مورق عجلي ٿو چوي ته مان ويهن ورهين کان هڪڙي
ڳالهه جي ڳولا ۾ آهيان- نه اڄ تائين مون کي، نه
مون ان جي طلب ڇڏي. ماڻهن پڇيس ته اها ڪهڙي؟
فرمايائين به بيفائدي ڳالهائڻ کان، ماٺ ٿو گهران.
اها زبان جي پهرين آفت آهي، جنهن مان ٻيون آفتون
ڦٽن ٿيون. چورن جي عادت آهي، جو چور پنهنجو راز
ڪنهن سان ڪونه سلن ۽ چپ ڪيو وتن. جيئن ڀٽائي صاحب
رحمة الله عليہ سندن عادت ٿو بيان فرمائي ته:
سلي سوريءَ چاڙهيا ته بيان ڪن نه بات.
اها عادت ڳالهه ڪرڻ جي چڱي نه آهي ۽ بيان ڪرڻ ۾
زبان جون سوين آفتون آهن، جهڙوڪ: خطا، ڪوڙ، گلا،
رياءُ، نفاق، فحش، تڪرار ۽ ڳالهه جو گهٽائڻ وڌائڻ،
گهڻي بڪوات ڪرڻ، خلق کي ايذاءُ پهچائڻ، ڪنهن جو
عيب ظاهر ڪرڻ وغيره. اهي سڀ زبان جي کولڻ سبب ئي
آهن. زبان کي اهڙيءَ طرح پنهنجي وس رکڻ، جو جتي
ڳالهائڻ گهرجي، اتي ڳالهائي ۽ جتي نه ڳالهائڻ
گهرجي، اتي نه ڳالهائي. اهو معلوم ڪرڻ مشڪل آهي ته
ڪهڙي ڳالهه چوڻ جي لائق آهي ۽ ڪهڙي نه چوڻ لائق
آهي. انهيءَ سبب کان خطرو رهي ٿو ۽ خاموشيءَ ۾
سلامتي آهي. انهيءَ ڪري ان جي فضيلت به گهڻي آهي.
چپ ۾ هيءُ فائدو آهي جو ذڪر فڪر ۽ عبادت جي فراغت
ملي ٿي ۽ آفتن کان دنيا ۾ ڇوٽڪارو ۽ آخرت ۾ حساب
کان هلڪائي.
ڪلام چئن قسمن جو آهي: هڪ اهو آهي، جنهن ۾ نقصان
ئي نقصان- ٻئي ۾ رڳو نفعو، ٽئين ۾ نفعو ۽ نقصان
گڏيل، چوٿين ۾ نه نفعو نه نقصان. هاڻي قسم اول ۾
ته ماٺ ضروري آهي. اهڙيءَ طرح قسم ٽئين ۾ به، جي
نقصان نفعي کان وڌيڪ هجي، ته چپ چڱي آهي. چوٿين
قسم ۾ ته وقت اجايو وڃائڻ جو نقصان آهي ۽ اهو به
وڏو نقصان آهي. هاڻي ڳالهائڻ جو فقط ٻيو قسم ئي
رهيو، يعني چوٿون حصو لائق ڳالهائڻ جي ٿيو ۽ ٽي
حصا چپ چڱي ٿي. باقي جيڪا چوٿين پتي رهي، اها به
خطري کان خالي نه آهي، ڇو ته ان ۾ به ڳجهون آفتون
جهڙوڪ بعضي رياءُ، تڪلف، خود پرستي، گهڻو ڳالهائڻ،
گلا ۽ چغلي وغيره گڏجي وڃي ٿي ۽ ڳالهائيندڙ کي
معلوم نٿو ٿئي. انهيءَ ڪري ڳالهائڻ ۾ هر وقت خطرو
آهي. جو شخص زبان جي آفتن کان پوريءَ طرح واقف ٿي
ويندو، اهو حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي هن
حديث شريف جي فيصلي کي پوريءَ طرح ڄاڻندو. حديث
شريف: ”مَنٌ صَمَتَ نُجَا“ – گهڻو صحيح آهي ته جو
شخص ماٺ ڪري ٿو، ڇوٽڪارو لهي ٿو.
هيءُ بيان تمام گهڻو آهي، جو هن ضعيف بندي جي وس
کان ٻاهر آهي ۽ ڪتاب ننڍو آهي. مطلب ته الله وارن
جي عادت به اها ماٺ ۾ رهڻ ٿورو گفتو ڪرڻ هوندي
آهي. چورن جي هيءَ به عادت آهي، جو جيستائين ٻيا
ماڻهو سجاڳ هجن، تيستائين چپ ڪيو ويٺا هجن. جڏهن
اهي ننڊ پون ته پوءِ هي اٿي پنهنجي چوريءَ جي ڪم
کي لڳن ۽ وري ان ڪم کان ماڻهن جي سجاڳ ٿيڻ جي وقت
يعني صبح صادق کان اول ئي بس ڪن. اهڙيءَ طرح الله
وارن گهڻن بزرگن جي به اها عادت هوندي آهي، جو
جنهن وقت ماڻهو سمهن ان وقت الله جي عبادت ۾ شروع
ٿين ۽ ماڻهو سجاڳ ٿين ته بس ڪن. چورن جي هيءَ به
عادت آهي، جو ڏينهن جو چوريءَ جي تاڙ ۾ هوندا آهن
۽ ان جي تاڙڻ کان پوءِ، ان جي شوق ۾ پاڇا پيا
تاڙيندا آهن، ته سج سگهو لهي ۽ ماڻهو سگهو سمهن ته
چوريءَ جو وجهه لڳي. اهڙيءَ طرح الله وارن بزرگن
جي به اها عادت هوندي آهي، جو پاڇن کي تڪيندا
رهندا آهن ۽ سج لهڻ سان هو پنهنجي عبادتگاهه ڏي
ائين موٽندا آهن، جيئن پکي پنهنجي واهيري ڏي جلد
وري. هو وچ رات جو وقت عبادت لاءِ وڌيڪ پسند ڪندا
آهن. چورن جي اها به عادت آهي، جو رات جو وچ
چوريءَ لاءِ پسند ڪندا آهن. سالڪن ۾ اهڙا بيشمار
هئا جن وچ رات جو جاڳڻ پنهنجي عادت ڪئي ۽ انهيءَ
باب ۾ چڱو طريقو اهو آهي، جو رات جي پهرين ٽهائي ۾
پويون ڇهون حصو سمهڻ ۾ گذاري ته عبادت ۽ جاڳڻ وچ
رات ۾ ٿئي. سمهڻ پڇاڙيءَ رات ۾ انهيءَ لاءِ آهي ته
صبح جو هن کي ڍڪر نه اچن ۽ پڇاڙيءَ رات ۾ سمهڻ ڪري
منهن تي ڦڪاڻ گهٽ ٿيندي آهي ۽ انگشت نمائي گهٽ
ٿيندي، جنهن بابت پڻ ڀٽائي صاحب جي بيت جي هڪ تڪ
آهي ته:
ويري مون ورن، ڳالهه ڪيائين ڳجهه جي.
جيڪو اهو عابدن کي منهن تي ڦڪو رنگ گهڻو اوجاڳو
ڪري عبادت ڪرڻ سان ٿيندو آهي، اهو به عاشقن ۽
عابدن جو راز ظاهر ٿو ڪري. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب
فرمائي ته منهنجو اهو ورن يعني ڦڪو رنگ، منهنجو
ويري يعني دشمن ٿيو، جنهن منهنجي انهيءَ ڳجهي
عبادت ۽ رياضت جي ڳالهه ڪئي. اهو مٿي بيان ڪيلن ۽
ٻين چورن جي عادتن، جيڪي بيان نه ٿيون آهن، تن
ڏانهن اشارو ڪندي ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ مخاطب
ٿي فرمايو آهي ته اي طالب موليٰ” جي ڀائين پرينءَ
مڙان ته سک چورانڪي ڌات“.
هن بيت جي فصل ٻئي سر يمن ڪلياڻ ۾ اِهو هڪڙو ئي
آهي، جنهن ۾ چورن جي عادتن جو مثال ڏنو ويو آهي.
هن کان اول يا پوءِ سڄي فصل ۾ بيتَ، طبيبن، مريضن
۽ ان جي دوائن، پُڙين، ڦڪين، ڏنڀن، ڦٽن، سورن ۽
پَٽين ۽ ڪِرين بابت مثال طرح ڏنا ويا آهن، پر چورن
جي عادتن بابت فقط هي هڪڙو ئي بيت مثال طرح ڏنو
ويو آهي. ان جو هتي ٻئي فصل جي وچ ۾ آڻڻ جو هي
مقصد آهي ته هن فصل ۾ طبيبن ۽ مريضن جي مثال ۾، جو
منهنجي مرشد ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ آسان نموني
رجا، رضا، صبر، شڪر، توڪّل، توحيد، تقويٰ- مطلب ته
سلوڪ جون سڀ منزلون مٿي بيان ٿيل سمجهايون آهن،
اهي ٻڌي به ڪو چوي ته اڄ ائين ڪير ٿو ڪري سگهي؟
اسان کي ته طاقت نه آهي! تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة
الله عليہ انهن کي همتائڻ ۽ شوق ڏيارڻ لاءِ ٿو
فرمائي ته توکان ڇا، چورن واري عادت سکڻ به زور
آهي؟ تون جي ارادو ٿو رکين ته انهيءَ حقيقي پرينءَ
کي ملان، ته رڳو چورن واري عادت، خوشيءَ سان جاڳڻ
۽ زبان پنهنجي بند رکڻ ۽ پنهنجن سمورن رازن کي
چورن وانگيان لڪائي عبادت ڪرين ته به چڱو. اِهي سڀ
مثال سڻاوا بيان ٿي چڪا. انهن ڏَسن، پنڌن، علاجن،
حيلن حوالن کان سواءِ، باقي اهو پاسو هڪڙو آهي، جو
الله تعاليٰ پنهنجي بندي تي خاص رحم فرمائي کڻي
نوازي، بنان سبب ته اها سندس وڏي بيحد مهرباني ۽
ٻاجهه آهي. اها سندس وس آهي ۽ عطا آهي. پوءِ ڪا
پرواهه نه آهي، توڙي طبيب تڙي ڪڍن ۽ ڦٽ وري نئين
سر چِڪي چيهون ڪري پون. تڏهن به انهيءَ هڪڙي دوست
جي ديدار سان ئي پاڻهين ڦٽ ٺري ۽ ٺهي ويندا. جيئن
منهنجو مرشد ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ايندڙ بيت
نمبر 9 ساڳي سر ۽ ساڳي فصل ۾ ٿو فرمائي ته:
بيت
تَڙي طَبِيٌبَن ِ گهَايَل ِ گهَران ڪَڍ ِيو،
تَنٌهِنجا چِڪِيَا چَاڪَ چِيهُون ڪري ڪَڙيُون مُور
ِ نه ڪن،
دوستَ جي دَرٌسَنَ سِينٌ پَوي ٺَارُ ٺَپَن ِ،
وِرِچِيو ويڄَ وَڃَن ِ آءُ ته پِرٌيَمِ اُبُهَان.
هن بيت جي مجازي معنيٰ آهي،ته گهايل يعني ڦٽيل کي
طبيبن پاڻ وٽان تڙي، لوڌي، ڪڍي ڇڏيو........
انهيءَ جا چاڪ يعني چِيرَ، ڦَٽَ، چيهون يعني ڦارون
ڪري اهڙا کُلي پيا آهن، جو ڪڙيون اصلي نٿا ڪن.
باقي ان جو بلو حيلو اها اميد آهي، جو دوست جي
ديدار سان جيڪر سندس ڦٽن تي ٺار پوي ۽ ٺري ٺهي
وڃن. ويڄ طبيب ته ورچيو يعني ڪڪ ٿيو ٿا وڃن. اي
پرين! تون اڄ آءُ، ته مان ڪريل به جيڪر اٿي بيهان.
هن بيت جو خلاصو مطلب آهي ته طبيب به بي چئي بيمار
۽ بدپرهيز، يعني ڪِري نه ڪندڙ کان ڪڪ ۽ بيزار ٿي
پوندا آهن ۽ انهن تي ناراض ٿي کين تڙي ڪڍندا آهن.
پوءِ انهن بيمارن ۽ گهايلن کي، جيڪو ٿورو فائدو
ٿيل ڦٽن ۾ به ڇڏي ويندو ۽ وري اهي ڦٽ ڪري نئين سر
چِڪي ۽ اٿلي پوندا ۽ ڪڙيون ته اصلي ڪونه ڪندا.
اهڙيءَ طرح جيڪي ماڻهو حقيقي حڪيم، الله تعاليٰ جي
نصيحت وٺندا ته انهن جا سمورا مرض سيني جا دور
ٿيندا. جيئن سورة يونس ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي:
يٰاَ يُّهَا النَّاسُ قَدٌ جَاءَ تٌکُمٌ
مَّوعِظَةءُ مِّنٌ رَّبِّکُمٌ وَ شِفَاءءُ لِّمَا
فِيٌ صُدُوٌر ِ وَ هُدًي وَّ رَحٌمَةءُ
لِّلٌمُؤٌمِنِيٌنَ. ○
ترجمو؛ تحقيق آيون اوهان کي نصيحتون ربّ وٽان، جي
مرض لاهن سيني جو ۽ هدايت ڪن ۽ رحمت ڪن مؤمنن کي،
پر جي نه وٺندا ته الله تعاليٰ به انهن کان بيزار
۽ ناراض ٿي، انهن کي پنهنجي درگاهه کان بي نصيب
ڪري تڙي ٿو، جو وري هدايت وارا نه ٿيندا ۽ گمراهي
جي مرض کان نه ڇٽندا.
جيئن سورة ڪهف ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي:
وَ مَنٌ اَظٌلَمُ مِمَّنٌ ذُکِّرَ بِاٰيٰتِ
رَبِّہٖ فَاَعٌرَضَ عَنٌهَا وَ نَسِيَ مَا
قَدَّمَتٌ يَدٰهُ اِنَّا جَعَلٌنَا عَليٰ
قُلُوٌبِهِمٌ اَکِنَّةً اَنٌ يَّفٌقَهُوٌهُ وَ
فِيٌ اٰذَانِهمِ ٌ وَقٌراً وَ اِنٌ تَدٌعُهُمٌ
اِلَي الٌهُديٰ فَلَنٌ يَّهٌتَدُوٌا اِذاً اَبَداً○
ترجمو: ناهي ڪو زور ظالم ڪنان تنهن، جنهن کي نصيحت
ڪئي وئي ٿي سان معجزن، پوءِ اک پوري ان کان وساري
سي عمل جي مهند ڪيا مٿان ان جي- تحقيق اسان ڪيا
مٿي دلين انهن جي پردا، نه پروڙين ۽ منجهه ڪنن ان
جي ٻوڙائي آهي ۽ جي سڏيندا انهن کي طرف هدايت جي،
ته هرگز نه هدايت وارا ٿيندا.
ڇاڪاڻ ته حقيقي حڪيم ۽ طبيب جا تڙيل آهن ۽ هدايت
وارا اصلي نه ٿيندا ۽ انهن جا جَهل جا ڦٽ پيا
چڪندا. ”ڪڙيون مور نه ڪن“، جيئن ڀٽائي صاحب رحمة
الله عليہ فرمايو آهي ته جيڪو:
تڙي طبيبن گهايل گهران ڪڍيو،
تنهن جا چڪيا چاڪ چيهون ڪري ڪڙيون مور نه ڪن.
