باب ڇهون
شخصيت ۽ ڪردار ٻين جي نظر ۾
شيخ صاحب تي هيل تائين جن اڳواڻن ۽ شخصيتن پنهنجا رايا ڏنا يا
تحرير ڪيا آهن، تن مان ڪن جا رايا هت پيش ڪجن ٿا:
محترم جي ايم سيد چوي ٿو:
شيخ صاحب جهڙيون ممتاز ۽ نامور هستيون مشڪل سان پيدا ٿيون ٿين،
اهي ملڪ ۽ قومون خوش نصيب آهن، جن ۾ ههڙا ماڻهو
پيدا ٿين ٿا. سندن خداداد لياقتن مان پورو فائدو
نه وٺڻ ۽ انهن جي خدمتن جي قدرشناسي نه ڪرڻ قومن
کي عتاب جو مستحق بنائي ٿو. حقيقت ۾ اهڙي بزرگ
هستيءَ جي بيان ڪرڻ لاءِ هڪ عليحده ڪتاب ۽ شبلي
نعماني جهڙن علمائن جي قلم جي ضرورت آهي. هتي چند
صفحن ۾ سندس زندگيءَ کي قلمبند ڪرڻ ڪمال بي ادبي
آهي. ليڪن سندس مدح خواهن مان هڪ هئڻ جي حيثيت ۾،
اها جرئت ۽ گستاخي ان لاءِ ڪري رهيو آهيان ته جيئن
هن پنهنجي طويل بي مزي ۽ غيردلچسپ ڪهاڻيءَ کي
پسنديده ۽ دلچسپ بنايان. روز حساب تي هن فرض
ناشناس قوم کي جنهن جي خدمتگارن جي زمري ۾ اسين سڀ
داخل آهيون، انهيءَ ڪري سزاياب نه ڪج جو هنن ههڙن
دوالي بند، فاقه ڪش ۽ بي نظير قومي خادمن جو قدر
نه ڪري، سامراجين جي نيڪ پرورن، فرعون صفت، خود
مطلب ۽ جاهل فردن کي حاڪم ۽ اسلام جو علمبردار
بنايو ۽ هڪ اهڙي اسلام جي شيدائيءَ جو قدر نه
سڃاتو، جنهن پنهنجي ترقي يافته، شاهوڪار ۽ قدر
شناس قوم کي خيرآباد چئي، پاڻ کي صرف حلقه غلامان
محمد ۾ ان لاءِ داخل ڪيو جو ان پسمانده ۽ مسڪين
قوم کي خادمن جي گهڻي ضرورت هئي. آئون شاهدي ٿو
ڏيان ته، ڪي آهين، جي هن کي سڃاڻن به ٿا ۽ قدر به
ڪن ٿا. هيءَ برصغير هند پاڪ ۾ غير معمولي صلاحيتن،
سياسي قابليت ۽ ملڪي تدبر جو چونڊ فرد آهي. خدا
سائين جي بارگاهه ۾ دعا آهي ته کيس جنت الفردوس ۾
جاءِ عطا فرمائي. (آمين).
محترم قاضي فيض محمد لکيو:
”شيخ عبدالمجيد سنڌي نهايت ئي سچو، بهادر، ڄاڻو ۽ سڄاڻ اڳواڻ
هو. انتهائي ڏک جي ڳالهه آهي جو مسلمانن ۽ سنڌين
شيخ صاحب جي عظيم خدمتن جي سلسلي ۾ ڪابه قدرداني
ڪانه ڪئي، جيڪي ورهاڱي کان اڳ گڏيل ننڍي کنڊ جي
آزاديءَ لاءِ ڪيون. اهو سندس ان خدمت جو اهڃاڻ هو
جو هن هندو مسلم اتحاد ڪانفرنس جي صدارت ڪئي، جنهن
۾ هندو توڙي مسلمان اڳواڻن شيخ صاحب جي اعليٰ
صلاحيتن جو اعتراف ڪيو“ . - - - - - - (2)
راجه صاحب محمود آباد ۽ چوڌري خليق الزمان
ڪانگريس مسلم ليگ، خلافت ڪاميٽي ۽ برصغير هند و پاڪ جا جيڪي
مکيه سياستدان شيخ صاحب جي دور ۾ ٿي گذريا آهن يا
اڃا زندهه آهن، سي سڀ شيخ صاحب جا جهونا دوست ۽
مداح رهيا آهن.
