هڪڙي دفعي حضرت حسن بصري رضه مڪة المعظمہ ۾ تشريف
آوري ڪئي ۽ اتي پاڻ هڪڙي ڇوڪري کي ڏٺائون، جو حضرت
علي بن ابي طالب رضه جي اولاد مان هئو. هو ڪعبة
الله جي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ماڻهن کي واعظ چئي رهيو
هئو. پاڻ ان جي روبرو اٿي بيٺو ۽ ان کان سوال
ڪيائين ته دين جو مدار ڪهڙيءَ شيءِ تي آهي؟ هن
جواب ڏنو ته پرهيزگاريءَ تي. وري پڇيائينس ته دين
جي آفت ڪهڙيءَ شيءِ آهي؟ ان جواب ڏنو ته طمع. پوءِ
حضرت حسن بصري رحه کي گهڻي عبرت لڳي. ابراهيم بن
ادهم رحه فرمائي ٿو ته پرهيزگاري ٻن نمونن جي آهي-
هڪڙي پرهيز گاري فرض آهي ۽ ٻي خوف جي آهي. فرض
واري پرهيزگاري گناهن کي ڇڏڻ ۽ انهن کان بچڻ آهي.
پرهيزگاري خوف جي، الله تعاليٰ جي حرام ڪيل شين
کان بچڻ آهي. عام ماڻهن کي حرام ۽ شڪ، ٻنهي کان
پرهيز ڪرڻ گهرجي، يعني انهيءَ شيءِ کان پرهيز ڪندو
رهي، جنهن سان مخلوق کي ڏک پهچي ۽ ان تي شرعي
تعزير اچي. خاص ماڻهن جي پرهيزگاري هر هڪ اهڙي
شيءِ کان آهي، جنهن مان نفس جي اهڙي خواهش پوري
ٿيندي هجي، جنهن ۾ ان کي لذت اچي ۽ خاص الخاص
ماڻهن جي پرهيزگاري، هر انهيءَ شيءِ ۾ آهي، جنهن ۾
انهن جي ارادي ۽ رويي کي دخل هجي. پوءِ عام
پرهيزگاري، ترڪ دنيا آهي ۽ خاص پرهيزگاري، ترڪ
خيال آهي ۽ گهڻي مٿانهين خاص الخاص پرهيزگاري،
سواءِ خدا جي جو خالق ۽ سڄي مخلوق جو پيدا ڪرڻ
وارو آهي، هر شيءِ جو ترڪ آهي.
يحيٰ بن معاذ راضي رضه فرمائي ٿو ته پرهيزگاري ٻن
نمونن جي آهي؛ هڪ ظاهري آهي، جيڪا اها آهي، جو تون
نه هلين چلين،مگر واسطي الله تعاليٰ جي. ٻي باطني
آهي، جيڪا اها آهي، جو تنهنجي دل ۾ سواءِ الله
تعاليٰ جي، ڪنهن ٻئي جي جاءِ نه هجي. يحيٰ رحه
فرمائي ٿو ته جو آدمي پرهيزگاريءَ ۾ گهڻي باريڪي
سان نظر ٿو ڪري، ته قيامت جي ڏينهن ان جو رتبو
بلند هوندو. وڌيڪ فرمايائين ته سون ۽ چانديءَ ۾
پرهيزگاري ڪرڻ جي نسبت، گفتگوءَ ۾ پرهيزگاري ڪرڻ
وڌيڪ ڀلي آهي. سرداريءَ جي حالت ۾ سون ۽ چانديءَ
کان پرهيز جي نسبت زهد ۽ تقويٰ وڌيڪ ڀلي آهي، ڇو
ته هو انهن ٻنهي کي سرداري حاصل ڪرڻ ۾ خرچ ڪري ٿو
ڇڏي. حضرت ابو سليمان داراني رضه فرمائي ٿو ته زهد
پرهيزگاريءَ جو منڍ ۽ مهڙ آهي، جيئن قناعت رضا
الاهيءَ جي پڄاڻي آهي. ابو عفان رضه فرمائي ٿو ته
پرهيزگاريءَ جو ثواب، حساب جو هلڪو هجڻ آهي.
