سيڪشن: ادب

ڪتاب: شرح لطيف

باب:

صفحو:20 

مالڪ بن دينار رحه فرمائي ٿو ته مون حجاج جو خطبو ٻڌو، جو چوندو هو ته خدا تعاليٰ شل انهيءَ ٻانهي تي رحم ڪري، جو پنهنجي نفس کان حساب اول نه پڇي، جو ان جو حساب ٻئي جي هٿ ۾ اچي وڃي ۽ پوءِ پيو هٿ هڻي ته ڇا ڪيم؟ اول پاڻ پنهنجي نفس کان ڇونه پڇاڳاڇا ڪيم، ته اڄ هيترو عذاب جوند نه ٿئيم ها! ظاهر مجازاً به اهي مٿي بيان ڪيل سالڪ سلوڪ وارا به هڪ قسم جا ويڄ آهن، جن جا قول ۽ فعل به راههِ سلوڪ ۾ نفس لاءِ علاج آهن، جن لاءِ پڻ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ۽ انهن سالڪن الله وارن جي محبت ڏانهن هن بيت ۾ اشارو ڪندي فرمائي ٿو ته افسوس جو:

پاڙي ويڄ هئام، تان مون مور نه پڇيا،

تيلاهين پيام، موريسر اکين ۾.

هن بيت جي پهرينءَ تڪ ۾ عمل کان اول ويڄ يعني دل کان نه پڇڻ بابت ارمان ڪيو ويو آهي، ٻيءَ تڪ ۾ بدعمل بعد نقصان بيان ڪيو ويو آهي. هاڻي انهيءَ بابت ڪجهه ٿورو بيان ڪجي ٿو. جهڙيءَ طرح هيءَ ڳالهه بندي جي لاءِ ضروري آهي ته شروع ڏينهن ۾ هڪ اهڙي ساعت مقرر ڪري، جنهن ۾ اهو پنهنجي بيمار نفس سان شرط ڪري ڇڏي ۽ ان کي حق جي وصيت ڪندو رهي. اهڙيءَ طرح ڏينهن جي پڇاڙيءَ ۾ به هڪ ساعت مقرر هجي. جو ان ۾ نفس کان سمورو حساب ڪمن جو ڪندو رهي، جيئن واپاري پنهنجي ڀائيوارن سان سال جي پوري ٿيڻ تي حساب ڪندا آهن. انهيءَ ڪري ته متان مال نقصان ٿي وڃي يا ان ۾ ڪو ٽوٽو پئجي وڃي. جيتوڻيڪ اهو دنيوي مال فاني آهي ۽ ان جي وڃڻ ۾ ڪو اهڙو حرج نه آهي، جيڪڏهن ملي، تڏهن به ٿورا ڏينهن رهندو، جو نيٺ فاني آهي. جڏهن فاني شيءِ جي لاءِ ايترو حساب ڪتاب ۽ لُر بکيڙو ڪجي ٿو، تڏهن عقل واري آدميءَ کي اهڙي شيءِ تي پنهنجي نفس سان حساب ڪتاب ڇونه ڪرڻ گهرجي. جنهن تي بدبختي ۽ سعادت جو خوف هميشه جي لاءِ آهي؟ ان ۾ جيڪو ڪو سستي ڪندو ته اها رڳي سندس غفلت ۽ بيوقوفي جو سبب آهي.

ڀائيوار سان حساب ڪتاب جو مطلب هيءُ هوندو آهي ته ڏسجي ته مور ۾ ته نقصان ڪونه ٿيو آهي ۽ نفعو ڪيترو ٿيو؟ جو سموري گهٽ وڌائيءَ جي خبر پوي. پوءِ جي فائدو ڪجهه ٿيو هجي، ته اهو وٺجي ۽ ڪم ڪندڙن ڀائيوارن جو شڪر گذار رهجي ۽ جي ٽوٽو پيو هجي ته اهو ڀري ڏئي ۽ اڳتي لاءِ خبردار ٿئي ۽ وڌيڪ جاچ ڪري، جيئن نقصان نه پوي.

اهڙيءَ طرح بندي جي مال جو مور، دين ۾ فَرضَ آهن ۽ ان جو فائدو نَفل ۽ مُستحَب آهن ۽ ٽوٽو گناهه آهن، اول مور فرضن جو حساب پڇجي ته جهڙا فرض ادا ڪرڻ گهربا هئا. اهڙا پورا ڪيائين يا نه. جي پورا ڪيائين ته خدا تعاليٰ جو شڪر ڪرڻ گهرجي ۽ نفس کي هٿئون وڌيڪ شوق ڏيارڻ گهرجي ته اڳتي به ائين ڪندو رهي. جي فرض اصل ڪيا ئي نه اٿس ته پوءِ انهن جي قبضا ڪرڻ جي طلب ان کان ڪري، پر جي ڪيا اٿس، ته چڱي طرح فرض ادا نه ڪيا اٿيس ته ان جي نقص جو پورائو نفلن سان ڪرڻ گهرجي؛ پر جي گناهه جهڙا ڪيا اٿس ته ان جي سزا ۽ عذاب عتاب ۾ مشغول ٿئي. تانجو اهڙو قصور اڳتي نه ڪري، جيئن سوداگر پنهنجي ڀائيوار سان ڪندو آهي. جيئن دنيوي حساب ۾ ڪوڏي ڪوڏي دمڙي دمڙي جو حساب ۽ ان جي جاچ ڪئي ويندي آهي ۽ ان جو نفعو ۽ نقصان چڱيءَ  طرح ياد ڪبو آهي ته جيئن ڀائيوار يا گماشتا خيانت نه ڪن. ڍر ڏيڻ سان، متان مور ئي چٽ ٿي وڃي.

اهڙيءَ طرح نفس جي خيانت ۽ مڪر کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته هو وڏو مڪار آهي. پوءِ ان کان اول سڄي ڏينهن جو صحيہ جواب پڇڻ گهرجي ۽ پنهنجو پاڻ ان کان اهو حساب وٺجي. جو ميدان قيامت ۾ انهيءَ کان ورتو ويندو. اهڙيءَ طرح نظر ۽ اٿڻ ويهڻ، لکڻ، کائڻ پيئڻ، سمهڻ، ڳالهائڻ ۽ ماٺ جو جواب وغيره طلب ڪري، جو جيئن چپ ٿي وڃي. وري چپ يعني ماٺ جو جواب پڇجيس ته چپ ڇو ڪئي اٿئي؟ ڇونه ٿو جواب ڏين؟ پوءِ جڏهن سموريون ڳالهيون، جي ان تي واجب آهن، معلوم ڪري ۽ هي به ڄاڻي ته جيڪي ڪم نفس تي واجب هئا، ان مان ڪيتري قدر هن ادا ڪيا ۽ ڪيترا باقي رهيا، انهن کي پنهنجي دل جي صفحي تي لکي. جيئن ڀائيوار جي بلي جيڪا بقايا نڪرندي آهي، اها ان جي بلي يا حساب ۾ لکي ويندي آهي ۽ دل تي به پوري ياد بيهي ويندي آهي. پوءِ جڏهن نفس قرضدار ٿئي، تڏهن وري ان کان وصولي جو خيال ڪجي. پوءِ ڪجهه دلاسي سان، ڪجهه ڏنڊ سزا ڏيڻ سان وصول ڪجي. جيئن حساب ڪتاب صحيہ ۽ ٺيڪ ٺيڪ ٿي وڃي اهڙيءَ طرح ان کان حساب سڄي عمر جي ڏينهن ۽ گهڙيءَ گهڙيءَ جو سڀني عضون ظاهري توڙي باطني جو ورتو وڃي.

ثوبہ بن صمہ رحه جي احوال ۾ لکيل آهي ته هو پنهنجي نفس سان حساب ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن پنهنجي عمر جو حساب ڪيائين ته سٺ ورهيه ٿي. ان جا ڏينهن ڳڻيائين ته ايڪيهه هزار پنج سو ٿيا. تڏهن هڪڙي دانهن ڪيائين ۽ چيائين ته افسوس! بادشاهه حقيقي سان ايڪيهه هزار پنج سو گناهن سان ملندس. پر جي روزانو منهنجا ڏهن هزار گناهه نڪرندا ته پوءِ ڪيئن ڪندس؟ بيهوش ٿي ڪري پيو ۽ وفات ڪيائين. ماڻهن ٻڌو ته ڪوئي چوڻ وارو چئي رهيو هو ته وٺ، هاڻي بهشت مٿانهين ۾ هليو وڃي.

اهڙيءَ طرح هو ساعت ۽ ساهه جو حساب نفس سان ڪجي  پوءِ جيڪڏهن نافرماني قلب ۽ عضون کان ٿئي، ته هر گناهه جي ٿيڻ وقت هڪ پٿري گهر جي ڪنڊ ۾ رکندو وڃي، ته ٿورن ڏينهن ۾ ڍير ٿي وڃي. پوءِ ان مان اندازو لڳائي ته ايترا ڏينهن گذريا ۽ هيترا گناهه، جو جيڪي ملائڪ گناهن جي لکڻ تي مقرر آهن، منهنجي بِلي لکيائون. جيئن الله تعاليٰ فرمائي ٿو: ”احصاه الله و نسوه“ ترجمو: الله اهي ڳڻي رکيا آهن ۽ انهن وساريا آهن.

انهن پنهنجي گناهن کي وسارڻ نه گهرجي، ڇوته گناهه وسارڻ سان دل سخت ۽ نفس سرڪش ٿيندو آهي. انهن جي ياد ڪرڻ سان دل ۽ نفس نرم ۽ شرمسار ٿيندا آهن، جيئن ويل وقت ۽ ان جي ٿيل نقصان کي ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ياد ٿو ڪري ته جڏهن:

پاڙي ويڄ هئام، تان مون مور نه پڇيا،

تيلاهين پيام، موريسر اکين ۾.

هاڻي هن بيت جي پوئينءَ تڪ ۾ جو بيان اکين جي نقصان موريسرن جو ڪيو ويو آهي، يعني جو گناهن سان اندر جو آئينو ڪسجي ڪٽجي انڌو ٿيندو ٿو وڃي، انهيءَ جو به علاج آهي. جنهن سان اهو مرض گهٽ ٿيندو ٿيندو، ڇڏي  وڃي. اهو آهي گناهن ٿيڻ بعد پنهنجي نفس کي سزا ڏيڻ، هاڻي انهن گناهن جي سزا ڪهڙي آهي ۽ ڪيئن ڏجي؟ ان بابت ٿورو ڪجهه بيان ڪجي ٿو.

نفس تي قصور ڪرڻ بعد سزا: جڏهن آدمي پنهنجي نفس کي خدا تعاليٰ جا حق پوريءَ طرح ادا ڪندو نه ڏسي، يا ان ۾ سستي ڪندو ڏسي، تڏهن ان کي مهلت نه ڏئي. ڇو ته جي ان کي مهلت ڏيندو ته گناهن جو ڪرڻ ان کي سڻائو لڳندو ۽ گناهن سان ان جي محبت ٿيندي، جو وري انهن گناهن کان ان کي موٽائڻ ڏکيو ٿيندو. تنهنڪري جهڙو گناهه نفس ۽ جنهن عضوي کان جيڪو ٿئي، اهڙي ان کي سزا ڏجي مثلاً: جيئن اشتها جي غلبي کان ڪو گرهه شبهي جي مال جو پيٽ ۾ کائي وڃي، ته پيٽ کي بک جي سزا ڏجي. جيڪڏهن نامحرم کي ڏسي ته اکين کي سزا هيءَ ڏئي جو اکين کي ڪجهه نه ڏسڻ ڏئي. اهڙيءَ طرح هر عضوي کي سزا ڏئي، جنهن شيءِ ڏي ان جو شوق هجي، ان کان ان کي روڪي. سالڪن طريقت وارن جو اهڙو دستور هئو، جو منصور بن ابراهيم رحه هڪڙي عابد جو احوال ٿو لکي ته انهيءَ هڪڙي عورت سان ڳالهيون ڪندي ڪندي ان جي ران تي هٿ رکيو. پوءِ پشيمان ٿي اهو هٿ باهه ۾ وڌائين، جو سڙي ڪباب ٿي ويو.

