سيڪشن: ادب

ڪتاب: شرح لطيف

باب:

صفحو:11 

مٿينءَ آيت شريف ۾ آهي ته حضرت يوسف عليہ السلام پيو چوي ته مان به پنهنجي نفس کي ڪونه ٿو پاڪ ڀانيان، ڇاڪاڻ ته هو هميشه مَٺايون ڏسيندو آهي. پوءِ جيستائين طالب موليٰ، جو نفس اماره کي ماري مطيع نه ڪندو، تيستائين پنهنجي محبوب جي محبت کي پهچي نه سگهندو. تنهنڪري طالب موليٰ کي گهرجي ته پهرين پنهنجي نفس کي نيست ۽ نفي ڪري، پوءِ انهيءَ پرينءَ جو پريتڻو پڇي. تڏهن ٿو شاهه صاحب رحمة الله فرمائي ته:

سِسي ڌار ڌَري پُڇِج ِ پوءِ پريِتَڻو.

 ڇاڪاڻ ته اصل کان وٺي عاشقن جو سوري يعني تڪليفون، ڏک يا سور ته سينگار ۽ سونهن آهن. اهو رواج اڄڪلهه جو نه آهي، پر اصل کان وٺي ائين آهي جو انهن عاشقن جي حق ۾ اهي تڪليفون آهن ۽ عاشقن به اقرار ڏنو آهي ته اهي اسان کي قبول آهن. پوءِ عاشقن ئي انهيءَ ڪُسڻ کان موٽڻ مهڻو آهي. جيئن شاهه صاحب ايندڙ بيت نمبر 5 ۾ ٿو فرمائي، جنهن ۾ مجازي سياست توڙي حقيقي سچي سياست بيان ٿيل آهي.

بيت

سُوريِ آههِ سِينگارُ اَصُلُ عَاشِقَن ِ جو،

مُڙڻ موٽَڻُ ميهَڻو ٿِيَا نِظَاري نِر‘وارُ،

ڪُسڻُ جو قَرارُ اَصَلُ عَاشِقَنُ جو.

هن بيت جو مطلب آهي ته عاشقن اصلي يعني روز ازل کان يا ميثاق کان اهو ڪُسڻ جو قرار ڏنو آهي، يعني سر تي تڪليفون سهڻ جو. جيئن الله تعاليٰ انهن جي روحن کي فرمايو اَلسٌتَ بِرَبِّڪُم، يعني مان اوهانجو رب نه آهيان؟ تڏهن انهن روحن جواب ڏنو ته قالُو بَليٰ، يعني چيائون ته هائو تون اسان جو رب آهين:

ٻئي هنڌ قرآن شريف ۾ آهي:

اِنَّا عَرَضٌنَا اَ‘لاَ مَانَةَ عَلَي السَّمٰوات ِ وَا‘لاَر‘ض ِ وَالٌجِبَال ِ فَاَبَيٌن ِ اَن‘ يَّحٌمِلٌنَها وَ اَنٌفَقٌنَ مِنٌهَا وَ حَمَلَهَا ا‘لاِنٌسَانُ اِنَّہٰ کَانَ ظَلُوٌماً جَهُو‘لاً 

ترجمو: ته اسان پنهنجي امانت زمين، آسمان ۽ جبلن کي آڇي پر انهن انڪار ڪيو ۽ انسان ان کي قبول ڪيو يعني اقرار ڏنو جو جاهل هئو ۽ پاڻ سان ظلم ڪيائين.

اها امانت پاڻ الله تعاليٰ جي ٻين امانتن وانگر فرض آهي مؤمنن مسلمانن سڀني تي، جهڙوڪ امانتون ماڻهن جون سنڀالڻ، جيئن زال مڙس جو ۽ اولاد جا حق، پاڙيسرين، عزيزن، قريبن، وارثن، سوداگرن، مسافرن، نوڪرن، ٻانهن، مسڪينن، فقيرن. لهڻيدارن، قرضدارن وغيره ۽ جانورن جا حق آهن. بادشاهن تي رعيت جا حق جي بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن. تنهنڪري انهن جو تفصيل نٿو ڪجي. پر اهي حق توبہ سان به معاف نٿا ٿين، سواءِ انهن حقن لاهڻ يا مالڪن جي معاف ڪرڻ جي. ان کان سواءِ خدا تعاليٰ جا پنهنجا حق جهڙوڪ حج، روزا، نمازون، زڪاتون، تقويٰ، صبر، قناعت، توڪل، جهاد وغيره جي بيان ڪرڻ کان هن ڪتاب جي گهڻا آهن. اهي سڀ ۽ ٻيا ڪم جي هِت نه آندا ويا آهن، انهن ڏانهن اشارو آهي. امانت جي آڇ انسان ذات پاڻ تي کنئي. پوءِ امانت گهڻا نه کڻي سگهيا، جي ڪافر منافق لائق عذاب جي ٿيا ۽ اهي سڀ تڪليفون الله تعاليٰ جي عاشقن، محبت رکندڙن، نبين سڳورن عليهم السلام، بادشاهن، عادلن، علمائن، اوليائن، فقيرن، امامن، شهيدن، مجاهدن ۽ مؤمنن سر تي کنيون ۽ سٺيون. انهيءَ قرار يعني انجام، جو خدا تعاليٰ سان انهن جي روحن ميثاق جي ڏينهن ڪيو هو، انهن کي قرار ڏنائون ۽ سچو ڪيائون.

هاڻي اهڙن عاشقن کي، جي اهي پنهنجا ڪيل قرار پاڙي چڪا آهن، انهن لاءِ منهنجو ڀٽائي گهوٽ ٿو فرمائي ته انهن کي اهي تڪليفون ڏسي مڙڻ يا موٽڻ مهڻو يا طعنو هئو، جن جون الله تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ تعريفون بيان ڪيون آهن، هاڻ  هيءُ بيت معنيٰ ۾ متشابهات آيتن وانگي ڏکيا آهن، تنهنڪري هنن بيتن جي اصلي معنيٰ. ڌاران نقل جي سمجهائي نٿي سگهجي. ڇو ته هي بيت سوريءَ وارا لاڳيتا نَوَ بيت شاهه صاحب رحمة الله عليہ چيا آهن، جي گهڻن آيتن جي معنيٰ طرف اشارو ڪن ٿا، جن ۾ الله تعاليٰ انهن پنهنجي عاشقن، جن پنهنجا سر جهاد ۾ يا ٻين سورن سختين ۾ سر ڏيڻ لاءِ تيار ٿيا يا ڏنا آهن، بيان فرمايو آهي.                            هاڻي انهن مان هڪڙي ٽولي مردن مجاهدن جو مثال طرح بيان ٿو ڪجي، جا هن طرح آهي؛ جڏهن جنگ اُحد جي ختم ٿي ۽ ابو صفيان لشڪر سوڌو ڀڳو ۽ اسلام جي فتح ٿي. تڏهن اها تاريخ 18 مهينو شوال، ڇنڇر جو ڏينهن هئو، ۽ حضور صلي الله عليہ وسلم پڻ ان ڏينهن شام جو مدينہ منوره ۾ تشريف وٺي آيا. پوءِ صبح جو آچر جي ڏينهن حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم لشڪر پنهنجي کي فرمايو ته” ابو سفيان مڪي شريف جي پهچڻ کان اول ئي موٽيو ٿو اچي، لشڪر ساڻ ۽ اسان به جنگ تي هلون“ ان وقت گهڻا مرد مجاهد ڦٽيل هئا، ڇوته جنگ اُحد ۾ مسلمانن کي گهڻو نقصان پهتو هو ۽ گهڻا مرد شهيد ٿيا. حضرت امير حمزو رضي الله تعاليٰ عنہ پڻ شهيد ٿيو هئو. پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جو ڏند مبارڪ پڻ شهيد ٿيو هئو. تڏهن به انهن ڦٽن جي سور سان ايڏن نقصانن جي، سندن عزيز قريب ڇنڇر جي ڏنهن جنگ اُحد ۾ شهيد ٿيا ته وري آچر جي ڏينهن رسول ڪريم صلي الله وسلم جي حڪم موجب جنگ تي هليا ۽ سومر جي رات ابو سفيان جي لشڪر کي پهتا ۽ رات جو وڏيون باهيون ٻاريائون ۽ هڪلون وڏيون همت ۽ مردانگيءَ سان ڪافرن جي لشڪر کي ڏنائون. پوءِ ابو سفيان ڀڳو ۽ مڪي ۾ پهتو، اوڏانهن مڪي شريف کان هڪڙو قافلو سوداگرن جو مديني شريف ڏانهن ٿي آيو، تن چيو لشڪر نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم  جي کي ته ابو سفيان گهڻي لشڪر سان موٽيو ٿو اچي، جلدي ڀڄي مديني شريف پهچو. تڏهن مسلمانن کي الله تعاليٰ توفيق جنگ جي ڏني. پوءِ الله تعاليٰ انهن مرد مجاهدن، عاشقن، ڦٽيلين ۽ سورن وارن جي پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ تعريف ٿو فرمائي، سورة آل عمران ع 18 ۾ ته:

اَلَّذيِن َ اسٌتَجَابُو اللهِ وَالر َّسُو‘لِ مِن‘ بَّعٌدِ مَا اَصَابَهُمُ القَر‘حُ لِلَّذيِنَ   اَحٌسَنُو‘ا مِنٌهُم‘ وَتَّقو‘ا اَجرءُ عَظِيٌمً  اَلَّذيٌنَ قَالَ لَهُمُ النَّاسُ اِن َّ النَّاسَ قَد‘ جَمَعُو‘ا لَڪُم‘ فَاخشَو‘هُم‘ فَزَادَ هُم‘ اِيٌمَاناَ وَ قَالُو‘ا حَسٌبُنَاللهُ وَ نِعٌم َ الٌوَڪِلُ فَانٌقُلَبُو اٌ بِنِعٌمَةِ مِنَّ اللهِ وَ فَضٌلٍ لَّمٌ يَمٌسَسٌهُمٌ سُوٌءُ و َّتبَّعُوٌ رِضٌوَانَ اللهِ وَاللهُ ذُوٌ فَضٌلٍ عَظِيٌمٍ 

ترجمو: سي شخص جن چيو ڪيو الله تعاليٰ ۽ سندس رسول صلي الله عليہ وسلم جو، پڄاڻا رسڻ ڦٽن سختن جي واسطي تن جي جيڪي نيڪي ڪن ٿا، ڪنان ان ۽ پرهيزگاري ڪن ٿا اجر آهي وڏو، سي جن لاءِ چيو ماڻهن ته تحقيق ڪافر ڪن ٿا ميڙ وڏو اوهان لاءِ، پوءِ ڊڄو ان کان، پوءِ زياده ٿيو انهن کي ايمان ۽ چيائون ڪافي آهي اسان کي خدا تعاليٰ ۽ ڀلو آهي ڪم پورا ڪندڙ پوءِ موٽيا ساڻ نعمتن طرفان الله تعاليٰ جي ۽ فضلن نه رسيو ان کي غم ۽ تابع ٿيا راضپي خدا تعاليٰ جي کي ۽ الله تعاليٰ آهي مالڪ فضل وڏي جو.

