هن جو خلاصو مطلب ۽ مقصد آهي: اهو پرين الله
تعاليٰ، اسان جي لاءِ صحت آهي سَڀنٌ پرين، ۽ اهو
اسان جي چڱائي ۾ چڱو آهي ۽ اسان جي لاءِ ڏکيو ۽ ڏک
نه آهي. پر انهيءَ پرين جي اها تربيت ۽ طرز آهي،
جو مهرباني ڪرڻ وقت مهربان مِٺو به زور آهي، ۽ پاڻ
ڏانهن سڏڻ جي وقت عاشقن ۽ ايمان وارن کي قهاريءَ
سان، يعني زبردست آزمائش، ڏکن ۽ تڪليفن سان سڏيندو
آهي. جيئڻ خدا تعاليٰ پاڻ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾
فرمايو آهي؛”ڇا ٿا ڀانئين ماڻهو، ته ڇڏينداسون ساڻ
چوڻ ڪلمي؟(فقط زبان سان چوڻ ته ايمان آندو اسان، ۽
نه پرکينداسون اسان ان کي ساڻ هجرتن ۽ جهادن)،
تحقيق پرکيو اسان تن اُمتن کي، جي اول هيون، ان
کانپوءِ البت سڃاڻندو تن کي، جي سچا ايمان ۾ ۽
ڄاڻندو ڪوڙن کي“.
هن آيت شريف مان صاف ظاهر آهي ته فقط زباني ايمان
جي ڪلمن چوڻ سان، جي سڻاوا ۽ مِٺا آهن، ڪونه ڇٽبو.
پر ان سڏ قهار يعني زبردست آزمائش، جهڙوڪ جهادن ۽
هجرتن جي پرک بعد ئي ايمان وارا سڃاڻبا، تڏهن
ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو ته مجلس پنهنجي مهربانين وقت
مٺو ڪوٺيندي قهار پر آزمائش جي وقت قهار آهي ۽
اهڙو زبردست آهي، جو پنهنجي يارن کان وڌيڪ
آزمائشون ورتائين. جيئن حضرت ذڪريا عليہ السلام کي
ڪرٽ ۾ چيرايائين. حضرت ابراهيم عليہ السلام کي
آڙاهه ۾ آزمايائين ۽ حضرت اسماعيل عليہ السلام کي
ڪاتيءَ سان ڪهڻ قبول ڪرايائين. تڏهن اهڙن واقعن تي
شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته ”خنجر
تنهن خوب هڻي جنهن سين ٿئي يار“
انهيءَ بي پرواهه بالي سرڪار کان ڊڄڻ کپي، جيڪو
ساهه جي رڳن جو سوجهيندڙ يعني جاچيندڙ آهي ۽ غالب
غيرت وارو آهي؛ جو ٿورڙي ڳالهه تان ٿڙي يعني ناراض
پوي ته دوستن پنهنجي کي کڻي دسائي. جيئن ٻئي هنڌ
شاهه صاحب رحمة الله عليہ تڪ ۾ فرمايوآهي ته ”ٿڙي
ٿورڙيا ته دوست دسائي داسڙو“جيئن حضرت يعقوب جي
احوال ۾ آهي ته خدا تعاليٰ ان تي وحي موڪليو ته
توکي معلوم آهي ته مون تو ۾ ۽ يوسف عليہ السلام ۾
ڇو جدائي وڌي؟ ان جو سبب هي آهي، جو تو پنهنجن پٽن
کي چيو هو ته مان ڊڄان ٿو متان ان کي بگهڙ کائي ۽
توهان بيخبر هجو. تو بگهڙ جو خوف ڇو ڪيو؟ ۽ مون ۾
اميد ڇونه ڪيئي؟ تو يوسف جي ڀائرن جي غفلت جو خيال
ڇو ڪيو ۽ منهنجي حفاظت جو خيال ڇو نه ڪيئي؟ هن
بيان ڪيل بيت ۾ رجا ۽ خوف جو بيان ڪيو ويو آهي. تڪ
پهرين ۾ رجا يعني اميد بيان ڪيل آهي ته ” ساٿر صحت
سپرين آهي نه آزار“ تڪ ٻيءَ ۾ رجا ۽ خوف جو گڏ
خيال ڏيکاريو ويو آهي ته ”مجلس وير مٺو، ڪوٺيندي
قهار“ هن بيت ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ سالڪن کي
راهه سلوڪ ۾ رجا ۽ خوف جي تعليم ڏئي رهيو آهي،
جنهن سان صوفيءَ جو يقين وڌي ٿو ۽ عقيدا سهڻا ٿين
ٿا ۽ توحيد جي تعريف به آهي. پهرين نمبر عقيدو
طالب کي اهو رکڻ گهرجي ته الله تعاليٰ هڪڙو اسان
جي چڱائي ۾ آهي ۽ اسان جي نقصان ۾ اصل ڪونه آهي،
اها آهي رجا يعني اميد. جيئن الله تعاليٰ پنهنجي
پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي، سورة الزمر ۾ ته: ”منهنجي
رحمت مان نااميد نه ٿيو“. حديث قدسيءَ ۾ آهي ته
فرمايو الله تعاليٰ ته مان پنهنجي ٻانهي جي گمان
وٽان آهيان. پوءِ جو اهو گهري، گمان ڪري.
حديث شريف ۾ آهي ته الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن
ٻانهي کي حڪم فرمائيندو ته ان جو ڇا سبب هئو، جو
جڏهن تو ڪنهن کي بڇڙائي ڪندي ڏٺو، ته ان کي منع ڇو
نه ڪيئي؟ پوءِ الله تعاليٰ ان کي جواب سمجهائيندو
۽ هو عرض ڪندو ته يا الاهي! مون تو ۾ اميد ڪئي ۽
ماڻهن کان خوف. پوءِ خداوند ڪريم ارشاد فرمائيندو
ته مون تنهنجو قصور معاف ڪيو. حديث شريف ۾ آيو آهي
ته الله تعاليٰ حضرت دائود عليہ السلام تي وحي
موڪليو ، ته مون سان دوستي ڪر ۽ جيڪو مون سان محبت
ڪري ان سان محبت ڪري ان سان به محبت ڪر ۽ مون کي
خلق جي دلين ۾ محبوب ڪر. حضرت دائود عليہ السلام
عرض ڪيو ته خلق جي اڳيان توکي ڪيئن محبوب ڪيان؟
ارشاد ٿيو ته منهنجو بيان نهايت سهڻيءَ تعريف سان
ڪندو ڪر، ۽ منهنجون نعمتون ۽ احسان بيان ڪر، ۽
انهن کي منهنجا احسان ياد ڏياريندو ڪر، جو سواءِ
احسان جي اهي ڪجهه نٿا ڄاڻن. تڏهن ڀٽائي صاحب به
هن بيت جي تڪ ۾ رڳو احسان الله سائينءَ جو بيان ٿو
فرمائي ته ساٿر مثل سپرين رڳو صحت آهي، ۽ آزار
يعني ڏک اصل ڪونه آهي، ۽ مجلس مهل مٺو آهي. فرمايو
حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن ته مان
پنهنجي شفاعت پنهنجن گنهگار امتين لاءِ لڪائي رکي
آهي. ڇا، توهان ايئن ٿا ڄاڻو ته شفاعت اهل تقويٰ ۽
عبادت لاءِ ئي آهي؟ ائين نه آهي. بلڪ گنهگارن لاءِ
ئي آهي.
محمّد بن حنفيہ حضرت علي رضه کان روايت آهي، ته
حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن، حضرت جبرئيل
عليہ السلام کان پڇيو ته صفح جميل ڇا کي چوندا
آهن؟ حضرت جبرئيل عليہ السلام جواب ڏنو، ته جنهن
شخص اوهان تي ظلم ڪيو هجي ۽ جيڪڏهن اوهان ان کي
معاف ڪيو هجي، ته وري ان کي عتاب نه ڪيو. پاڻ
فرمايائون ته اي جبرئيل(عليہ السلام)! ان مان
معلوم ٿيو ته خدا تعاليٰ جنهن کي معاف فرمائيندو
ته ان تي به عتاب منع فرمائيندو.پوءِ حضرت جبرئيل
عليہ السلام ۽ حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم
جن به رُنا. خدا تعاليٰ ٻنهي تي حضرت ميڪائيل عليہ
السلام کي موڪليو. ان اچي چيو ته اوهان جو
پروردگار اوهان کي السلام ٿو چوي ۽ فرمائي ٿو ته
جنهن کي مان معاف ڪندس، ان تي ڪهڙو عتاب ڪندس؟ اهو
حڪم منهنجي ڪرم جي لائق نه آهي.
حضرت سفيان ثوري رحه فرمائي ٿو ته جو شخص ڪو گناهه
ڪري ۽ هيئن سمجهي ته خدا تعاليٰ مونکي ان جي ڪرڻ
جي طاقت ڏني، ۽ وري به بخشش جي اميد رکي ته الله
تعاليٰ ان کي بخش ٿو. جيئن ڪلام پاڪ جي سورة تحريم
ع 2 ۾ آيت شريف آهي:
يَوٌمَ لاَ يُخٌزيِ اللهُ النَّبِيَّ والَّذِيٌنَ
آمَنُواٌ مَعَہُ○
ترجمو: جنهن ڏينهن الله ذليل نه ڪندو نبيءَ کي، ۽
ماڻهن کي جن ايمان آندو ان تي.