مولانا حسرت موهاني شيخ صاحب جو ويجهڙو دوست هو. خالقڏني هال
ڪراچيءَ ۾ ”حسرت سوسائٽي“ پاران مرحوم حسرت
موهانيءَ جي ورسي ملهائي پيئي ويئي، جلسي ۾ بلند
پائي جا اڳواڻ شريڪ هئا، جن ۾ راجا صاحب محمود
آباد، عبدالرب نشتر، چوڌري خليق الزمان ۽ جسٽس
لاريءَ جا نالا قابل ذڪر آهن، جلسي جي ڪارروائي
هلي رهي هئي ته اوچتو شيخ صاحب به اچي ويو. شيخ
صاحب تي نظر پوڻ شرط راجه صاحب محمود آباد صدارتي
ڪرسي ڇڏي اچي شيخ صاحب کي ڀاڪر پاتو. سڀني ليڊرن
ساڻس گرمجوشيءَ سان مصافحو ڪيو. هلندي جلسي ۾ هيءَ
گڙٻڙ ڏسي، هڪڙي رنگروٽ کان رهيو نه ٿيو ۽ خليق
الزمان کي ٽوڪ هنيائين ته ”اوهان نيشنل عوامي
پارٽيءَ ۾ شريڪ ڇو نٿا وڃي ٿيو.“ ان تي راجه صاحب
چيو ”هن ويچاري کي ڪهڙي خبر ته مسلم ليگ جا اهي
اڳواڻ چوڌري خليق الزمان ۽ سردار نشتر، شيخ صاحب
جي ڪوشش سان ان جماعت ۾ آيا هئا. - - - - - (1)
جناب غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي رقمطراز آهي:
”شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي زندگيءَ جو آخرين حصو انهيءَ ڳالهه
جو ٺوس ثبوت آهي ته هن کي سنڌين جا مفاد عزيز هئا.
ون يونٽ خلاف پاڻ جو ڪم ڪيائون، تنهن کي سنڌ جي
سياست ۾ سونهري حرفن ۾ لکيو ويندو. هن عظيم انسان
سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ون يونٽي سياستدانن جو
ڀرپور مقابلو ڪيو. ون يونٽ جي خلاف لاهور جي موچي
گيٽ وٽ هڪ جلسو منعقد ڪيوسين. پنجاب جون حالتون ون
يونٽ جي مفاد ۾ هيون. اهڙين حالتن جي باوجود به
شيخ صاحب جڏهن تقرير ڪرڻ لاءِ اٿيو ته پنهنجا
توڙي پراوا هڪ آواز ۾ چوڻ لڳا ته ون يونٽ ظلم آهي،
زنجير آهي ۽ ڳٽ آهي.
