سيڪشن؛ شخصيات

ٻري جن ٻاري

 باب--

صفحو :1

ٻري جن ٻاري

ڊاڪٽر خان محمد پنهور

باب پنجون

 

بحيثيت سماج سڌارڪ:

 

سماج سڌارڪ ۾ شيخ صاحب جو حصو:

 

شيخ عبدالمجيد سنڌي نه صرف صحافي، سياستدان ۽ مقرر هو بلڪه هو هڪ وڏو سماج سڌارڪ پڻ هو.

پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات کان وٺي هن اهڙين تنظيمن ۽ تحريڪن ۾ حصو پئي ورتو آهي، جيڪي سماج جي ڀلي لاءِ ڪوشان رهيون آهن. هن اهڙين تنظيمن ۾ به بهرو ورتو، جن عالم اسلام جي ڀلائي ۽ مظلومن جي مدد لاءِ پاڻ پئي پتوڙيو آهي ۽ چندا ۽ امدادون پئي گڏ ڪيون آهن.

هن باب ۾ اسان شيخ صاحب جي دور جي ڪجهه سماجي تنظيمن ۽ تحريڪن جو مختصر احوال ڏينداسين ۽ ان بعد انهن ۾ شيخ صاحب جي مختصر حصي جو ذڪر ڪنداسون. هن باب جي آخر ۾ شيخ صاحب جون ڪجهه اهڙيون تقريرون ڏيون ٿا، جن ۾ هن عام ماڻهو جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ خاص طور تي مسلمانن جي پَست حالي ۽ برباديءَ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ عام ماڻهن ۾ سجاڳي ۽ بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ لکيو آهي.

شيخ صاحب هميشه غريب ماڻهن جي ڀلي لاءِ پاڻ پئي پتوڙيو، هو خود غريب گهراڻي جو فرد هو، ان ڪري کيس غريبن سان تمام گهڻي همدردي هئي.

ريڊ ڪريسينٽ سوسائٽي:

1912ع ۾ ٽريپولي تي يورپي حملي  کان پوءِ برصغير ۾ جنگ جي متاثرين لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ واسطي هڪ سوسائٽي قائم ڪئي ويئي، جنهن جو نالو ”ريڊ ڪريسينٽ سوسائٽي“هو.

سر حاجي عبدالله هارون هن سوسائٽيءَ جو چيئرمين هو. بلقان جي جنگين ۾ جڏهن يورپ ۾ اسلامي علائقن تي يورپي ملڪن قبضو ڪيو ته انهن جي مدد لاءِ هن سوسائٽي فنڊ ۽ امداد جي سلسلي ۾ وڏو ڪم ڪيو.

بلقان جنگ جي ڏينهنِ ۾ سوسائٽيءَ جو چيئرمين مير ايوب خان بار ايٽ لا  هو. شيخ عبدالمجيد سنڌي ان زماني ۾ ميٽرڪ جو شاگرد هو، جڏهن اها سوسائٽي نئين هئي. ان هوندي به هن سوسائٽيءَ جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ چندو  وغيره گڏ ڪيو. شيخ صاحب هن سماجي سوسائٽيءَ ۾ والنٽيئر جي حيثيت ۾ گهڻو ڪم ڪيو. سوسائٽي آفيس کان علاوه فنڊ گڏ ڪرڻ ۾ ڪافي وقت حصو ورتائين.

 

انجمن خدامه ڪعبه:

1916ع ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ”انجمن خدامه ڪعبه“ ۾ شامل ٿيو. هن انجمن جو صدر مولانا عبدالباري هو ۽ علي برادران، مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي ۽ ٻيا مسلمان ليڊر ان جا اهم ميمبر هئا. هن انجمن جي ٺاهڻ جو سبب پڻ اٽليءَ ۽ ٻين يورپي ملڪن جو اسلامي علائقن تي حملو ۽ قبضو هو.