ان آيت شريف جي تفسير ۾ آهي، ته الله تعاليٰ
پنهنجي نبي صلي الله عليہ وسلم تي وحي موڪليو، ته
مان حساب تنهنجي اُمت جو تنهنجي حوالي ڪيان ٿو.
پاڻ فرمايائون ته يا الاهي ايئن نه ڪر. منهنجي ان
سان نسبت گهڻي آهي. حڪم ٿيو ته مان هاڻي ان جي
لاءِ توکي خوار نه ڪندس. حضرت انس رضه کان روايت
آهي ته حضرت نبي ڪريم صلي الله وسلم جن جناب باري
تعاليٰ کي عرض ڪيو ته منهنجي امت جي گناهن جو حساب
منهنجي حوالي ڪرڻ فرماءِ، ته ان جون خطائون مون
کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي معلوم نه ٿين. حڪم ٿيو ته
هي ماڻهو تنهنجي فقط اُمت آهن ۽ منهنجا بندا آهن.
تنهنجي نسبت مان انهن کي گهڻو وڌيڪ رحيم آهيان.
انهن جو حساب پاڻ کانسواءِ ڪنهن کي نه ڏيندس، ته
انهن جون خطائون نه توکي معلوم هجن نه ڪنهن ٻئي
کي. سبحان الله بڪرمہ!
رباعي
شاها تو کريمي و رسول تو کريم‘
صد شکر رسيديم ميان دو کريم‘
مارا چہ غم از جزائي محشر باشد‘
سلطان چو کريمست و ديوان چو کريم-
هڪ ڏينهن فرمايائون ته يا ڪريم العفو! حضرت جبرئيل
عليہ السلام کانئن پڇيو ته اوهان کي انهيءَ لفظ جي
تفسير معلوم آهي؟ ان جي هيءَ معنيٰ آهي ته اول
گناهه پنهنجي رحمت سان معاف ڪيائين، پوءِ وري
پنهنجي ڪرم سان انهن کي نيڪين سان ميٽيائين. حديث
شريف ۾ آهي ته بندو جڏهن گناهه ڪري ۽ پوءِ طلب
بخشش جي ٿو ڪري، ته الله تعاليٰ پنهنجي ملائڪن کي
ارشاد ٿو فرمائي ته ڏسو منهنجي بندي کي هن گناهه
ڪيو پر وري به ڄاتائين ته منهنجو ڪو ربّ آهي، جو
گناهه بخشيندو آهي، ۽ گناهن جي عيوض پڪڙ به ڪندو
آهي. مان توهان کي شاهد ٿو ڪيان ته مون ان کي معاف
ڪيو. هڪ حديث قدسي ۾ آهي ته جيڪڏهن بندو ايترا
گناهه ڪري، جو انهن گناهن جي بلندي آسمان تائين
پهچي وڃي، تڏهن به جيستائين مون کان بخشس گهرندو
رهندو، ۽ مون ۾ اميد رکندو ته مان بخشي ڇڏيندس. هڪ
حديث ۾ آهي ته جيڪڏهن بندو زمين جي برابر مون وٽ
گناهه وٺي ايندو ته مان به ان سان اوتري قدر مغفرت
جي ملاقات ڪندس.
مٿي بيان ڪيل حديثن سڳورين، جن ۾ خدا تعاليٰ جي
ايڏي بيحد بخشش ۽ رحمت ۽ مهربانين جو ذڪر ٿيو،
انهن ڏانهن اشارو ڪندي، ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ
تڏهن ٿو فرمائي ته مجلس وير مٺو منهنجو پرين آهي،
پر ڪوٺيندي قهار – يعني هُن جو پاڻ ڏانهن سڏ
ڏاڍاين، ڏکين آزمائشن جي سورن ۽ ڏکن سان آهي. هن
جو خلاصو مطلب آهي، ته جيڪي سندس پيارا بهشت جا
حقدار ۽ اتي سندس لقاءَ ۽ مجلس جي مٺائيءَ جا
حقدار آهن ۽ اهي به انهيءَ سندس سڏ قهاريءَ جي کان
ڊڄي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهيءَ سندس مجلس ۽ لقاءَ
جي لذت نصيب ٿيڻ کان اول ٻيا به خوف سندس قهاريءَ
جا گهڻا آهن. مثلاً سڪرات يا موت جو خوف، سوال
منڪر نڪير، يا عذاب قبر، يا دهشت قبرن جي نڪرڻ کان
پوءِ، روبرو خدا تعاليٰ جي بيهڻ حساب لاءِ ۽ شرم
جي پردي فاش ٿيڻ جو ۽ ذري ذري جي سوال ٿيڻ يا خوف
پل صراط ۽ ان جي تکائيءَ کان لنگهڻ جو، يا دوزخ جي
باهه جو، يا خوف جنت کان محروم هجڻ جو، يا درجي ۽
ثواب گهٽ هجڻ جو خوف، يا خوف خدا تعاليٰ کان حجاب
هجڻ جو. اهي شيون بذات خود بڇڙيون آهن. تڏهن ضرور
خوف ٿيندو ۽ خائفن جو حال جدا آهي. سڀ کان اعليٰ
مرتبا اهي آهن، جن کي خوف فراق يعني خدا تعاليٰ
کان محجوب رهڻ جو آهي. گناهن کان ڊڄڻ صالحن جو خوف
آهي ۽ خدا تعاليٰ کان ڊڄڻ موحدن ۽ صديقن جو خوف
آهي. هي خوف معرفت الاهي جو ميوو آهي. جنهن شخص
خدا تعاليٰ کي سڃاتو ۽ ان جي صفاتن کي ڄاتائين، ته
پوءِ ان کي اهڙيون وصفون به ان جون معلوم ٿينديون،
جو انهن جي هجڻ کان ڊڄڻ چڱو آهي. توڙي ڪو قصور نه
ڪيو هجيس، پر گنهگار جيڪڏهن الله تعاليٰ جي سڃاڻڻ
جو حق ڄاڻي ته خدا تعاليٰ کان ئي ڊڄي ۽ پنهنجي
گناهن کان نه ڊڄي. اگر خدا تعاليٰ کي پنهنجي ذات
پاڪ کان خوف ڏيارڻ منظور نه هجي ها، ته گنهگارن کي
گناهن جي قبضي ۾ ڇو ڪري ها ۽ گناهه جي واٽ ان تي
سڻائي ڇو هجي ها؟ ان کي گناهن جو اسباب ڇو گڏ ڪري
ڏئي ها؟ سامان گناهن جو گڏ موجود ڪري ڏيڻ به ته
رحمت کان پري ڪرڻ ئي آهي. گنهگار کي اول گناهه کان
ته ڪا اهڙي خطا ٿيل ئي ڪانه هئي، جنهن جي سبب کان
ان ڳالهه جو لائق بڻيو ته کيس گناهه ۾ مبتلا ڪيو
وڃي ۽ جي سزا مٿس جاري ڪئي وڃي. نه وري جو شخص
عابد عبادت ڪندڙ ۽ نيڪ عمل ڪندڙ آهي، ان جي واسطي
ان عبادت کان اول ئي ٻيو ڪو وسيلو هئو، جنهن جي
سبب کان ان جي واسطي اسباب طاعت مهيا ڪيو ويو ۽
ثواب جي واٽ ڏيکاري وئي هر حالت ۾ گنگهار تي حڪم
گناهه جو ٿي ويو، پوءِ هو گهري يا نه گهري؛ ۽ مطيع
تي حڪم طاعت جو ٿي ويو، پوءِ ان جي مرضي هجي يا نه
هجي.
پوءِ جڏهن ان دربار لاپرواهه جو اهڙو احوال آهي،
جو محمّد صلي الله عليہ وسلم کي سواءِ ڪنهن سبب
جي، اڳي ئي ايترو اعليٰ درجو عليين تائين ڏنائين ۽
اتان وري جيستائين گهريائين، اوترو ڏنائين ۽
ابوجهل کي ايترو هيٺ ڪيائين، جو ”اسفل سافلين“ ۾
پهچايائينس، جيتوڻيڪ ان پنهنجي هجڻ کان پهريائين
ته ڪو گناهه يا قصور نه ڪيو هئو، پوءِ اهڙي
لاپرواهه ذات کان ۽ اهڙي جلال ۽ قهار کان ڊڄڻ چڱو
آهي، تڏهن هن بيت جي تڪ ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ فرمايو آهي ته ”منهنجو پرين مجلس يعني راضپي
جي مهل ته مٺو آهي پر ڪوٺيندي قهار“.