ائنٽي ون يونٽ تحريڪ جي سلسلي ۾ مير غلام علي ٽالپر وارو واقعو
به ياد ٿو پوي. ٿيو ائين ته مير صاحب ون يونٽ جي
خلاف ڪم ڪيو ۽ ان ۾ جيل ويو. پاڻ جڏهن آزاد ٿي آيو
ته آئون ۽ شيخ صاحب صبح شام ساڻس ملڻ ويندا
هئاسين. اٺن نون ڏينهن کان پوءِ مير صاحب جي
ملاقات اسڪندر مرزا سان ٿي ۽ پاڻ انهيءَ تي راضي
ٿي ويو ته جيڪڏهن کين هڪ وزارت سنڌ ۾ ۽ ٻه وزارتون
ويسٽ پاڪستان ۾ ڏنيون وينديون ته هو ون يونٽ جي
مفاد ۾ بيان ڏيندو. جڏهن هڪ ڏينهن مير صاحب انهيءَ
بيان تي اسان کان صحيح وٺڻ گهري، تنهن ڏينهن مون
کي پهريون ڀيرو شيخ صاحب جي جوش ۽ جلال ڏسڻ جو
موقعو مليو. پاڻ نه رڳو مير صاحب کي ٺپ جواب
ڏنائين، ليڪن کيس چڱيون چوڻيون به ٻڌايائين.” - -
- - - - (1)
قاضي عبدالمجيد عابد لکي ٿو:
سرزمين سنڌ مردم خيزيءَ جي لحاظ کان هميشه امتيازي رتبي جي حامل
پئي رهي آهي، جيڪي درويش بي بها هن خطي پيدا ڪيا،
تن ۾ گذشته صديءَ جي آخر ۾ جناب شيخ عبدالمجيد
سنڌيءَ جي ولادت سان هڪ اهڙي عظيم انسان جو اضافو
ٿيو، جيڪو سنڌ کان سواءِ جيڪڏهن برصغير هند و پاڪ
جي ڪنهن به ٻئي حصي ۾ پيدا ٿئي ها، ته شايد هو
عظيم ترين قائد تسليم ٿئي ها. اها اسان جي بدقسمتي
چئبي يا بد ذوقي، جو اسان ڪڏهن به پنهنجن رهنمائن
جو سندن زندگيءَ ۾ قدر نه ڪيو آهي. اسان جي سياست
تي وڏيرا شاهيءَ جو ايترو ته مضبوط تسلط پئي رهيو
آهي جو گذشته سؤ سالن ۾ انهيءَ سرمائيداري ۽
جاگيرداري نظام کان ٻاهر ڪنهن به شخصيت کي، پوءِ
چاهي اها ڪيڏي صلاحيتن جي مالڪ ڇو نه هجي، قوم جي
قيادت جي حق کان محروم ۽ معذور رهڻو پيو آهي. - -
- - - - - (1)
مولانا شوڪت علي چيو:
1933ع ۾ جڏهن مون کي جيل مان آزاد ڪيو ويو ۽ 1934ع ۾ مان سنڌ جي
دوري تي نڪتس ۽ سکر ويس ته معلوم ٿيو ته شيخ
عبدالمجيد سنڌي جيل ۾ آهي. رات جو پبلڪ جلسو ختم
ٿيڻ بعد اسان فيصلو ڪيو ته جيل جو طواف ڪجي. اسان
جيل جو طواف ڪيو ۽ الله اڪبر جا نعرا بلند ڪري،
پنهنجي ساٿي کي پنهنجو آواز پهچايو. هن ٻڌو ۽
سمجهيو. “ - - - - - - - (2)
مولانا شوڪت عليءَ جا وڌيڪ رايا مقالي جي ٻين صفحن تي به ڏسي
سگهجن ٿا، انهيءَ کان علاوه پير علي محمد راشديءَ،
پير حسام الدين راشدي ۽ ٻين ليڊرن جا شيخ صاحب
بابت رايا مقالي جي مختلف صفحن تي ڏنل آهن.
”شيخ صاحب جا خط“
برصغير جي تاريخ ساز شخصيت شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي زندگي سنڌ ۽
هنڌ جي عوام جي سياسي شعور جي ارتقائي تاريخ آهي،
ريشمي رومال جي تحريڪ کان وٺي آل پاڪستان نيشنل
عوامي پارٽيءَ تائين صحتمند سياسي جدوجهد جو جيڪو
به دؤر گذريو آهي، تنهن ۾ شيخ صاحب شروع کان آخر
تائين شريڪ شريڪ رهيو. انهيءَ سڄي دؤر ۾ جڏهن به
ڪن پيچيده مسئلن تي ممتاز سياسي اڳواڻن جو اختلاف
ٿيو آهي ته اهو شيخ صاحب جي حڪمت عمليءَ سان هڪدم
دور ٿيو ۽ ائين ئي آزاديءَ جي علمبردارن جو قافلو
اڳتي وڌندو پئي رهيو آهي.
