سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: شرح لطيف

باب:

صفحو:1

شرح لطيف

رسول بخش ڏيرو

ناشر طرفان ٻه لفظ

اما بعد! حضرت شاهه عبداللطيف رحمة الله عليہ جي ڪلام ۾ جا وسعت ۽ بيڪراني آهي، ان کان ڪوئي انڪار نٿو ڪري سگهي. شاهه صاحب جي ڪلام مان هر طبقي جي ماڻهن پنهنجي لاءِ موتي لڌا، ليڪن اڃا ڪي پهلو تشنہُ تڪميل هئا، جن جي لاءِ حاجي رسول بخش خان صاحب قلم کڻي ڪري، اسان کي ”نئين شرح لطيف“ عطا ڪيو. فاضل مصنف هن شرح ۾ چند خصوصيتون رکيون آهن، جهڙوڪ:

(1). شاهه صاحب جي هن دعويٰ کي ”بيت نه ڀانيو ڀائرو اهي آيتون آهين“ ۾ ثابت ڪيو ويو آهي، جو هر هڪ بيت جي ثبوت لاءِ قرآن شريف مان آيتون پيش ڪيون ويون آهن.

(2). قرآن شريف جو خاص امتياز هي به آهي، جو هر هڪ صورت ۽ هر هڪ آيت جو هڪٻئي سان ربط ۽ ڳانڍاپو آهي، اهڙيءَ ريت فاضل مصنف به هر هڪ سُر ۽ هر هڪ بيت جو هڪٻئي سان ربط به رکيو آهي.

(3). تصوف جي هر هڪ منزل کي شاهه صاحب جي بيتن مان ثابت ڪري، ان جو تفصيلي بحث به ڪيو آهي ۽ ان ۾ قرآن شريف جون آيتون ۽ حديثون به آنديون ويون آهن.

(4). هر هڪ بيت جي آسان سمجهاڻيءَ لاءِ عقلي ۽ نقلي مثال به ڏنا ويا آهن.

(5). ڏکين لفظن جي پٽي ڏيڻ بدران انهن کي جملي ۾ چئي ڏيکاريو اٿن.

(6) الله وارن صوفين سڳورن جا اخلاص ۽ اخلاق، بيتن جي تقريرن ۾ اهڙيءَ طرح آندل آهن، ڄڻ هن ”نئين شرح لطيف“ کي زور، زيبدار ۽ لذيذ بڻايو آهي. ساڳئي وقت گهڻو پئسو خرچ ڪري هن ڪتاب کي ظاهري نموني به سينگاريو ويو آهي.

هنن باطني ۽ ظاهري خوبصورتين سان ”نئين شرح لطيف“ کي معزز قارئين ۽ قدردانن جي آڏو رکيو ويو آهي، اميد ته هن ڪوشش ۾ اُهي هن شرح جي دلي آجيان ڪندا.

آخر ۾ مان دربار ايزديءَ ۾ شڪر ٿو ادا ڪيان، جو ههڙيءَ شرح جي تحفي پيش ڪرڻ جي توفيق ”لطيف پبليڪيشنس فريدآباد“ کي عطا ڪئي. انشاءَ الله العزيز هن کان بعد ”سر آسا“ سڄڻن وٽ پيش ڪبو.

غلام دستگير ڏيرو

سيڪريٽري

”لطيف پبليڪيشنس“ فريد آباد

تعلقه ميهڙ، ضلع دادو سنڌ.

تعارفي نوٽ

 

تعارفي نوٽن جا لکندڙ

*الحاج پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه

*مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي

*ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

*مولانا غلام محمد گرامي

*سيد محمد صالح شاهه بخاري

*مولانا مولوي در محمد ”خاڪ“

*مولوي در محمد پنهور

الحاج پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه

تعارفي نوٽ

(1)

نَحٌمَدُهٗ وَ نُصَلِّـّﻶ عَليٰ رَسُولِہِ الٌڪَرِيٌمِ 

آءٌ عبادت ۾ اعتقاد رکان ٿو ۽ دعا ۾ منهنجو يقين آهي. منهنجي واسطي شاهه صاحب جي ڪلام ۾ ڪي ڳالهيون خاص اهميت رکن ٿيون، جيڪي دنيا جي ڪنهن به شاعر ۾ نه ملنديون. ڪنهن ڪنهن شاعر ۾ پنهنجي صلاحيت جو گهمنڊ ۽ لکڻ تي انفراديت جو احساس نظر ايندو. شاهه صاحب جو ڪلام آءٌ عام فهم نظم جي خيال کان نٿو ڏسان، شاهه صاحب جو رسالو منهنجي نظر ۾ نظم جو ڪتاب نه آهي.

شاهه عبداللطيف جي رسالي ۾ سندس ڪلام ٻن بنيادي شين سان ڀريل آهي: هڪ نوَڙت  ۽ نياز ۽ پروردگار تي پوري يقين جواحساس. اهو انهيءَ احساس جو نتيجو آهي، جو شاهه صاحب جي ڪلام ۾ شاعرانه مبالغو يا فطرتي اڻ ٿيندڙ ڳالهين جو ذڪر نه آهي. شاهه صاحب جو ڪلام نئڙت ۽ نياز جو ڪلام آهي، ۽ خدا جي در تي ٻاڏائڻ ان جو راز آهي. مون شاهه صاحب کي ڪڏهن به ممڪن آهي ته ماڻهن جي نظر ۾ هو شاعر ليکيو وڃي، شاعر جو ڪلام سمجهي نه پڙهيو آهي. شاهه صاحب جو ڪلام دعا جو ڪلام آهي. شاهه صاحب ماڻهن جي دلين جو مالڪ آهي، سندس لفظ ۽ انهن جو استعمال هر طبقي جي انسانن لاءِ يڪسان مقبول آهي. هوڏ شاهه صاحب جي ڪلام ۾ بدترين گناهه آهي. مظلوم جي دانهن هر ڳالهه ۾ نمايان آهي. شاهه صاحب جو ڪلام قرآني تصورات جي ترجماني آهي.

آءٌ رسول بخش ڏيري کي سندس محنت تي مبارڪباد ڏيان ٿو.

حيدرآباد سنڌ

4-4-1973ع                  سيد غلام مصطفيٰ شاهه

از: مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي

تعارفي نوٽ

(2)

ڪجهه سال اڳ سنڌي ساهت جي، هتي جي رهواسين جي دلين ۾ جيڪا صورت ويٺل هئي، سا اڄ نئين شڪل ۾ بدليل نظر اچي رهي آهي. ساڳيءَ ريت اديب جو تصور به اڳ کان گهڻو ڦريل آهي. دنيا ۾ مشيني انقلاب ۽ سائنسي ايجاد نه رڳو حضرت انسان جي فڪري ۽ ذهني بلنديءَ جو ڌاڪو ويهاريو آهي پر علم، ادب زندگيءَ جي قدرن ۽ ماڻهن جي سوچ، ويچار ۾ به وڏو ڦيرو آندو آهي. هاڻي سنڌي ”اديب“ انکي نه چئبو، جيڪو چونڊ سنڌي نظم يا نثر جوڙي يا روايت ڪري يا ان جي شرح لکي ۽ درس ڏئي، پر “اديب“ هڪ روشن آئينو ۽ ادب جو امين ۽ پارکو ڄاتو وڃي ٿو، جيڪو ڌرتيءَ کي اهڙو ادب ڏئي، جو سماج لاءِ مفيد ۽ ان جي اجتماعي ۽ انفرادي زندگيءَ سان لاڳاپو رکندڙ هجي. ادب ۽ اديب جي هن جديد تصور ڪري ادبي دنيا ۾ وڏي اُٿل پٿل آئي آهي. گهڻين ٻولين جا ڪيترا ادبي شاهڪار هن نئين نظريي ڪري بنہ بيڪار خيال ڪيا وڃن ٿا. اسان جو سنڌي ساهتيه به انهيءَ بحراني حالت ۾ ڦاٿل آهي. اسان جي نئين ٽهيءَ وارا ڪي اديب ۽ شاعر هن خيال جا آهن ته سنڌي ساهتيه تازگي تڏهن ٿيندي، جڏهن ان کي اسين ڌارئي ادب جي طرز تي پيش ڪريون. اسين ڌارئي ادب جي وسعت ۽ نون موڙن کان انڪار نٿا ڪريون، پر اسان کي هن چوڻ ۾ معاف ڪيو وڃي، ته اهو خيال سنڌي ساهتي جي بحرانيءَ ڪيفيت جو پورو علاج نه آهي، اها مڃيل ڳالهه آهي ته هر هڪ ٻوليءَ جي ادب تي ان جي ڌرتيءَ ۽ مقامي ماحول جو اثر اوس پوندو آهي. تڏهن ڪنهن ٻوليءَ جي ادب کي ڇڪي، تاڻي زوريءَ بنهه ٻيو ويس پهرائڻ، ان ٻوليءَ سان وڏي ناانصافي آهي. اسان کي نئين دور جي تقاضائن سان گڏ، قديم دور جي ساهتيه کي به سانڍڻو ۽ سنوارڻو آهي ۽ ان سان ئي اسان جي سلوڻي ۽ سهڻي سنڌي ٻولي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري وڃي پار پوندي.

