جناب حضرت شاهه صاحب!
بعد شوق ملاقات جي عرض ته نوازش نامه پهتو. نهايت شڪر گذار
آهيان. توهان في الحال ته وڇوڙو ڏيئي ويا آهيو.
خبر نه آهي ته ڪڏهن ايندؤ. اميد آهي ته پنهنجي
بکايل دماغ کي ڪجهه غذا مڙيوئي ڏيندا هوندا. باقي
منهنجي زندگي ته سراپا بيڪار آهي. طبيعت ناساز،
فرحت گهٽ، فڪر افڪار بي شمار، پر عملي طرح بيڪار.
اميد آهي ته مدرسه بورڊ جي ميٽنگ تي ايندا. پوءِ گورنر جي
ملاقات بابت به تبادله خيالات ڪنداسين. ڪي سوال اڳ
۾ ئي توهان کي خيال ۾ آهن. پر سکر ۾ عملداري
زيادتين ۽ فوج جي فائرنگ جي طرف به ڌيان ڇڪائجوس.
پوليس جي بيدرد نگرين ۽ جدا جدا کاتن جي رشوت
خورين جي انسداد جي طرف به اشارو ڪجوس ۽ صاف
ٻڌائجوس ته ماڻهو ايتريقدر هلندڙ سرشته جي ظلمن
کان بيزار آهن جو دعائون پيا گهرن ته ڪڏهن ٿو ان
جو خاتمو ٿئي.
آئون ڪائونسل جو ڪم ڏسي دهلجي وڃان ٿو. نه مددگار آهي، نه ٽائپ
ڪرڻ وارو، نه سواري، جو ڪنهن کي وقت سر ڏسي سگهجي.
گشت ملتوي ڪريان ٿو ۽ اعلان ڪريان ٿو ته جناب شاهه
صاحب جي صلاح موجب ڊسمبر ۾ نڪربو - ٻيو خير
السلام –
بنده
شيخ عبدالمجيد سنڌي
(اصل انگريزي ۾) - - - - - (2)
ڪراچي
13- جون 1932ع
جناب غلام مرتضيٰ سيد صاحب
پيارا دوست!
تجويز ڏني ويئي آهي ته ڇو نه سنڌ آزاد ڏينهن ملهايو وڃي، جيئن
سنڌ جي مسلمانن جو ڌيان هن بيحد اهم مسئلي ڏانهن
مرڪوز ڪري سگهجي ۽ کين لوٿين ڪميٽيءَ جي سفارش
بابت آگاهه ڪري سگهجي.
ان خيال کان ته ڪهڙيءَ طرح انهن تجويزن کي بهتر نموني عملي جامو
پارائجي. غور لاءِ ڪراچيءَ جي مسلمانن جي هڪ
گڏجاڻي خميس 16 – جون 1932ع تي شام جو ڇهين وڳي
ڪراچي اڪيڊميءَ جي ليڪچر ٿيٽر واقع وڌومل اڌارام
روڊ تي ٿي رهي آهي.
مهرباني ڪري ان ۾ شريڪ ٿي ٿورائتو ڪندا.
توهان جو مخلص
شيخ عبدالمجيد سنڌي.
مڪرمي جناب ميان غلام مرتضيٰ صاحب!
اسلام عليڪم،
احوال ته توهان صاحبن کي نيڪ روشن هوندو ته هڪ راهوجو مسلمان
خون ٿيو آهي ۽ ست راهوجا مسلمان جيل ۾ آهن پر
راهوجن تي وري هندن نئون ڪيس داخل ڪيو آهي. انهن
جي متعلق هڪ معزز مسلمانن جي ميٽنگ 2 جنوري 1935ع
ڏينهن اربع 3 بجه ٿيندي. توهان صاحب ان ميٽنگ ۾
ضرور شامل ٿي پنهنجي راءِ کان مسلمانن کي مستفيض
ڪندا. هيءَ اهم ۽ غريب مسلمانن جو ڪم آهي، تنهن ۾
الله ڪارڻ جيڪو قدم کڻندؤ، تنهن کي اجر عظيم
ٿيندو.
”والسلام“
فقط
1- شيخ عبدالمجيد سنڌي
2- خانبهادر محمد ايوب کهڙو
3- پير الاهي بخش وڪيل. - - - - - (1)
26 – ڊسمبر 1934ع
(ڇپيل)
ڪراچي .
