ٻيو درجو هيءُ آهي، جو دنيا کي پنهنجي شوق
سان ڇڏي ڏئي، هن سبب کان ته جنهن شيءِ جي
طمع يا لالچ ۽ محبت هن کي آهي، ان جي نسبت
دنيا کي گهٽ ڄاڻي، جيئن ٻن دُرمن جي طمع ۾
هڪ دُرم کي ڇڏي ڏئي، ته ان درم جي ڇڏي ڏيڻ
جو هن کي ڏک نه ٿيندو، پر ٿورو انتظار
ڪندو. ۽ اهڙي طرح جيڪو زاهد پنهنجي زهد کي
سمجهندو آهي، ۽ ان جي طرف خيال ڪندو آهي،
جيئن ڪو وڪري وارو پنهنجي شيءِ وڪڻي
ڄاڻندو آهي، ته مون هيءَ شيءِ وڪڻي، هيءُ
ان جو عيوض ورتم، ان لحاظ کان انهيءَ
نموني جو زاهد پنهنجي نفس تي، ٿي سگهي ٿو
ته عجب ۽ وڏائي ڪري ۽ هينئن ڄاڻي ته مون
هڪڙي اهڙي شيءِ ڇڏي، جي هيتري قيمت ۽
اندازو هو، جنهن جي عيوض ۾ ان کان وڌيڪ
قيمت جي شيءِ ملي اهو درجو به هر حال ۾
نقصان جو آهي. ٽيون درجو سڀ کان ڀلو هي
آهي، جو زاهد پنهنجي خوشيءَ سان زهد ڪري
ته زهد ۾ به زهد ڪري يعني ان کي ڪجهه نه
سمجهي، اُن لحاظ کان ته دنيا ڪا شيءِ نه
آهي، مثلاً جيئن ٺِڪري ڏيئي موتي وٺي، ته
ان کي موتيءَ جو عيوض نه ڄاڻندو، ۽ ائين
ڪو نه ڄاڻندو ته مان به ڪجهه ڏئي موتي
ورتو آهي. ان کي ٺِڪريءَ مثل به خيال نه
ڪري. خدا تعاليٰ ۽ آخرت جي عيش کي ڏسو ته
جيئن ٺِڪرِي، موتيءَ جي نسبت خسيس ۽ تمام
گهٽ آهي، اُها ان کان به زياده خسيس آهي.
پر زهد جو ڪمال انهيءَ درجي ۾ آهي ۽ اهڙي
زهد جي سبب کان ڪمال معرفت آهي. يعني ان
کي خوف دنيا جي طرف رغبت جو نه آهي. جيئن
موتيءَ جي وٺڻ واري جو خيال ٺڪريءَ ڏي نه
آهي ۽ دل ۾ نٿو گهري، ته ڪو انهيءَ سودي
کي رد ڪري پنهنجي ٺڪري کي واپس وٺي.