سنڌي ساهتيه ۾ ” شاهه جو رسالو“ اهو سنهري وٿ ۽ ڏاتر جي ڏات آهي، جنهن کي نوان توڙي پراڻا اديب ۽ عالم هميشہ عزت ۽ احترام سان ڏسندا آيا آهن. اهو ڀٽ ڌڻيءَ جو ڪمال ۽ اعجاز هو، جو سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي سٻاجهڙن کي اهو سبق ڏيئي ويو، جو ڪڏهن به وسرڻ وارو نه آهي. سوين سال گذرڻ کان پوءِ به هن علمي ۽ ادبي گلاب جي هٻڪار گهٽ نه ٿي آهي. هڪ اديب ۽ عالم کان وٺي ٻهراڙيءَ جي هڪ ٻڪرار تائين سڀ هن جي خوشبوءَ مان واس وٺندا رهن ٿا. هن عالمي خزاني مان هڪ پاسي تصوف ۽ شريعت جا موتي هٿ اچن ٿا، ته ٻئي پاسي سياست ۽ زندگيءَ جي نون قدرن ۽ سماجي انصاف جا سبق پڻ ملن ٿا.

جي آنجهاني ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ،شاهه صاحب جي ڪلام جي لغوي شرح ڪئي ۽ اسلامي تصوف ۽ ويدانت جا روحاني راز لکيا، ته سائين جي ايم سيد سنائيءَ ان کي وري سياست ۽ ملڪي ضرورت تي پيغام جي شڪل ۾ پيش ڪيو- هن عاجز پڻ شاهه سائينءَ جي ڪلام کي سياسي نقطه نظر ۽ سندن همعصر شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جي فلسفي ۽ فڪر جي عينڪ سان پروڙي پيش ڪيو، منهنجي بزرگ دوست مرحوم مولانا دين محمد وفائيءَ جن سندن تاليف ”شاهه جو مطالعو“ ۾ پڻ ڀٽائي صاحب جي ڪلام کي سياسي،سماجي، ادبي ۽ مذهبي رنگ ۾ پيش ڪرڻ جي سٺي ڪوشش ڪئي، پر افسوس جو ان کي پوري ڪرڻ کان اڳ ئي ٻي دنيا ڏانهن  اُسري ويا. هن سلسلي ۾ مرحوم شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، علامه دائود پوٽه، جناب عثمان علي انصاري، مولانا درمحمد ”خاڪ“ ۽ ڀارت جي سنڌي هندو اديبن پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ٻين جي ڪوششن کي وساري نٿو سگهجي. حضرت شاهه ڀٽائي صاحب جن پنهنجي ڪلام بابت جو اها دعويٰ فرمائي آهي:

جي تو بيت ڀائيا سي آيتون آهين،

سڳر سونهائين پريان سندي پار ڏي.

ان جي صداقت ۽ وضاحت لاءِ ضرورت هئي، ته ”شاهه جي رسالي“ کي قرآن حڪيم جي آيتن سان ڀيٽي ڏسجي ۽ اسلامي رنگ ۾ ان جي شرح لکي وڃي، اها سعادت سنڌ جي مردم خيز ضلعي دادوءَ جي هڪ سنڌي امير رئيس رسول بخش خان ڏيري جي حق ۾ لکيل هئي، جو ان مٿئين ضرورت کي نظر ۾ رکي، شرح جو اهو ڪٺن ڪم ٻهراڙيءَ ۾ ويهي، چپ چپات ۾ پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ ڪيترن سُرن جي شرح لکي راس ڪئي  ۽ هيءَ ان جي ٻن سُرن ”ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ“ جي شرح آهي،جا ڇاپي هيٺ به اچي ويئي آهي.

رئيس رسول بخش خان ڏيري سان پنهنجي چڱي ڄاڻ سڃاڻ آهي، رئيس صاحب نه ته ڪنهن دارالعلوم جو فاضل آهي ۽ نه ڪنهن ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو آهي، رڳو پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ڄاڻ رکي ٿو. رئيس موصوف سان اسان جون علمي ۽ ادبي ريهاڻيون ۽ ڪچهريون به ٿيون آهن، اسان سنڌي ٻوليءَ جو کين مهاساگر سمنڊ ڏٺو ۽ سنڌيءَ جي جهوني رسم الخط جو وڏو ڄاڻو لڌو. الله تعاليٰ سندن دل واري ڦرهيءَ تي الاهي فيض جي اهڙي پالوٽ ڪئي آهي، جو ڀٽائي صاحب جي هر بيت ۽ وائي جي اها شرح ڪئي اٿن، جو قرآني آيتن سان مطابقت کائي ٿي، اهو وهبي فيض جو اثر آهي، جو آيتن جو تفسير به صحيح ڪندا ويا آهن ۽ انهن جو ترجمو به آڳاٽي سنڌي ٻوليءَ جي رنگ ۾ پيش ڪيو اٿن، جو ڏاڍو سلوڻو ۽ سهڻو پيو لڳي، سندن عبارت نهايت سادي ۽ سولي آهي، جنهن کي گهڻو يا ٿورو پڙهيل هر هڪ سمجهي سگهي ٿو. هن شرح جي اهميت ۽ تعريف ان جي پڙهڻ تي مدار رکي ٿي. بيتن جو مطلب بيان ڪندي ڏکين اکرن جي صحيح ۽ عمدي معنيٰ به بيان ڪندا ويا آهن، ڪٿي ڪٿي اڳين شارحن کان صورتخطي جي غلط اُچار ڪري جيڪي غلطيون ٿيون آهن، انهن تي به صورتخطي ۽ لغت جي لحاظ کان تحقيقي روشني وجهندا ويا آهن.

آخر ۾ اسان جي دعا آهي ته الله پاڪ، رئيس صاحب کي هن علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم جي تڪميل جي توفيق عنايت فرمائي---- آمين.

20 جنوري 1973ع           غلام مصطفيٰ قاسمي

اعزازي پروفيسر- سنڌي شعبو،

                         سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، سنڌ.


 

از: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

تعارفي نوٽ

(3)

پنڌرهن سال اڳ سنڌ جي ادبي ۽ تاريخي ذخيري جي تلاش ۾ دادو ضلعي جا گشت ڪندي،25 جنوري 1958ع تي فريد آباد ۾ ميان رسول بخش ڏيري سان سندس اوطاق تي ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو. پاڻ وڏي محبت سان رسالي جي رهاڻ شروع ڪيائين ۽ ڪن بيتن جي معنيٰ ۽ شرح بيان ڪيائين. خاص طرح ”سوداگر سمونڊ جا لاڄو لال وٽيج“ بيت جي تفصيلي سمجهاڻي ڏنائين. رسالي جي شروع وارن سرن کان سواءِ، ٻيا بيت پڻ زير بحث آيا. جيئن ته:

ڪِي جو ڪنڀارن، مٽيءَ پائي مَنيو،

تنهين مان تر جيتري جي خبر پَئي کَڙن،

هي تان سڀ مرن، هن پڻ اوراتو نه لهي.

چيائين ته: حضرت آدم جي بوتي بنائڻ لاءِ مٽيءَ ۾ غم ۽ گوندر جو پاڻي ملائي ان کي ڳوهيائون. پوءِ ان ۾ ڪِني گپ ”سلسالٍ کالفخار“ ملايائون. جيڪڏهن اها خبر مٽيءَ جي کَڙن کي پوي ها ته اهي انهيءَ غم ۽ اندوهه ۾ ڳري وڃن ها.

رسالي جي بيتن جي شرح ۽ معنيٰ سان ميان رسول بخش جو ايترو شغف ڏسي، آءُ نهايت متاثر ٿيس ته ڀٽ شاهه کان ڪوهين پري ڪاڇي ۾، فريد آباد شهر جو راڄ – وڏيرو ۽ زميندار ، اڪيلي سر ۽ ٻين ساٿين جي صحبت کان سواءِ، رسالي جي رهاڻ ۾ ڪيترو نه رڌل آهي!

ميان رسول بخش ولد مرحوم ميان علي نواز ڏيرو،پنهنجي خاندان ۽ ڏيرن قبيلن جو چڱو مڙس آهي. هو فيبروري 1901ع ۾ فريد آباد ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل ۾ ڀٽ شاهه جي اوڀر طرف ويٺل هئا، جتي اڃا تائين ڏيرن جا ڳوٺ آهن، پر ڀٽائي صاحب جي زماني کان اڳ لڏي وڃي ڪاڇو وسايائون، سندس والد ميان علي نواز وڏو ديندار، متقي، نيڪ بخت ۽ علم دوست هو. وٽس ڪتابن جو ڪافي ذخيرو هو. ميان رسول بخش ننڍو هو جو سندس والد وفات ڪئي. ان کان پوءِ سندس والده سندس تربيت ڪئي ۽ کيس قرآن شريف ۽ ٻيا سنڌي ديني ڪتاب پڙهايائين. ڇهه درجا سنڌي اسڪول ۾ پڙهيائين ۽ پوءِ مولوي عبدالڪريم صاحب ديروي جي صحبت ۾ گهڻو ڪجهه پرايائين. مولوي صاحب موصوف پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ اهل دل صوفي هو، جنهن جي صحبت ۽ فيض جو ميان رسول بخش تي وڏو اثر ٿيو ۽ سندس دل ۾ اڳين صوفي بزرگن ۽ شاعرن جي ڪلام کي پڙهڻ جو ذوق پيدا ٿيو ۽ خاص طرح حضرت شاهه عبداللطيف جي رسالي جي مطالعي ڏانهن متوجهه ڪيو.