حضرت جنيد رح کان روايت آهي ته مان ابن ڪريبي کان ٻڌو آهي جو چيائين ته هڪڙيءَ رات مون کي غسل جي ضرورت ٿي، پر سياري جي رات هئي. مون ڏٺو منهنجو نفس وهنجڻ کان گهٻرائي رهيو آهي ۽ گهري ٿو ته ايتري دير ڪجي، ته صبح ٿئي ته پوءِ پاڻي گرم ڪري يا حمام ۾ وهنجان. هن مهل تڪليف ۾ نه پوان. مون چيو ته سڄي عمر مان خدا تعاليٰ جو ڪم ڪيو ۽ انهيءَ جو مون تي حق واجب آهي، جلدي ڪرڻ ۾ تون مون کي نه ملندي ۽ دير ڪرڻ ۾ مون کي ملي ويندين. مون کي به قسم آهي ته هاڻي انهيءَ گودڙيءَ سميت وهنجندس ۽ بدن تان نه لاهيندس ۽ نه ان کي نپوڙيندس، نه وري ان کي اُس ۾ سڪائيندس. حضرت موسيٰ رحه هڪڙي جهاد ۾ هئو، ڪنهن مجاهد  هڪڙي عورت ڏي ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي هٿ سان پنهنجيءَ اک تي اهڙو زور سان ڌڪ هنيو جو ان جي اک سڄي خراب ٿي وئي ۽ چيائين ته تون اهڙي شيءِ کي ٿي ڏسين، جا تنهنجي لاءِ نقصان آهي. تميم داري رحه جو نقل آهي ته اهو هڪڙي رات سمهي پيو ۽ تهجد جي نماز لاءِ نه اٿيو. امن خطا جي عيوض نفس کي هيءَ سزا ڏنائين ته سڄو سال رات جو جاڳندو رهيو ۽ ننڊ کي ناجائز ڪري ڇڏيائين. حضرت طلحة کان روايت آهي ته هڪڙي ڏينهن هڪڙي شخص گرم ڏينهن ۾ سڀ ڪپڙا لاهي، گرم پٿرين تي ليٽڻ لڳو ۽ پنهنجي نفس کي چوڻ لڳو ته اڙي رات جا مردار ۽ ڏينهن جا بيڪار هاڻي مزو وٺ. دوزخ جي باهه ته ان کان به گهڻو وڌيڪ تکي آهي. انهيءَ حالت ۾ ان جي نظر حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم تي پئي. جو هڪ وڻ جي پاڇي ۾ ويٺا هئا. سندن خدمت بابرڪت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته منهنجو نفس مون کان زور ٿي ويو آهي. مهرباني ڪري ان جو علاج فرمايو. پاڻ فرمايائون ته جو علاج تو ڪيو آهي، ان کان سواءِ ٻي تدبير نه آهي. توکي خبر هجي ته تنهنجي لاءِ آسمانن جا دروازا کوليا ويا آهن ۽ الله تعاليٰ تنهنجي سببان ملائڪن تي فخر ٿو ڪري. وري پاڻ اصحابن رضه کي فرمايائون ته اوهان هن پنهنجي ڀاءُ کان ڪجهه توشو وٺو. پوءِ ماڻهو هر طرف کان ان کي چوڻ لڳا ته ميان، اسان جي لاءِ به دعا ڪر. حضرت جن صلي الله عليہ وسلم به فرمايس ته هنن سڀني لاءِ دعا ڪر.  ان شخص چيو ته اي الله، پرهيزگاري هنن جو توشو بڻاءِ ۽ هدايت تي انهن جي ڪم کي گڏ. حضور صلي الله عليہ وسلم جن فرمائڻ لڳا ته اي الله، تون هنن کي سنئين سڌي واٽ تي ڪر. وري ان شخص چيو ته اي الله تون بهشت کي هنن جي رهڻ جي جاءِ بڻاءِ. حضرت امير المؤمنين رضه رات جو پنهنجي پيرن کي لڪڻ هڻندو هو ۽ چوندو هونِ ته اڄ اوهان ڇا ڇا ڪيو؟

هي احوال سالڪن جو پنهنجي نفس کي سزائن ڏيڻ جو تمام گهڻو آهي، پر هتي وڌيڪ نٿو آڻي سگهجي جو جاءِ تنگ آهي. ۽ ڪتاب ننڍو آهي. مطلب اهو آهي ته نفس کي سندس هر گناهه تي سزا ڏني وڃي، پر جي نيڪ عملن ۾ ان کي سستي ڪندو ڏسجي ته ان کي سستيءَ عيوض جدا جرمانو ڪري، جيئن دستور اڳين مجتهدن، مجاهدن ۽ سالڪن جو هئو. هاڻي انهيءَ مجاهدي بابت ڪجهه بيان ڪجي ٿو؛ حضرت امير عمر رضه کان ٽپهريءَ جي نماز اڳ ۾ جماعت پڙهي ۽ پاڻ جماعت ۾ نه پهتو، ته نفس تي هيءَ سزا رکيائين ته هڪ زمين جنهن جي قيمت ٻه لک درهم هئي، صدقو ڏنائين. ابن عمر کان جڏهن جماعت گسي ويندي هئي، تڏهن اها سڄي رات جاڳندو هئو. هڪ دفعي مغرب جي نماز ۾ ايتري دير ٿي ويس جو ٻه تارا نڪتا. پاڻ ان ڪفاري ۾ ٻه غلام آزاد ڪيائين. ابن ابي ربيع رحه کان صبح جي سنت قضا ٿي وئي. ان جي عيوض غلام آزاد ڪيائين. اهڙيءَ طرح ڪن وڏن بزرگن ته پنهنجي نفس تي سال سڄي جا روزا يا پيادل حج ڪرڻ يا سمورو مال خيرات ڪرڻ مقرر ڪري ڇڏيو. هي سڀ ڪجهه انهن سڳورن رڳو پنهنجي نفس جي نگهبانيءَ لاءِ ڪيو ٿي ۽ اها ڳالهه اختيار ٿي ڪيائون، جنهن ۾ انهن جو ڇوٽڪارو هجي. جي اوهان چئو ته اسان جو نفس اهڙن مجاهدن ۽ دائمي وظيفن تي اسان جي تابعداري نٿو ڪري، پوءِ ان جو علاج ڪهڙو ڪيون؟ ته ان جو جواب هي آهي ته ان جو علاج اهو آهي ته اڳين مجتهدن ۽ اولياءَ الله وارن جون فضيلتون ۽ اخلاق آداب، جي پڻ ڪتابن ۾ لکيل آهن، اهي ان کي ٻڌايون وڃن. ان کان وڌيڪ چڱو ائين آهي، جو اهڙي ڪنهن الله جي ٻانهي جي صحبت ڳولي، جو عبادت ۾ چڱي طرح جدوجهد ڪندو هجي. تانجو ان جي حال ڏسڻ سان ان جي پيروي ڪري.

ڪن ڄاڻن جو چوڻ آهي ته جي اسان کان عبادت ۾ ڪا سستي ٿيندي هئي، ته هفتو يا ٻه هفتا محد بن واسع رحه جو حال ۽ ان جو مجاهدو ڏسڻ سان ۽ ڪنهن عابد عارف سان گڏ رهڻ سان اها سستي ڇڏي ويندي هئي، پر جي انهيءَ کي سستيءَ ۾ ڇڏي ڏبو ۽ رهندو ان جي طرفداري ۽ مدد ڪبي ۽ ان جو علاج نه ڪبو ته پوءِ آهستي آهستي انهيءَ سستيءَ تي هري ويندو. جو هن جي لاءِ نقصان ڪارڻ عذاب جو بڻبي. ايئن ڪرڻ پڻ پاڻ سان دشمني ڪرڻي آهي، حقيقت ۾ نفس سان پڻ اها مروت نه آهي ته هن کي لائق عذاب جو بنائجي. اها پنهنجي هن جسم سان به دشمني ۽ بي مروتي آهي. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ايندڙ بيت نمبر 7 ۾ ٿو فرمائي ته:

هَارِيَا تو هِرِي، ڪُپَچُ ڪَايَا سِينٌ ڪَيو،

ڪَريِن جي ڪِرِي، ته تُون تَوانو ٿئين.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته هاريا يعني اڙي هارايل، هار شڪست کاڌل، نقصان پاتل، تون گناهن ۽ ڇيهي تي هري هري يعني ٺهي عادت ڪري، پنهنجي ڪايا جندجان ۽ جسم سان ڪُپَچُ يعني بي مروتي، نقصان، ظلم ڪيو، پر جي هوند تو ڪِري ڪئي يعني تقويٰ پرهيز ڪئي، ته تون چڱو ڀلو تازو توانو ٿي پئين.

هن جو خلاصو مطلب آهي ته اڙي هاريا، بيعقل طالب، تو هميشه پنهنجي نفس لاءِ ٽوٽو نقصان پئي وهايو آهي. تون پنهنجي نفس سان پُچ يعني مدد ، خاطرداري تعصب ڪرين ها پر تو رهندو به ڪپچ ڪيو آهي، يعني تو پنهنجي جسم ۽ نفس لاءِ ابتڙ ڪم ڪيو آهي. هي مثال ائين آهي، جيئن ڪو نشي جهڙي شيءِ، آَفيم، يا ڀنگ پي پي هري وڃي ته پوءِ ان کي گناهه جاڻي ڦٽي نه ڪندو، نه ان ۾ جيڪو جسم لاءِ نقصان آهي، ان کي ئي محسوس ڪندو. ان کي ڇڏي ته نه سگهندو، پر ڏينهون ڏينهن وڌائيندو ويندو. جو آخر بدن ۾ سست ۽ ڪمزور ۽ ان جي عقل ۾ فتور ايندو ۽ صحت ان جي خراب ٿي ويندي. پر جي ان کان وري ڪِري ڪري ته جهٽ توانو ٿي ويندو. يا بيمار جيئن دوا کائيندو ٺهي وڃي ۽ ان دوا جي ڪِري نه ڪري ته نه دوا فائدو ڪندي نه بيماري ويندي. اها پنهنجي جسم سان جٺ ڪپچ ڪرڻو آهي، پر جي پرهيز ڪِري ڪري ته توانو ٿئي. بيمار جي علاج جا برابر ٻه حصا آهن: هڪ دوا کائڻ، ٻيو ڪِري ڪرڻ، پوءِ جيڪڏهن ٻئي ڪندو ته بيمار پاڻهين چڱو ڀلو ٿي پوندو. پر جي ٻئي نه ڪري سگهي ته ان حال ۾ ڪِري ضروري ۽ وڌيڪ آهي. انهيءَ ڪري ته سواءِ ڪريءَ جي ڪابه دوا فائدو نٿي ڪري، پر ڪِري سواءِ دوا جي به فائدو ڪري ٿي.

رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم فرمايو  آهي ته هر هڪ دوا جي پاڙ پرهيز آهي. ڪن ملڪن ۾ ته طبيب انهيءَ ڪري بيمارن جو علاج ئي پرهيز سان ڪندا آهن. انهن کي اهو سمورو بيماريءَ جو وقت کائڻ پيئڻ ۽ ڳالهائڻ کان منع ڪندا آهن. تانجو هو چڱا ڀلا ٿي ويندا آهن. هاڻي انهيءَ مان معلوم ٿيو ته پرهيز تقويٰ، يعني ڪِري  سڀ ڳالهه جو بنياد يا پاڙ آهي. متقي مرتبي ۾ عابد کان گهڻو وڌيڪ آهي، انهيءَ ڪري آدميءَ کي گهرجي ته ڪِري ڪرڻ ۾ گهڻي ڪوشش ڪري جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ بيمار کي مخاطب ٿي ٿو فرمائي ته:

ڪرين جي ڪِري ته تون توانو ٿئين.