هاڻي هنن آيتن مان صاف ظاهر آهي ته عاشق الله تعاليٰ جا، جو الله تعاليٰ حقيقي محبوب آهي، ان جي راضپي لاءِ پنهنجا سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئا. ايترن ڦٽن، سختين ۽ سورن جي به پرواهه ڪانه ڪيائون ۽ مُڙيا موٽيا ڪونه. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته ”مڙڻ موٽڻ مهڻو ٿا نظاري نروار“. تيئن ظاهر ظهور ٿي جنگ لاءِ بيٺا ۽ مڙڻ موٽڻ ته کين عيب هئو- جي الله تعاليٰ کي ناراض ڪن ها، ته مهڻي وارا ٿين ها؛ تنهن ڪري سور سَوَ سهي به خدا تعاليٰ کي راضي ڪيائون ۽ انهن سورن ۽ تڪليفن سهڻ کين سينگاريو، يعني سينگار سندن الله تعاليٰ جو راضپو ٿيو، جو عاشقن جو سينگار آهي. تڏهن ٿو شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته ”سوري سينگاري اصل عاشقن کي“، اصل يعني اول کان ئي. تواريخ اسلام جي پڙهي ڏسندئو ته جڏهن ڪڏهن سورن ۽ تڪليفن عاشقن کي سينگاريو، سوڀارو ۽ مقبول پنهنجي انهيءَ محبوب وٽ ڪيو آهي،”ڪسڻ جو قرار اصل عاشقن جو“.

انهن مٿين آيتن ۾ بيان ٿي چڪو آهي ته انهن مرد مجاهدن عاشقن ائين پئي چيو، يعني ايمان ڪيائون ۽ پئي چيائون ته اسان کي ڪافي آهي خدا تعاليٰ – اهو قرار يعني واعدو پنهنجي دل ۾ ڏئي بيٺا ته اسان کي بس آهي خدا تعاليٰ. اهو سندن يعني عاشقن جو قرار هئو- اهو قرار ڪهڙو هئو ته بس اسان کي الله تعاليٰ گهرجي، پوءِ ڪُسي وڃون ته ڀلي ڪُسي وڃون، ڇو ته هيءُ ظاهر جو جسم ته فاني آهي. پوءِ به اسان کي الله تعاليٰ ڪافي آهي. اهو سندن بيپرواهه ظاهري تڪليفن کان ٿيڻ گويا ڪُسڻ جو قرار هئو. هيءُ مٿي گذريل بيان سڀ گذريل زماني جي عاشقن جا آهن. تڏهن هن تڪ ۾ اصل جو لفظ آندو ويو آهي ته هن کان اڳ يعني اصل عاشقن جو ڪُسڻ جو قرار هئو. وري انهيءَ ڪسڻ جو قرار جو اصل کان آهي- اهو هن ڳالهه ڏانهن به آهي ته اهو انهن کي شهادت يا ايڏي وڏي ايمان يا رتبي ملڻ جو اصل يعني تقدير ۾ هئو- يعني الله تعاليٰ محبوب حقيقيءَ کان ئي سندن عاشقن کي ڪسڻ يعني شهادت جو قرار يعني واعدو سندس مليل آهي يعني روز ازل کان ائين آهي.

هنن سڀني تقريرن جو ثبوت قرآن شريف ۾ آهي، پر هتي هن ننڍي ڪتاب ۾ مان پنهنجي قصور کان نٿو آڻيان. جيڪڏهن انهن مٿين ۽ ايندڙ سورن وارن بيتن، جي نَوَ آهن، تن جو کولي بيان ڪجي ته جيترين حقيقتن ۽ آيتن شريفن ڏانهن اشارا ڪن ٿا، ته ڪتاب شايد منهنجي لکڻ جي وس کان ٻاهر ٿئي. هاڻي هن بيت نمبر پنجين جي پهرين تڪ آهي ته ”سوريِ آهِه سينگارُ اصل عاشقن“ ۽ ايندڙ بيت نمبر ڇهين جي تڪ پهرين آهي ته ”سوريِ سينگاري اصل عاشق کي“- هاڻي هن بيت نمبر ڇهين ۾ مٿئين بيت نمبر پنجين جو گويا عجيب نموني سان شرح ٿو ڪري. هاڻي اول ايندڙ بيت نمبر 6 سر ڪلياڻ فصل 2 جو ٻڌو:

بيت

سوريِ سِينگَاري اَصَلُ عَاشِقَن ِ کي،

لُڏ ِيَا ڪِينَ لَطِيفُ چَئي ٿِيَا نيزي نِظَاري،

ڪوٺِيو ڪِنَاري آڻِيو چَاڙهِي اُن کي.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته عاشقن کي سوري سينگاري ٿي، يعني عاشقن کي مٿانهين درجي تي سور ئي پهچائين ٿا. پر هاڻي موجوده زماني ۾ يعني حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي زماني ۾ رڳو نه، پر انهيءَ کان اول زماني ۾ به ائين آهي، جن جو پڻ قرآن شريف ۾ ذڪر آهي. هتي هڪ بيان مثال طرح هن بيت جي آسانيءَ سان سمجهائڻ لاءِ بيان ٿو ڪجي؛ جڏهن حضرت موسيٰ عليہ السلام جي مناظري لاءِ فرعون ساحر سڏايا، جي سحر جا سياڻا هئا ۽ آيا فرعون وٽ، پوءِ چيائون ته اسان کي ڪهڙو پورهيو ڏيندين؟ چيائين ته اوهان کي مقرب ڪندس يعني پنهنجي حڪومت ۾ وڏا انعام ڏئي نوڪرين ۾ رکندس. پوءِ اهي ساحر حضرت موسيٰ عليہ السلام وٽ آيا. سورة اعراف ع 13:

ترجمو: ۽ چيائون اي موسيٰ عليہ السلام جيڪي وجهه لٺ ۽ جيڪي اسين وجهون ٿا سحر پهريائين چيو موسيٰ عليہ السلام  وجهو پهريائين اوهين، پوءِ جڏهن وڌائون سحر ڪيائون منجهه اکين ماڻهن جي ۽ ڊيڄاريائون انهن کي ۽ ڪيائون سحر وڏو ۽ وحي ڪيو الله تعاليٰ موسيٰ عليہ السلام ڏي ته ڇڏ لٺ پنهنجي پوءِ ڳهي ڇڏيو سو، سحر جو ٿي ڦيرايائون. پوءِ ظاهر ٿيو حق ۽ ڪوڙا ٿيا ڪم ساحرن جا پوءِ هيٺانهان ٿيا اُن مڪان ۾ ۽ موٽيا خوار ٿي ۽ ڪِريا  ساحر سجدي ۾ خدا تعاليٰ جي. چيائون وسِهَيِاسون ربّ جهانن جي کي، جو ربّ آهي موسيٰ ۽ هارون عليهم السلام جو. چيو فرعون نه وسهيا اوهين ان کي مهند ڪنان موڪل منهنجي، تحقيق هيءُ فريب جوڙيو آهي اوهان شهر مصر جي ۾، ته ڪڍو تنهن مان ماڻهو ان جا، پوءِ سگهو ڄاڻندا ته وڍيندس هٿ اوهان جا ۽ پير اوهان جا ٻنهي طرفان، پوءِ سوريءَ چاڙهيندس اوهان کي. چيائون اسين طرف ربّ اسان جي موٽون ٿا. نٿو بغض رکين تون اسان سان مگر هن لاءِ ته وسهياسون ساڻ آيتن ربّ جي، جڏهن آيون اسان کي اي ربّ اسان جا نازل ڪر اسان تي صبر ۽ مار اسان کي مسلمان ڪري.

هاڻي انهن مٿين آيتن مان ظاهر آهي ته فرعون انهن ساحرن جادوگرن کي، جن ايمان آندو انهن جي سزا مقرر ڪيائين ته انهن جا هٿ پير وڍائي انهن کي سوريءَ تي چاڙهيو وڃي، جو هنن ايمان الله تعاليَ تي ڇو آندو آهي. تڏهن به هو نه ڦِريا ۽ سر سجدي ۾ رکيائون ۽ سر سوريءَ تي ڏنائون. هاڻي هن بيان مان سمجهڻ گهرجي ته انهن جادوگرن ان ڏينهن مناظري کان اول ڪهڙا عمل خير جا ڪيا هئا. فقط ان ڏينهن ئي ايمان آڻي الله تعاليٰ جي محبت ۾ سر سوريءَ تي ڏنائون ته خدا تعاليٰ وٽ به ان ڏينهن ئي مقبول ٿيا. تڏهن انهن ۽ اهڙن ٻين گذريل الله تعاليٰ جي عاشقن جي واقعن ڏانهن شاهه صاحب رحمة الله عليہ اشارو ڪندي فرمائي ٿو ته ”سوري سينگاري اصل عاشقن کي“. جيئن انهن ساحرن کي سينگاريائين، تيئن اصل کان وٺي سورَ ئي عاشقن کي سينگارين ٿا، جيڪي انهيءَ مجازي سورن کي ڏسي لُڏي نٿا وڃن. جيئن ساحر دنيوي عذاب کان نه لُڏيا ”لُڏيا ڪين لطيف چئي ٿيا نيزي نظاري“. اهي لُڏيا ته اصل ڪونه پر اڃا به نيزن يا سنگينن تي پنهنجا سر چاڙهي ٿي نظارا يعني ديدار ٿي ڪيائون پنهنجي محبوب جو.

هن تڪ جي هينئن به معنيٰ ٿي سگهي ٿي، ته لُڏيا ڪين لطيف چئي، شاهه صاحب ٿو فرمائي ته اهي عاشق انهن مجازي تڪليفن کي ڏسي لُڏيا يعني ڊنِا ته اصل ڪونه، پر اڃا به ويجهڙا ٿيا پنهنجي محبوب جي نظاري کي، نيزي يا نيڙي يا اوڏڙا ٿيا. پوءِ سوريءَ کان تيئن هو ويجهڙا ٿيا پنهنجي ربّ وٽ، ڇو ته هو ساحر فرعون جي تڪليفن کان ڪونه ڊنا، پر جيئن ان سوريءَ جو سور سَٺائون، تيئن ويجهڙا ٿيا. ڪناري يا ڪنڊ ۾ رهندڙ هجن ته انهن کي سڏي، ڪوٺي، ڪناري يا پاسي کان ڪوٺي، يعني سڏي آڻي، سوري پنهنجي سر تي چاڙهي ٿي”ڪوٺيو ڪناري آڻي چاڙهي ان کي“. جيئن ساحرن کي سڏي ڪنڊ ڪڙڇ مان آڻي سوريءَ تي چاڙهيائون؛ اهي ساحر سڀ ڀلا هڪ ڳوٺ جا ته ڪونه هئا، ڇو ته تفسيرن ۾ لکيل آهي ته ست هزار ساحر گڏ ٿيا ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته ستر هزار گڏ ٿيا انهيءَ سڏ تي، جي سوريءَ تي چڙهيا، هاڻي اهي ضرور جدا جدا ڪو ڪٿي ڪو ڪٿي ٿِي رهيا ٿي، تڏهن به انهن کي جڏهن گهُر خدا تعاليٰ  جي ٿِي، ته هو انهيءَ مِينهَن مناظري جي سان اچن ٿا ۽ ايمان آڻڻ ۽ ايمان وارا ٿين ٿا. انهن جو ايمان وارو ٿيڻ الله تعاليٰ گهُريو هئو، تڏهن هو ڪٿي جا به هئا، دنيا جي ڪنهن ڪناري يا پاسي تي رهيا ٿي، ته سندس گهُر انهن کي ڪوٺي، سڏي، سوريءَ تي چاڙهي مقبول بڻايو. سندس گهُر جي سبب، خوشيءَ سان هٿن پيرن جو وڍجڻ ۽ سوريءَ تي چڙهڻ قبول ڪيائون ۽ سَنِرا يعني سَر َها پيا ٿين. جيئن ايندڙ بيت نمبر 7 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي؛

بيت

سوريءَ مٿي سيڻ ڪهڙي ليکي سَنِرا،

جيلهن لڳا نيڻ تيلهن سوريا ئي سيج ٿي.