ابو موسيٰ عبدالرحيم رحه کان حضرت ابو
يزيد پڇيو، ته اوهان ڪهڙو ذڪر ڪري رهيا
هئا؟ پاڻ فرمايائين ته زهد جو. هن پڇيو ته
ڪهڙيءَ شيءِ ۾؟ ان چيو ته دنيا ۾. هن ٻئي
هٿ خالي مهٽي، ڇنڊي، فرمايو ته مون ڄاتو
ته ڪنهن شيءِ جي گفتگو هوندي. دنيا ته
ڪجهه ناهي. زهد ان ۾ ڪهڙو ٿيندو؟ جو شخص
دنيا کي آخرت لاءِ ڇڏي، ان جو مثال اهل
معرفت ۽ صاحب دل جي اڳيان، جن کي هر وقت
مشاهدو ۽ مڪاشفو رهي ٿو، اهڙو آهي، جهڙو
ڪو شخص بادشاهه جي درٻار ۾ وڃڻ گهري ۽
دروازي تي هڪڙو ڪتو بيٺو هجي، جو ان کي
شاهي درٻار ۾ وڃڻ نه ڏئي، ۽ هي ان جي
سامهون هڪڙو ٿورو ڳڀو مانيءَ جو اڇلي ۽
ڪتو ان جي کائڻ ۾ لڳي، ته هي ان جي دروازي
۾ لنگهي پئي، ۽ شاهي قرب حاصل ڪري ۽ سڄيءَ
سلطنت جو ڪاروبار ان جي حوالي ڪيو وڃي، ته
ڇا، اهڙو شخص ان نعمت ۽ انعام بادشاهيءَ
جي عيوض، پنهنجو ڪجهه احسان بادشاهه تي
ڄاڻندو؟ ۽ چوندو ته مون به دروازي جي ڪتي
کي هڪڙو گِرههُ ڏنو؟ اهڙيءَ طرح، شيطان
خدا تعاليٰ جي دروازي جو ڪتو آهي، جو
ماڻهن کي اندر وڃڻ نٿو ڏئي، جيتوڻيڪ
دروازو کليل آهي ۽ پردو کنيل آهي. دنيا
هڪڙي لقمي جي مثل آهي، جيڪڏهن ان کي کائو
ته لذت فقط چٽڻ جي وقت هوندي آهي، جا
ڳهندي ئي ويندي رهندي، پوءِ ان جو بار
معدي ۾ رهندو آهي. آخر نوبت بدبوءِ ۽
پليتي هجڻ کي پهچندي آهي. پوءِ وري ان بار
جي ڪڍڻ جي ضرورت پوندي آهي. پوءِ جو شخص
اهڙيءَ شيءِ کي ان لاءِ ڇڏي ته سلطنت ملي،
ته ڇا، ان کي ان دنيا جو خيال ٿيندو؟ هر
گز نه!
ساريءَ دنيا جي نسبت، يعني جا ڪجهه هڪڙي
شخص کي ملي ٿي، پوءِ توڻي ان جي حياتي سؤ
ورهيه هجي، تڏهن به آخرت جي نعمت جي
مقابلي ۾ ان کان گهٽ آهي، جا لقمي جي
نسبت، سلطنت سان آهي. انهيءَ ڪري جو، بي
بقا شيءِ جي بي نهايت شيءِ جي طرف ڪجهه به
نسبت نه آهي. جڏهن مدت عمر به ٿوري ۽ ان
جي لذت به نفرت ۽ نقصان کان خالي نه آهي،
تڏهن وري ڀلا ان جي لذت آخرت سان ڪهڙي
نسبت ڪبي؟ انهيءَ ڪري محبت موليٰ جي
طالبن، زهد ڪري هن دنيا جي سڀني سورن ۽
تڪليفن جي ڏنڀن، مٿان ڏهاڙي سَهڻيون
هيون، سي سهي به انهيءَ وِرهه جي ونڊ وٺڻ
لاءِ هئا واڍوڙيا. جن زاهدن الله تعاليٰ
جي محبت رکي ٿي، اهي الله تعاليٰ جي راهه
۾ اهڙا لڙيا، جو ڄڻ شيهو پلٽايل ڀِتِ هئي.
ڪيڏانهن مُڙيا ۽ موٽيا ڪونه! انهن کي جڏهن
جهاد لاءِ پڪار ۽ ڪوٺ ٿيندي هئي، ته ائين
ويندا هئا، جيئن اُڃايل ماڻهو پاڻيءَ تي
وڃي ڊوڙندا ويندا هئا، ته خدا جي دين جي
مدد ڪن ۽ درجو شهادت لهن، جيڪو پنهنجي موت
مرندو هئو ته ان کي درجي شهادت جي نه ملڻ
تي حيرت ٿيندي هئي. جڏهن حضرت خالد بن
وليد رضه پنهنجي قريب الموت بستري تي حالت
نَزَعُ ۾ هئو ته فرمايائين ٿي، ته مان
شهادت لهڻ جي اميد تي جهاد ۾ گهڻو لڙيس ۽
دشمنن ۽ڪفارن جي صفن ۾ لنگهي ويس، پر اهو
درجو نه مليو ۽ اڄ پوڙهن جي طرح وڇاڻي تي
موت مران ٿو. جڏهن سندس لاڏاڻو ٿيو. تڏهن
اٺ سؤ ڌڪن جا داغ سندس بدن تي هئا.