هن انجمن لاءِ جڏهن شيخ صاحب ڪم پئي ڪيو ته هن ترڪيءَ جي انهن عملدارن سان ملاقات ڪئي هئي، جيڪي ترقي، ايران سرحد ڪميشن جي سلسلي ۾ هندستان جي دوري تي آيا هئا.

انجمن جو مول مقصد مسلمان جي مذهبي جاين جو تحفظ ڪرڻ هو ۽ جيڪو به شخص ان جو ميمبر ٿيندو هو، اهو فارم تي اها شرط لکي ڏيندو هو، جنهن ۾ چيل هو ته هن جي ڪنهن به مذهبي مقام تي ان جي حفاظت لاءِ ڊيوٽي لڳائي سگهجي ٿي.

سماجي بيداريءَ لاءِ ڪوششون:

مهاتما گانڌيءَ جي سول نافرماني تحريڪ بند ڪرڻ، هندو مسلم اتحاد پيدا ٿيڻ ۽ ترڪن جي خلافت کي ختم ڪرڻ سبب، ملڪي فضا بدلجي چُڪي هئي ۽ سياسي ڪارڪنن پنهنجو توجهه سماجي ڪمن طرف موڙي ڇڏيو هو. شيخ صاحب به زياده تر وقت هيٺين ٽن ڪمن طرف موڙي ڇڏيو هو:

1- ”الوحيد“ اخبار ذريعي، جا 1920ع ۾ جاري ٿي  چڪي هئي، عوامي بيداري ۽ مسلمانن جي تعليم ۽ تنظيم لاءِ پرچار ڪندو رهيو.

2- هڪ تنظيمي پروگرام تيار ڪري سنڌ ۾ ورهايائين ۽ ”الوحيد“ ذريعي  مسلمانن کي ان تي عمل ڪرڻ جي اپيل ڪيائين.

3- سنڌ اندر ڪيئي نوجوان پڙهيل هندو، مسلمان ٿي چُڪا هئا ۽ ٿيندا ٿي رهيا، انهن ۾ وڏي تبليغ ڪئي.

 

سماج سڌارڻ ۾ شيخ صاحب جو قلمي جهاد:

سماجي تنظيمن ۾ بهري وٺڻ کان علاوه شيخ صاحب هميشه سماج  سڌارڻ جي سلسلي ۾ قلمي جهاد ڪيو. جنهن به اخبار ۾ رهيو، ان ۾ پنهنجين تحريرن ذريعي سماج سڌارڻ جي مهم جاري رکيائين.

هتي اسان سندس اهڙين سماج سڌارڪ ڪوششن ۽ تحريرن جا ڪجهه مثال ڏيون ٿا، جنهن مان سندس بحيثيت سماج سڌارڪ هجڻ جو وڏو ثبوت ملي ٿو.

شيخ صاحب اها ڳالهه شدت سان ڀانئي ورتي هئي ته غلاميءَ جي دور ۾ اسان جي قوم ۾ ڪا وڏي اميد رکڻ ۽ انهن ڪوتاهين جي موجودگيءَ ۾ سامراج سان آمهون سامهون ٿِي، پنهنجا حق حاصل ڪرڻ ممڪن  ڪونه هو. لهٰذا هن پنهنجي تحرير ۽ تقرير جو رخ قوم جي اخلاق ۽ ڪردار کان سواءِ، قومي ڪئريڪٽر جي ٺاهڻ ڏانهن موڙي ڇڏيو هو. ان مقصد جي لاءِ شيخ صاحب ”الوحيد“ ۾ ڪئين مضمون لکيا. سندس اهي مضمون سنڌ جي تاريخ جو روشن باب آهن. جيئن ته هندن جي ڊزن کن اخبارن جي ڀيٽ ۾ مسلمانن جي هيءَ واحد اخبار هئي، انڪري مسلمانن جي سجاڳي ۽ شعور لاءِ ”الوحيد“ جي انهن مضمونن اهم ڪردار ادا ڪيو.