10 سيپٽمبر 1932ع
جناب محترم
السلام عليڪم- سنڌ جدائي بابت مسلمانن جي تقاضا موجب وزيراعظم
ڪو به خاطر خواهه فيصلو نه ڏنو آهي. گمان آهي ته
آئنده جوڙجڪ ۾ انهيءَ ضروري سوال کي صفا ڇڏيو وڃي
۽ جي ائين ٿيو ته پوءِ سنڌ جا مسلمان هميشه لاءِ
بمبئيءَ جي غلاميءَ ۾ گرفتار رهندا. تنهن ڪري تازو
سنڌ ۾ مسلم ليڊرن جي جيڪا ڪراچيءَ ۾ ڪانفرنس سڏائي
ويئي هئي، ان ۾ فيصلو ڪيو هو ته 16 سيپٽمبر تي
ساري سنڌ جي هر هڪ ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ ۾ انهيءَ
ڏينهن جلسا ڪري سنڌ جي جدائيءَ لاءِ تمام زوردار
آواز بلند ڪندا. ٺهراءُ پاس ڪري ان جا نقل
وائسراءِ هند، گورنر بمبئي ۽ ڪمشنر- ان سنڌ ۽
اخبارن کي روانا ڪندا. هيءُ وقت آهي نهايت
ڦڙتائيءَ سان ڪم ڪرڻ جو. ائين نه ٿئي جو وقت نڪري
وڃڻ کان پوءِ افسوس ڪرڻو پوي.
والسلام
صدر- سر شاهنواز ڀٽو
سيڪريٽري- سيد ميران محمد شاهه
شيخ عبدالمجيد سنڌي. - - - - (1)
”شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جون تقريرون“
شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي زندگي هڪ مڪمل شخصيت جي زندگي هئي،
جيڪا پنهنجي ليکي هڪ وڏو ادارو هئي، جنهن ۾ سياست،
صحافت، سماجيات، اقتصاديات، مطلب ته هر شعبو اچي
ٿي ويو.
شيخ صاحب پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز 20 هين صديءَ جي پهرئين
ڏهائيءَ جي آخر ۾ شروع ڪري ڏنو هو. سندن ڪيريئر جي
شروعات والنٽيئر جي حيثيت ۾ ٿي، ان بعد سياسي
سيڪريٽري، صحافي ۽ مڪمل سياستدان ثابت ٿيا.
شيخ صاحب کي تحرير سان گڏ تقرير تي به مڪمل عبور حاصل هوندو هو.
پاڻ 20 هين صديءَ جي مني صديءَ تائين مڙني سياسي
تحريڪن ۾ قدم قدم شريڪ رهيو.
برصغير جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي تقريرون ڪيائين، تحريڪون هلايائين ۽
ڪيترين ئي تحريڪن کي ڪامياب انجام تائين
پهچايائين. هتي اسان شيخ صاحب جي ڪجهه تقريرن جو
احوال ۽ ڪجهه مشهور تقريرن جو اختصار پيش ڪنداسين
ته جيئن سندن بهترين قلمڪار هجڻ سان گڏ بهترين
مقرر جو ڪردار سامهون اچي سگهي.
شيخ صاحب تقريرن جو آغاز 1912ع کان ڪيو، جڏهن هن بحيثيت شاگرد
”ڊيڪن ڪاليج پونا“ ۾ اهم سياسي تقرير ڪئي.
ان بعد ”بلقان جنگ“ جي متاثرين لاءِ چندو گڏ ڪرڻ لاءِ ڪارڪن
نڪرندا هئا ته کين هر هنڌ تقرير ڪرڻي پوندي هئي.
”ريشمي رومال جي تحريڪ“ ۽ خاص طور تي خلافت تحريڪ،
هجرت تحريڪ، سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ جي تحريڪ،
آزاديءَ جي تحريڪ، توڙي سماج سڌار مهم ۾ پاڻ
برصغير جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويا ۽ تقريرون ڪيائون.
ان دؤر ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس، آل انڊيا مسلم ليگ، خلافت
ڪانفرنس، سنڌ آزاد پارٽي، توڙي ٻين پارٽين جي
ميٽنگن، اجلاسن، گڏجاڻين، توڙي ڪانفرنسن ۾ تقريرون
ڪيائين.