شاهه جي رسالي کي پڙهندي، بيتن ۽ واين جي معنيٰ کي سولو ڪري سمجهائڻ جي ضرورت محسوس ڪيائين ۽ 1953ع کان وٺي رسالي جي تفصيلي شرح لکڻ لاءِ قلم کنيائين. هن وقت تائين هو صاحب هيٺيون ڪم پورو ڪري چڪو آهي؛

(الف) سر سامونڊيءَ جي هڪ بيت ”سوداگر سمونڊ جا لاڄو لال وٽيج“ جو شرح ٻه جلد، هر هڪ جلد چار سئو صفحا (اڻ ڇپيل).

(ب) ”سريمن“ جي پهرئين ۽ ٻئي فصل جو شرح ۽ سر ”ڪلياڻ“ جو موجوده شرح جيڪو ڇپجي چڪو آهي.

(ج) سر آسا جو شرح، چار سئو پنجاهه صفحا (اڻ ڇپيل). هيءَ موجوده شرح، جيئن ته لائق لکندڙ پاڻ پنهنجي مهاڳ ۾ بيان ڪيو آهي، شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي معنوي نڪتن مطابق آهي، جنهن ۾ آيات ۽ احاديث جي روشنيءَ ۾ بيتن جي معنيٰ کي کولي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. تفصيل جي لحاظ کان هيءَ تشريح هن نوع جو پهريون ڪشالو آهي، جيڪو ميان رسول بخش ڏيري جي قلم مان نڪتو آهي، اهو هڪ وڏو ڪشالو آهي، جيڪو شاهه جي ڪلام سان سندس محبت ۽ ذاتي ڄاڻ موجب ان کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ مسلسل محنت جو نتيجو آهي، جنهن لاءِ هو مبارڪ جو مستحق آهي.

سنڌ جي داناءَ دانشمند علامه آءِ آءِ قاضي صاحب مرحوم چئي ڇڏيو آهي، ته حضرت شاهه عبداللطيف دنيا جي اعليٰ شاعرن جي پهرينءَ صف جو علمبردار آهي. مختلف سرن ۾، مختلف نگاهن کان، حضرت شاهه صاحب انسان جي اعليٰ ڪردار کي حڪمت ۽ حقيقت جي روشنيءَ ۾ جيترو اجاگر ڪيو آهي، اوترو شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر ڪيو هجي، ان سان گڏ حضرت شاهه صاحب مختلف صورتن ۽ حالتن ۾ انساني نفسيات جي ڪيفيتن کي جنهن حقيقي انداز ۾ بيان ڪيو آهي، اهو پڻ انسان کي ”انسان“ جي حيثيت ۾ سمجهڻ لاءِ آئينو آهي. هڪ حقيقي شاعر جي حيثيت ۾ حضرت شاهه صاحب جو مثال بي مثال آهي، جنهن جي ڪلام اڻ پڙهيل توڙي پڙهيل کي يڪسان متاثر ڪيو. شاهه ٻوليءَ جو اهو شهنشاهه آهي، جنهن پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ اهڙو ته اثر ۽ دلپذيري پيدا ڪئي آهي جو سنڌي ٻولي هميشه لاءِ جيئري جاڳندي رهندي. انهن جامع مگر جدا جدا حقيقتن کي روشن ڪرڻ لاءِ حضرت شاهه صاحب جي ڪلام کي پڻ جدا جدا نموني سان کولي، سمجهائي، دنيا جي آڏو پيش ڪرڻو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ گهڻو ئي ڪجهه ڪرڻو آهي ۽ اسان مان جيڪو به ڪي ڪجهه ڪري ٿو، سو ڄڻ انهيءَ ڏَسَ ۾ اڳتي قدم وڌائي ٿو. ميان رسول بخش ڏيري وک وڌائي، پڙهيلن ۽ عالمن لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو آهي: جيڪڏهن ڳوٺ جو هڪ روشن خيال زميندار هيترو ڪشالو ڪري سگهي ٿو ته عالمن ۽ استادن کي ته گهڻو ئي ڪجهه ڪرڻ گهرجي.

حيدرآباد سنڌ                          خادم العلم

10-1-1973ع                         نبي بخش

از: مولانا غلام محمد گرامي

تعارفي نوٽ

(4)

شاهه لطيف رحمة الله عليہ جهڙي عظيم شخصيت جي ڪلام ۽ فن تي ”وادي – مهراڻ“ کي فخر حاصل آهي. شاهه صاحب جي شعور ۽ شاعريءَ جي ناقدن جو چوڻ آهي ته شاهه صاحب زندگيءَ جو ترجمان آهي. سندس شاعريءَ ۽ فن کي زندگيءَ جو فن سڏيو ويو آهي. سندس سماجي شعور، مشاهدا ۽ تجربا، رايا ۽ نتيجا نهايت تعميري، پائدار ۽ زندگي بخش آهن، سنڌ ۽ ان جي حالات، سماجي ردو بدل،مذهبي ماحول، عوامي زندگيءَ ۽ سياسي نظام کي شاهه صاحب رڳو سطحي حيثيت سان نه، پر بصيرت وارين اکين سان مطالعو ڪيو آهي ۽ پوءِ هڪ پيغامبر جي زبان سان بيان ڪيو اٿس. اهو ئي سبب آهي، جو سندس ڪلام صحتمند قدرن جو حامل آهي. سندس ڪلام بي مقصد شاعريءَ واري لغو بيانيءَ، مبالغه آرائيءَ، لفاظيءَ ۽ انشا پردازيءَ کان پاڪ آهي. ان سان گڏ سندس ڪلام جو افادي پهلو اهو آهي، ته هو پنهنجي شاعريءَ کي ”ادب برائي ادب“ جي مهمل ۽ ذوقيه پس منظر مان ڪڍي، ”ادب برائي زندگي“ جي روشن ۽ تابناڪ مقصد تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. سندس افاديت پسنديءَ کي جيڪڏهن نفسياتي نقطه نظر سان ڏٺو وڃي ته پوءِ واضح ٿئي ٿو ته سندس طريقِ ڪار حڪيمانه هو. شاهه، سنڌ جي تسليم ٿيل روايتن ۽ داستانن ، لوڪ ڪهاڻين ۽ ضرب الامثال لساني محاورات ۽ اصطلاحات کي، استعاري ۽ ڪنائي جي زبان ۾ بيان ڪري، ”سنديان را اصطلاح سند مدح“، جي مصداق پيغام ڏنو آهي: منجهس ڪا به اجنبيت ڪانه آهي، نه زبان جي لحاظ کان ۽ نه مواد جي لحاظ کان.

شاهه لطيف جي ڪلام جو حقيقت پسندانه پهلو اهو آهي، ته منجهس زندگيءَ جا اهڙا زنده جاويد ۽ سدا حيات قدر موجود آهن،جي انسانيت جي هر زماني ۽ مڪاني سماج ۾ ڪار آمد ۽ ڪارائتا ٿي سگهن ٿا. شاهه جو ڪلام” حق، حُسن ۽ خير“ جي زنده تصوير آهي ۽ اهي قدر اُهي آهن، جي انساني زندگيءَ سان تيستائين ساٿ ڏيو ايندا، جيستائين انسان ذات بنهه بيذوق نه ٿي وڃي، يا ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي، هميشه لاءِ مري کپي نه وڃي. شاهه جي اهڙي همه گير ۽ آفاقي حيثيت کي اڳيان رکي هن دور جا ناقد ائين چئي رهيا آهن، ته شاهه صاحب کي دنيا جي وڏن شاعرن جي صف اول ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.”سَورلي“، ته ان ڏِسَ ۾ پوري دنيا جي سڀني زبانن جي وڏن وڏن شاعرن کي پيش ڪري، انهن تي شاهه کي ترجيح ڏيئي ثابت ڪيو آهي ته ”وادي-مهراڻ“ جو لطيف، پنهنجي فن ۽ ڪمال جي حيثيت سان عظيم انفراديت ۽ اڪمليت جو صاحب آهي. هت جيڪڏهن ائين چئجي ته شعريت ۽ ترنم،افاديت ۽ نغمگيءَ، مقصديت ۽ پابندگيءَ جي حيثيت سان، شاهه جو مقام مڙني کان مٿي آهي ته ان کي بيجا نه سمجهڻ گهرجي:”آنچه خوبان همه دارند تو تنها داري“.

