سيڪشن؛ شخصيات

ٻري جن ٻاري

 باب--

صفحو :1

ٻري جن ٻاري

ڊاڪٽر خان محمد پنهور

شيخ عبدالمجيد سنڌي

”سيڪريٽري تنظيمي ڪميٽي، صوبه سنڌ، مسلم ليگ“

    (1)

جڏهن ڪانفرنس جا ڏهاڙا ويجها آيا، ته شيخ صاحب ڪراچيءَ ۾ ”هندستان جي مسلمان ليڊرن جي آمد ۽ سنڌ جي مسلمانن جو فرض“ جي عنوان سان هڪ مضمون لکيو. ان ۾ لکي ٿو:

سنڌ ۾ پوليٽيڪل ڪانفرنس جي سلسلي ۾ هندستان جا مشهور مسلم  اڳواڻ ڪراچيءَ ۾ تشريف فرما ٿيڻ وارا آهن ۽ هنن صاحبن جي آمد 5 تاريخ کان شروع ٿيندي. جيئن ته انهيءَ قسم جا مواقع ڪڏهن ڪڏهن اتفاق سان پيش ٿين ٿا ۽ هيءَ هڪ سنڌ جي مسلمانن جي خوشقسمتي آهي جو اڄ سندن صوبي ۾ هي اڳواڻ اچي رهيا آهن، جن سان مسلمانن جو آئيندو وابسته آهي. مسلم ليگ کي درپيش هن وقت نه رڳو مسلمانن جي حقوق جو مسئلو آهي، پر ان سان گڏ هندستان جي آزاديءَ جو سوال به گهڻي قدر ساڻس تعلق رکي ٿو. اخباربين حضرات کي خبر آهي ته هندستان جي آزاديءَ لاءِ هندستان ۾ هندو مسلم اتحاد قائم ڪرڻ لاءِ اڄ ڪانگريس به مسلم ليگ جي چوکٽ تي سلام ڀري رهي آهي.

خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو مسلم ليگ جا اڪابر ۽ اڳواڻ نه رڳو سنڌ جي ڪانفرنس جي دعوت تي تشريف فرما ٿي رهيا آهن، پر ان سان گڏ ڪانفرنس جي موقعي تي آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جي ميٽنگ به ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ضروري اصولي سوال فيصل ٿيڻ وارا آهن. انهيءَ وقت تي سنڌ جي مسلمانن جي ايمان جي تقاضا آهي، ته هو مٿين اڳواڻن جي مرحبا ۽ آجيان ۾ پوريءَ طرح سان حصو وٺي ثابت ڪري ڏيکارين ته هنن کي وطن ۽ قوم جي زندگيءَ وارن سوالن سان ڪيتري قدر دلچسپي ۽ محبت آهي. اسين سمجهي سگهون ٿا، ته ڪن مسلمانن کي مسلم ليگ سان کڻي اختلاف به هجي پر اها ڪهڙي عقلمندي آهي ته مسلمانان سنڌ کي ورغلائجي ته هو هندستان جي مسلمان اڳواڻن جي آجيان ۽ مرحبا ۾ ڪوبه حصو نه وٺن؟ ڇا سنڌ جي مسلمانن جي مهمان نوازي ۽ شرافت جي اها تقاضا آهي، ته ڪنهن ٿوري اختلاف جي ڪري قوم جي معزز اڳواڻن جي خوش آمديد نه ڪجي؟

هن وقت اسان کي پنهنجا سمورا اختلاف وساري فقط انهيءَ سوال تي ويچار ڪرڻ گهرجي، ته اسين ڪهڙي طريقي سان زندهه رهي سگهون ٿا ۽ اسان جي ملڪ خواهه قوم جو ڀلو ڪهڙيءَ  ڳالهه ۾ آهي.