هاڻي ڏسو جو ڪوئي شخص اطاعت ڪندو آهي، سو هن ڪري
ڪندو آهي، جو خدا تعاليٰ ان تي ارادو طاعت جو مسلط
يعني مقرر ڪندو آهي ۽ ان کي ان جي ڪرڻ جي طاقت
عنايت فرمائيندو آهي. ان ارادي پڪي جي پيدا ٿيڻ
بعد ۽ پوري طاقت ملڻ بعد فعل ضروري هوندو آهي،
يعني ظهور طاعت مطيع کان ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح،
گنهگار جو گناهه ڪري ٿو، ان تي ارادو پڪو گناهه جو
مقرر ڪيو ٿو وڃي ۽ قدر ۽ سامان ان جو سڀ ڏنو ٿو
وڃي. جڏهن ارادو پڪو، مضبوط ۽ قدرت ضروري آهي،تڏهن
گناهه به ضروري ٿي ويندو. هاڻي هي مون کي معلوم نه
آهي ته ڇا سبب آهي، جو شخص پهرئين کي بزرگي ڏني
وئي ۽ ارادو طاعت جو ان تي مخصوص ڪيو ويو ۽ ٻئي جي
اِهانت، بيعزتي، تَوهينَ ۽ پري ڪرڻ جو سبب ڇا هئو،
جو ان تي ضرور گناهه مقرر ڪيو ويو؟ هي به نٿو
سمجهي سگهجي ته ان ڳالهين کي بندي جي حوالي ڪهڙيءَ
طرح ڪجي ۽ جڏهن انتها سپردگي، قضائي ازلي، سواءِ
تقصير جي آهي ۽ سواءِ ڪنهن سبب جي آهي، تڏهن اهڙي
شخص کان خوف ئي ڪرڻ هر عاقل کي چڱو آهي. جو هر وقت
جو گهري سو ڪري. ان کان سواءِ ان کان وڌيڪ ٻيو
ڪجهه چئي نٿو سگهجي. ڇو ته ان جي بعد معاملو تقدير
جو آهي، جنهن جو ظاهر ڪرڻ ۽ کولڻ شرع ۾ جائز نه
آهي. انهيءَ ڪري خدا تعاليٰ جي جلالي ۽ قهاري صفات
جو خوف، سواءِ مثال جي سمجهائڻ ممڪن نه آهي.
جيڪڏهن شرع اجازت نه ڏئي ها ته ڪنهن به بصيرت واري
کي طاقت نه ٿئي ها، جو مثال بيان ڪري. مگر حديث
شريف ۾ مثال بيان ٿيو آهي، انهيءَ ڪري ان جو نقل
ڪرڻ سمجهائڻ واسطي مناسب آهي.
جيئن هيءُ بني اسرائيل جي حالت ۾ آهي، ته خدا
تعاليٰ حضرت دائود عليہ السلام تي وحي موڪليو ته
اي دائود! مون کان اهڙو ڊڄ، جهڙو ڦاڙيندڙ ۽ ايذاءُ
پهچائيندڙ جانور کان ڊڄجي. ان مثال مان مطلب معلوم
ٿو ٿئي، جيتوڻيڪ سبب جي واقفيت نٿي ٿئي. ڇاڪاڻ ته
سبب کان واقف هجڻ هوبهو تقدير جو واقف هجڻ ئي آهي.
انهيءَ ڪري اهو راز هرهڪ کي نٿو ملي ۽ نٿو ڏَسيو
وڃي ۽ جو ان جو اهل هوندو آهي، ان کي ڏَسيو ويندو
آهي. مطلب مثال جو هن طرح بيان آهي ته ڦاڙيندڙ
مرونءَ کان جو آدمي خوف ڪندو آهي، سو انهيءَ سبب
کان نه آهي ته اُن ڪوئي ڏوهه ان جانور جو ڪيو آهي،
بلڪ ان جي عادت ۽ خاصيت وٺڻ ۽ حملي ڪرڻ يا ڦاڙڻ
يا کائڻ ۽ هيبت کان ڊڄندو آهي. ڇاڪاڻ ته جيئن ان
جانور کي وڻندو آهي، تيئن ڪري وجهندو آهي ۽ ذرو به
دير نه ڪندو آهي. جيڪڏهن آدميءَ کي چيري ڦاڙي
وجهندو آهي، تڏهن به ان کي ڪجهه قياس ۽ رحم نه
ايندو آهي ۽ نه ڏک ڪندو آهي. جيڪڏهن ڇڏي ڏئي ٿو،
ان سبب کان نه، ته آدميءَ تي هن کي ڪو رحم اچي ويو
۽ ان جي جان بچائڻ لاءِ ان کي ڇڏي ڏنائين؛ بلڪ
آدميءَ جو وجود ان جي اڳيان ايترو به نه آهي، ته
هو حالت حيات يا موت ۾ آهي. هڪڙو آدمي ڇا، پر
هزارها آدمين کي ماري وجهڻ ۽ هڪڙي ڪِوليءَ کي مارڻ
ان جي اڳيان برابر آهي. ڇو ته ٻنهي ۾ ان جي ڦاڙڻ ۽
طاقت ۽ حملي ۾ ڪجهه به فرق نٿو اچي. بس حاصل مطلب
حديث شريف جو اهو ٿيو.
تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ان جي قهاريءَ جي
خوف ۽ ان ۾ اميد بخشش جي ڏيکاري هن تڪ ۾ فرمايو ته
”مجلس وير مٺو ٿئي، ڪوٺيندي قهار“- ر ِجا ۽ خوف جو
بيان گڏ عجيب نموني سان ڀٽائي گهوٽ فرمايو آهي هن
تڪ ۾. ٻي هيءَ به رمز رکيل آهي ته ر ِجا کي خوف تي
ترجيح ڏني ويئي آهي، جيئن ته تڪ ۾ ان پرينءَ جي
مجلس جي مٺائي بيان ڪئي وئي آهي. پر ان مجلس کان
اول ئي مجلس ڏانهن ڪوٺيندي، يعني سڏيندي ئي قهار
آهي. يعني جيستائين مجلس جي مٺائي ان کي حاصل ٿئي،
تنهن کان اول ئي ان عاشق کان ڏکيون آزمائشون
ورتيون وڃن ٿيون، جن مان ڪو عاشق مشڪل سان لنگهي
وڃي مجلس مٺيءَ کي پهچي ٿو. تنهنڪري شاهه صاحب
رحمة الله عليہ هن تڪ ۾ عاشق کي ان پرينءَ جي مجلس
مٺيءَ جو ڏَس ڏيندي ۽ خود سندس مٺائيءَ جو بيان
ڪندي، عاشق کي خبردار ٿو ڪري ته ان جو سڏ قهاريءَ
جو اٿئي ۽ اهو سڏ ڏکيو ۽ ڏاڍو آهي، ان جو خوف رک،
ان سڏ وقت، يعني سخت آزمائش وٺڻ وقت پاڻ پرين به
سخت ٿي، قهار ٿي ڪوٺيندو آهي ان جي دوستيءَ ۾ ڪابه
حجت نه ڪر ۽ نه ان جي دوستيءَ تي ڀروسو ڪري. ڇاڪاڻ
ته هو پنهنجي يارن کي ته چڱي طرح خنجر هڻندو آهي-
”خنجر تنهن خوب هڻي جنهن سين ٿئي يار“. جيئن حضرت
امير عمر رضه ۽ حضرت علي رضه، حضرت عثمان رضه،
حضرت امام حسين رضه ۽ حضرت حمزه رضه ۽ پنهنجن
پيارن کي مجازي به خنجر خوب هڻايائين ۽ حقيقي خنجر
يعني ٻيون تڪليفون جهڙوڪ جهاد ظاهر جي، توڙي جهاد
نفس جي ۽ هجرتن ۽ مسڪينيءَ وغيره سان انهن کي
آزمائشن جا خنجر خوب هنيائين. تنهنڪري ڀٽائي صاحب
رحمة الله عليہ فرمائي ٿو ته ادا عاشق، تون به خوف
ڪر. مجلس مهل ته مٺو آهي، پر ڪوٺيندي قهار ٿيو
وڃي.
هاڻي هن تڪ ۾ جو ايتري گهڻي قهاريءَ کي ان جي
مٺائيءَ تي ترجيح ڏني وئي آهي، سو هن ڪري جو رجا
کان خوف جو درجو وڌيڪ آهي. جيئن حديث شريف ۾ آهي
ته جو الله تعاليٰ کان ڊڄندو آهي، ان کان هرهڪ
شيءِ ڊڄندي آهي. جو شخص غير الله کان ڊڄندو آهي،
ان کي الله تعاليٰ هر شيءِ کان ڊيڄاريندو آهي. خدا
تعاليٰ قرآن شريف سور الرحمٰن ۾ فرمايو آهي:
وَلِمَنٌ خَافَ مَقَامَ رَبِّہٖ جَنَّتَانِ-○
ترجمو: جو ڊنو اڳيان بيهڻ پنهنجي ربّ جي ان جي
لاءِ آهن ٻه باغ.
ٻئي هنڌ آهي ته اهو سمجهندو، جنهن کي خوف هوندو-
حديث شريف ۾ آهي ته توهان مان عقل وارو اهو آهي،
جو سڀ کان وڌيڪ الله تعاليٰ جو خوف ڪري. جن ڳالهين
جو الله تعاليٰ حڪم ڪيو آهي ۽ جن جي منع ڪئي آهي،
انهن تي سڀني ڳالهين کان وڌيڪ چڱيءَ طرح غور ڪيو.
حضرت يحيٰ بن معاذ رحه فرمائي ٿو ته ويچارو انسان
جيڪڏهن باهه دوزخ جي کان ايترو ڊڄي، جيترو هو
سڃائيءَ کان ڊڄندو آهي، ته هوند بهشت ۾ داخل ٿئي،
حضرت ذوالنون رحه فرمائي ٿو ته خوف سالڪ کي اميد
جي نسبت وڌيڪ هجڻ گهرجي انهيءَ ڪري، جو جڏهن رجا
غالب ٿي وڃي ٿي، تڏهن دل پريشان ٿي وڃي ٿي. ابو
الحسين نابينا رحه فرمائي ٿو ته سعادت جي ڄاڻ هيءَ
آهي، جو بدبختيءَ جو خوف آدميءَ کي هجي. انهيءَ
ڪري اهل سلوڪ جو چوڻ آهي، ته خوف بندي ۽ خدا
تعاليٰ جي وچ ۾ هڪ واڳ آهي. جڏهن اها هلي وڃي ٿي،
تڏهن بندو تباهه ٿي وڃي ٿو.