7 مارچ 1926ع ۾ ”الوحيد“  ۾ شيخ صاحب جيڪي ”سنڌ جي مسلمانن جي حالت زار“ تنظيمي ۽ تبليغي سرگرمين جي لاءِ ”اپيل“ جي عنوان جي هيٺ تبليغي مضمون لکيا، هتي انهن مان ڪجهه ڏجن ٿا:

”اڄ هندستان ۾ هر هڪ قوم پنهنجي اندروني اصلاح جي ڪم ۾ مشغول آهي، سنڌ ۾ ئي هندو پنهنجي قوم لاءِ جو ڪجهه ڪري رهيا آهن، ان مان قياس ڪري سگهجي ٿو ته باقي علائقن ۾ ڇا ڪجهه نه ڪندا هوندا. هندو قوم جون ٻه روزانه اخبارون انگريزي آهن، چار سنڌي روزانيون ڪيترائي هفتيوار ۽ ماهوار رسالا، هر سال هندن جي ڪوششن سان ڪتابن جو به چڱو تعداد ڇپجي پيو. ڪيترائي اشاعتي ادارا آهن، شاهوڪار ماڻهو ان لاءِ خيرات ڏيندا آهن.

حيدرآباد ۾ نيشنل ڪاليج اڪيڊمي ۽ نودياليه ۽ ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي انهن جي انتظام هيٺ گهڻيئي اسڪول آهن، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ٻن ٽن صاحبن قومي امداد طور 20-20 هزار روپيا ڏنا آهن، ته اسڪول کوليا وڃن ۽ ٽيون ڏينهن صرف هڪڙي صاحب 50 هزار روپيا هڪ آريه سماجي اسڪول لاءِ ڏنا آهن.

انهن جون ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾  پنچائتون آهن. هر هڪ پنچائت کي پنهنجو سرمايو ۽ جماعت خانو آهي. انهن جون لئبرريون ۽ سوسائٽيون مختلف ڪمن واسطي ۽ ڪلبون هر هنڌ آهن. هندو مها سڀائي انهن جي هندو جاتي (قومي) حقن جون نگهبان ۽ سنگهٽن ۽ شڌيءَ جون مددگار آهن. حيدرآباد جي هڪ ميٽنگ ۾ 25 هزار روپيا گڏ ڪرڻ جي تحريڪ ٿي ۽ پئسا ٻن ڏينهن اندر گڏ ٿي ويا.

هندن سان مون کي حسد ڪو نه آهي، پر رشڪ ضرور اچي ٿو. جيتوڻيڪ انهن جون ڪي تحريڪون اسلام ۽ مسلمانن جي خلاف آهن پر جنهن جان فروشيءَ سان انهن جا ورڪر ڪم ڪري رهيا آهن ۽ دولتمند چندا ڏيئي رهيا آهن، تنهن جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ مان نٿو رهي سگهان، بيشڪ اهي ئي علامتون آهن، هڪ زندهه قوم جون.

هندن جي  هر طبقي جا ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پنهنجي قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن. انهن جا پنڊت ۽ ٻاوا تعليم يافته زميندار ۽ ڪاريگر، بئريسٽر ۽ وڪيل، واپاري ۽ تاجر، سرڪاري نوڪر ۽ نواب سڀ هر طرح سان پنهنجي قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن. هاڻي مسلمانو! توهان پنهنجو جائزو وٺي ڏسو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته خدا جا بندا هر هنڌ پيا آهن، جي پنهنجي محدود دائري اندر هزارين مشڪلاتن جي هوندي به ڪم ڪري رهيا آهن، پر اهڙا ماڻهو ڏيکاريو، جي اسلام ۽ ساري سنڌ جي مسلمانن جي قومي حالت درست ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن. اهڙيون تحريڪون ڏيکاريو، جن جو ساري سنڌ جي مسلمانن سان تعلق هجي.