ڊاڪٽر ائنيمري شميل، فاضل مذهبيات و علوم مشرقيه، پروفيسر ماربرگ يونيورسٽي اولهه جرمني ته صاف صاف چيو آهي ته ”شاعريءَ جو اطلاق ئي شاهه جي شاعريءَ تي ٿئي ٿو، باقي همه هيچ!“

شاهه صاحب جي فني عظمت جي ذڪر ۽ اعتراف کان پوءِ اهو سوال ٿو اُٿي ته سندس شخصيت ۽ فن متعلق اسان جي ادبي ذخيري ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون فخر جي قابل چيزون موجود آهن؟ سندس ڪلام جي شرح ۾ ڪهڙا معياري شاهڪار پيش ڪري سگهجن ٿا؟ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي نامڪمل شرح کان سواءِ ڪا ٻي چيز لکي ويئي آهي؟ جي نه ته پوءِ ڇو؟ مرحوم”واصف“ به فقط چند بيتن جي شرح لکي آهي، ان طرح ڪجهه درسي ڪتابن طور مختلف سُرن جون ٻارن لاءِ شرحون لکيون ويون آهن. مرحوم شاهواڻيءَ به بلڪل اختصار کان ڪم ورتو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسان جا عالم سڳورا ۽ اديب حضرات ڇو خاموش آهن؟ ڪهڙا اسباب آهن، جن جي ڪري ڪابه مستند شرح تيار ڪري نٿي سگهجي! اسان جا علمي ۽ ادبي ادارا ڇا پيا ڪن؟ شرح ته شرح جي ماڳ، اسان کي ماتم ته مَتن جو به ڪرڻو آهي. جيڪڏهن ڪو رنج نه ٿئي ته هوند ائين چئي ڏجي ته اسان وٽ لطيف جي ڪلام جو اڃا صحيح ۽ آخري متن به علامه آءِ – آءِ قاضي رحه جي نسخي کان سواءِ موجود ناهي. چند پراڻي تربيت وارن نسخن کان سواءِ، ڪوبه معياري متن ڪونه آهي. اڄڪلهه هلندڙ پراڻن نسخن ۾ رطب و يابس ته آهي ئي، پر خود ”بردو سنڌي ۽ ابيات مثنوي“ به شايع ٿيندا آيا آهن! ڪن نسخن ۾ اهڙا سُرَ ۽ بيت به موجود آهن، جي اصل ۾ لطيف  جا ناهن ان جي برعڪس وري ڪن نسخن ۾ ته لطيف جي ڪيترن حقيقي سُرن کي ئي غائب ڪيو ويو آهي. گربخشاڻيءَ، ”مارئيءَ“ جا اهي داستان، جن ۾ قرآني آيتن کي ”تلميح ۽ تضمين“ طور آندو ويو آهي، سي خارج ڪري ڇڏيا آهن، ته ڪن جديد نسخن ۾ ”ڪيڏارو“ ئي خارج ڪيو ويو آهي. حالانڪه ڪيڏاري ۾ ڪيترا بيت اهڙا به آهن، جي پنهنجي صوري ۽ معنوي لحاظ سان ٻڌائن ٿا ته اهڙا بيت لطيف ئي چئي سگهي ٿو. ان سُر مان ”احسان فقير لانگاهه“ جا بيت ڪڍبا ته پوءِ باقي بيت، لطيف جا ئي بيهندا. پر اڄ تائين ائين نه ڪيو ويو آهي.

ان قسم جي رسالن جي اشاعت ڪندي، ناشرن کي به ڪو خيال نه رهيو آهي. بهرحال هڪ مڪمل نسخي جي ضرورت آهي، جنهن ۾ پڙهڻيون درست هجن.

افسوس جو مقام اهو به آهي ته ، اڄ تائين شايع ٿيل رسالن ۾ پڙهڻين ڏانهن خيال گهٽ ڪيو ويو آهي، ڪيترن عالمن ته صاف صاف لفظن کي سمجهڻ ۾ به غلطي ڪئي آهي ۽ ڪن عالمن کي لفظن جي معنيٰ جي خبر نه رهي آهي.

ان سلسلي ۾ چند مثال پيش ڪجن ٿا:

سنڌيءَ ۾ هڪ لفظ آهي، ”سوئير“ – جنهن جي معنيٰ آهي”سرمون“. اهو لفظ لطيف ”آسا“ ۾ آندو آهي، بيت هن طرح آهي:

جان تن ڪيوءِ نه تيئن، سوئيريان ئي سنهڙو،

پرين پائيندا ڪيئن، توکي اکڙين ۾.

شاهه جي ڪلام جي عالمن، حضرت شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ،مرحوم غلام محمد شاهواڻيءَ ۽ انهن کان پوءِ جي مَتن سهيڙيندڙن توڙي شارحن، ”سوئير“ جي معنيٰ غلط لکي آهي ۽ ”سوئيريان“ کي ڏسي، ان جي معنيٰ ڪئي اٿن”سئيءَ کان سنهڙو!“ جنهن مان لطيف جي بيت جو ڪوبه مطلب نٿو نڪري. حقيقت ۾، ”سوئيريان“ جو مطلب آهي”سرمي کان“- مفهوم واضح ٿيو ته ”جيستائين تو پاڻ کي سرمي کان به باريڪ، لطيف ۽ سنهڙو نه ڪيو آهي، تيستائين پرين توکي اکڙين ۾ ڪٿي پائيندا!“- عالمن ۽ محققن کي اهو خيال نه رهيو آهي ته، اکين ۾ سرمو پائبو آهي ۽ نه سُئي وجهبي آهي!!”پرين پائيندا ڪيئن، توکي اکڙين ۾“، صاف ظاهر آهي ته اکين ۾ پائڻ جو ذڪر آهي ۽ اکين ۾ پائڻ جي چيز سان ڪلام جو تسلسل ۽ تعلق موجود آهي. ان خيال سان – سوئيريان ئي- جو مفهوم ”سئيءَ کان“ بلڪل غلط آهي، پر ”سرمي کان“ ئي وارو مفهوم بلڪل صحيح ۽ درست آهي.

ان طرح ”آسا“ ۾ ٻيو بيت آهي، جنهن کي سڀ محقق گهڻو ڪري ”اوقابيل“ لکندا آيا آهن، مثلن ”اوقابيل اکين ۾ تو وٽ باري بان“ – ان لفظ ”اوقابيل“ جو ڪوبه مفهوم بيان نه ڪيو ويو آهي. سڀ کان اول اها غلطي حضرت شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ کان سهوا سرزد ٿي، ان کان پوءِ اڄ تائين، ”اوقابيل“ هلائيندا آيا آهن.

اصل ۾ اهو لفظ ”اوقابيل“ نه پر ”عقابيل“ سمجهڻ گهرجي، جنهن جو مطلب آهي، عقاب(باز) واريون اکيون، عقاب جي تيز نگاهن واريون اکيون ۽ عقابي اکيون! درست ٿيو ته ”عقابيل اکين ۾، تو وٽ باري بانَ“. ڪن محققن ته قابيل ۽ هابيل جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو ڪوبه قرينو موجود ناهي.

هڪ مشهور بيت ، سڀني رسالن ۾ غلط نموني ۾ ڏيندا آيا آهن:

دائودي دَيون ڪري، رنڪن ڪونهين رنگ،

گهوڙيءَ هيٺ اَينگ، ڪاهيو پاکرين هڻي!

پر صحت جي لحاظ سان اهو بيت هن طرح آهي:

دائودي ديون ڪري، رڳن ڪونهين رنگ،

کوري هيٺ اُٻنگ، ڪاهيو ڀاڪرين هڻي!

گهوڙيءَ هيٺ اينگ، جو ”ڪاهيو پاکرين هڻين“ سان آخر ڪهڙو تعلق آهي؟ ۽ دائودي ڪهڙيون دَيون ٿو ڪري ۽ رَنڪن کي رنگ ڪونهين جو آخر مطلب ڪهڙو؟ افسوس اهو آهي ته انهن محققن ۽ شارحن جو توجهه دائود عليہ السلام ڏانهن نه ويو آهي، جو زرهون ٺاهيندو هو ۽ لوهه کي پگهارڻ لاءِ وٽس هر وقت کوريون تتل ۽ متل رهنديون هيون- ان لحاظ سان بيت جي معنيٰ واضح ٿئي ٿي، جنهن جي وضاحت جي ڪابه ضرورت ناهي.

هڪ مشهور بيت، رسالن ۾ هن طرح غلط ڇپبو آيو آهي:

جيڪر، ڄاڻي ڄام، ته ڪو نوازيندو نورئين،

ته سندو مُئي مقام، کڻي سَمي سيرانديءَ ڪيو.

اتي ڄام جي علم جي نفي آهي ۽ لفظ ”جيڪر“ وڏو مونجهارو پيدا ڪيو آهي، اتي ”ڄام، نوري،مقام، سمو ۽ سيراندي“ لفظ توجهه جي قابل آهن. پر ”جيڪر“ لفظ اچڻ سان سارو مفهوم غلط ٿي وڃي ٿو. اصل ۾ صحيح بيت هن طرح آهي:

جي، ڪَرَ ڄاڻي ڄام، ته ڪو نوازيندو نورئين،

ته سندو مُئي مقام، کڻي سمي سيرانديءَ ڪيو.

اتي ”ڪَر“ جو مطلب آهي، خبر ۽ اصلي ڳجهه – ان خيال کان معنيٰ واضح ٿئي ٿي.

ان طرح هڪ بيت هن طرح غلط آندو ويو آهي؛

ڄامان اڳي جي ڄائيون، ”تن کي“ نرت نوريءَ جي نانهين، نه (مَنَهين نه معرڪي،نه وڃن ڪنهن وهانءِ)، ”سي“ ڪينجهر ڪنديون ڪانهين، جن تماچي تڪيو.