ڇاڪاڻ ته انهن جا ڦٽ ڪڙيون اصلي نٿا ڪن ۽ طبيبن به
تڙي ڪڍيا آهن، جو الله تعاليٰ انهن جي حق ۾ شفا نه
گهري آهي، تڏهن شفا ياب به اصلي نه ٿيندا.
هن بيت کان اڳ ۾ هن فصل ٻئي ۾ بيت سڀ انهيءَ طرز ۽
طرح تي ڏيکارين آهن ته:
”اگها جيڪر سگها ٿي پون ها پر ڪِري نه ڪيائون يا
پند نه پاڙيائون“، ۽ ٻئي بيت ۾ آهي ته ”ويڄن سين
وائي پيا ڪِري ڪن نه پاڻ، اَگها اِن اُهڃاڻ پسو
سور سجهايا“.
هنن بيتن ۾ صاف ڏيکاريل آهي ته اهي غلطيون اگهن
بيمارن جون آهن، تڏهن هنن کي سورن سجهايو آهي.
ڏَسَ پنڌ، طبيبن جا پڇي پوءِ به انهن جي نصيحت نٿا
وٺن؛ جي پنڌ پاڙيائون ته سگهو ئي سگها ٿيا. يا وري
ويڄن وٽ، جي هوند رڳو وڃي ويٺا، تڏهن به هوند
طبيبن مٿن ترس ۾ حياءُ آڻي”چيٺي هوند چڱا ڪيا“.
جيئن تڪ ۾ آهي ته:
اگها ئي سگها ٿيا، جي ويٺا وٽ ويڄن،
ترسي طبيبن، چيٺي هوند چڱا ڪيا.
هن سموري مضمون مان صاف ظاهر آهي ته مڙئي غلطيون
اگهن جون آهن ۽ ڪجهه طبيبن مجازين جون به آهن، پر
هن بيت هلندڙ نمبر 9 ۾ هيءُ سبق مؤمنن لاءِ آهي،
ته جيستائين الله تعاليٰ کي اگهن جي شفا منظور نه
آهي، تيستائين شفاياب ته نه ٿيندا، پر مجازي طبيب
به کين تڙي ڪڍندا، فٽ به نئين سر سندن اٿلي پوندا
۽ ڪڙيون اصل نه ڪندا، پر جي انهيءَ حقيقي حڪيم
ڏانهن سندن سڻائي هوندي، توڙي طبيب کين تڙي ڪڍن ۽
چاڪ سندن چيهون ڪري اُکلي پون، تڏهن به انهيءَ
حبيب، حڪيم، الله تعاليٰ جي هڪڙي مهربانيءَ جي نظر
سان، ديدار سان سندن ڦٽن يا ٺپن تي ٺار پئجي وڃي ۽
ڇٽي ٺهي وڃن. جيئن تڪ ۾ آهي ته انهيءَ حقيقي حڪيم:
دوست جي درسن سين پوي ٺار ٺپن،
ورچيو ويڄ وڃن آءُ ته پرين اُبهان.
هن تڪ ۾ صاف سبق توحيد جو ڏنل آهي. ڪيئن ته، جڏهن
ويڄ ورچيو يعني ڪڪ بيزار ٿيو وڃن، تڏهن به الله
سائينءَ جي مهرباني، ديدار، شفقت سان ٺپن تي ٺار
پئجيو وڃي. هن جو مطلب آهي ته شفا رڳو مجازي طبيبن
ڏانهن يا دوائن، ڊڀن، پُڙين ۽ ڏنڀن ڏانهن ڀانئڻ
توحيد ۾ شرڪ آهي. شفا طبيبن ۽ دوائن جي هٿ- وس نه
آهي. رڳو شفا لاءِ سبب آهن، پر مسبب منهنجو موليٰ
سائين، مالڪ ملڪ جو ۽ شفا جو آهي ۽ مسب الاسباب،
سببن جو پيدا ڪندڙ به پاڻ آهي. هن توحيد جي مسئلن
جو بيان ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي رسالي
جي سر سهڻي ۽ سر سهڻيءَ جو ٻين سرن ۾ کولي بيان
ڪيو آهي ۽ اتي ڏسڻ گهرجي. شفا جو ڀروسو مجازي
طبيبن ۽ حڪيمن ۽ انهن جي علاجن ۽ دوائن تي ڪرڻ وڏي
جهالت آهي. اهو ڀروسو انهيءَ حقيقي حڪيم الله
تعاليٰ تي ڪرڻ گهرجي، نه غير الله تي. جڏهن به جن
ڀروسو غير الله تي ڪيو، تڏهن تن کي پنهنجي موليٰ
پاڪ کان مهڻا ۽ ڏوراپا مليا. جيئن سر سهڻيءَ ۾ بيت
آهي ته:
بيت
آڳَهَه عِشٌقَ وار ِيُونٌ جَڏَهِنٌ ڪَيَا جِن ِ،
تَڏَهِنٌ رَسِيَا تَن ِ مِهِڻَا مُحُبَ مِهَارَ
جَا.
هن جي معنيٰ به ساڳي آهي ته جڏهن به عشق وارن ڪنهن
غير الله تي آڳهه يعني ڀروسو ڪيو، تڏهن تن کي الله
تعاليٰ کان ڏوراپا مليا. جهڙي طرح ڪافرن حضور ڪريم
صلي الله عليہ وسلم
کان پڇيو ته قيامت ڪڏهن ٿيندي؟ اصحاب ڪهف جا گهڻا
هئا؟ روح ڇا آهي؟ پاڻ فرمايائون ته سڀاڻي اوهان کي
جواب ڏيندس. انهيءَ ڀروسي ۽ اميد تي سڀاڻي وحي،
حضرت جبرئيل عليہ السلام ايندو ته ان کان پڇي
ٻڌائيندس. پوءِ وحي سڳورو پندرهن ڏينهن نه آيو سبب
الله تعاليٰ جي غيرت ڪري، ته ڇو نه پاڻ سڳورن
انشاءَ الله تعاليٰ چيو؟ ڇو وحي جي اچڻ تي ڀروسو
ڪيائين؟ ڇو چيائون ته مان سڀاڻي جواب ڏيندس؟ ڇو نه
ائين چيائون ته الله گهرندو ته جواب ڏيندس؟ اهڙو
ته الله سائين غيرت وارو آهي! هيءُ بيان قرآن شريف
جي سورة ڪهف جي رڪوع 4 ۾ آهي، جنهن جو ترجمو آهي
ته؛ مَ چئه سڀڪنهن شيءِ جي لاءِ ته مان ڪندس
سڀاڻي، مگر ڳالهه ڪرڻ سان انشاءَ الله تعاليٰ ۽
ياد ڪر خدا کي، جڏهن وسارين تون.
هن آيت سڳوري مان صاف ثابت ٿيو ته سڀ ڪم جي ڪرڻ
وارو ۽ نه ڪرڻ وارو هڪڙو ئي الله تعاليٰ آهي.
جهڙيءَ طرح حضرت موسيٰ عليہ السلام پنهنجي امت جي
پارت پنهنجي ڀاءُ هارون عليہ السلام کي ڏئي، پاڻ
طورسينا تي ويو. پوئتي امت ڦري وئي. پوءِ ڀاءُ سان
جهيڙو ڪيائين ته امت جي تو سنڀال ڇو نه ڪئي؟ خدا
تعاليٰ فرمايس ته مون کي پارت ڇو نه ڪيئي؟ جيئن
حضرت يعقوب عليہ السلام حضرت يوسف عليہ السلام جي
پارت پنهنجي پٽن کي ڪئي، جن نه پاڙي. پوءِ خدا
تعاليٰ فرمايس ته يوسف عليہ السلام جي پارت مون کي
ڇو نه ڪيئي؟ بگهڙ جي کائڻ جو خوف ڇو ڪيئي ۽ منهنجي
محافظت جو خيال ڇو نه ڪيئي؟
جيئن حضرت ذڪريا عليہ السلام وڻ ۾ لڪو ۽ ڀروسو
ڪيائين ته هاڻي پناهه وارو آهيان. پوءِ الله
تعاليٰ کان عتاب آيس ته مون کان پناهه ڇونه
گهريئي؟ اهڙيءَ طرح گهڻا احوال آهن، جي هتي سڀ آڻي
نٿا سگهجن. اهي سڀ الله جا عاشق ۽ ڀلا هئا، پر
جڏهن آڳهه يعني ڀروسا غير الله شين تي ڪيائون،
تڏهن انهن کي الله تعاليٰ کان ڏوراپا مليا. جيئن
ڀٽائي صاحب ٿو فرمائي ته:
آڳهه عشق واريون جڏهن ڪيا جن،
تڏهن رسيا تن مهڻا مهار جا.
هن مان ثابت ٿيو ته الله تعاليٰ کان سواءِ، ڪنهن
به ٻي شيءِ تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي، توڙي عاقل،
اڪابر، حاذق ۽ حڪيم هجن، پر جتي اهي پنهنجا حيلا
هلائي، ڪڪ ٿي،”ورچيو ويڄ وڃن“، تڏهن به انهيءَ
حقيقي دوست جي هڪڙي مهربانيءَ جي نظر سان” پوي ٺار
ٺپن“. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ٿو
ته؛
دوست جي درسن سين پوي ٺار ٺپن،
ورچيو ويڄ وڃن آءُ ته پرين اُبهان.
هن پوئينءَ تڪ ۾ خاص الله تعاليٰ جي مهربانيءَ جو
بيان آهي، جو پنهنجي پيارن بندن ۽ بيوسيلن ۽ ضعيف
بندن تي، سواءِ ڪنهن سبب جي، مهرباني ڪندو آهي، جا
سندس خاص مهرباني آهي. اهڙين بنان سبب سندس
مهربانين جو ڪجهه بيان ڪجي ٿو.
روايت آهي ته جڏهن حارث محاسبي رحه ڪنهن شبهي واري
کاڌي کائڻ جي لاءِ هٿ ڊگهيريندو هو ته سندس آڱرين
جون رڳون ڇڪجي وينديون هيون ۽ ڏڪڻ لڳنديون هيون ۽
ان مان کيس معلوم ٿيندو هو ته هي کاڌو حلال نه
آهي. بشر حافي رحه جي روبرو ڪا شبہ ناڪ شيءِ رکي
ويندي هئي ته ان طرف سندس هٿ ڊگهو نه ٿي سگهندو
هو.
چون ٿا ته بايزيد بسطامي رحه جڏهن ماءُ جي پيٽ ۾
هو ته سندس ماءُ جي اڳيان ڪو شبهي وارو کاڌو ايندو
هو ۽ کائڻ جي واسطي هٿ ڊگهيريندي هئي، ته اهو کاڌو
سندس اڳيان ڀڄي ويندو هو ۽ انهيءَ کاڌي تائين سندس
هٿ پهچي نه سگهندو هو. سندن خاندان ۾ اهڙا به آدمي
هئا، جو جيڪڏهن انهن جي سامهون شبهي وارو کاڌو اچي
به ويندو هو، ته ان مان انهن کي بڇڙي بانس ايندي
هئي، جنهن مان هو سمجهندا هئا ته هي کاڌو شبهي
وارو آهي ۽ ان کي ڦٽي ڪري ڇڏيندا هئا. ڪن بزرگن جي
وات ۾ جيڪڏهن ڪو شبهي جو لقمو اچي به ويندو هو ته
هو ان کي چٻاڙي نه سگهندا هئا ۽ اهو لقمو انهن جي
وات ۾ واري بنجي پوندو هو، جو ڪڍي ڇڏيندا هئا. اها
انهن ماڻهن تي خاص خدا جي مهرباني بنان سبب جي هئي
۽ اها انهيءَ واسطي هئي ته جيئن اهي مڪروهه شين
کان بچيا رهن. انهيءَ ڪري انهن مڪروهه شين ۾ به
انهن لاءِ نشاني ڪري ڇڏيائين، جنهن مان هو سڃاڻن
ته هي کاڌو مڪروهه آهي ۽ جڏهن اها نشاني نه ڏسن ته
کاڌو کائي ڇڏين.
ڏسو ته جن جي حق ۾ الله تعاليٰ مڪروهه شين کان بچڻ
گهريو، انهن کي ڪهڙي عجيب طرح سان بچايائين! هن
مان صاف سبق سمجهڻ گهرجي ته بيمار کي بيماري مان
بچائڻ ۽ ڇڏائڻ، طبيبن ۽ حڪيمن جي هٿ نه آهي، پر
الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي. تنهنڪري طبيبن ۽ دوا کي
سبب سمجهڻ گهرجي، پر شفا وارو الله تعاليٰ پاڻ
آهي. تنهنڪري بيمارن کي به گهرجي ته پنهنجي انهيءَ
شافي ۽ ڪافي حڪيم، حقيقي دوست، خيرخواهه کي سڏين.
ويڄن ۽ طبيبن کي به پنهنجي طب تي ڀروسو نه ڪرڻ
گهرجي، پر انهيءَ صاحب شفا جي کي سڏڻ گهرجي، جو
صحت جي خوشي ڏيندڙ آهي. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ پنهنجي ايندڙ بيت نمبر 10 ۾ ٿو فرمائي:
بيت
ويڄَ ويڄَائِي ڇَڏ ِ، توکي سُڌِ نه سُورَ جِي،
دُور ڪَرِ دَٻِيُون نَئِينٌ، کُوري کوڙيِنِ کَڏَ،
سوئي صاحب سَڏِ، جو شادي ڏِئي صِحَتَ جي.
هن جي معنيٰ آهي ته اي ويڄ يعني طبيب! پنهنجي
قابليت جي وڏائي جيڪا توکي پنهنجي طبابت تي آهي،
سا ڇڏ؛ توکي ته منهنجي سور جي سُڌ يعني خبر يا
سماءُ ئي نه آهي، پري ڪري پنهنجيون دوائن جون
دٻيون، انهن کي وڃي ڪنهن باهه جي کوري ۾ کڏ کڻي،
ان ۾ وجهي پوري ڇڏين. تون پنهنجين ويڄائي يعني
طبابت جي انهن اٽڪلن کي ڇڏي، انهيءَ صاحب شفا جي
کي سڏ، جيڪو صحت جي خوشي بخشيندڙ آهي يا صحت جون
مبارڪون ڏيندڙ ۽ ڏياڙيندڙ آهي. انهيءَ حقيقي
دوست، مددگار کي سڏ، جنهن جي اچڻ سان سڄي سرير ۾
صحت جا آثار پيدا ٿي وڃن ۽ پيڙ سڀ پري ٿي وڃي،
جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ايندڙ بيت نمبر 11
۾ ٿو فرمائي ته:
بيت
ويڄَنِ ويٺئِي، دوسِتُ پِيٌهِي دَرِ آيو،
صِحَتَ جِي سَر ِيٌرَ ۾، ڪَلَ ڪَرين پيئِي،
پِڙَ پَري ويِئي، اَچَڻَ سَاڻُ عَجِيٌبَ جِي.
