوت ڏيون
ٿا ته اهي مسلمان جي مصيبتن ۾ شريڪ ٿي خلافت
اسلاميه جي لاءِ تيار ٿين ۽ جو درد ۽ رنج چاليهه
ڪروڙن مسلمانن جي دلين ۾ آهي، تنهن کي پنهنجي زبان
۽ قلم ۽ عمل سان ظاهر ڪن ۽ هر هڪ مسلمان خدا کي
حاضر ناظر ڄاڻي پاڻ کان واعدو وٺي ته مون کي خلافت
اسلاميه سان گڏ زندهه رهڻو آهي يا برباد ٿيڻو آهي
. . . . .
”جيڪڏهن توهان (سرڪار) اسلامي دنيا جي دوستيءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ
تيار آهيو، پوءِ بيشڪ خلافت اسلاميه جي برباديءَ
پٺيان هٿ ڌوئي لڳو، پوءِ توهان بيشڪ اسان جي
اشتهارن کي ضبط ڪيو، پوءِ توهان بيشڪ اسان کي قيد
ڪيو، ڦاسيءَ تي لٽڪايو، پر ياد ڪريو ته مذهبي بال
جي کينهوڙي کي جيتري قدر زور سان ڦٽو ڪيو ويندو،
اوتري ئي زور سان وري اڇل کائيندو ۽ باهه جي وسائڻ
لاءِ پاڻيءَ جي ضرورت هوندي آهي ۽ نه تيل جي. دلين
جو طوفان ڪنهن قلم يا زبان ۾ بند نه آهي، جنهن جي
بند ڪرڻ سان انسان صاف ٿي ويندو. جيڪڏهن مذهب ۽
مذهب جي پيدا ڪيل زندگي ڪن زباني ۽ قلمن جي بيان
ڪرڻ کان پوءِ نابود ٿي سگهي ٿي ته بهتر آهي ته ان
جو آزمودو به ڪري وٺو ۽ پوءِ نتيجي لاءِ پڻ منتظر
رهو. “ - - - - - - - - (1)
انگريزن، مسلمانن جي جوش کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ، ترڪن جي خلاف مڪي جي
گورنر شريف حسين جو خلافت تي حق پيدا ڪرڻ لاءِ
جواز ڳولڻ جي سلسلي ۾ هڪ سازش تحت ”سنڌ ۾ امن
سڀائن“ جي نالي ۾ هڪ ڍونگ رچايو ويو هو. عالمن ۽
پيرن جو هڪ ٽولو سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ تيار ڪيو
ويو، جن جي اڳواڻي موري جو هڪ مولوي فيض الڪريم
ڪري رهيو هو.
”خلافت ۾ دست اندازي“ جي عنوان تحت شيخ صاحب، ”الامين“ (17-
نومبر 1919ع) ۾ سرڪاري عملدارن جي سازش تي حڪومت
طرفان انهن جي همت افزائيءَ کي گهڻو ننديو هو:
”جڏهن کان وٺي اها تحريڪ شروع ٿي، تڏهن کان وٺي اسان کي يقين هو
ته انهيءَ تحريڪ ۾ (يعني سرڪاري مداخلت واري
تحريڪ) شيطان جو هٿ آهي جو پنهنجي چيلن ۽ مريدن
جي معرفت مومنن کي ڊيڄاري ڪم ڪندو آهي. اسان ڏسي
رهيا هئاسين ته شيطان جا گماشتا چوڌاري ڪفر ۽
الحاد جو ڄار وڇائي رهيا آهن ۽ هن جا خليفا ڪراچي،
لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ سکر، ناري، وغيره هنڌن ۾
مختلف قسمن جي دغا بازين، فريبن، چالبازين بلڪه
ظلمن سان غريب مسلمانن کي ان ڄار ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش
ڪري رهيا آهن. اسان کي رپورٽون پهچنديون رهيون ته
پيرن ۽ زميندارن کان سندن مذهبي عقيدن جي برخلاف