شيخ صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ برصغير جي عام کان ويندي مکيه ليڊرن
تائين تعلق ۾ رهيو، ساڻن هن جا گهرا ناتا ۽ واسطا
رهيا. انهن ليڊرن سان شيخ صاحب جي خط و ڪتابت به
رهي. اسان ”هتي شيخ صاحب جا خط“ جي عنوان سان سندن
لکيل ۽ کين آيل ڪجهه تاريخي خط ڏيون ٿا:
محترم جي ايم سيد کي لکيل خط:
بخدمت ۾ شريف جناب حضرت سيد غلام مرتضيٰ شاهه صاحب، اسلام
عليڪم! سائين جن کي معلوم هوندو ته ترڪ موالات
واري تجويز ڪلڪتي ۾ اسپيشل ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۽
خلافت ڪانفرنس ۽ انجمن علماء گڏجي پاس ڪئي آهي.
انهيءَ تجويز کي ڪامياب بنائڻ لاءِ نهايت ضروري
آهي ته هر هنڌ جلسا ڪيا وڃن. في الحال گورنر ۽
وائسراءِ جي ڪائونسلن لاءِ چونڊن جو سوال درپيش
آهي ۽ ووٽرن کي سمجهائڻو آهي ته ڪنهن به اميدوار
کي ووٽ نه ڏين.
توهان صاحبن جي خدمت ۾ عرض آهي ته توهان جيڪڏهن ڪنهن به هنڌ
جلسي جو انتظام ڪندا ته اسان پنج ست ماڻهو وٺي
انهيءَ جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار آهيون.
مهرباني فرمائي جلد خبر ڏيندا ته ڪهڙيءَ تاريخ اوهان جلسي جو
انتظام ڪري سگهندا.
زياده خير و السلام
خاڪسار
شيخ عبدالمجيد سنڌي
سيڪريٽري خلافت ڪميٽي
حيدرآباد، سنڌ
جمعيت خلافت اسلاميه صوبه سنڌ
428 ميڪلوڊ روڊ
ڪراچي .
بخدمت شريف جناب سيد غلام مرتضيٰ صاحب
اسلام عليڪم و رحمت الله و برڪاتہ
جناب عالي عرض ته صوبي سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ 12، 13 جون
تي سکر ۾ منعقد ٿيندي، جنهن ۾ سنڌ جي مسلمانن جي
سڌاري ۽ تنظيم بابت تجويز تي بحث ڪيو ويندو. تنهن
کانسواءِ ڪائونسلن جي ايندڙ چونڊ ۾ سنڌ جي ٻين
قومي جماعتن سان گڏجي لائق اميدوارن کي امداد ڏيڻ
جي سوال تي بحث ڪيو ويندو. اهڙن ضروري سوالن ۾
توهان جهڙن بزرگن جي شريڪ ٿيڻ سان ڪم گهڻو آسان ٿي
پوندو ۽ آئون توهان ۽ توهان جي ائسوسيئيشن کي صوبي
ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دل و جان سان
دعوت ڏيان ٿو.
زياده خير و السلام.
شيخ عبدالمجيد سنڌي
صدر صوبه سنڌ خلافت ڪاميٽي ڪراچي. – (2)
جناب حضرت شاهه صاحب!
السلام عليڪم، اخبار ۽ آفيس بابت ڪو به ڪم ڪري نه سگهبو،
جيستائين پير صاحب وٽ پئسا نه هوندا. هن وقت ۾
توهان جو به وقتاً فوقتاً ڪراچيءَ ۾ رهڻ ضروري
معلوم ٿي رهيو آهي. اها به خبر پئجي نه سگهي آهي
ته مولوي خير محمد صاحب اچي ٿو يا نه؟ هن ڳالهه جو
به پتو نٿو پئجي سگهي ته راشدي ڀائرن جو اخبار سان
ڪهڙو واسطو رهندو. اهي ئي اصحاب آهن، جن مان
انتخاب ڪري سگهجي ٿو. مون کي به جا ڊيوٽي ڏني
ويندي ان جي بجا آوري لاءِ تيار آهيان. منهنجو ته
هيءُ خيال آهي ته جيستائين نئين جماعت لاءِ 8- 10
لک روپيا گڏ نه ٿيندا تيستائين ڪم تسلي بخش نموني
۾ هلي نه سگهندو. آئينده به جيئن مناسب ۽ ممڪن
سمجهو سو ئي ڪرڻ گهرجي.