هن بيت جي معنيٰ آهي، ته ويڄ يعني طبيب اڃا ويٺا
ئي هئا ته انهيءَ حقيقي مالڪ، حڪيم، دوست جي
مهرباني ۽ مدد پهچي وئي ته سڄي بدن ۾ ۽ سڀني ڪَرن
يعني لنڱن، عضون ۾ ڪَلَ يعني خبر صحت جي پئجي ويئي
۽ جيڪا پيڙ يعني عضون ۾ سخت سور مثل گهاڻي ۾، جيئن
سرهن يا ڪنهن ٻي شيءِ کي پيڙ ۽ ڀڪيڙ هوندي آهي، سا
سڀ هلي ويئي، عجيب جي اچڻ سان، ڇو ته اهو حقيقي
دوست ۽ مددگار آهي اسان جو. جيئن قرآن شريف جي
سورة بقرہ جي رڪوع 13 ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي:
وَمَا لَکُمٌ مِّنٌ دُوٌنِ اللهِ مِنٌ وَّ لِيّ ً
وَّ لاَ نَصِيٌرٍ. ○
ترجمو: ۽ ناهه واسطي اوهان جي، سواءِ خدا جي، ڪو
دوست نڪو مددگار.
هن آيت سڳوري جو اهو مٿيون بيت ترجمي جي نموني ڪيل
آهي. شاهه صاحب انهيءَ طرح سان به آيتن جو ترجمو
پنهنجي شعر ۾ آڻيندو آهي. جيئن آيت سڳوريءَ ۾ آهي،
ته الله تعاليٰ توهان جو دوست ۽ مددگار هڪڙو ئي
آهي، تيئن بيت جو اهو ساڳيو مقصد ۽ مطلب آهي ته
مجازي ويڄ، طبيب ڇا جا؟ اهي ڪجهه نٿا ڄاڻن ۽ انهن
جي هوندي ئي دوست پنهنجي در آيو، ”صحت جي سرير ۾
ڪل ڪرين پيئي“؛ ڇو نه انهيءَ وٽ صحت ايندي، جنهن
جو دوست ۽ مددگار الله تعاليٰ پاڻ ٿيندو؟ انهيءَ
عجيب جي اچڻ سان پاڻيهي پيڙ پري ٿي ويندي. آيت جي
معنيٰ بيت ۾ تسليم ڪئي وئي آهي. ڀٽائي صاحب رحمة
الله عليہ جي زماني ۾ اها طرز ۽ طرح هئي، جو شعر ۾
آيتن جو شرح ڪندا هئا. جيئن مولانا گرهوڙي
عبدالرحيم صاحب رحمة الله عليہ گرهوڙ واري جو
تفسير سورة ڪوثر يا ٻين سورتن جو ڏسو، جيڪو نظم ۾
ڪيو اٿس، سو پڻ تسليم جي نموني آهي. اهو ڪتاب ڪلام
گرهوڙي ۾ آهي، اتي ڏسڻ گهرجي. هنن بيتن ۾ رڳو
توحيد جي تعريف ڪئي ويئي آهي ته انهيءَ هڪڙي حقيقي
دوست جي طرفان سڀڪجهه آهي. انهيءَ جي گهُر ۽
مهربانيءَ سان پيڙ پري به ٿي وڃي ٿي ۽ جيڪو ڏک سور
پهچي ٿو، سو به انهيءَ سڄڻ جي گهُر سان ئي آهي.
جيئن ايندڙ بيت نمبر 12 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ فرمايو آهي:
بيت
وَڍي جَن ِ وڌِياَسِ، وَر ِيٌ ويڄَ ئي سي ٿِيَا،
تُرٌتُ ٻَڌَائُونٌ پَٽِيُونٌ، روزُ ڪِيَائُون رَاس
ِ،
هِينٌئَڙاَ تَنِين پَاس ِ، گهَار ِ ته گهَايَلُ نه
ٿِيٌن.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته مون کي وڍي جن وڌو، وري
منهنجا ويڄ يعني طبيب علاج ڪرڻ وارا به اهي ئي
ٿيا، ترت، يعني سگهوئي، روزانو پٽيون ٻڌي کڻي راس
يعني برابر چڱو ڀلو ڪيائون. اڙي هيانوَ اهڙن خير
خواهن ۽ سڄڻن وٽ گهار گذار ته گهايل يعني ڦٽيل نه
ٿين.
هن جو خلاصو مطلب آهي ته ڏک، سور ۽ تڪليف جي ڏيڻ
وارو به الله تعاليٰ آهي، ته وري انهن دردن جي دور
ڪرڻ ۽ اگهن کي سگهن ڪرڻ وارو به الله تعاليٰ آهي.
هي بيت گهڻين آيتن سڳورين جي معنيٰ ۽ مطلب آهي،
جهڙيءَ طرح قرآن شريف ۾ آهي:
وَ تُعِزُّ مَنٌ تَشَاءُ وَ تُذ ِلُّ مَنٌ
تَشَاءُ. ○
ترجمو: عزّت ۽ ذلت الله تعاليٰ کان آهي، جنهن کي
گهُري عزّت وارو ڪري ۽ جنهن کي گهُري ذلت وارو
ڪري، جنهن کي وڻيس ته سزا ڏئي، وري ان کي معافي
ڏئي مٿانهون عزّت وارو ڪري، جنهن کي وڻيس بيمار
ڪري ۽ وري شفاياب ڪري.
اهڙا قصا قرآن شريف ۾ گهڻا ۽ گهڻين جاين تي بيان
ٿيل آهن. جهڙيءَ طرح سورة ص َ جي رڪوع 4 ۾ حضرت
ايوب عليہ الصلواة والسلام جو قصو آهي ۽ ٻين سورتن
۾ بيان اهڙو آهي. اهو قصو هن طرح آهي: شيطان کي
جڏهن الله تعاليٰ قيامت تائين مهلت ڏني، تڏهن
شيطان چيو ته بگيڙيندس انسانن کي. الله تعاليٰ
فرمايو ته توکي موڪل آهي. پوءِ الله تعاليٰ کان
شيطان مدد گهري. الله تعاليٰ فرمايو ته دنيا جو
اسباب ۽ ساز سرود ۽ عورتن جو حُسن توکي بگيڙڻ لاءِ
مدد آهي، پر تون منهنجي خاص بندن ۽ شاڪرن کي بگيڙي
نه سگهندين. تڏهن شيطان چيو ته اوهان جو خاص بندو
۽ شاڪر ڪهڙو آهي؟ تڏهن الله تعاليٰ فرمايو ته ايوب
آهي. شيطان عرض ڪيو ته هن کي مال، پُٽَ ۽ رزق گهڻو
آهي، پوءِ ڇو نه شڪرانو ڪري! اهو وڃيس، ته پوءِ
ڏسو ته شڪر ڪري ٿو؟ تڏهن الله تعاليٰ طرفان شيطان
کي حضرت ايوب جي مال ۽ اولاد ۾ نقصان پهچائڻ جي
اجازت ملي. پوءِ حضرت ايوب عليہ الصلواة والسلام
جو سمورو اولاد ۽ مال نقصان ٿيو، تڏهن به شڪرانو
پيو ڪري. وري شيطان الله تعاليٰ جي اڳيان چوڻ لڳو
ته حضرت ايوب شڪرانو تنهنجو ڇو نه ڪري، جو صحت
وارو، چڱو ڀلو آهي. هن کي جسم ۾ درد سور ڪونه آهي.
تڏهن الله تعاليٰ فرمايس ته ڀلي توکي موڪل آهي.
پوءِ هن کي جان ۾ نقصان پهچائي، هن جي صحت بگيڙ،
تڏهن به ڏسندين هن کي صابر ۽ شڪر ڪندڙ. پوءِ حضرت
ايوب جي کل ۾ شيطان هڪڙي ڦوڪ ڏني، جنهن سان جسم ۾
اچي ڦٽ ڦرڙيون ٿيس ۽ ان ۾ ڪيڙا پئجي ويس. تڏهن به
شڪرانو ڪندو رهيو ۽ صابر رهيو. پوءِ جڏهن الله
تعاليٰ کي منظور ٿيو، تڏهن سندس سمورا مرض لاهي،
کيس چڱو ڀلو ڪيائين ۽ وري ان کي مال ۽ اولاد اڳي
کان ٻيڻو ڏنائين- جيئن سورة صَ جي رڪوع 4 ۾ آهي:
وَاذٌ کُرٌ عَبٌدَانَا اَيُّوٌبَ اِذ نَاديٰ
رَبَّہٌ اَنِّيٌ مَسَّنِي الشَّيٌطٰنُ بِنُصٌبٍ
وَّ عَذَابٍ○
ترجمو: ۽ ياد ڪر قصو ٻانهي اسان جي ايوب جو جڏهن
سڏ ڪيائين خدا کي ته مون کي پهچايو آهي شيطان ڏک ۽
سختي.
اَرٌکُضٌ بِرِجٌلِڪَ ج هٰذا مُغٌتَسَلءُ بَار ِدءُ
وَّ شَرَابُٗ○
ترجمو: ۽ چيو اسان ته اکوڙ زمين ساڻ پير تنهنجي ته
هيءُ تلاءُ صحت جو ۽ ٿڌو پاڻي پيءُ.
وَ وَ هَبٌنَا لَہٌ اَهٌلَہٌ وَ مِثٌلَهُمٌ
مَّعَهُمٌ رَحٌمَةً مِّنَّا وَ ذِکٌريٰ ِلاُولِي
اٌلاَلٌبَابِ○
ترجمو: ۽ بخشيو اسان ان کي اڳوڻو اولاد سندس ۽ ٻيو
اوترو پڻ سبب بخشش پنهنجي ۽ نصيحت آهي واسطي
دانائن جي.
هنن مٿئين حضرت ايوب عليہ السلام جي قصي مان صاف
ظاهر آهي، ته حضرت ايوب عليہ السلام کي اول ڏک
شيطان به الله جي حڪم سان پهچايو، وري سندس سڀ درد
دفع به الله تعاليٰ ڪيس يعني جنهن سڄڻ سور ڏنس،
وري لاٿس به انهيءَ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ
ساڳيءَ طرح ٿو بيان فرمائي ته:
وڍي جن وڌياس، وري ويڄ ئي سي ٿيا،
ترت ٻڌائون پٽيون روز ڪيائون راس.
جيئن سورة والصّٰفٰت جي رڪوع 3 ۾ آهي:
قَالَ يٰبُنَيَّ اِنِّيٌ اَريٰ فِي الٌمَنَامَ
اَنِّيٌ اَذٌبُحُڪَ فَانٌظُرٌ مَاذَا تَريٰ قَالَ
يٰاَبَتِ افٌعَلٌ مَا تُؤ ٌمَرُ سَتَجِدُنِيٌ اِنٌ
شَاءَ اللهُ مِنَ الصَّابِر ِيٌنَ. ○
ترجمو: چيائين پيءُ، ڪر سو، جيڪي امر ٿيو توکي
ڏسندين مون کي، جي گهرندو خدا منجهان صابرن.
اها پيءُ پنهنجي حضرت ابراهيم عليہ السلام جي مرضي
حضرت اسماعيل عليہ السلام انهيءَ لاءِ رکي، جو خود
خدا تعاليٰ جي مرضي ائين هئي. تڏهن تابع ٿيو الله
تعاليٰ جي حڪم ۽ ان جي دوست خليل الله جي حڪم جو ۽
ان واقعي کان پوءِ سندن سنت جي متابعت، جا اضحيٰ
آهي، اڄ تائين مسلمان ڪندا اچن. اها متابعت اصل
متابعت، انهيءَ مٺڙيءَ متابعت ڏي اشارو آهي، ته
حضرت ابراهيم ۽ اسماعيل کي ڏکي ۽ سخت آزمائش مان
لنگهايو ۽ جڏهن سچا ۽ پڪا ثابت ٿيا، تڏهن سندن
اوکايون لاهي سوکايون ڪيائين. اهڙيءَ طرح سختين تي
صبر ڪرڻ متابعت آهي، حضرت اسماعيل ۽ حضرت ابراهيم
عليہ السلام جي؛ رڳي اضحيٰ متابعت نه آهي، پر سڀني
سورن، ڏکن ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن تي قائم رهي، صبر
۽ شڪر ڪرڻ اول درجي جي متابعت آهي.
فَلَمَّا اَسٌلَمَا وَ تَلَّہٌ لِلٌجَبِيٌنَ. وَ
نَادَيٌنٰہُ اَنٌ يّٰا ِبٌرَاهِيٌمُ. قَدٌ
صَدَّقٌتَ الرُّء ٌ يَا اِنَّا کَذٰلِڪَ نَجٌز ِي
الٌمُحٌسِنِيٌنَ.
ترجمو: پوءِ جڏهن راضي ٿيا ٻئي ۽ ڪيرايائين پُٽ کي
پاسي ڀر ۽ سڏ ڪيو اسان نه اي ابراهيم، تحقيق سچو
ڪيو خواب تو ۽ پورو ڪيئين فرمان الله جو، اسين
ائين سختي لاهيون ۽ ثواب ڏيون نيڪن کي.
هنن آيتن سڳورين مان صاف ظاهر آهي، ته حڪم حضرت
اسماعيل جي ڪهڻ جو به الله تعاليٰ ڪيو، وري معاف
به الله تعاليٰ ڪيو. ڪهڻ جو حڪم وڍڻ جهڙي مثال کان
به وڌيڪ هئو ۽ وري حضرت اسماعيل کي بچائڻ به ان
کان وڌيڪ هئو، جيئن وڍڻ کان پوءِ، وري انهن ڦٽن کي
پٽيون، ملمون ڪري ڇٽائڻ هوندو آهي. هن بيت جو پڻ
اهڙن الله جي حڪمت وارن حڪمن ۽ ان جي وري مهربانين
ڏانهن اشارو آهي. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب فرمائي ته:
وڍي جن وڌياس وري ويڄ ئي سي ٿيا،
ترت ٻڌائون پٽيون روز ڪيائون راس.
هن جو هن بيت ۾ وڍڻ، ڦٽڻ ۽ وري انهن چاڪن ۽ ڦٽن کي
ترت يعني جهٽ پٽ پٽيون ٻڌي، روز يعني ڏهاڙي، راس
يعني برابر پورو، چڱي ڀلي ڪرڻ جو مثال بيان ڪيو
ويو آهي، سو انهيءَ ڪري جو هن مثال مان جهڙو توحيد
جو بيان سمجهائڻ آسان آهي، تهڙو ٻيو مثال نه آهي،
ڇاڪاڻ ته هن ڳالهه مان هرهڪ شخص واقف آهي ته جيڪو
مجازي ڊاڪٽر يا جراح، حڪيم بيمار کي آپريشن ڪري،
وڍي، ڪپي چيريندو آهي ۽ وري ان جو علاج به اهو ئي
آپريشن وارو ڊاڪٽر پاڻ روزانو پٽيون ملمون ڪري، ان
کي آخر چاڪ چڱو ڀلو ڪندو آهي ۽ آپريشن کان پوءِ
ترت يعني تڪڙو ان جي ڦٽن کي وري سبندو ۽ پٽي ڪندو
آهي، جيئن تڪ ۾ آهي ته:
ترت ٻڌائون پٽيون روز ڪيائون راس.
