ترجمو: سڀڪو جُسو چکندو ڏک موت جو دنيا ۾ ۽
آزمايون ٿا اوهان کي ساڻ ڏکن ۽ سکن (ته ڇا صبر
ڪريو ٿا مٿي ڏکن ۽ شڪرانو ٿا مٿي سکن، يا نٿا
ڪريو؟) ۽ اسان ڏانهن موٽندا ۽ جزا لهندا.
هاڻي هن آيت سڳوريءَ ۾ صاف ظاهر آهي ته اهي
تڪليفون ۽ ڏک ويچارن واڍوڙن کي آزمائش لاءِ ڏنا
ويا آهن ته ڇا، صبر ۽ شڪر ڪن ٿا يا نه؟ تڏهن ڀٽائي
صاحب رحمة الله عليہ انهن واڍوڙن جو هن بيت ۾ بيان
ٿو فرمائي ته اهي انهن ڏکن ۾ شاڪر آهن ۽ تاڻينِ
مٿي توڙ، يعني جيئن آيت سڳوريءَ ۾ آهي ته سڀ الله
تعاليٰ ڏانهن موٽندا، جتي کين جزا ڏني ويندي، هي
واڍوڙ ڏکن جا به اوڏانهن پيا ٿا تاڻينِ اورتي هن
دنيا ۾ ثواب جو آسرو يا دنياوي لذتن جو آسرو قطعي
ڪو نه اهي، تنهن ڪري مٿي توڙ يعني آخر نتيجي تي ٿا
تاڻينِ. ۽ هتي هن دنيا جي ڏکن تي راضي تڏهن به رهي
شڪر ٿا ڪن، جڏهن کين دل ۾ آخر واري اجر جي تمنا
آهي، سور جي سدائين ڳالهه وات ۾ اٿن، جو سور جا ته
پاڻ شائق آهن ۽ ان جي جيڪا تڪليف اٿن، سا ته
تيستائين ڪنهن سان سلن ئي ڪو نه، تانجو جيڪا کين
اميد محبوب جي ملڻ جي ۽ اجر واري آهي، نيٺ اها
ڳولي لهن ڳالهڙي، جيئن ايندڙ بيت نمبر 18 ۾ ٿو
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته:
بيت
سدا آهي سور جي واڍوڙن وائي،
جيڪا اٿن من ۾ سلن نه سا ئي،
اوڙڪ اها ئي ڳوليو لهن ڳالهڙي.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته انهيءَ محبت جي وڍيلن
واڍوڙن کي سدائين يعني هڪ ڪَرَ رات ڏينهن، پرين جي
سور جي وائي يعني پچار لڳي پئي آهي ۽ جيڪا کين من
۾ آهي سا ڳالهه ته ڪنهن سان سلن يعني ڏسن ئي ڪو
نه، اوڙڪ اها ئي يعني نيٺ، آخر اها ئي ڳالهه ڳولي
لهن، جيڪا کين من ۾ آهي. هن جو خلاصو مطلب آهي ته
اهي موليٰ سائينءَ جا محبت وارا جن کي هتي واڍوڙيا
سڏيو ٿو وڃي، سي انهيءَ پنهنجي محبوب جي محبت جا
اهڙا ته گهورا ۽ ڳولا آهن جو سور کان ته هو ڊڄن ئي
ڪو نه اڃا به ڳوليندا وتن ۽ رات ڏينهن، سدائي پچر
ئي اها اٿن، ته اهو سور سڄڻن جو موڪليل ڪٿي آهي ته
ڀلي اچي، ڇاڪاڻ ته جڏهن عاشق پنهنجي معشوقن جون هر
نموني جون تڪليفون سهندا آهن، ۽ انهن تي صبر ڪندا
آهن، ۽ ڪنهن سان به اهي پنهنجا سور ۽ تڪليفون بيان
نه ڪندا آهن، تڏهن محبوب مٿن راضي ٿيندو آهي ۽ کين
من ۾ اها ڳالهه هوندي آهي ته محبوب راضي ٿئي ۽ ان
سان ملاقات ٿئي، جنهن جو واعدو الله تعاليٰ پنهنجي
نيڪ ٻانهن سان بهشت ۾ لقاءَ جو ڪيو آهي. سو هي به
نيٺ اها ڳالهه ڳوليو لهن، جنهن ۾ اهو محبوب مٿن
راضي ٿئي. جيئن شاهه صاحب ٻئي هنڌ فرمايو آهي ته:
بيت
ڏورينديون ڏسن جڏهن تڏهن پرين کي،
من طلب شيئاً جدّ و جَدَ اتو علي شاهه.
انهن کي به جيڪا طلب محبوب جي ملڻ جي آهي، نيٺ ان
کي ڳوليو وڃي لهن. هن بيت ۾ عاشقن جون ٽي عجيب
وصفون بيان ڪيل آهن: پهريون ته جيڪي الله تعاليٰ
جي طرفان مٿن آزمائش جا ڏک ۽ سور اچن ٿا، تن جا
سدائين شائق آهن. ٻيو ته انهن عاشقن کي اندر ۾
جيڪي تڪليفون آهن، سي ڪنهن غير سان سلن ڪون، ۽ نه
محبوب جي محبت جو ڪنهن سان بيان ڪن. ٽيون تيستائين
بس ڪو نه ڪن، يعني رياضات ۽ مجاهدات ۽ عبادات
وغيره جي تڪليفن کان ٿڪجن ڪونه، جيستائين پنهنجي
انهيءَ منزل مقصود کي پهچن، يعني پنهنجي محبوب
موليٰ سائينءَ جي ملاقات کان مشرف ٿين. تڏهن ٿو
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته تيستائين ڪو
نه رهن، جو ”اوڙڪ اها ئي ڳوليو لهن ڳالهڙي“- جيڪا
کين مراد من ۾ آهي ۽ ڪنهن سان نٿا سلن، ته پوءِ
ٻين سَگهن کي ڪهڙي سُڌ انهن جي سور جي، ته اهي
گهايل ڪيئن پيا گهارينِ؟ جيئن ايندڙ بيت نمبر 19 ۾
شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته:
بيت
سَگهَنِ سُڌِ نه سُورَ جِي ته گهَايَلَ ڪِيٌئَنٌ
گهَارِيٌنِ،
پِئَلَ پَاسو پَٽَ تَان وَاڍوڙِيَلَ نه وَارِيٌنِ،
پَرِ ۾ پَچَنِ پِرِيٌنءَ لَئي هَيٌ هَنٌجهُونٌ
هَارِيٌنِ،
سَڄَڻَ جي سَارِيٌنِ، تَن رويو وِهَامي رَاتَڙيٌ.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته سگهن يعني چڱن ڀلن کي سُڌ
يعني خبر نه آهي سور جي، ته گهايل يعني ڦٽيل ڪيئن
ٿا گهارين يعني گذارين، ڇو ته انهن کي قدر نه آهي
سور جو، ڇو ته پاڻ چڱا ڀلا آهن ۽ انهيءَ محبت ۽
عشق جي سور جا ڦٽيل نه آهن. انهيءَ سور جا وڍيل ۽
واڍوڙيل يعني ڦٽيل اهي آهن، جي يار جي رضا ۾ پَٽ
وارو پيل پاسو پنهنجو به نه ورائن، ته متان محبوب
جا مياري ٿيون ۽ انهيءَ ئي پاسي تي پيا هنجهون
يعني ڳوڙها هارين ۽ اندر ۾ پيا پنهنجي پرينءَ لاءِ
پَچَن، ڇو ته اها نشاني آهي سڄڻ حقيقيءَ جي سارڻ
يعني ياد ڪرڻ جي. جيئن رئندي رات وهامي يعني گذري
۽ يار ڪنهن به ويل نه وسري ۽ يار ياد ئي ياد هجي.
مطلب ته اهي ڪنهن بيماريءَ يا تڪليف جي وقت به
پنهنجي محبوب کي ياد ڪندا ٿا رهن. جيئن تفسير
”معالم التنزيل“ ۾ آهي ته جناب حضور ڪريم صلي الله
عليہ وسلم کان اصحابن سڳورن مان، جي بيمار هئا، تن
پڇيو ته سائين اسان جا! اسين عبادت پوري ڪري يعني
گهڻي ڪري نٿا سگهون ۽ چڱا ڀلا گهڻي عبادت ٿا ڪن،
اهي اسان کان اجر ۾ وڌيڪ ٿي ويندا. تڏهن سرور
ڪائنات صلي الله عليہ وسلم تي، وحيءَ جبرئيل عليہ
السلام هيءَ آيت منجهه شان بيمارن ۽ عاجزن ۽ ضعيفن
جي آندي، جيڪي سببان ضعيفائي ۽ بيماريءَ جي، عبادت
کان باز رهن ٿا ۽ الله تعاليٰ انهن کي اهو ئي ثواب
ٿو بخشي جو منجهه حال قوّت ۽ صحت ان جي هئو، پر ان
کان به وڌيڪ گهڻو، بي حساب به ٿو ڏئي. جيئن سورة
حٰمٓ سجده جي پهرئين رڪوع ۾ آهي:
اِنَّ الَّذِيٌنَ اٰمَنُوٌا وَ عَمِلُو
الصّٰلِحٰتِ لَهُمٌ اَجٌرُٗ غَيٌرَ مِمٌنُوٌنِ○
ترجمو: تحقين جن ايمان آندو ۽ عمل ڪيائون صالح،
انهن لاءِ آهي ثواب حساب نه ڪيل.
هاڻي هن آيت سڳوريءَ ۾ صاف ظاهر آهي ته جي عمل
صالح ڪندڙ تڪليفن ۽ بيمارين ۾ آهن، تن جو ثواب به
انهيءَ محبوب موليٰ سائينءَ وٽ اڻ ڳڻيو آهي ۽ اهي
محب موليٰ سائين جا به، اتي پاسي ڀَر به سندس
يادگيريءَ ۾ پيا پچن ٿا ۽ عبادت جي وصيت ڪانه اٿن،
تڏهن به انهيءَ يار جي ياد جي رنج ۾ سڄي رات پيا
ٿا روئن ۽ رڻڪن، سَگهَن کي ته اها سُڌ ئي ڪا نه
آهي، جيئن ايندڙ بيت نمبر 20 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة
الله عليہ ٿو فرمائي ته:
بيت
سَگهَنِ سُڌِ نه سُورَ جِي ٿا رِڻِڪَنِ
رَنٌجُورِي،
پِيا آهِيٌنِ پَٽَ ۾ مٿنِ مَاسُوٌرِيٌ،
لَڳِيَنِ لَئُنٌ لَطِيٌفُ چَئِي سَدَا جِي
سُورِيٌ،
پِرتِ جَنِ پُورِيٌ، تَنِ رويو وِهَامِي
رَاتَڙِيٌ.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته رنجورن يعني عشق جي ڏکويلن
جي رڻڪڻ يعني رڻ جهڻ، ڪنجهڻ ڪڻڪڻ جي سُڌ سَگهن،
يعني جي انهيءَ عشق جا ڦٽيل ۽ محبت جا مريض نه آهن
۽ چڱا ڀلا آهن، تن کي انهيءَ سور جي سُڌ يعني خبر
ئي ڪا نه آهي ته ڪيئن انهن عاشقن رنجورن کي پنهنجي
محبوب اهو رنج رسايو آهي! سو هيئن، جيئن تڪ نمبر
ٻيءَ ۾ آهي ته اهو رنج وارو حڪم مٿن ماموري، يعني
نصيب ۾ لکيل ۽ امر ڪيل رنج آهي، تڏهن پٽ ۾ پيا
آهن، پر انهيءَ رنج ۽ سورن واري سوريءَ سان ته
سندين لئن يعني عشق ۽ شوق آهي، لطيف سائين ٿو چوي
ته پوري پوري پرت يعني محبت به جن کي آهي، تن جي
اها نشاني آهي، جو انهيءَ محبوب جي محبت ۾ رويو
يعني روئندي وهامي يعني گذري راتڙي.
هن جو خلاصو مطلب آهي ته الله تعاليٰ جي عاشقن
محبن کي جو سدائين سور ۽ تڪليفون ڏنيون ويون آهن ۽
سندن به انهن سورن سان شوق آهي ۽ پيا ٿا ڪنجهن
ڪڻڪن، سو انهيءَ جو وڏو سبب هي آهي جو انهن محبن
جي پنهنجي محبوب موليٰ سائينءَ سان پوري نهايت
درجي جي محبت آهي. تڏهن سندن حق ۾ الله تعاليٰ به
چڱو لکايو، جو انهن کي پنهنجيءَ محبت وارو ڪيائين
۽ انهيءَ محبت ۾ وري اهڙو ته کين مخمور ڪيائين، جو
انهيءَ نشي سببان پٽ ۾ پيا آهن، ته به پرواهه نه
اٿن. ڏکن جي سڄي رات به هنن کي ڏک نٿي ڏئي ۽ ٿوري
راتڙي ٿا ڀائينِ. هنن کي ڇو تڪليفون ۽ ڏک پسند
آهن؟ ان جو جواب آهي ته الله تعاليٰ جي موڪليل ڏکن
۾ هو راضي آهن. ڏکن سان شوق اٿن، هي رضا جو سبق
آهي.
حضرت ابو سليمان دراني رحه فرمائي ٿو ته منهنجو
موليٰ سائين جيڪڏهن انهيءَ ۾ راضي هجي، جو سموري
خلق کي بهشت ۾ موڪلي ۽ مون کي دوزخ ۾، ته مان به
ان ۾ راضي آهيان. حضرت عُمرانُ بن الحصين رحه کي
جلندر جو مرض هئو. ٽيهن ورهن تائين پٺيءَ ڀر پيو
هئو. نه اٿي سگهندو هئو ۽ نه ويهي سگهندو هئو.
