مسٽر امداد علي، امام علي قاضي پاٽ سنڌ جي مشهور قاضي امام علي
جو فرزند آهي ۽ بئريسٽر آهي. دنيا جي مذهبي لٽريچر
جو تمام چڱو مطالعو ڪيو اٿس. سنڌ ۾ خيرپور رياست
۾ به ڳچ وقت ملازمت ڪئي اٿس. ڪجهه وقت لاءِ سنڌ ۾
وڪالت ڪندو هو. هن وقت انگلينڊ ۾ آهي، جتي وقت
بوقت اسلام جي اشاعت ۽ اسلام جي خوبين تي ليڪچر
ڪندو رهندو آهي. مذهب جي فلسفي ۽ اسلام جي فضيلت
تي انگريزيءَ جو ڪتاب لکيو اٿس. سو عام طرح
مقبوليت حاصل ڪري چڪو آهي. سندس بيگم صاحبه، هڪ
جرمن عورت آهي، جا به مشهور اديبه آهي.
ڊاڪٽر شيخ نور محمد حيدرآباد سنڌ جو مشهور نومسلم ۽ ڊاڪٽر آهي،
خلافت ۽ ڪانگريس هلچل ۾ تمام چڱو بهرو ورتائين.
جنهن کان پوءِ هجرت ڪري افغانستان ويو، جنهن ملڪ ۾
ڪيترن سالن تائين رهيو. پوءِ روس ۽ جرمني ويو ۽
موٽي سنڌ ۾ آيو. ڪجهه وقت هن بعد وري افغانستان ۾
ملازم آهي. هن سال افغاني حاجين جي دوا درمل لاءِ
حج تي به ويو هو.
مولوي عبيدالله سنڌي هندستان جي مشهور ۽ جيد عالمن مان آهي.
پهريائين پير جهنڊي جي ڳوٺ ۾ عربي مدرسو قائم
ڪيائين، پوءِ دهليءَ ۾ سندس عربي مدرسو هو، جنهن ۾
بي اي تعليم يافته مسلمانن کي عربيءَ جي تعليم
ڏيندو هو. جنگ جي زماني ۾ افغانستان ويو، جتي
انقلابين جي جماعت ۾ شريڪ ٿيو. ڪيترن سالن تائين
افغانستان ۾ رهدو هو، جتان ٿي پوءِ روس، جرمني ۽
ترڪيءَ ويو. هن وقت مڪي شريف ۾ رهي ٿو ۽ قرآني
علوم جي طالبن کي تعليم ڏئي ٿو. هاڻي جڏهن هندستان
۾ هڪ قسم جي جوابدار حڪومت قائم ٿيڻ واري آهي،
تڏهن مولوي صاحب جهڙن بزرگن تان سرڪاري بندش لاٿي
وڃي ته جيڪر چڱو ٿئي.
قاري سيد ميران شاهه اصل ڳوٺ شاهه پنجي تعلقي ميهڙ جو رهاڪو هو،
ننڍي ڄمار ۾ سنڌ ڇڏي ويو هو. موصل، مصر ۽ حجاز ۾
قرآن جي قرات سکي بمبئي موٽي آيو، ڪجهه وقت گجرات
۽ ڪاٺيا واڙ ۾ رهي پوءِ ڪراچي ۾ صدر مسجد قصابان ۾
پيش امام ٿيو، مگر اتان پوءِ ستت ئي ڇڏي جوڌپور
ويو. کيس قرائت سبب حيدرآباد دکن مان هڪ سؤ روپيا
ماهوار وظيفو به ملندو هو. هاڻي ڪجهه وقت حيدرآباد
دکن ۾، ڪجهه وقت جوڌپور ۾ رهي ٿو. هڪ بزرگ موحد
سنڌي عالم ۽ وڏو شاعر آهي، جو سنڌ کان ٻاهر رهي
ٿو.
مولوي در محمد قمبر تعلقي جو هڪ نوجوان عربي طالب علم آهي، جو
ڪجهه وقت سنڌ مدرسي ۾ پڙهندو هو. مئٽرڪ ۾ فيل ٿيڻ
کان پوءِ هو انگلستان ويو. انگلينڊ يونيورسٽيءَ ۾
وڃي شريڪ ٿيو. مگر اتان پوءِ ستت جرمني هليو ويو،
جتي هڪ تجارتي فرم ۾ ملازم ٿيو. ٻڌجي ٿو ته هڪ
دفعي فرم جي ڪم سان هندستان به آيو، مگر وري واپس
هليو ويو.