اهڙا انهيءَ وِرهه جي ونڊ وٺڻ لاءِ
واڍوڙيا مشتاق هئا، تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة
الله عليہ ٿو فرمائي ته ”اهي سوريءَ جا
سورَ ۽ ڏنڀَ، جي ڪُهڻ مثل آهن، سي وِرهه
يعني محبت موليٰ جي ونڊ آهي“. تڏهن
واڍوڙين کي مخاطب ٿي ٿو فرمائي ته ”اي
منهنجا سڄڻ ويٺا ٿا وِرهه ونڊينِ، آءُ
واڍوڙيا وِهاءِ تون“. هاڻي زهد جي باري ۾
جيڪي ڪجهه اهل تصوف وارن مختلف بيان ڪيا
آهن، انهن مان هر هڪ زهد جو بيان ائين ڪيو
آهي، جيئن جنهن پنهنجي نفس تي جنهن شيءِ
جو غلبو ڏٺو، ان موجب ان بيان ڪيو. جيئن
حضرت بشر رحه فرمائي ٿو ته دنيا ۾ زهد ڪرڻ
هي آهي، جو ماڻهن ۾ زهد ڪري، انهيءَ قول ۾
صرف مرتبي يعني وڏائي کان زهد ڪرڻ جو
اشارو آهي. قاسم جوعي رحه فرمائي ٿو ته
زاهد دنيا – زهد پيٽ کي ٿا چون. جيتري قدر
آدمي پنهنجي پيٽ کي قابو رکندو هوندو،
اوتري قدر ان ۾ زهد هوندو. ان ۾ اشارو هڪ
خواهش جي طرف آهي. درحقيقت اها خواهش
شهوات کان وڌيڪ آهي، ۽ گهڻو ڪري شهوات جي
مراد مطلب اهو ئي آهي.
حضرت فضيل رحه فرمائي ٿو ته زهد دنيا کان
مراد قناعت آهي، ان قول ۾ اشارو صرف مال
جي زهد جو آهي. حضرت سفيان ثوري رحه
فرمائي ٿو ته زهد سَڌ کي گهٽ ڪرڻ جو نالو
آهي. هي قول جامع سڀني شهواتن کي گهٽ ڪرڻ
جو آهي، ڇو ته تڏهن ڪنهن شهوت آدمي ڏي
متوجہ ٿيندو آهي، جڏهن پنهنجي باقي رهڻ جو
خيال ڪندو آهي. انهيءَ ڪري ان جون سڌون به
ڊگهيون هونديون، ۽ جنهن جي اميد ننڍي
هوندي، اهو سڀني شهواتن کان دل کڻي ويندو.
جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ان قول جي
شرح ۾ فرمايو آهي. سر رامڪلي بيت نمبر 19:
بيت
لَاهُوتِي لَطِيٌفُ چَئي، سَڌَ نه کَڻَنِ
سَاڻُ،
اِيءُ آديسِنِ اُهٌڃَاڻُ، جِيئنٌ تَعٌلَقَ
ڇڏِيَائُونٌ تَڪِيَا.
هن بيت جو مطلب پڻ حضرت سفيان ثوري رحه جي
قول موجب آهي ته سَڌن جو وڃائڻ آهي زهد.