ڪنهن حضرت يحيٰ بن محاذ رحه کان پڇيو ته سڀ کان
وڌيڪ قيامت ۾ بيخوف ڪير هوندو؟ پاڻ فرمايائون ته
جيڪو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ خوف خدا جو رکندو هوندو.
حضرت سهل تستري رحه فرمائي ٿو ته جيستائين آدمي
حلال نه کائيندو تيستائين ان کي خوف حاصل نه
ٿيندو. حضرت ابو سليمان دراني رحه فرمائي ٿو ته
جنهن دل مان خوف جدا ٿي وڃي ٿو، اها دل خراب ٿي
وڃي ٿي.
جيڪي آيتون قرآن شريف ۾ خدا تعاليٰ جي عذاب ۽ مڪر
کان بيخوف رهڻ جي برائيءَ ۾ ۽ سختين جي مذمت ۾
نازل ٿيون آهن،اهي به سڀ خوف جي خوبيءَ تي مثال
آهن. انهيءَ ڪري ڪنهن به شيءِ جي برائي ان جي
خوبيءَ جو ضد آهي. امن ضد آهي خوف جو، جيئن رجا ضد
آهي ياس جي، يعني اميد ضد آهي نااميديءَ جي. جيئن
نااميديءَ جي برائيءَ کان رِجا فضيلت معلوم ٿيندي
آهي. تيئن امن جي مذمت مان خوف جي فضيلت معلوم
ٿيندي آهي، بلڪ مان چوان ٿو ته جو ڪجهه رجا جي
فضيلت ۾ آيو آهي اهو به خوف جي فضيلت تي مثال آهي.
ڇو ته رجا ۽ خوف هڪٻئي سان گڏ ئي آهن. انهيءَ ڪري
جو شخص ڪنهن محبوب جي ملڻ جي اميد رکندڙ هوندو ته
اهو ضروري آهي، جو ان جي نه ملڻ جو خوف به رکندو-
پر جي نه ملڻ جو خوف رکندو هوندو ته ان شيءِ سان
محبت نه رکندو هوندو. ان جو انتظار به اميد جي
نموني تي نه ڪندو. سڀ ڪنهن حالت ۾ خوف ۽ رجا لازم
۽ ملزوم آهن، جو هڪ جو ٻئي کان جدا ٿيڻ محال آهي.
ها ائين ٿي سگهي جو ٻئي گڏ هجن، هڪ ٻيءَ تي غالب
هجي ۽ ائين به ٿي سگهي ٿو، جو قلب انهن مان هڪ سان
مشغول هجي ۽ ان وقت سببان غفلت جي، ٻئي جي طرف
لاڙو نه ڪري. انهن ٻنهي جي لازم هجڻ جو هيءُ سبب
آهي، جو رجا خوف ٻنهي جو شرط آهي ته جنهن شيءِ ۾
شڪ هجي، ان سان هيءُ ٻئي شامل آهن. انهيءَ ڪري
معلوم شيءِ کان نه رجا ڪئي وڃي ٿي نه خوف.
هاڻي محبوب شيءِ جو خيال ڪيو ته جنهن جو وجود
هوندو آهي، ان جو عدم به ٿي سگهي ٿو- پر جيڪڏهن
محبوب جو هجڻ فرض ڪيو وڃي ته ان جي دل کي راحت
ٿيندي. ان جو نالو آهي رجا- جيڪڏهن نه هجڻ فرض ڪيو
ته دل کي ڏک ٿيندو ۽ ان جو نالو آهي خوف. ظاهر آهي
ته هي ٻئي صورتون هڪٻئي جو ضد آهن، بشرطيڪ اهو امر
جنهن جي تدبير يا مطلب ئي شڪ ۾ هجي. باقي هيئن
هوندو آهي، جو شڪ جي ڪري ٻنهي پاسن مان، بعضي وقتن
۾ هڪڙي پاسي، بعضي ڪنهن سبب کان ٻئي پاسي کي
پهرئين پاسي تي ترجيح ڏني ويندي آهي. ان جو نالو
ظن يعني گمان آهي ۽ گمان جي سببان رجا ۽ خوف جو
هڪٻئي تي غلبو ٿيندو آهي. يعني جڏهن ان گمان تي
محبوب جي وجود جو غلبو هوندو آهي، ته رجا جو غلبو
۽ قوت هوندي آهي ۽ خوف ڇپي ويندو آهي، ڄڻ آهي ئي
ڪونه. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ظن تي عدم محبوب جو غلبو
هوندو آهي، ته خوف جي قوت جي سامهون رجا دٻجي وڃي
ٿي. بهرحال، اهي ٻئي ضروري ۽ لازمي سمجهڻ گهرجن ۽
لازمي آهن. انهيءَ ڪري خدا تعاليٰ ٻنهي کي گڏ
ارشاد فرمايو آهي؛
وَ يَدٌ عُوٌنَنَا رَغَباً وَّ رَهَباً.
ترجمو: پُڪارن ٿا مون کي اميد ۽ ڀروسي سان ۽ خوف
سان.
ٻئي هنڌ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايائين:
يَدٌعَوٌنَ رَبَّهُم خَوٌفً وَّ طَمَعَا.
ترجمو: پُڪارن ٿي پنهنجي ربّ کي خوف سان ۽ لالچ
يعني طمع سان اميد رکي.
جيئن آيت سڳوريءَ ۾ خوف ۽ اميد جو گڏ بيان آيو
آهي، تيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ انهيءَ تڪ ۾
سندس مجلس جي مٺائيءَ جي اميد به ٿو ڏيکاري ۽ ان
سان گڏ خوف کان سندس قهاريءَ جو به بيان ٿو
فرمائي، ته ”مجلس ويرَ مٺو ٿئي ڪوٺيندي قهار“.
حضرت ابوبڪر رضه جو قول آهي ته جو خوف خدا تعاليٰ
جي ۾ روئي سگهي، اهو روئي ۽ جنهن کي روئڻ نه اچي
ته اهو روئڻ جي شڪل ڪري، حضرت محمّد بن منڪدر رحه
جڏهن روئندو هو، ته پنهنجي منهن ۽ ڏاڙهيءَ مبارڪ
کي ڳوڙها مکيندو هو ۽ چوندو هئو، ته مون کي خبر
ملي آهي ته جنهن جاءِ تي ڳوڙها لڳي ويندا، اتي
باهه دوزخ جي نه پهچندي. حضرت ابو سليمان داراني
رحه فرمائي ٿو ته جنهن جي اک خوف خدا تعاليٰ جي ۾
ڀرجي اچي ته ان جي منهن تي غبار ۽ لذت قيامت جي نه
ايندي. پر جيڪڏهن ان جا ڳوڙها وهن، ته پهرئين قطري
سان گهڻي باهه جو سمنڊ ٿڌو ٿي ويندو، جيڪڏهن ڪو
شخص ڪنهن جماعت ۾ خوف خدا تعاليٰ جي ۾ روئندو، ته
ان جماعت کي ئي عذاب نه ٿيندو. هيءُ به ان جو قول
آهي ته روئڻ خوف کان آهي ۽ رجا شوق کان- حضرت
عائشه رضي الله عنها عرض ڪيو ته يا رسول الله صلي
الله عليہ وسلم ! اوهان جي اُمت ۾ ڪو شخص بيحساب
به بهشت ۾ ويندو؟ پاڻ فرمايائون ته جو شخص پنهنجا
گناهه ياد ڪري روئندو، اهو بيحساب بهشت ۾ ويندو.
پاڻ وڌيڪ فرمايائون ته ٻن قطرن کان وڌيڪ چڱو ڪو
قطرو نه آهي؛ هڪڙو قطرو ڳوڙهن جو، جو خدا تعاليٰ
جي خوف کان نڪري ۽ ٻيو قطرو خون جو، جو خدا تعاليٰ
جي راهه ۾ جهاد مهل نڪري. حضرت عبدالله بن عمر رضه
فرمائي ٿو ته منهنجي اڳيان منهنجي اک کان هڪڙي
ڳوڙهي جو نڪرڻ ڀلو آهي، هزار دينار خيرات ڏيڻ کان.
حضرت حنظلہ رضه کان روايت آهي، ته هڪ ڏينهن مان
حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جي خدمت ۾
حاضر هوس ۽ پاڻ مون کي اهڙي نصيحت ڪيائون، جو ان
کان منهنجي دل نرم ٿي وئي ۽ اکين مان ڳوڙها جاري
ٿيا ۽ پنهنجي نفس جي حرڪتن کي سڃاتم. پوءِ جڏهن
مان گهر آيس، ته گهر وارا مون وٽ آيا ۽ ٻيون دنيا
جون ڳالهيون ٻولهيون مون سان ڪرڻ لڳا. تانجو اهو
حال حضرت نبيءَ ڪريم صلي الله عليہ وسل جن جي
سامهون هئو، اهو مون کي ياد نه رهيو ۽ دنيا جي
معاملي ۾ وڃي پيس. پوءِ جڏهن مون کي اهو وقت ياد
آيو، تڏهن چيم ته مان منافق ٿي ويس، انهيءَ سببان
جو، جيڪو مون کي خوف ۽ رقِت پيدا ٿي هئي، اهو حال
ته منهنجو نه رهيو. انهيءَ خيال ۾ گهر کان ٻاهر
نڪتس ۽ دانهن ڪري چوڻ لڳس، ته حنظلہ منافق ٿي ويو.