مهاشي عبدالڪريم مبلغ اصل ڪراچيءَ جو رهاڪو خلافت تحريڪ ۾
والنٽيئر هو. مگر پوءِ هو سنڌ ڇڏي آگري هليو ويو.
اتي هڪ نومسلمن جو ادارو قائم ڪيائين ۽ هڪ هفتيوار
اخبار به جاري ڪيائين. هن هندي زبان سکي تقرير جي
مشق ڪئي ۽ ڪيترن ماڻهن هن جي هٿ تي اسلام قبول
ڪيو. هو چڱو مُناظر آهي. هندستان جون عام اخبارون
کيس مبلغ اعظم ڪري لکن ٿيون. هو آگري جي بجاءِ
ساري هندستان ۾ تبليغي دورو ڪندو ڦرندو آهي.
مولوي عبدالواحد سنڌي جامع مليه دهليءَ ۾ تدريس جو ڪم ڪري رهيو
آهي. اهڙيءَ طرح دهليءَ جي بوري مسجد جي هاءِ
اسڪول ۾ مولوي محمد سنڌي پرشن ٽيچر آهي.
مسٽر حبيب الله لغاري بلوچ، ميرپور ماٿيلي جو رهاڪو. پونه ۾
ايگريڪلچرل ڪاليج جو پروفيسر ۽ هڪ فرم جو مئنيجر
آهي. اڄڪلهه سرڪاري خرچ تي زراعتي فن ۾ وڌيڪ مهارت
پيدا ڪرڻ لاءِ آمريڪا ويل آهي. گذريل سال بلوچستان
ڪانفرنس اجلاس ۾ پونه مان حيدرآباد آيو هو. سندس
ننڍو ڀاءُ مسعود حاجي محمد به بمبئي ۾ انجنيئر
آهي.
مولوي محمد مدني – مٽيارين جي آس پاس جو هڪ هندو ڇوڪرو، اسلام
آڻي سنڌ مان عرب هليو ويو، جتي عربي علومن جو تمام
گهڻو حصو حاصل ڪري وڏو عالم ٿيو. ان کان پوءِ ڪجهه
وقت ڪراچيءَ ۾ رهندو آهي ۽ ڪجهه وقت مڪي شريف ۾.
سندس اعيال اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ آهي ۽ پاڻ ٻن سالن
کان مڪي ۾ .
ممڪن آهي ته ڪي ٻيا سنڌي مسلمان به دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ موجود
هجن پر اسان کي جن صاحبن جا نالا معلوم آهن، تن جو
ذڪر ڪيو اٿئون. - - - - - -(1)
ڪالم
”الوحيد جو ڪالم نعره مستانه“ :
”نعره مستانه“ سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت، سياستدان، صحافي ۽
برصغير جي آزاديءَ جي اڳواڻ، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ
جي تحرير جو نالو آهي، جيڪو ”الوحيد“ جهڙي تحريڪ
ساز اخبار ۾ شايع ٿيندو هو. شيخ صاحب ”الوحيد“ جو
نه صرف ايڊيٽر، چيئرمين ۽ سڄو روح روان هوندو هو
پر ائين چئجي ته ان دؤر ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي
معنيٰ ”الوحيد“ ۽ ”الوحيد“ معنيٰ سنڌ هوندي هئي ته
وڌاءُ نه ٿيندو. ”الوحيد“ نه صرف اخبار پر هڪ
تحريڪ ۽ ادارو هئي، جيڪا سنڌ جي سياست جو اهم حصو
شمار ڪئي ويندي هئي.
”نعره مستانه“ جا ڪالم شيخ صاحب جن گهڻي ڀاڱي آزاديءَ کان ڪجهه
اڳ ۽ ڪئين پوءِ ”الوحيد“ ۾ سلسليوار لکڻ شروع ڪيا.
جڏهن ”الوحيد“ وچ ۾ ڪجهه وقت لاءِ بند ٿي ۽ ان جي
جاءِ تي روزانه ”سنڌ“ اخبار شروع ڪئي ويئي. ان ۾
پڻ اهي ڪالم ڇپبا رهيا ۽ پوءِ وري ”الوحيد“ جي
ٻيهر جاري ٿيڻ کان ويندي ان جي بي درديءَ سان
نيلام ٿيڻ تائين ان ۾ وقت بوقت شايع ٿيندا هئا. ان
کان علاوه ڪجهه ڪالم روزانه ”ڪاروان“ حيدرآباد،
روزنامه ”مهراڻ“ حيدرآباد ۽ روزانه ”عبرت“ ۾ پڻ
شايع ٿيا.