يحيٰ بن معاذ راضي رضه فرمائي ٿو ته پرهيزگاري
هيءَ آهي جو ماڻهو سواءِ تاويلن جي، علم تي قائم
رهي. ابن جلا ّ رحه فرمائي ٿو ته جيڪڏهن درويشي جي
حالت ۾ پرهيزگاري نه آهي، ته اهو آدمي ظاهر حرام
ٿو کائي. يونس بن عبدالله رحه فرمائي ٿو ته هرهڪ
شبہ کان بچڻ ۽ هر ساعت پنهنجي نفس سان حساب ڪرڻ
پرهيزگاري آهي. حضرت سفيان ثوري رحه جو قول آهي ته
مون هن کان وڌيڪ سڻائي پرهيزگاري ٻي ڪائي نه ڏٺي.
جا شيءِ تنهنجي دل کي نه وڻي، ان کي ڇڏي ڏي.
پيغمبر خدا صلي الله عليہ وسلم فرمايو آهي ته
گناهه اها شيءِ آهي، جو تنهنجي دل ۾ خراش پيدا ڪري
۽ تون ان کي خراب ڄاڻين ٿو ته ماڻهو تنهنجي انهيءَ
حال کان واقف هجن، ڇو ته ان وقت انهن ماڻهن جي طرف
کان تنهنجي دل ۾ ڪجهه ڪينو آهي.
رسول مقبول صلي الله عليہ وسلم ائين به فرمايو آهي
ته گناهه دل ۾ خراش پيدا ڪندڙ آهي ۽ دل کي بي
آرامي ۽ بيقراري ڪري ته ان شيءِ کان پرهيز ڪر.
پيغمبر صلي الله عليہ وسلم فرمايو ته توهان پنهنجي
خراش، کٽڪي ۽ وسوسي کان پنهنجي دل کي دور رکو، ڇو
ته اهو گناهه آهي. پاڻ فرمايائون ته ان شيءِ کي
ڇڏي ڏي، جيڪا توکي شڪ ۾ وجهي ۽ جنهن ۾ توکي شبہ يا
شڪ نه پوي ته ان جي طرف ارادو ڪر. حضرت معروف ڪرخي
رحه فرمائي ٿو ته ڪنهن جي تعريف ڪرڻ کان پنهنجي
زبان کي سوگهو رک، ته جيئن اها گلا ڪرڻ کان سوگهي
رهي. بشر بن حارث جو قول آهي ته عملن ۾ سڀني کان
وڌيڪ سخت عمل ٽي آهن؛ قلت جي وقت بخشش نه ڪرڻ يعني
مسڪينيءَ جي وقت ۾ ايثار ۽ سخاوت نه ڪرڻ؛
اڪيلائيءَ ۾ پرهيزگار رهڻ ۽ جنهن آدميءَ کان خوف ۽
اميد هجي، تنهن جي سامهون سچ چوڻ.