ڪاڪوس ۽ پيشاب لاءِ کٽوليءَ جو واڻ ڪپي سوراخ ڪيو
ويو هئو. مطرف ٿو چوي ته ان جو وڏو ڀاءُ سندس اهو
حال ڏسي روئڻ لڳو. عمران سڳوري پڇيس ته تون ڇو ٿو
روئين؟ هن چيس ته تو تي هيءَ وڏي تڪليف ڏسي روئان
ٿو. عمران سڳوري چيس ته تون نه روءُ، ڇو ته جنهن ۾
الله راضي آهي، انهيءَ مان زور راضي آهيان. مان تو
کي هڪڙي ڳالهه ٿو چوان، ان مان تو کي نفعو آهي، پر
منهنجي مرڻ تائين ڪنهن سان به اها ڳالهه نه ڪج.
اها ڳالهه هيءَ آهي ته ملائڪ منهنجي زيارت ڪرڻ اچن
ٿا. مان انهن کان محبت ۽ پيار ٿو لهان ۽ اهي مون
کي سلام ٿا ڪن. انهن جو سلام ٻڌان ٿو ۽ انهيءَ مان
ڄاڻان ٿو ته جنهن مرض ۾ اهڙي وڏي نعمت هجي، اهو
عذاب ۽ ڏک نه آهي. پوءِ جو شخص پنهنجي ڏکن ۾ اهڙا
مشاهدا ڪري، ته پوءِ ڇو نه الاهيءَ جي لئُن عشق
سوريءَ سان لڳي ۽ سورن ۾ راضي هجي!
مطرف ٿو چوي ته سويد بن شعبہ جي پڇڻ لاءِ ويس، اتي
ڏٺم ته هڪڙو ڪپڙو پيو آهي. مون کي گمان ٿيو ته
انهيءَ ڪپڙي جي هيٺان ته ڪجهه نه آهي؟ تانجو سندس
بيبيءَ اهو ڪپڙو منهن تان هٽايو ۽ پڇيائينس ته تو
کي ڇا ڪجهه کارايون يا پياريون؟ چيائين ته ڪجهه
نه. سندس بيبيءَ کان پڇيم تنهن سندس انهيءَ
بيماريءَ جو بيان ڪيو: چيائين ته هڪ ڪَرو سمهئي،
سندس پاسا سڙي ويا آهن. چٿڙن تي چٽا ٿي ويا اٿس ۽
کائي پئي ڪو نه ٿو. وري کانئس پڇيم ته ڪهڙو حال
آهي؟ چيائين ته مان خوش آهيان ته ان مان هڪڙو تر
جيترو ذرو به نه گهٽجي، جنهن ۾ منهنجي محبوب موليٰ
سائينءَ جي رضا آهي، مان ان ۾ راضي آهيان، ڏسو، ته
انهيءَ پنهنجي محبوب جي موڪليل مصيبت تي راضي هئا.
ڪڪ نٿي ٿيا، اها به سورن سان سندن شوق هو! جيئن
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته ”لڳين
لنئن لطيف چئي سدا جي سوري“- سدائين سورن سان سندن
شوق آهي، جو انهن جي پنهنجي محبوب سان پوري پرت
آهي. کين ڏکن جي رات به ڏکَ ته نٿي ڏئي، پر اڃا ان
کي به ننڍي ۽ ٿوري راتڙي ٿا ڀانئن، سدائين انهيءَ
محبت ۽ عشق جي سوز سور جي دل ۾ ڪجهه ڪُڻڪ لڳي پئي
آهي، ڏکن مان اهڙي ته ڪا کين لذت آئي آهي، جو انهن
جي چڻڪ يعني چنتا لهينِ ئي ڪانه! جيئن ايندڙ بيت
نمبر 21 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي
ته:
بيت
سَدَا آهي سُوٌرَ جِيٌ رَنٌجُوٌرنِ رِڻِڪ،
ڪُنهِينٌ جَنٌهِنٌ ڏُکَ ڏِسَائِيَا لَٿِيَنِ ڪِينَ
چُڻڪَ،
اِنَ ڀَلَارِيءَ ڀُڻڪَ، هيڪَرَ حُضُوٌرِيٌ ڪَيَا.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته عشق جي رنجايلن رنجورن،
ڏکويلن کي سدائين انهيءَ عشق جي رڻڪ يعني رڻ ڀڻ
لڳي پئي آهي. انهيءَ ڏک جو به کين ڪو اهڙو ته ڏَس
مليو آهي، جو جنهن جي چڻڪ يعني چنتا لهين ئي ڪا نه
ٿي، پر اصليءَ چڻڪ ۽ ڀڻڪ به هيڪر وڃي دوست جو
حضوري ڪيو، يعني روبرو ملاقاتي ڪيو.
هن بيت ۾ گذريل بيتن نمبر ڇهين کان وٺي بيت نمبر
اڻويهين تائين، جيڪي به سورن جون حقيقتون بيان
ٿيون آهن، سي اچي وڃن ٿيون. ان ۾ سور به قسمين
قسمين ۽ انهن جون تڪليفون ۽ ڦٽ، انهن جون پٽيون ۽
ملمون بيان ڪيون ويون آهن ۽ وري تيرن جا ڦٽيل،
ڪانن ۽ ڪرڪن جا ڦٽيل، ڦٽجڻ کان پوءِ، انهن ڦٽن تي
ڪهڙا نه صابر، شاڪر ۽ شائق آهن، ته اهي تير ڀلي ته
محبوب هڻي ته انهيءَ مِيٌهَنٌ سان سندس جهوليءَ ۾
وجهون پاڻ. سندن سورن جي انهيءَ محبوب حقيقيءَ کان
سواءِ ٻين سَگهن کي ته سُڌ ئي ڪانه آهي ته گهايل
ڪيئن ٿا گذارين؟ وري محبت جي هنن گهايلن به پنهنجن
انهن سورن کي اهڙو ته لڪايو، جو ڪنهن سان به
پنهنجو سور ته سلين ئي ڪو نه، ڇاڪاڻ ته هو جنهن
ڳالهه جا گهورا ۽ ڳولا آهن، يعني پنهنجي محبوب
مٺڙي موليٰ سائينءَ جي محبت ۽ ملاقات جا گهورا
آهن، سا اوڙڪ نيٺ وڃيو ڳوليو لهن ڳالهڙي. اورتي ته
هنن جو ڪنهن به ڳالهه تي اميد آسرو ئي ڪو نه آهي،
جيڪي ڪي اميد اٿن، سا مٿي توڙ – لا مَقٌصُوٌدَ فِي
الدَّارَيٌنِ اِلَّا هُوٌ- ٻنهي جهانن ۾ پنهنجي
محبوب الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪو مقصد ڪو نه
اٿن. رنجورن ۽ ڏکويلن کي پنهنجي انهيءَ محبوب جي
فراق جو رنج ۽ ڏک، سور آهي، تڏهن به هو سدائين
انهيءَ سور تي راضي ۽ خوش آهن، جو کين پنهنجي
محبوب جي پوري پوري محبت ۽ لنئن لڳل آهي. انهيءَ
جي فراق ۽ يادگيريءَ ۾ روئندي گذارن راتڙي ۽ غافل
ٿي سڄڻ جي سور کي نٿا وسارين ۽ کين ڪنهن پرينءَ جي
انهيءَ ڏک جو ڏس اهڙو ته ڏنو آهي، جنهن جي چڻڪ
چنتا لهين ئي ڪو نه ۽ انهيءَ چڻڪ ۽ ڀڻڪ ڀلاريءَ
کين نيٺ وڃي يار جي حضور ۾ داخل ڪيو، جيڪو سندن
اصل مقصد ۽ مطلب هئو.
هن فصل ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ عاشقن جي ڏکن،
تڪليفن ۽ سورن جو سمورو بيان، بيمارن جي سورن
تڪليفن سان مثال ڏئي، الله تعاليٰ کي حقيقي حبيب ۽
طبيب ڄاڻي بيان فرمايو آهي ۽ انهن عاشقن جو وري
انهن سورن کي صبر ڪري سهڻ ۽ اڃا به سورن تي سدا
شاڪر ۽ رضا ۾ راضي رهڻ، انهيءَ حبيب ۾ شفا جي رجا
يعني اميد ۽ توڪل جو تمام اعليٰ ۽ عجيب نموني
انهيءَ ڪري بيان فرمايو آهي، جيئن ٻڌندڙن کي به
شوق پيدا ٿئي ۽ موليٰ جي طالبن ۽ سالڪن کي سبق به
آهي، ته جيئن هو رجا، توڪّل، توحيد، رضا، صبر، شڪر
۽ زهد وغيره کي ۽ راههِ سلوڪ جي منزلن جي ڏکن ۽
سکن کي سمجهن. هن تمام سڻاوا مثال ڏئي سلوڪ جي
ڳالهه سمجهائي آهي. ڇاڪاڻ ته سڀني مثالن کان وڌيڪ
سڀئي ماڻهو، بيماري ۽ ان جي دوا دارون، ڊڀن ڏنڀن
وغيره کان ۽ طبيبن، حبيبن ۽ علاج ڪندڙن حڪيمن کان
واقف آهن. هر هڪ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن بيماريءَ جي
تڪليف کان واقف هوندو ۽ ان جي لاهڻ لاءِ ڪنهن نه
ڪنهن دوا جو ڏَسُ پتو، علاج ڪيو هوندو ۽ شفا جي
اميد تي هن ڪنهن نه ڪنهن طبيب کان ڏَسُ پڇيو
هوندو، جي نه، ته ڪن ٻين بيمارن کي طبيبن ۽ حڪيمن
کان علاج ڪرائيندي ڏٺو هوندائين، بيمارن جون قسمين
قسمين جون بيماريون ۽ ڦٽيلن جا ڦٽ ڏٺا هوندائين ۽
انهن جي دانهن ۽ آهُنِ کان به واقف هوندو، ڪن جي
وري انهن سورن جي سهڻ، صبر ڪرڻ، ۽ ڪن جي شڪر ڪرڻ
کان واقف هوندو، ڪن بيمارن جو ڀروسو ۽ يقين ڪنهن
طبيب تي ڏٺو هوندائين، ڪن مسڪينن ۽ مسافرن ۽
بيواهن کي وري انهيءَ حقيقي حبيب ۽ حڪيم، الله
تعاليٰ تي توڪّل ۽ آسرو اميد ڪندو ڏٺو هوندائين،
پاڻهين انهن جا تپ توا، ڦٽ ۽ ڦرڙيون ڇٽندي ڏٺو
هوندائين. مطلب ته راههِ سلوڪ هي سمجهائڻ لاءِ
اهڙو سڻائو ۽ سهنجو مثال، جو ٿوري سمجهه وارن کي
به سمجهڻ سڻائو ۽ سکيو لڳي، ٻيو ڪو نه آهي.
باقي هن پهرئين فصل ۾ هيءَ ڳالهه رهي ته الله
تعاليٰ جا سچا عاشق، عابد، عامل ۽ ڪامل ڪهڙا آهن ۽
ڪچا ڪهڙا؟ سچا اهي آهن، جي پنهنجي ذڪر و فڪر ۽
عبادت کي، رياءَ کان بچائين ۽ پنهنجي محبوب موليٰ
سائينءَ کي پنهنجي اندر ۾ ياد ڪن. تسبيح به دل ۾،
مڻيا به من ۾ ئي سورين، ۽ من ۾ تند تار طلب جي
جيڪا هجينِ، سا انهيءَ هڪڙي محبوب جي ۽ رڳ رڳ ۾
راڳ، اهو وحدهٗ لا شريڪ لہٗ وارو هجينِ. جيئن
ايندڙ بيت نمبر 22 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ
فرمايو آهي ته:
تَنُ تَسٌبِيٌحَ مَنُ مَڻِيو دِلِ طَنٌبُوٌرو
جَنِ،
تَنٌدُونٌ جِي طَلٌبَ جُونٌ وَحَدَتَ سِرٌ وَڄَنِ،
وَحٌدَهٗ لَا شَرِيٌڪَ لَہٗ اِهو رَاڳُ رَڳُنِ،
سِي سُتَا ئِيٌ سُونٌهَنِ، نِنٌڊ عِبَادَتَ اُنَ
جِيٌ.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته جن جي دل يعني قلب طنبوري
طرح پنهنجي موليٰ جي ذڪر ۾ وڄندو رهي ۽ تسبيح ۽ ان
جا مڻيان، جي ظاهر ذڪر جا اسباب آهن به من هجي ۽
تن تسبيح مثل هجي، يعني پنهنجي تن تي احسان الله
تعاليٰ جا ڪيل ياد ڪري من کي مڻئي وانگر پيو
پرينءَ جي پاسي سوري، جهڙيءَ طرح طنبوري کي جنهن
وقت به چوريو ۽ وڄائبو ته ساڳيو آواز ڪندو، اهڙيءَ
طرح طالب موليٰ جون رڳون، جي طنبوري جي تندن مثال
آهن، تن ۾ به طلب يعني گهُرَ طالب جي اها وحدت
واري هجي ۽ وڄن به وحدت سر يعني وٽ وڄن. اتي اهو
راڳ ۽ بيان وحدهٗ لا شريڪ لہٗ وارو (يعني هو هڪڙو
آهي ۽ سندس ڪو شريڪ ڪو نه آهي) هجي، ۽ انهيءَ جو
ذڪر قلب ۾ اهڙو ته پڪو هجي، جو ننڊ ۾ به قلب يار
جي يادگيريءَ ۾ پيو هلي ۽ ننڊ ۾ به انهيءَ محبوب
موليٰ سائينءَ جي ذڪر کان غافل نه رهي. پوءِ جن جي
ستي به دل غافل نٿي ٿئي، تن جي نند به عبادت ۾
داخل آهي. هو ستا ئي سونهن يعني ٺهن ٿا ۽ وڻن ٿا.