مسلمانن ۾ سواءِ نعره بازي ۽ ڳالهين جي  ٻيو ڪجهه به ڪين آهي. اهڙي قوم ڪيئن زندهه رهي سگهي ٿي، جنهن جي خدمت لاءِ ڪو هڪڙو مسلمان به پنهنجي زندگي وقف ڪرڻ لاءِ تيار نه هجي؟ ۽ اهڙي قوم ڪيئن ڪنڌ کڻي  سگهي ٿي، جا هڪڙو به پگهاردار ماڻهو سنڌي مسلمانن جي حالت درست ڪرڻ لاءِ نذر نٿي ڪري سگهي.

مون کي معلوم آهي ته ڪن هنڌن تي مسلمانن جي تعليمي حالت سڌارڻ لاءِ ڪي ڪوششون هلي رهيون آهن، پر اهي ڪم فقط مڪاني آهن ۽ ساري سنڌ سان واسطو نه ٿا رکن ۽ اهي مڪاني ڪوششون به انتهائي محدود ۽ تنگدست آهن. سي اڄ نه ته سڀاڻي مسلمانن جي مرده دلي سبب نابود ٿينديون.

هي جماعتون ساري سنڌ جي مسلمانن سان واسطو رکڻ جي دعويٰ ڪن ٿيون.

(1) سنڌ مسلم ايسوسيئيشن (2) سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس بورڊ، (3) جمعيت العلماءِ سنڌ، (4) جمعيت الخلافت سنڌ، (5) مسلم ڪاليج تحريڪ، (6) صوبه سنڌ خلافت ڪميٽي، (7) انجمن نو مسلمانان سنڌ.

انهن مان هر جماعت جي سيڪريٽريءَ کان پڇو ته توهان وٽ ڪيترو سرمايو آهي؟ ڪيترا پگهاردار ماڻهو آهن؟ ڪيتري آمدني ۽ خرچ آهي؟ توهان ڪهڙو ڪم ڪري رهيا آهيو؟ انهن جماعتن مان ڪن جماعتن جي اخلاقي، مذهبي ۽ علمي حالت بيان ڪندي شرم ٿو اچي ۽ مالي حالت ته سڀني جي ساڳي آهي.

هاڻي آءٌ عرض ڪرڻ گهران ٿو ته منهنجو تعلق پوين ٻن جماعتن سان آهي. پهرين جماعت تنظيم جي ڪم لاءِ ٻن هزار روپين جي اپيل ڪئي آهي. ٻي جماعت جاءِ جي خرچ کان سواءِ ٻه هزار روپيا سالياني سرمائي لاءِ اپيل ڪئي آهي. تنظيمي سرمائي مان ڪهڙا ڪم ڪيا ويندا، تن جو بيان ڪيترا دفعا ”الوحيد“ ۾ ڪيو ويو آهي. تبليغي سرمايو فقط مسلمانن کي غيرمسلمانن ۾ اسلام جي تبليغ لاءِ نون مسلمانن جي قيام، پرورش، تعليم تربيت ۽ روزگار جي بندوبست لاءِ آهي. جيڪڏهن مسلمانن مان انهن ڪمن لاءِ ڪنهن ۾ ڪم جو احساس هجي ته اخبار ۾ اپيل ڪرڻ، امداد لاءِ ڪافي آهي، منهنجا مسلمان ڀائر گورنرن ۽ معمولي سرڪاري آفيسرن جي قدمن تان سوين نه هزارين روپيا قربان ڪريو ڇڏين ۽ ڪتن گڏهن، ڪڪڙن، بازن، شڪارن ۽ عياشين تي به سال ۾ هزارين روپيا اڏايو ڇڏين، جي وڌيڪ ديندار مسلمان آهن سي وري ڇٺين، ختنن، شادين ۽ غمين جي ڀتن تي، انهن ڀتن  اسان جي قوم جو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي.