هزارن جا هزار وٺي رهيا آهن، اسان جا همعصر ”سنڌ
مسلم“ ۽ ”الحق“ انهن ڳالهين تي پنهنجو ناراضپو
ظاهر ڪندا رهيا ته ڇو ڪمشنر صاحب پنهنجي زيردستن
کي خلافت ۾ دست اندازيءَ کان نٿو روڪي، پر ڪمشنر
صاحب جي اهڙي رخ اختيار ڪرڻ تي اسان کي ڪنهن به
قسم جو تعجب نه ٿيو. تعجب ان ڳالهه جو ٿيندو آهي،
جا نه ٿيڻ جهڙي هجي ۽ ٿي پوي. پر سنڌ ۾ اها ڪهڙي
ٿيڻ جهڙي ڳالهه آهي، جا نه ٿي آهي. هتي هر ناممڪن
ممڪن آهي ۽ هر ممڪن ناممڪن آهي. بيشڪ ڪمشنر صاحب
کان اهو ٿي سگهي ٿو جو پنهنجي اکر جي اشاري سان
انهيءَ ناپاڪ تحريڪ کي بند ڪري سگهي ها ۽ زيردستن
کي چئي سگهي ها ته توهان سرڪاري نوڪر آهيو ۽
پنهنجو وقت پڻ سرڪاري نوڪريءَ ۾ خرچ ڪريو، ۽ نه
خلافت جي برخلاف تحريڪ ۾. پر ڪمشنر صاحب ائين پسند
نه ڪيو ته سنڌ ۾ خلفت جي برخلاف تحريڪ بند ٿئي ۽
هن اهو خيال نه ڪيو ته سندس اها هلت، عام ماڻهو
برٽش سرڪار جي انهن اعلانن جي برخلاف سمجهندا، جي
خلافت ۾ دست اندازي نه ڪرڻ بابت ڪيا ويا آهن.“
”ترڪن ۽ عربن جو اتحاد“ جي عنوان تي ايڊيٽوريل لکندي شيخ صاحب
هن طرح راءِ ظاهر ڪئي هئي:
”هندستان جي مسلمانن هينئر تازو جيڪا عرضداشت، خلافت عظميٰ ۽
ترڪن بابت وائسراءِ هند کي ڏني، تنهن ۾ هڪ فقرو
هن امر بابت هو ته اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته
ترڪن ۽ عربن جي وچ ۾ پورو اتحاد قائم ٿي وڃي.
اسلام جي تعليم اها آهي ته سڀ مسلمان بادشاهه کان
وٺي عام ماڻهوءَ تائين اسلامي اخوت جي ڪري پاڻ ۾
ڀائر آهن. عملي صورت ۾ اسلامي اخوت جي اها نشاني
آهي ته حج جي موقعي تي بادشاهه ۽ فقير ٻئي هڪ لباس
۽ هڪ نموني ۾ موجود هوندا آهن، هندستان جي مسلمانن
جي اها خواهش جيڪڏهن عمل ۾ آئي (۽ انشاءَ الله
عمل ۾جلد ايندي) ته نه رڳو دنيا جي مسلمانن لاءِ
فائديمند ئي ٿيندي ۽ روءِ زمين جي لاءِ پڻ، ڇاڪاڻ
ته جيڪڏهن ترڪن ۽ عربن جو اتحاد قائم نه ٿيو ته
ايشيا کنڊ ۾ امن نه رهي سگهندو؟ ۽ ايشيا کي گهرجي
ته هند جي مسلمان کي انهيءَ امر ۾ مدد ڏئي ۽
وزيراعظم انگلستان کي گهرجي ته ولايت جي ماڻهن جي
عرضداشت، خلافت بابت (جنهن ۾ ذڪر ٻئي هنڌ به ڪيل
آهي) کي ٽيڪو ڏئي. ان ۾ روءِ زمين جي ماڻهن جو ڀلو
آهي. “- - - - - - (1)
شيخ صاحب جي اخبار ”الوحيد“ نه رڳو تحريڪ خلافت سان گڏ وجود ۾
آئي بلڪه ان جي سنڀال ۽ سرپرستيءَ جو ذمو ان ئي
تحريڪ جي فرائض ۾ شامل رهيو. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي
ته هن قومي اخبار کي هلائڻ واري به خلافت تحريڪ
هئي، جنهن جو روح روان وري شيخ عبدالمجيد سنڌي هو.