اهو بيت بي معنيٰ آهي،ان ۾ ”ڄامان اڳ ڄاين“ کي نوريءَ جي نرت ناهي، چيو ويو آهي، ان ۾ ”تن کي“ لفظن جو مونجهارو پيدا ڪيو آهي. اصل ۾ ”تن کي“ جي بدران ”تن جي“ اچڻ گهرجي ۽ ٽينءَ سٽ ۾ ”سي“ جي بدران ”تن کي“ اچڻ گهرجي. اهي ٻئي سٽون هن طرح ٿيون:

ڄامان اڳي جي ڄائيون، ”تن جي“ نرت نوريءَ کي نانهين،

نه مَنَهين نه معرڪي، نه وڃن ڪنهن وهانءِ،

”تن کي“ ڪينجهر ڪنديون ڪانهن، جن تماچي ڀيٽيو.

بهرحال سڀني رسالن ۾، اهڙا سوين بيت ملن ٿا، جن کي غلط نموني آندو ويو آهي. اڄ ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته عالمن ۽ محققن کي گڏجي، هڪ هڪ بيت تي غور ڪرڻ گهرجي، ان کان پوءِ ئي ڪو درست ۽ مڪمل متن جُڙي سگهندو.

جيستائين ”لطيف“ جي پيغام جو سوال آهي، ته ان متعلق بلڪل سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته لطيف جو ڪلام، اسلام ۽ اسلامي تصوف جو روح آهي ۽ ان سان گڏ سنڌ جي تمدن ۽ تهذيب جو ترجمان به آهي. ان لاءِ لازم آهي ته لطيف جي ڪلام جي شرح اسلامي تصوف جي نگاهه سان، قرآن جي آيات ۽ احاديث جي روشنيءَ ۾ ڪرڻ گهرجي. لطيف جي ڪلام ۾ سڀ کان اهم حقيقت اها سمايل آهي ته ”معبود ۽ عبد“ جي باهمي تعلقات کي کولي کولي سمجهايو ويو آهي. سڀني سُرن ۾ اها ئي حقيقت ورجائي ورجائي بيان ڪيل آهي. شاهه صاحب، ان مسئلي کي سڀني ڪردارن جي زبان ۽ عمل سان بيان ڪيو آهي، سسئي، مارئي، ليلا، سهڻي سڀ ان هڪ رمز ۽ اشاري جون ترجمان آهن.

هيءُ شرح جو ڪتاب، سنڌ جي مشهور، پرگمنام ۽ گوشه نشين بزرگ، ڏيرا قوم جي مهندار ميان رسول بخش صاحب ڏيري (ويٺل ڳوٺ فريد آباد، تعلقي ميهڙ) جي سالن جي غور، فڪر، تحقيق ۽ عرق ريزيءَ جي پيداوار آهي. ميان رسول بخش صاحب کي، الله سائينءَ اها ڏات عطا ڪئي آهي، جو هو”لطيف“ جي ڪلام ۽ بيتن جي درست پڙهڻين کي سمجهي سگهيو آهي، پر ان سان گڏ، انهن جو مطلب ۽ مفهوم ، اسلامي تصوف، توڙي قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ حل ڪري سگهيو آهي. ان حقيقت ۾ ڪوبه مبالغو ناهي ته لطيف جي شارحن ۾، ميان رسول بخش صاحب ڏيرو، خاص مقام حاصل ڪري چڪو آهي ۽ هڪ پارکوءَ ۽ نقاد جي حيثيت سان لطيف جي هڪ هڪ بيت جي صحيح پڙهڻي ۽ صحيح مفهوم کي قائم رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. ميان رسول بخش صاحب، نه فقط لطيف جي ڪلام جو پورو متَن درست ڪيو آهي، پر ان سان گڏ، ”لطيف“ جي ڪلام جي شرح تي دفترن جا دفتر تيار ڪيا آهن.

هن پهرئين جلد ۾، سر ڪلياڻ جي ٽن فصلن ۽ سر يمن ڪلياڻ جي ٻن فصلن جي ، شرح ۽ بسط سان شرح پيش ڪيل آهي. اميد آهي ته، انهن سڀني جلدن جي شايع ٿيڻ کان پوءِ ، سنڌي ادب ۾ نه فقط هڪ درست متن جو حامل ۽ مڪمل رسالو موجود ٿيندو، پر ان سان گڏ ”لطيف“ جي ڪلام جي صحيح ۽ معنيٰ خيز شرح به مڪمل ٿي ويندي. دعا آهي ته شال هيءَ علمي ۽ تحقيقي ڪاوش مڪمل ٿئي، جنهن جي موجودگيءَ سان، سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين ۽ عوام جي سمجهه آهر، شاهڪار علمي چيز جو اضافو ٿيندو.

والسلام.

حيدرآباد سنڌ

3 جنوري 1973ع             غلام محمد گرامي

ايڊيٽر رساله”مهراڻ“

سنڌي ادبي بورڊ،امين منزل،

حيدرآباد سنڌ.

از: سيد محمد صالح شاهه بخاري

تعارفي نوٽ

(5)

نَحٌمَدُهٗ وَ نُصَلِّـﻶ عَليٰ رَسُولِہِ الٌڪَرِيٌمُ

عام چوڻي آهي ته ”شعر جو مفهوم خود شاعر ئي ڄاڻي“. ان وانگر شاهه عبداللطيف رحمة الله عليہ ڪهڙن خيالن ۽ جذبن تحت ڪلام چيو ۽ ان ۾ سندس ڪهڙو مقصد رکيل هو، ان لاءِ ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. البته اندازو لڳائي سگهجي ٿو، پوءِ اهو اصلي مفهوم ۽ مقصد کي ويجهو هجي يا عين مطابق، سو وثوق سان ڪير به چئي ڪونه سگهندو.

شاهه صاحب جي رسالي جون ڳچ جيتريون شرحون لکجي چڪيون آهن، انهن شرحن کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ بعد معلوم ٿو ٿئي، ته هر هڪ صاحب جيئن پاڻ سمجهيو آهي تيئن لکيو اٿس. يا سندس ذهن ۾ شرح جو جيڪو مقصد سمايل هو، ان جي پرچار ۽ تبليغ ڪئي اٿس. اهو ئي سبب آهي جو هر هڪ شارح پنهنجو پنهنجو گس اختيار ڪري، پنهنجي مرضيءَ موجب سمجهاڻيون ڏيئي وڃي مٿي چڙهيو آهي.

اسان جي ذهنن ۾ پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل جي سوال به هڪ وڏو چڪر آڻي ڇڏيو آهي. دراصل لکڻ پڙهڻ جي ڄاڻ کي مڪمل علم چئي نٿو سگهجي، ڇو ته اهو ته صرف هڪڙو هنر يا وسيلو آهي، جنهن جي ذريعي گهٽ محنت سان ڪجهه سکي ۽ محفوظ ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري لکي پڙهي ڄاڻندڙ کي عالم ۽ لکي پڙهي نه ڄاڻندڙ يا گهٽ ڄاڻندڙ کي جاهل چوڻ هڪ عظيم غلطي آهي، جيڪا اسان وٽ دهرائجي رهي ٿي ۽ اسان جا انهيءَ خيال جا پڙهيل انهيءَ گهمنڊ ۾ اچي خبر نه آهي ته ڇا جو ڇا لکيو وڃيو مٿي چڙهن.

جڏهن ڪنهن به شاعر جي ڪلام تي لکجي، تڏهن سندس ماحول، تربيت، خانداني رسم و رواج، مذهب و عقائد جو مڪمل مطالعو ڪجي. ان بعد سندس ڪلام کي غور سان پڙهي ۽ پوءِ لکڻ شروع ڪجي.

اسان جي شاهه صاحب جو سيد گهراڻي سان تعلق هو، سندن تربيت ۽ پالنا، خالص مذهبي ۽ روحاني ماحول ۾ ٿي، دوستي ٺٽي جي عالمن سان هيس ۽ انهن سان هميشه روحاني رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيس. ٺٽي جي عالمن وٽ قرآن ۽ سنت جي تعليم جو چرچو هو ۽ روحانيت جي تربيت قرآن و سنت جي روشنيءَ ۾ مروج هئي. اهڙي ماحول جو اثر شاهه صاحب تي نهايت گَهرو پيو ۽ ان اثر هيٺ ئي ڪلام چيائين، ظاهر آهي ته اهڙن حالتن هيٺ چيل ڪلام قرآن ۽ سنت جي شرح ئي هوندو.

هن شرح جو مصنف حاجي رسول بخش ڏيرو، الله تعاليٰ جي فصل و ڪرم سان، ساڳيءَ طرح نپنو ۽ وڏو ٿيو آهي، جنهن نموني سان شاهه صاحب واري ماحول ۾ننڍڙن خواهه وڏن جي تربيت ۽ نيپاج ٿيندو هو، اهو ئي سبب آهي جو هن بزرگ قرآن ۽ سنت کان روشني وٺي، شاهه جي ڪلام جي شرح لکي آهي. منهنجي خيال ۾ ته هن کان اڳ واريون جملي شرحون شاهه جي ڪلام جون گهٽ ۽ خود شارحن جي خيالن جون وڌيڪ شرحون آهن، بلڪه هيئن به چئي سگهجي ٿو ته انهن جو شاهه جي ڪلام جي مفهوم سان تِر جيترو واسطو به مس آهي. هيءَ ئي شرح آهي  جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ” جي تو بيت ڀانئيا سي آيتون آهين“ کي سچو ڪري ٿي ڏيکاري.