بهرحال، اسين بي حد ضروري ٿا سمجهون ته موجوده وقت مان مسلمانن کي پورو فائدو وٺڻ گهرجي، ۽ مٿن  فرض آهي ته هو پنهنجي مهمانن جي شايانِ شان نموني مرحبا ڪن ۽ ڪانفرنس کي ڪامياب ڪري ثابت ڪري ڏيکارين ته منجهن سياسي روح چڱيءَ طرح پيدا ٿي چڪو آهي. “- - -(1)

مسلم ليگ جو اهو اجلاس، جڏهن 8 آڪٽوبر جي شام جو شروع ٿيو، ته ان ۾ سڄي هندستان جي قيادت موجود هئي. سرواڻن ۾ بنگال جو وزيراعليٰ اي ڪي فضل الحق، آسام جو وزيراعليٰ سعيد الله جان، پنجاب جو وزيراعليٰ سڪندر حيات، مولانا شوڪت علي، راجه محمود آباد، بيگم مولانا محمد علي جوهر وغيره شامل هئا.

هن اجلاس جي تصوير چٽيندي ”الوحيد“ لکي ٿي:

”سنڌ مسلم ليگ جو پهريون اجلاس نهايت تزڪ و احتشام سان، اٺين آڪٽوبر جي رات جو نائين وڳي شروع ٿيو. سڄو جلسه گاهه ماڻهن سان ڀريل هو. ويهڻ جي جاءِ نه هئڻ ڪري، هزارين ماڻهن کي بيٺي پير ڪلاڪن جا ڪلاڪ تقريرون ٻڌڻيون پيون. ڪانفرنس جي منتظمن کي مجبور ٿي ڪري داخلا واريون ٽڪيٽون بند ڪرڻيون پيون، جنهن کان پوءِ هزارين ماڻهو مايوس ٿي جلسه گاهه جي ٻاهران لائوڊ اسپيڪر جي وسيلي اجلاس جي ڪارروائي ٻڌندا رهيا.

تلاوت قرآن پاڪ کان پوءِ، مرحبائي ڪميٽيءَ جي چيئرمين، حاجي عبدالله هارون تقرير ڪئي. ڪانفرنس جي ڪارروائي باقاعدي شروع ڪرڻ لاءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي صدر سنڌ مسلم ليگ، رسمي طور قائداعظم محمد علي جناح جو نالو پيش ڪندي چيو ته خوشقسمتيءَ سان مسلم ليگ جو روح روان ۽ هندستان جي مايه ناز هستي، محمد علي جناح اسان وٽ موجود آهي. انهيءَ ڪري هن ڪانفرنس جي صدارت جي پڳ به سندن ئي سر تي سونهين ٿي. “- - - - (1)

ڪانفرنس جا ٻيا وچور پٺيءَ پاڏئون رکندي، هتي ان تاريخي ٺهراءَ جو تت پيش ڪبو، جيڪو شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ان اجلاس ۾ پيش ڪيو.

”ٺهراءُ“

”ڪانگريس دولت ۽ طاقت جي غرور تي مسلمانن ۾ نفاق ڦهلائي ۽ انهن کي برباد ڪري رهي آهي. جن صوبن ۾ ڪانگريس جي حڪومت آهي، انهن ۾ مسلمانن جي رسم و رواج، زبان، تهذيب ۽ ڪلچر کي نابود ڪيو ويو آهي. سنڌ، سرحد، بنگال ۽ پنجاب ۾  جتي مسلمانن جي اڪثريت آهي، اتي ڪانگريس مسلمانن ۾ نفاق وجهي، مسلمانن جي طاقت گهٽ ڪرڻ لاءِ اهڙين وزارتن سان ڪوئليشن ڪري رهي آهي جي اڪثريت جي مفاد خلاف آهن.

مسلمانن جي مخالفت هوندي به، انهن تي زبردستي وديا مندر اسڪيم مڙهي، انهن جي تهذيب ۽ زبان جو خاتمو آندو ويو آهي. بندي ماترم جهڙو مشرڪانه گيت ڳائي، مسلمانن جي جذبات کي ڏکويو ويو آهي. صوبن ۾ هندي ۽ ديوناگري رسم الخط مروج ڪيو ويو آهي، جنهن صورت ۾ اڪثريت واري قوم جي ذهنيت مسلمانن جي خلاف آهي. هندن ۽ مسلمانن جي مذهب، ٻولي، رسم الخط، تهذيب ۽ سوسائٽيءَ ۾ فرق آهي، تنهن ڪري هيءَ ڪانفرنس وسيلي هندستان جي صلح ۽ تهذيب جي ترقي، هندن ۽ مسلمانن جي سياسي ارادي لاءِ مسلم ليگ آل انڊيا کي سفارش ڪجي ٿي ته هو هن سموري سوال تي وري غور ڪري، ته هندستان لاءِ ڪهڙو جوڙجڪ هجي، جنهن سان مسلمان جا حق محفوظ رهن. “- - - - - (1)