جيئن ڪافرن حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم کان پڇيو
هئو ته ننڊ جي وقت اوهان جي قلب کي به آرام اچي
ٿو؟ پاڻ فرمايائون ته نه. منهنجو قلب خدا تعاليٰ
جي يادگيريءَ کان غافل نٿو رهي.
هن بيت جو خلاصو مطلب آهي ته الله تعاليٰ جا سچا
عاشق اهڙا ته سندس يادگيريءَ ۾ آهن، جو سندن تن ۽
من ۾ تنوار به انهيءَ سڄڻ جي لڳي پئي آهي. سندن دل
ستي ننڊ ۾ به غافل نٿي رهي. انهيءَ جو سمجهڻ به
عبادت آهي ۽ جيڪي ڪي عبادت ۽ ذڪر فڪر ڪن ٿا، سو
ڳجهو ڪن ٿا. جيئن قرآن شريف جي سورة الاعراف ع 14
۾ آهي ته:
وَاذٌڪُرٌ رَبَّڪَ فِيٌ نَفٌسِڪَ○
ترجمو: پنهنجي ربّ کي پنهنجي اندر ۾ ياد ڪر.
جهڙيءَ طرح فرضي روزا توڙي نفلي روزا ڳجهي عبادت
آهي، ڪو به ڳجهو خير لوڪ کان لڪائي ڪرڻ ڀلي عبادت
آهي، پر خود پاڻ کي نيڪوڪار سڏائڻ کان، لڪائڻ ۾
وڏو درجو آهي. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ
فرمايو آهي ته ڪنهن کي ائين نه چون ته ”اسين آديسي
آهيون“. ظاهر مسند تي ويهي پاڻ کي پير ڪو نه
سڏائين، نه پوڄا پاڻ کي ڪرائين، يعني مڃڻوتي کان
ونئن وڃن – “گمنام سي گوشي گزين“. اهڙيءَ طرح هو
به اندر دل ۾ ذڪر فڪر ڪن ٿا ۽ پنهنجي موليٰ واريءَ
محبت جي راز کي ظاهر نٿا ڪن. جيئن حديث شريف آهي
ته:
مَنٌ عَرَفَ اللهُ ڪَلَّ لِسَانَہٗ○
ترجمو: جنهن خدا کي سڃاتو، ان جي زبان گونگي ٿي.
ڏاڍيان ذڪر ڪرڻ ۾ رياءَ جو خوف آهي ۽ پنهنجي نفس
جي ڦونڊ جو خطرو آهي، مشهوري ٿيندي ۽ اهو محبوب
الله تعاليٰ ويجهڙو آهي خفي ذڪر فڪر به خدا تعاليٰ
کان ڳجهو نه آهي، جيئن قرآن شريف جي سورة التغابن
جي ع 1 ۾ آهي ته:
وَاللهُ عَلِيٌمُٗ بِذَاتِ الصُّدُوٌرِ○
ترجمو: الله تعاليٰ توهان جي سڀنن جا راز ڄاڻندڙ
آهي.
سورة الانفال ع 3 ۾ آهي:
وَاعٌلَمُوٌ اَنَّ اللهَ يَحُوٌلُ بَيٌنَ
الٌمَرٌءِ وَ قَلٌبِہٖ○
ترجمو؛ ۽ ڄاڻو ته خدا تعاليٰ آڏو آهي، وچ مڙس ۽ دل
انهيءَ جي.
قرآن شريف جي سورة ولذّاريٰت ع 1 ۾ آهي:
وَ فِيٌ اَنٌفُسِڪُمٌ اَفَلَا تُبٌصِرُوٌنَ○
ترجمو: ۽ اوهان جي نفس ۾ آهي پر اوهان نٿا ڏسو.
الله تعاليٰ جي انهن عاشقن الله تعاليٰ کي پورو
ڄاتو ۽سڃاتو آهي ۽ پنهنجي نفس جي مڪرن ۽ حيلن کي
به سڃاتو آهي. تڏهن هو پنهنجي اندر دل ۽ تن من ۾
پنهنجي موليٰ سائين کي رڳ رڳ ۾ ياد ٿا ڪن ۽ اٿئي،
ويٺي، سمهڻي ۽ پاسي ڀر انهيءَ پرينءَ کي ياد ٿا
ڪن. جيئن الله تعاليٰ سورة يونس ع 2 ۾ فرمايو آهي:
دَعَانَا لِجَسٌبِہٖ اَوٌ قَاعِداً اَوٌ قَائِماً ○
ترجمو: دعا گهرن پاسي ڀر جيڪين ويٺي جيڪي بيٺي.
جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته
”اٿئي ويٺي اوڏهين ستي پڻ ساهي“ – مطلب ته هر
نموني ۽ هر وقت، ڏينهن توڙي رات، انهن کي اهو اندر
۾ راڳ وحدهٗ لا شريڪ لہٗ وارو لڳو پيو آهي. باقي
جيڪي نالي جا عاشق سڏائن ٿا، مڪر ڪري روئي ڳوڙها
ڏيهه کي ڏيکارن ٿا، انهن جي عشق جو ته ڪو اعتبار ۽
ويساهه ڪو نه آهي. عشق وارا اهي آهن، جيڪي ”نه ڪي
رون نڪي چون ڪي“. جيئن ايندڙ بيت نمبر 23 ۾ ڀٽائي
صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته:
بيت
آيَلِ اُنِ نه وِسَهَانٌ هَنٌجُونٌ جي هَارِيٌنِ،
آڻِيو آبُ اکِين ۾ ڏيههَ کي ڏيکَارِيٌنِ،
سَڄَڻَ جي سَارِيٌنِ، سي نَڪِي رونِ نَڪِي چَوَنِ
ڪِي.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته آيل يعني اي امڙ انهن کي
مان ڪو نه ٿو وسهان يعني مڃان، اعتبار ڪيان، جيڪي
هنجون هاري يعني ڳوڙها وهائي رياءَ خاطر ڏيهه کي
يعني دنيا جي ماڻهن کي ڏيکارين ٿا، آڻيو آب اکين
يعني پاڻي روئڻ وانگي اکين ۾ آڻي، ڏيکارنُ رياءُ ۽
گناهه آهي، سڄڻ يعني الله تعاليٰ جي سارڻ يعني ياد
جيڪي ڪن ٿا، سي نڪي ظاهر روئندا آهن ۽ نڪي پنهنجي
راز جون ڳالهيون ڪنهن کي چوندا آهن. اهي صابر،
شاڪر ۽ ذاڪر مخفي هوندا آهن، جن جو بيان اول بيت ۾
ٿي گذريو، جن پنهنجو تن تسبيح، من مڻيون، دل
طنبورو ڪري ڇڏيو آهي. باقي هن بيت جو خلاصو مطلب
آهي، ته هن بيت ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٻن
نمونن جي عابدن ۽ عاشقن جو بيان فرمايو آهي: هڪڙو
انهن عابدن جو، جيڪي پنهنجي عبادات ظاهر ڪن، رياءَ
جي خاطر ۽ ڳوڙها وهائي ماڻهن کي ڏيکارن ته ماڻهو
اسان جي تعريف ڪن، ماڻهن جي دلين ۾ اسان جي محبت
ٿئي، ماڻهن ۾ اسان جي مشهوري ٿئي، اسان کي عزّت
ڏين، اسان کي نيڪ ڄاڻن ۽ ڳوڙها هاريندي ڏسي، اسان
کي خدا جو خائف ڄاڻن يا عاشق الله تعاليٰ جو سمجهن
۽ ڀانئن ته هيءُ محبت موليٰ جي ۾ روئي ٿو. انهيءَ
رياءَ واري جو رياءَ خاطر ڳوڙها وهائڻ ۽ ڏيهه کي
ڏيکارڻ جو عمل قبول ۽ وسهڻ جهڙو نه آهي. نه ان کي
ثواب ملندو. رياءَ جي خود نمازن ۾ منع آهي. جيئن
قرآن مجيد ۾ آهي ته؛
فَوَيٌلُٗ لِّلٌمُصَلِّيٌنَ الَّذِيٌنَ هُمٌ عَنٌ
صَلَاتِهِمٌ سَاهُوٌنَ الَّذِيٌنَ هُمٌ
يُرَآئُوٌنَ○
ترجمو: ۽ خرابي آهي انهن نمازين لاءِ، جي پنهنجي
نماز کان بيخبر آهن. اهي جي رياءُ ٿا ڪن، يعني
ڏيکارڻ ماڻهن جي لاءِ نماز ٿا پڙهن يا نماز ۾
سجدا، رڪوع ۽ قيام ٺاهي ٺاهي ٿا ڪن ته ماڻهن کي
اسان جي نماز وڻي ۽ اڪيلائيءَ ۾ وري تڪڙي پڙهندا
آهن. اهڙن نمازين لاءِ ويل، دوزخ آهي.
قرآن شريف جي سورة الڪيف ع 12 ۾ آهي ته:
فَمَنٌ ڪَانَ يَرٌجُوٌ لِقَاءَ رَبِّہٖ
فَلٌيَعٌمَلٌ عَمَلاً صَالِحاً وَّ لَا يُشٌرِڪٌ
بِعِبَادَةٍ رَبِّہٖ اَحَداً○
ترجمو: پوءِ جنهن کي اميد هجي ملڻ جي پنهنجي ربّ
سان، ته ڪري ڪجهه نيڪ عمل ۽ شريڪ نه ڪري پنهنجي
ربّ جي بندگيءَ ۾ ڪنهن کي.
هن آيت سڳوريءَ مان صاف ظاهر آهي ته پنهنجي عبادت
۾ سواءِ خدا تعاليٰ جي، ٻيو ڪو شريڪ نه ڪري، يعني
ٻئي جي خوشنوديءَ جو خيال نه ڪري ته ماڻهو ان ۾
مون ڏانهن راضي هجن ۽ الله تعاليٰ به راضي هجي.
اهو عبادت يا ٻين نيڪ عملن ۾ خدا تعاليٰ سان ٻين
کي به شريڪ ڪرڻو آهي ۽ اهو رياءُ آهي . خاص خدا جو
راضپو طلب هجي، نه غير جو.
هڪڙي شخص حضرت سعيد بن المسيب رضه کان پڇيو ته
اسان مان ڪي ماڻهو نيڪ ڪم ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته ماڻهو
به راضي ٿين ۽ تعريف ڪن ۽ ثواب به ملي. پاڻ
فرمايائين ته ڇا، اوهان کي خدا تعاليٰ جو غضب
منظور آهي ته اوهان تي هجي؟ انهيءَ شخص چيو ته نه.
پاڻ فرمايائين ته تون جڏهن عمل الله تعاليٰ جي
واسطي ڪرين ته خالص ڪر. ان ۾ ٻين کي شريڪ نه ڪر.
ضحاڪ رضه فرمائي ٿو ته هينئن نه چوڻ گهرجي ته هي
عمل رضا الاهي ۽ تنهنجي رضامنديءَ لاءِ آهي، يا
رضا الاهي ۽ رضا قرابت يا ٻين ماڻهن جي رضا واسطي
آهي، ڇو ته الله تعاليٰ جو ڪو شريڪ ڪو نه آهي. چڱو
ڀلو ائين آهي ته نيڪ عمل ظاهر نه ڪجي. حضرت ابو
امامہ باهلي رضه هڪڙي شخص کي مسجد اندر سجدي ۾
روئندي ڏسي فرمايو ته هيءَ ڳالهه جيڪڏهن تون
پنهنجي گهر ڪرين ها، ته وڌيڪ چڱو ٿئي ها. حضرت علي
رضه فرمايو آهي ته رياڪارن جون ٽي نشانيون آهن:
جڏهن اڪيلو هجي ته عمل ۾ سست هجي، جڏهن ماڻهن ۾
هجي ته خوش هجي ۽ جڏهن ان جي ڪو تعريف ڪري، ته عمل
زياده ڪري ۽ ان جي بڇڙائي ظاهر ڪري، ته عمل گهٽ
ڪري. حضرت حسن بصري رحه ٿو فرمائي ته مان اهڙن
ماڻهن سان رهيو آهيان، جي شهرت جي خوف کان ايذاءَ
ڏيندڙ شيون رستي ۾ پئي ڏٺيون، ته انهن کي به پري
نٿي ڪيائون. رياڪار کي قيامت ۾ چئن نالن سان سڏيو
ويندو: اي رياڪار! اي زيانڪار! اي مڪار! اي بدڪار!
وڃ، جنهن جي لاءِ تو عمل ڪيو هو، انهيءَ کان
پنهنجو اُجورو وٺ، مون وٽ تنهنجي لاءِ ڪجهه ثواب
نه آهي.
حضرت فضيل بن عياض رحه فرمائي ٿو ته اول ماڻهو
رياءَ اهڙ عملن ۾ ڪندا هئا، جي سندن برابر هئا ۽
اڄ اهڙن عملن ۾ رياءُ ڪن ٿا، جي سندن آهن ئي ڪو
نه، جي ڏيکارڻ لاءِ رياءَ جو جيڪو روئڻ آهي، سو
سندن روئڻ ئي نه آهي ۽ نه ان جو ڪجهه ثواب آهي.
تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ هن تڪ ۾ فرمائي
ته؛
آيل اُن نه وسهان، هنجون جي هارين،
آڻيو آب اکين ۾ ڏيهه کي ڏيکارين.
اي آيل، مان انهن هنجن هاريندڙن کي نٿو وسهان ۽
مڃان ۽ اهو سندن هنجن جو هارڻ، ڏيهه جي ڏيکارڻ
واسطي ۽ رياءُ آهي، جنهن جو اجورو ڏيهه به ڪو نه
ڏيندن ۽ نه وري ربّ ڏيندن، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ
ثواب نيت تي ڏيندو آهي. حضرت عڪرمہ رضه فرمائي ٿو
ته خدا تعاليٰ ٻانهن کي نيت تي ايترو ڏيندو، جو
اوترو عمل تي نه ڏيندو. حضرت قتاده رضه فرمائي ٿو
ته جڏهن بندو رياءُ ڪري ٿو، ته الله تعاليٰ فرمائي
ٿو ته ڏسو منهنجي بندي کي، جو مون تي ٺٺول ٿو ڪري!
