مثال طور: جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪاغذ تي ڦرندي قلم جي
چهنب کي ڏسي چوي ته قلم ڪاغذ کي ڪارو ڪري رهيو آهي
۽ ان جي نظر هٿ ۽ آڱرين تائين نه پهچندي هجي ۽ اهو
غلطيءَ کان ائين ڄاڻندي هجي، ته ڪاغذ جي سفيديءَ
کي قلم ئي ڪارو ڪندو ٿو وڃي ته ان جي غلطيءَ جو
سبب هيءُ آهي ته ان جي نظر قلم جي چهنب کان مٿي
نٿي وڃي سگهي. انهيءَ ڪري جو، ان جي اک جو دائرو
تمام سوڙهو آهي. اهڙيءَ طرح، جنهن شخص جو سينو
اسلام جي واسطي خدا تعاليٰ جي نور سان نه کُليو
آهي، تنهن جي بصيرت آسمان ۽ زمين جي جبّار کي ڏسڻ
کان قاصر آهي. هو نٿو ڏسي سگهي ته اهو واحد (هڪڙو)
سڀ تي غالب آهي. انهيءَ ڪري مجازي ڪاتب جي ئي
تعريف تي واٽ ۾ بيهجي ويو. اها رڳي جهالت آهي ۽
ارباب قلوب ۽ مشاهدات جو حال هيءُ آهي، جو الله
تعاليٰ ان جي واسطي آسمان ۽ زمين جي هر ذري کي
پنهنجي ڪامل قدرت سان ڳالهائيندڙ ڪندو آهي،
ايستائين جو اهو ماڻهو انهن ذرڙن کان، جيڪي تسبيح
۽ حمد خدا جي ڪندا آهن، ٻُڌندا آهن ۽ انهن جي ڪَنن
حق جي آوازن ٻُڌڻ جو اقرار ڪيو آهي ۽ پنهنجي
عاجزيءَ تي، سواءِ ڪنهن حرف ۽ آواز جي ٻُڌندا آهن.
جن کي ڪَن ئي نه آهن، اهي البت نٿا ٻُڌن. اسان جو
مطلب هيءُ آهي ته ٻُڌڻ جي طاقت جا مالڪ هي ڪَن نه
آهن، جيڪي آواز کان سواءِ ٻُڌي نٿا سگهن، اهڙا ڪَن
ته گڏهن کي به هوندا آهن، انهن ڪَنن واري مطلب ڏي
اشارو ڪندي ڀٽائي صاحب رحمت الله عليہ فرمايو آهي
ته:
بيت
هِيءُ ڪَنَ گَاڏُهَان وِڪِڻِي ٻيا ڪَنَ ڳِنهيجِ
تَنِين ساڻُ سُڻيجِ سُپِيريان جي ڳالَهڙي.
هن بيت جو مطلب پڻ ساڳيو آهي ته اي طالب موليٰ جا!
هيءُ چوپاين جانورن جي ڪَنن سان مشابهت رکندڙ ڪَن،
تون وڪڻين يعني بند ڪري، ٻيا ڪَن دل وارا خريد ڪج،
يعني ڌارج، جن سان مٿي بيان ڪيل آسمان ۽ زمين جي
هر ذري جي تسبيح ۽ خدا جي حمد جو آواز ٻڌي ۽ سمجهي
سگهن، تن سان سڻيج سپيريان، يعني خدا تعاليٰ جي
ڳالهڙي، يعني تعريف جيڪا اهي ذرڙا ڪن ٿا.
هيءَ تقرير گهڻي آهي، جنهن جي حد نه آهي، خير،
گهڻو پري وڃي نڪتا آهيون، اسان جو خاص مطلب بيت جي
هن تُڪ جو آهي ته ”پاڻهين خلقي خوب پاڻهين طالب تن
جو“، يعني سڀ شيءِ جو خالق به پاڻ آهي، پاڻ ئي ٿو
خوب يعني چڱي شيءِ خلقي، وري ان جو طالب به پاڻ
آهي، اهو ڪيئن؟ جيئن جيڪي به چڱا ۽ نيڪ ڪم، جهڙوڪ:
روزا، نمازون، حج، زڪواتون، خير خيراتون، صبر،
شڪر، زُهد، توڪل، رجا، خوف وغيره – مطلب ته سڀ خوب
ڪم يعني چڱا ڪم خلقيا به پاڻ اٿس، وري انهن جو طلب
ڪندڙ يعني طالب به پاڻ آهي ۽ انهن ڪمن تي خوش ۽
راضي ٿي انهن عملن جي ڪندڙن کي انعام اجر به پاڻ
ٿو ڏئي. انهن عملن جي ڪرڻ جي توفيق عاملن کي به
پاڻ ٿو ڏئي ۽ انهن چڱن عملن ڪندڙن کي به پاڻ ٿو
خلقي خوب، يعني کين چڱو ڪري يا هدايت وارو ڪري
خلقي ٿو. مطلب ته سڀ ڪجهه پاڻ ٿو ڪري ۽ سڀ ڪجهه
پاڻ ئي آهي، يعني نفعي پهچائڻ وارو به پاڻ آهي ۽
نقصان پهچائڻ وارو به پاڻ ئي آهي. مطلب ته جيڪي
ڪجهه آهي، سو سڀ انهيءَ جي طرف کان آهي، جيئن
ايندڙ بيتن نمبر 26، 27 ۾ ڀٽائي صاحب رحمت الله
عليہ ٿو فرمائي:
بيت
سو هِي سو هُو سو اَجَلُ سو اللهُ،
سو پِرين سو پَسَاههُ سو ويرِي سو واهِرُو.
بيت
سوئِي هيڏانهُنٌ سوئِي هوڏانهُنٌ سو ئِي مَنَ وَسي
سو ئِي سو پَسي تَنٌهِين سَنٌدي سوجهري.
هنن بيتن جو پڻ مٿين بيتن نمبر 23 کان وٺي 27
تائين ساڳيو مطلب آهي، ته جڏهن صوفي غير الله کي
ترڪ ڪري ٿو، يعني فنا في الله جي درجي تي پهچي ٿو،
تڏهن باطني نظر سان، سواءِ الله تعاليٰ جي، ٻيو ڪي
ڪين ڏسي ٿو، تڏهن هن لاءِ ائين ٿو ٿئي ته جيڪو هي
ڏسڻ وارو آهي، سو هُو آهي، يعني جڏهن هي هُن ۾ گم
آهي، تڏهن هيءُ ۽ هُو جي جدائي نٿي رهي. تڏهن ٿو
چوي ”سو هِي سو هُو، سو اَجَلُ سو اللهُ“ جڏهن
سواءِ الله تعاليٰ جي ٻيو ڪي ڪين ٿو ڏسي، تڏهن اجل
به هڪ امر الله جو ڀانئين ۽ چوي ٿو ته سڀ اهو آهي
۽ انهيءَ کان آهي، سو پرين منهنجو معشوق الله آهي،
سو ئي منهنجو پساهه آهي، سو ئي منهنجو واهرو
مددگار آهي، سو منهنجو ويري سزا ڏيڻ وارو آهي ۽
جيڪي چوي ٿو ته منهنجو پساهه به اهو آهي، انهيءَ
جو هڪڙو مطلب اهو آهي ته جيئن پساهه اندر ۽ ٻاهر
هوندو آهي، تيئن منهنجو معشوق الله تعاليٰ منهنجي
اندر ۾ به آهي ۽ ٻاهر به آهي.
خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي ته:
وَ نَحٌنُ اَقٌرَبُ اِلَيٌہِ مِنٌ حَبٌلِ
الٌوَرِيٌدِ○
جنهن جي معنيٰ آهي ته مان اوهان کي ساهه جي رڳن
کان به ويجهو آهيان. ويجهو پساهه ئي آهي، سو ساهه
جي رڳن ۾ اندر پهچي فرحت بخشي ٿو. تڏهن ٿو ڀٽائي
صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ”سو ئي پرين، سو ئي
پساهه“. اهو به فرمايو اٿس ته ”سوئي هيڏانهن، سو
ئي هوڏانهن، سوئي من وسي“. يعني اهو الله تعاليٰ
منهنجي اندر ساهه جي رڳن کان به ويجهو من ۾ وسي
يعني آهي. ۽ سوئي هيڏانهن يعني انهيءَ جيڪو ڏسندڙ
آهي، سو ئي هوڏانهن يعني هُن طرف کان آهي جيڪو
ڏيکاري ٿو. يعني ڏيکاريندڙ، ڏسندڙ کي ڏيکاري ٿو.