پوءِ هن مثال مان ائين نه سمجهڻ گهرجي ته جن
اوزارن سان آپريشن ڪيو ويو، يا جيڪي دوائون يا
ملمون پٽيون ڪيون ويون آهن، انهن کي شاباس هجي، جو
هن بيمار کي چڱو ڀلو ڪيائون. پر اهي اوزار ۽
دوائون ۽ پٽيون، جنهن ڊاڪٽر جي هٿ وس ۾ آهن،
انهيءَ ڊاڪٽر يا حڪيم کان سڀڪجهه سمجهڻ گهرجي. ها،
پر وري اهي مجازي ڊاڪٽر يا حڪيم انهيءَ حقيقي حڪيم
جي قدرت واري هٿ ۾ اوزارن مثال آهن. پوءِ جيڪي ڪي
اهي مجازي حڪيم ڪن ٿا، سو حقيقي حڪيم الله تعاليٰ
ڪري ٿو، جي ان جي گهُر موجب ڪن ٿا ۽ اهو ڪن ٿا،
جيڪي انهيءَ کي منظور آهي. تڏهن انهيءَ حڪيم کي
ڇڏي، ان جي اوزارن کان شفا نه گهرجي. اوزارن ۽
دوائن کان شفا گهرڻ، بيوقوفي آهي. جيئن مثنوي شريف
۾ مولانا رومي رحمة الله عليہ فرمايو آهي، جنهن جو
سنڌي ترجمي ۾ مولوي ميان دين محّمد اديب صاحب لکيو
آهي ته:
نظم
احمقن جيئن، گهر نه رحمت تير کان؛
گهُرُ نه رَحَمَتَ تيغَ کان اي خَيٌرخَواهه،
شَاههَ کان گهُرُ جَنهِن جي هَٿَ ۾ تيغَ آهِه،
تيغَ تِيرَن ِ وَٽِ ڪَرِينٌ ڇو روڄُ آهه،
ڇو ته آهِن ِ بِندِ هِي مِنٌجهِه قَيدِ شَاههَ.
هنن بيتن جو مطلب پڻ ساڳيو آهي ته اوزارن، تير ۽
ترار کان رحم نه گهر، پر انهيءَ شاهه، يعني الله
تعاليٰ کان رحم گهر، جنهن جي هٿ ۽ وس ۾ تير ۽ ترار
آهي. اُهي تير تراريون پاڻ انهيءَ شهنشاهه جي
قبضہء قدرت جي ۾ قيد آهن. تون انهيءَ کان سواءِ،
ٻين وٽ ڇو ٿو وڃي روئين ۽ ويهين؟ جنهن جي هٿ ۾ هي
سڀڪجهه آهي، انهيءَ پرينءَ وٽ وڃي گهار، گذار ۽
ويهه ته اصلي گهايل ئي نه ٿين. جيئن پوئينءَ تڪ ۾
آهي ته:
هنيڙا تنين پاس گهار ته گهايل نه ٿين.
اي هيانءَ ! يعني اي دل، تون انهيءَ طبيب وٽ وڃي
رهه، جو وڍڻ جو مالڪ آهي ته وري ان جي ڇٽائڻ ۽ ملم
پٽين جي ڪرڻ وارو به آهي، تنهنڪري تون اتي وڃي
رهه، جتي گهايل ئي نه ٿين. هن تڪ ۾ هي به آهي ته
بدن سان ظاهر طرح رهڻ ڏي اشارو نه آهي، پر حضور دل
جي حضور سان رهڻ ۽ غافل نه ٿيڻ ڏانهن اشارو آهي.
هن تڪ ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ دل کي مخاطب ٿي
فرمايو آهي ته: ”هنيڙا تنين پاس، گهار ته گهايل نه
ٿين“ – هي خاص دل کي تاڪيد ڪيل آهي ته توڙي ظاهري
طرح طالب موليٰ پنهنجي مرشد يا استاد کان پري هجي،
تڏهن به دل ان جي يادگيريءَ کان غافل نه هجي.
اهڙيءَ طرح جڏهن فنا في الشيخ کان فنا في الرسول
جي مقام ۾ هيانءُ حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي
يادگيريءَ کان عافل نه هجي، تڏهن فنا في الله جو
مقام ميسّر ٿيندو؛ تڏهن پنهنجي مالڪ موليٰ جي
يادگيريءَ ۾ اهڙو رهي، جيئن هڪ پل به غافل نه ٿئي،
پر دل سان ان کي اهڙو چنبڙي پوي، جيئن دل ڪنهن به
غير الله شيءِ ڏي متوجهه نه ٿئي. هن سبق جو ڀٽائي
صاحب رحمة الله عليہ انهيءَ ساڳي سر يمن ڪلياڻ جي
فصل ستين ۾ کولي شرح ڪيو آهي، ته عاشق کي ڪيئن
پنهنجي معشوق، موليٰ جي ملڻ لاءِ حيلا وسيلا ڪرڻ
گهرجن. هي بيان تمام گهڻو آهي ۽ جاءِ تنگ آهي،
تنهنڪري خود اهي بيت مثال طرح آڻجن ٿا. فصل ستون
بيت نمبر 13 سر يمن ڪلياڻ:
بيت
جَانٌ جَانٌ سي نه لِتَاءِ، جي لِيَاڪا لوڪَ جا،
تَان تَان ٿِئي نه مَاءِ، پُورو پَسَڻُ پِري
ِيٌنءَ جو.
جيستائين دل مان غير الله شين جا خيال، واسطا ۽
تعلق بند نه ٿيندا، تيستائين پورو پسڻ پرينءَ جو
نه ٿيندو. وري ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو
فرمائي ته تون اهڙو اورچ ٿي پرينءَ جون ڳليون،
واٽون، دريون در ۽ دڪان پڪڙي وٺي ويهه، جو توکان
پاڻهئي پڇندو پير ڀري، ٻُڪي به ڏيندءِ ٻاجهه جي ۽
ساري سار لهندءِ، مگر تون غير کان توبہ ڪري اهڙو
پيش پئه، جو اها پٽي اصل نه ڇڏ، ته تون تنين سان
سدا رهين سرخرو.
بيت
عَاشِقَ مَعٌشُوقَن ِ جو وَٺِي ويهِج ِ سِيرُ،
اَچي پُڇَنٌدَ ءِ پَاڻِهِينٌ پِر ِينٌ ڀَري پيرَ،
ڀَلاَيُن ِ سَندو ڀيرُ، رَهَبَرُ ٿِينٌدُءِ رَاههَ
۾.
بيت
عَاشِقَ مَعٌشُوقَن ِ جِيٌ وَٺِيٌ ويههُ ڳَريٌ،
جسِمَ وِر ِچِيٌ ڇَڏ ِئين سَندي دوسِتِ دريٌ،
ڏيِنٌدَءِ ٻُڪِي ٻَاجههَ جِيٌ و ِينٌدَءِ ٺَپَ ٺَر
ِيٌ،
اَسَانٌ تَانٌ نه سَريِ، توکي سَريِ سُپُر ِينٌ.
بيت
عَاشِقَ مَعٌشُوقَن ِ جو وَٺِي ويهِج ِ دَرُ،
اَچِي پُڇَنٌدَءِ سُپُر ِينٌ لَهَنٌدَءِ سَارَ
سَڀَرُ،
ڀَلاَئِي جو ڀَرُ، رَهَبَرُ ٿِينٌدُءِ رَاههَ ۾.
بيت
عَاشِقَ مَعٌشُوقَنِ جو وَٺِي ويهِج دُڪانُ،
پَئِج ِ پيش ِ پِريُن ِ جي پَٽِي وَجهِيٌ پَاڻُ،
ته تُونٌ تَنِينٌ سَاڻُ، سَدَا رَهِينٌ
سُرٌخُرُوٌ.
سالڪ کي هن سڀني بيتن ۾ پورو پورو ڏَس پرينءَ کي
راضي ڪرڻ جو آهي. ٻيون پنهنجون سموريون سڌون ڇڏي،
دنيوي خيال خطرا لاهي، وڃي پيش پريان جي اهڙيءَ
طرح پئُه، جو اها پٽي اصلي نه ڇڏ، متان ٿڪجي ڇڏين!
ان جي لاءِ سير، دريون ۽ در ۽ دڪان جا سڀ پاسا
جهلي وٺي ويهي رهه. ” هٿ حاج ۾ هجي تڏهن به دل يار
ڏي هجي“- پوءِ جڏهن اهڙو تون پرينءَ کي چنبڙي
پوندين، تڏهن دوست به پاڻهين تنهنجو سڌ سماءُ
لهندو ۽ پاڻهئي توکي ڦڪي ٻاجهه جي ڏيندو، جو
تنهنجو ڦٽ به ٺري، ٺهي، ڇٽي ويندءِ. انهيءَ راهه
هدايت ۾ رهبر به پاڻهئي ٿيندو، فقط تون انهيءَ جي
طرف دل کي اهڙو لڳاءِ، جو گهٽين ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ ٻيا
دنيوي ڪم ڪاريون، دڪان، واپار، سودا سلف به توکي
انهيءَ جي يادگيري، ذڪر اذڪار کان نه جهلن. جيئن
قرآن شريف جي سورة نور جي رڪوع 5 ۾ الله تعاليٰ
فرمايو آهي، جن آيتن جا هي مٿيان پنج بيت پورو
مطلب ۽ معنيٰ رکن ٿا ۽ انهن نيڪ بندن جي الله
تعاليٰ پاڻ تعريف فرمائي آهي؛
ر ِجَالءُ لاَّ تُلٌهِيٌهِمٌ تِجَارَةءُ وَّ لاَ
بَيٌعٌءُ عَنٌ ذ ِکٌر ِاللهِ وَ اِقَام ِ
الصّٰلٰوةِ وَ ايٌتَاءِ الزَّکٰوةِ. ○
ترجمو: مرد اصحابي جن کي نه جهلي سودو سلوف ڪنان
ذڪر خدا جي ۽ ڪنان بيهارڻ نمازن جي ۽ ڏيڻ زڪواة
جي.
يَخَافُوٌنَ يَوٌماً تَتَقَلَّبُ فِيٌہِ
الٌقُلُوٌبُ وَاٌلاَبٌصَارُ لِيَجٌز ِيَهُمُ اللهُ
اَحٌسَنَ مَا عَمِلُوٌا. ○
ترجمو: ٿا ڊڄن اُوءِ ڏينهن قيامت جي کان ڦرنديون
جنهن ۾ دليون ۽ اکيون ڪنان ڊپ الله جي، البت جزا
ڏيندو ان کي خدا موچارن عملن جي.
وَ يَز ِيٌدَهُمٌ مِّنٌ فَضٌلِہٖ ط وَاللهُ
يَرٌزُقُ مَنٌ يَّشَاءُ بِغَيٌر ِ حِسَابٍ. ○
ترجمو: ۽ وڌائي ڏئي انهن کي ڪنان فضل پنهنجي ۽ خدا
ڏئي رزق جنهن کي گهُري ريءَ حساب.
هنن آيتن مان صاف ظاهر آهي ته الله تعاليٰ انهن کي
رزق ريءَ حساب ڏئي ٿو ۽ ٻيون نعمتون جهڙوڪ: نماز
پڙهڻ ۽ زڪواة ڏيڻ، ان تي سوکي ٿي لڳي. انهيءَ کي
خائف ڪيو اٿس اهي سڀ نعمتون الله تعاليٰ جون آهن.
هي نعمتون انهن پنهنجن نيڪ بندن کي ٿو ڏئي، جيڪي
سندس محبت ۾ محو آهن. پوءِ انهيءَ محب موليٰ
سائينءَ جو ذڪر فڪر انهن کان نٿو وسري ۽ نه وري
انهن کي ڪو دنيوي ڌنڌو يا سودو وغيره ان جي ذڪر
فڪر، نماز زڪواة کان روڪي سگهي ٿو، ڇو ته هنن جو
هنيانءُ انهيءَ حبيب وٽ آهي ۽ هٿ حاج ۾ آهي. تڏهن
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به پنهنجي هنيانءَ کي
مخاطب ٿي ٿو فرمائي ته تون به ”هنيڙا تنين پاس
گهار ته گهايل نه ٿين“. ”تنين پاس گهار“ جو اشارو
انهيءَ حقيقي حڪيم الله تعاليٰ ڏانهن آهي، جيڪو
وڍڻ ۽ وري شفاياب ڪرڻ جو مالڪ آهي. انهيءَ وٽ
گهار، گذار هميشہ، ڇاڪاڻ ته ٻيا مجازي طبيب اندر
جي سورن جي سُڌ لهندڙ نه آهن. جيئن ڀٽائي صاحب
رحمة الله عليہ پنهنجي ايندڙ بيت نمبر 13 ۾ ٿو
فرمائي ته:
بيت
هَار ِيَا ويڄَ مُيَاسِ سُڌ ِ نه لَهِينٌ سُورَ
جِيٌ
پِر ِيَان کي چَونٌد ِيَاس ِ، ته تَرٌسُ طِبِيٌبَن
ِ ڇَڏ ِيو.
هن جي معنيٰ آهي ته هاريا يعني هارايل طبيب، يعني
محبت جي مريض جي علاج جا اڻ ڄاڻ، مان جنهن سور ۾
مران ٿي، انهيءَ سور جي سُڌ سماءُ ته لهين ڪونه
ٿو، مان به پنهنجي پرينءَ کي چونديس ۽ اها دانهن
ڏيندس ته طبيبن ترس يعني قياس، رحم ڇڏي ڏنو، جو
مان جنهن مرض محبت واري جي بيمار آهيان، ان جو
علاج اصلي ڪونه ڪيائون. نه وري مان ان ويڄ کان ڪا
ڦَڪي ۽ دوا انهيءَ مرض جي گهران ٿي نه مان انهيءَ
محبت واري مرض کان ڇٽڻ چاهيان ٿي، ڇو ته انهيءَ
سور، مِنهن ۽ محابي سان من سڄڻ ڪر لهن يعني پڇڻ
اچي. جيئن ايندڙ بيت نمبر 14 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة
الله عليہ ٿو فرمائي ته اڙي:
بيت
ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي اَلاَ چَڱِي مَ ٿِيَان،
سَڄَڻُ مَانَ اَچي ڪَرَ لاَهُوٌ ٿِي ڪڏَهِين.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته اڙي ويڄ، يعني طبيب! ڦَڪي
مون کي نه ڏي، الله ڪري جو مان چڱي ڀلي نه ٿيان،
ڇو ته سڄڻ مَنَ ڪَرَ لاهو يعني پڇڻ لاءِ ڪڏهن اچي،
ته به چڱو.
هن جو خلاصو مطلب آهي ته عاشق الله جي کي، تڪليفن،
مجاهدن ۽ زهد ۾ وڌيڪ لذت ايندي آهي. جيئن ته حضرت
ايوب عليہ السلام کان پڇيائون ته تو سڄا ست ورهيه
اهڙيءَ سخت بيماريءَ ۾ ڪيئن گذاريا؟ فرمايائين ته
جڏهن سور سخت ٿيندو هو، تڏهن چوندو هوس الله ربي!
۽ تڏهن الله تعاليٰ وٽان جواب ملندو هو ته لبيڪ يا
عبدي! انهيءَ پنهنجي مالڪ موليٰ جي جواب مان اهڙي
مون کي لذت ايندي هئي، جو سڀ سور وسري ويندا هئا،
ڄڻ مون کي آهن ئي ڪونه. هن بيت کان اڳ ۾ فصل
پهرئين ۾ سر يمن ڪلياڻ جي پڻ هن اصول تي بيت اچي
چڪا آهن، جهڙيءَ طرح ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ
فرمايو آهي، بيت نمبر 10 فصل 1 سر يمن ڪلياڻ ۾،
اتي معنيٰ به ڪئي وئي آهي، وڌيڪ اتي ڏسڻ گهرجي.
جهڙيءَ طرح هڪ بيت هو ته:
هڻي جي حبيب محبتي ميا ڪري،
پڇان ڪين طبيب هوند گهاون سين ئي گهاريان.
جيڪر گهاون، ڦٽن ۽ چاڪن سان پئي گذاريان، ان کان
ڇوٽڪارو اصل ڪونه گهران ۽ نڪو طبيب ئي پڇان، پر جي
منهنجو حبيب مون سان ميا، خوشي ڪري يعني محبت ونڊي
۽ انهيءَ گهاون جي مِنهن سان مون وٽ اچي ڪڏهن ڪر
لاهو ٿئي، يعني پڇڻ جي مِنهن سان پڇڻ وارو ٿي اچي.