جيڪڏهن اسان جا وڏا ماڻهو، جهالت ۽ عيش و  عشرت ۾ تباهه ٿيا آهن ته اسان جا ننڍا ماڻهو ڀتن جي صدقي برباد ٿي ويا. ”ان الله و انا اليہ راجعون“ . مان مسلمانن جي اڳيان درد دل سان پنهنجي حالت بيان ڪريان ٿو ۽ اپيل ٿو ڪريان ته مٿين تبليغي ۽ تنظيمي ڪمن لاءِ منهنجو ساٿ ڏين. مان هن ڪم لاءِ هر هڪ ضلعي کي 10، 12 ڏينهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. جي گهربل رقم گڏ ٿي ويئي ته باقاعده ڪم شروع ڪري ڇڏيو“ . - - - - - - - (1)

ان وقت سنڌ معاشي، معاشرتي، سياسي ۽ تعليمي لحاظ کان جنهن تشويشناڪ صورتحال ۾ ڦاٿل هئي، انهيءَ شيخ صاحب کي بيحد بيچين ڪري ڇڏيو هو. بيچينيءَ جو اصل پهلو، هندن جو زندگيءَ جي هر شعبي ۾ تسلط ۽ انگريز جي غلاميءَ کان به وڌيڪ اهو هو ته سنڌ جي اڳواڻي جن سردارن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ نوابن جي هٿ هئي. انهن سڌاري جا ڪل رستا لٽي ڇڏيا هئا. انگريز ۽ هندو ان اڳواڻيءَ کان جيڪو ڪجهه گهرندو هو، سو وٺندو هو، رڳو ايترو نه پر سرڪار انهن کان ڇاڙتائپ جي ڪم وٺڻ کان به ڪين ڪيٻائيندي هئي. هڪ پاسي هندن جا مالدار ماڻهو پنهنجي قوم لاءِ لکين ۽ ڪروڙين روپيا خرچ ڪندا هئا ته ٻئي پاسي حالت اها هئي جو مسلمانن جو سرنديءَ وارو طبقو، قومي تحريڪن کي هڪ پيسو به ڏيڻ لاءِ تيار نه هو.  گورنر جي ڪائونسل ۽ اسيمبلين ۾ اهي ئي ماڻهو چونڊجي ويندا هئا. اتي نوڪر شاهي جي ظلمن ۽ هندن جي ڏاڍ جي سلسلي ۾ هڪ  اکر اڪارڻ به مشڪل هو. ان طريقي سان هي ماڻهو نه رڳو مسلمانن کي، پر پنهنجي مفادن کي به ڇيهو رسائي رهيا هئا. انهن حالتن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ”الوحيد“ اخبارجي ذريعي ان ڳالهه جي لاءِ پاڻ پتوڙيو ته مسلمان ووٽرن جي اندر شعور پيدا ڪيو وڃي ۽ جاگيردار اڳواڻيءَ کي ڌڪ هڻي ڌار ڪجي.

ان مقصد لاءِ شيخ صاحب ساندهه لکندو رهيو. هتي سندس هڪ ٻيو مضمون ڏجي ٿو، جنهن جو عنوان ”مسلم  قوم جي سمجهدار، بااثر ۽ دردمند دل  رکندڙ ماڻهن جي خدمت ۾ اپيل“ آهي:

”50-60 سال اڳي 80-90 في صد مسلمان زميندار هيا پر اڄ ڇا حالت آهي؟ مسلمانن جون اڳيون تعليم  گاهون تباهه ٿي ويون.  هنر ۽ ڌنڌا چٽ ٿي ويا. باقي جا زمين بچي هئي سال بسال سا پڻ هوريان هوريان وڃي رهي آهي. هڪڙو ته اسان جا عمل چٽ ٻيو ته سرڪاري سرشتو چٽ، ”شامت اعمال ما صورت نادر گرفت“ واري حالت مسلم قوم کي وڪوڙي ويئي آهي. اهڙي حالت ۾ جي مسلم قوم جا نمائندا به اهڙا هوندا، جن کي نه پنهنجي قوم جي اصلاح جو فڪر آهي نه چٽ ٿيل سرشتي کي ڦيرائڻ جو خيال آهي، ته پوءِ خدارا ٻڌايو ته سهي، آخرڪار ڪيئن توهان پنهنجي قومي حالت سڌاري سگهندؤ؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org