اهو جيڪي ڏسي ٿو، سو انهيءَ جي يعني ڏيکاريندڙ
الله جي سوجهري يعني جي ان جي نور هدايت جي سوجهري
سان ڏسي ٿو: ”سوئي سو پسي تنهين سندي سوجهري“،
جيئن سورة دهر ۾ خدا تعاليٰ فرمايو آهي:
اِنّا خَلَقٌنَا الٌاِنٌسَانَ مِنٌ نُّطٌفَةٍ
اَمٌشَاجٍ نَّبٌتَلِيٌہِ فَجَعَلٌنٰہُ سَمِيٌعاً
بَّصِيٌرا اِمَّا هَدَيٌنَاهُ السَّبِيٌلَ اِمَّا
شَاڪِراً وَّ اِمَّا ڪَفُوٌرَا ○
ترجمو: پوءِ جوڙيو اسان ان کي مٿي صفتن پنهنجي، پر
توو رکي ٿو صفتن منهنجن جو، ٻُڌندڙ آهي صفت ٻُڌڻ
منهنجِي، ڏسندڙ آهي منجهان صفت ڏسِڻ منهنجي – اسان
ڏيکاري ان کي منجهان ان صفت واٽ پنهنجي.
تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته ”سو
ئي سو، پسي تنهين سَندي سوجهري“. پوءِ جڏهن صوفي
انهيءَ جي سوجهري يعني الله تعاليٰ جي نور جي
سوجهري کان ڏسي ٿو، تڏهن ان کي غير ۽ غير الله جدا
به ڏسڻ ۾ نٿا اچن. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ
ايندڙ بيت نمبر 28 ۾ ٿو فرمائي ته:
بيت
سائِي صُورت عَينَ ڪِي سائِي صُورت غَينَ،
سَمَنُّ نُقِطَا دُورِ ڪَرو ته اَو عَينَ ڪِي
عَينَ.
هن بيت ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي، ته
غين جي صورت ۽ عين جي صورت ۾ فقط هڪ نقطي يعني
ٽٻڪي جو تفاوت آهي. جيڪڏهن اهو غين جي غير وارو
نقطو پري ڪيو وڃي ته اها ساڳي صورت عين يعني حق جي
ٿي پوي. جهڙيءَ طرح الله تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾
عين يعني غير الله يعني بتن جي پوڄا ڪرڻ کان منع
فرمائي آهي. سورة زمر رڪوع 2 ۾ فرمايو آهي ته:
وَالَّذِيٌنَ الجٌتَنِبُو الطَّاغُوتَ اَنٌ
يَّعٌبُدُوٌهَا وَ اَنَامُوٌ اِلَي اللهِ لَهُمُ
الٌبُشٌريٰ فَبَشَّرٌ عِبَادِ الَّذِيٌنَ
يَسٌتَمِعُوٌنَ الٌقَوٌلُ فَيَسَّبِعُوٌنَ
اَحٌسَنَہٗ اُولٰئِڪَ الَّذِيٌنَ هَدَاهُمٌ اللهُ
وَ اُولٰئِڪَ هُمٌ اُولُو الٌاَلٌبَابَ○
ترجمو: جيڪي پرهيز ڪن بتن جي عبادت ڪرڻ کان ۽ موٽن
خدا ڏانهن، انهن لاءِ مبارڪ آهي – پوءِ سرهو ڪر
منهنجن ٻانهن کي جيڪي ٻڌن قرآن کي – پوءِ تابع ٿين
موچارايَن جا – انهن مؤمنن کي هدايت ڪئي خدا. اُهي
آهن صاحب عقل جا.
هن آيت شريف جو مطلب پڻ ساڳئي مٿئين بيت عين غين
واري جهڙو آهي. غين مان غير ڏانهن اشارو آهي ۽ ان
جي نقطي لاهڻ جو اشارو غير کي ترڪ ڪرڻ جو آهي.
يعني بتن جي عبادت کان پرهيز ڪرڻ ۽ عين مان اشارو
حق ڏانهن موٽڻ ڏانهن آهي. جيئن آيت شريف ۾ آهي ته
ترجمو: (۽ جي موٽن خدا سائينءَ ڏانهن انهن لاءِ
مبارڪ آهي.) اهڙيءَ طرح سورة مؤمن جي رڪوع ستين ۾
خدا تعاليٰ حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم کي
فرمايو آهي ته:
قُلٌ اِنَّيٌ نُهِيٌتُ اَنٌ اَعٌبُدَ الَّذِيٌنَ
تَدٌعُوٌنَ مِنٌ دُوٌنِ اللهِ لَمَّا جَاءَ نِيَ
الٌبَيِّنٰتُ مِنٌ رَّبِّيٌ وَ اُمِرٌتُ اَنٌ
اَسٌلِمَ لِرَبِّ الٌعالَمِيٌنِ○
ترجمو: تون چئُه ته مون کي منع ڪئي ٿِي بتن جي
عبادت کان، جي غير آهن خدا جا، سبب اچڻ معجزن جي
ربّ کان - ۽ مونکي امر ٿيو آهي ته خالص ڪريان دل
پنهنجي ربّ عالمن جي لاءِ.
هاڻي انهيءَ آيت شريف مان به صاف ظاهر ٿيو، ته خدا
تعاليٰ غير جي عبادت کان منع فرمائي آهي، ۽ دل
پنهنجي غير کان صاف ڪجي عالمن جي ربّ لاءِ. ساڳيءَ
طرح بيت ۾ به آهي ته غين جي غير وارو ٽٻڪو لاهبو
ته پوءِ صاف صورت عين، يعني حق جي ظاهر ٿيندي.
هاڻي انهيءَ عين ۽ غين جي شڪل ساڳي آهي، سواءِ غير
جي ٽٻڪي کان. انهيءَ غين تي غير واري نقطي جي اچڻ
ڪري، عين کان جدا نالو يعني غين پئجي ويس، نه ته
در حقيقت پهريائين ٻئي گڏ عين جي شڪل ۾ هئا،
جهڙيءَ طرح ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ مثال ايندڙ
بيت نمبر 29 ۾ ٿو فرمائي ته:
پَڙاڏو سو سَڏُ وَرُ وائيءَ جو جي لَهِين،
هُيا اَڳَهين گَڏُ پَر ٻُڌَڻَ ۾ ٻَه ٿِيا.
هن بيت ۾ پڻ مٿين عين غين واري بيت جو شرح مثال
طرح شاهه صاحب بيان ڪيو آهي، ته پڙاڏو يعني پڙلاءُ
۽ سڏ هڪڙي ڳالهه آهي، پر جي انهيءَ آواز جو وَرُ
يا وڪڙ يا پيچ سهي ڪرين ته اهي ٻئي عين ۽ غين
وانگر اڳهين گڏ هئا، يعني آواز نڪري ظاهر ٿيڻ کان
پهريائين هڪڙي شيءِ هئا، آواز ڪندڙ وٽ. انهن تي سڏ
يا پڙاڏو ٻئي نالا ڪو نه هئا. فقط هڪڙو سڏ ڪندڙ
پاڻ هئو ۽ اهو سڏ يا پڙاڏو ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ٻڌڻ
۾ ٻه ٿيا. اهڙيءَ طرح پهريائين الله سائين هڪڙو
هئو، پوءِ جڏهن سندس اَمُرُ سڏ جو، يعني ڪُنٌ جو
ٿيو. تڏهن پڙلاءُ يعني فَيَڪُوٌنُ، يعني ”ٿي پيو“
يعني ڪُنٌ سڏ ۽ فَيَڪُوٌنُ پڙاڏو يا اوّل ۾ انهيءَ
واحد حقيقيءَ وٽ هڪ ۽ گڏ هئا، پر جڏهن فَيَڪُوٌنُ
يعني ٿي پيو. تڏهن ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا يعني هڪڙو غير
الله ٻيو الله تعاليٰ. يعني جيئن مجازي طرح سڏ ڪرڻ
کان پوءِ هڪڙو ان جو حقي سڏ ۽ ٻيو ان جو پڙاڏو
ٿيو، پر جيڪڏهن پڙاڏي ۽ سڏ جو اصل ڳڻيو وڃي ته اهو
هڪڙو سڏ ڪندڙ آهي.