”نعره مستانه، جا ڪالم گڏ ڪرڻ لاءِ پهرين دلچسپي ته اڳ ڪنهن
زماني ۾ به ورتي ويئي هئي، جڏهن اهي ڪتابي صورت ۾
شايع ٿيڻ بجاءِ ڊميءَ جي صورت ۾ محدود رهيا. ان ڏس
۾ علي محمد راهو، شيخ صاحب جي زندگيءَ ۾ نه صرف
مهينن جا مهينا روزانه ملاقاتون ڪري شيخ صاحب جي
زندگيءَ جو مواد گڏ ڪيو پر ”نعره مستانه“ واري اها
اڻ پوري ڊمي به محفوظ رکيائين. - - -
شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي، پاران نومبر 1981ع ۾شيخ صاحب جي
انهن ڪجهه ڪالمن جو مجموعو راقم (خان محمد پنهور)
جيڪو اڪيڊمي جو اعزازي سيڪريٽري پڻ آهي، تنهن
ڇپرايو آهي. نعره مستانه ڪالمن جي مجموعي جو، اهو
ڪتاب 136 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 10 رپيا
۽ ملڻ جو هنڌ سنڌ پبلشرس، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني يا
سنڌ پبلشرس پوسٽ باڪس نمبر 57 حيدرآباد آهي.
هن ڪتاب جو پيش لفظ مقالي جي مصنف (خان محمد پنهور) لکيو آهي.
ڪتاب ۾ شيخ صاحب جا لکيل 27 ڪالم شامل آهن، جن جا
عنوان ۽ اخبار ۾ ڪن ڪالمن جون شايع ٿيل تاريخون ۽
موضوع هن ريت آهن: -
1- قوم جو حقيقي خزانو.
2- دل جو دولتمند: جنهن ۾ ”اسلامي نظام حڪومت جي معنيٰ “ ۽
”دولتمندن کي خطاب“ جا عنوان لکيل آهن.
3- حق جو ٻيڙو: هن ڪالم ۾ ”مذهب ۾ زوري ناهي“ ، ”شيطان جو
زور“ جهڙا عنوان تحرير ٿيل آهن.
4- قلندر جي چيخ: هن عنوان تحت شيخ صاحب ”هوش سان ٻڌ“ ، ”دؤر
محمدي“ ، ”اسلام جا قومي اڳواڻ“، ”غدارن جو راڄ ۽
”توبهه ڪر“ جا عنوان تحرير ڪيا آهن.
5- زمانو بگڙجي ويو: هن ڪالم ۾ ”جهاد اڪبر“ ، ”خدا جا باغي“
عنوانن تي تبصرو ٿيل آهي.
6- عارفانه تلقين.
7- درد دل
8- قلندر جي صدا.
9- روحاني رمز: ڪالم ۾ قلندر جي حالت تي بحث ٿيل آهي.
10- قلندر جو خواب: ڪالم ۾ ”دولتمندن کي ڏسو“ ، ”غريبن کي ڏسو“
هڪ عجيب خواب جهڙا عنوان لکيل آهن.
11- سنڌ جي نوجوانن کي سڏ: (هن ڪالم ۾ ”بسم الله جي
معنيٰ“، ”سنڌ جي نوجوانن کي سڏ“ عنوان تي بحث ٿيل
آهي).
12- روزي جو فلسفو.
13- قيامت.
14- سنڌ جو سهڻو سرندو.
15- قلندرجي سزا.
16- ڪک هيٺيان لک.
17- مجاهد جو موت.
18- طالبعلم.
19- عشق جي وادي.
20- سنڌ سڪار.
21- خدا سان شڪوو.
22- عزرائيل زنده باد.
23- سنڌ جو سرڪاري نوڪر.
24- مستن جيمحفل.
25- قلندري اسلام.
26- مهراڻ جون مائرون.
27- نعره مستانه.
28- چار وڏيرا.
تبرڪ طور شيخ صاحب جو هڪ ڪالم پيش ڪجي ٿو:
قلندر جي سزا:
”دنيا وارو قلندر صدا هڻي رهيو آهي. هن کي خالي هٿين نه موٽايو.
هن جي جهولي ڀري ڇڏيو. هن کي پينو فقير سمجهي
دروازي تان نه ڌڪيو. سائل کي حقير نه سمجهو، هو
محبت ۽ شفقت جو بکيو آهي. توهان جي همدردين ۾
اميد رکي آيو آهي. هن جي اميدن جو خون نه ڪريو. هن
کي سندس مصيبتن جي ڪري ذليل نه ڪريو، جي مال جي
خيرات نٿا ڪري سگهو ته خوشگفتاريءَ جي خيرات ڪريو.