اخبار جي ڪمزور مالي حالت جو روئڻ روئيندي، شيخ
صاحب مرحوم، هڪ اداريي ۾ لکيو ته کيس اميد هئي ته
هڪڙي ڏينهن سنڌ جي مسلمانن ۾ قومي خدمت جو جذبو
ضرور جاڳندو ۽ هو ”الوحيد“ جي خدمتن لاءِ ڪا عملي
مدد ضرور ڪندا. وڌيڪ چيائين:
”اڄ به اسان جي ڪميٽي اخبار جي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ته انهن کي
جيڪر اڄ ئي خبر پئجي وڃي ته ”الوحيد“ کان سواءِ
مسلم قوم جي سنڌ ۾ ڪهڙي عزت وڃي بچندي. سنڌ ۾
هندو فقط 27 في صدي آهي پر تنهن هوندي به سنڌي
ٻوليءَ ۾ چئن روزاني اخبارن ۽ انگريزيءَ ۾ ٻن
روزانه اخبارن تي انهن جو پورو قبضو آهي. ڊيلي
گزيٽ اخبار تي به گهڻي قدر انهن جو قبضو آهي ۽
انهن جون هفتيوار اخبارون ٽيهارون کن ٿي وينديون.
نه فقط سنڌي ٻوليءَ ۾ پر انگريزي ۾ باقاعده جاري
آهن، پر مسلم قوم جنهن جي سنڌ ۾ آدمشماري 73 في
صدي آهي ان جي روزانه اخبار فقط ”الوحيد“ ۽ سا به
فقط سنڌيءَ ۾ ۽ ان جي حالت اها آهي، جو نه پنهنجي
ايڊيٽرن کي مهينن جا مهينا پگهار ڏيئي سگهي ٿي نه
سيٺ حاجي عبدالله هارون صاحب کي مسواڙ ڏيئي سگهي
ٿي، جنهن جي ڏيڻ جو وعدو هلندڙ سال جي جنوري مهيني
کان وٺي مون ڪيو هو، ۽ نه پنهنجا صفحا وڌائي سگهي
ٿي“ - - - - - - - - - - (1)
هجرت تحريڪ ۾ صحافتي ڪردار:
خلافت تحريڪ وانگر هجرت تحريڪ ۾ به شيخ صاحب جو سياسي ۽ صحافتي
ڪردار نمايان نظر اچي ٿو.
هجرت تحريڪ جيئن ته خلافت تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ شروع ڪئي
ويئي هئي، ان ڪري جيڪي به خلافتي ليڊر هئا تن
گهڻي ڀاڱي هجرت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو.
شيخ عبدالمجيد سنڌي جيئن ته ان وقت ”الوحيد“ جو ايڊيٽر ۽ روح
روان هو ۽ ”الوحيد“ هجرت تحريڪ جي نه صرف رهنمائي
ڪندڙ هئي بلڪه هجرت جون خبرون چارون، هدايتون ۽
ٻيو مواد ان ۾ شايع ٿيندو هو. شيخ صاحب هجرت جي
اهميت بابت ڪافي اداريه لکيا. مضمونن ذريعي ماڻهن
کي سمجهاڻيون ڏنيون ۽ هجرت بابت ”الوحيد“ ۾ جيڪو
ڪجهه شايع ٿيندو هو، اهو شيخ صاحب جي نگرانيءَ ۾
ٿيندو هو. هتي شيخ صاحب جو هجرت تحريڪ بابت لکيل
هڪ اهم اداريو ڏيون ٿا:
”تاريخ اسلام ۾ هجرت نبوي جو واقعو هڪ نهايت شاندار واقعو آهي،
جنهن مان پروڙي سگهجي ٿو ته اسلام جي ترقي ۽ ان جي
ڪاميابي ۽ سر سبزيءَ لاءِ هجرت هڪ ضروري شئي آهي.