اهڙيءَ طرح ڪُنُ ۽ فَيَڪُوٌنُ، يعني ٿيڻ جو امر
ڪيو الله، يعني جهان جي پيدا ٿيڻ جوا مر ڪيو الله،
ڪُنُ جي چوڻ سان ۽ پوءِ جهان ٿي پيو. اهو جهان ٿي
پوڻ، ۽ ٿيڻ جي حڪم جو اصل، جيڪڏهن ڳڻيووڃي ته اهو
واحد وحدهٗ آهي. باقي هن جهان ۾ جيڪي عجائبات ۽
مخلوقات انهيءَ واحد هڪڙي کان يعني سندس امر ڪُنُ
واري سان ظاهر ٿيا آهن، سي انهيءَ سڀ مان، جيڪڏهن
ڪو بصيرت وارو سالڪ يا صوفي ڏسندو يا ڳوليندو، ته
انهيءَ واحد جي تعريف ۽ ثنا لهندو. جيئن ايندڙ بيت
نمبر 30 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي
ته:
ايڪ قَصَرّ دَرَ لَکَ ڪوڙين سَهَسُ ڳِڙِ کِيُونٌ،
جيڏانهُنٌ ڪَرِيان پَرَکَ تيڏانُهنٌ صاحبُ
سَامُهُونٌ.
يعني الله تعاليٰ جي عجائبات ۽ ساري ڪائنات مان
پرک کڻي ٿي ڪجي، يعني سهي سمجهڻ جو خيال ٿو ڪجي ته
هيءُ جهان هڪ قصر يعني هڪڙي محل مثل آهي ۽ ان جا
در يعني عجب نظارا لک آهن ۽ وري انهن نظارن ۾
انداز ڪروڙين، پر سهس نظارا يعني اڃا به گهڻيون
ڳڙکيون يعني ننڍڙا سوراخ آهن. پوءِ وري انهيءَ
پرکڻ جي لاءِ ته هيءُ ڳڙکيون ڪروڙين ۽ لکين در ۽
محل ڪيئن آهن ۽ ان جو نظام ڪيئن ٿو هلي ۽ ڪنهن کان
آهي ۽ ڪڏهن کان آهي ۽ ڪڏهن پورو ٿيندو، ته پوءِ
جڏهن سڀ ۾ سلسليوار اونهو خيال ٿو وڃي، تڏهن ان جي
سامهون اهو صاحب حقيقي آهي ۽ سڀ جوڙجڪ انهيءَ کان
آهي. فقط اهو آهي ۽ ٻيو جيڪي به ان کان سواءِ آهي،
سو سڀ غير آهي، ڪي ڪين آهي، ڪي ڪين هو ۽ ڪي ڪين
هوندو. جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن رڳو صاحب
صاحبيءَ جو ئي سامهون آهن. انهيءَ صاحب جي صاحبيءَ
۽ سندس عجائباتِ ۽ نظارن جي جدا جدا منظرن جو
نظارو آهي. انهيءَ جي بيان ڪرڻ جي هن ضعيف ٻانهي
کي طاقت نه آهي- نه لکڻ جي طاقت آهي ۽ نه انهن جي
نمونن بيان ڪرڻ جي سمجهه اٿم ته اهي ڪهڙيءَ طرح
چئجن، ڇو ته ڳاڻاٽي کان گهڻا آهن، جن جو اندازو
لکن بلڪ ڪروڙن کان به وڌيڪ آهي.
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي ايندڙ بيت نمبر
31 ۾ ٿو فرمائي ته:
بيت
ڪوڙين ڪَايَايُونٌ تُنٌهنجُون لِکَنِ لَک هَزارَ،
جيءُ سَڀَڪَنهِن جيءَ سِينٌ دَرَسَنُ ڌارو ڌارَ،
پِريٌنم تُنٌهِنجا پَارَ ڪَهِڙا چَئِي ڪِيئَنٌ
چَوانٌ.
اي منهنجا پرين تنهنجا پار يعني وصفون ۽ تعريفون
ڪهڙيون چوان، جو چوڻ کان ٻاهر آهن. وري انهن جو
بيان ڪيئن ڪريان ۽ ڪهڙيءَ طرح ڪريان؟ ڇاڪاڻ ته
تنهنجا عجائبات ۽ مناظرن جا ڏيک ڌارو ڌار، جدا ۽
جدا، نون نمونن تي سڀڪنهن جيءَ سان، يعني شيءِ
سان، جيءُ يعني آفرين يعني حيرت انگريز آهن، ڇو ته
اهي ڪروڙين ۽ اڻ کٽ آهن ۽ اهي تنهنجون تعريفون
لکين هزارين پيا اڳيئي لِکَن. اتي منهنجي ڪهڙي
مجال آهي حيرت ۾ سمجهڻ جي! هاڻي سواءِ تنهنجي
ڀلائيءَ جي ٻيو ڪو چارو نه آهي. اها ڀلائي ڪهڙي؟
تون منهنجو سينو هدايت واري نور سان روشن ڪر، مون
کي ٻڌاءِ ته پرينم، يعني اي منهنجا پرين، تنهنجا
ايترا پار يعني قسم قسم جا اهڃاڻ ڪهڙا چئي ڪهڙا
چوان! جيئن خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ سورة زمر
جي رڪوع 3 ۾ فرمايو آهي ته:
اَفَمَنٌ شَرَحَ اللهُ صَدَرَهٗ لِلٌاِسٌلَامَ
فَهُوَ عَليٰ نُوٌرٍ مِّنٌ رَّبِّيٌ○
ترجمو: پوءِ جنهن مؤمن جو ڪشادو ڪري سينو واسطي
مڃڻ اسلام جي، ته اهو آهي مٿي نور قلب جي وٽان ربّ
پنهنجي.
هن آيت شريف جو مطلب به ساڳيو مٿين بيت وارو آهي،
ته اهي تعريفون خدا جون ۽ خدا جي خداونديءَ جون ۽
ان جي توحيد جي رمزن ۽ رازن کي اهو پروڙي ۽ سمجهي
سگهندو، جنهن جو سينو يعني قلب الله تعاليٰ پنهنجي
نور هدايت جي سان ڪشادو ڪيو هوندو. تڏهن ٿو ڀٽائي
صاحب رحمة الله عليہ به خدا تعاليٰ کي عرض ڪري ٿو
چوي ته پرينم يعني اي منهنجا پرين، تنهنجا پار
ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان!
سر ڪلياڻ جوپهريون فصل پورو ٿيو، جنهن ۾ خاص توحيد
جي تعريف آهي ۽ سواءِ توحيد جي ۽ تعريف توحيد جي
ٻيو ڪو به مطلب ڪو نه آهي. ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ جي هن رسالي جو سواءِ الله تعاليٰ ۽ الله
تعاليٰ جي رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي تعريف
کان سواءِ ٻيو ڪوبه مقصد يا مطلب نه آهي. انهيءَ
ڪري سڄي رسالي ۾ جيڪو مقصد يا مطلب اچڻو هو. سو
سمورو هن ”سر ڪلياڻ“ جي فصل پهرئين ۾ شاهه صاحب
ڀٽائي رحمة الله عليہ پنهنجي بيحد دانائيءَ ۽
قابليت سان بيان فرمايو آهي، جيئن ڪنهن ڪافيءَ يا
ڪلام جو ٿلهه پهريائين رکيو ويندو آهي ۽ مصرع
انهيءَ کان پوءِ رکيا يا لکيا ويندا آهن. پر سڀني
مصرعن جو سمورو مطلب قابل شاعر ڪلام جي پهرئين ٿل
۾ رکندا آهن. اهڙيءَ طرح ڀٽائي صاحب به هي پهريون
فصل سر ڪلياڻ جو اهڙي طرح رکيو آهي جو سندس سڄي
رسالي جو مقصد – خاص الله سائينءَ ۽ ان جي رسول
صلي الله عليہ وسلم جي تعريف ۽ محبت – ڪرڻ آهي،
جيڪا هن ڪئي آهي. الله تعاليٰ جي وڏائيءَ جي تعريف
اسان جي سمجهڻ ۽ پوري سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ
ته الله تعاليٰ کي هنن اکين سان هن دنيا ۾ ڪو به
ڏسي نٿو سگهي. انهيءَ ڪري اڻ ڏٺل شيءِ سان محبت
رکڻ ڏکي ٿي ٿئي. باقي دل ۾ شوق پيدا ٿيندو ۽
انهيءَ مالڪ جي تعريف ٻڌي ڏانهنس دل جي وڌيڪ رغبت
ٿيندي آهي. جيئن ڪنهن دنيوي محبوب چيز جي پهرين
تعريف ٻڌي يا ڏسي، مجازي ۽ ظاهر جون حِسون به ان
جي طرف لاڙو ڪنديون آهن، ۽ اکيون ڪنهن چڱيءَ شيءِ
کي ڏسڻ سان ان کي محبوب رکنديون آهن، ڪَن چڱي شعر
يا سرود کي ۽ نَڪُ خوشبوءِ دار شيءِ کي. اهڙيءَ
طرح دل، جا ڇهين حِس آهي، اها پنهنجي نفعي ۽ بقا
کي پسند ۽ محبوب رکندي آهي، جنهن ۾ هن جي سلامتي ۽
چڱائي هجي. پوءِ جڏهن اها الله تعاليٰ جي تعريف
ٻڌي ٿي، تڏهن سندس لاڙو الله تعاليٰ جي محبت جي
طرف ٿو ٿئي، جنهن جي محبت سان سندس اصلي نفعو ۽
بقا آهي.