پرين پڪ ايندو يعني اهو يقين آهي ته دوست ۽
خيرخواهه به الله تعاليٰ آهي ۽ بيمارن، عاجزن جو
وسيلو ۽ انهن جي سار سنڀال لهڻ ۽ سوال ٻڌڻ وارو به
اهو پاڻ پرين آهي، پر ان ۾ هڪ اهو ضروري شرط آهي
ته محبت جي انهن گهاون سان ماٺ ڪيو پيو گذاري ۽
صبر ڪري، ويڄن وٽ ويهڻ سِکي ته جيڪر سَگهو ٿئي.
جيئن ايندڙ بيت نمبر 15 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ ٿو فرمائي:
بيت
ويهَڻُ ويڄَن ِ وَٽِ جي سِکِينٌ ته سَگهو ٿِينٌ،
اَڳِينٌ عَادَتَ مَٽِ ته اَگهَا عَاجِزُ نه ٿِينٌ.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته اول اڳين بڇڙي عادت مَٽِ،
يعني بدلاءِ چڱي عادت سان، پوءِ ويڄن وٽ ويهڻ جو
حق سِک، ته تون عاجز يعني بيوس لاچار، بي خوش
بيمار ئي نه ٿين.
هن جو خلاصو مطلب آهي ته اڳين عادت، جيڪا نفس کي
طبعي طرح وڻندڙ آهي، جهڙوڪ: شهوات، لذتون ۽ ڪوڙيون
دعوائون ۽ سَڌن وغيره کي ڇڏي، شريعت جي مطابق الله
تعاليٰ جي امر نهي جو تابع بڻجي وڃ ۽ اول جو تون
نفس جو تابع هئين، هاڻي اها عادت مَٽي ان جو مخالف
بڻجي وڃ، ڇو ته نفس الله تعاليٰ جو دشمن ۽ مخالف
آهي؛ ٻيون سڀ الله تعاليٰ جون فرمانبردار آهن. نفس
الله تعاليٰ جي مخلوق ۽ مِلڪ ضرور آهي، پر نفس جي
لاءِ لذت، شهوت، ڪوڙ ۽ سڌون وغيره منڍ آهن. ان جي
طبع موافق آهن. پوءِ جيڪڏهن تون نفس جي مخالفت ۽
دشمنيءَ ۾ الله جي موافقت قبول ڪندين، ته تون الله
تعاليٰ جي واسطي پنهنجي نفس جو دشمن بڻجي ويندي.
جيئن الله تعاليٰ حضرت دائود عليہ السلام کي
فرمايو ته ”اي دائود! مان لازمي تنهنجو ڪارساز،
علاج وارو، حڪيم ۽ حاڪم آهيان. تون پنهنجي ڪارساز
کي چڱيءَ طرح وٺ. عبوديت اها آهي ته تون منهنجي
لاءِ نفس جو دشمن ٿي وڃ. ان وقت الله تعاليٰ سان
تنهنجي دوستي ۽ پوري فرمانبرداري ۽ غلامي ثابت
ٿيندي ۽ پوءِ توکي پاڪ صاف ۽ خوشگوار حصا ملندا ۽
توکي پيارو، دلپسند، محبوب ۽ بزرگ بڻايو ويندو.
سڀئي شيون تنهنجون تابع ٿينديون ۽ تنهنجي
خدمتگذاري ۽ تعظيم ڪنديون، انهيءَ ڪري جو سڀ شيون
الله تعاليٰ جي تابع ۽ موافقت ۾ آهن“. الله تعاليٰ
جو خالص نئين سر پيدا ڪندڙ آهي ۽ سڀ شيون ان جي
وحدانيت ۽ عبوديت جي مڃڻ واريون آهن. الله تعاليٰ
فرمايو آهي ته هر شيءِ حمد سان الله تعاليٰ جي
تسبيح ڪري ٿي، پر اوهان انهن جي تسبيح نٿا سمجهو،
يعني اهي ذڪر ۽ عبادت ڪن ٿيون، پوءِ پوري
فرمانبرداري پنهنجي نفس ۽ خواهش جي مخالفت ۾ آهي.
قرآن شريف ۾ آهي ته الله تعاليٰ حضرت دائود عليہ
السلام کي فرمايو ته پنهنجي خواهشن جو پيروي ڪندڙ
نه ٿيءُ، جو اهي توکي الله جي رستي کان گمراهه
ڪنديون. حديث قدسي ۾ آهي ته حضرت دائود عليہ
السلام کي فرمايو ويو ته پنهنجي خواهش، يعني مرض
کي مَٽي ڇڏ، ڇو ته منهنجي مُلڪ ۾ نفس جي خواهش کان
سواءِ ڪوئي مخالفت ڪرڻ وارو ناهي. تڏهن ٿو ڀٽائي
صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته تنهنجي نفس جي اڳين
عادت، جيڪا مخالفت واري آهي، سا مَٽِ ته اگها عاجز
نه ٿين.
اڳين عادت مٽ ته اگها عاجز نه ٿين.
نقل آهي ته حضرت بايزيد رحه جڏهن خواب ۾ رب العزت
کي ڏٺو ته چيائين يا الله! تنهنجي طرف پهچڻ جو
رستو ڪهڙو آهي؟ الله تعاليٰ فرمايو ته پنهنجي نفس
کي ڇڏي ڏي، پوءِ اچ. حضرت بايزيد رحه فرمائي ٿو ته
مان نانگ جي کل وانگر پنهنجي نفس کي ڇڏي ڏنو.
خلاصو مطلب ته هر حالت ۾ چڱائي آهي پنهنجي نفس سان
دشمني رکڻ ۾- ٻيون نفس جون اڳيون عادتون هي به
آهن، جي تون مٽ، ته تون عاجز نه ٿين.
اهڙيءَ طرح پنهنجي نفس جو مخالف ٿي وڃ، جيئن مخلوق
جو مال حرام، مشتبہ ۽ ماڻهن جي احسان ۽ انهن جي
مدد تي آسرو رکڻ ۽ انهن کان ڊڄڻ ۽ انهن ۾ اميد رکڻ
۽ ٿورو مال دنيا جو، جيڪو ماڻهن وٽ آهي، ان ۾ لالچ
رکڻ کان تون پري ٿيءُ. بطريق هديہ يا زڪواة يا
صدقو يا ڪفاره يا نذر ملڻ جي اهل دنيا کان اميد نه
رک. پنهنجي ارادي کي هر طرح مخلوق جي اسباب کان
قطع تعلقات ڪر، ايستائين جو جيڪڏهن تنهنجو ڪو عزيز
مالدار آهي، جنهن کان توکي ڪجهه ترڪي جي ملڻ جي
اميد آهي، ته تون ان جي مرڻ جي سَڌ نه ڪر. ڪوشش
ڪري مخلوق کان پاسو ڪندڙ ٿيءُ ۽ انهن کي اهڙيءَ
طرح ڄاڻ، جيئن دروازا ڪڏهن کلندا ڦ آهن، ڪڏهن بند
ٿيندا آهن يا وڻن جي طرح، جو ڪڏهن ڦربا آهن، ڪڏهن
نٿا ڦرجن. اِهي سڀ ڪم انهيءَ فاعل جي فعل ۽ مدبر
جي تدبير کان آهن. اهو فاعل ۽ مدبر الله آهي، پر
اهڙيءَ طرح سڀ مخلوق جي ڪسب يعني محنت ۽ هنر کي
وساري نه ڇڏ، ته مذهب جبريه کان ڇوٽڪارو لهين.
اعتقاد رک ته مخلوق جا ڪم، سواءِ خدا جي پورا نٿا
ٿين ۽ اهو انهيءَ لاءِ، ته تون الله کان سواءِ
مخلوق کي پوڄڻ نه لڳين ۽ خدا کي وساري نه ڇڏين.
هيئن نه چئه ته مخلوق جا ڪم سواءِ قدرت خدا جي آهن
۽ پوءِ تون ڪافر ٿي وڃين. بلڪ هيئن چئه ته اهي ڪم
خدا جا پيدا ڪيل، مخلوق جي واسطي هنر ۽ ڪسب آهن.
جيئن عذاب ۽ ثواب جي سزا ۽ جزا جي موقعي ۾ حديثون
آيون آهن ۽ ٻانهن جي معاملي ۾ رڳو خدا تعاليٰ جو
حڪم بجاءِ آڻي ۽ پنهنجي حصي کي به امر الاهي ڄاڻي
جدا ڪري وٺ. حڪم- خدا کان انحرافي ۽ فرق نه ڪر، ڇو
ته الله تعاليٰ جو حڪم قائم آهي توتي ۽ سموري
مخلوق تي. اهو ئي حڪم ڪري ٿو. ڪنهن امر ۾ تون پاڻ
حاڪم نه بڻجي ويهه ۽ مخلوق سان تنهنجو هجڻ مقدر
يعني پهرين لکيل ۽ نصيب آهي. اهو مقدر اونداهي ۾
آهي. پوءِ ان اونداهيءَ ۾ ڏيئي سان يعني روشنائيءَ
سان وڃ. اهو ڏيئو ڪتاب الله ۽ سنت رسول الله آهي ۽
اهي ٻئي سنت ۽ ڪتاب الله حاڪم آهن. انهن ٻنهي جي
حڪم کان ٻاهر نه وڃ. جيڪڏهن تنهنجي دل ۾ ڪوئي خطرو
اچي ته انهيءَ کي قرآن ۽ حديث سان ڀيٽ؛ پوءِ جي
قرآن ۽ حديث ۾ ان جي حرمت لهين، جهڙوڪ: وسوسو،
زنا، وياج، فاسق و فاجر سان ميل جول وغيره، بس
اهڙين ڳالهين کي پنهنجي دل مان دور ڪر ۽ انهن کان
جدا رهه. انهن کي قبول نه ڪر. انهن تي عمل نه ڪر ۽
يقين ڪر ته اهي وسوسا شيطان جي طرفان آهن.
جيڪڏهن ڪن خطرن کان قرآن ۽ حديث ۾ مباح ڏسين،
جهڙوڪ: کائڻ پيئڻ، ڦرڻ ۽ نڪاح ڪرڻ جون خواهشون، ته
انهن کي ڇڏي ڏي ۽ قبول نه ڪر ۽ ڄاڻ ته اهي خطرا
نفس ۽ نفس جي خواهشن جا آهن. تون نفس جي مخالفت ۽
عداوت تي مامور يعني مقرر ڪيل آهين. پوءِ جيڪڏهن
قرآن ۽ حديث ۾ حرمت ۽ ڪراهت نه به لهين، پر اها
هڪڙي اهڙي ڳالهه آهي، جو جنهن کي نٿو سمجهين
سگهين، جيئن توکي چيو وڃي ته فلاڻي فلاڻي هنڌ وڃ ۽
فلاڻن صالحن مردن سان ملاقات ڪر. جيتوڻيڪ خدا پاڪ
جي بخشيل نعمت جي سببان تون بيپرواهه هجين ۽ توکي
اتي وڃڻ ۽ انهن صالح مردن سان ملاقات ڪرڻ جي ضرورت
۽ مطلب نه آهي، تڏهن تون اتي ترس ۽ وڃڻ ۾ تڪڙ نه
ڪر. دل ۾ سوچ ته هي خدا جي طرف کان الهام آهي ڇا،
ته مان ان تي عمل ڪيان؟ اهڙيءَ طرح تون ان جي
اختيار ڪرڻ ۾ انتظار ڪر. فعل الاهي هي آهي، جو
الهام هر هر ٿئي ۽ توکي جلد وڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ جو
حڪم ڏنو وڃي يا اهڙي ڪا نشاني هجي، جو عالم بالله
ماڻهن تي ظاهر ٿيندي آهي ۽ انهن عقل جي صاحب
اولياءَ الله رضه ۽ ابدال رضه، جن کي قوت ۽ سمجهه
عطا ڪئي وئي آهي، اهي معلوم ڪندا آهن. بس، ان ۾
جلدي نه ڪر. انهيءَ ڪري، جو تون انهيءَ ڪم جي
پڇاڙي ۽ ارادو، امر الاهي جي ان ڳالهه کي نٿو
ڄاڻين ته ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ فتنو ۽ هلاڪي آهي يا ان ۾
ڪا اٽڪل ۽ امتحان الله جي طرف کان آهي، پوءِ ان
وقت تائين صبر ڪر، جيستائين الله تعاليٰ تو ۾ فاعل
ٿي وڃي ۽ جيڪڏهن خاص فعل حق باقي رهيو ۽ ان مقام ۾
تنهنجي باريابي ٿي ويئي ۽ ان وقت جيڪڏهن ڪو فتنو
به پيش آيو، تڏهن به توکي محفوظ ۽ الڳ پاڪ ۽ پناهه
۾ رکيو ويندو، ڇو ته الله تعاليٰ پنهنجي فعل تي
توکي عقوبت نه ڪندو.
توکي عذاب ڪنهن ڪم ۾ تنهنجي دخل ڏيڻ جي سبب کان
پهچندو آهي. جيڪڏهن تون حقيقت جي حالت تي هجين ته
تون نفس جي مخالفت ڪر ۽ امر حق جو پورو تابع ٿي.
پيروي امر جي ٻن قسمن جي آهي؛ پهريون قسم دنيا جي
مال کان مناسبي نفس جي کاڌ خوراڪ جيترو وٺڻ ۽ لذتن
نفسانيءَ کان پاسو ڪرڻ، فرض جي ادا ڪرڻ، جيترو
ظاهر باطن جي گناهن کان ترڪ ڪرڻ جي مشغولي ۾ رهڻ
آهي، جنهن لاءِ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو
آهي ته:
اڳين عادت مٽ ته اگها عاجز نه ٿين.
مَٽ هن پوئين ٻئي قسم سان جو امر باطن کان مقرر
ڪيل آهي. هيءُ حڪم خدا جو اهو آهي، جنهن سان هو
بندي کي حڪم ڪندو ۽ روڪيندو آهي. هيءُ امر باطن
انهيءَ مباح حڪمن مان آهي، جنهن جو شرع ۾ ڪو حڪم
نه آهي. يعني نه اهي منع ڪيل آهن ۽ نه حڪم واجب
آهن، بلڪ اهي محمل آهن ۽ انهن ۾ بندي کي اختيار
ڏنو ويو آهي، خواهه بندو انهن ۾ دست اندازي ڪري يا
نه ڪري. بس انهيءَ جو نالو مباح آهي. بندو ان ۾
پنهنجي طرف کان ڪجهه پيدا نه ڪري، بلڪ حڪم جو
انتظار ڪري. جڏهن حڪم مليس، تڏهن ائين ڪري، پوءِ
ان وقت بندي جو ڪم ڪار، چُرڻ پرڻ ۽ بيهڻ، بس سڪون
۾ رهڻ، سڀ الله تعاليٰ کان هوندو؛ جنهن جو حڪم
شريعت ۾ آهي، ان کي شرع سان ۽ جنهن جو حڪم شرع ۾
نه آهي، اهو ڇڙو فعل الاهي يعني تقدير رڳي ۽ حالت
تسليم آهي. جيڪڏهن تون حق الحق جي حالت ۾ آهين، جا
اصل طبع جي مٽجي ۽ فنا ٿي وڃڻ جي حالت آهي، هيءَ
حالت ابدالن جي آهي، جن جي دل خدا جي لاءِ محتاج،
مفلس، ملول ۽ ٽڪرا ٿيل آهي. اهي موحد آهن، عارف
صاحب علم ۾ اميرن جا سردار ۽ خلق جا ڪوٽوار ۽
نگهبان، چوڪيدار ۽ نائب خدا، خاص محب الاهي عليهم
السلام آهن. بس، پوءِ امر جي پيروي هيءَ آهي ته
تون خود پنهنجي مخالف ٿي وڃ ۽ پنهنجي وس کان بيوس
۽ بيزار ٿي، دنيا ۽ آخر جي ڪنهن به شيءِ جي طرف
اصلي ارادو ۽ قصد نه هجي. پوءِ تون ان وقت بندن جو
بادشاهه هوندين ۽ نه بادشاهن جو بندو. امر حق جو
بندو هوندين، خواهش جو نه. دائيءَ جي هٿ ۾ کير
پياڪ ٻار جي طرح، غاسل جي هٿ ۾ وهنجاريل مردي جي
طرح ۽ طبيب جي روبرو بيهوش بيمار جي مثل تون ٿي
ويهه. طبيبن وٽ اهڙي ويهڻ جي سکڻ لاءِ ڀٽائي صاحب
رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته:
ويهڻ ويڄن وٽ جي سکين ته سگهو ٿين.