رسول اڪرم
ﷺ
فقط ڪو، مڪي جي ماڻهن جي ظلم، ستائڻ ۽ ايذائڻ جي
ڪري پنهنجو وطن عزيز ڪو نه ڇڏي ويو هو پر کين جو
ڪم اسلام جي پکيڙڻ ۽ خدا جي هيڪڙائيءَ جي تعليم
ڏيڻ جو ڪرڻو هو، اهو پوري آزاديءَ سان مڪي ۾ نٿي
ڪري سگهيا ۽ مذهبي اشاعت جون کين رڪاوٽون ۽
مشڪلاتون آڏو هيون، تنهن ڪري پنهنجي وطن عزيز کي
ترڪ ڪري مديني ۾ پهتا، جتي هو پنهنجي دلي ۽ سچي
آزاديءَ ۾ پوري طرح ڪامياب ٿيا. تيرهن سئو سالن
کان پوءِ هندستان جا مسلمان پيغمبر ڪريم
ﷺ
جي پيرويءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ آماده ٿيا آهن. هنن به
پنهنجي پيغمبر ۽ سندس اصحابن سڳورن وانگر فقط
اسلام جي آئينده بچاءَ ۽ تحفظ لاءِ مظلومن جي صورت
۾ پنهنجي پياري وطن کان الوداع ڪيو ۽ پرڏيهي وڃي
ٿيا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هجرت آئينده ترقي ۽
ڪاميابيءَ جو هڪ زبردست ڏاڪو آهي. تاريخ شاهد آهي
ته دنيا ۾ ڪيتريون قومون پنهنجا وطن ڇڏي پرڏيهه ۾
وڃي بادشاهيون ڄمائي ويٺيون ۽ بادشاهيون ڪري رهيون
آهن. هندستان ۾ مسلمان فاتحن جي شڪل ۾ آيا، اڄ اهي
مختلف ۽ مظلوم صورت ۾ هندستان ڇڏيو وڃن ٿا، هو هن
سرزمين جا ڪڏهن حاڪم ۽ مالڪ هئا. اڄ غلاميءَ جي
زندگيءَ کان مجبور ٿي ٻاهر نڪري رهيا آهن. اگرچه
هنن مان هندستان ۾ گهڻي مدت رهڻ ڪري فاتحانه
جذبات، بلند هستي گم ٿي ويئي هئي ۽ رفته رفته
سندن عادتون ۽ فضائل سست داريءَ ۽ ٿي ويا هئا پر
هن وقت اسلامي دنيا جي تباهي ۽ خلافت جي عظيم
الشان مسئلي وري هنن ۾ روحاني جوش پيدا ڪيو آهي،
جنهن ڪيترن ئي باوجود هزارن دنياوي لاڳاپن جي
پنهنجي وطن عزيز کي بهتر شئي لاءِ ڦٽي ڪرڻ تي تيار
ڪيو آهي. هجرت جو خيال جيتريقدر غيرتانه ۽ شريفانه
آهي، ايتريقدر ان تي عمل ڪرڻ به قدري مشڪل نظر اچي
ٿو، اهو سبب آهي جو هن وقت تائين ملڪ جي علماءِ
اڪرام ڪا اڃان ان باري ۾ متفق فتويٰ نه ڏني آهي،
پر ان هوندي به جي غيرت مند مسلمان پنهنجي مذهب
خاطر بي آرام ٿي رهيا آهن، عيال ۽ احباب ۽ وطن
جهڙين نهايت پيارين شين کي ڇڏڻ تي تيار آهن ته هو
بيشڪ انهيءَ راهه عمل ۾ قدم کڻن، جو وڏن وڏن قوم
جي رهبرن به موجوده مصيبت ۽ ڏکئي دور جو علاج وري
به هجرت تجويز ڪئي. مگر هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن
کي پنهنجي فرائض مذهب کان غافل وڃڻ نه گهرجي جو
کين مذهبي فرض عائد ٿي چڪو آهي ته جيترو وقت هو
هندستان ۾ رهن ته گورنمينٽ سان بلڪل لاڳاپا ٽوڙي
رهن، ورنه ٻي صورت ۾ هو وڏي گناهه جا مرتڪب ٿيندا.