زياده خير و السلام
بنده
شيخ عبدالمجيد سنڌي – (2)
عيد جي موقعي تي لکيل خط:
عيد مبارڪ
جناب عالي،
عيد رمضان جي مبارڪن پيش ڪندي هيٺين عرض ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿا
سگهون ته اسان سنڌ جي مسلمانن کي عيد جي سچي خوشي
تڏهن نصيب ٿيندي، جڏهن سنڌ جو پرڳڻو بمبئيءَ کان
ڇڄي ڌار ٿيندو ۽ ساڳيءَ ريت خود حڪومت جا حق
ماڻيندو- جي جلد ئي ٻين پرڳڻن کي ملڻ وارا آهن. هن
وقت اسان جي حالت ڇا آهي؟ سنڌ جي زميندارن ۽
آبادگارن تي 17 ڪروڙ روپيا جمله قرض آهي، جنهن جو
فقط وياج ئي ساڍا چار ڪروڙ واڻين کي ڏنو وڃي ٿو ۽
تنهن کان سواءِ سالياني آباديءَ جي خرچن کي منهن
ڏيڻ لاءِ هر سال 40 ڪروڙ روپيا قرض ورتو وڃي ٿو،
جو زمين جي پيدائش مان وياج سميت 50 ڪروڙ روپيا
ڪري موٽائي ڏنو وڃي ٿو. سنڌ ۾ اسان ڪهڙي ڳالهه جو
شڪار نه آهيون؟ رسائيون، رشوتون، لاپا ۽ عملداري،
شڪارن جا ڪنڌ ڀڳا خرچ سي سڀ مسلمانن کي ڪرڻا پون
ٿا. توهان زميندارن ۽ آبادگارن جون ٻيون به
ڪيتريون تڪليفون ٿينديون، جيئن ٻج بدل، افراد پاڻي
۽ ري موڪل آبادي، نوٽس في، ري موڪل اڏاوت بندش
وغيره. ڍلون ڏين زميندار پر عملداريون ماڻين وچ ۾
ٻيا. نه تعليم، نه صفائي، نه روشني، نه تندرستي،
نه اسپتالون، نه رستا، مطلب ته ٻهراڙين وارن لاءِ
بمبئي سرڪار سنڌ ۾ ڪجهه به نه ڪيو آهي. اسان جي
مصيبتن جو اهو ئي علاج آهي ته سنڌ کي ٻين پرڳڻن
وانگر پنهنجي جدا حڪومت ملي ۽ ڪيترن سالن کان وٺي
اها ئي ڳالهه آهي جا اسان سرڪار تي ذهن نشين ڪندا
پيا آيا آهيون، پر هڪ ڳالهه جو ڏک اٿئون ته سنڌ جا
مسلمان اڃا تائين پنهنجي نفعي نقصان کان پوريءَ
طرح واقف نه ٿيا آهن. جيڪڏهن اسان ۾ پنهنجي تنزل
جو ڪو درد ۽ احساس هجي ها ته هن وقت تائين سنڌ جي
هر هڪ ڳوٺ ۾ آزاد سنڌ جماعت قائم ٿي وڃي ها ۽ هر
مسلمان بار ٻچو ننڍو وڏو اهو ئي نعرو هڻي ها ته
سنڌ آزاد ٿئي. اسان کي اميد آهي ته توهان صاحبن
جهڙا قومي همدرد پنهنجي اثر هيٺ ڳوٺن ۽ شهرن ۾
اهڙيون جماعتون ضرور قائم ڪندا ۽ ڪراچي شهر ۾ مارچ
1932ع جي پوئين هفتي ۾ آزاد سنڌ ڪانفرنس جي اجلاس
۾ پنهنجي دوستن احبابن سميت شريڪ ٿيندا ۽ جدائيءَ
واري تحريڪ کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، واهڻن ۽ ڳوٺن ۾
ڦهلائڻ ۾ مدد ڏيندا ته ايتري قدر جو اسان جي متفق
راءِ جي اڳيان ۽ قومي محبت ۽ آزاديءَ جي خواهش جي
اڳيان هندو قوم به مجبور ٿي پوي ۽ سرڪار پڻ مجبور
ٿي پوي ۽ هندستان کي جي نوان سڌارا ملڻا آهن تن جي
مروج ٿيڻ سان گڏ سنڌ کي هڪ جدا صوبو بنايو وڃي.