هن بيقدريءَ ۽ روحانيت، خواهه مذهب کان بغاوت واري دؤر ۾ هن قسم جي شرح لکڻ ۽ ڇپائڻ هڪ وڏو ڪارنامو آهي، جنهن لاءِ حاجي صاحب مبارڪن هو مستحق آهي. دراصل اهو ڪم ”شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز “ کي ڪرڻو هو ليڪن، ”اين سعادت بروز- بازو نيست، تا نه بخشد خداي بخشنده“، وانگر کين اها سعادت ڪٿان ٿي نصيب ٿئي، هو صرف سال ۾ هڪ ڀيرو هنگامو ڪريو، ڪافي رقم پاڻيءَ وانگر وهايو ويٺا هوندا، ٻيو بس.

شارح جي ڳالهين مان معلوم ٿو ٿئي ته هو في الحال صرف چند سُرن جون شرحون ڇپائي رهيو آهي، جن مان هن جلد ۾ ”سر ڪلياڻ ۽ سر يمن ڪلياڻ“ اچي ٿا وڃن ۽ ”سر آسا“ بعد ۾ ڇپائيندو. سندس چوڻ موجب وٽس قريبن سڄي ڪلام جي شرح موجود آهي، رڳو ترتيب ڏيڻ ۽ ڇپائڻ جي ضرورت آهي. پر اهو ڪم ايڏو وڏو آهي جو هڪ شخص ان کي پورو ڪري نه سگهندو. ان ڪري ضروري آهي ته ڪي ادب جا شائقين هن ڏِس ۾ مناسب قدم کڻي هن سرمايي کي سوگهو ڪن.

آخر ۾ آءُ حاجي رسول بخش کي دوباره مبارڪ ڏيندي گذارش ڪندس، ته پاڻ هن ڪم مان ورچي نه پون ۽ همت جو سندرو ٻڌي، ٻئي ڪنهن به طرف لوڻي هڻڻ بدران پاڻ تي ڀاڙي، رٿيل ڪم مڪمل ڪن. الله تعاليٰ ڪريم ۽ ڪارساز آهي، سندن هر طرح مدد ڪندو—آمين.

حيدرآباد:

31 جنوري 1973ع    سيد محمد صالح شاهه بخاري

پبليڪيشن آفيسر،

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد، سنڌ.

از: مولانا مولوي درمحمد”خاڪ“

تعارفي نوٽ

(6)

هزارين حمد ۽ ڪروڙين ڪرم تنهن قادر ڪريم جا، جنهن پنهنجي ڪرم ڪريمانه ۽ رحم رحيمانه سان مون فقير در محمد”خاڪ“ ڪانڌلوي کي، قسمت سانگي فرحت افزا فريد آباد ۾ آڻڻ فرمايو، ڇو ته جتي به ڪنهن آدميءَ جو آب و دانه ۽ گور پُرشور هوندو آهي، اتي کيس قسمت ڪيئن به ڪري ڇڪي آڻيندي آهي. جيئن هيٺيون بيت فارسي جو انهيءَ ڳالهه ڏي عمدو اشارو ڪري رهيو آهي ته:

دو چيز آدمي رابرانند بزور،

پکي آب دانه دگر خاڪ گور.

يعني آدميءَ کي پڻ ٻه شيون زبردستيءَ ۽ زور سان ڇڪي تڙي آڻينديون آهن؛ هڪ آب دانه ۽ ٻيو قبر جي خاڪ، تنهنڪري هن ويچاري متخلص بخاڪ کي پڻ فريد آباد جي خوشنما خاڪ تي قسمت ڪنهن بهاني سان فرمائي ٻن غذائن جو شرف بخشيو: هڪ غذا جسماني، جنهن کي آب دانه سان ياد ڪيو ويو آهي: ٻي غذا روحاني، جنهن کي ”نئون شرح لطيف“ جو لقب لاثاني ڏنو وڃي ٿو. جنهن عذا روحانيءَ اهڙي ته روح ۽ دل کي فرحت بخشي، جنهن جي بيان ڪرڻ کان زبان عاجز ۽ پوري تعريف لکڻ کان قلم قاصر آهي، ڇو ته سرتاج سنڌ جي، نينهن واري نياپي کي اهڙي نموني سان صوفيانه ڍنگ ۽ رندانه رنگ تي نباهي نروار ڪيو آهي، جو سلوڪ جي سمنڊ سوجهيندڙن کان سواءِ، ٻئي جهڙي تهڙي جو ڪم نه آهي.

تنهنڪري مان پنهنجي ناقص نظر ۽ ناقص فهم آهر، ”نئون شرح لطيف“ جي مصنف محقق جناب وڏيري حاجي رسول بخش خان کي زباني داد ڏيڻ کان نه رهي، کيس وڏي خوشيءَ سان، سواءِ ڪنهن خوشامد جي ، مبارڪ تي مبارڪ ڏيان ٿو ته جيئن جوڙيندڙ جبار سائينءَ سندس دماغ ۾ جوهر فهم ۽ فراست جو وديعت ۽ امانت رکايو آهي،تيئن هن صاحب بتوفيق تبارڪ پنهنجي هٿ مبارڪ، قلم ڪرامت کي کڻي سرتاج سنڌ جي، سُرڪلياڻ ۽ يمن جي ابيات کي”نئون شرح لطيف“ جي شرح سان اهڙو ته عمدي نموني ۾ سينگاري نروار ڪرڻ فرمايو آهي، جنهن جهڙو تحقيق اڄوڪي موجوده ماحول ۾ شايد ڪوبه ايتري علم قليل وارو مشڪل ڪري سگهي. ٻيو ته جڏهن سلوڪ جي سمنڊ جي سير ڪرڻ ئي سهنجو نه، بلڪه اهنجو آهي، تڏهن سلوڪ سوجهڻ ڪيڏو نه دشوار ۽ ڏکيو هوندو؟ ڇو ته اهڙو سمنڊ سوجهڻ، ڪم غواصن ۽ ٽوٻن جو آهي، نه جهڙي تهڙي جو، تنهن ڪري جناب ممدوح کي صد مبارڪ هجي، جنهن صاحب باوجود گهڻي ڪاروبار دنيوي جي پڻ، هن ڪٺن ڪم ۾ هٿ وجهي ۽ پنهنجو قيمتي وقت ٻين ڪمن مان بچائي ”نئون شرح لطيف“ جهڙي شاندار شرح کي لکي پورو ڪرڻ فرمايو آهي. ڌڻي پاڪ جي درگاهه اقدس ۾ دست بدعا آهيان ته ڌڻي تعاليٰ کيس اڃا عمر خضريءَ عطا ڪرڻ فرمائي ته جيئن حال وانگي،استقبال تائين سرتاج سنڌ جي، تمام رسالي جو شرح لکندو رهي ۽ ايندڙ صوفين ڪرامن لاءِ تحفو ”نئون شرح لطيف“ جو نئين سر نئون ڏيندو رهي. ڇو ته رسالي لطيفي سمنڊ جا سوجهيندڙ موجود ماحول ۾ ڪي ٿورا آدمي، ڳاڻ ڳڻيا آهن، جيئن پاڻ ڀٽائي ڀوتار فرمايو آهي:

هي گهٽ غواصن جيئن سمنڊ سوجهيائون،

پيهي منهه پاتار جي ماڻڪ ميڙيائون،

آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن سان.

تنهنڪري ڀٽائيءَ جو رسالو، فيض جو مقالو، نينهن جو نياپو، نرالو پڻ سمنڊ جي ڪنار آهي، جنهن اندر شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جا ڪروڙين هيرا، لعل ۽ جواهر موجود آهن. پر هجي ڪو سمنڊ جي ڪار جو غواص ۽ ٽوٻو مثل جناب وڏيري حاجي موصوف جي، جنهن صاحب وڏي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان عواصن وانگي ٽوٻو ئي ”نئون شرح لطيف“ جهڙا جواهر ۽ هيرا لعل اسان جي هٿن تائين ظاهر ڪري پهچايا آهن ۽ اڳي به پڻ عادت مالوفه موجب بتوفيق تبارڪ عوام کي پهچائيندو رهندو!