روايت آهي ته بشر بن حارث حافي جي ڀيڻ حضرت امام
احمد بن حنبل رضه جي خدمت ۾ حاضر ٿي ۽ عرض ڪيائين
ته اي امام! مان پنهنجي ڪوٺي جي مٿان سُٽُ ڪٽيندي
آهيان ۽ ان وقت هڪڙي ماڻهوءَ جي روشنيءَ جو شعاع
مون تي پوندو آهي. ان روشنيءَ ۾ مون کي سٽ ڪتڻ
جائز آهي يا نه؟ امام صاحب ان کي چيو ته خداوند
ڪريم شال توکي بخشي! تون ڪير آهين؟ هن جواب ڏنو ته
مان بشر بن حافيءَ جي ڀيڻ آهيان! اهو ٻڌي امام
صاحب روئڻ لڳو ۽ فرمايائين ته پرهيزگاري ظاهر ئي
توهان جي گهر کان ٿي. انهيءَ روشنيءَ ۾ تون سٽ نه
ڪَتِ، علي رضا عطار رحه فرمائي ٿو ته بصره جي ڪن
گهٽين مان منهنجو لنگهڻ ٿيو، مون ڏٺو ته اتي ڪي
ڪراڙا آدمي به اتي ويٺا هئا ۽ ڪي ڇوڪرا به پيا
کيڏن. مون انهن ڇوڪرن کي چيو ته اوهان کي پنهنجن
هنن وڏن کان شرم نٿو اچي؟ هڪڙي جواب ڏنو ته انهن
کان شرم ڇو اچي؟ انهن ۾ پرهيز گاري ٿوري آهي!
انهيءَ ڪري اسان کي انهن جو خوف به نه آهي.
ذڪر آهي ته مالڪ بن دينار چاليهن ورهين تائين بصره
۾ رهيو ۽ هن کي سڄي عمر تائين جائز طرح به ايتري
ڳالهه نصيب نه ٿي، جو هو اتان جي ڪنهن وڻ جو ڪو
ميوو يا ڪتل کائي، تانجو کيس موت اچي اٿاريو؛ مگر
ميوو نه چکيائين. جڏهن ڪتل جي موسم گذري ويندي
هئي، تڏهن پاڻ بصري جي ماڻهن کي چوندو هو ته اي
بصري جا رهندڙؤ! ڪتل جي نه کائڻ ڪري منهنجو پيٽ
ڪجهه گهٽ نه ٿيو آهي، نه وري اوهان جي پيٽ ۾ ان جي
کائڻ کان ڪا برڪت پيئي آهي.
حضرت ابراهيم بن ادهم رحه کان ماڻهن پڇيو ته توهان
زم زم جو پاڻي ڇو نٿا پيئو؟ ان جو ڪهڙو سبب آهي؟
پاڻ جواب ڏنائون ته مون وٽ پاڻي ڪڍڻ لاءِ ٿانءُ
ڪونه آهي. جيڪڏهن مون کي ڏول هجي ها، ته مان به
ضرور پيئان ها. ڏسو، جو فقط پيئڻ جي لاءِ پاڻي ڪڍڻ
واسطي ڪو ٿانءُ گهري وٺڻ به گناهه ٿي ڀانيائون ۽
ان کان به پرهيز ۽ ڪِري ٿي ڪيائون! تڏهن ڀٽائي
صاحب رحمة الله عليہ به اَگهي کي مخاطب ٿي ٿو
فرمائي ته ”ڪرين جي ڪِري ته تون توانو ٿئين“. انهن
ڪريءَ وارن، جن جو بيان مٿي ڪجهه ٿي چڪو آهي، جيڪي
به انهن پرهيزگاريءَ ۽ ڪريءَ جا عمل ڪيا آهن، سي
سمورا اسان اگهن، گنهگارن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهن.
انهن ويڄن وانگر اسان جي سمجهائڻ ۽ اسان کي هدايت
تي آڻڻ لاءِ وس ڪيا اٿن، پر اسان کي فائدو پنهنجي
ڪريءَ کان سواءِ ڪين ٿيندو. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة
الله عليہ جي هن بيت جي هڪ تڪ آهي ته:
ڪيا وس ويڄن، تان ڪريءَ ري ڪين ٿئي.
پر جن الله وارن فقيرن ڪِري پوري نه ڪئي ۽ کانئن
ڪريءَ ۾ ڪجهه نقص ٿي ويو ته به، اِن ٿورڙي نقص جي
عيوض به سندن گهڻو درجو گهٽجي ويو ٿي. ڪتاب ”غنية
الطّالبين“ ۾ آهي ته بيبي رابعہ عديہ جي قميص ڦاٽل
هئي. هن بادشاهي بتيءَ جي روشنيءَ تي ان کي سبيو.