حضرت حسن رضه فرمائي ٿو ته خراب آدمي گهرندو آهي
ته مون کي ماڻهو نيڪ بخت چون، پر اهي ڪهڙي طرح ان
کي نيڪ چون، ڇو ته خدا تعاليٰ جي اڳيان هو بڇڙن ۾
داخل آهي؟ تڏهن ايماندارن جي دلين کي انهيءَ طرف
الله راغب نه ڪندو. ماڻهن جون دليون پاڻ کان نفرت
ڪندڙ هونديون. اهو ان ۾ ڀليل آهي ته ماڻهو کيس
پيار ڪندا. الله تعاليٰ جڏهن پنهنجي ڪنهن نيڪ بندي
تي راضي ٿيندو آهي، تڏهن ٻين ماڻهن جي دلين ۾ به
ان جي محبت وجهندو آهي ۽ ماڻهو کيس عزّت ڏيندا
آهن. حضرت محمد بن مبارڪ سوري رحه جو قول آهي ته
اهل خير کي گهرجي ته پنهنجي عمل کي ڏينهن جو ظاهر
ڪرڻ بدران رات جو عمل ڪن، جو ڀلو عمل آهي. ڏينهن
جو پنهنجو معاملو مخلوق سان، ۽ رات جو پنهنجي خالق
سان ڪر. حضرت ابو سليمان دراني رحه جو قول آهي ته
بنسبت عمل جي، عمل جو بچائڻ ۽ لڪائڻ سخت ڏکيو آهي.
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته:
بيت
چورِيءَ پَهٌتُ ڳُجههَ سِينٌ پَڌَرِ نَاههِ
اَرٌٿُ،
پِهرينٌ لِڪَائِجِ وَٿُ پوءِ لِڪَائِجِ پَاڻُ
تُونٌ.
هن بيت جي معنيٰ اهي ته چوريءَ جي دستور آهي ته
ڳجهه سان، يعني چوري چئجي ئي انهيءَ کي، جا ماڻهن
کان لڪي يا لڪائي ڪجي، جو پوءِ به ان جو ارٿ يعني
مطلب، راز ظاهر يا پڌرو نه ٿئي. انهيءَ جي صلاح
ائين آهي جو پهريائين وٿ يعني شيءِ لڪائي، پوءِ
پاڻ لڪائي ته لڪي ويندي. جي چوريءَ واري شيءِ ظاهر
ٿي پئي، ته تون به ظاهر ٿي پوندين.
هن بيت جو خلاصو مطلب آهي ته هن چوريءَ ۽ چور جي
مثال وانگر، سالڪ طالب موليٰ کي به اول پنهنجو عمل
ذڪر فڪر وغيره لڪائڻ گهرجي، جيئن رياءُ نه ٿئي،
پوءِ پاڻ لڪائي ته لڪي سگهندو، مشهوري به نه ٿيندي
۽ عمل جو اجر به پورو ملندو. ريا وڏي بلا آهي، جو
هر عمل کي ائين ساڙي برباد ڪري ٿو، جيئن باهه سڪين
ڪاٺين کي ساڙي نابود ڪري ٿي. ريا مشقت رويت کان
آهي. رويت جي معنيٰ ڏسڻ جي آهي. اهڙيءَ طرح سمع جي
معنيٰ ٻڌڻ جي آهي، رياءَ جو اصل مقصد آهي ماڻهن کي
چڱا عمل ڏيکاري انهن جي دلين ۾ پاڻ وڻائڻ، پر
ماڻهن ۾ عزّت ۽ مرتبو، سواءِ عبادت ۽ عمل جي به ٿي
سگهي ٿو، خاص رياءَ، عبادت ۾ رياءَ ڪرڻ جو نالو،
جنهن ۾ طلب عزت جي، عبادت جي سببان مقصد هجي. پوءِ
ان کان تعريف رياءَ جي هيءَ ٿي، جو خدا تعاليٰ جي
طاعت ۽ عبادت سان گڏ مخلوق جو ارادو ڪرڻ، اهي چار
شيون آهن: هڪڙو رياءُ ڪرڻ وارو عابد آهي، ٻيو جنهن
جي لاءِ رياءُ ڪري ٿو، اهو آدمي آهي، جنهن کي
ڏيکارڻ ۽ ان جي دل ۾ پاڻ وڻائڻ ۽ عزّت حاصل ڪرڻ
منظور آهي. ٽيون جيڪا شيءِ ڏيکارڻي آهي، اهي
خصلتون آهن، جي رياڪارن کي ظاهر ڪرڻيون منظور آهن.
چوٿون خود رياءُ يعني انهن خصلتن جي ظاهر ڪرڻ جو
مقصد، جن شين ۾ رياءَ کي دخل آهي. اهي هي آهن:
بدن، هيئت معنيٰ بناوت، قول، عمل ۽ خارجي شيون،.
دنيادار به انهن پنجن قسمن سان رياءُ ڪندا آهن،
مگر مرتبي جي طلب ڪرڻ ۽ رياءَ جو خواهان هجڻ، اهڙي
عمل کان جو طاعت ۾ نه آهي، اهو رياءُ خفيف آهي،
طاعت ۽ عبادت ۾ رياءُ شرڪ آهي. پهريون قسم بدن جو
ڏيکاءُ – دين جي باب ۾ هن طرح آهي ته بدن ڏٻرو،
رنگ ڦڪو ظاهر ڪرڻ ته ماڻهو چون ته هي دين جي ڪمن ۾
عبادت ۽ رياضات سخت ٿو ڪري ۽ گهڻي محنت ٿو ڪري. هن
تي دين جو خوف غالب آهي ۽ آخرت جو خوف اٿس. ڏٻرائي
کان هيئن معلوم ڪن ته تمام ٿورو ٿو کائي؛ ڦڪي رنگ
کان گمان ڪن ته هي رات جو گهڻو جاڳي عبادت ٿو ڪري.
اهڙيءَ طرح وارن کي منجهائي ڀِنڊُ ڪرڻ سان ڀانئين
ته هن ويچاري کي ڦڻي ڏيڻ جي به فراغت نه آهي.
ماڻهن جي آڏو هوريان ڳالهائڻ ۽ چپن کي خشڪ رکڻ ته
روزيدار ڀانئين.
پوءِ جڏهن ماڻهو مٿي بيان ڪيل ڳالهيون سمجهن ٿا ۽
ان جي نفس کي معلوم ٿئي ٿو ته ماڻهو منهنجي نهايت
تعريف ٿا ڪن، تڏهن ڪمال خوشي ٿو ڪري ۽ ان خوشيءَ
مان لذت حاصل ٿو ڪري ۽ پنهنجي مشهوري زور پسند ٿو
ڪري، جو رياءُ آهي، اهو عابدن جو رياءُ آهي، جنهن
جي علاج لاءِ حضرت عيسيٰ عليہ السلام فرمايو آهي
ته جڏهن روزيدار روزا رکي، ته مٿي ۾ تيل وجهي ڦڻي
ڏئي، سرمون وجهي ته جيئن ماڻهن ۾ سندس روزيدار هجڻ
جي خبر نه پوي ۽ شيطان کيس رياءَ ڏي مائل نه ڪري.
مگر دنياداري وري انهيءَ جي برعڪس يعني اُبتڙ
صفائي، رنگ جي، ٿلهائي بدن جي، خوبصورتي، سينڌ
سرمي ۽ بدني قوت ۾رياءُ ڪن ٿا. ٻيو هيئت يعني
بناوت جهڙوڪ پوشاڪ عمدي پهرڻ، وار سڻڀا رکڻ، واٽ ۾
ڪنڌ گهڻو جهڪائي هلڻ، هورڙيان هلڻ، سجدي جو نشان
نرڙ تي رکڻ، ٿلها ڪپڙا سعيو ڪري پهرڻ، پهرياڻ جي
دامن ڊگهي پنين تائين ڪرڻ، ڪپڙا ميرا ڪرڻ ۽ ڦاٽلن
ڪپڙن کي سعيو ڪري نه سبائڻ، اهي سڀئي ڳالهيون
ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ ڪرڻ، ته جيئن اهي چون ته هي
سنت جو تابع آهي ۽ ڏاڍو ڪو نيڪ بندو آهي، يا ڪپڙا
گيڙو يا نيرا ڪپڙا صوفين فقيرن وانگر پهرڻ، يا
بيعلم ماڻهو سعيو ڪري علمائن جي پوشاڪ پهرن، يا
منهن چادر سان ويڙهي هلن، جيئن ماڻهو سمجهن ته
عالم آهي حقيقتاً تصوف جي ڌوڙ به نه هجيس ۽ ان جي
دل ۾ اهو خيال هجي ته جيئن امير، وزير، فقير سڀئي
منهنجا معتقد هجن ته هي ويچارو صوفي نيڪ آهي، اهو
رياءُ آهي ۽ ان جو علاج هيءُ آهي، جو ڪپڙا گهٽ وڌ،
چڱا، سنها يا ٿلها، جهڙا به ميسر ٿين ته ان جي ڪرڻ
۾ شرم نه ڪري، نه وري چڱي پوشاڪ ڪرڻ تي ڦونڊ ڪري،
نه چال چلت ۾ ماڻهن جي روبرو ڪو ڦيرو آڻي، جهڙو
اڪيلائي ۾ هلڻ، پهرڻ، کائڻ پيئڻ، نفل نماز پڙهڻ
وغيره ۾ عمل ڪندو هجي، اهڙيءَ طرح ٻين جي روبرو به
ڪري ۽ ڪوبه تفاوت نه آڻي يا رياءُ نه ڪري.ٽئين قول
۾ رياءَ ڪرڻ، دينداري ڏيکارڻ آهي. جيئن رياءَ جي
خاطر وعظ ۽ نصيحت چوڻ ۽ پنهنجي حڪمت ۽ دانائي جي
ڳالهه چوڻ، يا گهڻيون خبرون ياد رکڻ ته مجلس مهل
ڪم اچن، انهيءَ لاءِ ته گهڻي علم ۽ احوال رکڻ جي
ماڻهن ۾ مشهوري ٿئي. ماڻهن جي آڏو ذڪر جي ڏيکارڻ
لاءِ چپ پيو چوري، يا سڀني جي سامهون چڱيون
ڳالهيون چوڻ، بڇڙاين کان روڪڻ ۽ ان تي ڪاوڙ ظاهر
ڪرڻ، ڪنهن جي خطا ٻڌي ان تي افسوس ظاهر ڪرڻ،
ڳالهائڻ ۾ آواز ضعيف ڪرڻ، قرآن مجيد جي تلاوت ۾
آواز پترو روئڻ جهڙو ڪرڻ، ته جيئن ماڻهو سمجهن ته
هيءُ خائف وڏي غم وارو آهي؛ گهڻن محدثن جي ملاقات
ظاهر ڪرڻ، اگر ڪو حديث بيان ڪري ته ان ۾ تڪڙو عيب
ڏَسڻ ۽ چوڻ ته هيءَ حديث پوري آهي يا پوري نه آهي،
جيئن ماڻهو سمجهن ته هي ڪو وڏو محدث آهي.
اهل دين جي قولن سان رياءُ ڪرڻ جا تمام گهڻا قسم
آهن، جو ان جو شمار ڪري نٿو سگهجي. عالمن کان
سواءِ ٻيا دنيا جا پڙهيل ماڻهو پنهنجي قولن ۾رياءُ
هن طرح ڪندا آهن، جو گهڻا شعر ۽ مثال ياد ڪندا آهن
۽ فصيح عبارتون، وڻندڙ جملا ۽ اهل علم جي سامهون
بحث ڪرڻ لاءِ عجيب فقرا پيش ڪندا آهن ته ماڻهن جو
دليون اسان ڏي مائل ٿين ۽ هر شخص اسان کي دوست
رکي، انهيءَ ڪري پنهنجي دوستي ظاهر ڪندا ۽
ڏيکاريندا آهن ته هي هردلعزيز آهي. اهو رياءُ آهي.
چوٿون عمل ۾ رياءُ، مثلاً نماز ۾ رياءَ جي لاءِ
دير تائين قيام ڪرڻ، سجده ۾ رڪوع ڊگهو ڪرڻ، ڪنڌ
گهڻو جهڪائڻ، هٿن پيرن جو ٺاهي برابر رکڻ وغيره.
اهڙيءَ طرح روزي، حج، جهاد، صدقي، کاڌي کارائڻ
پيارڻ، هلڻ چلڻ، ۽ ملاقات جي وقت، لحاظ گهڻو ڪرڻ،
مثلاً اکيون هيٺ ڪرڻ، ڪنڌ جهڪائڻ، گفتگو ٺاهي ٺاهي
ڪرڻ، هلڻ ۾ جڏهن ڪنهن نيڪو ڪار کي ڏسي ته هوريان
هلي، جڏهن اڪيلو هلي ته اهڙو تڪڙو هلي، جو نيڪ
ماڻهن جي آڏو ائين هلي ته لڄي ٿئي.هڪڙا وري
اڪيلائي ۾ به زور ڪري پنهنجي چال کي هوريان هلڻ تي
ٺاهيندا آهن، ته جيئن مجلس ۾ به ساڳي طرح چال هلڻ
۾ آساني ٿئي. هنن کي گمان رهندو آهي ته شايد ايئن
ڪرڻ سان رياءَ کان بچي وينداسون، پر اهو رياءُ ته
پهرئين رياءَ کان وڌيڪ بڇڙو آهي. هو رياءُ فقط
ماڻهن جي روبرو هئو، پر اڪيلائي ۾ به جي ائين ڪري
ٿو، ته جيئن مجمع ۾ به ساڳي رفتار قائم رهي ۽ ڪجهه
خدا تعاليٰ جي خوف ۽ حيا کان به ايئن نه ڪيو اٿس.