هاڻي انهيءَ پنهنجي اصلي نفعي جي خاطر دل کي اهو
شوق پيدا ٿيو ته الله تعاليٰ کي ڪنهن طرح سان راضي
ڪجي، انهيءَ ڪري گهڻن دانائن جو چوڻ آهي ته الله
تعاليٰ جو راضپو ان جي اطاعت ۾ آهي. انهيءَ ڪري دل
جي اطاعت فرمانبرداري ۽ عبادت ڏي متوجهه ٿئي ٿي ته
مَنَ الله تعاليٰ راضي ٿئي ۽ مون کي دنيا ۽ آخرت ۾
نفعو ٿئي ۽ ڏکن کان ڇوٽڪارو ملي. ان جو اصل مقصد
ئي پنهنجي سلامتيءَ وارين شين کي محبوب رکڻو آهي.
تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به پهريائين خدا
تعاليٰ جي تعريف ۽ ان جي رسول ڪريم صلي الله عليہ
وسلم جي تعريف بيان فرمائي، ته طالبن ۽ مؤمنن جون
دليون ان مالڪ حقيقيءَ جي تعريف ٻڌي، ان جي طرف
متوجهه ٿين ۽ انهن جي دلين ۾ محبت موليٰ سائينءَ
جي پيدا ٿئي ۽ گهڻي ٿئي. انهيءَ ڪري خدا تعاليٰ جي
تعريف، جا سر ڪلياڻ جي پهرئين فصل ۾ فرمايائين، ان
کان پوءِ ساڳئي سر ڪلياڻ جي فصل ٻئي ۾ محبت موليٰ
۽ محبت وارن جو بيان ٿو فرمائي، ته جيئن پويَن
سالڪن کي سڪ وڌي. انهيءَ ٻنهي فصلن جي مضمونن کي
پاڻ ۾ ملائڻ يعني رابطي يعني ڳنڍڻ جي لاءِ وچ ۾ ٻه
وايون فرمايون آهن، جي هن بيان کان بعد ۾ ڏنيون
وينديون ۽ انهن جي معنيٰ ۽ مطلب به ڏنو ويندو. پر
پهريائين ڪجهه محبت جو بيان ڪريون ٿا.
محبت انهيءَ شيءِ کي چئبو آهي، جنهن شيءِ مان لذت
حاصل ٿئي. اها شيءِ محبوب لڳندي آهي ۽ دل جو ميل
يا طبيعت جو ميل يا لاڙو ان جي طرف ٿيندو آهي. اها
محبت آهي. اڻ وڻندڙ شيءِ جيڪا دل کي چڱي نه لڳندي
آهي ۽ جنهن کان طبيعت ٽهندي آهي، ان کي نفرت چئبو
آهي. انهيءَ ڪري آدميءَ کي سڀني ڳالهين کان بهتر
پنهنجي روزي چڱي لڳندي آهي، پر روزي چڱي تڏهن
ملندي آهي، جڏهن الله تعاليٰ ان کي روزي ڏئي يعني
اها به الله سائينءَ جي وس ۾ آهي. تڏهن وري دل کي
اهو خيال پيدا ٿيو ته الله تعاليٰ جي در تي زاري
ڪريان ۽ ان کي راضي ڪريان. انهيءَ ڪري هن جي دل ۽
طبيعت جو لاڙو انهيءَ مالڪ جي محبت ڏانهن ٿيندو.
پوءِ الله تعاليٰ جي محبت پيدا ٿئيس ٿي ۽ پوءِ وري
ان جي دل جڏهن موليٰ جي محبت جي لذت چکندي، تڏهن
چوندي ته اڃا به اها لذت (خدا تعاليٰ جي محبت جي)
زياده ٿئي ۽ خدا تعاليٰ جي در تي انهيءَ محبت جي
زياده ٿيڻ لاءِ ٻاڏائيندو رهي ٿو. جيئن حضور نبي
ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن خود ارشاد فرمائيندا
هئا ته: ”يا الاهي، تون منهنجي روزي ڪر، مون کي
پنهنجي محبت ۽ جيڪو توسان محبت رکي ان جي محبت ۽
جيڪو عمل مون کي تو سان ويجهو ڪري ۽ پنهنجي محبت
کي منهنجي اڳيان ٿڌي پاڻيءَ کان به وڌيڪ پيارو
رک.“
هاڻي حضور نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جي دعا
مان صاف ظاهر آهي، ته پاڻ سڳورا الله تعاليٰ جي حد
درجي جي محبت هوندي به، اڃا به محبت جي زياده ٿيڻ
جا طالب هئا ۽ الله تعاليٰ کان زياده محبت جي دعا
گهريائون ٿي. محبت وارن جو ايڏو درجو آهي! حضرت
سِرّي سقطي رحمة الله عليہ فرمائي ٿو ته: قيامت جي
ڏينهن جن (ماڻهن) کي محبت الاهي سڀني ڳالهين کان
غالب نه هوندي، انهن کي نبين جي نالي سان سڏيو
ويندو، يعني اي حضرت موسيٰ عليہ السلام جي امت، اي
حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي امت ۽ اي حضرت محمد صلي
الله عليہ وسلم جي امت، مگر جيڪي عاشق الله جا ۽
محب هوندا، تن کي ههڙيءَ طرح سڏيو ويندو ته اي
اولياءَ الله! يعني دوست الله جا، خدا پاڪ جي طرف
هلو. پوءِ انهن جي دل خوشيءَ کان نه پئي ماپندي ۽
ڀڄندا ويندا.
هرم بن حيّان رحمة الله عليہ فرمائي ٿو ته
ايماندار جڏهن پنهنجي ربّ کي سڃاڻندو آهي، تڏهن ان
سان محبت ڪندو آهي، جڏهن محبت ڪندو آهي، تڏهن ان
جي طرف متوجهه ٿيندو آهي. جڏهن انهيءَ متوجهه جو
مزو چکندو آهي، تڏهن هن دنيا جي طرف خواهش جي نظر
سان نه ڏسندو آهي ۽ نه آخرت جي طرف ڪاهليءَ جي نظر
سان- پنهنجي جسم سان ته دنيا ۾ رهندو آهي ۽ روح
سان آخرت ۾.
يحيٰ بن معاذ رحمة الله عليہ فرمائي ٿو ته: خدا
تعاليٰ جي معافي ته سڀني گناهن کي ميٽي ڇڏي، پوءِ
ان جي رضا جو ڪهڙو حال هوندو؟ پر ٻڌو اٿم ته
انهيءَ جي رضا ۾ سڀ اميدون اميدوار کي ملي ٿيون
وڃن، ته ان جي محبت جو حال ڪيئن هوندو؟ ان جي محبت
عقل وارن کي مدهوش ڪندي آهي، ته ان جي مودت يعني
دوستيءَ جو ڪهڙو مڪان هوندو ۽ جڏهن مودت غير الله
کي وساري ٿي ڇڏي تڏهن ان جو لطف يعني مزو ڪهڙو نه
۽ ڪيئن نه اعليٰ درجي جو هوندو! يحيٰ بن معاذ رحمة
الله عليہ فرمائي ٿو ته: هڪ واريءَ جي داڻي برابر
محبت منهنجي اڳيان ستر ورهين جي عبادت کان زور ڀلي
آهي.