جي زاهد آهين ته ”سَڌن جون سّد چوي،
وَٽُون سڀ وڪڻ“- سڌَ نشاني آهي، باقي هجڻ
جي. حضرت اويس رحه فرمائي ٿو ته جڏهن زاهد
طلب روزيءَ جي لاءِ نڪري ٿو، ته ان جو زهد
هليو وڃي ٿو. انهيءَ قول کان ان جو مقصد
زهد جي تعريف نه آهي، پر توڪّل جو، زهد ۾
شرط ڪيو آهي. هِي به ان جو قول آهي ته زهد
ان جو نالو آهي، جو رزق مُطلبَ جي طلب نه
ڪري. ارباب حديث جو قول آهي ته دنيا ڇا
آهي؟ راءِ ۽ عقل سان ڪم ڪرڻ. زهد ان جو
نالو آهي، جو علم جي پيرويءَ سان سنّت تي
قدم بقدم هلي. هن ۾ راءِ جو اشارو فاسِد
لاءِ ۽ عقل کان مراد آهي، جنهن کان جاءِ
يعني مرتبو طلب ڪيو وڃي. حضرت حسن رحه
فرمائي ٿو ته زاهد اهو آهي، جو جڏهن ڪنهن
کي ڏسي ته چوي هي مون کان ڀلو آهي. ان جو
مطلب آهي ته زهد تواضح جو نالو آهي. اهو
اشارو پڻ ڦونڊ ۽ مرتبي جي نه هجڻ ڏانهن
آهي، جيڪو زهد جي ڪن قسمن کان ٿيندو آهي.
حضرت اويس رحه فرمائي ٿو ته زهد طلب کي
ترڪ ڪرڻ جو نالو آهي. حضرت يوسف بن اسباط
فرمائي ٿو ته جو ايذاءَ تي صبر ڪري ۽
شهوات کي ڇڏي ڏئي، حلال وَجَهه جو کائي،
ان کي زهد جو بنياد هٿ ۾ آهي. مطلب ته زهد
۾ گهڻا قول آهن، جي سمورا بيان کان ٻاهر
آهن. تنهن کانسواءِ اوهان کي ٻڌايو ويو
آهي ته هي سر ٿلهه مثل آهي، ۽ هن سر جون
ايندڙ سرن ۾، ۽ خاص هنن زاهدن جو زهد، جو
سر رامڪلي ۾ ڀٽائي صاحب پاڻ کولي شرح بيان
ڪيو آهي، اتي ڏسي سگهو ٿا. ٻيو سڄو رسالو
پهرئين سر ڪلياڻ جي سڄي سر جو شرح آهي.
باقي انهن سرن ۾ هن سر جي بيتن کي ٻيا
نوان عجيب رنگ ڏئي، عجيب ڍنگ سان بيان ڪيو
ويو آهي. انشاءَ الله اتي اهرا بيان ڪيا
ويندا، جتي جهڙا ۽ جنهن خيال جا بيت بيان
ٿيل هوندا. هاڻي هن ضعيف بندي جو عرض آهي
ته ڀلا، باقي قرآن ڪريم جو پاسو ڏسون، جو
منهنجي انهيءَ حقيقي سڄڻ جو ڪلام آهي. اتي
ڏسون ته ڪيئن ٿو ڪهي ۽ ڪوٺي ۽ ڏهاڙي
سوريءَ جهڙن سورن سان ۽ ڏنڀن مثل ڏکوئي، ۽
پنهنجي محبت جي واڍوڙين يعني ٻانهن، نيڪن
کي محبت جي ونڊ يعني جَزا ٿو ڏئي. حضرت
نوح عليہ السلام سڄي عمر پنهنجي قوم جون
سختيون سهندو رهيو ۽ انهن کي دعوت دين جي
ڪندو رهيو، مگر اهي کيس نه وَسَهيا، ۽
انهن جي طرحين طرحين جي ڏکن ۽ تڪليفن کان
تنگ اچي، جي ڏنڀن ۽ سوريءَ جي سورن مثل
هيون، پنهنجي سڄڻ حقيقي کي سڏ ڪيائين،
جنهن کيس انهن سورن کان ڇڏائي وِرهه جي
ونڊ يعني پنهنجي محبت ۽ ثواب جو ڀاڱو ڏنو.