        مطلب ته هاڻي شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته اهو ڪهڙو ليکو يا حساب آهي، جو سوريءَ جا بيحد سور آهن، انهيءَ تي چڙهندي سرا يعني سَر َها يا خوش پيا ٿين؟ ان جو جواب ٻئي تڪ ۾ ٿو فرمائي ته هو تڏهن ٿا سوريءَ کان سڻائو يا سُکيو ڀانئن ۽ سيج پلنگ ٿا ڀانئن، جو انهن جا نيڻ يعني اکيون محبت واريون لڳي يعني کُپي ويون آهن ڪنهن سان؟ پنهنجي حقيقي محبوب ۽ ان جي ڏنل انعام، جو کين بهشت ۾ ڏيکاري ۽ ڏئي ٿو. تنهنڪري هو انهن سورن ۾ رنج ته نٿا ٿين، پر سنرا ۽ سرها ٿا ٿين. پر هو دل ۾ چون ٿا ته جيڪي هِتي جي اسان کي انعام اڪرام بهشت ۾ ملن ٿا ۽ پنهنجي محبوب جو ديدار حاصل ٿئي ٿو، سو جي اسان جي پوين کي معلوم ٿئي يا ڏسن ته ڏاڍو چڱو.

جيئن ته قرآن شريف ۾ سورة ياسين ۾ بيان آهي، ته جڏهن حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي خليفي شمعون الصفا ٻين ٻن حوارين کي، جن جا نالا صادق ۽ مصدق هئا، انهن کي انطلاقين ڏانهن موڪليائين ته اسلام جي تبليغ ۽ دعوت ڪن. جڏهن ويجهڙا آيا انطلاقين جي ڳوٺ کي، تڏهن هڪڙي ڌنار چين ته اوهين ڪير آهيو؟ چيائون ته حضرت عيسيٰ عليہ السلام جا رسول آهيون. چيائين ته پنهنجي سچائيءَ جو ڪو دليل رکو ٿا ۽ ڪافرن انڪار ڪيو ايمان آڻڻ کان. چيائون ته اوهان اسان جهڙا انسان آهيو نه موڪليو خدا ڪو رسول نه آهيو اوهين مگر ڪوڙا – دعويٰ ۾. چيائون يعني رسولن چيو ته ربّ ٿو ڄاڻي ته اسين اوهان ڏانهن رسول آهيون ۽ اوهان کي نصيحت ڪريون ٿا خير جي، بلڪه اوهين قوم ظالم آهيو.

سورة ياسين ع 2، ترجمو: ۽ آيو ڪنان گهٽيءَ ان شهر جي مڙس حبيب نجار نالي ڊوڙندو چيائين اي قوم، تابع ٿيو رسولن جا. تابع ٿيو تن رسولن جا، جي نه گهرن اوهان کان اُجورو ۽ اُوءِ سنئين واٽ وارا آهن ۽ ڪوهه نه عبادت ڪريان تنهن الله جي، جنهن خلقيو مون کي ۽ ان ڏانهن موٽندا سڀئي. ڪيئن وٺندس سواءِ ان جي بُتن کي اِلٰہُ ڪري جيئن جڏهن ارادو ڪري الله تعاليٰ مون کي مرض رسائڻ جو، تڏهن نه ڪفايت ڪري مون کي شفاعت ان جي ڪو ذرو ۽ نه ڇڏائين ِ مون کي ان مرض کان ته آءُ هجان ان وقت ۾ منجهه گمراهي پڌري. پوءِ سنگسار ڪيائون حبيب نجار کي. حبيب ٿي چيو هن طرح ته وسهيس خدا تعاليٰ کي. پوءِ ٻڌي شاهد ٿجو منهنجا. تڏهن چيس ملڪن ته داخل ٿيءُ بهشت ۾ تانچي ڪا شڪي(چيائين ها جي) مائٽ منهنجا ڄاڻن مغفرت منهنجيءَ جو جا رَبّ ڪَيَم ِ ۽ ڪيائين مون کي سڳورو.

هن آيت سڳوريءَ ۽ قصو حبيب نجار جو مولانا روميءَ مثنوي ۾ به آندو آهي ۽ ياسين سڳوري ۾ آهي ته؛

قِيٌلَ ادٌخُلِ الجَنَّةَ قَالَ يٰلَيٌتَ قَوٌمِيٌ يَعٌلَمُوٌنَبمَا غَفرَلِيٌ رَبِّيٌ وَجَعَلَنِيٌ مِنَ الٌمُکٌر َ مِيٌنَ 

ترجمو: چيس ملڪن ته داخل ٿيءُ بهشت ۾ چيائين هائو جي مائٽ منهنجا ڄاڻن مغفرت منهنجيءَ جو جا رب ّ ڪيم ۽ ڪيائين مون کي سڳورو.

هاڻي مٿئينءَ آيت سڳوريءَ مان معلوم ٿيو ته اهي مؤمن تڪليفون سهندڙ، جي پنهنجي محبوب الله تعاليٰ ڪارڻ ٿا سهن، انهن کي ڪو سور يا غم ڏک نٿو ٿئي، انهن تڪليفن جو پر اهي انعام ۽ مهربانيون پنهنجي محبوب جون ڏسي اڃا به سوريءَ تي سَنِرا ۽ سَرَها ٿين ٿا ۽ چون ٿا ته هائو، جي هن مهربانين الله تعاليٰ جي مزن بهشت جي جيڪي هِت اسان لاءِ آهن، تن کي جي مائٽ اسان جا پويان ۽ قوم اسان جي ڄاڻي ته ڏاڍو چڱو. اهي به جيڪر اهي سور سختيون خوشيءَ مان سهن. انهن عاشقن انهن سورن ۽ سختين جا مزا ورتا آهن، تنهنڪري هو انهيءَ ڪم جا واقف ٿيا آهن، توڙي ظاهر ۾ هو سوريءَ تي ٿا چڙهن، پر ڏسن ان کي سيج مثل ٿا. جيئن ايندڙ بيت نمبر 8 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:

سُوري چَڙ َهَڻُ سيجَ پَسَڻُ اِيءُ ڪَمُ عَاشِقَن ِ،

پَاهُو‘ن ڪِينَ پَسَن ِ سَائون هَلَن ِ سَامُهَان‘.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته سائون يعني بهادرَ ترارن ۽ سوريءَ تي سامهون يعني سنئون سڌو هلندا آهن ۽ پائون يعني پٺتي ڪونه ڏسندا آهن، ڇو ته ان جو جواب مُهڙينءَ تڪ ۾ ڏنل آهي ته عاشقن جو اهو ڪم جو سوريءَ کي سيج مثل ڏسن ٿا يا ڀانئن ٿا. انهيءَ ڪري نڪو دل ۾ دَهلجن ٿا، نڪو ڊڄن ٿا. پوءِ انهيءَ ڪري پٺي ڏسن به ڪونه ٿا ۽ نه ترسن ٿا ۽ نڪي مُڙن ۽ موٽن ٿا، جن جون تعريفون الله تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ گهڻين جاين تي ڪيون آهن، جن مان هڪڙي آيت هتي آڻجي ٿي. انهن جي بهادري ۽ الله تعاليٰ جي ساڻن محبت ۽ پيار بابت(سورة صٰف ع 1 ۾ ته:

اِن َّ اللهَ يُحِب ُّ الَّذ ِيٌنَ يُقاتِلُوٌنَ فِيٌ سَبِيٌلِہٖ صَفَّا کَانَّهُمٌ بُنٌيَانءُ مَّر‘صُوٌسُٗ.

ترجمو: تحقيق خدا تعاليَ محبت ٿو رکي تن سان جيڪي جنگ ٿا ڪن ڪافرن سان منجهه واٽ خدا تعاليٰ جي صفون ڪري پوءِ ڄڻ اهي صفون آهن شيهو پلٽايل.

هن آيت جو مطلب پڻ ساڳيو آهي، ته جن جي الله تعاليٰ سان محبت آهي ۽ سندس واٽ ۾ جنگ ڪن ٿا ڪافرن سان، جي دشمن آهن الله تعاليٰ جا ۽ سندن رسول صلي الله عليہ وسلم جا، صفون ڪري اهڙيون صفون جو ڄڻ شيهي جي ڀت آهن ۽ نه پوئتي هٽن، مُڙن يا ڏسن  ته اهڙن مڙسن سان الله تعاليٰ پاڻ به محبت رکي ٿو ۽ انهن جي ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به تعريف ڪري ٿو ته”پاهون ڪين پسن“ يعني پوئتي نه ڏسن يعني نه ڊڄن ۽ نه هٽن.”سائون هلن سامُهان“، يعني اهي سامهان سڌا ترارن جي ڪاهيندا وڃن، ڇوته هو الله تعاليٰ جا عاشق سچا آهن ۽ الله تعاليٰ به انهن سان محبت ڪري ٿو، تڏهن ٿا عاشق ٿين ۽ تڏهن ٿو اهو ڪم کين سندن محبوب جي طرف کان ڏنو وڃي، تڏهن ٿا سوريءَ کي سيج يعني تڪليفن ۽ آزمائشن کي به سيج يعني سکيو ڏسن ۽ پوئتي ان پِڙَ مان پير نٿا ڪن.

اهڙيءَ طرح خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ سورة بروج ۾ انهن پنهنجي عاشقن پيارن جو بيان فرمايو آهي، جن کي صاحب کاهين جي، جيڪي ڪافر هئا، يعني صاحبُ اٌلاَخدُوٌ دِالنَّار، جي مؤمنن موليٰ سائينءَ جي پيارن کي باهه جي ڀريلن کاهين ڀرسان بيهاري پڇيو ٿي، ته ڪهڙو ٿو اوهان منجهان خدا تعاليٰ تي ايمان آڻي؟ پوءِ جيڪو ايمان آڻي ان کي باهه ۾ وجهبو؟ تڏهن  به اهي عاشق سچا ڪونه مُڙيا نڪو موٽيا.سر پنهنجا جنسي باهه ۾ ٿي ڏنائون، پر تڏهن به راضي ۽ سَنرِا هئا. اهڙين تڪليفن کي به گويا سيج ٿي ڀانيائون. تڏهن ٿو شاهه صاحب رحمة الله عليہ  فرمائي:

“سوريءَ چڙهڻ سيج پسڻ ايءُ ڪم عاشقن“، پائون ڪين يعني پٺتي ڪو ڏسن نڪو هٽن.