ايتري ۾ حضرت ابوبڪر رضه مون کي مليو ۽ ان فرمايو
ته حنظلہ هرگز منافق نه ٿيو. آءُ حضرت نبي ڪريم
صلي الله عليہ وسلم
جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ عرض ڪيم ته حنظلہ منافق
ٿي ويو. پاڻ فرمايائون ته حنظلہ هرگز منافق نه
آهي. مون عرض ڪيو ته ”يا رسول الله! مان اوهان وٽ
هوس ۽ اوهان مون کي اهڙو وعظ ٻڌايو، جنهن کان دل
تي اهڙو ترس ڇائنجي ويو جو دل نرم ٿي وئي ۽ اکين
مان پاڻي جاري ٿيو ۽ پنهنجي نفس جي مون کي خبر
پئجي وئي. مگر جڏهن گهر پهتس ۽ دنيوي ڳالهيون شروع
ٿي ويئون ته اُها سڀ ڪيفيت وسري وئي، جا اوهان جي
روبرو ٿي هئي“. پاڻ فرمايائون ته ”اي حنظلہ!
جيڪڏهن تون هميشہ انهيءَ حال تي رهين ته توسان
مَلڪَ سڳورا واٽن ۾ ۽ بستري تي ملاقات ۽ مجلس ڪن.
مگر هر ڳالهه جي لاءِ هڪڙو وقت آهي“.
هاڻي هن بيان جو خلاصو مطلب آهي، ته جيڪي به
ڳالهيون رجا ۽ گِريه يعني روئڻ جي چڱائيءَ ۾،
تقويٰ ۽ وَرَعُ جي فضيلت ۾، علم جي بهتريءَ ۾ ۽
امن جي برائيءَ ۾ ثابت آهن، اهي سڀ خوف جي خوبيءَ
تي دلالت ڪن ٿيون. انهيءَ واسطي جو، انهن سڀني شين
جو تعلق خوف سان آهي. ڇو ته ڪي انهن مان ته خوف جو
سبب آهن ۽ ڪن جو وري سبب خوف خود آهي. خوف ۽ رِجا
جو گهڻو بيان آيو آهي ۽ اهي ٻئي گڏ آهن، جيئن ٻنهي
جو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به گڏ بيان فرمايو
آهي. هاڻي هن مان هڪ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ٻنهي مان
وڌيڪ ڪهڙي آهي؟ پوءِ جيڪا وڌيڪ هجي، انهيءَ جو
بيان ڪيو وڃي ها، ان جو جواب آهي ته خوف ۽ رجا ٻئي
چڱيون آهن ۽ ٻئي برابر رکڻ گهرجن. جيئن حضرت امير
عمر رضه وٽ ٻئي برابر هيون. باقي جو سوال پڇڻ ته
انهن ٻنهي مان ڀلي ڪهڙي آهي، اهو سوال ئي فاسد آهي
۽ اهو اهڙو آهي، جيئن ڪو سوال پڇي ته ماني چڱي آهي
يا پاڻي؟ ان جو جواب ائين ڏيڻ چڱو آهي ته بکئي جي
لاءِ ماني چڱي آهي ۽ اُڃئي لاءِ پاڻي. جيڪڏهن بک ۽
اڃ ٻئي گڏ ڪنهن شخص کي هجن ته انهن ٻنهي مان جا
غالب هجي ان جو اعتبار ڪيو ويندو. يعني جي بک وڌيڪ
هجي ته ان جي لاءِ ماني وڌيڪ آهي ۽ جي اُڃ وڌيڪ
هوندي ته پاڻي ۽ جي ٻئي برابر آهن ته ماني ۽ پاڻي
به ان جي لاءِ برابر آهن. انهيءَ ڪري جا شيءِ جنهن
مقصد لاءِ گهربل آهي، ته ان جي خوبي انهيءَ مقصد
لاءِ خوب آهي ۽ نه خود پنهنجي ذات جي لحاظ کان –
اهڙيءَ طرح خوف ۽ رجا ٻئي دوا آهن، جن سان دلين جو
علاج ٿيندو آهي. تڏهن انهن جي خوبي اوتري قدر
ٿيندي، جيتري قدر ۽ جيترو روڳ موجود هوندو. پوءِ
جيڪڏهن دل تي مرض خدا تعاليٰ جي غذاب کان بيخوف
هجڻ ۽ مغرور هجڻ جو هوندو، ته انهيءَ صورت ۾ خوف
ڀلو ۽ وڌيڪ آهي؛ ۽ جي مايوسي ۽ نااميدي وڌي ويئي
آهي ته رجا انهيءَ حالت ۾ افضل آهي.
اهڙيءَ طرح جي بندي تي گناهن جو غلبو آهي ته خوف
افضل آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هيئن چئجي ته خوف مطلق
ڀلو آهي، جيئن کڻي چئجي ته ماني ڀلي آهي، شربت
سڪنجبين کان. انهيءَ ڪري جو ماني بک جو علاج آهي ۽
سڪنجبين صفرا جو؛ مگر بک جو مرض گهڻو آهي، انهيءَ
ڪري مانيءَ جي ضرورت گهڻي آهي، ته اها افضل آهي.
انهيءَ اعتبار سان خوف افضل آهي، ڇو ته گناهه ۽
غلطيون خلق کان گهڻيون ٿين ٿيون. پر خوف ۽ رجا جي
پيدائش ڏي ڏسجي ٿو ته رجا افضل آهي، انهيءَ ڪري جو
رجا جو پيدا ٿيڻ بحر رحمت کان آهي ۽ خوف جو بحر
غضب کان- حضرت علي رضه پنهنجي فرزند کي فرمايو ته
”اي پٽ! خدا کان ايترو ڊڄ، جو جيڪڏهن تون کڻي سڄي
زمين جي رهندڙن جي سمورن نيڪ عملن جيترا نيڪ عمل
ان وٽ وٺي وڃين، تڏهن به هو توکان ڪاوڙجي نه وڃي“.
حضرت عمر رضه فرمائي ٿو ته جيڪڏهن ضرور هيءُ پڙهو
اچي وڃي، ته هڪڙي ماڻهوءَ کان سواءِ ٻيا سڀ ماڻهو
دوزخ ۾ ويندا، ته مان هيءَ اميد ڪيان ته اهو اڪيلو
مان ئي آهيان ۽ جيڪڏهن تقدير به هيئن سڏي ته سڀ
ماڻهو بهشت ۾ وڃن ۽ هڪ آدمي نه وڃي، ته مون کي
جيڪر هيءُ خوف ٿئي ته ڪٿي اهو شخص مان ئي نه هجان!
هي نهايت خوف ۽ رجا جو درجو آهي، جو ٻئي برابريءَ
۾ به آهن ۽ غلبي ۾ به برابر آهن، پر حضرت عمر رضه
وٽ ئي خوف ۽ رجا ٻئي برابر آهن.
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي بيت جي انهيءَ
تڪ ۾ ٻئي برابر به ڏيکاريون آهن ۽ غلبي ۾ به برابر
بيان ڪيل آهن، جيئن تڪ ۾ آهي ته ”مجلس وير مِٺو
ٿئي ڪوٺيندي قهار“ – مجلس مهل يعني پنهنجي
مهربانيءَ جي وقت زور مِٺو. انهيءَ جملي ۾ رجا
وڌيڪ ڏيکاري ويئي آهي ۽ ”ڪوٺيندي قهار“ جي جملي ۾
خوف گهڻو وڌيڪ ڏيکاريو ويو آهي. انهيءَ تڪ جي
اڳيان وري تڪ نمبر 3 ۾ چيل آهي ته ”خنجر تنهن خوب
هڻي جنهن سين ٿئي يار“- انهيءَ تڪ ۾ فقط خوف جو
بيان آهي ۽ رجا بيان نه ڪئي وئي. ان جو سبب هيءُ
آهي ته اهو زمانو حضرت امير عمر رضه ۽ ٻين اصحابن
۽ تابعين جو هئو. ان وقت گناهه ماڻهن ۾ گهٽ هئا ۽
نه انهن اصحابن ۽ تابعين جهڙا ڪي اڄوڪي وقت ۾ آهن.
تنهنڪري جيڪي ماڻهو اڄ موجود آهن، انهن جي حق ۾
مناسب ۽ اصلاح آهي ته خوف انهن کي وڌيڪ ڪرڻ گهرجي.
تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته
خبردار هن ڳالهه جو به هُجُ ، جو جيڪي خدا تعاليٰ
پنهنجا پيارا دوست رکندو آهي، انهن کي خنجر آزمائش
جو به خوب هڻندو آهي، جيئن هن تڪ جو مٿي بيان گذري
چڪو آهي. پر انهن آزمائشن جي ڏکن ۽ تڪليفن ۽ سندس
قهاريءَ جي صفات کان اهڙو به نه ڊڄي، جو اصل سندس
رحمت مان نااميد ٿي وڃي ۽ ائين ڀائين ته بخشش ته
ٿيڻ جي ئي نه آهي. ائين سمجهي ته عمل ڪرڻ به اجايو
آهي، انهيءَ خيال کان عمل ئي ڇڏي ڏئي ۽ گناهن ۾
ٻڏو رهي ۽ نااميد قطعي ٿي وڃي. ان جو نالو خوف نه
آهي، ڇو ته خوف آهي جنهن سان ترغيب عمل جي هجي ۽
سموري شهوات ۽ ڪدورت يعني دل جو غبار، ڪينو ۽
ميرائي معلوم ٿي وڃي ۽ دنيا جي پاسي لاڙو دل جو نه
رهي، ائين نه آهي ته دل ۾ خوف وسوسي وانگر لنگهي
وڃي، مگر اثر ان جو بڇڙائيءَ کان روڪڻ يا ڀلائيءَ
جي ترغيب ڏيڻ ڪجهه به نه هجي؛ ۽ نه وري نااميديءَ
جو نالو ڪو خوف آهي، جو خدا تعاليٰ جي رحمت مان
قطعي نااميد ڪافر ئي آهن. باقي خوف جي معنيٰ آهي
ڊڄڻ ۽ خائف اهي آهن، جي پنهنجي ربّ کان ڊڄندڙ آهن
پر پٺ. اسان اوهان کي هن کان اڳ عرض گذاريو آهي ته
سر ڪلياڻ سڄي رسالي جو ٿلهه مثل چيل آهي ۽ ٻيو سڄو
رسالو هن جو شرح آهي. جيئن هن رجا ۽ خوف جو رسالي
۾ گهڻن هنڌن تي شاهه صاحب رحمة الله عليہ شرح ڪيو
آهي، پر هن وقت خوف جي سمجهائڻ لاءِ فقط هڪڙو بيت
مثال طور پيش ڪجي ٿو، جو خائفن جي حق ۾ چيو ويو
آهي.
سر رامڪلي فصل 9، بيت نمبر 7، ”ٽيهه اکريءَ“ ۾ ڏنل
آهي ته:
بيت
خييُونٌ خَشِيَّتَ خَوف ۾ ڪَنِ ڪِينٌي کي
قَتٌلاَمُ،
ڊڄي ڊاءِ الله جي ڪوجهو ڪن نه ڪام،
آئي ان جي باب ۾ آيت هي انعام،
اِنَّ الَّذِيٌنَ يخشَوٌنَ رَبَّهُمٌ بِالٌغَيٌب ِ
لَهُمٌ.
مَغٌفِرَةُ پرور جا پيغام،
خطا لاهي خام، گُر کي گڏيا ڪاپڙي،
هن بيت ۾ صاف خوف جي رکندڙن جو بيان ڀٽائي صاحب
رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته خائف اهي آهن، جن
الله تعاليٰ جي ڊپ ۽ هراس ۾ پنهنجي ڪيني، حسد،
وڏائي نفس جي کي کُلي طرح، قتل عام جي آڏو قتل
ڪري، پنهنجي نفس کي ٻين سڀني کان گهٽ ڪري ماري
ڇڏيو ۽ ان ۾ جيڪي برايون هيون، جهڙو حسد، جو پاڙ
آهي وڏائي جي، انهيءَ کي ڪڍي ڇڏيائون، ڇو ته الله
جي وڏائيءَ جي ڊپ کان ائين ڪيائون ۽ الله تعاليٰ
جي بيپرواهيءَ جي هراس کان ڊڄي، ڪوجهو ڪم يعني
ڪوبه گناهه جو بڇڙو ڪم ڪونه ٿا ڪن. پوءِ انهن ڏي
سندن پرور پالڻهار پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ پيغام، سلام
ڏياري موڪليا آهن ۽ اهي نياپا، هن بيت ۾ جيڪا آيت
شريف ڏنل آهي، ان ۾ صاف ظاهر آهن ۽ انهيءَ آيت
شريف جي معنيٰ آهي ته: تحقيق جي پنهنجي ربّ کان
ڊڄن ٿا پرپٺ، انهن لاءِ بخشش آهي. پوءِ اهڙو پڪو ۽
سچو پيغام پنهنجي پرور کان جڏهن خائفن ٻڌو، تڏهن
ٿو شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته ”خطر الاهي
خام“ – جيڪي به پنهنجي دل تي ڪچا دنيوي ڪُوڙا خيال
هجن، سي سڀ لاهي، ڇڏي، ڦِٽا ڪري، وڃي هڪ دلِيا ٿي،
پنهنجي گُرَ مالڪ کي گڏيا ڪاپڙي، فقير اهل الله
پنهنجي مالڪ سان گڏيا يعني مليا.
هاڻي هن بيت ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ خوف ۽
خائفن جو صاف بيان فرمايو ته، خائفن خوف ۾ بڇڙا ڪم
سڀ ڇڏي ڏنا ۽ نفس به حسد ۽ ڪيني کان پاڪ صاف
ڪيائون. ائين ته ڪونه آهي، ته خوف کان وري رهندو
به، رحمت خدا تعاليٰ جي کان به نااميد ٿي گناهه
عام ڪجن ۽ عبادت به ڇڏي ڏجي. حضرت معاذ رضه فرمائي
ٿو ته جو شخص خدا تعاليٰ جي عبادت صرف خوف کان
ڪندو ته اهو فڪر جي سمنڊن ۾ ٻڏي ويندو، پر ان جي
عبادت رڳو رجا يعني اميد سان ڪندو ته، غلطيءَ جي
واديءَ ۾ اونڌي ٻيڙيءَ تي رهندو. پر جيڪڏهن خوف ۽
رجا ٻنهي سان گڏ عبادت ڪندو ته ذڪر جي واٽ ۾
مستقيم رهندو. الله تعاليٰ ستار، عيب ڍڪيندڙ،
ٻانهي جو آهي. هو گناهن ۾ به جلد سزا نٿو ڏئي ۽
ٻانهي کي معافي ڏيئي،مهلت ڏئي ٿو. اها به سندس
مهرباني آهي. جيئن شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو
فرمائي ته ”صاحب رب“ ستار سوجهي رڳون ساهه جون“ –
پنهنجي بندي جي ساهه جون رڳون يعني اندر جا ارادا
ڪچا توڙي پڪا جاچي ٿو ته، ڪهڙا منهنجا ٻانها سچا
آهن ۽ انهن جي مون ۾ يعني منهنجي رحمت ۾ ڪيتري
اميد آهي. ڪيترو مون کان خوف کائن ٿا ۽ ڪيتري مون
سان محبت اٿن. جيئن سورة المؤمنون ۾ آهي:
وَڪُنَّا عَنِ الٌخَلٌقِ غٰفِلِيٌنَ○
ترجمو: نه آهيون اسين ڪنان خلق غافل، مٿي نيڪيءَ
بديءَ ان جي واقف آهيون.
اهي سڀ ڳالهيون سنهڙيون ساهه جون به ان کان ڳجھيون
نه آهن. ساهه جون کڻندڙ رڳون به ان جون سوجھيل
يعني سمجھيل آهن ۽ ان کان ڳجھيون نه آهن. مڪحول
دمشقي رحه فرمائي ٿو ته جو شخص عبادت الاهي خوف
سان ڪري ٿو، اهو خارجي آهي، ۽ جو شخص رِجا سان
عبادت ڪري ٿو، اهو مرجيه يعني سست ڪاهل آهي، جو
محبت جي سببان عبادت ٿو ڪري، اهو زنديق آهي، مگر
جو شخص خوف ۽ رجا ۽ محبت ٽنهين سان گڏ عبادت ڪندو،
اهو موحد آهي. ان مان معلوم ٿيو ته انهن سڀني
ڳالهين جو جمع هجڻ ضروري آهي، مگر اصلاح ۽ مناسب
خوف جو گهڻو هجڻ آهي. جيستائين سامهون اچي موت.
هنن سڀني بيان ڪيل ڳالهين مان ثابت آهي ته اهي
اهڙيون ڏکيون ڳالهيون آهن، جو وري به سواءِ سندس
مهربانيءَ جي، ٻي ڪا واهه نه آهي، نه وري اهڙن
نازڪ مسئلن جي تقدير جي مسئلن تائين وڃيو پهچن ٿا.
انهن ۾ ڪا اسان جي جاءِ ڪُڇڻ ۽ پڇڻ جي نه آهي.
ڇاڪاڻ ته سڀڪجھ يعني عذاب توڙي رحمت سندس قبضي
قدرت ۾ آهي. جنهن کي وڻيس، تنهن کي ڏئي. اهڙي لا
اَبالي بيپرواهه سرڪار کان اسان جون رڳون، رباب
وانگر سڀڪنهن وقت ڏڪي ۽ وڄي رهيون آهن. جيئن ايندڙ
بيت نمبر 6 ۾ منهنجو مرشد ڀٽائي گهوٽ رحمة الله
عليہ فرمائي ٿو:
بيت
رَڳُونٌ ٿِيُونٌ رَبَابُ وَڄَنِ ويلَ سَڀَ
ڪَنٌهِينٌ،
ڪُڇَنُ، پُڇَڻُ نه ٿِئي جَانِبَ رِيءَ جَوَابُ،
سوئِي سَنٌڌِينٌدُمِ سُپَرِينٌ ڪيّسِ جَنٌهِنٌ
ڪَبَابُ،
سوئِي عَيٌنُ عَذَابُ، سوئِي رَاحَتَ رُوحَ جِيٌ.