فقط دنيا وارن جي ڏيکارڻ لاءِ تڪبر سان هلي ٿو، ته
اهو بڇرو رياءُ آهي. هلڻ ۾ ٻانهون وڌيڪ ٿو لوڏي ۽
وکون ننڍيون ننڍيون وجهي يا ٻانهون سڌيون جهلي
سينو اڳتي تنگي سيٽجي هلي ته جيئن زيبائتو ۽ حشمت
وارو ڏسجي. ته اهو رياءُ آهي. پنجون قسم اهي ماڻهو
آهن، جي پنهنجي يارن ۽ ملاقاتين سان ازخود مدد نه
ڪن ۽ انهن کي گهڻا پنڌ ڪرائن. گهڻا ئي عابد، ملان،
مولوي ۽ ٻيا پيا پنڌ ڪن ته جيئن ماڻهو ڄاڻن ته
هيءُ وڏو ديندار آهي، جنهن جي ملاقات لاءِ ڪيترا
ماڻهو روز اچن ٿا، هي وڏي شان شوڪت وارو آهي ۽ هي
وري انهن جي آڏو وڏن پيرن فقيرن جون ڳالهيون ڪري،
ته جيئن ملاقاتي ڄاڻن ته هن جي پيرن فقيرن سان به
گهڻي ملاقات ٿيل آهي. بعضي پنهنجي گفتگو ۾ چوندو
آهي ته هيترن مرشدن کي ڏٺم ۽ هيترن شهرن ۾ گهميس،
هيترن خدا وارن فقيرن جي خدمت ڪيم، توهان ڪنهن
درويش کي ڏٺو؟
مطلب ته رياءَ جي سڀني قسمن مان هرهڪ جو مطلب ۽
مقصد هي هوندو آهي، ته ماڻهن جي دلين ۾ اسان جي
عزت ۽ مرتبو وڌي ۽ ماڻهو اسان ۾ چڱو اعتقاد رکن.
جيئن وڏا عابد پنهنجي عبادتخاني کان سالن جا سال
ٻاهر نه نڪرندا آهن ۽ گهڻا عابد جبلن جي چوٽين تي
اڪيلا رهي عبادت ڪندا آهن. انهن جي اتي زندگي
گذارڻ انهيءَ اعتبار سان آهي ته اسان جو مرتبو ۽
عزّت ماڻهن جي دلين ۾ قائم رهي، پر جيڪڏهن انهن کي
هيئن معلوم ٿئي ته ماڻهن ۾ اسان جي ڪا خطا ثابت ٿي
ويئي آهي، جو هاڻي اسان ۾ چڱو اعتقاد نٿا رکن ۽
اسان کي گنهگار ٺهرايو اٿن ته گهٻرائجي ويندا.
شايد انهيءَ گوشي نشينيءَ ۽ عبادت تي صبر ڪري نه
سگهن.
توڙي خدا تعاليٰ ته ڄاڻي ٿو ته هو انهيءَ خطا کان
ته آزاد آهن ۽ نيڪو ڪار آهن، تڏهن به ماڻهن جي
بڇڙي گمان نيڻ تي پاڻ دلگير ٿيندا، غم ڪندا ۽
انهيءَ شڪ جي دفع ڪرڻ لاءِ ڪئين حيلا وسيلا
ڳوليندا. جيتوڻيڪ اهي شخص ماڻهن جي مال ۾ طمع
رکندڙ ۽ لالچي به نه آهن، مگر مرتبي ۽ عزت جي محبت
به اهڙي مزيدار ۽ مٺي آهي، جو ان جو چسڪو انهن کي
موجود آهي. انهيءَ ڪري جو مرتبو به هڪڙيءَ قدرت ۽
ڪمال آهي، جيتوڻيڪ جلد وڃڻ واري آهي ته به گهڻا
جاهل ماڻهو ان جي ڌوڪي ۾ اچي ويندا آهن. بعضي
رياڪار آدمي ته اهڙا هوندا آهن، جو رڳو ماڻهن جي
دلين ۾ منزلت حاصل ڪرڻ جا خواهان نه هوندا آهن، پر
ان سان گڏ ايئن به گهرندا آهن ته ماڻهو اسان جي
تعريف ڪن. بعضي پنهنجي مشهوري ملڪن ۾ وڌائڻ گهرندا
آهن ته سڀني ملڪن ۽ طرفن کان ماڻهو اسان وٽ اچن.
ڪي وري پنهنجي نيڪ عملن جي مشهوري حاڪمن ۽ بادشاهن
اڳيان ظاهر ڪرائڻ گهرندا آهن، انهيءَ ارادي سان ته
ڪنهن شخص جي سفارش جيڪڏهن ڪيون ته قبول ڪن ۽ ماڻهن
جا ڪم انهيءَ سببان اسان جي هٿ ۽ وس ۾ اچي وڃن.
پوءِ عوام ۾ گهڻو اقتدار، مرتبو ۽ مانُ حاصل ٿي
وڃي، ڪي شخص رياءَ جي عمل مان طلب مال ۽ زر جا
هوندا آهن. پوءِ توڙي اهو مال وقف، يتيمن ۽ امانتن
جو خواهه ڪو ٻيو حرام مال هجي. رياڪارن جو هي طبقو
سڀني کان بڇڙو آهي، جيڪو رياڪار مال ۽ زر جو
خواهان آهي، اهو انهيءَ واسطي پنهنجو نيڪ عمل ظاهر
ڪرڻ ٿو گهري ته ماڻهو مون کي نيڪو ڪار ڄاڻي، مون
وٽ مال امانت رکن. يتيمن جا مال سنڀال ۾ مون کي
ڏين ۽ وقفن جا مال منهنجي حوالي ڪن. رياڪار به وري
روئي چوي ته امانتن جا هي بار کڻڻ ڏاڍا ڏکيا آهن.
روئڻ رياڪار جو انهيءَ لاءِ آهي ته ماڻهو چون ته
جيڪو خوف خدا جي ۾ روئي ٿو، مال ڏيون يا رکون ته
انهيءَ وٽ. گهڻا جاهل ماڻهو انهن جي ڌوڪي ۾ اچي
وڃن ٿا. منهنجو مرشد ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ
اهڙن رياڪارن جي مڪرن کان خبردار ۽ آگاهه ٿو ڪري
ته:
آيل اُن نه وسهان هنجون جي هارين
آڻيو آب اکين ۾ ڏيهه کي ڏيکارين
ڏيهه جي ڏيکارڻ لاءِ اکين مان پاڻي وهائڻ رياءُ
آهي، جنهن رياءَ جي لاءِ حضور ڪريم صلي الله عليہ
وسلم جي حديث، ابن ماجہ ۽ حاڪم
بروايت شداد بن اوس کان آهي ته حضور ڪريم صلي الله
عليہ وسلم فرمايو ته زور گهڻي خوف جي شيءِ، جنهن
کان مان پنهنجي امت تي ڊڄان ٿو، اهو رياءُ آهي، جا
ڳجهي شهوت آهي،عمل ۾سڀ کان وڏي آفت رياءُ آهي،.
جنهن سان عمل چٽ ٿي وڃي ٿو. پر بعضي بجاءِ ثواب
جي گناهه به ٿئي ٿو. اهو گناهه يعني ڪبيري گناهه،
شرڪ کي وڃي پهچي ٿو. رياءَ جو بيان تمام گهڻو آهي
۽ گهڻو انهيءَ ڪري آهي جو سڀ عمل جو دارومدار ثواب
يا گناهه تي آهي، نيت چڱيءَ تي آهي. نيت چڱي اها
آهي، جا رياءَ کان خالي هجي ۽ خاص الله تعاليٰ جو
راضپو طلب هجي. رياءَ جن ڳالهين کان پيدا ٿئي ٿو،
ان ۾ ٻارهن بيان آهن، انهن ٻارهن مان هڪڙو بيان
آهي، عبادت ۾ رياءُ ڪرڻ، سجدا ٺاهي ڏيڻ، يا رڳو
سجدي ۾ پيو رهڻ، ۽ اتي رياءَ خاطر گهڻو ظاهر روئڻ
وغيره. انهيءَ هڪڙي عبادت ۾ رياءَ ڪرڻ جي بيان ۾
وري يارهن ٻيا باب آهن، جي هن ننڍڙي ڪتاب ۾ بيان
ڪرڻ کان ٻاهر آهن. ايترو بيان به ڪجهه تڏهن ڪيو
ويو آهي، جو هيءَ ڳالهه تمام ضروري آهي ته عمل اهو
ڪجي، جو رياءَ کان خالي هجي. سالڪن کي هن رياءَ جي
آفت کان خبردار هجڻ گهرجي. جو رياءَ اهڙي خفي
شهوتن مان آهي، جو جيڪڏهن اونداهي رات ۾ سخت ڪاري
پٿر تي ڪِيلِ هلي، ته جهڙيءَ طرح ان جي هلڻ جي چال
ڪنهن طرح سان محسوس نه ٿئي اهڙيءَ طرح رياءَ جي
هيءَ شهوت محسوس نٿي ٿئي. انهيءَ ڪري ان جي آفت
وڏن وڏن عالمن کي به معلوم نٿي ٿئي. جهڙن تهڙن
عابدن ۽ متقين جي ته اتي ڪهڙي مجال آهي؟ رياءَ عمل
کي اهڙو نابود ۽ چٽ ڪري ٿو ڇڏي جيئن باهه ڪاٺين کي
ساڙي چٽ ڪري ڇڏي. ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ
فرمايو آهي ته:
بيت
لوڪَانٌ لِڪي سَڀُڪو لِڪِيَانٌ لِڪي ڪونه،
اُٿيٌ وِيَئِيٌ اَوٌنَ اِنَ اُلِٽِيٌ ڳَالههِ
جِيٌ.
لوڪ کان ته رياءَ جي خاطر سڀڪو لڪي، پر لڪيان يعني
لڪلن ڳالهين کان ڪونه لڪي. هي رياءُ به هڪ لڪلن
ڳالهين مان آهي، جنهن جي آفت کان لڪل ماڻهو يعني
گوشي نشين ماڻهو به لڪي نٿا سگهن. اها اُونَ يعني
سمجهه يا ڄاڻ اُٿي وئي، يعني نڪري وئي آهي. انهيءَ
اُلٽي ڳالهه جي. اها اُلٽي ڳالهه يعني اُبتي ڳالهه
آهي، جو مجازاً ٽواب جو ڪم پيو ڪري، پر مخفي رياءَ
جي اچڻ سبب ثواب ته نه ٿئي پر اُبتو ڪن ڳالهين ۾
ته گناهن جو سبب بڻجي پوي مثلاً قضا جو عهدو قبول
ڪرڻ ۽ قضا ڪرڻ، عدل ۽ انصاف پورو ڪرڻ ته وڏو
بهترين ثواب آهي پر ان ۾ رياءَ ڪرڻ سان پورو عدل
نه ٿئي ته وڏي گناهه جو سبب آهي.
حديث شريف ۾ آهي ته قاضي ٽن قسمن جا آهن، جن مان
هڪڙو جنت ۾ آهي، ۽ ٻه دوزخ ۾. ٻيءَ حديث شريف ۾
آهي ته جو خود قاضي بڻجڻ جي درخواست ٿو ڪري، اهو
سواءِ ڇري جي پاڻي کي ڪُهي ٿو. حاصل مطلب ته اهو
ضعيف آهي. ان وٽ دنيا جي عزت جو ڪجهه رياءُ ۽ قدر
آهي. ان کان پاسو ڪري ته ان لاءِ چڱو آهي. باقي جو
ماڻهو زبردست آهي ۽ امر الاهي ۾ ڪنهن جي به طعني
کان نه ڊڄي ۽ رياءُ نه ڪري، اهو ماڻهو انهيءَ عدل
واري عهدي کي قبول ڪري. اهو اهڙو بي رياءُ هجي، جو
حق تي فيصلي ڪرڻ ۾ پنهنجي عهدي کان موقوف ٿيڻ جو
به خوف نه رکي پر امر حق تي موقوف ٿي به وڃي ته
خوش رهي ۽ چوي ته خدا تعاليٰ هيءَ مصيبت مون تان
ٽاري. ته اهو بيشڪ جنت جو لائق آهي. پر جي موقوف
ٿيڻ يا عهدي گهٽجڻ جي خوف کان انصاف حق تي نه
ڪيائين ته الٽو گناهه ٿيس ۽ دوزخي بڻيو. تڏهن
ڀٽائي صاحب فرمايو ته ”اٿي ويئي اون ان الٽي ڳالهه
جي“ اهي الٽيون ڳالهيون گهڻيون بيشمار آهن، پر هتي
وڌيڪ نٿيون آڻجن.
رياءُ دل جي مرض مان هڪ مرض آهي، جنهن جو علاج
الله تعاليٰ جي گهُر سان مرشد ڪامل طبيب مثل علاج
ڪري، انهيءَ دل واري مرض ۾ افاقو يعني هلڪائي آڻي
سگهن ٿا. اهي رياءَ جي مرض کي چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ۽
ان جي نقصان کان به واقف آهن. تڏهن هنن کي عمل تي
صبر ڪرڻ يعني ڇڏڻ سڻائو آهي. هي ائين مثال آهي،
جيئن ڪو شخص ڪنهن کاڌي جي لذيذ شيءِ جي خواهش ڪري
۽ پنهنجي لاءِ چڱي ڄاڻي، پر جڏهن هن کي معلوم ٿئي
ته اها شيءِ مٺي ۽ سٺي وڻندڙ نه آهي، پر ان ۾ زهر
گڏيل آهي يا اهڙو ڪو ٻيو ان ۾ نقصان آهي، جو هن
کان پوءِ مون کي حياتيءَ جو سخت نقصان ٿيندو، ته
انهيءَ شخص کي اها شيءِ ڦٽي ڪرڻ سڻائي لڳندي.
اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ جي محبت وارا عاشق به
انهيءَ پنهنجي محبوب موليٰ سائين کي پيا سارين ۽
سنڀالين، پر رياءَ جي خوف کان ”نڪو رون نه چون ڪي“
جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته:
سڄڻ جي سارين سي نڪي رون نه چون ڪي
هن ۾ سوال آهي ته ڇا نٿا رون نڪي چون؟ جو ظاهر عمل
ڪرڻ ۽ روئڻ ۾ رياءَ جو خطرو آهي. تڏهن ان عمل جي
نفعي کان نقصان کي زياده ڄاڻي نڪي ظاهر روئن ٿا.
نڪي ڪجهه چون ٿا. انهيءَ پنهنجي سڄڻ جي سڪ کي مخفي
سانڍين ٿا ۽ پنهنجي نفس کي رياءَ جي نقصانن کان
چڱيءَ طرح واقف ڪري سمجهائين ٿا ۽ علاج ڪن ٿا. ان
کي چون ٿا ته خبردار! اي نفس تنهنجي قيامت ۾ کُلي
کلائي خواري ٿيندي، جڏهن توکي پڪاريو ويندو؛ اي
رياڪار! او مڪار! او بدڪار! توکي شرم نه آيو جو
خدا جي اطاعت جي عيوض دنيا جو سامان ورتوءِ. ماڻهن
جي دلين ۾ پاڻ وڻائڻ جو خيال ڪيئه ۽ خدا تعاليٰ جي
عبادت سان مسخري ڪئيه. ماڻهن وٽ محبوب بڻين ۽ خدا
تعاليٰ جي آڏو غضب ڪيل- انهن جي آڏو آرائش ۾ رهين
۽ خدا جي واسطي الايش ۾؛ ماڻهن جي آڏو محمود بڻين
۽ خدا تعاليٰ جي اڳيان مردود، خدا کان پري ۽ انهن
جي ويجهو؛ انهن جي رضا جو طالب ۽ خدا جي غصي جو
لائق؛ هي جو دنيا ۾ رياءُ ڪرين ٿو، سو اي نالائق!
رڳو دنيوي سينگار آهي. دنيا ڪجهه نه اهي ۽ دنيا جي
نقصانن کي آخرت جي نقصانن سان ڀيٽي ڏس. دنيوي شيءِ
ڪابه زيان ٿي ته ڪجهه به نقصان نه آهي، ڇوته فنا
ٿيڻ واري آهي. خود هيءَ دنيا جي حياتي به فنا آهي
۽ آخرت بقا واري؛ آخرت واري حياتي به دائمي آهي.
پوءِ جي تنهنجي عملن جو ثواب هليو وڃي، پوءِ توڙي
هڪڙو عمل ئي رياءَ وارو ڇونه هجي جنهن جي ثواب نه
ملڻ ڪري تنهنجي نيڪين وارو پاسو ترڻ مهل گهٽ ٿي
پوي، ته ڪيڏو نه وڏو نقصان آهي. جو پوءِ دائمي
دوزخ ۾ رهڻو پوي! ڪهڙو عجب آهي، جو وري هڪڙي ئي
خالص عمل سان نيڪين وارو پاسو ڳورو ٿي پوي ۽حساب ۾
ڇوٽڪارو ملي وڃي! پوءِ ڪيڏي نه هيءَ وڏي اميد پوري
ٿي پوي!. پر جي انهيءَ نيڪ عمل کي رياءَ سبب فاسد
ڪيو ويو ته اهو عمل گناهن جي پُڙ ۾ رکيو ويندو.
جنهن جي سبب کان گناهن جو پاسو ڳورو ٿي پوي ۽ توکي
دوزخ ۾ وڃڻو پوي. هيءَ ڪهڙي بدبختي آهي! نعوذ
باالله منها. جيڪڏهن رياءَ سان هڪڙي ئي عبادت
بيڪار ٿي پوي، تڏهن به نهايت نقصان ٿيو. جو انهيءَ
۾ ڪهڙو عجب جو انهيءَ هڪڙي عبادت سان نيڪين جو
پاسو ڳورو ٿيندو هجي. جڏهن دنيا لهو و لعپ آهي،
فاني ۽ فنا ۽ ڪجهه به نه آهي، تڏهن دنيا ۾ شابس
کڻڻ لاءِ رياءَ ڪرڻ سان دنيوي ڪمن ۾ ماهر ٿيڻ ۽
دنيوي مانُ ۽ مال وغيره حاصل ڪرڻ به ڪجهه نه آهي.
نه ان جو نفعو وري ڪو آخرت ۾ ئي آهي.
هڪڙي شخص کي ابن مسعود رضه جڏهن هيئن چوندي ٻڌو ته
مون ڪالهه رات سورة البقر پڙهي هئي. تڏهن پاڻ
فرمايائين ته انهيءَ شخص جو حصو ان ۾ اهو هئو.
حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم کي هڪڙي شخص عرض ڪيو
ته مون سڄي عمر روزو رکيو آهي. پاڻ فرمايائون ته
نه تو روزو ئي رکيو آهي نه تو ڇوڙيو آهي. حضرت نبي
ڪريم صلي الله عليہ وسلم ۽ ابن مسعود رضه جي ڳالهه
جو هيءُ مثال آهي ته انهن شخصن جي دل عبادت جي وقت
رياءَ جي نيت کان خالي نه هئي، جنهن ڪري انهن ايئن
چئي پنهنجي رياءَ جي نيت جي ظاهر ڪئي. مخلص ماڻهو
هميشه رياءَ خفيءَ کان ڊڄندا رهندا آهن ۽ انهيءَ
واسطي وڏيون وڏيون ڪوششون ڪندا آهن. ماڻهن کي ڌوڪي
ڏيڻ خاطر اعمال صالح لڪائيندا آهن ۽ دل ۾ ائين
گهرندا آهن ته اسان جي نيڪ عملن کي لوڪ نه لَکي.
جيترو ٻيا ماڻهو بڇڙاين جي لڪائڻ ۾ حريص هوندا
آهن، ان کان به وڌيڪ اهي ماڻهو پنهنجي صالح عملن
جي لڪائڻ جا حريص هوندا آهن. هو ايئن انهيءَ اميد
تي ڪن ٿا ته جيئن انهن جا اعمال صالح خالص رهن ۽
قيامت ۾ الله تعاليٰ انهن خالص عملن جي عيوض سڀني
ماڻهن جي سامهون ثواب عنايت فرمائي، ڇوته انهن کي
هي يقين آهي ته خدا تعاليٰ قيامت ۾ عمل خالص ئي
قبول فرمائيندو. انهيءَ ڪري هو پنهنجي دل ۾ خاص
درد، سوز، سور الله تعاليٰ جي عشق جو رکن ٿا ۽
ظاهر ۾ رياءَ جي خوف کان ماڻهن کي ڀلائين ٿا ته
کين ڪونه لَکي. جيئن ايندڙ وائي ۾ ڀٽائي صاحب رحمة
الله عليہ سڀني
ماڻهن ۽ مجازي طبيبن کي مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته:
وائي
ورِسِيَا ويڄَ ويچَارَا، دِلِ ۾ دَرٌدُ پِرِيَنِ
جو،
اُٿيو ويڄَامَ وِهو، وَڃو ڊَڀَ کَڻِي،
ٻُڪِيٌ ڏِينٌدَا ٻَاجهَه جِي، آيَا سُورَ ڌڻِي،
آيَا جيءَ جِيَارَا
هن وائي جي معنيٰ آهي ته ويچارا ويڄ يعني طبيب،
ظاهر جا ورسيا، يعني ڀلجي ويا آهي. مون کي دل ۾
آهي درد، يعني سوز، سور پرينءَ منهنجي معشوق جو،
ته هو وري ڊڀ، دوا دارون کڻي آيا آهن. ٻين ظاهر جي
بيمارين جا. اي طبيبو! اٿي وڃو، مون وٽ نه ويهو،
اهي پنهنجا ڊڀ به کڻي وڃو، جو مون وٽ سور جا ڌڻي،
يعني سور جا اصل مالڪ، جيڪي سور ڏيڻ ۽ وري لاهڻ
وارا به آهن سي اچي ويا آهن. اهي جيڪي ٻڪي يعني
ڦڪي ٻاجهه يعني پنهنجي رحم و ڪرم ۽ لطف جي ڦڪي
ڏيندا، سي آيا آهن- اهي جيءَ جا جياريندڙ.
هن جو خلاصو مطلب آهي ته الله تعاليٰ جي عاشق
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ کي پنهنجي معشوق موليٰ
سائين جي محبت جو درد آهي، تڏهن هو مجازي طبيبن کي
مخاطب ٿي ٿو فرمائي ته اي طبيبو! اوهان پنهنجا ڊڀ
۽ دارون، جي ظاهر جي بيمارين لاءِ آهن، سي کڻي وڃو
۽ مون وٽ نه ويهو. مون وٽ سور جو ڌڻي اچي ويو آهي.
اهو پاڻهين مون کي ڦَڪي پنهنجي مهربانيءَ جي
ڏيندو، جنهن سان منهنجي مُئل دل به حيات ٿي پوندي.
تون رڳو ظاهر جي بيمارين جو طبيب آهين ۽ اندر جي
سور جي سُڌ لهندڙ نه آهين. جيئن ايندڙ بيت فصل ٻئي
جي پهرئين بيت ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو
فرمائي.
فصل ٻيو
بيت
تَنُ طَبِيبُ نه تُونٌ، جو سُڌِ نه لَهِينٌ سُورَ
جِي،
سَانٌڍِ پَنهنٌجَا ڊَڀِڙَا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُونٌءِ
ڪَانَه گهُرجي مُونٌ، حَيَاتِيٌ هوتَنِ ري.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته تون تن جو يعني اندر جو
طبيب نه آهين، جو سور جي سُڌ يعني سماءُ يا خبر
لهين ته اندر ڪهڙو سور اٿس ۽ ڪٿي اٿس. تڏهن اهي
پنهنجا ڊڀڙا يعني ڊَڀَ، ٻرڪا، ڦڪيون، ڀونءِ يعني
زمين ۾ کڏ کڻي سانڍ يعني لڪائي ڇڏ. ڇاڪاڻ ته اهي
تنهنجا ڊڀ هن مجازي ظاهر جي بيمارين لاءِ آهن ۽
اندر جي بيمارين لاءِ ته اهي تنهنجا ڊڀ نه آهن. ۽
نه وري تون ئي خود تن جو طبيب آهين. اي طبيب!
توکان دوا اهو بيمار ڪرائي جو ظاهر جي بيمارين ۾
بيمار هجي ۽ جنهن جي بيماريءَ جي تون به سُڌ لهي ۽
سهي ڪري سگهين. مون کي منهنجي اها حياتي ڪانه ٿي
گهرجي يعني کپي، جا هوت، حبيب هاديءَ کان سواءِ
هجي.
هن بيت جو خلاصو مطلب ڀٽائي صاحب هن طرح ٿو فرمائي
ته اي مجازي طبيب جي ظاهري بيمارين جا ڄاڻو آهن،
سي اندر جا مرض نٿا ڄاڻن ۽ انهن کي اها سُڌ سور جي
نه آهي ته هي سور ڪهڙو ۽ ڪٿي ۽ ڪيترو آهي. انهيءَ
ڪچي ظاهر جي طبيب کان علاج ڪرائي پيو اجائي حياتي
گهاريان. اهڙي حياتي ڪانه گهرجي مون، جا هوتن کان
سواءِ هجي. هوت جي معنيٰ آهي وسيلو، ذريعو، سبب.
يعني مون کي اهي طبيب گهرجن، جي اندر جي بيمارين
يعني جي گناهه آهن، تن جي لاهڻ جو وسيلو بڻجن ۽
اهي هادي جي هدايت جو سبب بڻجن. هتي هوت جو اشارو
مرشد ڪامل، الله واري ڏانهن آهي، جو هاديءَ جي
هدايت جو وسيلو ۽ سبب آهي، پر ان ۾ هي وڏو شرط آهي
ته انهيءَ حقيقي ويڄ طبيب وٽ وڃي مريد ٿيءُ، پوءِ
به جي ان جي چوڻ موجب ڪِريٌ يا پرهيز نه ڪندو، ته
ان کي فائدو نه ٿيندو. پر جي ان جي نصيحت تي هلندو
ته سِگهو ئي سَگهو ٿي پوندو. جيئن ايندڙ بيت نمبر
2 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پاڻ ٿو فرمائي:
بيت
ويڄَنِ سِينٌ وَائِي پِيَا ڪِرِيٌ نه ڪَيَائُونٌ،
جي پَندِ پَاڙِيَائُونٌ، ته سِگهو ئِي سَگها
ٿِيَا.
هن جي معني آهي ته ويڄن يعني طبيبن سان وائي پئي،
يعني انهن کان پنهنجي مرض جي پڇا ڳاڇا ڪري، پوءِ
ڪِري يعني پرهيز، تقويٰ نه ڪيائون، پر هائو جي
پندِ يعني نصيحت، جا انهن طبيبن کين ڪئي ۽ ڪِري
پرهيز ڏَسي، سا جي پاڙيائون يعني پوري پرهيز
ڪيائون، سِگهو ئي سَگها يعني جلد ئي چڱا ڀلا ٿي
پيا ۽ بيماريءَ کان ڇٽي پيا. هن جو خلاصو مطلب آهي
ته ويڄ طبيب آهن، نبي سڳورا، پير ۽ فقير – مطلب ته
مڙئي الله وارا. پوءِ انهن وٽ گمراهه، گناهن وارا
ويا ۽ مجلس ۾ شامل به ٿيا، پر انهن سڳورن جي چوڻ
موجب تقويٰ يعني پرهيز، ڪِري نه ڪيائون ته ائين ئي
گناهن جي مرض ۾ مبتلا هوندا، پر جي انهن سڳورن جي
چوڻ موجب گناهن کان پرهيز ڪيائون ته پوءِ ”نه
پهچندي ان کي ڪا سختي ۽ نه اهي غم وارا ٿيندا“.