سائون بهادر سڌو سنئون هلن سامهان، جڏهن انهيءَ لطيف جي عشق جو ايڏو لطف آهي، تڏهن شاهه عبداللطيف رحمة الله عليہ به عاشقن کي، انهيءَ پنهجي محبوب مٺي جي محبن کي، مٿيان بيان ڪيل اڳين مجاهدن ۽ عاشقن جا بيان، عجيب رنگن سان بيان ڪري رهيو آهي ۽ گويا ٻين کي يعني ٻڌندڙن کي به تبليغ جي نموني ٻڌائي، سمجهائي، همٿائي رهيو آهي. جيئن ايندڙ بيت نمبر 9 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي؛

سُوريءَ تي سَوء وار اَڏهاڙيون چَنگِ چَڙهڻِ،

جِم ورِچي چڏئين سِڪڻ جي پچارَ،

پرِتِ نه  پسين پاَرُ نينهُن’ جئائين نڱيو.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته سوريءَ سورن واري تي جيتوڻيڪ ڏهاڙي سوء وارَ يعني سوء ڀيرا، دفعا پيو سزا چڙهين، يعني چنگ چڙهين، تڏهن به جمِ ورچي ڇڏين يعني متان ڪَڪِ ٿي ٿڪجي ڇڏيم، يعني تون ڇڏين سڪڻ جي پچار، يعني ذڪر، بيان، طلب، تات، متان ڇڏين ڇو ته پرت يعني محبت جو پارُ يعني قبلو يا طرف نٿو ڏسين ڇا، جتان اهو نينهن يا پرت نڱي نڪتي يا پيدا ٿي آهي؟ چنگ چڙهڻ جي معنيٰ خوشي ٿيڻ به آهي، جا مرزا قليچ بيگ صاحب ڪئي آهي. ان موجب هن تڪ پهرينءَ جي معنيٰ هن طرح ٿيندي ته سوريءَ تي سوء وار يعني سوء ڀيرا توکي چاڙهن، تڏهن به ڏهاڙي خوشيءَ سان پيو چڙهج. هن جو خلاصو مطلب آهي ته ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ هن بيت ۾ عاشقن کي صلاح ڏئي همتائي ٿو ته اي عاشق هيءَ سِڪَ اهڙي ته چڱي شيءِ آهي، جو انهيءَ سڪ جي واٽ ۾ توکي سوء دفعا ڏهاڙي سوريءَ تي سزا لاءِ چاڙهيو وڃي. تڏهن به انهيءَ سڪ يا محبت جي پچر يعني طلب نه ڇڏج. ڇوته انهيءَ محبت جو اصل پار سڃاڻ ته انهيءَ تنهنجي حقيقي پرينءَ کان آهي. انهيءَ سڪ يا محبت جي ڀيٽ ۾ بهشت به گهٽ آهي. تڏهن تون اها سڪڻ جي پچر جمِ ڇڏيئين يعني متان ڇڏين.

جيئن حضرت دائود عليہ السلام جي اخبار مان نقل آهي، ته خدا تعاليٰ ان تي وحيُ موڪليو ته اي دائود (عليہ السلام)! بهشت کي ڪيستائين ياد ڪندين ۽ مون وٽ منهنجي شوق يعني سڪ جي درخواست نه ڪندين؟ تڏهن حضرت دائود عليہ السلام عرض ڪيو ته يا الاهي! تنهنجا مشتاق يعني محبت رکندڙ ڪهڙا آهن؟ تڏهن الله تعاليٰ کان ارشاد ٿيو ته اي دائود! منهنجا بندا مشتاق اُهي آهن، جن کي مون هرهڪ ڪدورت يعني پليتيءَ، ڪَٽ يا ڪَس کان صاف ڪيو آهي ۽ خوف کان آگاهه ڪيو آهي ۽ انهن جي دلين ۾ پنهنجي طرف کان سوراخ ڪري ڏنو آهي، جنهن مان هو منهنجي طرف ڏسن ٿا. مان انهن جي دلين کي هٿ ۾ وٺي آسمان تي رکان ٿو. پوءِ وڏي درجي جي ملائڪن کي سڏيان ٿو. جڏهن اهي گڏ ٿيندا آهن ته مون کي سجدو ڪندا آهن، مان انهن کي ارشاد ڪندو آهيان ته مان توهان کي سجدي جي لاءِ نه سڏيو آهي، پر ان لاءِ سڏيو آهي ته مان پنهنجي مشتاقن جون دليون اوهان کي ڏيکاريان ۽ انهيءَ سبب کان اوهان تي فخر ڪريان. انهن جون دليون ملائڪن کي اهڙو نوُر ڏينديون آهن ۽ اهڙيءَ طرح، جهڙيءَ طرح سج زمين وارن کي روشني ڏيندو آهي. اي دائود (عليہ السلام)! ماڻهن پنهنجي مشتاقن يعني محبت يا سڪ وارن جي دل پنهنجي رضا سان ٺاهي آهي ۽ پنهنجي مُنهن جي نور کان انهن جي تربيت ڪئي اٿم. انهن کي پنهنجي ذات لاءِ ڳالهين ڪرڻ وارو بڻايم، انهن جي جسمن کي زمين وارن مان پنهنجي نظر جي جڳهه مقرر ڪئي وئي آهي، انهن جي دلين ۾ هڪ واٽ رکي وئي آهي، جنهن سان منهنجي طرف ڏسن ٿا ۽ هر روز انهن جو شوق وڌي ٿو. تڏهن حضرت دائود عليہ السلام عرض ڪيو ته يا الاهي! مون کي پنهنجن مشتاقن جي زيارت ڪراءِ. حڪم ٿيو ته جبل لبنان تي وڃ. اتي چوڏهن آدمي، جن ۾ پوڙها، جوان، ڪرٌڙَ وَڍَ سڀ گڏ آهن، انهن کي وڃي منهنجا سلام چئهُ ۽ کين چئهُ ته اوهان جو ربّ بعد سلامن جي اوهان کي ٿو فرمائي ته مون کان اوهان پنهنجي حاجَتَ ڇو نه ٿا گهرو؟ توهان منهنجا دوست آهيو، مان اوهان جي خوشيءَ کان خوش آهيان ۽ اوهان جي محبت جي طرف اڳرائي ڪندو آهيان. يعني اوهان جي محبت ڪرڻ کان اول مان اوهان کي محبت سان گهُرندو آهيان، تڏهن ٿو شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته:

پِرٌتِ نه پَسِينٌ پَارُ نِينهُنٌ جِئَائينٌ نِگِيو.“

يعني اول محبت تنهنجي انهيءَ پرينءَ وٽان نڪتي آهي. متان ڪَڪ ٿي اها پچر ڇڏي ڏين!

حضرت دائود عليہ السلام حڪم موجب جبل لبنان تي ويو. انهن ماڻهن کي هڪڙي چشمي تي ڏٺائين، جي خدا تعاليٰ جي عظمت ۾ فڪر ڪري رهيا هئا. جڏهن انهن حضرت دائود عليہ السلام کي ڏٺو ته اُٿيا ته جيئن کانئس جدا ٿي وڃن. پر پاڻ فرمايائين ته مان رسول خدا جو آهيان، اوهان وٽ هڪڙو پيغام ربّاني پهچائڻ آيو آهيان. پوءِ هو سندس طرف متوجهه ٿيا ۽ ڪَن ڏنائون ۽ اکيون هيٺ ڪيائون. حضرت دائود عليہ السلام فرمايو ته خدا تعاليٰ بعد سلامن جي فرمائي ٿو، ته مون کان ڪوبه پنهنجو ڪم ڇو نٿا گهرو ۽ مون کي ڇو نٿا سڏيو ته مان اوهان جو سڏ ٻڌان؟ اوهان منهنجا دوست آهيو، اوهان جي خوشيءَ سان مان خوش هوندو آهيان ۽ اوهان جي محبت جي طرف مان تڪڙ ڪندو آهيان، جيئن ماءُ مهربان پنهنجي پٽ کي ڏسندي آهي، اهڙيءَ طرح مان هر گهڙيءَ اوهان کي ڏسان ٿو. تڏهن ٿو شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته جڏهن ايڏي مهربان موليٰ محبوب جي محبت آهي، تڏهن توکي سئو ڀيرا سوريءَ تي ڏهاڙي چاڙهن، تڏهن به متان محبوب جي محبت جي پچر ڇڏين!

سوري تي سَئو وارَ ڏ ِهَاڙيُون چَنگِ چَڙهِينٌ،

جِم ورِچِي ڇَڏئِين سِڪَڻَ جِي پَچارَ.

اهو پيغام حضرت دائود عليہ السلام کان جڏهن ٻڌائون، تڏهن سڀني جي اکين مان پاڻي وهڻ لڳو ۽ هرهڪ جدا جدا دعا گهري. انهن مان پوڙهي دعا ۾ چيو ته”يا الاهي ! تون پاڪ آهين، مان تنهنجو بندو ۽ بندن جو اولاد آهيان. منهنجي گذريل عمر ۾ تنهنجي يادگيري نه آئي هجي ته اها معاف فرماءِ“. ٻئي عرض ڪيو ته ”يا الاهي ! تون پاڪ آهين، مان تنهنجو ٻانهو ۽ تنهنجي غلامن جو اولاد آهيان، جيڪو معاملو منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ آهي، ان ۾ مون تي احسان جي نظر ڪر“. ٽئين عرض ڪيو ته”يا الاهي! مان تنهنجو بندو ۽ بندن جو اولاد آهيان. ڇا مان توکان دعا ۾ جرئت ڪريان؟ توکي ته معلوم آهي، مون کي ته تنهنجي ڪم جي ضرورت نه آهي. ايترو احسان ڪر، جو پنهنجي واٽ هدايت واريءَ تي مون کي ڄمائي رک، يعني مون مٿي واٽ مستقيم منهنجي لاءِ هميشه آسان ڪر ۽ انهيءَ ڳالهه جو مون تي منَّتٌ يعني احسان رک“. چوٿين چيو ته ”يا الاهي! مون کان تنهنجي رضا ۾ جي قصور ٿيو هجي، ته پنهنجي سخاوت سان ان ۾ منهنجي مدد فرماءِ“. پنجين عرض ڪيو ته”يا خدا! تو مون کي نطفي مان پيدا ڪيو ۽ پنهنجيءَ عظمت يعني وڏائيءَ ۾ فڪر ڪرڻ جو احسان ڪيو، تڏهن جو شخص تنهنجي عظمت ۾ مشغول ۽ تنهنجي جلال ۾ متفڪر هجي، ڀلا اهو تنهنجي اڳيان ڪلام جي جرئت ڪري سگهي ٿو؟ منهنجو مقصد ته هيءُ آهي ته پنهنجي نور سان مون کي ويجهو ڪر“. ڇهين عرض ڪيو ته ”يا الاهي! جيئن تون عظيم الشان آهين ۽ تون پنهنجي اوليائن سان ويجهو آهين ۽ پنهنجي اهل محبت سان گهڻو احسان ڪندڙ آهين، انهيءَ ڪري منهنجي زبان مون سان مدد نٿي ڪري جو توکان ڪجهه دعا ڪيان.“ ستين عرض ڪيو ته ”يا الاهي! تو جو منهنجي دل کي پنهنجي ذڪر جي هدايت ڪئي ۽ پنهنجي طرف مشغول هجڻ جو ڌيان عنايت ڪيو، تڏهن ان شڪر ۾ جو مون کان خطا ٿي هجي، اها معاف فرماءِ“ اٺين عرض ڪيو ته ” يا خدا! منهنجي حاجت ته توکي معلوم ئي آهي، اها فقط تنهنجي طرف ڏسڻ آهي“. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ بيت ۾ فرمايو آهي جو هن دعا گهريل اٺين فقير جي معنيٰ رکي ٿو:

بيت

پرين اکين ۾ پيهه ته آءُ واري ڍڪيان،

توکي ڏسي نه ڏيهه آءُ نه پسان ڪي ٻيو.