بيت

کام هـﻶ تقويٰ يهي زهد و صلاح،

اور جهان مين هوتي هـﻶ ان سـﻶ فلاح-

هتي هن چئن ئي عضون جي علاج جو بيان آهي، جي اصل آهن، پهريون عضوو اک آهي. ان ۾ ايترو ڄاڻڻ ڪافي آهي ته دين دنيا جو مدار دل تي ۽ دل جا فساد ۽ خطرا ۽ شل گهڻو ڪري اک جي سبب کان هوندا آهن. باقي عضوا ظاهري دل جا جاسوس هوندا آهن، جي دل کي سڀ خبرون يا شيون پهچائيندا آهن، مگر اک جو دل ۾ اثر گهڻو هوندو آهي. انهيءَ تي قول حضرت علي رضه جو آهي ته جنهن اک جي سنڀال نه ڪئي، تنهن دل جي قيمت نه ڄاتي. راز ان ۾ هي آهي ته اک جي ڏسڻ ۾ ڪائي خرابي نه آهي، مگر جتي تنهنجي دل ۾ خدشو پيدا ٿئي اتي اک کولڻ جي منع آهي. اک جي حفاظت جو حڪم خاص دل جي لاءِ آهي. انهيءَ سبب کان امير المؤمنين حضرت علي رضه فرمايو آهي ته جيڪو پنهنجي اک جي حفاظت نٿو ڪري، انهيءَ کي پنهنجي دل جي ڪائي قيمت ۽ قدر نه آهي. ٻيو عضوو زبان آهي. زبان جي باب ۾ آدميءَ کي هي ڄاڻڻ ڪافي آهي ته نفعو ۽ قيمت آدمي جي ثمر ۽ سموري محنت ۽ مجاهدو، جو عبادت ۽ طاعت آهي. ان ۾ خدشو يا ان جو نقصان ٿيڻ يا ٻيا فساد، گهڻو ڪري زبان جي غيبت جي سبب کان هوندا آهن، ڇو ته زبان جي هڪ لفظ چوڻ سان هڪڙي سال جي ته ٺهيو بلڪ پنجن ڏهن سالن جي محنت به چٽ ڪري ڇڏي. يعني ايتري مدت جيڪا محنت ۽ مشقت ڪري عبادت ڪيل هجي، اها هڪڙي جملي چوڻ سان وڃائي ڇڏي، انهيءَ سبب ڪري چيو اٿن ته ٻي ڪا شيءِ زبان کان سواءِ سخت قيد جي لائق نه آهي. انهيءَ ڪري راهه سلوڪ ۾ اول زبان پنهنجي وس ۾ رکڻ ضروري آهي. انهيءَ تي مثال ڏيندي جيئن ايندڙ بيت نمبر 8 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ٿو ته:

بيت

جي ڀانئِينٌ پِرِينٌئَنٌ مِڙَانٌ، ته سِکُ چَورَانڪِي ٌ ڌَات ِ،

جَاڳَڻُ جَشَنُ جَنِ کي، سُکُ نه سَار ِيٌ رَات ِ،

اجهِيٌ ٻُجهِيٌ آئِيَا، ته وَائِيٌ ڪَنِ نه وَات ِ،

سَلِي سُوٌر ِيءَ چَاڙ ِهٌيَا، ته بَيَانُ ڪَن ِ نه بَات،

توڻِيٌ ڪُسَن ِ ڪَاتِ، ته به سَاڳِيٌ سَلٌنِ ڪِيٌنَڪِيٌ.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته جي تون ڀانئين يعني ڄاڻين، اميد رکين ته پرينءَ پنهنجي پياري معشوق سان مڙان، يعني ملان ته سک چورانڪي، يعني چورن جي ڌات يعني عادت هيءَ جو جاڳڻ، اوجاڳو ڪرڻ، انهن جو جشن يعني خوشي آهي ۽ سڄي رات سکيا ٿي نه سمهن. ٻيو جيڪي ڏسي وائسي ڄاڻين ٻڌي اچن ته اها وائي يعني ڳالهه وات تي وري نه آڻن. اها بات يعني ڳالهه، جيڪا ڏسي ٻڌي اچن، اها اصلي نه ڪن. پوءِ توڻي ماري ڪُٽي سلي ٽنگ ڪري يعني ڦٽي کڻي سوريءَ يعني ڦاسيءَ تي چاڙهيا وڃن ته به ساڳي اها ڳالهه نه ڪن، توڻي ڪاتيءَ سان ڪُٺا وڃن.

هن بيت ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ چورن جو مثال ڏيندي انهن جي هنن عادتن کي پسند ڪيو آهي؛ هڪ زبان بند رکڻ، ڪنهن سان به راز بيان نه ڪرڻ. ٻيو سڄي رات اوجاڳي جي تڪليف کي خوشيءَ سان برداشت ڪرڻ، جا مجاهدن جي وصف آهي. هنن جو بيان نه ڪرڻ سزا جي خوف کان آهي ۽ انهيءَ چوري واري چيز جي وري کسجي وڃڻ جي خوف کان، ”توڻي ڪسن ڪات ته به ساڳي سلن ڪينڪي“، جا خائف خدا وارن جي وصف آهي. انهن سڀني ڳالهين ۾ راههِ سلوڪ جو گهڻو راز سمايل آهي، جيڪو سمورو هن ننڍي ڪتاب ۾ بيان ڪرڻ محال آهي. باقي ڪجهه بيان زبان بند رکڻ ۽ نه رکڻ جي فائدن ۽ نه رکڻ جي نقصانن بابت هتي ڪجي ٿو. اول زبان بند رکڻ جي فائدن جو بيان ڪجي ٿو. زبان بند رکڻ يعني صبر ڪرڻ جو بيان قرآن شريف ۾ ستر جاين تي آيو آهي ۽ گهڻن درجن ۽ خيرن کي صبر جي طرف منسوب ڪيو ويو آهي ۽ ان جو ميوو ٺهرايو ويو آهي. جيئن قرآن شريف ۾ آهي:

اِنَّمَا يُو َفِيَّ الصّٰبِرُوٌنَ اَجٌرَهُمٌ بِغَيٌر ِ حِسَابِ. 

ترجمو: تحقيق صابرن کي ئي ملي ٿو ثواب اڻ ڳڻيو.

حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم فرمايو؛

في الصّبر عليٰ ما تڪره خيرُ ڪثيرُٗ

ترجمو: جا شيءِ اوهان کي بڇڙي لڳي ٿي، ان تي صبر ڪرڻ ۾ گهڻو خير آهي.

حضرت عيسيٰ عليہ السلام فرمايو آهي ته جنهن شيءِ کي اوهان پيارو ڄاڻو ٿا، اها اوهان کي تڏهن ملندي، جڏهن انهيءَ شيءِ تي صبر ڪندؤ؛ جنهن کي بڇڙو ڄاڻو ٿا. جيئن مجازاً چور صبر ڪري چوري جي ڳالهه نه لڪائڻ، ته چوريءَ جي شيءِ جو ڪوڙو نفعو به نه وٺن ۽ سزا کان به نه بچن، پر هنن کي انهيءَ چوريءَ جو فائدو تڏهن ٿو ٿئي، جڏهن هو صبر ٿا ڪن. چوري يا انهيءَ چوريءَ ڪندي جيڪي به ڳالهيون يا تڪليفون اهي ڏسي وائسي اچن ٿا ته بيان نٿا ڪن. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته: ”اجهي ٻجهي آئيا، ته وائي ڪن نه وات“ – پر جي اهو بيان ڪن ۽ ڦونڊ ڪن يا رياءُ ڪري ظاهر سچي ڪن، ته اها چوري به هنن کي نصيب نه ٿئي ۽ سزا به ملينِ. اهڙيءَ طرح راههِ سلوڪ جو مثال به آهي، جو اهي عاشق به پنهنجي عشق جو راز بيان نه ڪندا آهن. پوءِ جيڪي به ڏسي وائسي اچن ٿا ته” وائي ڪن نه وات“ – پوءِ توڻين انهن کي سڏي کڻي ڦاسيءَ تي چاڙهن، تڏهن به اها پنهنجي راز جي بات بيان نه ڪن. جيئن منصور رحه کي ڦاسيءَ چاڙهيو ويو، تڏهن به پنهنجي عشق جو راز بيان نه ڪيائين ۽ صابر ۽ ثابت قدم رهيو.

نقل آهي ته يونس رحه کي جيڪي ست عابد مليا، انهن مان هڪ عابد يونس رحه کي چيو  ته اي يونس! ڪي آدمي نماز کي گهڻو پيارو رکندا آهن، ڪي صدقي کي پيارو رکندا آهن، ڪي وري روزي جي خواهش ڪندا آهن، پر تون ڳالهائڻ کان روزو رک يعني بيهوديون ڳالهيون نه ڪر ۽ صدقو اهڙيءَ طرح ڏي، جو ماڻهن کي ايذاءُ ڏيڻ کان بچين، ڇو ته ڪوئي روزو ۽ صدقو انهيءَ کان وڌيڪ نه آهي. قرآن شريف ۾ سورة البقره جي 36 رڪوع ۾ آهي:

يٰاَ يُّهَا الَّذ ِيٌنَ اٰمَنُوٌا لاَ تُبٌطِلُوٌ صَدَقٰتِڪُمٌ ابِا الٌمَنّ ِ وَ اٌلاَذَيٰ.

ترجمو: اي ايمان وارؤ، نه وڃايو صدقا پنهنجا ساڻ احسان ۽ ايذائڻ جي.

الله تعاليٰ ماڻهن کي احسان ڪري وري انهن کي چتائي يعني طعنو هڻين ايذائڻ کان منع فرمائي آهي، ٻئي تي چٿر ڪرڻ يا ڪنهن جو راز فاش ڪرڻ کان پڻ الله تعاليٰ منع فرمائي آهي، خود پنهنجو عمل خير ظاهر ڪري ڏيکارڻ رياءُ آهي ۽ ان ۾ ڪو ثواب ته نه آهي، پر گناهه آهي. انهيءَ ڪري عمل خير جي بيان ڪرڻ سان به ثواب ۾ نقصان ٿو ٿئي، جيئن چورن کي چوريءَ جي بيان ڪرڻ ۾ نقصان آهي. تڏهن ان کي اهڙو لڪائن ٿا، جو ”توڻي ڪسن ڪات ته به ساڳي سلن ڪينڪي“، ڇاڪاڻ ته جي ساڳي ڳالهه سلن، يعني ڏَسن يا ٻڌائن ته سزا ۽ عذاب ملينِ. انهيءَ سزا جي خوف کان ڊڄي بيان به نٿا ڪن ۽ سلن به نٿا، يعني سچي به نٿا ڪن، ڇو ته هنن تي سزا جو خوف گهڻو غالب آهي. انهيءَ ڪري هو زبان پنهنجي وس ۾ آڻي ٿا سگهن ۽ بيان نٿا ڪن، سببان خوف جي.

هن بيت ۾ خوف جو سبق ڏنل آهي. خوف ٽن شين مان جڙندو آهي؛ اول علم، ٻيو حال ۽ ٽيون عمل. علم کان اهو علم مقصد آهي، جنهن سان سمجهه ان سبب جي هجي، جو برائيءَ جي طرف پهچائي. مثلاً ڪنهن شخص ڪنهن بادشاهه جو ڏوهه ڪيو. پوءِ ان جي هٿ ۾ قيد ٿيو ته ان کي پنهنجي مارجڻ جو خوف ٿيندو. جيتوڻيڪ هو معاف هجڻ يا ڀڄڻ سان به ڇٽي سگهي ٿو، تڏهن به سواءِ انهيءَ جي، ان جي دل کي خوف جو اثر ايترو هوندو، جيترو سبب سزا جو سمجهندو هوندو. اهي سبب هي آهن؛ جهڙوڪ ڏوهه جو وڏو هجڻ،  يا بادشاهه جي خاص ڪاوڙ يا سخت سزا ڏيندڙ، يا بادشاهه تي مخالف ڌر ايترو زور آڻي، جو ان کي ضرور سزا ڏيڻ تي تيار ڪن؛ يا وري ان ڏوهيءَ جي حق ۾ ڪنهن سفارشيءَ جو نه هجڻ. مطلب ته ڏوهيءَ جا مڙيئي حيلا وسيلا نه هلي سگهن، جو بادشاهه جي ناراضپي کي مٽائي سگهي. پوءِ انهن سڀني سببن جي گڏ هجڻ ڪري کيس سخت خوف ٿيندو ۽ دل کي ڏاڍو ڏک ٿيندو، پر جيتري قدر هو اهي سبب گهٽ سمجهندو، اوتري قدر خوف به ان کي گهٽ هوندو. ڪڏهن خوف ڪنهن ڏوهه جي ڪرڻ کان نه ٿيندو آهي، پر خوفائتي شيءِ جي خاصيت سمجهڻ سان ٿيندو آهي.

مثلاً ڪو ماڻهو ڦاڙيندڙ مرونءَ جي ور چڙهي وڃي ته ان کي مرونءَ جو خوف ان سبب کان ٿيندو آهي، جو ان جي وصف عادت چيرڻ ڦاڙڻ جي ان کي معلوم آهي ۽ اها وصف مرونءَ جي وس آهي. ڪڏهن خوف اهڙي وصف کان ٿيندو آهي، جا ڊيڄاريندڙ شيءِ جي وس نه آهي. مگر ان جي خاصيت اهڙي آهي، جيئن باهه ۽ پاڻيءَ جو خوف انهيءَ سبب کان آهي، جو اهي شيون بذات خود ساڙيندڙ ۽ ٻوڙيندڙ آهن. انهن جو ساڙڻ ۽ ٻوڙڻ هنن جي وس نه آهي. مطلب ته بڇڙن سببن جو سمجهڻ ئي دل ۾ سوزش ۽ ڏڪڻي پيدا ڪندو آهي. انهيءَ دل جي سوزش جو نالو آهي خوف. اهڙيءَ طرح خدا تعاليٰ کان خوف ڪرڻ، ڪڏهن ته خدا تعاليٰ جي سڃاڻڻ ۽ ان جي صفن جي ڄاڻڻ کان هوندو آهي، جو اهو سموري عالم کي نابود چٽ ڪري ڇڏي ته ان کي ڪجهه پرواهه نه آهي ۽ نه ان کي ڪوئي جهلي سگهي. ڪڏهن ٻانهو پنهنجي گناهن جي گهڻائيءَ جي سبب کان خوف ڪندو آهي. ڪڏهن انهن ٻنهي ڳالهين جي گڏ هجڻ سان هوندو آهي. پوءِ جيتري قدر کيس پنهنجون بڇڙايون ۽ خدا تعاليٰ جي وڏائي ۽ بيپرواهي معلوم هوندي ته جو اهو ڪجهه ڪندو ته ان کان ڪو پڇڻ وارو ڪونه آهي. ٻانهن کان هرهڪ ڳالهه جي پڇا هوندي، اوتري قدر خوف وڌيڪ ٿيندو.