شيخ صاحب انهيءَ ٺهراءَ تي تقرير ڪندي چيو ته ڪانگريسي  هاءِ ڪمان پنهنجي موجوده پاليسيءَ کان پاسو مرڳو ڪونه ڪندي. ڪانگريس هندستان ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي، ان تي سنڌ جو مسلمان آزادي ٿو گهري، ليڪن ڪانگريسي ان سلسلي ۾ هن سان ڪوئي عهد نامو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. ڪانگريس جي انهيءَ رويي منجهان ثابت آهي ته هو هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جي دشمن آهي. گانڌي 1921ع ۾ هندستان جي عوام سان وچن ڪيو هو ته هو هڪ سال اندر هندستان کي آزاد ڪرائيندو. ليڪن ويهه سال وهي چُڪا آهن، آزادي نه ڏيارائي سگهيو. اگر اڄ به ڪانگريس 9 ڪروڙ مسلمانن جي اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح سان ٺاهه ڪري ته هندستان ڇهن مهينن جي مدي ۾ آزاد ٿي سگهي ٿو.“

قائداعظم محمد علي جناح، ان اجلاس ۾ تفصيل سان ڪانگريس جي پاليسيءَ تي روشني وڌي ۽ مسلمانن جي لاءِ دڳ تجويز ڪيو. جيئن ته اسان جو موضوع شيخ صاحب آهي، انهيءَ ڪري ڪانفرنس جا ٻيا تفصيل پيش نه ڪنداسين.

 

اخبارون

اخبارون جن ۾ شيخ صاحب ڪم ڪيو:

”الحق“ سنڌي ۽ انگريزي، سکر.

”الامين“ حيدرآباد.

”مسافر“ حيدرآباد.

”الوحيد“ ڪراچي.

”مسلم ايڊووڪيٽ“ ڪراچي.

”يونٽي“ڪراچي.

”سنڌ مسلم“ حيدرآباد.

”قرباني“.

هتي اسان شيخ صاحب جي ٽن مشهور اخبارن ”الحق“ ، ”الامين“ ۽ ”الوحيد“ جو ذڪر ڪنداسين، جن لاءِ هن خاص طور تي ڪم ڪيو:

”الحق“

هن هفتيوار اخبار جو باني شيخ سليمان هو. سکر مان نڪرندڙ هيءَ اخبار وڪٽوريه پريس ۾ سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپبي هئي.

شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کان اڳ ”الحق“ جو انگريزي حصو سيد محمود اجمير وارو ايڊٽ ڪندو هو، جڏهن ته سنڌي حصي جو خان صاحب عبدالوهاب انچارج هو.

جڏهن کان شيخ صاحب ”الحق“ جي سنڌي حصي جو ايڊيٽر ٿيو، تڏهن کان انگريزي حصو پراڻي سکر جو رهواسي مسٽر عبدالحميد خان ولد خانبهادر خداداد خان ايڊٽ ڪرڻ لڳو. شيخ صاحب کي اخبار جو انگريزي حصو ملڻ کان اڳ مسٽر عبدالحميد خان ان کي هڪ سال کن ايڊٽ ڪيو.

شيخ عبدالمجيد سنڌي ”الحق“ کي سندس 1916ع واري گرفتاريءَ تائين ايڊٽ ڪيو.

شيخ صاحب ”الحق“ سان 1913ع کان وٺي منسلڪ ٿيو هو- جڏهن هن پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان اڳ ڊي – جي ڪاليج ڪراچي ڇڏيو هو. ان وقت شيخ صاحب فرسٽ ايئر ۾ پڙهندو هو.

شيخ صاحب سکر ۾ ”الحق“ جي سلسلي ۾ اخبار جي مالڪ شيخ عبدالعزيز سان گڏ رهيو.