هتي انهن تقريرن مان ڪجهه اختصار ۽ سندن تقريرن جي باري ۾
مولانا شوڪت عليءَ جو رايو پيش ڪجي ٿو:
”آئون شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي شملي واري تقرير ڪڏهن نٿو وساري
سگهان. هن مسلم پاليسيءَ جي وضاحت ڪئي ۽ هڪ ڪلاڪ
کان وڌيڪ عرصي لاءِ حاضرين کي همه تن گوش رکيو.
ٻئي ڏينهن شملي جي بازارين ۾ مون کي جتي ڪٿي ائين
ٿي چيو ويو ته شيخ صاحب جي ٻي تقرير جو انتظام
ڪرايو“ - - - - (1)
سن 1925ع ۾ حيدرآباد جي هوم اسٽينڊ هال ۾ هڪ عظيم الشان جلسي کي
خطاب ڪندي، شيخ صاحب هڪ رقت انگيز تقرير ڪئي، جنهن
۾ صاف لفظن ۾ تاجدار برطانيه خلاف بغاوت جو اعلان
ڪيائين. شيخ صاحب چيو:
”بادشاهه پنجم کي هندستان جي شهنشاهيت جي دعويٰ تان دستبردار
ٿيڻ گهرجي ورنه کيس بزور بازو تخت شاهيءَ تان
هٽايو ويندو.“ . - - - - - - (2)
اهڙي باغيانه تقرير، انگريزن جي زماني ۾ هندستان جي ٻئي ڪنهن
ليڊر شايد ئي ڪئي هجي.
انهيءَ کان علاوه شيخ صاحب پنهنجي عملي زندگيءَ جي تقريباً مني
صديءَ دوران هزارين تقريرون برصغير جي چپي چپي ۾
ڪيون، جنهن مان جيڪي ملي سگهيون آهن سي سڀ پيش ڪرڻ
ممڪن ناهن. مثال طور هيءَ تقرير هيٺ ڏجي ٿي، جنهن
مان کيس اعليٰ درجي جو مقرر مڃڻ تي مجبور ٿجي ٿو:
”ڀائرو اڄوڪو ڏينهن منهنجي واسطي غم ۽ ڏک جو ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ
ته آئون هڪ اهڙي جلسي ۾ شريڪ ٿيو آهيان، بلڪه ان
جي سڏائڻ ۾ مون به حصو ورتو آهي، جنهن مان گهڻن کي
فرقي بنديءَ جي بوءِ ايندي. شڌي ۽ سنگهٽن تحريڪن
کي جاري ٿئي گهڻو وقت گذري ويو آهي ۽ منهنجا هندو
وطن پرست دوست هڪ ٻئي پٺيان آئيندي جي تحريڪ ۾
شريڪ ٿيندا ويا ۽ مسلمانن جي ظلمن جا ڪوڙا داستان
بيان ڪري پنهنجي هندو قوم کي تيار ڪرڻ لڳا پر مون
اڃا تائين ڪنهن به جلسي يا مضمون ۾ ڪڏهن به هندو
قوم جي خلاف ڪو لفظ زبان مان نه ڪڍيو آهي. اڄ
جيڪڏهن مون کي ڪنهن هندو جي خلاف ڪجهه چوڻو آهي ته
ان لاءِ جوابدار ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ مسٽڙ جيرامداس ۽
انهن جا هم خيال هندو آهن ۽ نه شيخ عبدالمجيد
سنڌي. آئون پڇان ٿو ته ڇا سنڌ ۾ اهڙو هندو ڪو
موجود نه آهي جو هندو اخبارن جو ٻوٿ بند ڪري، انهن
کي اسلام ۽ مسلمانن خلاف زهر ڦهلائڻ کان روڪي؟ مون
کي خبر آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ”الوحيد“ ۽ مسلمان اخبارن
وارا به اهڙا مضمون لکن ٿا جي هندو اخبارن وارن کي
نه ٿا وڻن. پر مون کي اهو به معلوم آهي ته
”الوحيد“ ۽ مسلمان اخبارن وارا ڪجهه لکن يا نه