هاڻي هن مان هي لازم ٿيو ته جو سڀ کان وڌيڪ خدا تعاليٰ کان اهو ڊڄندو، جو پنهنجي نفس ۽ ان جي گناهن کي سڀني کان گهڻو ڄاڻندو هوندو، جهڙيءَ طرح چور پنهنجي ڪيل ڏوهه کي جيتري قدر وڏو ڏوهه سمجهندو، اوتري قدر مجازاً حاڪم کان ڊڄندو ۽ ڳالهه به اصلي نه ڪندو، پر جي پنهنجي ڏوهه کي ٿورڙو ڄاڻندو يا مجازاً حاڪم جي سختي ۽ ان جي سزا کي هلڪو ڀائيندو ته پنهنجي ڏوهه جي ڳالهه ۽ ڏوهه به بيخوف ڪندو رهندو. الله تعاليٰ کان به اهو ڊڄندو جو پنهنجي ڏوهن ۽ الله تعاليٰ جي وڏائي ۽ ان جي ڏوهارين کي سخت سزا ڏيڻ کي چڱيءَ طرح سمجهندو هوندو. جيئن قرآن شريف ۾ آهي ته:

اِنَّمَا يَخٌشِي َاللهَ مِنٌ عِبَادِهَ الٌعُلَمَاءُ. 

ترجمو: الله کان ڊڄندڙ اهي آهن ان جي ٻانهن مان، جن کي سمجهه آهي.

ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ٿو ته چور به پنهنجي ڪيل ڏوهه جي ڪري ڊڄن ٿا ۽ حاڪم ڪرڙي جي سزا کان به ڊڄن ٿا. انهيءَ ڪري ”سلي سوري چاڙهيا ته به بيان ڪن نه بات“. هن بيت مان هي مطلب نه آهي ته هنن جي نه ڳالهه ڪرڻ يا ڪوڙ ڪرڻ چڱو آهي، پر هنن جي ڳالهه نه ڪرڻ ڪري، هنن جو سزا کان ڇٽڻ ۽ خواريءَ کان بچڻ جو فائدو چڱو آهي. هيءُ ائين آهي، جيئن ڪو طبيب دوا جي تعريف ڪري ته ان جي تعريف ڪرڻ مان هي نه ڄاڻڻ گهرجي، ته اها دوا بذات خود مقصود آهي ۽ شفا کان وڌيڪ آهي، جيڪا ان دوا کان حاصل ٿئي ٿي، بلڪ ان جي تعريف ۾ هيءَ حڪمت آهي ته جيڪڏهن مريض ان کي استعمال ڪندو ته شفا وارو ٿيندو. اها شفا چڱي شيءِ آهي. اهڙيءَ طرح اعمال نيڪ به دل جي مرضن جي دوا آهن. بيماري دل جي گهڻو ڪري معلوم نٿي ٿئي، جيئن ڪنهن جي منهن تي ڪوڙهه يا چٽيءَ جا داغ هجن ۽ ان وٽ آئينو نه هجي ته ان کي خبر نه پوندي ته مون ۾ ڪو عيب آهي. پوءِ توڙي هن کي ڪو چوندو، تڏهن به ويسهه نه ڪندو ۽ نه مڃيندو. اهڙي شخص جو علاج هيءُ آهي، جو ان جي سامهون اهڙين دوائن جي تعريف ڪري، مثلاً گلاب سان منهن ڌوئڻ يا ٻي ڪا اهڙي شيءِ، جنهن مان اهي داغ لهي وڃن. ان سان منهن ڌوئڻ جي زور تعريف ڪئي وڃي ۽ انهيءَ گهڻي تعريف کان اهو شخص ان ڏَس تي قائم ٿي وڃي ۽ ان جو اهو مرض لهي وڃي، ڇو ته جيڪڏهن ان کي اول ئي چئبو ته مطلب هي آهي، ته تون ڪوڙهه وارو آهين ۽ هي علاج ڪر، ته اهو علاج ڪندو ئي نه ۽ چوندو ته منهنجي منهن ۾ ته ڪو اهڙو عيب ئي ڪونه آهي.

جيئن ڪنهن شخص جو هي پڪو ارادو هجي، ته پٽ کي قرآن شريف ياد ڪرايان ۽ علم پڙهايان ۽ سندس شوق هجي، ته اهي ٻئي شيون هن کي ياد هجن، جيئن وساري نه ڇڏي ۽ سمجهي ته جيڪڏهن مان هن کي مقرر پڙهڻ ۽ مطالعي جو تاڪيد ڪندس ته هو چوندو ته مون کي ياد آهي. وڌيڪ دؤر يا مطالعي جي ضرورت نه آهي. ڇو ته ان جو گمان آهي ته جيڪا شيءِ مون کي ياد آهي، سا هميشہ اهڙي ياد رهندي، پر ان شخص کي ٻيا نوڪر ۽ ٻيا پٽ به هجن. اهو پنهنجي انهيءَ پٽ کي چوي ته تون هنن کي پڙهائيندو رهه، ته مان توکي هيءَ هيءَ شيءِ ڏيندس. اهڙا ڪي چڱا واعدا ان سان ڪري، جيئن ان جو ارادو تعليم جي لاءِ پڪو ٿي وڃي. اهو ڇوڪرو سمجهندو ته بابي جو مطلب آهي ته اهي نوڪر ۽ ٻيا پٽ به پڙهن ۽ انهن کي پڙهائيندو رهندو، ته سندس علم به پڪو ياد ٿيندو ويندو ۽ سندس پيءُ جو اصل مقصد، جو هن کي علم ياد ڪرائڻ جو هئو، سو حاصل ٿي ويندو.

اهڙيءَ طرح هن بيت جو اصل مقصد آهي، پنهنجي ڏوهن جي خرابيءَ جو حق سمجهڻ، ان جي سزا ۽ انهيءَ سزا ڏيندڙ جي وڏائي ۽ بيپرواهيءَ جي سڃاڻڻ جو ”ڪما حقہٌ“ سمجهي، ان کان ڊڄڻ. جيئن چور پنهنجي ڏوهه ڪيل ۽ حاڪم وقت جي کان ڊڄي ڳالهه نٿا ڪن. ارشاد آهي ته جنهن پنهنجي رب کي سڃاتو اهو گونگو ٿيو. ابو القاسم حڪيم جو چوڻ آهي، ته جو شخص ڪنهن شيءِ کان ڊڄندو آهي ته ان کان ڀڄندو آهي، پر جو الله تعاليٰ کان ڊڄندو آهي، اهو انهيءَ جي طرف ڀڄندو آهي- ذوالنون مصري رحه کان ڪنهن پڇيو ته بندو خائف ڪڏهن هوندو آهي؟ پاڻ فرمايائين ته جڏهن پنهنجو پاڻ کي مريض وانگر بڻائي، جو مرض جي وڌڻ جي خوف کان ڪِري ٿو ڪري. خوف جو اثر شهوات کان ايترو وڌي ٿو وڃي، جو لذتون سڀ ڏکيون ۽ بڇڙيون ۽ خراب لڳن ٿيون ۽ گناهه، جي پيارا هئا سي بڇڙا لڳن.

هن جو مثال ائين آهي جيئن ڪنهن شخص کي ماکي کائڻ جو شوق هجي، پر جڏهن ٻڌي ته ان ۾ زهر گڏيل آهي، تڏهن خوف جي سببان ان جو کائڻ جو شوق ڇڏي ويندو. اهڙيءَ طرح شهوات جو حال هوندو آهي، جو خوف کان سڙي ويندي آهي ۽ عضوا ادب جا پابند ٿي ويندا آهن ۽ دل ۾ عاجزي، محتاجي ۽ غريبي اچي ٿي ۽ ڦونڊ، آڪڙ، وڏائي ۽ حسد هليو ٿو وڃي. آدمي پنهنجي ئي خوف ۾ لڳي ٿو وڃي ۽ ان خوف جي خطري کي نظر ۾ رکي ٿو ۽ ان کي ٻيءَ ڪنهن شيءِ جي مشعوليءَ جي فرصت نٿي رهي. خوف کان ان جو حال اهڙو ٿو رهي، جيئن ڪنهن جاني دشمن جي ور چڙهي وڃي ۽ نه سمجهي سگهي ته اڄ هن کان ڀڄي ڇٽندس يا مارجي ويندس. اهڙيءَ حالت ۾ ان شخص جو ظاهر يا باطن انهيءَ دشمن جي طرف خيال هوندو ۽ ان کان ان وقت ٻيءَ سڀ شيءِ جا خيال خطرا سمورا ڇڏي ويندا. جيئن چور خوف جي سببان ٻيا سڀ خيال، ڦونڊ، ڪبر، حسد ۽ ڊاڙ- ٻٽاڪ سڀ ڇڏي ڏيندا آهن. اِهي ڳالهيون رڳو زبان تي به نه آڻيندا آهن، ته متان اها اسان جي ڏوهن جي خبر ماڻهن کي ۽ ماڻهن کان حاڪم کي پهچي وڃي. پوءِ ان ڏوهه جو لڪائڻ يا ڇڏڻ ان جي خوف تي آهي. پوءِ جيترو ان کي خوف گهڻو هوندو، اوترو ان جي دل ۽ زبان ۽ ٻيا عضوا ان جا تابع بڻجن ٿا. اهڙيءَ طرح حال آهي مجازاً عاشقن خائفن جو. اهي پڻ پنهنجو راز لڪائن ٿا، خوف خواريءَ يا سزا سخت، قتل، قيد ۽ ڪاوڙ حاڪم جي کان ڊڄي.

”بيان ڪن نه بات“- اهي به هڪڙي قسم جا چورَ ئي آهن، اهڙو ئي مثال آهي الله وارن عاشقن جو، جي خائف آهن. پوءِ انهن کي جيترو خوف زياده هوندو آهي، اوترو مراقبي ۽ محاسبي ۽ مجاهدي ۾ لڳا رهندا آهن. انهن جي خوف کي ايتري قوّت هوندي آهي، جيتري قدر انهن جي معرفت يعني الله تعاليٰ، جو حقيقي حاڪم آهي. ان جي صفات، جلال، ڪمال ۽ افعال کي سڃاڻڻ ۽ پنهنجي نفسن جي عيبن ۽ ان جي خطرن ۽ وحشتن، جيڪي هر وقت نفس کي پيش اچن ٿيون، زور سمجهندا ۽ سڃاڻندا هوندا. خوف جو تاثر ظاهر ٿيڻ عمل ۾ گهٽ درجي جو هي آهي، جو آدمي حرام شين ۽ شرعي منع ڪيل شين کي ڇڏي. حرام شين جي ڇڏڻ کي ورع چوندا آهن. پر جي خوف کي گهڻي قوّت هوندي، يعني خائف کي ڏاڍو گهڻو خوف خدا هوندو ته اهڙين شين کي به ڇڏي ڏيندو، جن ۾ امڪان حرمت جو ٿي سگهي ٿو، يعني جا شيءِ يقيني حرام نه آهي. ڪجهه شڪ آهي حرام هجڻ جو- ان کي به ڇڏڻ جو نالو آهي تقويٰ، ڇو ته تقويٰ ان کي چوندا آهن، جو شبهي جي شيءِ کي ترڪ ڪري ۽ يقيني پڪ تي عمل ڪري. ڪن جو هي حال هوندو آهي، جو اهڙين شين کي، جن ۾ ڪوبه شڪ شبهو نه هجي، تڏهن به خوف جي سببان ڇڏي ڏين. انهيءَ رتبي جو نالو ”صدق في التقويٰ“ آهي. وڏن ڏوهاري چورن ۾ به اها عادت آهي، جو پنهنجي ڪيل ڏوهه سببان ۽ ان جي حاڪم کان سزا ملڻ جي خوف کان لڪا ۽ ڀڳا وتن. پوءِ جن دوستن ۽ خير خواهن سڄڻن وٽ هنن کي پڪڙجڻ يا ڪنهن به نقصان جو شڪ شبهو نه هجي، اتي به خوف کان نه وڃن، دشمنن جي خوف کان سڄڻ وٽ به نه وڃن، انهن جي دوستي به ڇڏي ڏين، جيئن ”صدق في التقويٰ“ وارا بي شبهه چيز به ڇڏي ٿا ڏين. تڏهن انهن چورن جي اها عادت ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پسند ڪري ٿو فرمائي ته اي طالب!