اڳين عادت مٽ، جنهن جو بيان به مٿي گذري چڪو آهي.
پوءِ عاجز نه ٿيندين. پر جي اگهو، مٿي بيان ڪيل
طرح اڳين عادت نه مٽيندو، نه ويڄن وٽ ويهڻ جا حق
سکندو، جيڪي مٿي هن بيت جي معنيٰ ۾ بيان ٿي چڪا
آهن، ته پوءِ توڙي ويڄن وٽ ويٺو هجي، تڏهن به ائين
ئي اگهو ۽ جڏو هوندو. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ پنهنجي ايندڙ بيت نمبر 16 ۾ ٿو فرمائي ته:
بيت
هُئينٌ ته ويڄَن ِ وَٽ ِ تُون ڪِيٌئَن جيءَ جَڏو
ٿِئين،
سِرُ ڏَئِي ۾ سَٽ ِ ڪوهُه نه ڪِيَئِي ڊَڀَڙا.
بيمار جيءَ يعني بيمار جسم سان رهجي وئين. هن بيت
جي معنيٰ آهي ته اڙي جيءَ جڏي وارا! يعني بيمار،
تون به هئين ته ويڄن وٽ، پوءِ ڪيئن پنهنجو سر ڏئي
يعني سر فنا ڪري، ڇو نه ڊَڀَ، دوا، دارون، ٻُرڪا
ڪيئي؟ هن بيت جي خلاصي حقيقي معنيٰ آهي، ته سواءِ
دل جي حضور سان، مرشد وٽ، جو طبيب مثل آهي، ويهڻ
مان فائدو نه ٿيندو، جيسين پنهنجو سر انهيءَ سودي
۾ نه ڏيندو، يعني فنا في الشيخ نه ٿيندو، تيستائين
هن کي ڊڀ، دوا، دارون، انهيءَ محبت واري مرض جو
مرشد وٽان نه ملندو.
اهڙو نفل آهي ته حضرت بايزيد رحه وٽ سندس خدمت ۾
هڪڙو مريد رهندو هو، جنهن کان پاڻ روزانو نالو
پڇندو هو ۽ هو نالو ٻڌائيندو رهندو هو، هڪ ڏينهن
مريد سندس خدمت ۾ عرض ڪيو ته سائين، مون کي توهان
جي خدمت ۾ چاليهه سال ٿيا آهن، تڏهن به منهنجي
نالي کان واقف نه ٿيا آهيو ۽ روزانو پڇو به ٿا.
تڏهن بايزيد رحه سڳوري فرمايو ته مون کان تنهنجو
نالو ڏهاڙي وسري ٿو وڃي، جو مون کي هڪڙو نالو الله
تعاليٰ جو ياد آهي. پوءِ ٻيا نالا ياد نٿا اچن.
وري هڪ ڏينهن بايزيد سڳوري مريد کي چيو ته فون
فلاڻي شيءِ، جا جاري ۾ رکي آهي،سا کڻي ڏي. مريد
عرض ڪيو ته سائين، اهو جارو ڪٿي آهي؟ پاڻ
فرمايائون ته توکي ان جاءِ ۾ مون وٽ چاليهه سال
ٿيا آهن، ته تو جارو ڪونه ڏٺو آهي؟ هن عرض ڪيو ته
سائين، مان جاري ڏسڻ لاءِ هتي ڪونه ويٺو آهيان.
تڏهن بايزيد سڳوري فرمايو ته جي اهڙي حالت آهي، ته
پوءِ توکي موڪل آهي؛ تنهنجو ڪم پورو ٿيو.
هن نقل مان صاف ظاهر آهي ته شيخ صاحب کي فنا في
الله جو درجو حاصل هئو، جو غير الله شيون ۽ ان جي
نالن کي سندس دل ۾ جاءِ ڪانه هئي ۽ مريد فنا في
الشيخ جي منزل جو صاحب هئو، جنهن کي پنهنجي مرشد
بايزيد سڳوري کان سواءِ ٻيو ڪي ڪجهه نظر نٿي آيو،
جو چاليهن سالن ۾ ساڳي جاءِ رهڻ واريءَ جو جارو به
نظر نه آيو. ان کان پوءِ فنا في الرسول جي منزل ۾
به انهيءَ طرح سِرَ جي بغير سودو ڪونه آهي ۽ نه
وري فنا في الله ۾ سر ڏيڻ کان سواءِ ڪو ڊڀ ۽ دوا
دارون يا علاج آهي. ان فنائيت بابت عقيدن ۽ ترتيبن
جي سکڻ بابت هن کان اول بيت نمبر 15 ۾ سموري حقيقت
بيان ٿي چڪي آهي. هتي انهيءَ ساڳي فنائيت، جا طالب
الموليٰ کي سکڻ ۽ حاصل ڪرڻ ضروري آهي، ان ڏانهن
اشارو آهي. باقي هتي ائين بيت آندو ويو آهي ته اهو
بيمار بي عمل ڄڻ ڀٽائي صاحب کي روبرو ملي ويو آهي،
تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ان طالب
الموليٰ کي ڏَسُ ڏئي، جو محبت ۾ بيمار آهي، ان کي
مخاطب ٿي ٿو فرمائي ته اڙي تو ڇا ڪيو:
سر ڏيئي ۾ سٽ ڪوهه نه ڪيئي ڊڀڙا.
وري وڏي هيءَ ڳالهه جو تون هئين به ويڄن وٽ، پوءِ
به اهڙو سونو وجهه وڃائي جيءُ جڏو کنيو پيو ڦرين.
تڏهن ڄڻ عاشق ٿو عرض ڪري ته اهڙا ويڄ اندر جا ته
مون کي گڏيائي ڪونه. ڪُوَيڄن پئي ڪُٺم، جن رڳا ڏنڀ
ڏيئي ڏِيل ڏکويو. جيئن ايندڙ بيت نمبر 17 ۾ ڄڻ
اگهي عاشق جي طرفان ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ
جواب هن طرح ٿو فرمائي ته:
بيت
ڪُٺِيَس ِ ڪُويڄَن ِ تَنَ طَبِيٌبَ نه گَڏِيَا،
ڏيئِيٌ ڏَنٌڀَ ڏَڏَن ِ پَاڻَانٌ ڏ ِيٌلُ ڏُکويو.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته مون کي تن يعني اندر جا
طبيب ڪونه گڏيا، ڪُٺيس ڪُويڄن- مون کي ڪُٺو آهي
ڪُويڄن يعني اڻ ڄاڻن طبيبن، جي مرض شناس ئي نه
هئا، سو اوٽ تي ڏڏن يعني اڻ ڄاڻن ڏنڀ ڏيئي، رهندو
به ڏيل ڏکوئي يعني بدن به ڏکوئي آزاري ڇڏيو. مون
کي آزار هئا اندر جا، سو اندر جي مرض جا ته هو
ڄاڻو ئي ڪونه هئا.
هن بيت جو خلاصو مطلب ۽ مثال هن طرح آهي، ته
گنگهار ماڻهو ڄڻ گناهن جي بيماريءَ ۾ بيمار آهي ۽
الله وارا پير فقير، برگزيده بزرگ، عالم، راسخ،
طبيبن مثل آهن، جي پنهنجي مريدن ۽ معتقدن کي
انهيءَ گناهن جي بيماريءَ کان اخلاقي توڙي روحاني
علاج ڪري. گناهن جون عادتون ڇڏائڻ گهرن ٿا. پوءِ
جيتريقدر اهي پير فقير الله تعاليٰ وٽ مقبول ۽
مرتبي وارا آهن، اوتريقدر انهيءَ علاج جا ڄاڻو ۽
قابل آهن ۽ الله تعاليٰ جي راضپي ۽ مدد سان ماڻهن
کي انهن گناهن جهڙين بڇڙين بيمارين کان ڇڏائي سگهن
ٿا، جي ڪنهن به ٻئي مجازي طبيبن، فيلسوفن،
سائنسدانن، سکڻن پيرن، مُلن، موالين ۽ فقيرن کان
نه ڇٽن. فلاسفرن ۽ سائنسدانن، ڊاڪٽرن، طبيبن ۽ اڻ
ڄاڻن جا خيال ته گهڻا دهرين جي مطابق ٿين ٿا، اهي
خيال انهن جا گناهن جي بيمار کي گناهن کان ته
بچائي نٿا سگهن، پر اڃا به انهن کي ڏنڀن مثل
پنهنجي خيالن کان واقف ڪري ڏنڀ ڏيئي ٿا ڇڏن، جنهن
سان دل به سور سان ڀرجيو وڃي.
جهڙيءَ طرح فلاسفرن جي وڏن استادن جو چوڻ آهي ته
عالم ازلي آهي، ٻيو عالم ابدي آهي، ٽيون خدا
تعاليٰ عالم جو پيدا ڪندڙ نه آهي- وري ثابت ڪري
نٿا سگهن ته خدا ڪونهي(نعوذ بالله منها)، يا قيامت
ڪانه ٿيندي، عمل جو حساب ڪتاب يا پڇاڻو قبر جو
ڪونه ٿيندو وغيره وغيره- اهڙا گهڻا انهن جا خيال ۽
عقيدا آهن، جي سمورا هتي آڻي نٿا سگهون. هتي رڳو
اهو مقصد آهي ته اهڙن خيالن وارن فلاسفرن کي ماڻهو
به چڱي نظر سان ڏسي رهيا آهن. افسوس! جو انهن کي
حڪيم ۽ وڏا ماڻهو عاقل ٿا ڀانئين، پر درحقيقت اهي
آهن ڏڏ، جن لاءِ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو
آهي ته:
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن پاڻا ڏيل ڏکويو.
اهي ڪوبه روحاني علاج يا سلوڪ جي راهه ۾ ڪابه مدد
ڪري نٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته اهي پاڻ ڀليل ۽ اسلام جي
راهه کان اڻواقف ۽ ڏڏ آهن ۽ هن اسان جي زماني ۾
اهڙا ماڻهو پيدا ٿي ويا آهن، جيڪي الله جا انڪاري
ڪافر آهن. پوءِ انهن مان ڪي ظاهر ته مسلمان آهن،
پر عقيدا به بڇڙا اٿن ۽ الله تعاليٰ کي به خالق
نٿا ڄاڻن، پر الله تعاليٰ جي هجڻ جا انڪاري ڪافر
به آهن. انهن جو انڪار ته پاڻ الله تعاليٰ جي هجڻ
جي ثابتي آهي، ڇو ته انڪار انهيءَ شيءِ لاءِ ڪيو
ويندو آهي، جا شيءِ هوندي آهي. مثلاً ڪنهن کان
ڪنهن به چيز جو پڇجي ته تو وٽ آهي، پر هو انڪار
ڪري ته نه، ان مان رڳو اهو ثابت ٿيو ته هن وٽ نه
آهي يا هن نه ڏٺي آهي، پر اها چيز آهي ضرور. اهو
هڪڙو ئي جواب عاقل لاءِ ڪافي آهي، جو ڪلمي شريف جو
مطلب ۽ مقصد آهي ۽ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ
فرمايو آهي ته:
آڏو جو اِثبات کي سو شرڪ لاهي شڪ.
اِلاَّ الله اثبات آهي، جنهن شڪ شرڪ جو لااِلٰہ جو
لفظ ٿو لاهي. هيءُ بيحد بيان ۽ بحث جو سمورو هتي
ڪري نٿو سگهجي. عاقل لاءِ اشارو ڪافي آهي. جن جو
خيال آهي ته اسان جو دل دماغ عام ماڻهن کان وڌيڪ
مٿي ۽ عقل وارو آهي ۽ اهي ماڻهو مذهبي احڪام ۽
پابندين کي حقارت ۽ بيعزتيءَ جي نظر سان ڏسن ٿا،
انهن جو خيال آهي ته قديم حڪيم، مثلاً افلاطون،
ارسطو وغيره مذهب کي بيهوده بي معنيٰ ۽ بيڪار
سمجهندا هئا. جيئن ته اهي حڪيم سڀني علمن ۽ فنن جا
بانيڪار ۽ ايجاد ڪندڙ هئا ۽ عقل ۽ ذهن ۾ انهن جو
ڪو همسر نه هو، انهيءَ ڪري انهن جو انڪار مذهب جو،
هن ڳالهه ۾ وڏو دليل سمجهن ٿا، ته مذهب هڪڙو
بيڪار ۽ رد آهي ۽ ان جا اصول ۽ قاعدا هٿرادو ٺهيل
آهن، جو رڳو ظاهر ۾ وڻندڙ ۽ دلفريب آهن ۽ انهن جا
خيال جيڪي اسلام جي خلاف آهن، سي اهل ايمان وارن
لاءِ ڏنڀ آهن؛ پر انهن جا خيال، جن لاءِ پڻ ڀٽائي
صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته اهي حڪيم اندر
جا نه آهن ۽ دين اسلام جي علم کان اڻ ڄاڻ ۽ ڏڏ
آهن، جن لاءِ تڪ ۾ فرمايائين ته:
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن پاڻان ڏيل ڏکويو.
ڏڏ يعني اڻ ڄاڻ طبيب، جي اندر جي اخلاقي ۽ روحاني
بيمارين کان اڻواقف، جي خود اسلام جي مکيه مسئلن
توحيد، توڪّل ۽ آخرت جي حساب ڪتاب جا به انڪار
ڪندڙ آهن ۽ ڪافر آهن. هن بيت ۾ ٻن قسمن جي حڪيمن
جو بيان ڪيل آهي: هڪڙا اهي جي تن جا طبيب نه آهن،
جن جو بيان مٿي ٿي گذريو. ٻيا تن طبيب، يعني اندر
جا طبيب آهن، جي خدا تعاليٰ ۽ ان جا پيغمبر ۽ پير
فقير ۽ امام مذهب جا جن گنهگارن جا اخلاقي ۽
روحاني علاج ڪيا. اهي علاج به ٻن قسمن جا آهن:
هڪڙا ظاهري ۽ ٻيا باطني. اهڙيءَ طرح شريعت موجب به
ٻه واٽون آهن؛ هڪڙي ظاهري، جنهن کي شريعت سڏيو ٿو
وڃي ۽ ٻي باطني، جنهن جو نالو طريقت آهي. جن موجب
اخلاق جو بهتر نمونو هي آهي، ته انسان تواضع ڪندڙ
يعني نوڙت ڪندڙ ۽ بردبار، بدلو نه وٺندڙ، ڪنهن سخت
ڪلاميءَ تي نه ڪاوڙجي ۽ ڪنهن تي چٿر ۽ مسخري ڪرڻ
کان پاسو ڪندو هجي؛ لڄ ۽ حياءَ وارو، قناعت پسند ۽
الله تي توڪّل رکندڙ هجي. مجلس ۾ بس ڪري ويهي، ٻين
وڏن جي آڏو ادب ڪري ۽ لُڙ نه ڪري ۽ هر شخص سان
نياز سان ملي. اهي آهن تن جي طبيبن جا ڏَسَ ۽
علاج!