سورة الصّٰفٰت جي رڪوع 2 ۾ الله تعاليٰ
فرمايو آهي:
وَلَقَدٌ نَادَانَا نُوٌحُٗ فَلَنِعٌمَ
الٌمُجِيٌبُوٌنَ وَ نَجَّيٌنَاهُ وَ
اَهٌلَہٗ مِنَ الٌڪَرٌبِ الٌعَظِيٌمِ وَ
جَعَلٌنَا ذُرِّيَّتَہٗ هُمُ الٌبَاقِيٌنَ
وَتَرَڪٌنَا عَلَيٌہِ فِي الٌآخَرِيٌنَ
سَلَامُٗ عَليٰ نُوٗحٍ فِي الٌعَالَمِيٌنَ
اِنَّا ڪَذَالِڪَ نَجٌزِي الٌمُحٌسِنِيٌنَ
اِنَّہٗ مِنٌ عِبَادِنَا الٌمُؤٌمِنِيٌنَ○
ترجمو: ۽ تحقيق سڏ ڪيو اسان کي نوح ته
ايذاءُ رسايو قوم مون کي ۽ نه وسهيا مون
کي، پوءِ ڀلا آهيون دعا قبوليندڙ، ۽
ڇڏايوسون نوح کي ۽ عيال ان جي کي ڪنان
عذاب وڏي – (ٻڌڻ جي) ۽ ڪيو اسان اولاد نوح
جو باقي زمين تي - ۽ رکائي اسان ان جي
ساراهه موچاري پوين نبين ۾ - سلامتي آههِ
مٿي نوح منجهه ٻن جهانن – اسين اهڙي طرح
جزا ڏيون نيڪوڪارن کي – تحقيق نوح هو ڪنان
ٻانهن اسان جي مؤمنن-
مٿين آيتن سڳورين مان صاف ظاهر آهي ته
حضرت نوح عليہ السلام کي انهن تڪليفن ڪري
ايڏو وڏو ثواب جو ڀاڱو ڏنو، جو سندس تعريف
پوين نبين سڳورن ۾، ۽ سندس اولاد باقي
زمين ۾ رکايو، ۽ ٻنهي جهانن ۾ کيس پنهنجي
وِرهه جي ونڊ ڏيئي يعني پنهنجي محبت جو
ثواب ڏئي سلامتيءَ وارو ڪيو. وري اهڙيءَ
طرح حضرت ابراهيم عليہ السلام جي احوال ۾
آهي، ته جڏهن ان کان ان جي حقيقي سڄڻ،
الله تعاليٰ سڏي، آزمائش ڪهڻ جهڙي ورتي ۽
کيس حڪم ٿيو ته ڪُهه اسماعيل عليہ السلام
کي! جيئن قرآن شريف جي سورة الصّٰفٰتِ ع 2
۾ آهي:
فَلَمَّا بَلَغَ مَعٌہُ السَّعٌيَ قَالَ
يٰبُنَيَّ اِنِّيٌ اَرَيٰ فِي الٌمَنَامِ
اِنِّيٌ اَذٌبَحُڪَ فَانٌظُرٌ مَا ذَا
تَرَيٰط قَالَ يٰااَبَتِ
افٌعَلٌ مَا تُؤٌمَرُ سَتَجِدُنِيٌ اِنٌ
شَاءَ اللهُ مِنَ الصّٰبِرِيٌنَ فَلَمَّا
اَسٌلَمَا وَ تَلَّہٗ لِلٌجَبِيٌنِ وَ
نَادَيٌنَاهُ اَنٌ يَّا اِبٌرَاهِيٌمُ
قَدٌ صَدَقٌتَ الرُّؤٌيَا اِنَّا
ڪَذَالِڪَ نَجٌزِي الٌمُحٌسِنِيٌنَ اِنَّ
هٰذَا لَهُوَ الٌبَلَاءُ الٌمُبِيٌنُ وَ
فَدَيٌنَاهُ بِذِبٌحٍ عَظِيٌمٍ وَ
تَرَڪٌنَا عَلَيٌہِ فِي الٌآخَرِيٌنَ
سَلَامُٗ عَليٰ اِبٌرَاهِيٌمَ ڪَذَالِڪَ
نَجٌزِي الٌمُحٌسِنِيٌنَ اِنَّہٗ مِنٌ