جيئن الله تعاليٰ قرآن شريف جي سورة الزمر ۾
فرمايو آهي ته:
وَ يُنَجَّي اللهُ الَّذِيٌنَ التَّقَوٌا
بِمَفَازَتِهِمٌ لَا يَمَسَّهُمٌ السُّوٌءُ وَلَا
هُمٌ يَحٌزَنُوٌنَ○
ترجمو: ۽ ڇڏائيندو خدا انهن کي، جن پرهيز ڪئي جاءِ
ڇٽڻ جي ۾ جا دنيا آهن نه پهچندي ان کي سختي ۽ نه
اهي غم وارا ٿيندا.
هن آيت سڳوريءَ ۾ صاف ظاهر آهي ته الله تعاليٰ
انهن کي ڇڏائيندو، جن تقويٰ ڪئي، تقويٰ جي معنيٰ
پرهيز آهي، پرهيز کي ڪِري به ڪوٺبو آهي. هتي
ڪِريءَ ڪهڙيءَ لاءِ الله تعاليٰ فرمايو آهي؟ اها
ڪِريٌ آهي، گناهن کان ڪِريٌ، ۽ الله تعاليٰ جي
هدايت جي تابعداري. جيئن الله تعاليٰ پنهنجي ڪلام
جي سورة البقر جي ع 4 ۾ فرمايو آهي:
فَمَنٌ تَبِعَ هُدَايَ فَلَا خَوٌفُٗ عَلَيٌهِمٌ
وَلَا هُمٌ يَحٌزَنُوٌنَ
ترجمو: پوءِ جيڪو تابعداري ڪري هدايت منهنجيءَ جي،
پوءِ ناهي خوف ان تي نه اهي غم وارا ٿيندا.
هن آيت سڳوريءَ ۾ پڻ صاف ظاهر آهي ته جيڪو الله
تعاليٰ، جو حقيقي حڪيم آهي، ان جي هدايت ۽ نصيحت
جي تابعداري ڪندو، اهو غم وارو نه ٿيندو ۽ نڪي ان
تي ڪو خوف ئي آهي. پر جي انهن ويڄن، حڪيمن يعني
الله وارن جي نصيحت ۽ هدايت ٻڌڻ بعد به پاڻ ڪِري
نه ڪندا ۽ انهن جي هدايت جا تابع نه ٿيندا، جهڙيءَ
طرح ڪافر مڪي جا، منهنجي حقيقي حڪيم حبيب نبي ڪريم
صلي الله عليہ وسلم جي هدايت تي عمل نه ڪيائون، ۽
نه وري پاڻ گناهن کان ڪِري ڪيائون، ته پوءِ ڏسو ته
ڪيئن انهن کي ڪفر ۽ بدعت جي ۽ گناهن ۽ گمراهيءَ جي
بيماريءَ ۾ سوزن ۾ سجهايو! جيئن ايندڙ بيت نمبر 3
۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته:
بيت
وَيڄَنِ سِينٌ وائِي پِيَا ڪِريٌ ڪَنِ نه پَاڻَ،
اَگهَا اِنَّ اُهٌڃَاڻَ، پَسَو سُورَ سِجهَائِيَا.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته ويڄن يعن طبيبن حڪيمن ساڻ
وائيءَ پيا، يعني واتوريائون، هيرا هدرا ڏنائون،
يعني انهن سان به اڻبڻت ڪيائون. ٻيو ڪِري به پاڻ
ڪن ئي ڪونه – او انهيءَ اُهٌڃاڻ يعني نيشانيءَ
آگهن يعني بيمارن کي سورن ۾ سجهائي يعني جهڄائي
ڇڏيو. هلڪي باهه يا ٽانڊن تي هر قسم جي گوشت جي
سيخ پچائيندا آهن، جيئن گهڻو تئُه به نه اچيس، جو
جلد سڙي ويندي ۽ ٿوري تَوَ تي وري ڪچي رهجي ويندي.
تنهن ڪري وچٿرو ۽ هڪ ڪَرو لاڳيتو ان کي تؤ ڏيندا
آهن، جيئن اهو گوشت پيو اتي جهڄي ۽ سجهي. يعني ان
گوشت مان تَوَ جي ڪري جيڪو پاڻي بوڙِيا ڪري پيو
نڪرندو آهي، اهي بوڙيا گوشت جا وري تَوَ جي ڪري
اهو گوشت پاڻ ئي پيو کڻندو آهي. جڏهن اهي بوڙيا
سڪي ويندا، تڏهن گوشت کي هٿ سان ڇني ڏسبو ته ڇڄي
پوندو. انهيءَ پچڻ کي سِجهڻ چئبو آهي، جو هوريان
هوريان گهڻو وقت پيو پچي ۽ سِجهي. انهيءَ سجهڻ جو
عذاب گوشت لاءِ ٻئي پچڻ ۽ رجهڻ کان سخت ڏکيو آهي.
تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ انهن اَگهن
لاءِ، جن ويڄن سان واتوريو ۽ ڪِري به وري نه
ڪيائون، تن جي انهيءَ اهڃاڻ نيشانيءَ جيڪو کين
سورن ۾ سجهائيو، يعني سخت عذاب ڏئي، سو مثال طرح
فرمايو آهي ته:
”اگها ان اهڃاڻ پسو سور سجهائيا“.
هن جو خلاصو مطلب آهي ته جيئن بيمار حڪيم سان
اڻبڻت ڪري، ٻيو وري هن جي ڏسيل ڪِري به نه ڪري،
جهڙيءَ طرح مڪي شريف جي ڪافرن اصحابن سڳورن جو چوڻ
ته نٿي ڪيو، پر انهن تي چٿرون ٿي ڪيائون، ته هي به
مؤمن آهن. يعني بي ادبي به ٿي ڪيائون، واتوريائون
به ٿي ۽ وري پاڻ نيڪ عمل به نٿي ڪيائون. پوءِ اهڙن
ڪافرن کي اهي ٻئي ڳالهيون جيئن دين جي ويڄن اصحابن
سڳورن سان وائي به پيا ٿي ۽ پاڻ به گناهن کان ڪِري
ڪانه ٿي ڪيائون، انهن نشانين سان جيڪو کين سور،
دوزخ جو عذاب زور ڊگهو عرصو ساڙيندو ۽ سجهائيندو.
ان جو بيان قرآن شريف جي سورة المدثّر جي ع 2 ۾
الله تعاليٰ فرمايو آهي ته:
اِنَّهَا لَاِ حٌدَي الٌڪُبَرِ نَذِيٌراً
لِّلٌبَشَرِ لِمَنٌ شَفَاءَ مِنٌڪُمٌ اَنٌ
يَّتَقَدَّمَ اَوٌ يَتَاَخَّرَ ڪُلُّ نَفٌسٍ بِمَا
ڪَسَبَتٌ رَهِيٌنَةُٗ اِلَّا اَصٌحٰبَ الٌيَمِيٌنِ
فِيٌ جَنّٰتٍ يَّتَسَاءَلُوٌنَ عَنِ
الٌمُجٌرِمِيٌنَ مَا سَلَڪَڪُمٌ فِيٌ سَقَرَ
قَالُوٌا لَمٌ نَڪُ مِنَ الٌمُصَلِّيٌنَ وَلَمٌ
نَڪُ نُطٌعِمَ الٌمِسٌڪِيٌنَ وَ ڪُنَّا نَخُوٌضُ
مَعَ الٌخَاءِضِيٌنَ وَڪُنَّا نُڪَذِّبُ بِيَوٌمِ
الدِّيٌنِ حَتّيٰ اَتٰنَا الٌيَقِيٌنُ فَمَا
تَنٌفَعُهُمٌ شَفَاعَةُ الشَّافِعِيٌنَ فَمَا
لَهُمٌ عَنِ التَّذٌڪِرَةِ مَعٌرِضِيٌنَ
ڪَاَنَّهُمٌ حُمُرُٗ مُّسٌتَنٌفِرَةُٗ فَرَّتٌ
مِنٌ قَسٌوَرَةٍ○
ترجمو: تحقيق دوزخ آهي هڪڙي وڏين بلائن جي جاءِ.
ڊيڄاري ماڻهن کي واسطي تن جي، جنهن کي گهُري اوهان
منجهان ته اڳتي ٿين طرف بهشت جي يا پوءِ رهن منجهه
دوزخ. سڀ ماڻهو سبب عملن پنهنجن گرفتار ٿيندڙ آهن
دوزخ ۾، مگر صاحب سڄي هٿ جا، جي مؤمن آهن اهي
بهشتن ۾ رهندا. پڇندا هڪڙا ٻين کان منجهان حال
ڪافرن جي، چوندا ڪافرن کي ڪهڙي سبب اوهان کي داخل
ڪيائون دوزخ ۾؟ چوندا ته نه هئاسون اسين نماز
پڙهندي ۽ نڪي هئاسون طعام ڏيندڙ محتاجن کي ۽ ڪندا
هئاسون ڪفر ساڻ ڪافرن ۽ نه هئاسون وسهندڙ ڏينهن
قيام جي کي. تانجو آيو اسانکي موت. پوءِ نه نفعو
ڪندي ان کي شفاعت ڇڏائيندڙن جي، پوءِ ڇا ٿيو آهي
ان کي، جيئن نصيحت رسولن جي کان منهن ڦيرائين ٿا،
ڄڻ ته گڏهه ڀڄندڙ آهن، جڏهن شينهن کان ڀڄن.
هن آيت سڳوريءَ مان صاف ظاهر آهي ته ڪافر ۽ گنهگار
جي رسولن سڳورن جي نصيحت کان منهن ڦيرائن ٿا، تڏهن
ٿا گناهن جي مرض ۾ مبتلا ٿين، پر تڏهن به الله جي
رسولن ۽ الله وارن کي انهن گويا گناهن جي بيمارن
جو گهڻو ترس آهي، انهن کان ڪاوڙجي واعظ نصيحت کان
بس ڪانه ڪيائون ۽ گهڻا حيلا ڪيائون ۽ دعائون
گهريائون، ته من هي بيمار گناهن کان ڇٽن. جهڙيءَ
طرح حضرت نوح عليہ السلام پنهنجيءَ قوم لاءِ
پنهنجي پٽ ڪنعان لاءِ دعا گهري،حضرت لوط ۽ حضرت
شعيب عليہ السلام پنهنجن قومن لاءِ حضرت صالح
پنهنجي قوم ثمود لاءِ، حضرت هود پنهنجي قوم عاد
لاءِ دعائون وغيره گهريون ۽ گهڻو ئي کين پنهنجن
قومن ۽ عزيزن لاءِ ترس ۽ حياءُ هئو. اسان جي نبي
ڪريم صلي الله عليہ وسلم کي پڻ پنهنجن چاچن ۽
عزيزن لاءِ ترس هئو ۽ دعائون گهريائون، پر انهن
تابعداري نه ڪئي ۽ گناهن ۽ ڪفر کان ڪِري نه
ڪيائون، تنهنڪري کين فائدو ڪونه ٿيو. جيئن ايندڙ
بيت نمبر 4 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو
فرمائي:
بيت
آهي گهَڻو اَگهَنِ جو تَرٌسُ طَبِيبَنِ،
ڪَيو وَسُ ويڄَنِ تَان ڪِرِيٌ ريءَ ڪِيٌئن ٿِئي.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته اگهن، يعني بيمارن جو ترس
يعني قدر، حياءُ ۽ احساس گهڻو آهي؛ انهن جو علاج
ايتريقدر ڪوشش ڪري ڪيائون، جو جيڪو سندن وس يعني
طاقت هئي پر بيمارن کي فائدو ڪين ٿيو، ڇاڪاڻ ته
ڪِري ريءَ يعني ڪِريءَ پرهيز کان سواءِ، ڪي به
فائدو ڪين ٿئي. ڪِري بيمارن ڪانه ڪئي، تڏهن کين ڪو
فائدو به ڪونه ٿيو.
هن جو خلاصو مطلب آهي ته جيڪي نبيءَ سڳورا هئا ۽
الله وارا پير فقير، جي صاحب معرفت جا آهن، تن کي
گناهن جي بيمارين ۾ گمراهن بيمارن تي ڏاڍو ترس آهي
۽ انهن تي رحم فرمائي، پنهنجو سمورو وس هلائي،
گمراهيءَ کان ڇڏائڻ جا حيلا وسيلا ڪيا، پر بيمارن
جي بدبختي جو انهن سڳورن جي هدايت تي نه هليا ۽
ڪِري ڪانه ڪيائون، تڏهن فائدو به ڪي ڪين ٿين. جيئن
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو ته:
”ڪيا وس ويڄن تان ڪريءَ ري ڪين ٿئي“.