جنهن ڏينهن ائين ٿيندو، تنهن ڏينهن اسان آزاديءَ
جو عيد ڏينهن ملهائينداسون. انشاءَ الله تعاليٰ.
زياده خير و السلام
عبدالله هارون
شيخ عبدالمجيد سنڌي
مير محمد
دي مسلم ايڊووڪيٽ
428 ميڪلوڊ روڊ ڪراچي، 11- آڪٽوبر 1927ع
جناب مڪرمي و معظمي شاهه صاحب!
السلام عليڪم، خط توهان صاحبن جو پهتو، پڙهي نهايت مسرت ٿي.
آئينده به رساله جي ايڊيٽر ٿي رهڻ جو پڪو ارادو
آهي. انشاءَ الله تعاليٰ، توهان جا ڏهه، پندرهن
روپيا اڳ به مون وٽ رهيل آهن، جن بابت حڪم ڪندا ته
ڪهڙي صاحبن کي رسالا موڪليا وڃن، باقي جيڪڏهن
توهان صاحبن يا ڪو ٻيو صاحب سنڌ جي ڪامورن ۽ رئيسن
۾ پنهنجي پاران هڪ سئو ڪاپيون رسالي جون مفت تقسيم
ڪرڻ گهري ٿو ته آئون وڏي خوشيءَ سان سوا روپيا في
ڪاپي وٺندس. منهنجو مقصد تبليغ آهي ۽ نه تجارت.
هن وقت تائين ٻن مهينن جي اندر ٻه سئو کن روپيا رسالي جي ڪري
نقصان پئجي چڪو آهي، جنهن مان سئو کن روپيا جناب
سيٺ صاحب جن ڀري ڏنا آهن ۽ جيڪڏهن توهان جهڙا ٻه
چار سيد سونهارا ٻيا به پيدا ٿي ويا ته اميد آهي
ته خرچ نڪري ايندو. منهنجي ذمه جيڪو به ڪم آهي سو
هڪ واحد خدا ٿو ڄاڻي ته فقط توڪل تي هلي رهيو آهي
۽ اسباب پيدا ڪرڻ جي ڪم ۾ به دلچسپي وٺي رهيا
آهيو. تنهن لاءِ آئون اوهان جو بيحد شڪر گذار
آهيان. زياده خير السلام
بنده
شيخ عبدالمجيد سنڌي
دي ڊيلي الوحيد
بيلاس اسٽريٽ
ڪراچي
2 مئي 1929ع ٽيليگرام - الوحيد
پوسٽ باڪس نمبر 202
جناب حضرت شاهه صاحب!
جنهن نموني توهان جي ڪميٽي اسڪالرشپون ڏنيون آهن، تنهن تي گهڻو
ناراضپو پيدا ٿيو آهي ۽ اخبار ۾ شايع ٿيڻ لاءِ به
شڪايت پهتي آهي. هڪ يتيم شاگرد دلاور نالي جنهن جو
نه پيءُ آهي نه ماءُ ۽ مسافرن وانگر ڪراچيءَ ۾
رهي ٿو. سو ڪلهه روئندو آيو ۽ چيائين ته مون جهڙي
يتيم کي به اسڪالرشپ نه ڏني اٿن. اڄ عبدالله هارون
صاحب آيو آهي ۽ معلوم ڪرڻ ٿو گهري ته جنهن يتيم جي
پاڻ سنڀال ڪندو آهي ۽ جنهن پڻ درخواست ڪئي هئي،
تنهن لاءِ اسڪالرشپ منظور ٿي يا نه؟ هن کي هيءُ خط
توهان سان روبرو ڳالهين ڪرڻ لاءِ ڏجي ٿو.
زياده خير و السلام
بنده
شيخ عبدالمجيد سنڌي – (2)
دي ڊيلي الوحيد
بيلاس روڊ
ڪراچي 3 آڪٽوبر 1930ع |