سنڌ جا مسلمان ان مقصد ۽ مذهبي فرض جي بجا آوريءَ
لاءِ وري زور شور سان گهڻي تعداد ۾ تياري ڪري رهيا
آهن، اڄ قافلو اسان جي اصحابن جو لاڙڪاڻي مان
روانو ٿي اسان کان جدا ٿيڻو آهي، ڏاڍو وڇوڙو پوڻو
آهي، اسان جي پيارن جي مجلس خالي ٿيل آهي، جن سان
اڄ گڏ هياسين، سڀاڻي انهن جي پياري صورت لاءِ اسان
جون دليون سڪنديون، انهن جي ديدار کان اکيون محروم
رهنديون، پر اسان کي يقين آهي ته اهو وڇوڙو ۽
جدائي هميشه لاءِ نه رهندي. جنهن ارادي سان وطن
عزيز کي ترڪ ڪيو وڃي ٿو ان ۾ حقيقي بادشاهه اسان
کي ڪامياب ڪندو. هن شام غم جو ستت ئي صبح اڀرندو.
“- - - - - - - (1)
سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ جي تحريڪ ۾ صحافتي ڪردار
شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي تحريڪ ۾
سياستدان کان علاوه بحيثيت صحافيءَ جي وڏو حصو هو.
تحريڪ کي جلا بخشڻ ۾ شيخ صاحب قلم جي قوت کان هر ممڪن ڪم ورتو.
خاص طور خلافت جي خاتمي کان پوءِ سندن صحافتي
جدوجهد جو رخ ”سنڌ جي بمبئي کان جدائي“ جي تحريڪ
ڏي مُڙيو. هن تحريڪ ۾ جيئن ته پاڻ سياسي لحاظ سان
به پيش پيش هئو، ان ڪري پنهنجي جدوجهد کي ٻنهي
محاذن يعني سياست ۽ صحافت ذريعي اڳتي وڌايائين.
سنڌ جي آزاديءَ جي تحرريڪ ۾ پاڻ نه صرف انيڪ مضمون، ايڊيٽوريل ۽
ڪالم وغيره لکيا ۽ انگريز سرڪار کي مسئلي جي اهميت
۽ حل لاءِ آماده ڪيائون پر قلم جي طاقت ذريعي اهو
مسئلو آخرڪار حل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سندس انهيءَ
صحافتي ڪاوشن جو هتي ذڪر ڪجي ٿو.
سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي جدوجهد بابت شيخ صاحب هڪ مفصل
پروگرام پيش ڪيو. سندن مضمون بعد ۾ ڪتابي صورت ۾
سنڌ جي مسلمانن لاءِ ”تنظيمي پروگرام“ جي سري هيٺ
شايع ٿيا، انهن مضمونن ۾ شيخ صاحب لکي ٿو ته:
”هن وقت سنڌ جي مسلمانن جي آڏو بمبئيءَ کان جدائيءَ ۽ مسلمانن
جي آزاديءَ جو مسئلو آهي، انهيءَ جاکوڙ ۾ هندن جي
تعاون ۽ مدد کان سواءِ مسلمان لاءِ ڪاميابي حاصل
ڪرڻ مشڪل آهي. مون کي پڪ آهي ته سنڌ جي الڳ صوبي
واري تحريڪ ۽ مطالبو ايترو معقول آهي، جو هندو ان
کي قبول ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو. ڇو ته ان
تجويز ۾ سراسر هندن جو مفاد آهي يعني هن وقت سڄي
سنڌ جا رڳو هندو ئي بمبئي ڪائونسل لاءِ چونڊجي
سگهجن ٿا. جڏهن ته عليحدگيءَ جي صورت ۾ سيٽن جي
لحاظ کان هندن کي ڪاروبار ۽ ٻين شعبن ۾ ٽيون حصو
ملندو. سنڌ جا مسلمان شرافت، صلح پسندي ۽
رحمدليءَ ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهن. هن ڇڪتاڻ ۽ ڏکئي
وقت ۾ سرڪاري 17 ادارن ۽ ڊسٽرڪٽ بورڊن (اندرون
سنڌ) ۾ هندن جي گهڻائي آهي. جڏهن ته هندن ۽
مسلمانن جا باهمي تعلقات خوشگوار ٿيندا، مون کي
توقع آهي ته هندو پنهنجي علمي لياقت ۽ قابليت
هوشياري ۽ همت سان هر طرف واپار ۾ نمايان حيثيت
حاصل ڪري وٺندا ته ٻئي پاسي سنڌ جي سياست ۾ کين
ٺوس ۽ اثرائتي نمائندگي حاصل ٿي ويندي. مسلمانن جي
دور قتدار يا موجوده حڪومت جي دور ۾ هندن کي
ملازمت ۽ اقتصاديات ۾ هڪ نمايان پوزيشن حاصل ٿي
آهي. آزاد ۽ خودمختيار سنڌ ۾ کين جيڪي فائدا حاصل
ٿيندا، اهي انهن کان به اڳرا هوندا، آزاد سنڌ ۾
هنن جو درجو محڪومانه نه پر برادرانه هوندو. “- -
- - (1)
شيخ صاحب هيءَ ڳالهه ڀليءَ ڀت ڄاڻندو هو ته مسلمانن لاءِ اڪيلي
سر بمبئيءَ کان سنڌ کي ڇني ڌار ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي،
ان لاءِ جو نشر و اشاعت جي طاقت هندن جي هٿ ۾ هئي
۽ انگريزن تي زور وجهڻ جا جيڪي طريقا هئا، اهي
گهڻو ڪري هندن جي هٿ وس هئا، تنهن ڪري شيخ صاحب
هندن جي آڏو سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي تحريڪ
جا اهي پهلو پيش ڪيا، جي سندن فائدي ۾ هئا پر
بدقسمتيءَ سان شيخ صاحب ان ڏس ۾ هندن جي حمايت
حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو. باوجود ان جي ته
18 جون 1928ع تي سنڌي مسلمانن ۽ هندو ليڊرن جي هڪ
گڏجاڻي به ٿي ۽ ان ۾ ڌرين جي وچ ۾ باقاعده هڪ
معاهدو به ٿيو، ليڪن هندو ليڊرن ان معاهدي جي
ڀڃڪڙي ڪئي.
سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي سلسلي ۾ شيخ صاحب جي مضمونن جو
سلسلو ايترو ته اهم هو جو، محترم جي ايم سيد
پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي“ ۾ لکي ٿو
ته، ”سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جو جيترو واضح ۽
کليل بحث پهريون ڀيرو آڏو آيو آهي، ان کان اڳ دٻيل
لفظن ۾ سنڌ ڪمشنر جي بي پناهه اختيارن جي ڳالهه تي
لڄ ايندي هئي، پر شيخ صاحب پهريون ڀيرو ايڏي جرئت
جو مظاهرو ڪيو. “- - - - - (1)
هندن ۽ مسلمانن جي مٿي ڄاڻايل اجلاسن جي ڪارروائي ”الوحيد“ 12
جون 1928ع جي شماري ۾ شايع ڪئي ويئي، جيڪا هيٺ ڏجي
ٿي:
”جڏهن کان شيخ صاحب سنڌ جي جدائيءَ وارو مسئلو هندستان جي سياسي
پارٽين اڳيان پيش ڪيو آهي، انهيءَ وقت کان ڪجهه
هندن انهيءَ جي مخالفت شروع ڪري ڏني آهي. باوجود
ان جي ته آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي انڊين
نيشنل ڪانگريس ۽ آل انڊيا مسلم ليگ انهيءَ تي متفق
ٿي ويون آهن. مسٽر جئيرام ۽ هن جا ساٿي هندو
مهاسڀا جي مدد سا، پوري هندستان ۾ زهر اوڳاڇي رهيا
آهن. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ گهڻا ئي آزاد
خيال ۽ وطن پرست غير مسلم، انهيءَ پروپئگنڊا کي
محسوس ڪري رهيا آهن ۽ انهيءَ ڪوشش ۾ رڌل آهن ته
انهيءَ مسئلي کي فرقيوارانه مسئلو بنائڻ کان سواءِ
ئي ڪو خاطر خواهه فيصلو ڪيو وڃي. هندستان جي
مسلمان اڳواڻن شروع کان سنڌ جي ليڊرن کي انهيءَ
ڳالهه جو يقين ڏياريو آهي ته سنڌ جي جدا ٿيڻ جي
صورت ۾ هندن جي حفاظت جي لاءِ کين گهربل ضمانتون
ڏنيون وينديون. صوبي سنڌ جي ڪانگريس ڪميٽيءَ جي
صدر، سوامي گوبند آنند جي انهيءَ بيان تي ته
جيڪڏهن سنڌ ڪائونسل ۾ هندن کي چاليهه سيڪڙو ۽ ٻيا
حق ڏنا وڃن ته پوءِ سنڌ جا سمورا هندو، جدائيءَ
واري تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهن.“
1924ع ۾ پهريون دفعو نهايت واضح لفظن ۾ سنڌ کي الڳ ڪرڻ جو
مطالبو ڪيو ويو، جيڪو شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ طرفان
جيل دوران هڪ تيار ڪيل پمفليٽ ۾ پيش ڪيو ويو هو.
ان پمفليٽ ۾ شيخ صاحب سنڌ جي مسلمانن جي تعليم،
تربيت ۽ تنظيم طرف ڌيان ڇڪايو هو. ان جو هڪ اقتباس
ملاحظه ڪيو:
هن وقت سنڌي مسلمانن جي سامهون، سنڌ کي بمبئيءَ علائقي کان جدا
ڪرڻ ۽ عليحده صوبي بنائڻ جو سوال درپيش آهي.
مسلمان ان مسئلي ۾ هندن جي مدد کان سواءِ مشڪل سان
ڪامياب ٿي سگهندا. پر مون کي يقين آهي ته سنڌ کي
جدا پرڳڻي ڪرڻ جي تجويز اهڙي معقول ۽ لاجواب آهي،
جو هندو ضرور ان کي هڪ ڏينهن قبول ڪندا. هينئر
ساري سنڌ مان صرف ٽي هندو بمبئي ڪائونسل تي ميمبر
چونڊجي سگهجن ٿا. پر سنڌ جي جدا ڪائونسل قائم ٿيڻ
بعد ۾ انهن کي ٽيون حصو چونڊيل ميمبرن جو ملندو.
ساڳيو حصو سنڌ جي ڪاروباري ڪائونسلن ۾ ملندو. سنڌي
مسلمان جهڙا غريب تهڙا صلح پسند ۽ اشراف مسلمان،
اهي ڪڏهن به ڄاڻي واڻي ساڻن نه ڦٽائيندا. “ - - -
(1) |