هيءُ محبت جو تمام بيحد بيان آهي ۽ هن ضعيف ٻانهي
جي بيان ڪرڻ جو نه آهي، ۽ هن وقت وري اسان ساڳئي
خيال تي بيان ٿا ڪريون، ته شاهه صاحب رحمة الله
عليہ سر ڪلياڻ جي فصل پهرئين ۾ توحيد جو بيان پورو
ڪندي ساڳئي سر جي ٻئي فصل جي ڳنڍڻ لاءِ، يعني انهن
محبت وارن کي انهيءَ پاسي رغبت ڏيارڻ لاءِ، جنهن
فصل ۾ عاشقن الله تعاليٰ جي عشق ۽ انهن جي محبت
اعليٰ طرزن تي ۽ سهڻن مثالن تي هنن جون حقيقتون
بيان ڪيون اٿس. ۽ انهن ٻنهي فصلن جي وچ ۾ ٻه
وايون، جي انهن ٻنهي فصلن کي ڳنڍڻ جي لحاظ يعني
پهرئين فصل ۾ توحيد جي تعريف ڪندي، عاشقن ۾ عشق
پيدا ڪري ۽ انهن جي اڳيان عشق جي ڦٽيلن ۽ انهن جي
احوالن ۽ انهن جي محبتن جو بيان ڪندي فرمايون اٿس،
جي پڻ عجيب نموني آهن، جن جون معنائون ٻنهي فصلن
جو مواد رکن ٿيون.
وائي
سَڀَڪَا پِرِين ڪُون پُوڄي،
نِينٌهن نِيڻين ڳُڙُ ڳَالهه وو،
جا چِتَايَمِ چَيَمِ سَڄَڻُ سَا ٿو ٻُجهي،
لات جا لطيف جِي سَڏُ تَنهِين جو سُڄي.
وائيءَ جي پهرين تُڪ آهي ته ”سڀڪا پرينءَ ڪون
پوڄي.“ هاڻي هن تُڪ جو مطلب آهي ته جيڪو دنيا ۾ هر
ذرو يا جانور آهي، يا پکي آهن، يا ماڪوڙيون
وغيرهه آهن، مطلب ته دنيا جي هر چيز ننڍڙي توڙي
وڏي انهيءَ پرينءَ حقيقي جي پوڄا يعني عبادت ٿي
ڪري، جيئن خدا سائينءَ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو
آهي. سورة نور جي رڪوع 6 ۾ ته:
اَلَمٌ تَرَ اَنَّ اللهَ يُسَبِّحُ لَہٗ مَنٌ فِيٌ
السَّمٰواةِ وَ الٌاَرٌضِ وَالطَّيٌرِ، صٰفّٰتٍ
ڪُلُٗ قَدٌ عَلِمَ صَلَاتَہٗ وَ تَسٌبِيٌحُہٗ○
ترجمو: ڇا ڪو نه ٿو ڏسين تون ته خدا سائينءَ جون
تسبيحون ٿا چون جيڪي آهن آسمانن ۽ زمينن ۾؟ سڀن
ٽولن جي ڄاڻي ٿو خدا تعريف ۽ پکي صفون ڪن ذڪر ۾ ۽
تسبيح ۽ ڄاڻي خدا جيڪي ڪن ٿا تعريف اوءِ سڀيئي.
هن آيت مان صاف ظاهر آهي ته دنيا جو هر ذرو خدا
سائينءَ جي عبادت ڪري ٿو، ۽ هن آيت جو وڌيڪ بيان
اسان هن کان مٿي انهيءَ بيت، جنهنجي پڄاڻي آهي ته
”هو هولاچو هل بالله سندو سڄڻين“، انهيءَ ۾ آندو
اٿئون. باقي هِتي به وائيءَ جي پهرين تڪ جو مطلب
رکي ٿي. ”سڀڪا پرين ڪون پوڄي.“ هاڻي هن مان هڪ
سوال اٿي ٿو ته ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ هن تڪ ۾
ائين ڇو نه فرمايو ته ”سڀڪا خدا ڪون پوڄي“. انهيءَ
جو مطلب هيءُ آهي ته سڀڪو پنهنجي پياري وڻندڙ پسند
پيل کي پيار ڪندو آهي ۽ محبت ڪرڻ جو لائق هڪڙو خدا
ئي آهي. هن تڪ مان انهيءَ مطلب تي لاڙو آهي ته
سڀڪا شيءِ پوڄي رهي آهي پنهنجي پياري پسند ڪيل
پرينءَ کي، جو الله آهي. هاڻي وري انهيءَ مان هڪڙو
سوال ٻيو ٿو اٿي ته جڏهن الله تعاليٰ کي ڪا شڪل
شبيہ ۽ مثل نه آهي، ته ان سان محبت ڪيئن ٿي سگهي
ٿي ۽ منزّهه مون ڌڻي آهي، جنهن کي ڏسي سمجهي وڃڻ
محال آهي ۽ محبت جيڪا محبت ڪنهن شيءِ سان ٿئي ٿي
انهيءَ جا گهڻا سبب آهن. ان جو هڪڙو سبب هيءُ آهي
جو بغير اک جي ڏسڻ سان به محبت ٿي سگهي ٿي، ڇو ته
ظاهري اک جي ڏسڻ يا ڪَن جي ٻُڌڻ يعني پنجن ئي
حِسُّنِ کان سواءِ ڇهين حِسّ دل جي به آهي. جنهن
ڪري انسان کي ٻين چوپاين جانورن تي ڀلائي ۽ بهتري
حاصل آهي. انهيءَ دل واري حِسّ، جنهن کي عقل يا
نور يا قلب يا ٻئي ڪنهن به اهڙي نالي سان سڏيو،
انهيءَ دل واري حسّ کي ظاهر وارن حِسّن کان وڌيڪ
سمجهڻ جي طاقت الله تعاليٰ کان مليل آهي، ۽ انهيءَ
دل واري حسّ سان پسنديده اخلاق يا افعال ڄاڻڻ،
سمجهڻ سان به سواءِ ظاهر جي ڏسڻ جي به محبت ٿي
سگهي ٿي. جهڙيءَ طرح حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم
۽ سندس صحابن ڪرامن جا حميده اخلاق ۽ افعال ٻڌي
مؤمنن کي ساڻن ايڏي محبت پيدا ٿيندي آهي، جو سندن
امر ۽ متابعت تي پنهنجون جانيون فدا ڪرڻ لاءِ به
تيار هوندا آهن. يا مذهبن جي امامن جهڙوڪ امام ابو
حنيفہ رحمة الله عليہ ۽ امام شافعي رحمة الله عليہ
۽ ٻين امامن، مجتهدن ۽ مرشدن پيشوائن سان ايتريقدر
ايمان وارن جي دل هوندي آهي، جو انهن جي شان ۾ گهٽ
وڌ چوڻ ۽ ٻُڌڻ سان تڪرار ڪرڻ وقت سر جي سودي ڏيڻ
لاءِ تيار آهن، ان مان ثابت آهي ته سواءِ ظاهر ڏسڻ
جي محبت ٿي سگهي ٿي.
ٻيو سبب محبت جو احسان آهي. جيئن آهي ته ”الانسان
عبدالاحسان“ يعني انسان ٻانهو آهي احسان جو ۽ دلين
جي پيدائش ۾ ئي آهي. احسان ڪندڙ سان محبت ڪرڻ ۽
برائي واري سان بغض رکڻ. جيئن حديث شريف ۾ آهي ته:
اي الاهي! ڪنهن بدڪار جي نعمت يا ٿورو احسان مون
تي نه ڪر، جو ان جي سبب کان منهنجي دل ان کي محبت
ڪري، روايت ڪري. روايت ڪندڙ ان جو ابو منصور ۽
مسند فردوس بروايت معاذ رضي الله تعاليٰ عنہ.