نائين عرض ڪيو ته”يا الاهي! بندو پنهنجي آقا ۽ سائينءَ تي ڪجهه به جرئت نٿو ڪري سگهي، مگر تو مون کي حڪم دعا جو پنهنجي الطاف يعني مهربانين سان ڪيو آهي. ان ڪري عرض ٿو ڪريان ته مون کي اهو نور عنايت ڪر، جنهن سان آسمانن جي طبقن جي اوندهه کان واٽ ملي.“ ڏهين عرض ڪيو، ”يا خدا! توکي توسان گهران ٿو ته منهنجي طرف متوجهه ٿي ۽ هميشہ مون وٽ رهه“. يارهين عرض ڪيو، ”يا الاهي! جيڪا تو مون کي عنايت ڪئي آهي، ان جي پوري ڪرڻ جي توکي درخواست آهي.“ ٻارهين عرض ڪيو،”يا الاهي! تنهنجي مخلوق مان ته مون کي ڪنهن به چيز جي درڪار نه آهي:فقط پنهنجي جمال جي نظر ڪرڻ کان مون تي احسان ڪر“. تيرهين عرض ڪيو، ”يا الاهي! دنيا و مافيها جي طرف ڏسڻ جي اک انڌي ڪر ۽ آخرت ۾ مشغول هجڻ کان منهنجي دل انڌي ڪر“. هن درويش تيرهين جي دعا گهريل وانگر انهيءَ ساڳي دعا کي ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به پنهنجي بيت ۾ هن طرح ٿو آڻي ته:

بيت

وائِي وَحيم ِ شِاَلَ ڪَنَنٌ سِين! ڪِينَ سُڻَان،

ڀَلو ڪري ڀالُ ته اَکيُن ِ سِينَ اَنڌو ٿِيَان.

        ان بيت جي اچڻ وقت معنيٰ ڪئي ويندي. چوڏيهن دعا گهري، ”يا الاهي! هيءُ ته مان ڄاڻان ٿو ته تون پنهنجي اوليائن کي گهرندو آهين، پر مون تي ايترو احسان ڪر، جو توکان سواءِ جيڪي به شيون آهن، انهن کان منهنجي دل صاف ۽ رڳو پاڻ سان مشغول ڪري ڇڏ“.

الله تعاليٰ حضرت دائود عليہ السلام کي وحي موڪليو ته انهن کي چئهُ، ته مان اوهان جي گفتگو ٻڌي ۽ جيڪي به اوهان کي ڳالهه پسند ۽ وڻي آهي، اها مون قبول ڪئي ۽ اوهان هڪٻئي کان جدا ٿي وڃو ۽ زمين ۾ پنهنجي لاءِ تهه خانو بنايو. توهان ۾ ۽ پاڻ ۾ حجاب لاهڻ گهران ٿو ته اوهان منهنجي جلال کي ڏسو. حضرت دائود عليہ السلام عرض ڪيو ته يا الاهي! اهي دوست تنهنجا ان درجي کي ڪيئن پهتا؟ حڪم ٿيو ته مون ۾ گمان چڱو رکندا آهن ۽ دنيا ۽ دنيا جي رهڻ وارن کان الڳ آهن. مون سان اڪيلا رهيا آهن ۽ مون کي پُڪاريندا آهن؛ هيءُ درجو آهي، جو سواءِ تارڪ دنيا جي، جو ان مان ڪنهن به چيز جي يادگيري رکندڙ نه هجي ۽ دل پنهنجي منهنجي واسطي خالي رکي ۽ سموري منهنجي مخلوقات مان مون کي ئي قبول ڪري، ڪنهن کي حاصل نه ٿيندو آهي. جڏهن اهڙو ٿي ويندو، تڏهن مان ان تي مهرباني ڪندو آهيان ۽ ان جي نفس کي فارغ البال ڪري ان جي ۽ پنهنجي وچان حجاب کڻي ڇڏيان ٿو، ته جيئن مون کي اهڙو ڏسي جهڙو ڪو اک سان ڏسندو آهي. انهن کي پنهنجي ڪرامت ڏيکاريندو آهيان ۽ پنهنجي چهري مقدس جي نور سان هر وقت ويجهو ڪندو آهيان. جيڪڏهن هو بيمار ٿي پوي ته مان ان جو علاج اهڙو ڪندو آهيان، جهڙو ماءُ مهربان پنهنجي ٻچي جو علاج ڪندي آهي. جڏهن ان کي اُڃ لڳندي آهي ته ان کي پنهنجي ذڪر جي چاٽي سان ڍاپَلُ ڪندو آهيان ۽ ان کان پوءِ ان کي دنيا و مافيها کان ۽ ان جي شهواتن کان انڌو ڪندو آهيان. دنيا انهن جي نظرن ۾ پياري نٿو ڪريان، ڪنهن به وقت منهنجي مشعول هجڻ کان بغير دم نٿا کڻن، پوءِ انهن جو اهو حال هوندو آهي، جو مون وٽ اچڻ لاءِ تڪڙا ۽ تيار هوندا آهن، يعني تڪڙو موت قبول ڪندا آهن ۽ مان انهن جي مارڻ کي پسند نه ڪندو آهيان، انهيءَ واسطي جو سڄي خلق مان منهنجي نظر رحمت جي انهن تي آهي ۽ اهي به منهنجي غير کي نٿا ڏسن؛ نه مان انهن جي غير کي ڏسان. اي دائود (عليہ السلام)! جڏهن مان انهن کي ڏسندو آهيان، ته نفس جي انهن جو کلي ويو ۽ جسم انهن جو هيڻو ڏُٻرو ٿي ويو، عضوا ٽٽي ويا ۽ جڏهن منهنجي ذڪر کي ٻڌي ٿو، ته ان جي دل قرار نٿي ڪري ۽ ان جي اندر بي قراري منهنجي محبت جي پيدا ٿئي ٿي، پوءِ ان جي سببان مان پنهنجي مَلڪن ۽ آسمان جي رهندڙن تي فخر ڪريان ٿو. پوءِ انهن کي خوف زيادهه ٿيندو آهي ۽ عبادت وڌيڪ ڪرڻ لڳندا آهن.

هيءُ بيان گهڻو آهي، وري وڌيڪ موقعي تي ڪيو ويندو. مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته الله تعاليٰ پنهنجي عاشقن کي ڏسندو آهي ته هو منهنجي عشق ۾ فنا ٿي ويو آهي ۽ تمام ڏُٻرو هيڻو ٿي ڳري ويو آهي، تڏهن هن عاشق جي انهيءَ حد درجي جي عشق ڪري پنهنجي مَلَڪَنٌ تي به فخر ڪري، تڏهن انهيءَ منزل عشاقن جي، جا سندن زهدن ۽ تڪليفن سهڻ سان پنهنجي جسم جي جيئري ڳارڻ سان کين ملي آهي، جا گويا ڪاتيءَ سان پاڻ کي ڪُهڻ يا ڇِلڻ آهي ۽ ڏک پنهنجي اندر ۾ خوشيءَ سان واڄٽ وانگي وڄائي خوشيءَ کان قبول ڪندا آهن. جيئن شاهه صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي ايندڙ بيت نمبر 10 ۾ ٿو فرمائي:

بيت

پِهريِن ڪَاتِي پَاءِ پُڇِج ِ پوءِ پِريتَڻو،

ڏُکُ پِريَانٌ جو ڏيِلَ ۾ واڄَٽَ جِيَئن وَڄَاءِ،

سِيخُن ِ مَاههُ پَچَاءِ جي نَالو ڳِيڙُءِ نِينهَنٌ جو.

هن بيت جي معني! آهي ته پهريائين ڪاتي پاءِ جي مراد آهي، ته اول انهيءَ عشق جي راهه ۾ سختيون ۽ سور اهڙا سهه، جو گويا ڪاتيءَ سان پاڻ کي وڍين ٿو ۽ پوءِ پُڇج پريتڻو- يعني محبت جو پڇ ئي پوءِ ڏَس پنڌ، ڇاڪاڻ ته اول ته پاڻ سور ۽ سختيون ڪسڻ جهڙيون سهه ۽ ڏک پنهنجي ڏيل يعني اندر ۾ واڄٽ يعني وڄندڙ شين سازن وغيره وانگر وڄاءِ، جيئن سازن جي وڄندي دل کي خوشي ٿيندي آهي، تيئن ڏکن کي اندر دل ۾ سانڍي خوش ٿئي. ڇو ته نالو جو انهيءَ پريتڻي يعني محبت جي سودي جو ورتو اٿئي، ته پنهنجو ماس به اهڙو پچاءِ ۽ سُڪاءِ، جيئن سيخن ۾ ماس پچي سُڪو ٿيندو آهي ۽ اهو سودو عشق جو تنهنجي لاءِ سٺو ۽ سچو آهي، ڇو ته هيءُ جسم جو سينگار ۽ ٿلهو جسم، ماس يا ماهه انهيءَ محبت موليٰ جي سودي بغير فنا ۽ عذابن جو لائق ٿيندو  ۽ پريتڻي کان سواءِ ٻيا عيش مال دنيا جا سڀ ڪوڙا آهن.

هاڻي جي نالو ڳيڙءِ يعني نالو ورتو اٿئي نينهن جو، ته تڪليفون سهه ڪاتيءَ جي ڪسڻ جهڙيون، اهو آهي سچو سودو يعني هن ظاهر جي مزن کي ڦِٽي ڪري پاڻ کي پريتڻي جي پرت سان ڦٽيل ڪر، جو انهيءَ سودي سچي ۽ مالن، اولادن ۽ دنيا جي مزن کي ڦٽي ڪري، جهاد جي تڪليفن جي ڪاتيءَ جي ڪُسڻ جهڙيون آهن. الله تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي، انهيءَ سودي سي جچو ڏَس؛ (سورة الصٰف) ته؛

يَا اَيُّهَا الَّذِيٌن َ آمَنُو‘ا هَلٌ اَدُلَّڪُم‘ عَليٰ تِجَارَةً تُنٌجِيٌڪُم‘ مِّنٌ عَذَابٍ اَلِيٌمٍ تُؤ‘مِنُوٌنَ بِااللهِ وَ رَسوُ‘لِہٖ وَ تُجَاهِدُو‘نَ فِي‘ سَبِيٌلِ اللهِ بِاَموَالِڪُمُ‘ وَ اَنٌفُسِکُم‘ ذَالِڪُم‘ خَيرُلَّڪُم‘ اِن‘ کُنٌتُم‘ تَعٌلَمُوٌنُ

ترجمو: اي مؤمنا ڪوهه نه ڏَس ڏيان اوهان کي سودي سچي ايمان جي جو، جو ڇڏائيندو اوهان کي ڪنان عذابن وسهو خدا ۽ رسول کي جهاد ڪيو منجهه، واٽ خدا جي ساڻ مالن ۽ جُسن پنهنجن ئي سو ڀلو آهي، اوهان لاءِ جي هوند ڄاڻو.