”الحق“ مسلمانن جي حقن لاءِ لکندي هئي ۽ اها پاليسي اخبار جي 1906ع يا 1907ع کان جاري ٿيڻ کان وٺي هلي آئي.

”الحق“ پهرين حيدرآباد مان نڪرندي هئي. ان بعد سکر مان هفتيوار جي صورت ۾ نڪرڻ لڳي. هن مقالي ۾ مختلف جاين تي ”الحق“ ۾ ڇپيل ڪجهه ايڊيٽوريل ۽ خبرون ڏنيون ويون آهن.

”الامين“

هيءَ هفتيوار اخبار 1916ع ۾ حيدرآباد مان رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جاري ڪئي. هن جي خصوصيت هيءَ هئي ته هونئن ته سڄي اخبار سنڌي زبان ۾ هئي پر وچ تي ٻن صفحن تي انگريزي زبان استعمال ٿيل هوندي هئي. مقصد اهو هوس ته وقت جي حڪومت سان سندس ئي ٻوليءَ ۾ سڌي طرح مخاطب ٿجي ۽ مسئلا ۽ معاملا گوش گذار ڪجن.

اخبار 12 صفحن تي مشتمل هوندي هئي ۽ سندس لکڻيون قلمي قوت جو شاهڪار مثال هونديون هيون. ان جو وو سبب اهو هو ته ان جو مالڪ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي هڪ آزاد خيال ۽ قومي خيالن وارو اڳواڻ هو ۽ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ هدن سان اتحاد ڪرڻ جو قائل هو.

هن جي پاليسي هندن سان گڏجي سوراج حاصل ڪرڻ واري ۽ علي ڳڙهه مڪتبه فڪر جي سوچ جي خلاف هئي. انهن ڳالهين سبب ”الامين“ ، ”الحق“ ۽ ”آفتاب سنڌ“ جو ٽڪر اڻ ٽر هوندو هو. هڪٻئي تي سخت تنقيدون ڪيائون ۽ آخر ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ شمس الدين بلبل ته گهڻو پري وڃي پيا هئا. سندن وچ ۾ الهندي شاهه ٺاهه ڪرايو هو.

شروع ۾ ”الامين“ جو ايڊيٽر محمد هاشم مخلص هو، جنهن کي ٿوري ئي عرصي اندر هٽائي، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي آندو ويو، جيڪو ٿڌي دماغ سوچ ۽ فهم وارو صحافي هو ۽ ”مخلص“ جو قلم ته ايڏو قهري هو جو ڪيترن کي هڻي سٽي رکندو هو.

”مخلص“ پوءِ شيخ صاحب کان ڪاوڙجي سندس سخت مخالف ٿي پيو ۽ بعد ۾ جڏهن به موقعو ملندو هوس ته هن تي سخت ڇوهه ڇنڊيندو هو. مخلص جي ڪري ان وقت جو ٻيو اخبار نويس،شاعر ۽ طنزنگار مولوي نور محمد نظاماڻي سندس سخت مخالف ٿي پيو هو. ان هوندي به ”الامين“ جي اهڙيءَ ذميداريءَ جي نموني طور هتي شيخ صاحب جو لکيل سندس هڪ اداريو ڏيڻ چاهيان ٿو، جيڪو هن 10 آگسٽ 1916ع تي قلمبند ڪيو هو:

”. . . . . . . . اخبارون هڪ طرف ملڪي سماچار جو آئينو آهن ته ٻئي طرف مظلومن جي فريادن جو جام جم آهن، جنهن مان هر ڪنهن قسم جو احوال روشن ٿو ٿئي.