هن جي معنيٰ آهي ته رڳون منهنجو خدا تعاليٰ جي خوف
۾، رباب مثل سڀڪنهن وقت وڄي رهيون يا ڏڪي رهيون
آهن، ڇاڪاڻ ته اهو خوف مون تي اهڙو غالب آهي، جو
مون کي ڪڇڻ يا ڪجهه پڇڻ جي طاقت سندس حڪمَن ۾ نه
رهي آهي. نڪو ان جي سڀني حڪمن جي نوعن جو ئي ڪو
جواب، ۽ ان کانسواءِ ڪو ٻيو جواب ئي آهي ته، سڀني
پنهنجي ڪمن کي پاڻ ٿو ڄاڻي ۽ پاڻ ٿو ڪري ۽ پاڻ ئي
ان جو جواب آهي. اها مون کي منهنجي جانب محبوب جي
آڏو ڪجھ ڪڇڻ يا پڇڻ جي حاجت به نه آهي ته هيئن ڇا
لاءِ ڪيائين ۽ ڪيئن ڪيائين ۽ ڪيئن ڪندو، نه وري ڪو
انهن سندس سڀني ڪمن کي ڪو ان کان سواءِ سمجهائي
سگهندو. ان جو ڪو ٻيو، سواءِ ان جانب جي جواب نه
آهي. يعني اهو جواب پاڻ ئي آهي ۽ جنهن پرينءَ مون
کي هن سورن دنيوي شهواتن جي، يا سورن فراق جي ۾
قيمي وانگر ڪُٽي، سنهون، وري ان کي سيخن ۾ پچائي،
ڪباب ڪيو آهي. مون کي اميد آهي ته وري به مون کي
پاڻ سان اهو ئي سَنڌِيندو يعني ڳنڍيندو يعني راهه
هدايت ڏانهن آڻيندو. ڇاڪاڻ ته اهو پڪو ۽ سچو يقين
آهي ته عذاب ۽ راحت جي ڏيڻ وارو به پاڻ آهي ۽ لاهڻ
وارو به پاڻ آهي. عذاب ۽ راحت به ان جا آهن ۽ ان
کان آهن، ٿورن لفظن ۾ مطلب ته عين يعني نسورو،
خالص هوبهو، کڻي چئجي ته عذاب ۽ راحت روح جي پاڻ
آهي، جيئن سورة العنڪبوت ع 2 ۾ آهي ته:
اِنَّ اللهَ عَلَيٰ ڪُلِّ شَيٌءٍ قَدِيٌرُٗ
يُعَذِّبُ مَنٌ يَّشَاءُ وَ يَرٌحَمُ مَنٌ
يَّشَاءُ وَ اِلَيٌہِ تُقٌلَبُوٌنَ○
ترجمو: تحقيق خدا مٿي مڙنين ٽولن قادر آهي، ٿو
عذاب ڪري، جنهن کي گهُري ۽ رحم ڪري جنهن کي گھُري
سڀ خدا ڏانهن موٽندا.
نوٽ: هن تڪ ۾ عذاب ۽ راحت جو بيان خوف ۽ رجا ڏانهن
اشارو آهي. انهيءَ جو اسان مٿئين بيت نمبر 6 ۾
کولي بيان لکيو آهي. باقي جيڪو صوفيانه خيال سان
چيل آهي ته سڀڪجهه عذاب ۽ راحت به اهو آهي، اهو
بيان به هن ساڳئي سر ڪلياڻ جي فصل پهرئين جي بيت
نمبر 18، 19، 20، 21 ۽ 23 ۾ انهيءَ مضمون تي گهڻو
بيان ٿي چڪو آهي. اتي ڏسڻ گهرجي.
تڪ نمبر پهرئين ۾ چيو ويو آهي، رڳون هاڻي گويا
رباب ٿيون وڄن، ويل يعني سڀڪنهن ويرَ يا مهل خدا
تعاليٰ جي خوف ۾. هن تڪ ۾ ڪهڙو نه خوف ڏيکاريو ويو
آهي جو رڳون به ربابن جيئن سڪل ۽ وٽيل تندن، جي پڻ
آنڊن مان ٺهيل آهن، ان وانگر وڄي رهيون آهن هر
وقت. الله پاڻ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي ته:
اِتَّقُوٌا اللهَ حَقَّ تَقَاتِہٖ – ڊڄندا رهو
الله کان جهڙو گهرجي حق ڊڄڻ جو. ٻئي هنڌ آهي ته
وَ يُحَذ ِرَکُمُ اللهُ نَفٌسٌہٗ – الله تعاليٰ
ڊيڄاري ٿو توهان کي پاڻ کان.
تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ هن تڪ ۾ بيان
فرمايو آهي ته، منهنجون رڳون به وڄي ۽ ڏڪي رهيون
آهن ۽ خوف ۾ سُڪي وٽجي رهيون آهن رباب جيان؛ ڇو ته
مٿين آيت شريف ۾ به اهڙي ئي سخت ڊڄڻ ڏانهن اشارو
آهي ته ڊڄو اهڙو زور جهڙو حق هجي ڊڄڻ جو. ان وڌيڪ
ڊڄڻ جو هي به سبب آهي، جو جتي وس به ڪجهه هلي نه
سگهي، پر خالي ڪڇي يا پڇي به نه سگهجي، يا سمجهي
به نه سگهجي ۽ وري انهن سڀني ڳالهين جو جواب به
ڏئي وٺي نه سگهجي ۽ اهي سڀ ڳالهيون، جنهن جي قبضي
قدرت ۾ آهن، ان کان ڇا ۽ ڪيئن، ڪهڙو نه ڊڄجي، جو
مجازي ٻيون ٻيون ڳالهيون سمجهه ۾ اچن، جيئن عذاب ۽
راحت؛ پر در حقيقت هڪڙي ڳالهه آهي، ڇو ته ان جو
اصل پيدا ڪندڙ ۽ لاهيندڙ هڪڙو آهي. تڏهن ائين چئبو
نه، ته عذاب ۽ راحت ان کان آهي ۽ اهو آهي، جيئن
هتي مجازاً ڪنهن به آدميءَ کي ڪجهه ڏک سک، ڪنهن
قوي ماڻهوءَ کان پهچندو آهي. تڏهن اهو ڏکويل ماڻهو
ان کي چوندو آهي ۽ ان کان سمجهندو آهي ته اهو مڙئي
تون آهين. پوءِ توڙي هن کي ڏک ٻئي هٿان پهچندو
آهي، تڏهن به چوندو ائين آهي ته هِي مڙئي تون
آهين، تيئن در حقيقت انهن مجازي ڏکن سکن جو
پهچائيندڙ اهو آهي ۽ انهيءَ کان آهن. راهه هدايت
جي ڏيکارڻ يا نه ڏيکارڻ پاڻ ڏانهن به، انهيءَ مالڪ
حقيقي الله تعاليٰ جي وس ۽ گهُر موجب آهي. جيئن
ايندڙ بيت نمبر 7 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو
فرمائي ته:
بيت
سوئِيٌ رَاههَ رَدِ ڪَري سوئِيٌ رَهَنُمَاءُ،
وَ تُعِزَّ مَنٌ تَشَاءُ وَ تُذ ِلُّ مَنُّ
تَشَاءُ،
هن بيت جي به اصل ساڳي معنيٰ بيت نمبر 6 وانگر
آهي. باقي هن ۾ راهه موليٰ سائينءَ جي هدايت ڏانهن
يا رد ڪرڻ هدايت جي واٽ کان، سوبه مڙئي اهو مالڪ
واٽن جو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪو مالڪ شيءِ جو هوندو
آهي، ان جو اهو به وس آهي ته ڪنهن کي ڏئي يا نه
ڏئي؛ پر ڏَسي يا ڏيکاري توڙي نه ڏيکاري. جڏهن راهه
هدايت جو مالڪ به اهو آهي، تڏهن ڪنهن کي اها واٽ
ڏيکارڻ يا رد ڪرڻ به ان جي وس آهي؛ ۽ مختيار آهي
سڀني پَرينٌ، جنهن جو قرآن شريف ۾ بيان آهي، جو
پاڻ ٿو فرمائي:
وَ تُعِزَّ مَنٌ تَشَاءُ وَ تُذ ِلُّ مَنُّ
تَشَاءُ○
ترجمو؛ جنهن کي وڻيس تنهن کي هدايت ڏئي ۽ جنهن کي
وڻيس، تنهن کي ذليل ۽ خوار خراب ڪري.
هن آيت شريف مان صاف ظاهر آهي ته مالڪ موليٰ سائين
مختيار آهي. جيئن ان کي وڻي، ائين ڪري؛ ڪنهن سان
صلح ڪري هدايت جي واٽ ڏيکاري، يا ان کي انهيءَ
راهه کان پري ڪري، ڦورائو يعني فراق ڏئي ڇڏي ته وس
وارو آهي. جيئن ايندڙ بيت نمبر 8 ۾ ڀٽائي صاحب
رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:
بيت
سوئِيٌ صُلِحُ سَڄَڻِينٌ سوئِيٌ ڦوڙائونِ،
وَاللهُ خَيٌرُ الٌمَاڪِرِيٌنَ اِهو ميڙَائونِ.
هن جي معنيٰ آهي ته سڄڻ منهنجي حقيقيءَ جي اختيار
آهي، جو ڪنهن سان صلح يعني مغفرت جي ملاقات ڪري،
توڙي پنهنجي در کان رد ڪري، بينصيب بڻائي، ڦوڙائو
يعني جدا ڪري ڇڏي؛ ۽ الله تعاليٰ ڀلو مڪر يعني رٿ
۽ اٽڪل چڱي ڄاڻندڙ آهي؛ ۽ اها سندس رٿ يا تجويز،
جيڪا ڦوڙائي يعني فراق ڏيڻ جي آهي، ان ۾ به ڀلائي
آهي ۽ اها ئي جدائي سبب آهي- ميڙائي يعني مغفرت جي
ملاقات جو.