لکن، پر تنهن هوندي به هندو اخبارون اڪثر اسلام ۽
پيغمبر اسلام ۽ اسلامي تمدن، تهذيب ۽ تاريخ بابت
دل آزاريندڙ مضمون لکنديون رهنديون آهن. آئون ان
ڳالهه واسطي تيار آهيان ته ”الوحيد“ ۽ مسلمانن کي
هندن بابت ڪنهن به اعتراض ڪرڻ کان روڪي سگهان پر
مون کي پڪ آهي ته جن سنگهٽي يارن جو اهو ئي مطلب
آهي ته هندستان وانگر سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ
۾ دشمني پيدا ڪجي، سي هرگز پنهنجي هوڏ تان نه
لهندا. چون ٿا ته مسلمان، هندن جون زالون ڀڄائي
وڃن ٿا ۽ هندن کي زبردستي مسلمان ڪن ٿا. پر آئون
هندو ڀائرن کي عرض ڪريان ٿو ته توهان چئو ته سهي
ته اهي ڳالهيون ڪيتري قدر صحيح آهن؟ ڪهڙو مطلب آهي
نسورن ڪوڙن جو، جي مسلمانن خلاف ڳالهايا وڃن. اسان
جي ڪن هندو ڀائرن ۽ اخبارن سرڪار جي اڳيان ويهي
پنهنجا ڏک سور رنا آهن، ته پوليس کاتي ۾ هندن کي
گهڻيون نوڪريون ملن، ڇاڪاڻ ته مسلمان عملدار انهن
هندو ٻارن ۽ زالن کي ڳولي نه ٿا لهن، جن کي
بدمعاش مسلمان ڀڄائي وڃن ٿا. مون کي ذاتي علم اهو
آهي ته ڪجهه ڳوٺن ۾ اڄ اها حالت آهي جو هڪڙي
مسلمان جي ڪنهن مسلمان کان زال ڀڄائي وڃڻ آسان آهي
پر هڪڙي مسلمان لاءِ اهو تمام مشڪل آهي ته پنهنجي
ڳوٺ ۾ ڪنهن هندو زال ڏانهن بدنگاهه سان نهاري ٿي
سگهيو. . . . . . ٻن سالن کان وٺي ”ايسوسيئيٽيڊ
پريس“ جا سنگهٽي ايجنٽ مسلمانن جي خلاف ساري ملڪ ۾
زهر ڦهلائي رهيا آهن ته سنڌ ۾ ڏاڍو ستم ٿي رهيو
آهي، ڄڻڪ ”ايسوسيئيٽيڊ پريس“ جو ڦهلايل زهر هندو
جاتي جي خدمت لاءِ ڪافي نه هو، جو هاڻي وڌيڪ ويهه
هزار روپيا گڏ ڪري ويا آهن ته ڪائونسلن ۾ به اهڙا
ڪوڙا قصا مشهور ڪري مسلمانن کي خواهه مخواهه بدنام
ڪيو وڃي. جو شخص هندستان کان ٻاهر رهندو هوندو سو
سمجهندو ته ويچارا سنڌ جا غريب هندو، مسلمان
راڪشسن هٿان ڪسجي ۽ مسجي رهيا آهن، تنهن ڪري غريبن
لاچار ويهه هزار روپيا گڏ ڪيا آهن ته پنهنجي
حياتيءَ جا ڏک سور دور ڪن. ويچارن مسلمانن جي شهر
۾ اها حالت آهي جو مسلمان، هندو، محلا ٿي ويا آهن،
اڃا به مسلمانن کي شهرن مان ٿوري گندي پاڻيءَ جي
ڪسين تي رهڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي ته مرضن ۾
مبتلا ٿي نه فقط شهر ڇڏي وڃن پر دنيا مان ئي لڏي
وڃن ۽ ڳوٺن ۾ غريبن جي اها حالت آهي جو ڳوٺاڻو
مسلمان پنهنجي بدن جي ڪپڙن جو به مالڪ نه آهي. هو
زميندارن، عملدارن ۽ واڻين جو شڪار آهن. اها آهي
مسلمانن جي حالت پر تنهن هوندي به ساري ملڪ ۾
سنگهٽي يار اهو مشهور ڪري رهيا آهن ته هاءِ ويچارا
هندو، مسلمانن جي هٿان مارجي ويا؛ . . . . . . .
. . . (1) |