جي ڀائين پرينئن مڙان ته سک چورانڪي ڌات.

تون به جي ڀانئين، يعني اميد ٿو رکين ته پرينءَ حقيقيءَ کي ملان ته اها عادت سک، جيئن تقويٰ وارن کي جڏهن اها تقويٰ ڳؤري ۽ ڏکي نه لڳندي آهي، تڏهن فقط انهن شين کي استعمال ڪندا آهن، جي هنن کي ضروري گهرج ۾ آهن. مثلاً جنهن گهر ۾ نه رهي، ان جي تعمير نه ڪري ۽ جا شيءِ کائڻ جي نه هجي، ان کي گڏ نه ڪري ۽ دنيا جي طرف خيال نه ڪري ۽ ڄاڻي ته اها جدا ٿي ويندي، ڪوبه دم يا ساهه غير خدا جي ۾ خرچ نه ڪري، ان جو نالو ”صدق“ آهي. اهڙي شخص کي ”صديق“ چوڻ ٺهي ٿو. اهڙي مثال وانگر جڏهن چور به خوف ۾ لڪا ۽ ڀڳا وتندا آهن، تڏهن ڪنهن گهر جي ٺاهڻ يا مال جي گڏ ڪرڻ وغيره جو خيال نه ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته هنن کي پنهنجي بچڻ جو ۽ انهيءَ مال مان نفعي وٺڻ جي پڪ نه آهي. تڏهن ضروري گهرج ڪپڙي ۽ کائڻ جي چيز کان سواءِ ڪو سامان پاڻ سان نه کڻندا آهن. اول مال جا شائق، پوءِ ان جا تارڪ ٿي ويندا آهن ۽ رڳو پاڻ بچائڻ جي خيال ۾ هوندا آهن. صدق جو درجو مٿي کان هيٺ جي طرح آهي، مثلاً ”صدق ۾ تقويٰ داخل آهي ۽ تقويٰ ۾ ورع ۽ ورع ۾ صِعفت“، ڇو ته عفت نالو انهيءَ پرهيزگاريءَ جو نالو آهي يا فقط خواهش کان باز رهڻ لاءِ هجي.

مطلب ته خوف جي اثر کان عضوا رڪجي به ويندا آهن ۽ تيز تڪڙا به ٿي ويندا آهن، مگر عضوا جو عمل کان روڪجي ويندا آهن، انهن جو هرهڪ شيءِ کان رڪجڻ تي راهه، سلوڪ ۾ جدا نالو آهي. مثلاً شهوت کان باز رهڻ کي عفّت چوندا آهن ۽ ان کان مٿي رتبو ورع جو آهي، جو ان جو واسطو عام آهي، ڇو ته ورع هر منع ڪيل شيءِ کان رڪجڻ کي چوندا آهن. ورع کان وڌيڪ تقويٰ آهي. انهيءَ ڪري جو تقويٰ، منع ڪيل ۽ شڪ واريءَ شيءِ ٻنهين کان رڪجڻ جو نالو آهي. ان کان وڌيڪ ”صدق ۽ قرب آهي“ جو شبهه جي خوف کان جائز ۽ مباح شين کان رڪجڻ جو نالو آهي. جيئن چور کي مائٽن ۽ واقفن وٽ وڃڻ جائز آهي، پر انهن وٽ وڃڻ کان خوف جي سبب رڪجي وڃي ٿو ۽ چورن جا عضوا خوف کان رڪجي به ويندا آهن ۽ تڪڙا به ٿي ويندا آهن. مثلاً جڏهن ڪو هنن تي حملو ٿيندو آهي، تڏهن دشمنن جو خوف هنن تي گهڻو غالب ٿي ويندو آهي ته هٿيار کڻي ڦٽي ڪندا آهن، پر جي ان کان ڪجهه گهٽ خوف ٿيندو اٿن ته هٿيار ڦٽي ڪونه ڪندا آهن، پر هڻين به نه سگهندا آهن، پر جي خوف گهڻو گهٽ هوندو اٿن، ته پاڻ به جهيڙو شروع ڪري ڏيندا آهن. اهڙيءَ طرح حاڪم جي روبرو به خوف جي سببان ڪا ڳالهه ٻولهه ڪري نه سگهندا آهن ۽ سچي ڳالهه به نه ٻڌائي سگهندا آهن. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته:

اُجهي ٻجهي آئيا، ته بيان ڪن نه بات،

توڻي ڪسن ڪات، ته به ساڳي سلن ڪينڪي.

جيڪي ڏسي وائسي اچن، اها ڳالهه به نٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته سچي ڳالهه ڪرڻ به هنن جي نقصان ۾ آهي. اهڙيءَ طرح سلوڪ جي صاحبن وٽ به پنهنجي نيڪ عملن جي ڳالهه ڪرڻ نقصان آهي، ڇاڪاڻ اِهو ته رياءُ آهي. اهي به بيان نه ڪندا آهن ۽ پنهنجي نيڪ عملن کي ۽ پاڻ کي لڪائيندا آهن. انهن جو پاڻ لڪڻ ۽ عملن کي لڪائڻ، انهن جي خوف آهر آهي. جيترو خوف وڌيڪ شدت وارو هوندن، اوترو لڪن ۽ لڪائن ٿا، جو ڪي ته انهن منجهان ايترو خائف خدا هوندا آهن، جو ان خوف ۾ پاڻ به وسري ويندو اٿن. ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ سر آسا ۾ هي تصوف جون ڳالهيون کولي بيان ڪيون آهن. جيئن فرمايو اٿس ته:

بيت

وَڃِيٌ رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻَ کي وَڃيج ِ،

لِڪِيَانٌ تُونٌ لِڪيج ِ، لِڪِيَانٌ لِڪي ڪونه ڪو.

بيت

وَڃِيٌ رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻَ پُڻُ و ِڃَاءِ،

لوڪَانٌ پَاڻُ لِڪَاءِ، لِڪِيَان پُڻُ لِڪيج ِ تُون.

هنن بيتن جو خاص مختصر مطلب هي آهي، ته سالڪ کي گهرجي ته پنهنجي مشهوري ۽ ڦونڊ، وڏائي ۽ هستيءَ کان ڊڄي ۽ پاڻ وڃائي. يعني پاڻ کي ڪجهه نه ڀانئين. پوءِ ٻين ظاهر جي نظرن کان لڪو – اهو وڃي پهتو وڃڻ کي، پر اهو وڃڻ به اي سالڪ! وڃاءِ ۽ لڪلن کان به لڪيج يعني ظاهري ته پاڻ کان وڃي ۽ لڪي چڪو آهين، پر جو لڪل نفس ۽ ان جون خواهشون آهن، اهي ته تنهنجي اندر ۾ اچن وڃن ۽ اُڀرن ٿيون، يعني پنهنجي اندر ۾ ڀانئين ٿو ته مان هاڻي ظاهري پنهنجي نفس جا سڀ مقصد ڇڏي ۽ ماڻهن جي انگشت نمائي يعني رياءَ کان بچي ۽ لڪي چڪو آهيان. اهو برابر آهي، پر اهو آهي هجڻ نفس جو- جو لڪل آهي ۽ ان جي اها به خواهش آهي، ته تون ائين ڀانئين ته مان هاڻي چڱو ڪيو آهي، پر جڏهن انهيءَ نفس جي ۽ انهيءَ جي انهن خواهشن، جا پڻ هستي آهي ۽ وڃڻي نه آهي، ان کان پاڻ وڃائي وڃي لڪ، يعني هي نفس جا خيال خطرا ۽ خواهشون به هڪ قسم جو پردو آهي. اهي پردا سڀ پاسي ڪر ۽ وڃاءِ، اهي خيال سڀ تنهنجي نفس جي اڃا هجڻ جي نشاني آهي. بوعلي قلندر رحه ٿو فرمائي:

ابن حجاب از قست اي محبوب من،

بي حجاب است ورنہ آن محبوب من.

هي پردو تنهنجو ئي آهي، اي پردي ۾ لڪل! نه ته منهنجو محبوب ته بي پردي آهي. اهي پردا سڀ انهن سالڪن جي خوف آهر آهن. پوءِ انهن ۾ جيترو گهٽ خوف هوندو، اوترو گهٽ لڪندا ۽ لڪائيندا. فخر ۽ ڦونڊ ڪانه ڪندا آهن. جيئن چور ڦونڊ ظاهر ٿيڻ جي خوف کان ڪونه ڪندا آهن. مطلب ته خوف چڱي شيءِ آهي، خوف هڪڙو لَڪڻ مثال آهي، جنهن سان الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن کي علم ۽ عمل ڏانهن لاڙڻ لاءِ هڪليندو آهي، ته انهن ٻنهين کان انهن کي مرتبو ۽ قرب الاهيءَ جو حاصل ٿئي. عالمن مان منهنجو غرض اهي ماڻهو آهن، جيڪي خدا تعاليٰ ۽ ان جي نعمتن ۽ افعال کي ڄاڻندا هجن. اهڙن نيڪ ماڻهن جو اڄ هجڻ تمام ٿورو آهي.

انهيءَ سبب کان حضرت فضيل بن عياض رحه فرمائي ٿو ته جڏهن اوهان کان ڪو سوال ڪري ته خدا تعاليٰ کان ڊڄو ٿا، ته ان جي جواب ۾ چپ ٿي وڃو، ڇو ته جيڪڏهن چوندؤ ته نه ، ته ڪافر ٿي ويندؤ؛ جي چوندؤ ته ڊڄون ٿا، ته ڪوڙا آهيو. انهيءَ ۾ پڻ هي اشارو آهي ته خوف اهو آهي، جو عضون کي گناهن کان روڪي ۽ اطاعت جو پابند ڪري ۽ جيستائين تاثير خوف جو عضون ۾ نه هوندو، ته ان جو نالو وسوسو ۽ طبيعت جي جنبش چوڻ گهرجي. ان کي خوف چوڻ نه گهرجي. حد کان وڌيڪ خوف هي آهي، جو آدمي نااميد ٿي وڃي. اهڙو خوف به منع آهي، انهيءَ ڪري جو عمل جو مانع آهي. مطلب خوف جو اهو آهي جو لَڪڻ مثل آهي، جيڪو ڪم تي تيار ۽ رضامند ڪري ٿو، پر جنهن خوف ۾ عمل ئي نه هوندو ته چڱي ڳالهه نه آهي. ڇو ته حقيقت ۾ ته نقصان ٿيو. سبب نقصان جو هيءُ آهي ته سبب اهڙي خوف جو جَهل ۽ عاجزي آهي. جَهل اهو آهي، جو هو پنهنجي ڪم جو نتيجو نٿو ڄاڻي، جي ڄاڻي ته اهڙو خوف نه ڪري، جو عمل ئي  ڇڏي ڏئي، ڇو ته خائف ئي عمل جي نتيجي تي نگاهه ۽ خيال ڪندو آهي ۽ عاجزي هيءَ آهي، جو ان امر کان اهڙي ڪنهن ٻئي وڪڙ ۾ اچي وڃي، جنهن کان ڇٽڻ جي ان کي طاقت نه آهي.

مطلب ته توڙي جي عيب کان آدمي خالي نه هجي ۽ خوف به ڪندو هجي، تڏهن اهو قسم خوف جو به چڱو آهي، ڇاڪاڻ ته نه هجڻ کان هجڻ چڱو آهي، ڇو ته خوف جو فائدو آهي بچڻ، پرهيز ۽ تقويٰ ڪرڻ، مجاهدي ۽ عبادت ۽ ذڪر فڪر ۾مشغول هجڻ، سڄي رات جاڳڻ به انهن خدا وارن خائفن کي سولو ٿو لڳي ۽ خوشيءَ سان اوجاڳي کي جشن ٿا ڀانئين. جيئن چورن جي به اها عادت آهي، جو اهي چوريءَ جي خوشيءَ ۾ اوجاڳي کي جشن يعني خوشي ٿا ڀانئن ۽ تڪليف سهن ٿا. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي؛

جاڳڻ جشن جن جو، سک نه ساري رات.