هاڻي ان جي مقابلي ۾ اڄڪلهه تعليم يافتہ قومن جي
اڳيان اخلاق جي عمدگيءَ جو نمونو هن طرح پيش ڪن
ٿا، ته انسان آزاد هجي، دلير هجي، غيرتمند هجي،
جوش وارو هجي ۽ هرقسم جي جائز آرام ۽ لذتن جو مزو
وٺي. مٿي بيان ڪيل ٻنهي نمونن جون خوبيون جدا جدا
پنهنجيءَ جاءِ تي تعريف جي لائق آهن، پر اڄوڪا
عاقل آدمي پهرئين قسم کي بي همتي ۽ ٻئي کي بلند
همتي سڏين ٿا. حقيقت ۾ اهو سندن سمجهه جو قصور آهي
۽ اهي عاقل نه آهن، پر اڻ ڄاڻ ڏڏ آهن، جن لاءِ
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو ته:
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن پاڻان ڏيل ڏکويو.
انهن بيان ڪيل مٿي ٻنهي قسمن جي اخلاقن جو مطلب
صحيح نموني ۾ هيءُ آهي ته ڪابه ڳالهه انسان ۾ حد
کان وڌيڪ نه هجي. جيئن مثال طرح ڪاوڙ اصل نه هجي
ته آدمي پنهنجو بچاءُ به نه ڪري سگهندو. وري حد
کان وڌيڪ ڪاوڙ به پنهنجي سر جو نقصان ۽ فساد جو
سبب آهي. انهيءَ ڪري الله تعاليٰ ”
وَالٌکَاظِمِيٌنَ الٌغَيٌظَ“ فرمايو، پر
”اَلٌفَاقِدِيٌنَ الٌغَيٌظَ“ يعني ڪاوڙ گم ڪندڙ نه
فرمايو. خود انبياءُ عليهم السلام غصي ۽ غضب کان
خالي نه هئا. حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم فرمايو
آهي ته مان آدمي آهيان، مون کي به اهڙيءَ طرح ڪاوڙ
اچي ٿي، جهڙيءَ طرح ٻين آدمين کي. حضور ڪريم صلي
الله عليہ وسلم جن جي هيءَ حالت هئي، جو جڏهن سندن
سامهون ڪا نه وڻندڙ ڳالهه ڪئي ويندي هئي، ته سندن
ڳل مبارڪ ڳاڙها ٿي ويندا هئا. پر تڏهن به ڪاوڙ جي
حالت ۾ به سندن زبان مبارڪ مان ڪڏهن به بيجا الفاظ
نه نڪتا، تن جي طبيبن جون اهي ڳالهيون آهن. ڪاوڙ
جو قُوّت جو اصلي وڃائڻ تهذيب اخلاق ۾ داخل نه
آهي، بلڪ مطلب هيءُ آهي ته سچو شرم ۽ خودداري،
صبر، قناعت ۽ ضبط نفس هجي. يعني نه بزدل هجي، نه
چري بهادري هجي.
اهڙيءَ طرح توڪّل ۽ قناعت جو پڻ نازڪ مسئلو آهي.
انهيءَ جي غلط فهمي سڄي ايشيا جي قومن خاص ڪري
مسلمانن کي نڪمو ۽ سست بڻائي ڇڏيو آهي. هزارين
لکين ماڻهو سمجهن ٿا، ته توڪّل ۽ قناعت روزگار جي
ڪم کي ڇڏي ڏيڻ جو نالو آهي. انسان کي رڳو خدا تي
ڀروسو ڪرڻ گهرجي. اهو رازق مطلق اصلي آهي ۽ روزي
ڏيڻ جو خود ضامن آهي. اسان کي هٿن پيرن جي هلائڻ
جي ضرورت نه آهي. انهيءَ خيال هزارن ماڻهن کي
مختلف نمونن ۾ پينو ۽ سڃو بڻائي ڇڏيو، ڇو ته هي
مسئلو نهايت نازڪ ۽ ڏکيو آهي. انهن اڻ ڄاڻن، ڏڏن
جي غلط فهميءَ اهو بڇڙو اثر پيدا ڪيو، جو فائدي جي
بجاءِ ماڻهن کي نقصان پهتو، جن ڏانهن ڀٽائي صاحب
رحمة الله عليہ کُليءَ طرح اشارو ڪيو آهي ته:
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن پاڻان ڏيل ڏکويو.
قناعت جو اصلي مطلب آهي ته دنيا سان محبت نه هجي ۽
دنيا جو حريص نه هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته دنيا جي ڪمن
۾ گهڻو مشغول ٿيڻ سان عبادت جو شعل گهٽجي ويندو.
ٻه شغل هڪڙيءَ دل ۾ هجڻ محال آهن؛ جيئن حديث شريف
۾ آهي ته جنهن آخرت قبول ڪئي، ان کان دنيا وئي ۽
جنهن دنيا جي محبت قبول ڪئي، ان جي لاءِ آخرت ۾
ڇيهو آهي. حضرت ابي درداءُ رضه کان نقل آهي، پاڻ
چوندو هو ته مون عبادت ۽ واپار گڏ ڪرڻ گهريو، مگر
ٿي نه سگهيو. حضرت امير عمر رضه کان روايت آهي ته
جيڪڏهن دنيا ۽ آخرت گڏ ٿي سگهن ٿا، ته مون وٽ گڏ
هجن ها، انهيءَ قوّت سبب جا خدا تعاليٰ مون کي
عنايت فرمائي آهي. جڏهن اهو حال آهي، تڏهن فاني
شيءِ، جا دنيا آهي؛ ان جو نقصان ٿيڻ بهتر آهي.
جڏهن دل دنيا جي محبت ۾ ڦاسي ويندي آهي، تڏهن
عبادت کان روڪجي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته دل هڪڙي آهي.
ان ۾ محبت به هڪڙي شيءِ جي ماپي سگهندي. جيئن
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ مثال
ڏيندي ٻئي بيت جي تڪ ۾ فرمايو آهي ته:
ٻِن ِ تَرار ِنِ جَاءِ ڪا آهي هيڪَ مِيَاڻ ۾.
يعني جيئن ٻن ترارين جي جاءِ هڪ مياڻ ۾ نه ٿيندي
آهي، تيئن دنيا ۽ آخرت ٻنهي جي محبت جي جاءِ هڪ دل
۾ نه آهي. اهڙيءَ طرح الله ۽ غير الله شيءِ جي
محبت به هڪڙيءَ دل ۾ گڏ نه رهندي. انهيءَ ڪري قانع
۽ توڪّل واري کي گهرجي ته دنيا جو شوق دل مان ڪڍي
ڇڏي. جيڪا شيءِ موجود نه هجي، ان جي طلب نه ڪري ۽
جيڪي وٽس موجود آهي، ان تي قناعت ۽ صبر ڪري. الله
تعاليٰ قرآن شريف ۾ اهو شرط فرمايو آهي ته آخرت
وارو گهر مان ان کي ڏيندس، جو نٿو گهري، ملڪ ۾ وڏو
ٿيڻ ۽ فساد نه ڪرڻ ۽ آخرت ڀلي آهي پرهيزگارن ۽
خائفن کي.
هن آيت مان صاف ظاهر شرط آهي ته آخرت جي ڀلائي
انهيءَ کي ملندي، جو دنيا جي ڀلائيءَ جو خواهشمند
نه هوندو. هاڻي ڏسو ته الله تعاليٰ پنهنجي بندن ۽
ولين تي ترس ۽ رحم آڻي، کين اهو ڏس ڏنو آهي.
اهڙيءَ طرح حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم ۽ ٻين
الله وارن به، دنيا جي محبت جي جڏن مريضن تي ترس
آڻي، پئي ڏَسَ ڏنا آهن، پر انهن طبيبن جي ترس جو
به قدر جڏن يعني بيمارن ياد نه ڪيو. جيئن ايندڙ
بيت نمبر 18 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پاڻ
فرمايو آهي:
بيت
تَرٌسُ طَبِيٌبَن ِ جو جَڏَنِ ڪَيو نه يَادِ،
جو ويڄَن ِ جي وَسَاندِ دارُونٌ تَنِهِنٌ دُرٌسُ
ڪِيَا.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته طبيبن جي ترس يعني حياءُ،
جو هو مريضن مٿي ڪن ٿا، ان جو احسان، يادگيري يا
قدر جڏن يعني بڇڙن، بيمارن ڪونه ڪيو، پر جيڪي ويڄن
يعني طبيبن وٽ وڃي رهيا ۽ انهن جي وساند يعني
وسهه، ڀيڻي، اوطاقن تي جيڪي وهيو واپرايو پئي،
انهيءَ رسم رواج واري دوا ئي انهن کي درس يعني
درست چڱو ڀلو ڪيو.
هن بيت جو خلاصو مطلب آهي ته جيڪي دنيوي محبت جا
مريض، طبيبن ۽ حقيقي حڪيمن جهڙوڪ: حضور ڪريم صلي
الله عليہ وسلم ۽ ان جي اصحابن، ڪرامن، امامن ۽
ٻين الله وارن جي وسهه ۽صحبت ۾ رهيا، انهن کي انهن
سڳورن جي صحبت ۽ انهن جي اخلاقن ۽ مجاهدن ۽ مراقبن
۽ مناقبن پرهيزگار ڪيو. پر انهن طبيبن جي ترس جو
قدر باقي بڇڙن مريضن، جڏن، يعني کريلن ياد نه ڪيو،
جهڙوڪ: ابوجهل ۽ ان جا تابع ۽ انهن ائين ڀانيو ته
اسان جي دنيا ۽ وڏيرپ هلي ويندي ۽ اسان هِهڙن
مسڪينن ۽ محتاجن جا ڇو تابع ٿيون ۽ ڇو انهن جي چوڻ
تي زڪواتون ۽ خيراتون ڏيون ۽ پنهنجا مال خرچ
ڪيون؟ جيئن حضرت موسيٰ عليہ السلام جي چوڻ تي
قارون زڪواة ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڀانيائين ٿي، ته
حضرت موسيٰ جي مرضي آهي ته مون وٽان مال هليو وڃي
۽ سڃو ٿيان ۽ حضرت موسيٰ عليہ السلام جو چوڻ، جو
دينوي مرضن ۽ علاج يا ڏَس يا زڪواة هو، سو چوڻ نه
ورتائين ۽ ان جي سزا ڀوڳيائين ۽ سندس سهڻي صلاح ۽
ترس جو قدر اُن نه ڪيو. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ فرمايو آهي ته:
ترس طبيبن جو جڏن ڪيو نه ياد.
اُهي جڏا، کريل، بيمار انهيءَ ڪري انهن طبيبن جي
ترس جو قدر نٿا ڪن، جو هو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن ته
دنيا يا دنيا جي شهواتن ۽ لذتن کان اهي ڪِري يا
پرهيز ڇو ٿا ڏَسِن. ان جي نه ڪِري ڪرڻ ۾ ڪهڙا
نقصان آهن، ان جي ڪِري ڪرڻ ۾ ڪهڙا فائدا آهن. اول
دنيا جي ڇڏڻ جي تدبير معلوم ڪجي، ڇو ته وڏو سبب
ڇڏڻ جو هي آهي، ته ان جي آفتن ۽ عيبن کي ياد ڪري
ان جي نقصانن کان واقف ٿئي. هي وڏو بيان آهي، جو
هتي ڪري نٿو سگهجي، جو ڪتاب ننڍو آهي. باقي ٿورو
بيان ڪجي ٿو.
هڪڙي بزرگ فرمايو آهي ته مون دنيا کي انهيءَ لاءِ
ڇڏيو، جو ان ۾ نفعا ٿورا ۽ نقصان گهڻا آهن. جلد
شاهوڪار ٿي وڃڻ وارا بڇڙي طبيعت ۽ دغاباز ٿيا آهن،
جو ٻين جو مال ڦري کانئن ۽ پنهنجو خرچ نه ڪن.
انهيءَ سبب ڪيترائي جهڳڙا، فساد ۽ خون ٿيندا رهن
ٿا. ٻئي فقير ان برزگ کي چيو ته تنهنجي انهيءَ
ڳالهه ڪرڻ مان به دنيا جو شڪ ظاهر ٿو ٿئي. انهيءَ
ڪري جو، جڏهن ڪو ڪنهن شيءِ جي شڪايت ڪري ته ان مان
معلوم آهي ته اهو ان جي وصل کي دوست ٿو رکي.
اهڙيءَ طرح، جا شيءِ ڀائيوارن جي گَهُپيءَ کان ڇڏي
ٿو، ته ان مان معلوم آهي ته ڪا روڪ نه هجي ها، ته
قبول ڪري ها. دنيا جي بڇڙائي جي پوري ڳالهه هيءَ
آهي ته دنيا خدا عزو جلّ جي دشمن آهي ۽ طالب
الموليٰ، خدا جو دوست آهي. دشمن ٽن قسمن جا آهن؛
هڪ پنهنجو دشمن، ٻيو دشمن جو دوست، ٽيون دوست جو
دشمن. دوست جي دشمن کي وڌيڪ دشمن ڄاڻجي. اهڙيءَ
طرح دوستن جا به ٽي قسم آهن؛ هڪڙو پنهنجو دوست،
ٻيو دشمن جو دشمن به دوست هوندو آهي، ٽيون دوست جو
دوست، جيڪو زياده دوست هوندو آهي. پوءِ ضرور آهي
ته دوست جي دشمن کي دشمن ڄاڻي. فرمايائون ته دنيا
مردار آهي، ظاهري خوشبوءِ دار ۽ سينگاريل آهي، پر
عقلمند انهيءَ کي ڇڏن ٿا ۽ بيوقوف ان جو ظاهر ڏسي
ٺڳجي ٿا وڃن. ڇو ته عيبن ۽ آفتن کان واقف نه آهن.
ان بابت هڪ مثال ٿو لکجي، ته جيئن ڪو حلوائي حلوي
ٺاهڻ ۾ سڀ ميوات ۽ خوشبوئون، يعني بادام، شڪر،
ڪشمش، زعفران ۽ مشڪ وغيره وجهي تمام سٺو بڻائي، پر
ان ۾ ٿورو زهر لڪائي ملائي، جيئن هڪڙو آدمي ان کي
ڏسي وٺي پر ٻئي نه ڏٺو هجي. پوءِ اهو حلوائي انهن
ٻنهي ماڻهن جي آڏو حلوو آڻي رکي وڃي، ته جيڪو آدمي
انهيءَ زهر کان واقف آهي، اهو ان جي کائڻ جي رغبت
اصلي نه ڪندو ۽ جو ان کان ناواقف آهي، اهو سمورو
حلوو شوق سان کائي ويندو ۽ نه کائڻ واري کي به پيو
چوندو ته اڙي، اهڙو سٺو حلوو به نٿو کائين؟ تون ته
ڪو چريو آهين! هي مثال انهن ماڻهن جو آهي، جي دنيا
جا عيب معلوم ڪري ان کي حرام ڄاڻن ٿا ۽ نادان ان
جي بيخبريءَ جي سبب کان ان جي طرف شائق آهن.