هن بيت جون ٻه تڪون آهن؛ ٻنهي جو مطلب جدا جدا
بيان ڪيل آهي. تڪ نمبر پهرين آهي ته ”آهي گهڻو
اَگهن جو ترس طبيبن“- هن تڪ ۾ اگهن کي چڱي اميد
ڏيکاري دلجاءِ ۽ دلداري ڏني ويئي آهي، ته گناهه جي
بيمارن کي اها دلجاءِ ۽ يقين ڪرڻ گهرجي ته سندن
انهيءَ اگهائي جو طبيبن کي قدر ۽ قياس، حياءُ ۽
ترس تمام گهڻو آهي. تڪ ٻي آهي ته ”ڪيا وس ويڄن تان
ڪريءَ ري ڪين ٿئي“ – هن تڪ ۾ اگهن جي اميد جو
نتيجو بيان ڪيو ويو آهي.ڪيئن؟ پهرين تڪ ۾ اگهن کي
اهو يقين ڏياريو ويو آهي ته سندن اگهائيءَ جو
طبيبن وٽ گهڻو ئي قدر ۽ ترس آهي، پر بيمارن جي بي
ايماني، بي هدايتي ۽ بدپرهيزيءَ ڪري کين فائدو ڪي
ڪين ٿيو، توڻي طبيبن ۽ ويڄن پنهنجا وس ڪيا. ” ڪيا
وس ويڄن تان ڪريءَ ري ڪين ٿئي“ – تڪ پهرينءَ ۾
اگهن جو هن ڳالهه ڏي ڌيان ڇڪايو ويو آهي، ته توهان
جي بيماريءَ ڏي طبيبن جو پورو توجه آهي. ٿورو نه،
پر گهڻي ۾ گهڻو انهن کي اوهان جو ترس آهي. اوهان
جي ڇٽڻ لاءِ ڪن به پنهنجا وس ٿا ته من اوهان ڇٽو،
پر ڪِري اوهان ڪانه ٿا ڪيو، پوءِ ته فائدو به ڪي
ڪين ٿيندو. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ
فرمائي ته ”ڪيا وس ويڄن تان ڪريءَ ري ڪين ٿئي“-
جيئن الله تعالى پنهنجي پاڪ ڪلام سورة البقرة ۾
فرمايو آهي ته؛ ”هيءُ قرآن شريف اهو پاڪ ڪتاب آهي،
جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي پر هدايت ڪندو متقين کي، يعني
جيڪي تقويٰ ڪندا، يعني پرهيز ڪندا، يعني سندس حڪم
تي پورو پورو عمل ۽ تابعداري ڪندا“.
هن آيت سڳوري ۾ صاف ظاهر آهي ته خود ربّ جو ڪلام
پاڪ به فائدو انهيءَ کي ڪندو، جو ڪِري ڪندو، يعني
تقويٰ ۽ پرهيز ڪندو. پرهيز ڇا آهي ۽ ڇاکان پرهيز
ڪجي؟ انهيءَ بابت ڪجهه بيان ٿو ڪجي ته اڳين الله
وارن ڪهڙي پرهيز ۽ ڪيئن ڪئي آهي؟ خاص پرهيزگاري
هيءَ آهي جو ٻانهن تي جيڪي حڪم الله سائينءَ امر –
نهيءَ جا ڪيا آهن ۽ انهن حڪمن ۾ ٻانهي کي ڇوٽڪاري
جو يقين ڏياريو ويو آهي، ٻانهن کي انهيءَ سندس
حڪمن تي يقين ڪري ۽ حڪم پورا ڪن، خاص خدا تعاليٰ
جي عبادت ۾ هر وقت لڳا رهن، ڇو ته دنيا ۽ آخرت ۾
پرهيزگاري ئي ٻانهن جو خدا جي عذاب کان ڇوٽڪاري
لهڻ جو وڏو سبب آهي. قيامت جي ڏينهن پرهيزگاري ئي
حساب جي هلڪي، سوکي ۽ سهنجي ٿيڻ جو سبب هوندي.
ڇاڪاڻ ته قيامت جي ڏينهن انهن ٻانهن کان انهن حقن
بنسبت پڇاڻو ٿيندو؛ جو انهن خلاف شريعت جي ڪيو
هوندو. جو شخص دنيا ۾ پنهنجي نفس جو حساب ڪندو
رهندو ۽ ماڻهن کان پنهنجا حق وٺي ٿو ۽ انهن جا حق
به ادا ڪندو رهي ٿو، ته پوءِ قيامت ۾ ان کان ان
بابت ڪهڙو حساب ورتو ويندو، جو جڏهن قيامت ۾ حساب
وٺڻ کان اڳ ۾ هتي ئي ڊڄندو رهي ٿو.
حديث شريف ۾ آيو آهي، ته خداوند تعاليٰ قيامت جي
ڏينهن پرهيزگارن کان حساب وٺڻ ۾ حياءُ ٿو فرمائي.
انهيءَ ڪري رسول مقبول صلي الله عليہ وسلم فرمايو
آهي ته قيامت ۾ اوهان کان حساب ڪيو وڃي يا ورتو
وڃي، ته ان کان اول هتي ئي توهان پنهنجي نفس سان
حساب ڪيو. انهيءَ کان اول، جو اوهان جا عمل توريا
وڃن، توهان پاڻ پنهنجي عملن کي توريو پاڻ
فرمايائون ته مسلمانن جي اسلام جي خوبي انهيءَ ۾
آهي، جو غير ضروري ڪمن کي ڇڏين.
هن حديث ۾ اشارو انهيءَ طرف آهي ته هرهڪ ڪم ۾
ضروري ڳالهه ڏي خيال ڪجي، جو ضروري نه هجي، اهو نه
ڪجي. شرعي حڪمن جي حد کان ٻاهر قدم نه رکي، جو
رستو شريعت ڏَسي، ان تي هلي ۽ ان جو ان جي خلاف
هجي، ان جي ويجهو نه وڃي ۽ ان کان پري رهي. حديث
شريف ۾ آهي ته جا شيءِ اوهان کي شڪ ۾ وجهي، ته ان
کي ڇڏي ڏيو ۽ جنهن شيءِ ۾ توهان کي شڪ نه پوي، ان
جي طلب ڪيو. پاڻ فرمايائون ته مؤمن سوچڻ ۽ سمجهڻ
وارو هوندو آهي ۽ منافق بيپرواهي سان سڀڪجهه ڳهي
ويندو.حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم فرمايو آهي ته
اوهان نمازن ۾ اهڙا مشغول ٿي وڃو، جو ڪمان وانگر
نوِڙي وڃو ۽ ايتري قدر روزا رکو، جو توهان جا بدن
ڏٻرا ٿي وڃن. جيڪڏهن ڪافي پرهيزگار نه بڻبؤ ته
توهان کي ڪوئي فائدو نه ٿيندو.
روايت ۾ آهي ته مؤمن فڪر ڪرڻ وارو آهي. رسول مقبول
صلي الله عليہ وسلم فرمايو آهي ته جو شخص انهيءَ
ڳالهه جي پرواهه نٿو ڪري ته ان جو کاڌو پيتو ڪٿان
آهي ۽ ڪهڙو آهي، ته اهڙي شخص جي الله تعاليٰ به
پرواهه نٿو ڪري ته هو دوزخ ۾ ڪهڙي دروازي کان داخل
ٿيندو. حضرت جابر بن عبدالله رضه روايت ڪري ٿو ته
پيغمبر صلي الله عليہ وسلم فرمايو آهي ته اي
انسانو! توهان مان تيستائين هرگز ڪوئي نٿو مري،
جيستائين اهو روزيءَ جي حاصل ڪرڻ ۾ تڪڙ نٿو ڪري.
الله جل شانہٌ جو خوف ڪيو ۽ ان جي ڳولا ڪرڻ ۾ نيڪ
عمل کان ڪم وٺو. جا شيءِ توهان جي واسطي حلال هجي،
اها وٺو ۽ جا حرام آهي، ان کي ڇڏي ڏيو. حضرت ابن
مسعود رضه روايت ٿو ڪري ته حضرت رسول مقبول صلي
الله عليہ وسلم فرمايو آهي ته جيڪڏهن ڪوئي ٻانهو
حرام مال ڪمائي ٿو ۽ ان مان صدقو ڏئي ٿو، ته ان کي
ان مان ڪوئي ثواب نه آهي. ان قسم جي مال مان جو
ڪجهه به خرچ ڪري ٿو، ان ۾ انهيءَ جي لاءِ ڪائي
برڪت نه آهي ۽ جو اهو ان مان پوئتي ڇڏي ٿو، اهو
آخرت ۾ ان کي دوزخ جي طرف ڇڪي ٿو نئين.
رسول مقبول صلي الله عليہ وسلم فرمايو آهي ته الله
جل شانہٗ بديءَ جي عيوض بديءَ کي پري نٿو ڪري، مگر
نيڪيءَ سان بديءَ کي پري ڪري ٿو. عمران بن حصين
رضه روايت ڪري ٿو ته حضرت رسول مقبول صلي الله
عليہ وسلم فرمايو آهي ته خداوند تعاليٰ ارشاد ٿو
فرمائي ته اي ٻانها، جا شيءِ مون توتي فرض ڪئي
آهي، تون اها پوري ڪر. انهيءَ سان تون عابدن کان
زياده عابد ٿي ويندين ۽ جنهن شيءِ کان مون توکي
منع ڪئي آهي، انهيءَ کان پري رهه. انهيءَ سان تون
پرهيزگارن کان وڌيڪ پرهيزگار ٿي ويندين. جو رزق
مون توکي ڏنو آهي، ان تي قناعت ڪر. انهيءَ سان تون
سڀ کان وڌيڪ بينياز ٿي ويندين. رسول مقبول صلي
الله عليہ وسلم ابي هريره رضه کي فرمايو آهي ته
تون پرهيزگاري قبول ڪندين ته وڏن عابدن مان ٿي
ويندين. حضرت حسن بصري رضه بيان ٿو ڪري ته جيڪڏهن
ڪوئي هڪڙو ذرو پرهيزگاري اختيار ڪري، ته اها هزار
نمازن ۽ روزن کان ڀلي آهي.
خدا تعاليٰ جل شانہٗ حضرت موسيٰ عليہ السلام تي
وحي نازل ڪيو ته جيتري قدر پرهيزگار ماڻهن کي
منهنجو قرب حاصل ٿي سگهي ٿو، ايترو ٻين کي نٿو ٿي
سگهي. پاڻ فرمايائون ته چانديءَ جي هڪڙي درهم جو
ڇهون حصو خيرات ڪرڻ، ڇهه سَوَ پاڪ حجن کان خدا جي
اڳيان ڀلو آهي ۽ ڪن فرمايو آهي ته اها خيرات ستر
مقبول حجن کان وڌيڪ آهي. حضرت ابو هريره رضه
فرمائي ٿو ته قيامت جي ڏينهن خدا جل شانہٌ سان گڏ
ويهندڙ اهي ماڻهو هوندا، جي اهل تقويٰ ۽ صاحبِ زهد
هوندا. ابن مبارڪ رحه فرمائي ٿو ته هڪڙي حرام پئسي
جو ترڪ ڪرڻ، سؤ پئسي جي خيرات ڪرڻ کان وڌيڪ آهي،
ٻُڌ ڪريءَ جون ڳالهيون! اها آهي ڪِري، جنهن جي
لاءِ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته:
ڪَرين جي ڪِري ته تون توانو ٿئين.
جيڪي ڪِري نٿا ڪن ته انهن جي لاءِ ڪي ڪين ٿئي،
جنهن لاءِ هلندڙ هن بيت ۾ فرمايائين ته ”ڪيا وس
ويڄن تان ڪِري ري ڪين ٿئي“.
ٻُڌ ڀلا ڪِريءَ جون ڳالهيون! ابن مبارڪ رحه کان
روايت آهي، جو هو ملڪ شام ۾ رهندو هئو ۽ حديث
لکندو هئو. ان جو قلم ڀڄي پيو ۽ انهيءَ ڪنهن ٻئي
شخص کان سوالي قلم لکڻ واسطي گهري ورتو. جڏهن لکي
بس ڪيائين، تڏهن قلم واپس ڏيڻ وسري ويس ۽ ان کي
پنهنجي قلمدان ۾ رکي ڇڏيائين، جڏهن اتان موٽي
مَرَوَ(شهر جو نالو) ۾ آيو ته انهيءَ قلم کي
پنهنجي قلمدان ۾ ڏٺائين. ان کي ڏسندي ئي ارادو
ڪيائين ته شام ۾ واپس وڃي، ان جي مالڪ کي قلم واپس
ڏيان. نعمان بن بشير رضه کان روايت آهي ته مون
پيغمبر صلي الله عليہ وسلم کي هيئن چوندي ٻڌو آهي،
ته حلال به ظاهر آهي ۽ حرام به ظاهر آهي ۽ ٻنهي جي
وچ ۾ مشتبہ شيون، يعني شڪ واريون شيون آهن. گهڻا
ماڻهو آهن، جو انهن کي نٿا ڄاڻن. پوءِ جو آدمي شبہ
کان پرهيز ڪري ٿو، اهو پنهنجي دين کي پاڪ ٿو ڪري؛
پنهنجي عزت آبرو کي به بچائي ٿو ۽ جو شڪ وارين شين
کان پرهيز نٿو ڪري، اهو حرام ۾ گرفتار ٿو ٿئي.
جهڙيءَ طرح اهو ڌنار، جو ڪنهن پوک جي ويجهو ٻڪريون
چاريندو آهي، ته اهو ضرور انهيءَ ڳالهه کي ويجهو
ٿيندو، جو انهيءَ جون ٻڪريون پاڻهين وڃي پوک ۾
پون. هرهڪ بادشاهه جي لاءِ چراگاهه هوندو آهي. ۽
اهڙيءَ طرح حرام به خدا تعاليٰ جو چراگاهه آهي.
توهان انهيءَ کان واقف رهو ته انسان جي بدن ۾ هڪڙو
گوشت جو ٽڪرو اهڙو آهي، جو جيڪڏهن اهو چڱو آهي ته
سارو بدن چڱو آهي ۽ جيڪڏهن اهو بڇڙو آهي ته سمورو
جسم بڇڙو ٿي وڃي ٿو. توهان کي انهيءَ کان خبردار
رهڻ گهرجي. اهو گوشت جو ٽڪرو دل آهي. ابو موسيٰ
اشعري رضه کان روايت آهي ته هر هڪ شيءِ جي هڪڙي حد
آهي ۽ اسلام جي حد پرهيزگاري، تواضع، صبر ۽ شڪر
آهي. پرهيزگاري سڀني ڪمن جي پاڙ آهي ۽ صبر دوزخ
کان ڇوٽڪارو آهي. شڪر پورو ڪرڻ، بهشت ۾ داخل ٿيڻ
جو پورو سبب آهي. |