تون به اي طالب! جي ڀانئين ٿو ته پرينءَ پنهنجي کي ملان ته اهو ڏَس اٿئي، جو چورن جي عادت سک. هڪڙي عادت اها، جو سڄي رات سک ٿي نه سمهن ۽ انهيءَ اوجاڳي کي تڪليف ته نه ڀانئن، پر جشن يعني شادي ۽ خاص خوشيءَ جو موقعو ٿا ڀانئن. سڄيءَ رات جي تڪليف، اوجاڳي ۽ پنڌن، ڌڪن، ٿاٻن کائڻ جي، جو ڀاڳين جي خوف کان ٿا ڪن، ته ڏينهن جو متان پڪڙي سزا ڏين ۽ ٻيو پنهنجي چوريءَ واري چيز،  جا هنن کي پياري آهي، ان جي ملي وڃڻ لاءِ سڀ تڪليفون سوليون ۽ سکيون ٿا ڀانئن. ائين عابدن، عاشقن ۽ الله وارن کي سڄي رات جاڳڻ، ان جي خوف ۽ عشق ۾ آسان آهي ۽ جن پنهنجي مالڪ کي جاڳي ياد ڪيو، انهن جي قبر جي خاڪ جا به اڄ ڪيترا سلامي آهن. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي رسالي جي سر سريراڳ ۾ فرمايو آهي ته:

بيت

سَار ِي رَات ِ سُبٌحَانُ جَاڳِيٌ جَن ِ يَاد ِ ڪَيو،

اُنَ جِيٌ عَبٌدُ اللَّطِيٌفُ چَئي، مِٽِيءَ لَڌو مَانُ،

ڪوڙ ِئينٌ ڪَن ِ سَلاَمُ، آڳَہِ اَچِيو اُنَ جي.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته جن الله پاڪ کي سڄي رات جاڳي ياد ڪيو، يعني سڄي رات نفل، نماز ۽ ذڪر فڪر الله پاڪ جي واسطي ڪيو، انهن جي وفات کان پوءِ سندن خاڪ قبر جي کي به تعظيم ملي آهي. جو ڪروڙين ماڻهو انهن وٽ سلام تي اچن ٿا. انهيءَ آسري تي ته هي خدا وارا هئا، جهڙيءَ طرح حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي روضي پاڪ ۽ ٻين نبين سڳورن ۽ اصحابن ۽ غوثن، قطبن ۽ ٻين الله وارن جي مقبرن جي خاڪ تي ڪروڙين ماڻهو اڄ تائين زيارت لاءِ وڃن ٿا. حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن رات جو ايترو ياد خدا ۽ نماز ۾ بيهندا هئا، جو سندن پير سڄي پوندا هئا، بعضي ته ڦاٽي پوندا هئا. ماڻهن خدمت ۾ عرض ڪيو ته اوهان جا ته اڳيان پويان گناهه بخشيا ويا آهن. اوهان ايتري تڪليف ڇو ٿا ڪيو؟ پاڻ فرمايائون ته ڇا، مان ٻانهو ٿي ۽ شڪرانو نه ڪيان؟ هن جواب مان معلوم ٿيو ته کين عالي رتبو ملڻ، سبب شڪراني جو هئو ۽ شڪر سبب نعمت جو آهي. جيئن الله تعاليٰ فرمائي ٿو:

 لَئِنٌ شَڪَرٌتُمٌ لاَ ز ِيٌدَنَّکُمٌ. 

ترجمو:جيڪڏهن حقّ مڃيندؤ ته وڌيڪ ڏيندس اوهان کي.

حضرت ابو هريره رضه کي پاڻ فرمايائون ته جيڪڏهن اوهان گهرو ته الله تعاليٰ جي رحمت اوهان تي حياتيءَ ۾ جاري رهي ۽ مرڻ تائين ۽ مرڻ کان پوءِ ، قبر ۾ رهڻ ۽ وري جيئري ٿي اُٿڻ تائين، ته رات جو جاڳي نماز پڙهو ۽ ان نماز سان پنهنجي پروردگار جي رضا گهرو. اي ابوهريره! پنهنجي گهرن جي ڪنڊن ۾ نماز پڙهو ته اوهان جي گهرن جو نور آسمان ۾ ائين ٿيندو، جيئن ننڍن وڏن تارن جو نور زمين وارن تي پوي ٿو. رات جي عبادت کي پاڻ تي لازم ڪيو، جو اوهان کان اڳين نيڪبختن جو طريقو آهي. ان ۾ هيءَ ڀلائي آهي، جو خدا تعاليٰ جو قرب حاصل ٿئي ٿو ۽ گناهن کان بچڻ ۽ بدن جو بڇڙو روڳ دفع ٿئي ٿو.حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي وقت ۾ هڪڙو شخص هو، جو جڏهن ماڻهو سمجهي پوندا هئا ته هو اٿي نماز پڙهندو هئو. قرآن شريف جي تلاوت ڪندو هئو ۽ دعا گهرندو هئو ته ”اي دوزخ جا پروردگار! مون کي دوزخ کان پناهه ڏي“. اها ڳالهه حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي خدمت ۾ بيان ٿي. پاڻ فرمايائون ته جڏهن اهو ائين چوي ته مون کي خبر ڏيو. پوءِ پاڻ وڃي روبرو ان جي دعا ٻڌائون. جڏهن صبح ٿيو ته پاڻ ان کي فرمايائون ته ميان، تون الله تعاليٰ کان بهشت ڇو نٿو گهرين؟ ان عرض ڪيو ته ” يا رسول الله! منهنجو اهو رتبو نه آهي ۽ نه منهنجو عمل ان جي لائق آهي“. ائين چئي ٿورو اتي ترسيو ته حضرت جبرئيل عليہ السلام آيو ۽ حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم کي فرمايائين ته انهيءَ شخص کي چئه ته الله تعاليٰ ان کي دوزخ کان پناهه ڏني ۽ جنت ۾ داخل ڪيو آهي.

حديث شريف ۾ آهي ته الله تعاليٰ رحم ڪري ان مرد تي، جو شخص رات جو جاڳي نماز پڙهي ۽ پنهنجي زال کي جاڳائي ۽ اها به نماز پڙهي. جيڪڏهن اها نه اٿي ته ان جي منهن تي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻين ان کي اٿاري. الله تعاليٰ رحم ڪري ان عورت تي، جا رات جو اٿي نماز پڙهي ۽ پنهنجي مڙس کي اٿاري ۽ اهو به نماز پڙهي. جي نه اٿي ته ان جي منهن تي پاڻي وجهي ان کي اٿاري. ٻيءَ حديث شريف ۾ آهي ته جو شخص جاڳي ۽ پنهنجي عورت کي به جاڳائي، ٻي نماز پڙهڻ ته الله تعاليٰ وٽ اهي زور وڌيڪ ذاڪرين ۽ ذاڪرات ۾ لکيا ويندا. ماڻهن جي سمهڻ کان پوءِ حضرت ابن مسعود رضه جي پڙهڻ جو سنهو آواز صبح تائين ٻڌو ويندو هو. طائوس رحه جڏهن بستري تي ليٽندو هو ته اهڙو بي آراميءَ سان ڦڙندو هو، جو جيئن چڻا تَئيءَ ۾ ڀُڃندي مهل ٿيندا آهن ۽ پوءِ بستري تان اٿي صبح تائين نماز پڙهندو هو. عبدالعزيز ابي رواد رحه رات جو پنهنجي بستري وٽ ايندو هو ۽ ان تي هٿ گهمائي چوندو هو ته تون نرم ته آهين، پر خدا جو قسم! بهشت ۾ توکان وڌيڪ بسترا نرم آهن، پوءِ سڄي رات نماز پڙهندو رهندو هو.

مغيره بن حبيب رحه فرمائي ٿو ته مون مالڪ بن دينار رحه کي ڏٺو، جو سومهڻيءَ کان پوءِ وضو ڪري جاءِ نماز تي بيهي، پنهنجي ڏاڙهيءَ کي ورتائين ۽ رنو ۽ ايترو رنو، جو سندس آواز بند ٿي ويو. گهڻي وقت کان پوءِ چوڻ لڳو ته اي الاهي! مالڪ جي پوڙهائيءَ کي دوزخ تي حرام ڪر. اي الاهي! توکي ته معلوم آهي ته بهشت ۾ ڪير رهندو ۽ دوزخ ۾ ڪير! پوءِ خبر نه آهي ته مالڪ ان ٻنهي ٽولن مان ڪهڙي سان هوندو ۽ انهن ٻنهي گهرن مان مالڪ جو گهر ڪهڙو آهي! اهڙيءَ طرح صبح تائين چوندو رهيو. ڪيترن بزرگن جو چوڻ آهي ته اسان خواب ۾ ڏٺو ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته مون کي قسم آهي پنهنجي عزت ۽ جلال جو، ته مان سليمان تيّمي جو خوابگاهه گهڻو سٺو ڪندس، جو انهيءَ منهنجي لاءِ چاليهه ورهيه عشا جي وضوءَ سان صبح جي نماز پڙهي آهي. چون ته سليمان تيّمي رحه جو مذهب ائين هئو ته جڏهن ننڊ جو خيال دل ۾ اچي ته وضو ڀڳو.

ساري رات جاڳي الله وارن کي ذڪر فڪر نماز پڙهڻ سڻائي ٿي لڳي، ان جا گهڻا سبب آهن. پر ٿورا انهن مان هي آهن؛ جو هڪ ته خائف آهن، انهيءَ پنهنجي مالڪ کان ۽ انهيءَ جي پڇاڻي کان ڊڄن ٿا. ٻيو ته انهن جي پنهنجي موليٰ سان محبت آهي ۽ شائق آهن، ٽيون ته ان جي شوق ۽ ان جي وري خوف ۾ جاڳڻ ۽ عبادت ڪرڻ لاءِ ٻيا علاج ٿا ڪن، يعني کائن ٿورو ٿا، پاڻي به ٿورو ٿا پين. چورن ۾ به اها عادت آهي، جو هنن کي سڄي رات جاڳڻ آسان ٿو لڳي، جو چوريءَ ۽ جاڳڻ واري رات ٿورو ٿا کائن ۽ پاڻي ٿورو ٿا پيئن.ڏينهن جو ماڻهن ۽ حاڪم جي خوف کان چوري نٿا ڪن ۽ سڄي رات چوريءَ جي شوق ۽ ان جي ملي وڃڻ لاءِ خوشيءَ سان جاڳن ٿا. اهو جاڳڻ هنن جي لاءِ خوشي آهي. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ انهن جي حق ۾ فرمايو آهي ته:

جاڳڻ جشن جن کي سک نه ساري رات.

چوٿون چورن جي عادت هوندي آهي، جو ڏينهن جو ڪو پورهيو نه ڪندا آهن. ڏينهن جو ننڊ ڪندا آهن، انهيءَ لاءِ ته رات جو جاڳڻ سڻائو لڳي. اهڙيءَ طرح عابد الله وارا ڏينهن جو ننڊ ڪندا آهن ته جيئن رات جو جاڳڻ سڻائو ٿئي. ڏينهن جو ننڊ ڪرڻ انهيءَ لاءِ سنت آهي ته جيئن رات جو عبادت ڪرڻ سڻائي لڳي. ڏينهن جو ڪم ڪار تڪيف جهڙو به نه ڪندا آهن، ته متان انهيءَ ٿڪ سبب رات جو جاڳڻ ۽ عبادت ڪرڻ ڏکي لڳي، جيڪڏهن چور به اتفاقي ڪنهن ڏينهن ڪم ڪرڻ جي سبب ٿڪجي پوندا آهن ته انهيءَ رات چوريءَ تي نه ويندا آهن، تيئن نيڪ عابدن کان به جي اتفاقي ڪو گناهه ڏينهن جو ٿي ويندو آهي ته رات جو سجاڳ ٿي عبادت ڪري نه سگهندا آهن.

هڪڙي شخص حضرت حسن رحه کي عرض ڪيو ته مان سڄي رات آرام سان سمهيو پيو آهيان، رات جو عبادت ڪرڻ جي لاءِ جاڳڻ جو به شوق اٿم ۽ وضوءَ لاءِ پاڻي به تيار رکندو آهيان، پر مون کي الائي ڇا ٿيو آهي، جو جاڳان نٿو؟ پاڻ فرمايائون ته تنهنجي گناهن توکي روڪيو آهي، جو ڏينهن جو توکان ٿين ٿا. سفيان ثوري رحه فرمائي ٿو ته مان هڪ گناهه جي عيوض پنج مهينا تهجد جي نماز کان محروم رهيس. کانئس پڇيو ويو ته اهو ڪهڙو گناهه هئو. پاڻ فرمايائين ته مان هڪڙي شخص کي روئندو ڏسي پنهنجي دل ۾ چيو ته رياڪار آهي. ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ روئي ٿو. چورن کي ٻن سببن جي ڪري رات جو ننڊ نٿي اچي؛ هڪڙو چوريءَ جي چيز، جا هنن کي پياري آهي، ان جي ملي وڃڻ جي شوق ۾ ۽ ٻيو چوري ڪرڻ مهل ڀاڳين جي جاڳي پوڻ ۽ انهن جي پڪڙي سزا ڏيڻ جي خوف کان انهن کي ننڊ نٿي اچي. اهڙيءَ طرح عابدن، زاهدن ۽ الله وارن کي به ننڊ انهن ٻن سببن ڪري نٿي اچي؛ هڪ بهشت ۽ ان جي انعامات جي شوق کان ۽ ٻيو دوزخ جي طبقن جي خوف کان.