هن آيت شريف جو پڻ مطلب پڻ ساڳيو آهي ته منجهه واٽ خدا جي، يعني خاص خدا تعاليٰ جي محبت ۾ ان جي راضپي لاءِ ۽ نه ڪنهن رياءَ يا پنهنجي شخصي وير وڍ لاءِ، پر واٽ خدا تعاليٰ جي ۾ مالن ۽ جُسن سان جهاد ڪريو. جهاد ڪافرن سان به آهي، جهاد پنهنجي نفس سان به. مطلب ته دنوي عيشن کي ڇڏي خدا تعاليٰ جي راهه ۾ مالن خرچ ڪرڻ ۽ جهادن ظاهر جي به مالن ۽ جُسن سان جهاد ڪريو. اهو سودو اوهان جي لاءِ ڀلو آهي، جو انهيءَ جي عيوض اوهان کي بهشت ملندو ۽ اهو اوهان جو محبوب الله تعاليٰ راضي ٿيندو. اهو آهي سودي سچي جو ڏَس، جو الله تعاليٰ ڏنو، پر اهو جهاد مالن ۽ جسمن جو ڪاتيءَ پائڻ کان گهٽ ته نه آهي پر اها پاڻ ڪاتي پائڻي آهي. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي: ”پهرين ڪاتي پاءِ پڇج پوءِ پريتڻو“. اهي تڪليفون ڪاتيءَ جون پهرين ئي سهه ۽ انهن کي اندر پنهنجي ڏيل ۾ واڄن يا سرودن، سازن وانگر خوشيءَ سان وڄاءِ. يعني انهن تڪليفن ۾ سست ۽ ضعيف ۽ عاجز نه ٿيءُ. جيئن خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ سورة آل عمران ع 15 ۾ ٿو فرمائي ته:

وَڪَاَيِّنٌ مِّنٌ نَّبِيٍّ قَاتَلَ مَعَہٗ رَبِّيُّوٌنَ کَثِيٌرُٗ فَمَا وَ هُنُوٌ لِمَا اَصَابَهُمٌ فِيٌ سَبِيٌلِ اللهِ وَمَا ضَعٌفُوٌ وَمَا اسٌتَڪَانُوٌا وَاللهُ يُحِبُّ الصّٰبِرِيٌنَ

ترجمو: ۽ ڪيترن نبين سان جنگيون ڪيون لشڪرن گهڻن، پوءِ نه سست ٿيا سبب تنهن جي، جو رسيو ان کي منجهه واٽ خدا جي ۽ نه ضعيف ٿيا ۽ نه عاجز ٿيا ۽ الله حُبّ رکي ٿو صابرن کي.

هن آيت شريف جو مطلب پڻ ساڳيو آهي، ته الله تعاليٰ وارن نبين سڳورن اهي تڪليفون پنهنجي محبوب موليٰ جي راهه ۾ خوشي سان سَٺيون، پر سست نه ٿيا ۽ نه وري عاجز ۽ هيڻا ٿيا. اهي تڪليفون جهادن جي ڪاتيءَ جي ڪسڻ جهڙيون هيون. اڃا به وڌيڪ تڏهن به خوشيءَ سان سٺائون ٿي. تڏهن ٿو شاهه صاحب هن بيت ۾ به ڏَس ڏئي ته اهي ڏک پريان جا ڏنل جي ڏيل ۾ آهن، سي واڄٽ يعني واڄن وانگي وڄاءِ. انهيءَ بيت جي وڌيڪ ايندڙ بيت نمبر 11 ۾ بيان ٿو ڪري ۽ هڪ مثال ڏانهن به ان ۾ اشارو ٿو ڪري ته:

ڪاتيءَ ڪونهي ڏوههُ ڳَنُ وَڍِيندڙَ هَٿَ ۾،

پَسيو پَرِ عَظِيمَ جي لِچِيو وَڃي لوههُ،

عاشقن اَندوههُ سَدا مَعشوقَنِ جو.

هن جي معنيٰ ته ڪاتيءَ ڪانهي ڏوهه، ڪهڙو ڏوهه (وڍڻ ڪاتيءَ جو يا نه وڍڻ)، اهو وڍڻ يا نه وڍڻ سڀ وڍيندڙ کان آهي، ڇو ته ڳن وڍيندڙ جي هٿ ۾ - تڪ پهرينءَ جو پهريون اڌ سوال آهي ۽ تڪ ساڳيءَ جو پويون اڌ جواب آهي، پسيو پَرِ يعني ڏسيو پر يعني رسم، ترتيب، نمونو، طرز، عظيمَ يعني وڏي جي لِچيو وڃي لوهه، يعني ڏڪيو يا لرزيو وڃي لوهه، عاشقن کي اندوهه يعني غم، افسوس سدا، هميشہ معشوقن محبوبن جو.

هن جو خلاصو مطلب آهي ته جهڙيءَ طرح ظاهر ڪاتي سبب آهي ڪُهڻ جو، پر در حقيقت ڪهڻ وس ۽ اختيار ۾ آهي ڪُهندڙ جي، جنهن جي هٿ ۾ ڪاتيءَ جو ڳن آهي، جي هو ڪاتيءَ کي هلائيندو ۽ ڪُهندو ته ڪهڻ جو ڪم پورو ٿيندو، پر جي ان کي نه هلائيندو ته ڪسڻ جو ڪم نه ٿيندو. اهڙيءَ طرح هيءُ جو دنيا ۾ جيڪو به ڪجهه ڪم ڪار ٿي رهيو آهي، سو سڀ ڪاتيءَ وانگي سبب کان نه آهي، پر مُسبب کان آهي. جهڙيءَ طرح ڪاتيءَ کان ڪسڻ نه آهي، پر ان کي هلائيندڙ کان آهي يعني ڪُهندڙ کان ڪُهڻ جو ڪم آهي، هن تڪ ۾ خاص توحيد جي تعريف آهي ۽ هيءُ مثال آهي سڄي ڪائنات جي ڪم ڪار يا چرپر جو، جيئن ڪاتيءَ جو ڪم – ڪهڻ به ڪاتيءَ جي وس ۾ نه آهي، پر اهو فقط اوزار ڪهڻ واري جي هٿ ۾ آهي، ڪهڻ يا نه ڪهڻ وس ۾ ٿيو ڪهڻ واري جي، تهڙيءَ طرح سجھي جهان جا ڪم ڪمن ڪرڻ وارن جي وس ۾ نه آهن، پر اهي جيڪي ڪم ڪندڙ يا جيڪا شين جي چرپر آهي، سا انهيءَ حقيقي مالڪ الله تعاليٰ جي قدرت يا وس ۾ آهي، انهيءَ دنيا جي ظاهر ڪمن ڪارين جا سبب ته ڪيئن ٿا ٿين يا ٿيا، تن سببن جو پيدا ڪندڙ مسبب الله تعاليٰ آهي ۽ انهيءَ تي قادر مطلق آهي، جي گهُري ته سبب پيدا ڪري، جي نه گهُري ته سبب چَٽُ ڪري. اهي سبب رڳو اسان جي اکين اڳيان پردو آهن، جيئن چوڻ ۾ ايندو آهي ته فلاڻو ڀِتِ ڪِرڻ سبب مري ويو يا بلا کاڌُس يا ٻڏي مئو. اهي سڀ پردا آهن، پر جي اک روشن هجي، ته اهي سڀ پردا نظر نه اچن ۽ چئجي ته الله تعاليٰ ماريس. پر اهي سڀ بيڪار نه آهن، جي انهيءَ مسبب پيدا ڪيا آهن. انهن سبِبن کان سواءِ مريد ڪيئن راهه ڄاڻي ها، پر مسبب کان رسي سڀ خير شر واسطا اسباب ناهن اي پدر.

هيءُ رڳو فڪر آهي عامن جي نظر ۾ - هيءُ بحث اشرف العلوم جي پنجين دفتر جي صفحي 94 ۾ لکيل آهي. اتي ڏسي سگهجي ٿو. هاڻي اها حڪمت الله سائينءَ جي ڏسي حيرت وٺيو وڃي ۽ لوهه به ڏڪيو وڃي يا لِچيو وڃي. جيئن هن بيت جي ٻيءَ تڪ ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته ”پَسيو پر عَظيمَ جي لِچيو وڃي لوهه“. پَرِ اها ترتيب، طرحَ عظيمَ يعني وڏي جي، جو الله تعاليٰ آهي جي ڏسي لچيو وڃي لوهه، ڪاتي جا لوهه جي آهي، اها به ڏڪيو وڃي. هيءُ اشارو آهي حضرت ابراهيم عليہ السلام جو حضرت اسماعيل عليہ السلام پٽ پنهنجي کي ڪهڻ ڏانهن جو حضرت ابراهيم عليہ السلام کي حڪم ٿيو الله تعاليٰ جو، ته پنهنجي پٽ حضرت اسماعيل عليہ السلام کي ڪُهه ۽ حڪم ٿيو ڪاتيءَ کي ته تون نه ڪُهه، حضرت ابراهيم عليہ السلام ڪاتيءَ تي ڪاوڙيو ته تون ڇو نٿي ڪُهين؟ تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته ”ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهه ڳن وڍيندڙ هٿ ۾.“ ڪاتيءَ جو ڪهڙو ڏوهه هئو نه وڍڻ جو، جو ان جو ڳن انهيءَ حقيقي وڍيندڙ الله تعاليٰ جي هٿ ۾ يعني وس ۾ هئو، جو ان جو حڪم هئس ته نه وڍ وارُ اسماعيل عليہ السلام جو! هاڻي ويچاري ڪاتي ڇا ڪري، جو هوڏانهن عظيمَ جو حڪم ته نه وڍ. هيڏانهن حضرت ابراهيم خليل الله عليہ اسلام جو حڪم ته وڍ. هاڻي ڪاتي ويچاري اها:

”پسيو پر عظيم جي لچيو وڃي لوهه“.

اها الله تعاليٰ عظيم جي عظمت ۽ حڪمت ڏسي لوهه جي ڪاتي به ڏڪيو وڃي. هيءُ قصو قرآن شريف جي سورة الصّٰفّٰت جي ع 3 ۾ آهي. اتي عظيم جو اشارو گهَٽي وڏي هابيل جي ڏانهن آهي، جو عيوض ۾ حضرت اسماعيل عليہ السلام جي ڪُٺو ويو. وَ قَدَيٌنٰہُ بِذِبٌحِ عَظِيمٍ. (۽ عيوض ۾ ڏنوسون اسماعيل عليہ السلام جي ڪُهڻ لاءِ گهٽو وڏو). انهيءَ اشاري موجب ڪاتيءَ جو لوهه ڏڪي انهيءَ ڪري پيو، ته حڪم خليل الله جو هئو ته حضرت اسماعيل عليہ السلام کي ڪُهه ۽ الله تعاليٰ جو حڪم هو ته نه ڪُهه ۽ ڪُٺائين وري وڏو گهَٽو. هاڻي انهيءَ عجب جهڙي حڪمت ۽ عبرت کان ڪاتي ڏڪي ويئي ته هيءُ ڪهڙي پَرِ ٿي چڪي! اها ڪهڙي پَرِ؟ الله تعاليٰ فرمايو آهي؛ وَتَرَڪٌنَا عَلَيٌہِ فِي الٌاٰخِرِيٌنَ. (۽ باقي رکائيسون پَرِ يا متابعت پوين ۾.) جا اج ڏينهن تائين ۽ اڃا به پوين ۾ پَرِ هلي ايندي اضحيٰ ڪرڻ جي. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته ايڏي وڏي حڪمت جهڙي پَرِ عظيم جي، عبرت جهڙي آزمائش جي، جا پنهنجي عاشقن سان الله تعاليٰ ڪئي، اها پَرِ؛ ”پَسِيو عَظِيمَ جي لِچيو وَڃي لوههُ.“

هاڻي وري حضرت ابراهيم عليہ اسلام ۽ حضرت اسماعيل عليہ اسلام جو بيان ٿو فرمائي ته انهن جو ان وقت ڪهڙو حال هئو، جنهن وقت ڪاتي لِچي يا ڏڪي رهي هئي؟ سندن حالت آزمائش جي ڏسي، انهن جي حقيقت هن بيت جي ٽينءَ تڪ ۾ ٿو آڻي:

”عاشقن اندوهه سدا معشوقن جو“.