غير ملڪن ۾ اخبارن جي جيڪا وقعت ۽ دسترس آهي، ان کي  ڏسي بي ساخته اخبارن کي  پبلڪ جي دلي جذبات جو پرزور ترجمان چئي سگهجي ٿو. هنن ۾ جيڪي تحرير ٿو ٿئي سو بالا آفيسرن جي بارگاهه ۾ هڪدم رسائي ڪري ٿو. برعڪس ان جي اسان جون سنڌي اخبارون گلو ڦاڙي فريادن تي فرياد ڪري رهيون آهن ته ائين ڪڏهن به نه ٻڌو ويو آهي ته هن کان ان دانهن لاءِ پڇا  ڳاڇا ٿي. هاڻي جڏهن پبلڪ جي فريادن جو ذريعو اخبارن کان سواءِ ٻيو ڪو زياده ڪارگر نه آهي ته اهي فرياد يا مظالم جيڪي اخبارن ۾ شايع ٿين ٿا، سي وس وارن جي ڌيان تي اچن ٿا يا نه؟ جيڪڏهن اچن ٿا ۽ هنن کي نظر ۾ ٿو آڻجي ته پوءِ اخبارن جي عدم يا وجود ۾ ڪو به تفاوت نه چئبو. اختياريءَ وارن کي اک پٽڻ گهرجي ۽ پبلڪ جي فريادن جي تفتيش ڪرڻ گهرجي ته هو واقعي ستم رسيده آهن يا نه“ - - - - - - (1)

”الامين“ جي نالي جي مٿان هيءُ شعر سينگاريل هوندو هو:

فضل خدا سان جاري ٿي اخبار ”الامين“

ٿي قوم جي معين مددگار ”الامين“

اخبار جي زوردار ۽ مزيدار جي نموني طور، سندس 17 سيپٽمبر 1912ع واري ادارتي نوٽ جو هڪ ٽڪر ڏيون ٿا، جيڪو شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ تحرير ڪيو هو:

”- - - - - ملڪ جي ناقدرداني، سامان جي گراني، مفت خورن جي مهرباني، پريس ايڪٽ جي سخت جاني، اهي جملا اهڙيون سخت صعوبتون آهن، جنهن سان ڪابه اخبار جاري ڪري ڪاميابيءَ حاصل ڪرڻ لامحال آهي. . . . . . . 

”الامين“ اخبار جي پاليسي، هن جي طرز تحرير، ناجائز مدح سرائيءَ کان پاڪ، ذاتيات جي تون ۽ مان کان صاف،  راعي ۽ رعايا جي سچي همدرد، جنگي احوالات ۽ دلچسپ اقتباسات ۽ معلومات دنيا جو خزينئه بي بها- قومي خدمت ادا ڪرڻ ۾ راست باز مشير مطلب ته جي خوبيون اخبار ۾ هئڻ گهرجن تن سڀني سان ڀرپور“ - - - - - - (1)


 

ڀاڱو ٻيو

 

باب پهريون

 

الوحيد جي اجراء جا سياسي، سماجي مذهبي

 ۽ علمي سبب

 

الـــوحـــيــــد

 

الوحيد جي اجراءَ جي ڪهاڻي

 

روزنامه ”الوحيد“ اخبار 15 مارچ 1920ع ۾ جاري ٿي. هيءَ اخبار ڪيئن جاري ٿي؟ ڇو جاري ٿي؟ ۽ سندس قائم ۽ جاري ڪرڻ جا مقاصد ڪهڙا هئا؟ انهن سڀني معاملن تي هن فصل ۾ غور ڪيو ويو آهي ۽ انهن معاملن تي ويچاريو ويو آهي، سڀ کان پهريائين اخبار جي اجراءَ تي ڪجهه بحث ڪجي ٿو، ته جيئن ”الوحيد“ جي ڪهاڻيءَ کي منڍ کان آخر تائين پهچائي سگهجي.

پهرين خلافت ڪانفرنس سنڌ ۾ 1919ع ۾ حيدرآباد ۾ مفتي مخدوم غلام محمد ملڪاڻيءَ جي زير صدارت منعقد ٿي، جنهن ۾ سنڌ جا ماڻهو هزارين ۽ هندستان جا ليڊر به شريڪ ٿيا ۽ سنڌ جا علماءِ ڪرام به اڪثريت ۾ آيل هئا. انهن ليڊرن ۾  مولانا سيد تاج محمد امروٽي، مولانا غلام عمر سوني جتوئي وارو، مولانا حامد الله لاڙائي، مولانا دين محمد وفائي، مولانا فتح محمد سيوهاڻي، مولانا محمد صادق ڪراچي، مولانا محمد صديق مورائي، پير غلام مجدد (مٽياري)، مولانا عبدالرحيم مگسي، راشدي ڀائر (علي محمد ۽ حسام الدين راشدي) ۽ ٻيا ڪيترا ليڊر اچي شريڪ ٿيا. غلام محمد ڀرڳڙي سياست سبب انگريزن جي جيل مان آزاد ٿي، انهيءَ ڏينهن اچي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو هو.