هاڻي هن حديث شريف مان به صاف ظاهر آهي ته جيڪڏهن
محسن بدڪار آهي، تڏهن به ان ڏانهن دل جي محبت پيدا
ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته احسان الله سائينءَ جي نالن مان
هڪڙو نالو آهي. تڏهن انهيءَ احسان جي نالي جي اثر
ڪري محبت قلبي پيدا ٿئي ٿي، جنهن کي ٽاري نٿو
سگهجي. اهو امر سرشتي ۽ فطري آهي، جنهن جي مٽائڻ
جي ڪا واٽ نه آهي. انهيءَ ڪري انسان جي اهڙي ٻئي
انسان سان محبت ٿي ويندي آهي، جيئن اصل کڻي هو
ڌاريو هجي. محسن انهيءَ کي چئبو آهي، جيڪو مال ۽
ٻئي اسباب سامان سان مدد ڪري ۽ انهيءَ جي احسان
کان وجود جو ڪو نه ڪو نفعو يا فائدو يا لذت حاصل
ٿئي، جنهن سان وجود تيار ٿيندو آهي. اهو سبب هوندو
آهي، جنهن کان عضون جي محبت ڪمال وجود جي لاءِ
هوندي آهي ۽ اها محبت خاص پنهنجي نفس جي فائدي
لاءِ ۽ ڪمال لاءِ آهي ۽ هو بذات خود محبوب نه آهن.
مثال، جهڙي طرح طبيب پنهنجي ذات جي سببان محبوب نه
آهي، بلڪه انهيءَ سبب کان محبوب آهي، جو اهو صحت
جو سبب آهي. اهڙي طرح علم ۽ استاد ٻئي محبوب شيون
آهن. مگر علم محبوب خود آهي ۽ استاد انهيءَ جي سبب
کان محبوب آهي. اهڙيءَ طرح کائڻ پيئڻ به محبوب ۽
روپيو پيسو به محبوب، پر غذا بذات خود محبوب آهي ۽
روڪڙ ان جي وسيلي هجڻ سبب محبوب آهي. پوءِ فرق
ٻنهي محبتن ۾ جيڪڏهن آهي ته رتبي جو آهي. هڪڙي اول
درجي جي آهي ۽ ٻي ٻيو درجو، پر پنهنجي نفس جي محبت
ٻنهي سان آهي.
هاڻي جو شخص محسن سان احسان جي سيئون محبت رکندو
آهي، اهو ان جي ذات جو محب نه آهي، بلڪه ان جي
احسان کي دوست رکندو آهي. احسان هڪڙو فعل محسن جي
فعلن مان آهي. جيڪڏهن محسن اهو ڪم بجاءِ نه آڻي،
ته محبت هلي ويندي، توڙي اهو پاڻ موجود هجي ۽ ان
جو احسان جيتري قدر گهٽ ٿيندو ويندو، اوتري قدر
محبت به گهٽ ٿيندي ويندي. جيڪڏهن احسان وڌندو
ويندو ته محبت به اوتري قدر وڌندي ويندي. هاڻي
انهيءَ قانون موجب اهو حقيقي محسن الله
تعاليٰ،مجازي محسنن کان وڌيڪ محبت جو حقدار آهي،
جنهن جون نعمتون پنهنجن بندن تي بي شمار آهن. جيئن
خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي ته:
وَ اِنٌ تَعُدُوٌ نِعٌمَتَ اللهِ لاَ تُحٌصُوٌهَا○
ترجمو: جيڪڏهن ڳڻيو احسان خدا جا ته نه پورا ڪري
سگهندؤ.
ٽيون سبب محبت جو هيءُ آهي، جو ڪنهن شيءِ کي ان جي
ذات جي سبب کان ئي محبوب ڄاڻي ۽ ان کان پاڻ کي
ڪجهه فائدو هجي يا نه هجي ۽ خود ان جي ذات وڏو
فائدو هجي. انهيءَ محبت کي حقيقي محبت چوندا آهن ۽
انهيءَ محبت جي هميشه رهڻ جو اعتماد هوندو آهي،
جيئن محبت حُسن ۽ جمال جي، جا هر هڪ سمجهه واري جي
اڳيان محبوب آهي. اها محبت رڳو جمال جو ئي سبب آهي
۽ انهيءَ جمال جي سمجهڻ ۽ ڏسِڻ کان لذت آهي. لذت
بذات خود محبوب هوندي آهي. هي گمان ڪرڻ نه گهرجي
ته محبت سهڻين شڪلين کان سواءِ ٿي نٿي سگهي.
انهيءَ ڪري پورو ڪرڻ خواهش ۽ تمنا جي ٻي لذت آهي.
انهيءَ ڪري ڪن وقتن تي صورتن کي محبوب سمجندا آهن،
پر خود جمال لذت وارو آهي ۽ بذات خود لذت وارو
آهي. مثلن ساوَلِ يا ٿڌو پاڻي وهندڙ محبوب آهي، نه
انهيءَ سبب کان ته ڪجهه ان جو پيئڻ يا نفعو حاصل
ٿئي. آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن جي طبع مبارڪ
کي ساوَلِ ۽ وهندڙ پاڻي وڻندو هو. ائين نظر ڪري
ڏسندؤ ته باغيچا، گل ڦل ۽ سهڻا جانور، چڱن نقشن
وارا،لذت وارا هوندا آهن ۽ ماڻهو انهن سان پنهنجي
دل وندرائيندا آهن، ڇو ته اهي چيزون لذت پهچائيندڙ
آهن. هاڻي جڏهن مجازي جمال واريون شيون محبوب ٿيون
لڳن، تڏهن حقيقي جمال خدا تعاليٰ جو جنهن شخص تي
ظاهر ٿي ويندو، انهيءَ جي اڳيان بيشڪ اهو محبوب
هوندو.
حديث شريف ۾ آهي ته:
اِنَ اللهَ جَمِيٌلءُ وَّ يُحِبُّ الٌجَمَالُ○
ترجمو: تحقيق الله تعاليٰ جمال وارو آهي ۽ جمال
وارن سان محبت رکندو آهي.
چوٿون سبب محبت جو خود حُسن جمال آهي. انهيءَ ڪري
معنيٰ حُسن جمال جي لکڻ ضروري آهي. ظاهر ٿو ڪجي ته
جيڪي ماڻهو خيالات ۽ محسوسات جي مجلس ۾ قيد آهن،
اهي گهڻو ڪري هيئن ڄاڻندا آهن، ته حُسن جمال شايد
سهڻيءَ شڪل ۽ ڳاڙهي يا اڇي سهڻي رنگ وغيره جهڙيون
ڳالهيون، جن سان انسان سينگاريل هوندو آهي، انهيءَ
ڪري انهيءَ سبب کان خلق تي اهو حُسن غالب آهي،
جيڪا کين سان نظر ۾ اچي. انهيءَ ڪري ان سان محبت
رکندا آهن ۽ گمان ڪندا آهن، ته جيڪا شيءِ نظر نه
اچي ۽ نه شڪل رکي ۽ نه خيال ۾ اچي ۽ نه رنگ ڍنگ
هجي، ان جو حُسن جمال ٿي نٿو سگهي. هاڻي جڏهن حُسن
جمال ان جو ٿي نٿو سگهي، تڏهن ان جي سمجهڻ ۾ به
لذت نه هوندي ۽ اها شيءِ ان جي لاءِ پياري به نه
هوندي. اها انهن جي وڏي غلطي آهي، ڇاڪاڻ ته حُسن ۽
جمال جو منحصر فقط ظاهري اک يعني ظاهر جي اکين تي
نه آهي ۽ نه انهن جي محسوسات ۽ نه انهن جي رنگ تي
آهي.