عابد بصري رحه کان پڇيايائون ته ڪهڙيءَ طرح تون رات جو جاڳي عبادت ٿو ڪرين؟ جواب ڏنائين ته جڏهن دوزخ ياد اچي ٿو ته ننڊ نٿي اچي. ٻئي هڪڙي عابد چيو ته مان جڏهن دوزخ کي ياد ٿو ڪيان ته مون کي خوف گهڻو ٿو ٿئي، انهيءَ ڪري سمهي نٿو سگهان. انهن سڀني سببن کان گهڻو ڀلو سبب آهي، الله تعاليٰ جي محبت ۽ انهيءَ ڳالهه تي زور يقين ڪرڻ ته عبادت ۾ جيڪي حرف چوان ٿو، انهن سان پنهنجي پروردگار جي سامهون مناجات ڪيان ٿو. منهنجي خيال کي ڄاڻي ۽ ٻڌي ٿو ۽ ان وقت جي دل ۾ ڪجهه خطرا اچن، انهن کي ڏسي ۽ ڄاڻي ته الله تعاليٰ جي طرف کان مون کي خطاب ڪيو ويو آهي. پوءِ جڏهن الله تعاليٰ سان محبت گهڻي وڌي ويندي، تڏهن اڪيلائي ۾ ۽ گوشي ۾ ويهي ان جي يادگيري يعني ذڪر ۽ فڪر کي پسند ڪندو ۽ ان جي مناجات ڪرڻ مان لذت وٺندو. اها لذت پنهنجي انهيءَ حبيب سان گهڻي مناجات ڪرڻ سان وڌيڪ ٿيندي ويندي. پوءِ انهيءَ لذت حاصل ڪرڻ لاءِ شوق سان جاڳڻ ٿيندو. انهيءَ لذت کي پري نه ڄاڻڻ گهرجي، ڇو ته عقل ۽ نقل ٻئي ان جا شاهد آهن. مثال عقلي ته هيءُ آهي، جو شخص ٻئي تي سونهن جي سبب کان عاشق هجي، يا بادشاهه ڪنهن حاڪم تي سندس احسان ۽ انعامات جي سبب کان عاشق هجي ۽ ان کي گهڻو گهرندو هجي. ان جي حال جو ويچار ڪيو ته خلوت ۾ پنهنجي محبوب سان گڏ رهڻ ۽ ان جي عرض غرض ۾ ڪيتري نه لذت وٺندو ۽ سڄي رات ننڊ نه ڪندو، پر جي ڪو اعتراض ڪري ته سهڻي آدميءَ کي ته ڏسڻ سان لذت ايندي آهي پر خدا تعاليٰ کي ته ڏسي نٿو سگهجي ته اُن جي لذت ڪيئن ايندي؟

ان جو جواب هيءُ آهي ته جيڪڏهن محبوب سهڻي پردي جي آڙ ۾ يا اونداهيءَ جاءِ ۾ هجي، تڏهن به عاشق کي رڳو ان وٽ هجڻ سان به لذت ايندي آهي. جيتوڻيڪ هو ان جي طرف نه به ڏسي ۽ توڙي نه ٻئي ڪنهن امر جي طمع هجيس، تڏهن به عاشق کي ان ۾ مزو ايندو آهي، جو پنهنجي محبت ان جي سامهون بيان ڪري ۽ پنهنجي زبان سان ان جو ذڪر اهڙيءَ طرح ڪري، جو معشوق به ٻڌي ته هيءُ منهنجو ذڪر ٿو ڪري، توڻي ان کي عاشق جون اهي ڳالهيون معلوم هجن، پر تڏهن به عاشق کي ان ۾ مزو ٿو اچي. ها، پر جي ڪو هيئن چوي ته عاشق پنهنجي معشُوق جي جواب جو منتظر رهندو آهي، پوءِ جڏهن ان جو جواب ٻڌندو آهي ته ان سان هن جو شوق وڌندو آهي ۽ لذت وٺندو آهي، پر الله تعاليٰ جو ڪلام ته نٿو ٻڌجي، ان ۾ لذت ڪيئن هوندي؟ ان جو جواب هيءُ آهي ته عاشق کي جيڪڏهن معلوم آهي ته معشوق جواب نٿو ڏئي ۽ ٻڌي کڻي ماٺ ٿو ڪري، تڏهن به ان کي پنهنجي عرض احوال چوڻ ۽ پنهنجي دل جي ڳالهه پيش ڪرڻ جي به لذت اچي ٿي. جيئن ڪو بادشاهه کي رات جو خلاصو پنهنجو عرض احوال ۽ ڪم ڪاري چوي ۽ پوءِ ان جي انعام اڪرام جي اميد جي لذت وٺي، پر ان کان وڌيڪ الله تعاليٰ ۾ اميد رکڻ سچي ۽ پڪي آهي، جيڪي شيون ان وٽ آهن، اهي ٻين جي شين کان گهڻيون زور جٽادار ۽ فائدي واريون آهن. پوءِ پنهنجون ضرورتون خلاصو خلوت ۾ پيش ڪرڻ سان ڪيئن نه لذت ايندي! ضرور ايندي.

دليل نقلي ان لذت جو هي آهي ته رات جو جاڳندڙ اهڙي لذت ٿا وٺن، جو ان لذت ۾ رات کي بلڪل ننڍو ٿا ڄاڻن، ڇو ته لذت وارو وقت ٿورڙو سمجهبو آهي ۽ تڪليف وارو وقت ڊگهو نظر ايندو آهي. جيئن صحت جو وقت ٿورو ۽ بيماريءَ جو وقت ڊگهو نظر ايندو آهي. الله وارا ائين رات کي ننڍو ٿا ڄاڻن، جيئن عاشق وصل واريءَ رات کي ننڍي ٿا ڄاڻن؛ ڪنهن ماڻهوءَ رات جي جاڳندڙ هڪ عابد کان پڇيو ته رات جو تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟ ان چيو ته مون انهيءَ ڳالهه جو ڪڏهن خيال نه ڪيو آهي، ڇو ته رات مون کي پنهنجي شڪل ڏيکاري مس ٿي ته گذري ٿي وڃي، مون کي ته سوچڻ به نٿي ڏئي. ٻئي عابد چيو ته مان ۽ رات ٻه ڊوڙ جا گهوڙا آهيون. ڪڏهن ته صبح تائين هوءَ مون کان نڪري ٿي وڃي، ڪڏهن ته مون کي فڪر کان ئي جدا ڪري ٿي ڇڏي. هڪڙي ٻئي عابد شخص کان پڇيائون ته رات جي ڪيفيت توتي ڪيئن آهي؟ ان چيو ته رات هڪڙي ڪلاڪ جي ٿيندي آهي، جنهن ۾ منهنجون ٻه حالتون هونديون آهن؛ جڏهن اوندهه ٿيندي ڏسندو آهيان ته خوش ٿيندو آهيان. اها خوشي پوري نه ٿيندي آهي ته صبح ٿيڻ جو غم شروع ٿيندو آهي.

علي بن بڪار ٿو فرمائي ته چاليهن ورهين کان مون کي ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو اهڙو غم نه ٿيو، جهڙو صبح ٿيڻ جو، فضيل بن عياض فرمائي ٿو ته جڏهن سج لهي ٿو ته مان خوش ٿيندو آهيان، ته پنهنجي پروردگار سان خلاصگيري نصيب ٿيندي ۽ جڏهن سج ٿو اُڀري ته اهو ڏک ٿو اُڀري ته ماڻهو مون وٽ ايندا. ابو سليمان داراني رحه ٿو فرمائي ته جيڪڏهن رات نه هجي ها، ته مان هرگز دنيا ۾ رهڻ پسند نه ڪيان ها. وڌيڪ فرمايائين ته رات جاڳندڙن عابدن کي انهن جي عملن جي ثواب جي عيوض الله تعاليٰ اها لذت عنايت فرمائي، يا انهن کي رات جي عبادت ۾ اچي ٿي ۽ انهن جي عملن جي ثواب کان هيءَ لذت گهڻي وڌيڪ آهي. الله وارن عاشقن کي راتيون توڙي ڏينهن وصل وارا ننڍا نظر ايندا آهن ۽ چاهيندا آهن ته اهي ڏينهن وصل وارا اڃا به وڏا هجن. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ جو بيت آهي، سر بروي هنديءَ ۾ ته:

بيت

سَاجَن ميري پَاسِ رَهين دنِ تهوڙي دس بيس،

ايک ايک دنِ هووي لاکهه بَرس کا ايسـﻶ هوون دنِ تيس.

هن بيت جو خاص مطلب به اهو آهي، ته عاشق جي خواهش آهي ته وصل وارا ڏينهن گهڻو وڏا هجن، جو هڪڙو هڪڙو ڏينهن لک ورهيه جو هجي. پوءِ سڄڻ مون وٽ ٿورڙا ڏينهن ڏهه ويهه کڻي رهي، تڏهن به ڀلا ڏينهن ۾ ته ڪجهه واڌارو هجي. ائين ته نه ٿئي جو هوڏانهن اُڀري ته وري لهي! چورن جي به اها عادت آهي ته جيڪا رات هنن جو شڪار، چوريءَ جي ٿئي ٿي، اها انهن کي شوق جي ڪري ننڍي نظر ٿي اچي. سچن چورن جي هڪڙي هيءَ به عادت آهي، جو ڪنهن به ٻئي چور جي پچر يا گلا غيبت ڪري ان کي خوار نه ڪندا آهن ۽ نه وري انهن تي چغلي يا انهن جي عيب جوئي يا انهن تي بهتان رکندا آهن؛ نه ٻئي چور تي چوريءَ بابت ڪا چٿر ڪندا آهن ۽ نه وري ميڇن ۽ اشارن سان ئي ٻئي چور کي اگهاڙو ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح الله وارا به زبان جي انهن سڀني گناهن کان ڀڄندڙ ۽ پاڪ آهن. انهن گناهن کان الله تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام جي سورة الحجرات جي رڪوع 2 ۾ منع فرمائي آهي؛

يٰاَ يُّهَا الَّذِيٌنَ اٰمَنُوٌا لاَ يَسٌخَرٌ قَوٌمءُ مِّنٌ قَوٌمٍ عَسيٰ اَنٌ يَّڪُوٗنُو اٌ خَيٌراً مِّنٌهُمٌ وَ لاَ نِسَاءءُ مِّنٌ نِّسَاءٍ عسيٰ اَنٌ يَّڪُنَّ خَيٌراً مِّنٌهُنَّ وَ لاَ تَلٌمِزُواٌ اَنٌفُسَکُمٌ وَ لاَ تَنَابَزُوٌ بِاٌلاَلٌقَابِ بِئٌس َ اٌلا ِسٌمُ الٌفُسُوٌقُ بَعٌدَ اٌلا ِيمَانِ وَ مَنٌ لَّمٌ يَتُبٌ فَاُولٰئِڪَ هُمءُ الظّٰلِمُوٌنَ. ○ يٰاَ يُّهَاالَّذِيٌنَ اٰمَنُو اٌ اجٌتَنِبُوٌ ڪَثِيٌراً مِّنَ الظَّنّ ِ اِنَّ بَعٌضَ الظَّنّ اِثٌمءُ وَّ لاَ تَجَسَّسُوٌا وَ لاَ يَغٌتَبٌ بَّعٌضُکُمٌ بَعٌضَا ط اَيُحِبُّ اَحَدُکُمٌ اَنٌ يَّاٌ کُلَ لَحٌمَ اَخِيٌہِ مَيٌتاً فَڪَر ِهٌتُمُوٌهُ ط وَالتَّقُواللهَ ط اِنَّ اللهَ تَوَّابُءُ الرَّحِيٌمءُ. 

ترجمو:اي مؤمنا، نه چٿر ڪريو هڪٻئي مٿان، متان هجن اهي ضعيف ڀَلا چٿر ڪندڙن کان ۽ نه چٿر ڪري زال ٻيءَ زال تي، متان هجن اهي ضعيف ڀليون چٿر ڪندڙين کان ۽ نه ميڇون ڏيو ساڻ جُسن ۽ نه رکو هڪڙا ٻين تي نالا بڇڙا- خراب آهي نالو رکڻ بڇڙو پڄاڻا اسلام جي- پوءِ جيڪي توبہ نه ڪندا ته اهي ظالم آهن. اي مؤمنا، پاسو ڪيو گهڻو بڇڙي گمان نِيڻ کان، تحقيق گمان بڇڙو ڪرڻ مؤمنن ۾ گناهه آهي ۽ نه پڇا عيبن جي ڪيو ۽ نه گلا هڪٻئي جي ڪيو ڪيئن وڻي هيڪڙي اوهان جي کي کائڻ گوشت ٻئي ڀاءُ پنهنجي جو- جو کائڻ مردار آهي پوءِ نه خوش ٿيو ۽ ڊڄو خدا تعاليٰ کان تحقيق  خدا توبہ قبولي ۽ رحم ڪري.