هن بيت جو خلاصو مطلب آهي ته موليٰ سائين صلح ۽
ڦوڙائي جو مالڪ ۽ مختيار آهي؛ پر اهو مڪر، جيڪو ڪن
عاشقن سان ميڙائو ۽ ڪن سان ڦوڙائو، ڏک، تڪليفون ۽
آزمائش جون ڪري ٿو، اهو سندس مڪر ڀلو آهي. خدا
تعاليٰ فرمايو آهي ته اوهان نٿا ڄاڻو، خدا چڱي رٿ
ڄاڻندڙ آهي. يعني جيڪي ڪنهن کي ڦوڙائو ڏنو ٿو وڃي
– ان ۾ پاڻ عاشق جو عشق ۽ درجو وڌي ٿو. اهو پاڻ
حقيقتاً ميڙائو ئي آهي. عاشق پنهنجي محبوب جي
جدائيءَ ۾، جيڪي تڪليفون شرعي توڙي شهوات نفس
وغيره جون سر تي سهي صبر ڪري ٿو، تيئن هن جو درجو
وڌي ٿو. عشق جو سامان آهي ئي محبوب جي جدائيءَ ۾
تڪليفون آزمائش جون سهي صبر ڪرڻ. اها عاشقن جي
پَرَ ۽ عشق جي اسباب جو ايندڙ بيت نمبر 9 ۾ شاهه
صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:
بيت
پَرِ ۾ پُڇِيَئُونٌ عِشٌقَ جي اَسٌبَاب کي،
دَارُونٌ تَنٌهِنٌ دَردَ جو ڏَاڍو ڏَسيَائُونٌ،
اَخِرِ وَالٌعَصٌر ِ جو اِينٌهِينٌ اُتَائُون،
تِنٌهَانٌ پوءِ آءُ سِڪَانٌ ٿِي ٌ سَلاَمَ کي.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته عاشقن پنهنجي پَرِ يعني
رسم عاشقاڻيءَ ۾ ويهي، عشق جو اسباب يعني سامان
پڇيائون ته عشق جو سامان ڪهڙو ٿيندو آهي؟ دارون
يعني دوا يا علاج، ڏَسُ، انهيءَ عشق جي سامان جو
ڏاڍو ڏکيو ڏسيائون، اهو ڪهڙو ڏکيو ڏَسُ ڏنائون، جو
پڄاڻي والَعَصٌر ِ سورة جي ائين چيائون؟
هاڻي اها ڳالهه هن طرح آهي ته؛ حضرت ابوبڪر صديق
رضه کي ابُواٌلاٌ سَدَيٌنِ چيو ته تو زيان ڪيو،
پنهنجي مائٽن جو دين ڇڏيُئه. پاڻ چيائونس ته جو
خدا ۽ رسول جو ڪلام ٻڌي ۽ عمل موچارا ڪري اُو زيان
ڪندڙ نه آهي. زيانڪار اهو آهي، جو بُتَ پوڄي ۽
شيطان جي مطابعت ڪري. تڏهن الله تعاليٰ، موافق حال
امير المؤمنين ابوبڪر صديق رضه جي، هيءَ سورة
ولعصر نازل ڪئي، جنهن ۾ پهرين آيت شريف جي معنيٰ
آهي؛
وَالٌعَصٌرِ○ اِنَّ
الٌاِنٌسَانَ لَفِيٌ خُسٌرِ○ الاَّ
الَّذِيٌنَ اَمَنُوٌا وَ عَمِلُو الصّٰلِحٰتِ وَ
تَوَاصَوٌ بِالحَقِّ وَتَوَاصَوٌ بِالصَّبٌرِ○
ترجمو: ته قسم آهي وقت وچينءَ جي جو، ته ڪافر
منجهه ڇيهي آهن. مگر جيڪي وِسَهِيَا ۽ عمل ڪيائون
هڪڙن ٻين کي وصيت ڪئي ايمان جي ته ايمان آڻيو. ۽
وصيت ڪئي هڪڙن ٻين کي صبر جي ته صبر ڪجو مٿي عبادت
۽ جهل ڪجو ڪنان گناهن پاڻ کي اهي نه آهن منجهه
ڇيهن.
هن سورة جي پهرين آيت ۾ اهو ساڳيو جواب خدا تعاليٰ
فرمايو، جو حضرت ابوبڪر صديق رضه هن ڪافر کي ڏنو
ته ڪافر ڇيهي ۾ آهن؛ ۽ دين پنهنجو به انهن زيان
ڪيو، جن غير الله جي پوڄا ڪئي، ان کان پوءِ پوين
ٻنهي آيتن سڳورين ۾ خدا تعاليٰ ايمان وارن، جي
ڇيهي ۽ نقصان کان ڇٽل آهن، انهن جي حق ۾ فرمايو
آهي ته جيڪي عمل ڪن ٿا صالح ۽ وصيت ڪيائون هڪٻئي
کي ايمان جي ۽ جهل ڪرڻ گناهن جي ۽ صبر ڪرڻ مٿي
تڪليفن شرع جي ۽ مٿي تڪليفن ڪافرن جي. اهي ئي ڇيهي
کان ڇٽل ۽ ايمان وارا آهن. هن سورة سڳوريءَ ۾ صبر
وارن ۽ عمل صالح ڪندڙن کي ئي ايمان وارو سڏيو ويو
آهي. اهي ايمان وارا ئي عاشق الله تعاليٰ جا آهن.
انهن جي پڻ پنهنجي عاشقاڻي پَرِ ۾ به اهو عشق
الاهيءِ جو ڏَسُ يا اسباب آهي، جو ڀٽائي صاحب رحمة
الله عليہ هن بيت جي تڪ ۾ فرمايو ته ”آخر والعصر
جو ائين چيائون“ – جيئن خدا تعاليٰ هن سورة
سڳوريءَ جي آخر ۾ به ايمان وارن عاشقن جي پَرِ يا
رسم، رواج جو بيان فرمايو. ڀٽائي صاحب به اهو
ساڳيو بيان فرمايو. خدا تعاليٰ پاره 18، سورة
المؤمنون جي ع 6 ۾ فرمايو آهي:
فَاتَّخَذٌتُمُوٌهُمٌ سِخٌر ِيّاً حَتيٰ
اَنٌسَوٌکُمٌ ذِکٌرِيٌ وَ کُنٌتُمٌ مِّنهُمٌ
تَضٌحَکُوٌنَ○ اِنِّيٌ
جَزيٌتُهُمُ اليَوٌمَ بِمَا صَبَرُوآ اِنَّهُمُ
الفَائِزُوٌنَ○
ترجمو: پوءِ وٺندا هئا اوهين انهن مؤمنب کي چٿرون
ڪيل، تانجو وسري اوهان کي يادگيري منهنجي ۽ هئا
اوهين اُن تان چٿرون ڪندڙ. تحقيق جزا ڏيندس مؤمنن
کي بهشت اڄ، سبب صبر ڪرڻ ان جي، تحقيق اُوءِ ڇٽندا
داخل ٿيندا بهشت ۾.
هنن آيتن سڳورين مان به صاف ظاهر آهي ته ڪافرن جي
چٿرن تي ۽ تڪليفن تي، جن مؤمنن عاشقن الله تعاليٰ
جي صبر ڪيو، تن کي سندن صبر جو عيوض يا اجورو بهشت
ڏنو ويندو ۽ اهي ئي ڇٽل هوندا. اهو ئي سامان آهي
عشق جو، جنهن لاءِ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ
فرمايو ته عاشقن اهو ڏَس ڏنو ته ”آخر والعصر جو
اِينَهم ِ اُتائون“ – هاڻي هن بيت جي تڪ پهرينءَ ۾
هئو ته، عاشقن پنهنجي پَر عاشقاڻيءَ ۾ پڇيو ته عشق
جو سامان ڪهڙو ٿيندو آهي؟ تڪ ٻيءَ ۾ هئو ته، ان جو
علاج يا دارون ڏکيو ڏَسيائون ۽ ٽينءَ تڪ ۾ هئو ته،
ڏَس ڏنائون آخر والعصر جو، يعني تڪليفن سهڻ ۽ صبر
جو؛ ۽ تڪ چوٿينءَ ۾ بيان فرمايائين ته، اهو ڏَس
ٻُڌي ۽ ان جو اجورو ٻُڌي ۽ الله تعاليٰ جو انهن
عاشق تي راضپو ٻُڌي، مون کي وڌيڪ شوق پيدا ٿيو
آهي، سلام جو. ”تهان پوءِ آءُ سڪان ٿي سلام کي“-
تهان پوءِ جو اشارو آهي ته عاشقن جي عشق جو سامان،
جيڪو اهي رکن ٿا ۽ انهن جي سامان سهڻ ۽ صبر تي، جو
الله تعاليٰ راضي ٿي کين نعمتون ڏئي ٿو، اهي سڀ
ٻُڌي، تنهن کان پوءِ آءُ به انهيءَ محبوب موليٰ
سائينءَ جي سلام لئي سڪان ٿي. ان جو ڏَس پنهنجي دل
کي پاڻ ٿو ايندڙ بيت نمبر 10 ۾ ڏئي ته، ڇاڪاڻ ٿي
سلام لئي سِڪين؟ ڇو نه ٿي وڃين سلام ڪرين؟ اهو بيت
هي آهي: |