عِبَادِنَا الٌمُؤٌمِنِيٌنَ○
ترجمو: چيائين اي پٽ، مون ڏٺو وحيءَ ۾ حڪم
ٿيو الله تعاليٰ جو، آءٌ ڪُهندس تو کي،
پوءِ دل پڇ ته ڪر دل سان راضي ٿين تون
(صابر اسماعيل جي عمر ان وقت تيرنهن ورهين
جي هئي). چيائين اي پيءُ، ڪر سو، جيڪو امر
ٿيو تو کي، ڏسندين مون کي جي گهرندو خدا
ڪنا صابرن – هوندس پوءِ جڏهن راضي ٿيا ٻئي
۽ ڪيرايائين پُٽ کي پاسي ڀر - ۽ سڏ ڪيو
اسان ته اي ابراهيم تحقيق سچو ڪيوءِ خواب
۽ پورو ڪيوءِ فرمان الله جو – اسين ايهين
سختي لاهيون ۽ ثواب ڏيون نيڪن کي – تحقيق
ئي پرک هئي تنهنجي دل تي پڌري ۽ عيوض
ڏنوسون اسماعيل جي ڪهڻ لاءِ - ۽ باقي
رکائيسون ان جي متابعت منجهه پوين نبين –
سلامتي آههِ مٿي ابراهيم – مثل ان جي
ڇڏائينداسون نيڪن کي – تحقيق ابراهيم هو
ڪنان ٻانهن مؤمنن-
ادا، هاڻي ڏس هنن آيتن سڳورين مان ته اهو
ان سڄڻ جو سڏڻ ۽ ڪهڻ، مثل ڪهڻ ڪو نه آهي ۽
سور سختيون ان جون پنهنجن پيارن کي ڏيڻ به
آزمائش آهي، اها هن سڄڻ سائينءَ جي ورهه
جي ونڊ، ورهاست ۽ ڀاڱو آهي، جيڪو ويٺو ٿو
وراهي. پنهنجي هر پياري جي تڪليفن جي بيان
ڪرڻ بعد، وري ان کي تڪليفن جي ڇڏائڻ جو
بيان ڪري پوءِ فرمائي ٿو ته:
اِنَّا ڪَذَالِڪَ نَجٌـزِي
الٌمُحٌسِنِيٌنَ○
ترجمو: اسين اهڙيءَ طرح جزا ڏيون نيڪوڪارن
کي –
اها هُن جي وِرهه محبت جي ونڊ آهي. آءُ
واڍوڙيا وِهاءِ تون، ٻڌ پاڪ ڪلام، انهيءَ
ڪريم سڄڻ جو سورة الصّٰفٰتِ ع 4:
وَلَقَدٌ مَنَّنَّا عَلَيٰ مُوسَيٰ وَ
هَارُوٌنَ وَنَجَّيٌنَاهُمَا وَ
قَوٌمَهُمَا مِنَ الٌڪَرٌبِ الٌعَظِيٌمِ
وَ نَصَرٌنَاهُمٌ فَڪَانُوٌا هُمُ
الٌغَالِبِيٌنَ وَ اٰتَيٌنَاهُمَا
الٌڪِتَابَ الٌمُسٌتَبِيٌنَ وَ
هَدَيٌنَاهُمَا الصِّرَاطَ
الٌمُسٌتَقِيٌمَ وَ تَرَڪٌنَا عَلَيٌهُمَا
فِي الٌآخَرِيٌنَ سَلَامُٗ عَلَيٰ
مُوٌسَيٰ وَ هَارُوٌنَ اِنَّا ڪَذَالِڪَ
نَجٌزِي الٌمُحٌسِنِيٌنَ اِنَّهُمَا
عِنٌدَنَا الٌمُؤٌمِنِيٌنَ○
ترجمو؛ ۽ تحقيق احسان ڪيو اسان موسيٰ ۽
هارون تي - ۽ ڇڏايوسون ان کي ۽ قوم ان جي
کي، ڪنان ٻڏڻ جي عذاب وڏي - ۽ فتح ڪيوسونِ
فرعون تي، پوءِ ٿيا غالب – ڏنوسونِ توراةُ