هڪ طرف ڪاتي نه پئي وڍي، ته ٻئي طرف الله تعاليٰ جي عاشقن حضرت ابراهيم عليہ السلام  ۽ حضرت اسماعيل عليہ السلام کي اهو اندوهه يعني غم ۽ ڏک هو، پنهنجي حقيقي معشوق ۽ محبوب موليٰ سائين جو ته ڪاتي به نه ٿي ڪهي متان اسان جو معشوق موليٰ سائين ناراض نه ٿي وڃي ۽ حضرت اسماعيل عليہ السلام کي اندوهه هئو ته سِگهو نٿو ڪُسجان، متان منهنجو معشوق دير سبب ناراض نه ٿي وڃي ۽ مقبول نه ٿيا. حضرت اسماعيل عليہ السلام کي اهو به اندوهه هئو ته منهنجي نه ڪسجڻ يا دير سان ڪسجڻ سبب منهنجو مِٺو پيءُ موليٰ سائينءَ جي اڳيان عتاب وارو ۽ غمگين نه ٿئي! حضرت ابراهيم عليہ السلام کي اندوهه هئو، ته ڪاتي نٿي ڪُهي ۽ منهنجو معشوق موليٰ سائين ڇا چوندو ته منهنجو حڪم بجاءِ نه آندائين. ان ڪري حضرت ابراهيم عليہ السلام پنهنجي پياري پرينءَ جي راضي رکڻ ۽ حڪم پوري ڪرڻ لاءِ، ڪاتيءَ کي پيو زور سان وهائي، ۽ وري حضرت اسماعيل عليہ السلام پيو چوي ته بابا، جي ڪاتي ائين نٿي وڍي ته ڀلا چهنب – ڀر هڻينس ته پوءِ من ڪارگر ٿئي. پر ٻئي عاشق سڳورا انهيءَ اندوهه ۽ افسوس ۾ هئا ته معشوق جي رکيل ڪم ۾ دير ٿي ٿئي، جيڪڏهن ڪهڻ ۽ ڪسجڻ جو ڪم اسان کان نٿو ٿئي، تڏهن به انهيءَ ڪم کي نه ڇڏيون، جو مَن سندس حڪم ۾ ته لڳل آهيون. حضرت اسماعيل عليہ السلام جڏهن سڀ ڏَسَ پنهنجي پيءُ کي، جهڙوڪ اکين ٻڌڻ، ڪاتيءَ کي تکو ڪرڻ، يا پاڻ کي پاسيرو يا ابتو ڪري ڪُهڻ جا ڏَسَ ڏئي رهيو هئو، تنهن کان پوءِ به دل نٿي گهُريُس ته هاڻي بابو بس ڪري، پر اڃا به ائين پيو چوي ته ڀلي ڪاتي مُڏي هجي ۽ دير به ڀلي ٿئي، پر سندس حڪم ۽ هٿ ۾ ته آهيون، جنهن جي هٿ ۾ هيءُ ڳن آهي. من انهيءَ مِنهَنٌ سان منهنجي انهيءَ پرينءَ جا هٿ منهنجي نِڙيءَ کي پيا لڳن ۽ ترسن، جيئن اهو بيان ايندڙ بيت نمبر 12 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ هيئن ٿو آڻي:

بيت

ڪاتي تِکي مَ ٿِئي مَرٌ مُڏيائي هوءِ.

مَانَ ورِمَنِ توءِ مُون پِريان جا هٿڙا

        هن بيت جي معنيٰ آهي ته ڪاتي تکي نه ٿئي مَرُ يعني ڀلي مُڏي هجي- مَنَ ورِمَنِ يعني تَرسِن ِ توءِ يعني تيستائين مون پِريان منهنجي پرينءَ جا هٿڙا مون وٽ- هن جو خلاصو مطلب هيءُ آهي ته جڏهن حضرت اسماعيل عليہ السلام کي پنهنجي پيءُ پاسي ڀر ڪُهڻ لاءِ ليٽايو، ڪاتي به نه پئي ڪُهي ۽ حضرت ابراهيم عليہ السلام جي لائڻ سان تِکي به نه پئي ٿئي، پر تڏهن به حضرت اسماعيل عليہ السلام ڪَڪِ ته نه پيو ٿئي، وري به ائين پيو چوي ته ڪاتي ڀلي مُڏي هجي تکي نه ٿئي- پهرين تڪ سوال آهي ۽ پوئين تڪ ان جو جواب آهي، ته ڇا لاءِ مُڏي هجي جو: ”من ورِمَن ِ توءِ مون پويان جا هٿڙا“. ته من انهيءَ مڏائي سبب مون وٽ منهنجي پرينءَ جا هٿ ورِ َمَن يعني ترسن ۽ جي تکي هوندي ته منهنجي انهيءَ معشوق جا هٿ ڪهڻ کان پوءِ جلد ئي جدا ٿي ويندا- تنهنڪري ڀلي مُڏي هجي ۽ مان پنهنجي انهيءَ پرينءَ، جنهن منهنجي پياري پيءُ کي حڪم ڏنو آهي، ان جي حڪم تي ثابت قدم رهان، ڇاڪاڻ ته اها ڪاتي ظاهر جي ته فقط آزمائش هئي ۽ آزمائش جي ڪاتي سخت ڏکي آهي، جا نه رڳو هن ظاهر واري ڪاتيءَ وانگر چم تي سڻائو وڙهي، پر اها آزمائش واري ڪاتي چم سان گڏ هڏا به چيريندي آهي! جيئن ايندڙ بيت نمبر 13 ۾ ٿو شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمائي:

بيت

ڪاتي جا قريب جي سا هڏ چيري چم،

عاشق پنهنجو انگ لِلهِ ڪارڻ وڍيو.

        هن جي معنيٰ آهي ته ڪاتي جيڪا قريب يعني ويجهي جي آهي، سا هڏ ۽ چم ٻنهين کي چيريندڙ آهي، پر عاشق پنهنجو انگ يعني نفس، الله تعاليٰ واسطي وڍيو آهي. خلاصو مطلب ته هتي”قريب“ يعني ويجهڙو الله تعاليٰ کي سڏيو ويو آهي، ڇو ته الله تعاليٰ پاڻ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي ته:

وَ نَحٌنُ اَقٌرَبُ اِلَيٌہِ مِنٌ حَبٌلِ الٌوَرِيٌدِ 

ترجمو: يعني مان اوهان کي ساهه جي رڳن کان به وڌيڪ ويجهڙو آهيان.

تڏهن ان کان وڌيڪ قريب ٻيو ٿي نٿو سگهي. هاڻي، انهيءَ حقيقي ”قريب“ جي آزمائش واري جيڪا ڪاتي آهي، سا ظاهر جي ڪاتيءَ وانگر نه فقط چم ۽ گوشت وڍيندڙ آهي، پر هڏا به چيريندي آهي. يعني تنهنجي نفس، دل ۽ شهواتن کي به وڍيندڙ آهي، تنهنڪري ان آزمائش تي ثابت قدم رهڻ محال آهي. پر جيڪي الله تعاليٰ جا عاشق آهن، اهي  انهيءَ آزمائش جي ڪاتيءَ جي ڪابه پرواهه نٿا رکن، ڇو ته انهن پنهنجو نفس ۽ انهن جون خواهشون ۽ سَڌون اڳي ئي انهيءَ محبوب، معشوق يعني الله تعاليٰ واسطي يعني سندس راهه ۾ وڍيون آهن ۽ نه پنهنجي ڪنهن ٻئي مطلب يا ظاهر جي طمع، انعام يا رياءَ خاطر، پر عاشقن جي خاص انهيءَ معشو       ق موليٰ سائينءَ جي راضپي لاءِ سندس آزمائش واري ڪاتيءَ سان سندس راهه ۾ پنهنجو انگ، جسم يا نفس وڍيو آهي.

هيءُ جو هن فصل جي بيت نمبر 11 کان 16 تائين ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ عاشقن جي آزمائش کي مجازي ڪاتيءَ جي وڍڻ، چيرڻ ۽ چچرڻ وغيره جي تڪليفن سان تمثيل ڏئي بيان فرمايو آهي، سو هن ڪري ته ظاهر بينن کي ظاهر مثال سمجهڻ ۾ سڻائو اچي، جهڙيءَ طرح اسان حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل عليهم السلام جي قصي ۾ ڪاتيءَ جي بيان کي آندو آهي. درحقيقت شاهه صاحب ته انهن سڳورن جو نالو نه آندو آهي ۽ رڳو عاشقن جي آزمائش ۽ تڪليفن ۽ سندن معشوق – الله تعاليٰ – جي قدرت جي تعريف ڪئي آهي، جا دراصل سڀني عاشقن ۽ معشوقن جي تعريف آهي. مجازي عشق، عاشقن ۽ معشوقن ۽ حقيقي عشق، عاشقن ۽ معشوقن ۽ انهن جي دلين ۽ نفس جون پرکائون يا ٻيا قائدا قانون، ترتيبون، طرحون، ڍنگ  ۽ انهن معشوقن جي رضامنديءَ ۾ عاشقن جي راضي رهڻ جو عجيب نوع سان بيان فرمايو آهي. باقي مجازي عشق ۽ حقيقي عشق ۾ هيءُ تفاوت آهي ته مجازي عشق ڪوڙو آهي ۽ حقيقي عشق سچو آهي؛ مجازي عشق بي بقا، فاني، بڇڙو ۽ گناهه آهي. حقيقي عشق بقادار، دل روشن ڪندڙ، ثواب ۽ قيامت تائين فائدي وارو آهي. اصل مقصد ۽ مطلب آهي به اهو، جنهن لاءِ انسان هت آيو آهي.

هاڻي، هن باري ۾ هڪ هيءُ سوال جواب طلب آهي ته ڪاتي يا ڪهڻ جو اشارو حضرت اسماعيل عليہ السلام جي فقط قصي ڏانهن اشارو نه آهي، ته پوءِ ڀلا شاهه صاحب رحمة الله عليہ ڪهڻ جي مثال سان آزمائش جي تڪليفن کي تشبيہ ڇو ڏني آهي؟ ان جو جواب هيءُ آهي ته ڪُهڻ ۽ ڪُسڻ جون آزمائشون اصل کان وٺي گهڻن ئي عاشقن تي آيون آهن ۽ انهن آزمائشن مان حضرت اسماعيل عليہ السلام جي ڪُهڻ جو حڪم به هڪ آزمائش هئي. ان کان علاوه، توريت ۾ به حضرت موسيٰ عليہ السلام جي قوم تي حڪم نازل ٿيو، ته توهان اوندهه ۾ هڪٻئي کي ڪُهو. تڏهن به خدا تعاليٰ جي حڪم جي پيروي فقط ڪن ايمان وارن ڪئي، جنهن تي  خدا تعاليٰ مٿن راضي ٿي، اهو حڪم معاف فرمايو. ان کان سواءِ الله تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾، ڪُهڻ کي پنهنجين آزمائشن مان هڪ طرح جي آزمائش هئڻ جو بيان سورة  النساء ع 9 ۾ هن طرح فرمايو آهي:

وَلَوٌ اِنَّا ڪَتَبٌنَا عَلَيٌهِمٌ اَنِ اقٌتُلُوٌا اَنٌفُسَڪُمٌ اَوِ اخٌرَجُوٌا مِنٌ دِيَارِڪُمٌ مَّا فَعَلُوٌهُ اِلَّا قَلِيٌلُ مِّنٌهُمٌ وَلَوٌ اَنَّهُمٌ فَعَلُوٌا مَا يُوٌعَظُوٌنَ بِہٖ لَڪَانَ خَيٌرً الَّهُمٌ وَ اَشَدَّ تَشٌبِتيٌتاً  وَ اِذًا لَّاَتَيٌنٰهُمٌ مِّنٌ لَّدُنَّا اَجٌراً عَظِيٌماً وَّ لَهَدَيٌنَاهُمٌ صِرَاطاً مُّسٌتَقِيٌماً

        ترجمو: جيڪڏهن فرض ڪيون اسين انهن تي ته ڪُهو جانين پنهنجين کي يا نڪري وڃو پنهنجن شهرن کان، ته نه ڪن ها مگر ٿورا انهن مان، جيڪڏهن اهي ڪن ها، جيڪي نصيحت ڪيا ويا ته البت هجي ها چڱو انهن واسطي ۽ گهڻو ثواب ۽ ان وقت البت ڏيون ها انهن کي جيڪي اسان وٽ آهي ۽ ثواب گهڻو ۽ البت ڏيکاريون ها انهن کي سڌو رستو.