هو توهان جي قوم جو فرزند آهي. توهان جي فضول خرچي
هن کي محتاج بنايو آهي. توهان جي بخل هن کي بيکاري
ڪيو آهي. توهان جي حڪومت هن کي ڀڪاري بنايو آهي.
اوهان جي راڄ ۾ هو دربدر ٿيو آهي. هو قومي حقن،
قومي ڪوتاهين ۽ قومي بد انتظامين جو مظهر آهي.
منهنجي قوم جا نوجوانو! ڇو نٿا مون سواليءَ جي سوال اونايو؟
منهنجو توهان کي سوال آهي ته توهان پنهنجي خدا سان
سچا ٿي وڃو. جوانيءَ ۾ عبادت خدا کي پسند پوندي
آهي ۽ توهان کي ڪيميا جو ڪم ڏيندي، توهان جو درجو
بلند ڪندي، توهان جو دين ۽ دنيا درست ڪندي، توهان
کي خالق ۽ مخلوق وٽ مقبول ڪندي. توهان ڪاهي پئو
پنهنجي سنڌ ۾، مسلم قوم جا امام ٿي وڃو. مسلم قوم
جو ظاهر ۽ باطن سنواريو. قوم توهان ڏانهن نهاري
رهي آهي. توهان جي جوانيءَ تي نازان آهي ۽ توهان
جي جوانيءَ جو قسم کائيندي آهي. نوجوانن قومن جون
قسمتون پلٽي ڇڏيون آهن. انقلاب آڻيندا آهن ۽
پنهنجي قوم کي بلند عروج تي وٺي ويا آهن.
مذهبي محبت، قومي بيداري، ملڪي آزادي، هنري ترقي، تعليمي سڌارو،
مالي واڌارو، فوجي خدمت، معاشرتي اصلاح، جسماني
ورزش، قومي تنظيم، اخلاقي سربلندي، قوت ارادي،
دستوري شناخت، قانوني واقفيت، روحاني فضائل ۽
ترقيءَ جي تڙپ، ذوق سليم، جذبات جي پرورش، تقرير
جو جوش، تحرير جي صلاحيت، طبيعت ۾ سنجيدگي،
تحقيقات ۽ تجسس، تنقيد ۽ تميز، وطنيت ۽ قوميت،
انسانيت ۽ بين الاقواميت، نئين ۽ بهتر زندگيءَ جي
تلاش جو روح ڦوڪڻ ۽ اعليٰ ۽ افضل معيارن جي منارن
تائين پهچائڻ ۾ نوجوانن هر دؤر ۾ قوم لاءِ پاڻ کي
پئي پتوڙيو آهي.
ڪٿي آهن سنڌ جا نوجوان؟ ڪٿي آهن سنڌ جا نونهال، ڪٿي آهن سنڌ جي
ستل بخت کي بيدار ڪرڻ وارا؟ ڪٿي آهن محمد بن قاسم
جي روايتن کي زندهه ڪرڻ وارا؟ ڪير آهن هن ڀٽڪندڙ
قافلي جا خيرخواهه؟ ڪٿي آهن لالئون لعل لطيف جي
روحاني رمزن ۽ سلطاني سهاڳ کي جاڳائڻ وارا؟ ڇا
قيامت تائين ستل رهندؤ! متان سنڌ جي جدوجهد ۾ پٺتي
رهجي وڃو! خبردار ٿيو! زماني ۾ دريائن جون موجون
ڪنهن جو به انتظار نه ڪنديون آهن! اڄ جو ستل آهي
سو قيامت تائين ستل رهندو ۽ اڄ جو سجاڳ آهي سو
قيامت تائين سجاڳ رهندو.“ – (1)
انهيءَ کان علاوه شيخ صاحب ڪجهه ٻيا به ڪالم لکيا، جيڪي ”الحق“
، ”الامين“ ، ”الوحيد“ ۽ ٻين اخبارن ۾ شايع ٿيا پر
خاص شهرت سندس ڪالم ”نعره مستانه“ حاصل ڪئي.
شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جا لکيل ڪتاب:
شيخ صاحب پنهنجي صحافتي ڪيريئر ۾ سوين مضمون،ڪالم ۽ ڪتاب لکيا،
سندس جن ڪتابن خاص شهرت حاصل ڪئي سي هي آهن:
1- تاريخ جواهر
2- مسلمان حڪمران
3- مسلمانان سنڌ لاءِ تنظيمي پروگرام
4- فتح اندلس
5- عمر بن عبدالعزيز
6- المرتضيٰ
7- علماء سوء - - - - - - (1) |