شايد ڪي ڪوتاهه فهم ۽ تنگ دل حسد ۽ تعصب ڪري سندس تاليف لطيف کي، سندس ٿوري علم کي آڙ وٺي طعنه زن ٿين ته ٿي سگهي ٿو، مگر اهڙن حاسدن کي هروڀرو حسد کان ڪم وٺي، ٿوري علم جو طعنو هڻڻ نه گهرجي، ڇو ته عقل جو مدار گهڻي علم يا ٿوري علم تي منحصر نه آهي. هن نعمت عقليءَ سان، جنهن کي ڌڻي پاڪ نوازي ته نوازي سگهي ٿو، ڇو ته علم جو سمجهڻ يا نه سمجهڻ پڻ عقل جي استعداد آهر هوندو آهي. جيئن مقولو معروف آهي ته ”يک من علم را ده من عقل مي بايد“. ان ڪري قادر ڪارساز گهڻي علم وارن کي عاجز بنائڻ لاءِ ڪيئي اولياءَ ڪرام اتي پيدا ڪرڻ فرمايا آهن، جيئن جناب مخدوم نوح عليہ ال رحمة هالن وارو ۽ مخدوم محمدي کهڙن وارو ۽ جناب شاهه لطيف سرتاج سنڌ پڻ امي هو، پر تنهن هوندي به شاهه صاحب لدني علم سان اهڙو ته مالا مال هو، جو علم لدني جي ذريعي قرآن ڪريم کي سنڌي بيتن جو لباس پهرائي، پيغام پروري کي گهڻي ڀاڱي مسلمان ته ڇڏ، پر هر قسم جي ڪفارن جي ڪَن تي پڻ اهو اهڙيءَ طرح پهچايو، جو انهيءَ نموني ۾ ڪنهن به پروري پيغام نه پهچايو. تنهنڪري اهڙي اُمي وليءَ جي سمنڊ کي سوجهڻ پڻ اُميءَ جي هٿان بفحو اي الکريم-” ان الله عليٰ ڪُل شيءِ قدير“، جي ممڪن آهي ته پوءِ ٿوري علم واري هٿان، جيڪڏهن ”نئون شرح لطيف“ جهڙا شرح ظهور پذير ٿين ته ”درين چه شک؟“

تنهنڪري ٿوري علم وارن تي ڪڏهن به طعنه زني ڪرڻ نه گهرجي، بلڪ سندن حوصله افزائي لاءِ کين سندن محنت ۽ تاليف ۽ ذوق ۽ شوق تي حسين ۽ آفرين ڪرڻ گهرجي، ته جيئن اڳتي به پنهنجي حوصله افزائي ڏسي ڪار خير ۾ ڪوشش ڪثير کان ڪم وٺندا رهن ۽ جڳ جي عام خاص جوانن کان جَسُ ماڻيندا وتن، موجب بيت زيرين جي:

جس جفاري نه ٿئي اهي جفا وارن جس،

سُتَن ساٿَ وڃايا تون گولي ڇڏ نه گس،

اٿي پنهل پس، سِر سان هلي سسئي،

آخر ۾ منهنجي اپيل آهي ته سڀئي عزيز ڀائر اهل علم پنهنجن اکين تي انصاف جي عينڪ پائي هن”نئون شرح لطيف“ کي ڌيان سان ديد عبرت جي کولي ڏسندا، ته کين وڏي خوشي حاصل ٿيندي، ڇو ته ”نئون شرح لطيف“ جي مصنف ڏاڍي ڪوشش ڪري اسان جي اڳيان اهڙو لاثاني تحفو پيش ڪرڻ فرمايو آهي، جنهن جو داد ڏيڻ اسان جي مٿان اخلاقي فرض آهي. وگرنه مصنف مذڪوره لاءِ ”داد اجر دارين“ جو عندالله ئي بس آهي، جو کيس هميشه پنهنجي نوازش سان نوازيندو رهندو آهي.

الفقير درمحمد”خاڪ“

ڪانڌلوي

از: مولوي در محمد پنهور

تعارفي نوٽ

(7)

نَحٌمَدُهٗ وَ نُصَلِّـﻶ عَليٰ رَسُولِہِ الٌڪَرِيٌمُ

اما بعد ڄاڻڻ گهرجي ته حضرت شاهه صاحب شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليہ جي رسالي جي جا مقبوليت عام ۽ خاص وٽ آهي، سا جناب شاهه صاحب جي اخلاص ۽ اهل دل هجڻ تي دليل آهي، شاهه صاحب جن نه رڳو شاعر ۽ سخن پرور هئا، مگر ان سان گڏ اهل ولايت ۽ سالڪ ڪامل، زاهد زمان ۽ صحيح پيشوا، مرشدن جا مرشد، امام المتقين، زبده العارفين، متوڪّل علي الله، واصل بالله، صاحب الشريعت، طريقت، جامع الڪمالات ۽ مڪارم اخلاق جا مجسما به هئا. سندن ڪلام ۾ اهو جذبو ۽ ڪشش رکيل آهي، جو ٻڌڻ سان ئي دلين ۾ جذبو پيدا ٿي وڃي ٿو. ان ڪري ظاهرين ۽ مجازي عشق وارا به سندس ڪلام کان دل جو سوز پورو ڪندا آهن. حقيقت ۾ انهن جو اهو فائدو وٺڻ شاهه صاحب جي وضع ۽ حقيقت ڪلام جي خلاف ۽ بي ادبي آهي.

جهڙيءَ طرح ڪلام ربّي جي بابت ارشاد آيل آهي ته ”وَلَقَدٌ يَسَّرٌنَاالٌقُرٌآنَ لِذِّڪٌرِ فَهَلٌ مِنٌ مُّدَّڪِرٍ“ يعني اسان قرآن شريف کي سولو ڪيو آهي، مگر ڪو سمجهه وارو ان کي سمجهندو. اهڙيءَ طرح هن رسالي، مخزن اسرار پُر لطائف ۽ عجائب جي سمجهڻ لاءِ به فهم ثاقب ۽ عقل ڪامل ۽ طريقت ۽ سلوڪ سان اُنس ضروري آهي. جيئن شاهه صاحب پاڻ فرمايو آهي ته ”سليج تنهن سلوڪ جو نقاصا نڱيو“. پنهنجي پنهنجي علم ۽ فهم آهر، مسلم ۽ غير مسلم جي ڪن شائقن، جناب شاهه صاحب جي رسالي جي سولي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ورتي آهي. جيئن ته ڪن فقط لفظي مشڪلات جي حل ڪرڻ لاءِ ڪن ڪن لفظن جي معنيٰ ڏني آهي، ڪن ته البت لفظي معنيٰ سان گڏ قدر شرح به ڏنو. اگر چه انهن جي ڪوشش ۽ محنت ضايع نه وئي آهي، مگر طالبان صادق جي طلب مڪمل شرح لاءِ، جنهن مان سندن سيرابي حاصل ٿئي، سا باقي هئي.

اتفاقاً آب و دانه جي ڪشش مون کي مدرسه محمديه فريد آباد ۾ تدريس ۽ تعليم جي خدمت نصيب ڪئي. معلوم ٿيو ته جناب وڏيرو صاحب حاجي رسول بخش خان ڏيرو ساڪن شهر فريد آباد جن جي ڪوشش سان اهو مدرسو جاري ٿيل آهي. پاڻ شاهه صاحب جي رسالي سان شغف دلي رکن ٿا. رسالي جي ساري ” سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ“ جي ٻن فصلن جو شرح لکيو اٿن. ازانسواءِ ”سر آسا“ جا ٽي فصل لکي پورا ڪيا اٿن ۽ چوٿون فصل شروع آهي ۽ ”سر مومل“ مان هڪ فصل به پورو ڪيل آهي ۽ سر سريراڳ مان هڪڙي بيت سوداگر واري جا ٻه جلد پورا ٿيل آهن، پر بيت جو شرح اڃا هلي پيو.

هن شرح کي ”نئون شرح لطيف“ جي نالي سان موسوم ڪيو اٿن، ان جي ڏسڻ مان ئي زبان تي مولانا رومي صاحب جي مثنوي جا هي بيت جاري ٿيا:

اي لقاءِ تو جواب هر سوال،

مشڪل از تو حل شود بي قبل قال،

ترجمانِ هر چہ مارا درد دل ست،

دستگير هر ڪہ بابش در گل ست.

جناب وڏيرو صاحب اگر چه دستاربند مولوي نه آهي، مگر تصوف جي اُردو سنڌي ڪتابن، خاص ڪري احياءُ العلوم، ڪيميائي سعادت، مثنوي مولانا رومي ۽ تصوف جا ٻيا ڪتاب ۽ قرآن شريف جا تفسير، حديث ۽ فقہ هميشہ سندن زير مطالعي آهن، جنهن ڪري سندن مطالعو بلڪل وسيع ۽ سندن معلومات خاص اديبن کان گهٽ نه آهي. ازانسواءِ شاهه صاحب جي رسالي جي معلومات لاءِ خاص خاص اديبن سان ملي، چڱي معلومات حاصل ڪئي اٿن. ان سان گڏ سندن ذهن ۽ ذڪاءُ، فهم فراست ته هڪ موهوبي امر آهي. ”ذَالِڪَ فَضٌلُ اللهِ يُؤٌتِيٌہِ مَنٌ اليَّشَآءُ وَاللهُ ذُوالٌفَضٌلِ الٌعَظِيٌمِ“. شرح ”نئون شرح لطيف“  لاءِ نه رڳو منهنجي تحسين ڪافي آهي مگر اميد آهي ته جو به اهل علم هن شرح کان واقف ٿيندو، ته ضرور مصنف نئون شرح لطيف کي ”قَدٌ اَحٌسَنٌتَ جَزَاڪَ اللهُ خَيٌرَاً“ جي خير بشارت سان نوازيندو. هن شرح ”نئون شرح لطيف“ جي وجد تحسين ۽ پسنديدگيءَ جو سبب چند وجوهه آهن:

(1) هر هڪ مشڪل لفظ جي معنيٰ لفظ بلفظ ڏنل آهي، گويا عربي ۽ فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. انهن مشڪل لفظن جي لفظي مشڪلات جي حل ٿيڻ سان رسالي جا اڪثر مقام ازخود حل ٿي وڃن ٿا.

(2) بيتن جو ربط ۽ لاڳاپو به چڱيءَ طرح سمجهايو ويو آهي، جو حضرات ناظرين کي هن شرح جي مطالعي مان معلوم ٿيندو.