پڌري معنيٰ ۽ ڏيکاريسون واٽ سنئين- ۽ باقي
رکيوسون ساراهه ان جي منجهه پوين- سلامتي
آههِ مٿي موسيٰ ۽ هارون – اسين ائين
ڇڏائينداسون نيڪن کي – ٻئي هئا ٻانهان
اسان جا مؤمن-
ادا پڙهي ڏس، ته اها محبت جي ونڊ آهي يا
نه؟ اهي تڪليفون به چڱيون، جن جي پويان
اهڙي ونڊ ملي! جهڙيءَ طرح حضرت موسيٰ عليہ
السلام ۽ حضرت هارون عليہ السلام کي ملي،
ڏکن ۽ سورن بعد حضرت الياس عليہ السلام جو
بيان آهي، ته جڏهن شهر بعلبڪ ۾ چيائين
پنهنجي قوم کي، ڊڄو الله کان ۽ پوڄا
بَعٌلَ بت جيءَ کي ڇڏيو، ۽ عبادت ڪيو الله
جي، جو خالق آهي موچارو، پوءِ نه وسهيا،
پوءِ اهي عذاب وارا ٿيندا. سورة الصّٰفٰتِ
ع 4 ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته حضرت
الياس جي قوم جنهن نه مڃيو، اهي عذاب وارا
ٿيندا:
وَتَرَڪٌنَا عَلَيٌہِ فِي الٌآخَرِيٌنَ
سَلَامُٗ عَلَيٰ اِلٌيَاسِيٌنَ اِنَّا
ڪَذَالِڪَ نَجٌزِي الٌمُحٌسِنِيٌنَ
اِنَّہٗ مِنٌ عِبَادِنَا الٌمُؤٌمِنِيٌنِ○
ترجمو: مگر ٻانها خدا جا ڌُئلَ ۽ ڇڏي اسان
ساراهه ان جي، منجهه پوين ۽ سلامتي آهي
مٿي الياس – اسين اِئين ڇڏايون نيڪن کي، ۽
اُو هئو ڪنان ٻانهن اسان جي مؤمنّ.
ڏس، ڏکن جي ڏنڀن کان پوءِ وِرهه جي ونڊ،
جا يونس عليہ السلام کي ملي! سورة
الصّٰفٰتِ ع 5:
فَسَاهُمٌ فَڪَانَ مِنَ الٌمُدٌحَضِيٌنَ
فَاالٌتَقَمَہُ الٌحُوٌتُ وَ هُوَ
مُلِيٌمُٗ فَلَوٌ لَا اَنَّہٗ ڪَانَ مِنَ
الٌمُسَّبِحِيٌنَ لَلَبِثَ فِيٌ بَطٌنِہٖ
اِليٰ يَوٌمِ يُبٌعَثُوٌنَ فَنَبَذٌنٰہُ
بِاالٌعَرَآءِ وَهُوَ سَقِيٌمُٗ وَ
اَنٌبَتٌنَا عَلَيٌہِ شَجَرَةً مِّنٌ
يَّقٌطِيٌنٍ وَ اَرٌسَلٌنٰہُ اِليٰ
مِاءَةِ اَلٌفٍ اَوٌ يَزِيٌدُوٌنَ
فَاٰمَنُوٌا فَمَتَّعٌتٰهُمٌ اِليٰ حِيٌنٍ○
ترجمو: پوءِ اڇلايائون يونس کي درياءَ ۾ -
پوءِ ڳٿو ان کي مڇيءَ ۽ ان ملامت ڪئي ٿي
نفس کي – پوءِ جي هوند نه هو يونس
ساراهيندڙ- ته البت ٽِڪيو پيٽ ۾ مڇيءَ جي
ڏينهن قيام سِئن پوءِ اڇلايو اسان يونس کي
منجهه جزيري ۽ اُو مريض هئو – اُڀارئو
اسان ان تي وڻ ڪدوءَ جو - ۽ رسول ڪيوسون
ان کي موٽائي انهيءَ قوم نَينويءَ جي