اهڙيءَ طرح گناهن جي بيمارن تي ترس آڻي، عالمن،
راسخن ۽ الله وارن جي واعظن ۽ نصيحتن تي، جيڪي
گناهن کان پرهيز ڏَسين ٿا، انهن جي ترس جو قدر جڏا
نٿا ڪن، ڇو ته هو کريل آهن. جڏو چئبو آهي ان کي،
جنهن جو ڪنهن بيماريءَ جي سببان ڪو عضوو کري، سڪي
ويو هجي. ان کي دوا نه لڳندي ۽ طبيب جي ترس جو قدر
به نه ڪندو، ڇو ته گناهن جي سبب کان ان جي دل کري،
سڪي وئي. انهيءَ لاءِ الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾
فرمايو آهي ته: اسان انهن جي قلبن ۽ ڪَنن تي مُهر
هنئي آهي؛ اُهي ٻوڙا ۽ گونگا ۽ انڌا آهن. پوءِ نه
وري انهن کي طبيبن جو ڪو ترس ۽ قدر آهي، جيئن
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته ”ترس
طبيبن جو جڏن ڪيو نه ياد“. پر جيڪي انهن جي مجلس ۾
وڃي ويٺا، انهن کان ڏَس پنڌ پڇيائون، دارونءَ سي
درس ڪيا ۽ چڱا ڀلا ٿي پيا. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة
الله عليہ فرمايو ته:
دارونءَ سي درس ڪيا جي ويٺا وٽ ويڄن.
ويڄن جو دوا دارون به انهن کي چڱو ڀلو ڪندو، جي
طبيبن وٽ وڃي ويهندا ۽ ٻيون سڌون نفس جون ڇڏي،
دلجاءِ ڪري، طبيبن ڏي ويندا. طبيب جي پڇا ۽ ڳولا
ڪندا ته طبيب اهڙو، جو تن جو طبيب هجي، سو پاڻيهي
ان جي ور چڙهي ويندو. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ فرمايو ته” جي سو سَريو سُور ته ڪر ويڄ ور
پيو“. اول ته اهو سور موليٰ جي محبت وارو ملي وڃي
ته ڄڻ اَجهو هٿ آيو.
جيئن نقل آهي ته بايزيد بسطامي رحه وٽ ڪو طبيب
آيو. بايزيد سڳوري ان کان پڇيو ته”اي طبيب! گناهن
جي مرض جي به ڪا تو وٽ دوا آهي؟“ طبيب به ڪو خدا
شناس هو. ان ڪنڌ هيٺ ڪري سمجهي، ڪجهه دير کان پوءِ
عرض ڪيو ته ”هائو، آهي ته سهي، پر ڪؤڙي زور آهي.
اوهان کان کاڌي نه پڄندي“. پاڻ فرمايائين ته ”ڏي
ته مان کائي ڇڏيان“. طبيب عرض ڪيو ته ”درويشي جي
پاڙ؛ صبر جا پن، حلم جي هريڙ ۽ تحمل جا ٻهيڙا،
تواضح جا آنٌوِرا،محبت جي ڪونڊي ۾ وجهي، توفيق جي
هٿ سان ڪُٽي، فڪر جي ديڳڙي ۾ وجهو ۽ پوءِ شوق جو
پاڻي ان ۾ وجهي، محبت جي باهه تي رکو. جڏهن جوش
اچي ته پوءِ اميد جي پيالي ۾ وجهي، توبہ جي مصري
ملائي پي ڇڏيو، ته گناهن جو مرض دفع ٿي وڃي.
هاڻي بايزيد به اهڙي طبيب جو ڳولائو هو، ته طبيب
به هٿ آيس، اُهي آهن تن جا طبيب، جي اندر جي گناهن
جي مرض کي ڄاڻن ٿا ۽ انهن جا علاج به ڄاڻن ٿا؛ پر
اهڙا حڪيم ۽ طبيب به انهن کي، جن تي الله تعاليٰ
جي رحمت ۽ شفا شامل هجي، انهيءَ حقيقي حڪيم جي
مهربانيءَ کان سواءِ، دوا دارون ۽ حيلا ڪيترا به
کڻي ڪن، تڏهن به اميد اها رکڻ گهرجي ته جڏهن اهو
حقيقي حڪيم پنهنجي ٻاجهه جي ڦڪي ڏيندو، تڏهن درد
سڀ دفع ٿي ويندو. جيئن ايندڙ بيت نمبر 19 ۾ ڀٽائي
صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته:
بيت
دَارُونٌ ۽ ڪَارُونٌ جَان ڪِيٌ ڪِيَا ويڄَن ِ،
ٻُڪِيٌ ڏيِنٌدَا ٻَاجهَه جِي نِهَارٖي نَارُونٌ،
جَن ِ جُونٌ سيڻَ لَهَنِ سَارُونٌ،
تَنِ تَانٌ ڏُکَنٌدو ڏُوٌرِ ٿِئي.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته دوائون ۽ ڪارون يعني حيلا،
جيتوڻيڪ ويڄن به ڪيا، پر مون کي اميد اها آهي ته
شال! منهنجا سڄڻ، طبيب منهنجون نبضون ڏسي ڪا
پنهنجي ٻاجهه جي ڦڪي ڏيندا. پوءِ جڏهن اُهي سڄڻ،
جن ويچارن جون سنڀاليون سارون لهندا، تن تان ڏکندو
يعني ڏکوئيندڙ سور ڏور ٿي ويندو.
هن بيت جو خلاصو مطلب آهي ته رڳو حڪيمن جي حيلن
وسيلن تي ڀاڙڻ به نه گهرجي. انهيءَ حڪيم – الله
تعاليٰ - ۾ قوي اميد رکڻ گهرجي. جڏهن اهو پاڻ
مهرباني ڪندو، تڏهن درد سڀئي دور ٿي ويندا. اهڙو
مهربان ٻيو ڪير آهي، جنهن جي مهربانيءَ جي ڪا حد
نه آهي؟انهيءَ رحمان، رحيم جي رحمت جي صفت ڪيئن
بيان ڪري سگهجي، جو ستر ورهين جي ڪفر کي هڪ ساعت
جي ايمان جي عيوض ۾ معاف ڪري ٿو ڇڏي! جهڙيءَ طرح
فرعون جا جادوگر انهيءَ واسطي آيا هئا، ته حضرت
موسيٰ عليہ السلام سان فرعون جي پاران جنگ ڪن ۽
خدا جي دشمن فرعون جو قسم کنيائون ۽ ڪا چڱائي ڪانه
ڪئي هئائون، مگر هڪ دفعو الله تعاليٰ جي اڳيان صدق
دل سان چيائون” اَمَنَّا بِربّ ِالٌعَالَمِيٌنَ“.
يعني اسان ايمان آندو، سڄي جهان جي پروردگار تي-
ايتري چوڻ ساڻ انهن کي قبول فرمايو ويو ۽ انهن جا
اڳيان گناهه سڀ بخشيا ويا ۽ انهن کي بهشت ۾ شهيدن
سان گڏ مقرر ڪيو ويو. جڏهن انهن جي سڄڻ سار لڌي،
تڏهن انهن جا درد سڀ دور ٿي ويا. ڀٽائي صاحب رحمت
الله عليہ ٿو فرمائي ته:
جن جون سيڻ لهن سارون تن تان ڏکندو ڏور ٿئي.
ڏسو اصحاب ڪهف، سڀ ڪيتري عمر ڪفر ۾ رهيا! جڏهن ”
رَبُّنَا وَ رَبُّ السّمٰواتِ وَاٌلاَرٌضِ“
چيائون، ڪيئن نه انهن کي قبول ڪيائين ۽ ڪيئن نه
انهن کي عزيز ۽ مڪرم ڀلارو بڻايائين! پر انهن جي
ڪُتي جي به ڪهڙي عزت ڪيائين، جو پنهنجي پاڪ ڪتاب
قرآن شريف ۾ ڪيترين جاين تي بيان فرمايائين. اهو
آهي انهيءَ جي رحمت جو حال ڪُتي سان، جو جنهن ڪجهه
قدم اهڙن ماڻهن سان کنيا، جن خدا کي سڃاتو. تڏهن
جنهن ٻانهي ۽ مومن سڄي عمر سندس عبادت ڪئي هوندي،
ته پوءِ ان سان ڪهڙو فضل شامل هوندو! حضرت موسيٰ
عليہ السلام کي عتاب فرمايائين ته قارون توکي جڏهن
سڏيو ٿي، ته ان جي دانهن ڇو نه ٻڌءِ؟ مون کي
پنهنجي عزّت ۽ جلال جو قسم آهي، ته جيڪڏهن اهو مون
کي سڏي ها، ته مان ان جي دانهن ٻڌان ها ۽ ان جي
گناهن کي در گذر ڪري ، معاف ڪري ڇڏيان ها.
ڏسو حضرت سيّد المرسلين صلي الله عليہ وسلم کي ڇا
فرمايائون! روايت ڪن ٿا ته باب بني شيبہ کان پاڻ
مسجد حرام ۾ تشريف فرمايائون ۽ اتي هڪڙيءَ قوم کي
کِلندي ڏٺائون؛ انهن کي فرمايائون ته ڇو ٿا کِلو؟
انهيءَ ۾ اوهان جي چڱائي نه آهي. اتان هٽي حجر
اسود جي ويجهو آيا، ته ملڪ جبرائيل عليہ السلام
آيو ۽ فرمايائين ته خدا تعاليٰ ٿو فرمائي ته
پنهنجن ٻانهن کي منهنجي رحمت کان نااميد نه ڪر.
منهنجن ٻانهن کي خبردار ڪر ته مان ربّ رحيم آهيان.
جڏهن اهڙو رحيم ڪريم آهي ۽ پنهنجن ٻانهن جون سارون
سنڀالون لهندڙ آهي، تڏهن ان ۾ اميد به اهڙي رکڻ
گهرجي. سدائين جنهن جي سنڀال اهو سڄڻ لهندو، تنهن
تان ڏک سڀ ڏور ٿيندا، ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ
ٿو فرمائي ته:
جن جون سيڻ لهن سارون تن تان ڏکندو ڏور ٿئي.
حڪيم طبيب، جي الله وارا آهن، کڻي حيلا وسيلا، وعظ
نصيحتون، ورد وظائف ڏَسِن، پر تڏهن به تيستائين
اسان جو ڇوٽڪارو گناهن جي انهيءَ درد کان نه
ٿيندو، جيستائين اسان گنهگار سڀ مڙي سندس
مهربانيءَ جا منتظر نه ٿينداسين. تڏهن اسان تي حق
آهي ته سندس مهر ۽ شفقت کي قوي اميد رکي سڏيون، ته
پاڻهئي ڏک ڏور ڀڄي وڃن. جيئن ايندڙ بيت نمبر 20 ۾
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي:
بيت
اَگهَن ِ مِڙ ِيٌ اَڄُ ڪَيو سَڏُ صِحَتَ کي،
ڏُور ڏُکَنٌدا ڀَڄُ، جو مِهَرَ ئِي مُنٌهُن ڏيکَار
ِيو.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته اگهن يعني بيمارن گڏجي، اڄ
صحت يعني شفا الله تعاليٰ کي سڏيو ۽ پنهنجي
اگهائيءَ ۽ درد کي چيائون ته هاڻي اسان کان ڏور
يعني پري ٿي، جو مهر يعني شفقت، مهرباني الله
تعاليٰ جي، منهن ڏيکاريو آهي.
هن بيت جو خلاصو مطلب آهي ته اسان اگهن يعني گناهن
جي بيمارن کي گهرجي، ته سڀئي مڙي الله تعاليٰ کان
معافي گهرون، گناهن کان توبہ ڪيون ۽ کانئس مهرباني
گهرون. جڏهن به ڪنهن قوم تي سندن گناهن جي سببان
غذاب نازل ٿيو آهي ۽ انهن توبہ ڪري الله تعاليٰ
کان پنهنجي خطائن جي معافي گهُري آهي، تڏهن انهن
کي معاف فرمائي مهرباني ڪئي اٿس.
جيئن حضرت يونس عليہ السلام جي قوم جڏهن حضرت يونس
عليہ السلام سان مخالفت ڪئي ۽ سندس هدايت قبول نه
ڪئي، تڏهن حضرت يونس عليہ السلام قوم تي ناراض ٿي،
الله تعاليٰ کان دعا گهري ته هنن تي عذاب نازل
ٿئي. الله تعاليٰ سندس اها دعا قبول فرمائي ۽
فرمايو ته ٽئين ڏينهن هنن تي آسمان کان باهه جو
عذاب نازل ٿيندو. الله تعاليٰ جي انهيءَ حڪم کان
يونس عليہ السلام پنهنجي قوم کي واقف ڪيو، تڏهن
انهن پڇيو ته انهيءَ عذاب جي اچڻ جي اول نشاني
ڪهڙي هوندي؟ پاڻ فرمايائون ته پهرين دونهون آسمان
۾ ٿيندو، ان کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي باهه نازل
ٿيندي. ائين چئي پاڻ عيال سوڌو انهيءَ شهر مان
نڪري ڪنهن ٻئي پاسي جو رخ ڪيائين ۽ پوئتي ٻئي
ڏينهن تي آسمان مان دونهون ظاهر ٿيو. تڏهن انهيءَ
قوم کي يقين ٿيو ته عذاب ڄاڻ آيو. پوءِ الله
تعاليٰ جي عذاب ۽ ان جي ناراضپي کان ڊڄي، هڪدم
سڀني گڏجي الله تعاليٰ جي اڳيان توبہ ڪئي ۽ الله
تعاليٰ کي ڏاڍي درد سان سڏيائون. تڏهن الله تعاليٰ
پنهنجي مهرباني ڪري، انهن کي معاف فرمايو ۽ انهن
تان عذاب جو درد به دفع ٿي ويو. اُهو آهي سڀني جي
مڙي، گڏجي، شرمسار ٿي، پنهنجي ربّ جي مهر کي سڏڻ!
جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:
اَگهن مڙي اڄ ڪيو سڏ صحت کي.
ائين انهيءَ قوم به مڙي، صحت يعني پنهنجي ڇوٽڪاري
لاءِ خدا تعاليٰ کي سڏيو، ته جيڪو عذاب دردناڪ
اچڻو هو، سو ڀڄي دور ٿي ويو. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة
الله عليہ ٿو فرمائي ته:
ڏور ڏکندا ڀڄ جو مهر ئي منهن ڏيکاريو.
مهر تڏهن منهن هنن کي ڏيکاريون، جڏهن انهن کي اول
اهڙو سوز، سور پنهنجي گناهن جو پيدا ٿيو، جنهن کان
ڊڄي، الله تعاليٰ کي گهڻي محبت ۽ سور سان سڏيائون
۽ پئي چيائون ته تون ئي هڪڙو سڄڻ آهين، تون ئي سار
لهيج. جيئن ايندڙ وائي ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ
ٿو فرمائي:
وائي
سَڄَڻَ سَارَ لَهيج ِ، سُورَ تُمَاري آئوُن
مَاريِ،
سُورَ تُمَاري جي مَران، ته مُون ڏوههُ مَ ڏيج،
ڊَڀَن ِ ڀَريٖ هَٿَڙَا، دَارُونٌ دوسِتَ ڪَريجِ. |