(3) اڪثر مقامن ۾ بيتن جو شرح بيتن سان ڪيو ويو آهي، ڄڻ ”يفسر بعضها بعضاً“ جو مصداق آهي.

(4) هر هڪ بيت جي مضمون ۽ مطلب کي قرآني آيتن ۽ احاديث نبوي عليہ الصلواه و السلام ۽ آثار صحابہ سان قطابق ڏنو ويو آهي.

(5) معنيٰ ۽ مطلب کان سواءِ مضمون وڌيڪ مناسب، قرآن شريف ۽ حديث شريف ۽ سلف صالحين جا قول ۽ مثال وعظ نصيحت ڏنل آهن، جو هر اهل علم ۽ اهل ادب، خاص ڪري مبلغن ۽ واعظين لاءِ نهايت مفيد نظر آيو.

اصل واعظ ته قرآن شريف ۽ حديث شريف آهي، مگر شاهه صاحب به قرآن ۽ حديث جو ترجمان آهي، جيئن شاهه صاحب پاڻ فرمايو آهي:

جي تون بيت ڀانئين سي آيتون آهين،

وڃيو من لائين پريان سندي پار ڏي.

سي آيتون آهين، يعني آيتن جو ترجمو آهن، پر اهڙي فصاحت ۽ بلاغت ۽ سوز ۽ سڪ ۽ عشق ۽ محبت سان چيل آهن، جو پڙهڻ سان ئي ڌيان انهيءَ پرينءَ پاڪ پروردگار ڏانهن ڇڪجي وڃي ٿو، چوڻي آهي ته:

”سرمو سڀڪا پائي پر اک اک جو ڦير آهي.“

حديث شريف ۾ آهي ته ”اِنَّ مِنَ الٌبَيَانِ لِسِحٌراً“ يعني ڪن ماڻهن جو ڪلام جادو آهي، اگر چه ”نئون شرح لطيف“ رسالي جي تمام ٿوري ڀاڱي جو شرح آهي، مگر تڏهن به انهن جي پڙهڻ ڪري گهڻي قدر ساري رسالي جو مطلب حاصل ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ جناب مصنف ”نئون شرح لطيف“ جي خدمت ۾ گذارش آهي ته جيتري قدر ٿي سگهي، ته ان جي تڪميل ۽ پوري رسالي جي شرح لکڻ سان انهيءَ ڪارخير ۾ جدوجهد فرمائن.

آخر ۾ دعا آهي ته الله تعاليٰ کين عمر خضري بخشي ۽ سندن اولاد ۾ دين جي محبت ۽ اهل علم ۽ اهل سلوڪ جي صحبت ۽ همنشيني جو شرف ۽ توفيق بخشي- آمين! ثم آمين!

وآخر دعوانا ان الحمد الله رب العٰلمين

الفقير در محمد پنهور

صدر مدرس ”مدرسه محمديه“ شهر فريد آباد

متوطن شهر گرڪڻ

نَحٌمَدُهٗ وَ نُصَلِّـﻶ عَليٰ رَسُولِہِ الٌڪَرِيٌمُ

تمهيد

هر قسم جي تعريف انهيءَ پاڪ ذات، وحدهٗ لاشريڪ لہٗ جي لاءِ آهي، جو هر طرح جون افضل نعمتون ۽ بخششون پنهنجي بندن تي ڪندڙ آهي. وڏا وڏا صاحب عزت ۽ عظمت به، ان جي حمد ۽ توصيف ۾ رطب اللسان آهن. زمين ۽ آسمان ۾ اهو ئي لائق عبادت آهي. اهو ئي مالڪ عزّت، وڏي شان، زور مٿانهين مرتبي وارو آهي، جو پنهنجي انوار قدس ۾ عوام جي نظرن کان جيتوڻيڪ پوشيده آهي، تڏهن به پنهنجي انهن ٻانهن جي چشم بصيرت کي زور ويجهو آهي، جيڪي سندس حقيقي عاشق آهن، جي سندن بحر توحيد ۾ ٽٻين ڏيڻ وارا آهن، انهن بقا جي پاسي کي فنا سان همڪنار ڪيو آهي، ۽ ان جي عظمت جي قريب گَهرائيءَ جي اولي ۾ بچڻ وارا آهن. ان جي شرف فنا کي خالص بقا سان همڪنار  ڪيو آهي، ۽ اهڙن ئي پنهنجي ٻانهن کي تحميد ۽ تشڪر جي توفيق عطا فرمائي آهي، جي ان جي احسانات جي فرحت ۽ اطمينان ۾ آهن. الله تعاليٰ انهن کي فنا جي سبب بقا سان ۽ بقا جي سبب فنا سان مستفني ڪيو آهي. انهيءَ سبب کان فناء الفنا جي نور سرمدي سان معمور ۽ حرص هوا کان بيپرواهه آهن، بلڪ فنا ئي قدس جي محبت سبب فناء الفنا جا خواهشمند آهن ۽ نور حقيقيءَ جي لکميل جي سبب، غير الله جي تصورات کان پري آهن ۽ لااِلٰہ سندن آئينو آهي.

اسان انهيءَ مالڪ جي بيشمار تعريف ڪريون ٿا، جو اسان کي دشمنن جي حيلن ۽ مڪرن کان بچائڻ وارو آهي ۽ شريرن جي شر کان بچائي ٿو، سندس لک وار شڪرانو آهي، جو اسان کي پنهنجو بنده بڻائي، پنهنجي پاڪ ڪلام سان مفتخر فرمايو آهي ۽ انهيءَ پنهنجي محبوب پاڪ صلي الله عليہ وسلم جي پيروي ڪرڻ جي اسان کي توفيق عطا فرمائي آهي، مان انهيءَ جي هن ڳالهه جي شاهدي ڏيان ٿو ته سواءِ انهيءَ جي ٻيو ڪو به لائق عبادت جي نه آهي، اهو وحدهٗ لاشريڪ آهي، اهو ئي واحد وحدت آهي، ٻيو اسان هن ڳالهه جا شاهد آهيون، جو حضور پُرنور رحمة اللعالمين، حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم الله جو بندو ۽ رسول مقبول آهي. ان جو ڪجهه پاڻ ارشاد فرمايو آهي، اهو سڀ سچ ۽ صحيح آهي. حضور پُرنور صلي الله عليہ وسلم ئي پنهنجي نور جي روشنائيءَ سان گمراهيءَ جي آتش کي گهٽ ڪيو. پنهنجي ماڻهن ۽ ٻين انصارن کي به نور هدايت سان منوّر فرمايو ۽ طالبن حق جي کي دين اسلام سان سرفراز بنايو، ۽ انبياءَ ڪرام جي ڳجهن رازن جو انهن کي رازدان بڻايو ۽ پنهنجي پيروي ڪرڻ وارن، انهن اصحاب ڪبار رضي الله تعاليٰ عنهم کي، جن دين جي بدلي دنيا کي ڇڏيو، انهن کي غيب جي خزاني مان انهن سمورين شين کان مفتخر فرمايو، جن کي ڏسڻ کان اکيون معذور ۽ عقل ڄاڻڻ کان قاصر آهن. ان جي ارواح مقدس کي نور قدر سان منوّر فرمايو ۽ انهن جي قلبن پاڪن کي ايترو ته اعليٰ مقام عطا فرمايائين، جنهن سان مڙئي مطلب ڳجها انهن تي ظاهر ٿي ويا. الله تبارڪ و تعاليٰ ان تي ۽ ان جي آل ۽ اصحاب تي شال راضي هجي ۽ انهن تي پنهنجي رحمت نازل فرمائي انهيءَ وقت تائين، جيستائين ان جي لطف ۽ ڪرم جو آفتاب افق فضل کان اُڀرندو رهي- آمين! وَ صلي الله تعاليٰ عَليٰ خَير خَلقِہ وَ آلہ وَ اصحابہ رِضوانُ اللهِ اَجٌمَعِينِ

بعد ڪلام الله ۽ احاديث رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي، ڪلام مشائخن طريقت جي، ٻيو ڪوئي ڪلام بهتر نه آهي، انهيءَ ڪري مان مشائخ طريقت، راهنما ۽ راهه حقيقت، عارف معرفت، تابع شريعت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليہ جي ڪلام جو بيان ڪرڻ گهران ٿو، جو سندس رسالي ۾ آهي، ڇو ته منهنجي گهڻن دوستن کي به ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ جي ڪلام سان گهڻو شوق آهي ۽ منهنجي قلب کي به انهيءَ مرشد ڀٽائي رحمة الله عليہ جي رسالي جي مطالعي ڪرڻ جو نهايت شوق آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي بزرگ دين جي ڪلام جو مطلب ۽ مقصد سمجهڻ ۽ ان مان مستفيد ٿيڻ تمام ضروري آهي. انهيءَ ڪري نه فقط پنهنجي دوستن جي، بلڪ هر اهل شوق جي، ضيافت طبع جي لاءِ اختصار جي طور تي هن بزرگ ڀٽائي رحمة الله عليہ جي رسالي جي ”سر ڪلياڻ“ جي تشريح ڪرڻ گهران ٿو، جو صاحب شوق هن ڪتاب ”نئون شرح لطيف“ جو مطالعو ڪندو، اهو اُن خاصان خدا جي هر هڪ ڳالهه کان فائدي وارو ٿيندو، جي ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ انهيءَ سُر ۾ بيان فرمايون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org