        هاڻي، هن آيت شريف ۾ ڪسڻ ۽ ڪهڻ جو صاف فيصلو ۽ مثال انهيءَ حقيقي معشوق، موليٰ سائينءَ ڪيو آهي ته جيڪڏهن انهن کي پنهنجين جانين ڪهڻ جو حڪم ڏنو وڃي ته انهن مان گهڻا نه، پر ڪي ٿورا ايمان وارا عاشق، الله وارا مرد مجاهد اهو حڪم مڃيندا ۽ جيڪي قبول ڪندا، تن واسطي ثواب ۽ خير به گهڻو آهي ۽ اسين ئي انهن کي ثابت قدم رکون ۽ سنئين واٽ ڏيکاريون ٿا، نه ته اسان جي مدد کان سواءِ اهي ڪجهه به ڪري نه سگهن. چئبو ته اها آزمائش ٻين سڀني آزمائشن کان ڏکي آزمائش آهي، جا الله تعاليٰ پاڻ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ بيان فرمائي آهي. تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به 11 کان 16 تائين بيان ڪيل انهن بيتن ۾ ڪسڻ ۽ ڪهڻ ۽ ڪاتيءَ جو مثال بيان فرمايو آهي، جو مٿين آيت شريفن جو هڪ طرح سان شعر ۾ ساڳي ڪهڻ ۽ ڪسڻ وارين تڪليفن جي مثالن سان شرح ڪري چڪو آهي. جيئن مٿين آيت شريف ۾ آهي ته ڪهڻ واري انهيءَ حڪم کي قبول نه ڪندا مگر ڪي ٿورا؛ ان منجهان مراد آهي، ته جنهن کي محبت موليٰ سائينءَ جي گهڻي هوندي ۽ اِها سَڌَ سنديس هوندي، ته مون کي سِڪ پنهنجي معشوق موليٰ سائينءَ جي وڌي، ته اهو انهيءَ ڪاتيءَ جهڙي ڪهڻ جي آزمائشن ۾ نه ڪُسٌڪَندو يا نه پوئتي هٽندو. وري انهيءَ سڪ جي سڪڻ واري کي آزمائش واري انهيءَ ڪاتي سان ڪسڪڻ ۽ ڪنجهڻ نه کپي. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي ايندڙ بيت نمبر 14 ۾ ٿو فرمائي ته:

بيت

جي تون سِڪَڻُ سِکيو ته ڪاتِي پِئي مَ ڪِنجھُ،

سپريان جي سورَ جو ماڻهن ڏِجي نه مَنجھُ،

اَندرُ اِيءُ اَهَنجُ سَانڍِجُ سُکَائُون ڪَري.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته جيڪڏهن تون سڪڻ يعني محبت عشق سکيو آهين، يعني پورو عاشق يا سچو عاشق آهين، يعني عشق يا سڪ جا سڀ قاعدا قانون، حق واسطا سکي چڪو آهين، ته اڃا هي باقي سڪڻ جا دستور سک، جو هڪ ته ” ڪاتيءَ پِئي مَ ڪِنجههُ“ يعني ڪاتي پئي يعني وڌي، جو ڪاتي وجهي توکي ڪُٺو وڃي، تڏهن به م ڪِنجههُ يعني ڪُڻڪَ يا دانهن نه ڪر. ٻيو ”سپريان“ يعني انهيءَ پرينءَ محبوب معشوق جي سور، ڪهڙي سور؟ جيڪو توکي ڪاتيءَ سان ڪُٺو اٿئين ۽ توکي سور ٿيو آهي،سو انهيءَ سور کي ماڻهن کان مخفي ۽ ڳجهو رک ۽ پنهنجي اندر جي سورن واري راز جو، جيڪو توکي انهيءَ سپيريان يعني سپرينءَ کان سور درد عشق جو سوز يا بيقراري پهتي آهي، انهيءَ جو انهن ماڻهن کان جيڪي اڻ ڄاڻ آهن ۽ تنهنجي حال کان واقف نه آهن ۽ سڪ سوز عشق وارا نه آهن، تن کي مَنجههُ يعني راز جو پتو نه ڏي. ٽيون ايءُ اهنج، يعني ڏک سور سوز عشق جو پنهنجي اندر يعني دل ۾ سانڍ ۽ لڪاءِ- ڪيئن – جيئن سُکا يعني نذر، جو پنهنجي ڪنهن دلِي مطلب جي پوري ٿيڻ واسطي دل ۾ باسيو ويندو آهي، جو ڳُجهو ۽ دل جي خوشيءَ سان اهو نذر يا باس يا سکا باسي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح اهي سور پنهنجي پرينءَ جا سانڍ سُکائون ڪري.

هن بيت جو مطلب هيءُ آهي ته ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ هن بيت ۾ سڪڻ واري کي، جو سڪڻ يعني محبت يا عشق سکي عاشق ٿيو آهي، ان کي مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته ”اي عاشق! تون سڪڻ سکي چڪو آهين ته اڃا ٻيون ٽي ڳالهيون به سِکُ، جي انهيءَ حقيقي عشق ۾ عاشق سڪ واري کي ضروري سکڻيون آهن.“ هڪ ته معشوق جي طرفان توکي ڪاتي پَئي يعني انهيءَ جي پار کان توکي ڪو ڏک يا تڪليف پهچي ته ان تي ڪِنجههُ نه، يعني ڪُڻڪُ يا ڪُڇُ پُڇُ نه، يعني صبر ڪر، سڪ واري يا عاشق کي انهيءَ راهه سلوڪ ۾ پهرين صبر جي منزل پوري ڪرڻي آهي. صبر اڌ ايمان آهي ۽ گهڻن درجن ۽ خيرن ۽ ڀلاين کي صبر جي طرف منسوب ڪيو ويو آهي. ان جو ميوو مِٺو ٺهرايو ويو آهي ۽ صبر جو بيان قرآن شريف ۾ ستر کان به وڌيڪ جاين تي آيو آهي. قرآن شريف ۾ آهي:

اِنَّمَا يُوَفِّي الصَّابِرُوٌنَ اَجٌرَهُمٌ بِغَيٌرِ حِسَابٍ

هن آيت مان معلوم ٿيو ته صبر جو ثواب بي حساب آهي. روزو به صبر ۾ داخل آهي، ڇو ته ان ۾ به تڪليفن تي صبر ڪرڻو آهي. ٻي آيت شريف ۾ آهي وَاصٌبِرُ وٌ اِنَّ اللهَ مَعَ الصَّابِر ِيٌنَ . ۽ صبر ڪريو تحقيق الله تعاليٰ صبر وارن سان آهي.

حضرت عيسيٰ عليہ السلام فرمائي ٿو ته جنهن چيز کي اوهان محبوب ڄاڻو ٿا، اها اوهان کي تڏهن ملندي، جڏهن ان چيز تي صبر ڪندؤ، جنهن کي اوهان بڇڙو ڄاڻو ٿا. حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنہ جيڪو خط حضرت ابو موسيٰ اشعري رضي الله تعاليٰ عنہ کي لکيو هئو، ان ۾ هيءُ به چيو هو ته پاڻ تي صبر لازم ڪيو ۽ ڄاڻو ته صبر جا ٻه قسم آهن؛ هڪڙو ٻئي کان بهتر آهي. مصيبت تي صبر ڪرڻ چڱو آهي، پر ان کان وڌيڪ هيءُ آهي ته جا چيز خدا تعاليٰ ورهائي آهي، ان تي صبر ڪريو ۽ ڄاڻو ته صبر ايمان جي پاڙ آهي ۽ نيڪ عملن مان چڱو عمل تقويٰ يعني پرهيزگاري آهي ۽ اها صبر سان حاصل ٿيندي آهي. حضرت علي ڪرم الله وجہ فرمائي ٿو ته ايمان جي اڏاوت چئن ٿنڀن سان آهي؛ هڪ يقين، ٻيو صبر، ٽيون جهاد، چوٿون عدل؛ پر انهن مان صبر کي ايمان سان اها نسبت آهي، جيڪا مٿي کي بدن سان آهي. پوءِ جهڙي طرح سواءِ مٿي جي بدن بيڪار آهي، اهڙيءَ طرح جنهن کي صبر نه آهي، ان کي ايمان نه آهي. پوءِ جڏهن صبر اهڙو ضروري آهي ۽ خدا تعاليٰ جو حڪم آهي، تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ عاشق سڪ واري کي ڏَس ڏئي ته ” جي تون سڪڻ سکيو ته ڪاتي پِئي مَ ڪنجهه“.

اي سڪ وارا! جيڪڏهن خدا تعاليٰ توتي مهرباني ڪئي آهي، سڪڻ سکيو آهين ته ڪاتي پِئي يعني تڪليفن تي ڪڇ يا ڪنجهه نه، پر صبر ڪر. هاڻي وڌيڪ سمجهو ته صبر آهي ڇا؛ جنهن جو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ عاشقن سڪ وارن کي سبق ٿو سيکاري؟ صبر جي معنيٰ آهي توڪّل، تحمّل،سهڻ، بردباري، ڪنهن حادثي يا واقعي تي خاموشي ڪرڻ، تسلي، اطمينان وغيره. صبر جي حقيقت ان جي معنيٰ مان ظاهر آهي، ته صبر هڪڙو مقام آهي دين جو ۽ اهو سلوڪ جي هڪ منزل جو نالو آهي. دين جا جيترا به مقام آهن، سي ٽن چيزن تي بيٺل آهن؛ پهريون معارف، ٻيو احوال، ٽيون اعمال. معارف يعني ڄاڻ سڀ جي پاڙ آهي ۽ ان کان ئي احوال پيدا ٿيندو آهي. احوال کان اعمال يعني ڪم ظاهر ٿيندا آهن.پوءِ معارف کي وڻ مثل ۽ احوال کي شاخن ۽ ٽارين مثل ۽ اعمال کي ميوَن مثل سمجهڻ گهرجي. هيءَ ڳالهه سالڪن سلوڪ وارن جي سڀني منزلن ۾ هوندي آهي، لفظ ايمان ته ڪڏهن معارف کي ئي سڏيو ويندو آهي ۽ بعضي ٽنهين شين جي مجموعي کي سڏيو آهي. صبر ڪامل تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اول معرفت هجي ۽ ان کان پوءِ هڪڙي حالت آدميءَ تي اچي ٿي ۽ ان حالت ۽ معرفت ٻنهي جو نالو صبر آهي. عمل ته انهن ٻنهين جو ميوو آهي، جو انهن ٻنهي معرفت ۽ حالت کان صادر آهي. هيءُ امر سواءِ ترتيب مَلُڪن ۽ انسانن ۽ حيوانن يعني جانورن جي معلوم ٿي نٿو سگهي، تنهنڪري سڀني جو ڪجهه بيان ڪجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org