جيئن مثال چئجي ته هيءُ گهوڙو حَسين آهي، يا هيءَ
لکت سهڻي آهي،يا ڪپڙا، ٿانوَ وغيره يا هيءُ آواز
چڱو آهي. هاڻي جيڪڏهن حُسن جي معنيٰ شڪلين تي
منحصر آهي ته ، ته اتي سهڻي آواز جي معنيٰ ڇا
ٿيندي؟ ڇو ته اهو اکين جي ڏسڻ سان ته آهي ئي ڪونه،
ڇو ته انهن جي آوازن جي سهڻائي ڪَنن جي حسِ مان
سمجهي وڃي ٿي ۽ اتي اک ته نه ڏُٺو، ڇو ته ان کي
شڪل نه آهي. اهڙيءَ طرح پنجن ئي حِسُن سان ان کي
حُسن جمال وارو سمجهي حُسن جمال جو اهو ڪمال نه
آهي، جو پنجن حواسن سان سمجهيو وڃي. جهڙيءَ طرح
علم، عقل، سخا، پهلواني، پرهيزگاري، بخشش، مروت –
اهي سڀئي ظاهر جي پنجن ئي حسِن کان سمجهڻ جون نه
آهن، پر اهي شيون نُور بصيرت، باطني ۽ معرفت سان
معلوم ٿينديون آهن ۽ اهي سڀ چڱيون آهن ۽ محبوب
لڳنديون آهن. اهي صفتون جنهن ۾ مجازن طرح هونديون
آهن تڏهن اهي به محبوب لڳندا آهن. پر حقيقي طرح
انهن جميلہ يعني سهڻين صفاتن جو مالڪ اهو حقيقي
مالڪ الله تعاليٰ آهي، جنهن سبب کان ئي الله
تعاليٰ جي محبت حق آهي ۽ الله تعاليٰ ئي محبت جو
حقدار آهي ۽ ان سان ئي محبت رکڻ گهرجي.
پنجون سبب محبت جو وڏو، جو سڀني شين کان وڏو ۽ قوي
سبب ۽ ڳجهو آهي، سو هيءُ آهي ته جڏهن محب کي محبوب
جي محبت ٿئي ٿي، تڏهن محبوب کي به محب سان محبت
ٿئي ٿي. جيئن حضور جن حديث فرمائي آهي ته جيڪي
هڪٻئي سان محبت رکن ٿا، انهن ٻنهي جي هڪٻئي سان
محبت آهي ۽ جڏهن انهن مان محبت وڃي ٿي، تڏهن ٻنهي
مان وڃي ٿي ۽ جدا ٿين ٿا. خدا سائينءَ پنهنجي پاڪ
ڪلام ۾ فرمايو آهي ته:
فَاذٌ ڪُرُوٌنِيٌ اَذٌڪُرٌڪُمٌ○
ترجمو: اي ٻانها توهان مون کي ياد ڪيو ته مان
توهان کي ياد ڪيان.
هاڻي هن سبب کي جو اسان وڏو ڪري لکيو آهي، اهو سبب
هيءُ آهي ته جڏهن ٻانهو الله سائينءَ کي محبت ڪري
ٿو ۽ ياد ڪري ٿو، تڏهن الله تعاليٰ به پنهنجي
مهربانيءَ سان ان کي محبت سان ياد ڪري ٿو ۽ الله
تعاليٰ کي ٻانهو تڏهن ياد ڪري ٿو، جڏهن الله
تعاليٰ ان جي حق ۾ چڱائي گهري ٿو ۽ پنهنجي محبت
سان نوازي ٿو. اها محبت حقيقي آهي ۽ ڪمال ۽ بقا
واري آهي.
هاڻي، هنن مٿين بيانن مان معلوم ٿيو ته محبت جا
پنج سبب آهن، جي ياد رکڻ گهرجن؛ جي وري مختصر
دهرايا وڃن ٿا؛ اول انسان جي محبت پنهنجي وجود جي
ڪماليت ۽ بقا لاءِ هوندي آهي. ٻي محبت پنهنجي محسن
يعني احسان ڪندڙ جي اهڙين شين ۾، جنهن سان پنهنجي
وجود جي هميشگي يعني بقا يا جٽاءَ ۽ مشڪلاتن جي
لاهڻ لاءِ مدد ملي. ٽين محبت اهڙي شخص جي، جو بذات
خود ماڻهن سان محبت ڪري ۽ پنهنجي محب سان سلوڪ نه
ڪري. الله الصمد بي نياز. چوٿين محبت اهڙي شيءِ
جي، جو بذات خود حُسن جمال واري هجي، پوءِ اها
صورت ظاهري هجي توڙي باطني. پنجين محبت اهڙي شخص
جي محبت جو ان ۽ محب ۾ ڍڪيل مناسب باطن ۾ هجي.
پوءِ جيڪڏهن اهي مٿيان پنج ئي سبب هڪڙي ئي شخص ۾
جمع هجن ته محبت به بنا شڪ جي ٻيڻي هوندي.
مثلن جيڪڏهن ڪنهن شخص جو ڪو پٽ خوبصورت، خوش خلق ۽
علم ۾ ڪماليت وارو - ۽ تدبير ۾ چڱو ۽ ماڻهن سان
سلوڪ ڪرڻ وارو ۽ ماءُ پيءُ جو خدمت گذار هجي، ته
ظاهر آهي ته پيءُ جي اهڙي پٽ سان نهايت درجي جي
محبت هوندي ۽ محبت جي قوت انهن سببن جي ڪٺي هجڻ تي
ايتري قدر وڌيڪ هوندي، جيتري قدر هو عادتن پنهنجين
۾ قوي هوندو. پوءِ جيڪڏهن اهي صفتون ڪنهن شخص ۾
ڪمال درجي جون هونديون ته محبت به اعليٰ درجي جي
هوندي.
هاڻي اهو بيان ٿو ڪجي ته مستحق محبت جي صرف خدا
پاڪ جي ذات آهي، ڇاڪاڻ ته انهن بيان ڪيل سببن ۾
ڪامل هجڻ ۽ گڏ هجڻ خداوند جل جلالہ جي ذات کان
سواءِ ٻي ڪنهن ۾ نه آهن. انهيءَ ڪري واقعي مستحق
محبت جو به انهيءَ ذات پاڪ کان سواءِ ٻيو ڪوئي نه
آهي، جيڪو غير خدا سان محبت ڪري ۽ خدا جي طرف ان
جو لاڙو نه ڪري، ته ان جي پنهنجي جهالت ۽ قصور
معرفت الاهي کان آهي. سو هينئن ، جو محبت رسول
الله صلي الله عليہ وسلم جي بهتر آهي انهيءَ سبب
کان، جو اها محبت عين الله تعاليٰ جي محبت آهي ۽
اهڙيءَ طرح محبت علمائن ۽ پرهيزگارن ۽ اوليائن جي
تصور ڪرڻ يعني خيال ۾ آڻڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته محبوب
جو محبوب ۽ ان جو رسول ۽ ان جو محب سڀ محبوب آهن ۽
سڀني جي محبت انهن جي اصليءَ جي ئي محبت آهي.
انهيءَ ڪري غير جي طرف لاڙو نٿي ڪرائي ۽ اهل بصيرت
وارن جي اڳيان، واقعي سواءِ خدا تعاليٰ جي ٻيو
ڪوئي محبوب نه آهي ۽ نه ٻيو ڪو مستحق محبت جو آهي.
انهن جي تشريح اها آهي، جو مٿيان بيان ڪيل سبب
سمورا خدا تعاليٰ ۾ موجود يا جمع آهن ۽ غير الله ۾
گڏ نه ٿيندا آهن. خدا تعاليٰ ۾ انهن جو هجڻ
حقيقتاً آهي ۽ ٻين ۾ جي کڻي آهن ته ظاهري آهن، جو
رڳو وهم ۽ خيال آهي. ان جي ڪجهه به حقيقت نه آهي.
جڏهن هيءُ امر ثابت ٿي ويندو، تڏهن اهل بصيرت وارن
تي هي راز کلي ويندو، جا ڳالهه ڪم عقلن ۽ ضعيف دل
وارن خيال ڪري رکي هئي ته محبت الاهي محال آهي،
اهو امر بلڪل خلاف آهي.
هاڻي سبب پهرئين تي غور ڪيو ته انسان پنهنجي نفس
کي محبوب ڄاڻندو آهي، تنهنڪري انهيءَ جي هميشگي ۽
ڪمال ۽ بقا گهرندو آهي ۽ ان جي هلاڪت ۽ نيستي ۽
نقصان ۽ ڪمال جي مانع کي ناپسند رکندو آهي. اهي
ڳالهيون هر هڪ زندهه جي سرشتي ۾ داخل آهن ۽ ان جي
نفس جي هميشگي ۽ ڪمال ۽ بقا الله تعاليٰ جي طرف
کان آهي ۽ ان جي سبب کان هن جو وجود قائم آهي. اهو
ان کي بقا رکڻ وارو آهي ۽ اهو ئي صفات ڪمال پيدا
ڪري، ڪامل ڪندو آهي ۽ ڪمال جي طرف پهچڻ جي سامان
کي پيدا ڪندو آهي، نه ته ٻانهو پنهنجي ذات جي روءِ
کان ڪجهه به وجود نٿو رکي ۽ محو ۽ عدم يعني ناچيز
آهي، جيڪڏهن خدا تعاليٰ پنهنجي فضل کان پيدا نه
ڪري يا پڄاڻا پيدا ڪرڻ جي، جيڪڏهن ان جو فضل شامل
حال نه هجي، ته هلاڪ ٿي وڃي ۽ جيڪڏهن اهو پنهنجي
ڪرم سان ڪامل نه ڪري ته ناقص رهي.