صدارتي خطبو مولانا ملڪاڻي صاحب جو ڪتابي صورت ۾ پيل مولوي محمد صديق مورائي پڙهيو. ان ڪانفرنس ۾ خلافت بابت ۽ ترڪي حڪومت جي حق ۾ ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. ترڪيءَ جي سلطان کي برصغير جا مسلمان پنهنجو خليفو تسليم ڪندا هئا. ڇو ته مڪي شريف، مدينه منوره ۽ عربستان ۾ حڪومت ترڪي جي هئي ۽ خادم ڪعبه ترڪيءَ جو سلطان هو. مگر انگريزن سنڌ جي هڪ مولوي کان فتويٰ لکرائي، ترڪيءَ جي خلاف مڪي جي گورنر شريف حسين (جيڪو ترڪي حڪومت طرفان هو) کي برغلائي انگريز حڪومت کان کيس خليفو بنايو ويو. انڪري برصغير جي مسلمانن خلافت تحريڪ شروع ڪئي ته مسلمانن جو خليفو ترڪيءَ جو سلطان آهي ۽ شريف غدار آهي- خليفو  نه آهي. خلافت تحريڪ ۾ هندو به شريڪ ٿيا جو هندستان جي آزاد ڪرڻ جي تحريڪ زوردار نموني شروع ٿي چڪي هئي.

هن ئي ڪانفرنس ۾ تجويز پيش ٿي ته سنڌي مسلمانن جون ٻه هفتيوار اخبارون، هڪ ”الامين“ جيڪا شيخ عبدالمجيد جي ادارت ۾ شايع ٿي، ٻي ”الحق“ شيخ عبدالعزيز جي ادارت ۾ سکر مان نڪري ٿي، مگر روزانه سنڌي اخبار مسلمانن طرفان جاري ڪجي ۽ ان جو نالو تجويز ڪجي. هڪ صاحب چيو ته ”ڪلمه الحق“ نالو رکجي پر تائيد ڪانه ٿي. ٻئي صاحب چيو ته ”السلطان“ نالو رکجي جو اسان جي خليفي ترڪي حڪومت جي بادشاهه کي سلطان ڪوٺيو وڃي ٿو، مگر ان جي به اڪثريت تائيد ڪانه ڪئي. ان تي مولوي محمد صديق مورائي چيو ته هن وقت ترڪي حڪومت جي گاديءَ تي وحيد الدين حاڪم آهي، تنهنڪري اخبار جو نالو ”الوحيد“ رکيو وڃي. سڀني حاضرين ان نالي جي تائيد ڪئي ۽ ”الوحيد“ اخبار ڪراچيءَ مان جاري ٿي، جنهن جو پهريون ايڊيٽر قاضي عبدالرحمان، پبلشر سر عبدالله هارون ۽ پرنٽر شيخ عبدالعزيز ٿيو. - - - - - -(1)

”الوحيد“ جي جاري ڪرڻ جا مقاصد:

سنڌ جي هيءَ تاريخي اخبار جن مقاصدن تحت جاري ڪئي وئي هئي، سي هن ريت هئا:

1- عام مسلمان ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ.

2- مقامات مقدسه ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ مسلمانن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ.

3- مسلمانن ۽ خاص طور سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ.

4- مسلمانن جي مرڪز ”خلافت“ جي قائم ۽ دائم واسطي جدوجهد ڪرڻ.

”الوحيد“ جي تاريخ شاهد آهي ته هن انهن مقاصدن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ”الوحيد“ جي ايڊيٽرن، مالڪن ۽ ٻين ڪارڪنن کي جيلن جون سزائون، ڏنڊ ۽ ٻيا ڏکيا ڏينهن ۽ تڪليفون ڪاٽڻيون پيون. هيءَ اخبار ڪڏهن به ڪنهن حاڪم آڏو نه جهڪي، هميشه حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪيائين ۽ پنهنجي مقصدن جي حصول لاءِ جدوجهد جاري رکيائين، حق ۽ سچ جي آواز جو ساٿ ڏنائين. ۽ آزاديءَ جي جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org