هنن آيتن سڳورين ۾ منع ڪيل آهي گناهن کان بچڻ جي. عادت سچن ۽ پڪن چورن جي آهي ۽ اهي چور صبر ڪيو وتندا آهن، جنهنڪري اهي زبان جي گهڻن گناهن کان بچل آهن. چورن جي وڏي ۽ پنهنجي دل وڻندڙ عادت هيءَ آهي ته هو ڀاڳين جي پياري ۽ وڻندڙ شيءِ چوري ڪندا آهن. تون به اي سالڪ! جي ڀانئين ته پنهنجي پرينءَ کي ملان ته اول پنهنجي نفس جون مجازي پياريون شيون، جي منع ڪيل آهن، انهن جي چورائڻ جي عادت سک. نفس تنهنجي جسم جي ملڪ ۾ ۽ ڀاڳئي ۽ سرمائيدار يعني شاهوڪار جي مثال آهي، جنهن کي مانُ مرتبي، ريا، ڦونڊ، فخر، جيئن وڏيرن ۽ اڄڪلهه جي سياستدانن کي آهي، ته من اسان جو نالو ٿئي ۽ ٻين ناجائز ڪمن جو حرص هوا ۽ ٻين حرام شين جو پڻ گهڻو شوق آهي ۽ انهن جي دنيا جي مال سان پڻ گهڻي محبت آهي، جن سان محبت رکڻ جي قرآن شريف ۾ منع آهي. اول تون ان نفس ڀاڳئي جي انهن شين جي چورائڻ جي عادت سک، جن سان ان جو پيار آهي. ان لاءِ ڀٽائي صاحب توکي تاڪيد فرمايو آهي ته ” جي ڀائين پرينءَ مڙان ته سک چورانڪي ڌات“- اول اها عادت سک، جو نفس کان دنيوي شهواتن جو حرص ۽ ان جي لذتن جو شق چوراءِ ۽ چورن ۾ وڏي عادت هيءَ به آهي، جو رياءَ ڪونه ڪن، ڇاڪاڻ ته رياءُ يعني ماڻهن کي پنهنجي ڪم ڏيکارڻ لاءِ ۽ ڦونڊ ڪرڻ، چورن لاءِ تمام نقصانڪار آهي، جنهن جي ڪرڻ سان هو ظاهر ٿي پون ۽ انهن کي جيڪر سخت سزا ملي، تنهنڪري رياءَ جي عادت انهن وٽ اصلي ڪانه آهي.

اهڙيءَ طرح الله وارن وٽ به رياءُ اصلي ڪونه آهي. رياءُ نيڪ عمل کي ائين چٽ ڪري ٿو ڇڏي، جيئن باهه سڪين ڪاٺين کي ساڙي چٽ ڪري. هڪڙو شخص حضرت ابو يزيد رحه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ سڄي کٻي پاسي ڏسڻ لڳو. حضرت بايزيد سڳوري ان کان پڇيو ته ميان، ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ان چيو ته مان صاف سٺي جڳهه ٿو ڳوليان، ته نماز پڙهان. تڏهن پاڻ ان کي فرمايائون ته پنهنجي قلب کي پاڪ ڪر. پوءِ جتي وڻيئي اتي نماز پڙهه.

رياءَ جي حقيقت کي مخلص يعني سچو ئي سڃاڻندو آهي، ڇو ته اهو اول رياءَ ۾ ڦاٿل هئو، جو آخر ان کان ڇٽو آهي. رياءُ اهل الله جي رستي ۾ هڪ وڏو نقصان وارو درياءُ آهي، جنهن جي پار لنگهڻ کان سواءِ ٻي ڪا واٽ نه آهي. رياءُ، خود پسندي ۽ نفاق- اهو ٽيئي شيطان جا تير آهن، جن کي هو دل جي طرف اڇلي ٿو. اوهان مشائخن جو چوڻ وٺو ۽ اُن پرينءَ الله تعاليٰ تائين پهچائڻ واري واٽ ۾ هلڻ جي عادت انهن کان سکو، ڇو ته اهي ان واٽ تي هلي چڪا آهن. نفس، طبيعت ۽ خواهش جون آفتون انهن کان پڇو، جو اهي ان جون آفتون جهاڳي چڪا آهن ۽ انهن جي ضررن کان ۽ خرابين کان واقف ٿي رهيا آهن. انهن گهڻو وقت انهن ڦندن ۾ ڦاسي، آخر انهن تي فتح لڌي آهي ۽ ان جا مالڪ بڻيا آهن. تنهنجي اندر ۾ شيطان جا ڦوڪ ڏني آهي، ان تي غرور نه ڪر ۽ نفس جي تير کان نه ڀڄ. اهو نفس توتي شيطان آهي، جو تير هڻي ٿو ۽ ان نفس جي مدد سان ئي شيطان کي توتي طاقت حاصل آهي. هيءَ به چورن جي عادت آهي، جو سواءِ ڪنهن مانجهيرو ماڻهوءَ جي، چوري ڪري نه سگهندا آهن ۽ انهن جاسوسن جي مدد سان ئي چوري ۾ ڪامياب ٿيندا آهن. اهڙيءَ طرح جنن جي جنس کان شيطان به ماڻهن جي شيطانن يعني نفس ۽ تنهنجي بڇڙين سنگتن جي مدد کان سواءِ، تنهنجا نيڪ اعمال چورائڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿو سگهي. تون حق تعاليٰ کي فرياد ڪر ۽ انهن دشمنن جي دفع ڪرڻ لاءِ ان کان مدد گهر. اهو ضرور تنهنجي دانهن ٻڌندو. پوءِ جڏهن ان دشمن کي دسي تون خدا کي لهين ۽ جيڪي انهيءَ وٽ آهي، سو ڏسين ۽ ان مان جڏهن ڀاڱي وارو ٿي وڃين، تڏهن تون ان وٽان پنهنجي اهل عيال ۽ مخلوق طرف موٽي اچ ۽ انهن کي پاڻ سان وٺي ان طرف روانو ٿيءُ.

حضرت يوسف عليہ السلام جي طرح انهن کي چئه ته وٺي اچو منهنجي طرف پنهنجي سڄي قبيلي کي. يوسف عليہ السلام جڏهن ملڪ ۽ سلطنت جو مالڪ ٿيو، تڏهن پنهنجي ڀائرن کي فرمايائين ته وٺي اچو منهنجي سڄي قبيلي کي. بدنصيب اهو آهي، جنهن کي خدا نه مليو ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ ان جي قرب کان بينصيب رهيو. الله تعاليٰ پنهنجي ڪتاب ۾ فرمايو آهي ته اي پٽ آدم جا! جيڪڏهن مان تنهنجي هٿ نه آيس ته توکي ڪجهه به هٿ نه آيو. تون حق تعاليٰ کان ڇو نه بينصيب رهين، جڏهن تون ان جي نيڪ بندن کان منهن مَٽائين؟ پنهنجي قول ۽ فعل ٻنهي سان انهن کي ڏک پهچائين ۽ پنهنجي ظاهر ۽ باطن ٻنهي سان انهن جو مخالف هجين؟

رسول مقبول صلي الله عليہ وسلم کان روايت آهي، پاڻ فرمايائون ته مؤمن کي ايذاءُ ڏيڻ، الله تعاليٰ جي اڳيان ڪعبہ ۽ بيت المعمور جي ڊاهڻ کان پندرهن ڀيرا وڌيڪ گناهه آهي. خيال سان ٻڌو. توتي افسوس، جو تون هميشہ الله تعاليٰ جي فقيرن، ايماندارن، ڀلي ڪم ڪندڙن، عارفن ۽ الله تي توڪّل رکندڙن کي ايذاءُ پهچائين؛ توتي افسوس! توتي سگهو موت اچڻ وارو آهي. توکي پنهنجي گهر کان گِهلي ٻاهر ڪڍيو ويندو ۽ جنهن مال ۽ دولت تي توکي غرور آهي، اهو توکان ڦريو ويندو ۽ اهو تنهنجي ڪم نه ايندو، نه توکي نفعو ڏيندو، نه توکي عذاب کان بچائيندو.

چورن جي هيءَ به عادت آهي، جو چوريءَ جو مال روڪ پئسا، ڀُنگ وٺڻ سان ڇڏي يا موٽائي ڏيندا آهن. مال جي ڀيٽ ۾ روڪ پئسن کي وڌيڪ پسند ڪندا آهن ۽ مال موٽائي ڏيندا آهن. اهو زهد مثال آهي. اهڙيءَ طرح الله وارا به محبت موليٰ ۽ سندس قرب، جو نقد مثل آهي، حاصل ٿيڻ سان دنيوي مال ۽ اسباب جو شوق ڦٽي ڪندا آهن، جو زهد آهي؛ چورن جي عادت آهي، جو چوراڻو مال پڪڙجڻ جي خوف کان ۽ ان جي سزا ملڻ جي خوف کان پاڻ وٽ نه جهليندا آهن. ائين الله وارا به مال جي حقن ۽ ان جي پڇاڻي جي خوف کان مال ميڙي پاڻ وٽ نه رکندا آهن، ڇاڪاڻ ته مال جي محبت ۽ ان کي پاڻ وٽ جمع ڪرڻ تي گهڻو پڇاڻو ۽ سخت عذاب آهي. جيئن قرآن جي 30 پاره سورة الهمزہ ۾ آهي:

وَيٌلءُ لِّڪُلّ ِهُمَزَةٍ لُّمَزَة ِ نِ الَّذِيٌ جَمَعَ مَالاً وَّ عَدَّدَهٌ. يَحٌسَبُ اَنَّ مَالَہٌ اَخٌلَدَهٌ ج کَلاَّ لَيُنٌبَذَنَّ فِي الٌحُطَمَةِ وَ مَاَ اَدٌرٰڪَ مَاالٌحُطَمَةِ. نَارُ اللهِ الٌمُو ٌقَدَةُ الَّتِيٌ تَطَّلِعُ عَلَي اٌلافٌئِدَةِ. اِنَّهَا عَلَيٌهِمٌ مُّؤصَدَةءُ فِيٌ عَمَدٍ مُّمَدَّدَةٍ. 

ترجمو: هلاڪي آهي مڙني چيچپائي ڪندڙ ۽ گلاخورن لاءِ، جي ميڙين مال ۽ ڳڻن مال کي- ڀانئين ٿو ته هميشہ هوندو مون وٽ؟ خبردار، اڇلائبو ان کي الحطمة ۾- ڪنهن ٻڌايو توکي ته ڪهڙو ته سخت ٿيندو الحطمة؟ اها باهه آهي الله جي ٻاريل، جنهن جو چڙهندو تؤ مٿي دلين. تحقيق اُو باهه ان تي طبقا ٿيندي، جا اڏيل منجهه ٿنڀن ڊگهن.

مال جي مذمت قرآن شريف ۾ گهڻين جاين تي آئي آهي. الله وارا انهيءَ ڪري مال جي محبت ڇڏي، الله جي محبت اختيار ٿا ڪن، جا بقادار آهي. زبان جي گناهن، جهڙوڪ چغلي، گلا، ڪوڙ وغيره جي خوف کان زبان بند رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته زبان کولڻ يعني ڪنهن به گفتي چوڻ کان ۾ چوڻ ۽ سلامتي آهي.

حضرت ابن عباس رضه کان مجاهد روايت ٿو ڪري ته حضرت ابن عباس فرمايو: ته مون کي پنج شيون وقف جي روپين کان به وڌيڪ چڱيون ٿيون وڻن: هڪ بيفائدو نه ڳالهائڻ، ٻيو ته چڱي ڳالهه بيوقت نه چوڻ، ڇو ته گهڻو ڪري چڱي ڳالهه به جيڪڏهن بيوقتي چئي وڃي ٿي ته خرابي پيدا ٿئي ٿي. ٽيون حليم ۽ بيوقوف سان بحث نه ڪرڻ، ڇو ته حليم سان بحث ڪرڻ ۾ ان کي ڪاوڙ ڏيارڻ آهي ۽ بيوقوف سان ايذاءُ کڻڻ. چوٿون، ڪنهن غير حاضر مسلمان ڀاءُ جو بيان اهڙيءَ طرح ڪرڻ، جهڙي طرح پاڻ توکي ان کان بيان ڪرائڻ منظور هجي ۽ ان سان گڏ ان جي ڏوهن کي درگذر ڪرڻ، جي ان کي وڻن، جيئن اهو به ائين ڪري ته توکي وڻي. هن جو خلاصو مطلب آهي ته جا ڳالهه توکي نه وڻي، سا ٻئي جي لاءِ پسند نه ڪر. پنجون عمل ڪرڻ انهيءَ ارادي سان، ته احسان ڪرڻ سان جزا ۽ گناهه ڪرڻ سان سزا ملندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org