حاصل مطلب ته ڪائي اهڙي شيءِ موجود نه آهي، جنهن
کي پنهنجي ذات کان قيام هجي، سواءِ ذات خدا تعاليٰ
قيوم ۽ زندهه جي، جو بذات خود قائم آهي ۽ ٻيون سڀ
شيون ان جي سببان قائم آهن. پوءِ جي عارف پنهنجي
ذات سان محبت رکندو، ته ان لاءِ ضروري آهي ته
انهيءَ ذات موليٰ جي سان محبت رکي، جنهن کان ان جو
وجود آهي ۽ جنهن کان ان جي وجود جي بقا آهي،
بشرطيڪ ان کي خالق موجد ۽ باقي رکڻ وارو ۽ قائم
بالذات ۽ ٻين کي قائم رکڻ وارو ڄاڻي ۽ جيڪڏهن
اهڙيءَ ذات سان محبت نه رکي ته پنهنجي نفس ۽ رب،
ٻنهي کان جاهل آهي، ان لاءِ جو محبت ميوو معرفت جو
آهي. جڏهن معرفت نه هوندي ته محبت نه هوندي؛
جيڪڏهن معرفت ضعيف هوندي ته محبت به ضعيف هوندي،
جي قوي هوندي ته محبت به قوي هوندي. مطلب ته سڀڪو
پنهنجي پياري شيءِ کي ٿو پيارو گهري انهيءَ ڪري
عاشق پنهنجي محبوب وٽ مقيد آهي ۽ ٻانهو پنهنجي
معبود وٽ مقيد آهي. انهيءَ ڪري ان کي پوڄي ٿو، جو
اهو ان کي پيارو آهي.
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ وائيءَ ۾ ٿو فرمائي ته
”سڀڪا پريان ڪون پوڄي“، يعني سڀڪو پنهنجي پياري
پرينءَ محبوب کي ٿو پوڄي. اسان جيڪو مٿي بيان لکيو
آهي ته وجود پنهنجو پيارو آهي ۽ ان جا سڀ لڳ
لاڳاپا، جن سان انهن جي بقا آهي، سو انهيءَ حقيقي
پرينءَ الله تعاليٰ کان آهي. تڏهن الله تعاليٰ
پيارو ۽ حقيقي محبوب آهي ۽ سڀ شيءِ انهيءَ پرينءَ
جي پوڄا ڪري رهي آهي، اهو ئي پوڄا جو مستحق آهي ۽
پوڄا ان کي سونهي ٿي، جو پوڄا ڪندڙن جي بقا به
انهيءَ کان آهي. پوڄا ڪندڙن کي به اهو پيارو آهي.
تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب فرمائي ته ”سڀڪا پرين ڪون
پوڄي“. پر جڏهن انهيءَ پوڄا ۽ محبت جو منحصر معرفت
تي آهي، يعني جيتري قدر پوڄا ڪندڙ کي معرفت ۾ يعني
انهيءَ مٿينءَ بيان ڪيل ڳالهه ۾ سڃاڻپ ۽ سمجهه
هوندي، اوتري قدر پوڄا ۽ ان جي محبت ۾ لذت وارو
هوندو. تڏهن وائيءَ جي ٻي تڪ ۾ ڀٽائي صاحب رحمة
الله عليہ ٿو فرمائي ته”نينهن نيڻن ڳڙ ڳالهه وو“،
يعني جيڪو محبت واريءَ اک سان انهيءَکي سڃاڻندو ته
انهيءَ حقيقي محسن جا ايترا احسان آهن، جو اسان
ڳڻيون ته ڳڻي نه سگهون.
خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي ته:
وَ اِنٌ تَعُدُوٌ نِعٌمَتَ اللهِ لاَ تُحٌصُوٌهَا○
ترجمو: ته جيڪڏهن ڳڻيو احسان خدا جا، ته نه پورا
ڪري سگهندؤ.
تڏهن اهڙي محسن، جنهن جا بيشمار احسان بندي تي
آهن، ان جي احسانن ۽ محسن ڏانهن يعني عشق يا محبت
جي نگاهه يا نظر سان جيڪو ڏسندو، ته هيءَ ڳالهه ڳڙ
يعني ان کي هيءَ ڳالهه مِٺي لڳندي. مثال طور
جيڪڏهن ڪو شخص سج جي گرميءَ ۾ مبتلا آهي ۽ اهو ان
جي بچاءَ لاءِ پاڇي کي محبوب يعني پيارو ڄاڻندو،
ته اهو بيشڪ وڻ کي به پيارو ڄاڻندو، جنهن جي قيام
کان پاڇو آهي، هر موجود چيز جي به خدا تعاليٰ جي
قدرت طرف ، اهڙي نسبت آهي، جهڙي پاڇي جي وڻ جي طرف
يا نور جي سج طرف. پر انهيءَ پاڇي جي وڻ ڏانهن ۽
نور جي سج ڏانهن نسبت آهي ۽ انهيءَ وڻ ۽ سج جو
قيام انهيءَ قائم حقيقي يعني الله تعاليٰ جي قيام
کان تنهنڪري وري به پيارو محبوب اهو ئي آهي، جنهن
جي قيام کان ٻين جو قيام آهي. تڏهن”سڀڪا پريان ڪون
پوڄي، نيهن نيڻين ڳڙ ڳالهه وو“. جيڪڏهن محبت وارن
نيڻن يعني اکين سان هيءَ ڳالهه ڏسبي، ته ان کي اها
ڳالهه مِٺي لڳندي ۽ پرينءَ جو پوڄڻ به مِٺو لڳندو.
باقي هن تڪ ۾ جو ”سڀڪا“ جو لفظ آيل آهي، سو هر
شيءِ، ننڍيءَ ۽ وڏيءَ ڏانهن اشارو آهي. اهڙي ثابتي
حديث شريف ۾ به آهي ته ”ڀتر ۽ پٿر به الله تعاليٰ
جو ذڪر ڪن ٿا“، ڇو ته انهن کي به پنهنجي مالڪ،
سائينءَ،پرينءَ يا محبوب سان پيار آهي، تڏهن
انهيءَ کي پوڄي رهيا آهن. تڏهن ٿو ڀٽائي رحمة الله
عليہ فرمائي ته ”سڀڪا پريان ڪون پوڄي“، پر وڏو
مطلب هيءُ آهي ته نينهن نيڻين هجي يعني محبت هجي،
پوءِ (ڳڙ ڳالهه وو) يعني ان کي هيءَ سڀ ڳالهه مٺي
لڳندي.
نقل آهي ته حضرت ابراهيم خليل الله عليہ السلام کي
مَلَڪ عزرائيل عليہ السلام چيو ته”خدا تعاليٰ جو
حڪم آهي ته مان توهان جو روح قبض ڪريان“. چيائينس
ته”نه، توکي خبر آهي ته مان خليل الله آهيان؟“
چيائين ته ”هائو“. تڏهن حضرت ابراهيم خليل الله
عليہ السلام فرمايس ته ”تو ائين ڪڏهن ٻُڌو آهي ته
هڪ دوست ٻئي دوست کي ماري؟“ تڏهن مَلَڪ عزرائيل
عليہ السلام الله تعاليٰ کي عرض ڪيو ته”حضرت
ابراهيم عليہ السلام جو جواب تون ڄاڻين ٿو.“ تڏهن
خدا تعاليٰ فرمايس ته ”تون وڃي چئينس ته تو ڀلا
ائين ٻُڌو آهي ته ڪو دوست پنهنجي دوست جي ملاقات
کان نفرت ڪندو آهي؟“ تڏهن حضرت ابراهيم عليہ
السلام چيس ته ”هاڻي ڀلي منهنجو روح قبض ڪر.“ |