ڏانهن طرف لَکَ جي بلڪ زياده – پوءِ ايمان
آندائون پوءِ نفعي وارو ڪيوسون ان کي ساڻ
عمر ڊگهيءَ-
وري ڏس ڏک، جي ڏنڀن مثل ٿئا، ايوب عليہ
السلام کي، جن تي صبر بعد کيس وِرهه جي
ونڊ ملي ۽ ٻين عاشقن دانائن لاءِ پڻ نصيحت
ٿي! سورة صٓ ع 4:
وَاذٌڪُرٌ عَبٌدَنَا اَيُّوٌبَ اِذٌ
نَادَيٰ رَبَّہٗ اِنِّيٌ مَسَّنِي
اَلشَّيٌطَانُ بِنُصٌبٍ وَّ عَذَابٍ
اُرٌڪُضٌ بِرَجٌلِڪَ هَذَا مُغٌتَسَلُٗ
بَارِدُٗ وَّ شَرَابُٗ وَّ وَهَبٌنَا لَہٗ
اَهٌلَہٗ وَمَثَلَهُمٌ مَّعَهُمٌ رَحٌمَةً
مِّنَّا وَ ذِڪٌريٰ لِاُوٌلِي
الٌاَلٌبَابِ○
ترجمو؛ ۽ ياد ڪر قصو ٻانهي اسان جي ايوب
جو، جڏهن سڏ ڪيائين خدا کي، ته مون کي
رسائيو آهي شيطان ڏک ۽ سختي – پوءِ چيو
اسان کوٽ زمين ساڻ پير تنهنجي، ته هيءُ
آهي تلاءُ صحت جو ۽ ٿڌو پاڻي پي – ته اُڃ
۽ بک لهي ۽ بخشو اسان ان کي اڳوڻو اولاد
سندس ۽ ٻيو اوترو پڻ، سبب بخشش پنهنجي، ۽
نصيحت آهي واسطي دانائن جي –
هاڻي مٿين قصن نبين جي ڏسندا ته جيڪي انهن
کي ظاهري سور سختيون پهتيون، سي سندن سڄڻ
حقيقيءَ جي وِرهه جي ونڊ هئي، جا کين ڏئي
سندن درجا مٿانهان ڪيائين. انهن کي ڪهڻ
جهڙين سخت تڪليفن سان سڏي، پنهنجو قرب
حاصل ڪيائين ۽ انهن سڳورن به، اهي ڏنڀن
مثل سور سر تي سٺا، تڏهن کين سڄڻ وٽان
مرتبا مليا. هنن قصن ۾ نصيحت رکي وئي پوين
قومن لاءِ. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ فرمائي ته اڳي به منهنجي سڄڻن جي اها
پَر، يعني سنّت هئي،. جو ڪهن ۽ ڪوٺينِ، ۽
سوريءَ چاڙهيو سپرين، ڏنڀ ڏهاڙي ڏين؟ ائين
پيارو وِرهه ونڊينِ. هاڻي تون اي واڍوڙيا،
مشتاق محبت جا! آءُ اچي وهاءِ تون، وهاءِ
تن سڄڻن الله وارن وٽان جي انهيءَ ورهه،
برهه عشق الاهيءَ جي سوز، سور ۽ درد جي
دوا ڄاڻن ٿا ۽ عاشق الله جا ئي تَنَ جا
طبيب آهن، مگر تون يقين ۽ قوي اميد اها
انهن ۾ رک ته تنهنجي انهيءَ درد جي دوا ۽
تن جا طبيب ضرور ٻاجهه ڪندا، ۽ اميد ته
پاڻيهي اچي غور ڪري تو کي ڦَڪي ٻاجهه جي
ڏيندا، جنهن سان ڏکندو سڀ ڏور ٿي ويندو،
جيئن منهنجو مرشد گهوٽ ڀٽائي صاحب رحمة
الله عليہ ايندڙ وائي ۾ ٿو فرمائي: |