انهيءَ ڪري رابعہ جي دل مري ويئي يعني هن جي دل جي
خوشيءَ نه رهي ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ کيس بادشاهي
بتيءَ جي روشنيءَ تي قميص جو سبڻ ياد آيو. پوءِ
انهيءَ قميص کي ڦاڙي اڇلائي ڇڏيائين ۽ پنهنجي مئل
۽ وڃايل دل کي وري لڌائين. هڪڙي بزرگ سفيان ثوري
رحه کي خواب ۾ ڏٺو ۽ ان کي ٻه پَرَ ڏٺائين، جن سان
هو بهشت ۾ اُڏامي رهيو هو. کانئس پڇيائين ته هيءُ
شان توکي ڪيئن حاصل ٿيو آهي؟ فرمايائين ته
پرهيزگاريءَ کان. حسان بن ابي سنان جو بيان ڪندا
آهن ته پاڻ سڳورو سٺ ورهيه پاسي ڀر نه سمهيو ۽ نه
وري انهيءَ عرصي ۾ ڪو سڻڀو کاڌو کاڌائين؛ نه وري
ايتري ڊگهي وقت ۾ پاڻ ڪو ٿڌو پاڻي پيتائين. جڏهن
هو فوت ٿي ويو ته کيس ڪنهن خواب ۾ ڏٺو ۽ ان کان
پڇيائين ته خداوند ڪريم توسان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ جواب
ڏنائين ته تمام گهڻو سلوڪ ڪيائين، مگر منهنجو بهشت
۾ وڃڻ بند آهي ۽ ان جو سبب هيءُ آهي، جو مون هڪ
سئي اُڌاري ورتي هئي ۽ اها واپس نه ڏني هئم.
عبدالرحمان بن زيد رضه جو هڪ غلام هئو،جنهن ڪيترا
سال سندس خدمت ڪئي هئي ۽ چاليهه ورهيه عبادت ڪئي
هئي، مگر هو انهيءَ ڪم کان اڳ ۾ اَنَ ماپڻ جو ڪم
ڪندو هو. جڏهن فوت ٿيو ۽ کيس خواب ۾ ڏٺو ويو ۽
پڇيو ويو ته الله جل شانہ توسان ڪهڙو فيصلو ڪيو؟
جواب ڏنائين ته چڱو ئي فيصلو ڪيائين. مگر بهشت ۾
وڃڻ کان روڪي ڇڏيائين. ان جو سبب هيءُ آهي، جو
اَنَ جا ڪجهه گروي رکيل ٽويا منهنجي بِلي ڪڍيا
ويا. ان سبب ڪري بهشت ۾ وڃڻ مون تي بند ڪيو ويو
آهي. هڪ دفعي حضرت عيسيٰ عليہ السلام هڪڙي قبرستان
۾ ويو ۽ هڪڙي مردي کي قبر مان سڏيائين. الله جل
شانہٗ پنهنجي ڪامل قدرت سان ان کي جيئرو ڪيو. پاڻ
ان کان پڇيائين ته تون ڪير آهين؟ هن چيو ته مان
بار کڻندڙ مزدور هئس. ماڻهن کي سامان کڻي ڏيندو
هوس. هڪڙي ڏينهن هڪڙي ماڻهوءَ جون ڪاٺيون کنيو ٿي
ويس ته ان مان ڏندن کوٽڻ لاءِ هڪڙي ڪاٺي ڀڳم. جڏهن
کان مئو آهيان، تڏهن کان انهيءَ جي فيصلي ۾ ڦاٿل
آهيان. ڏسو ته ڪيئن نه ٿورڙي بدپرهيزيءَ ڪري کين
فائدو ڪين ٿيو! جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو
فرمائي ته:
ڪيا وس ويڄن، تان ڪريءَ ري ڪين ٿئي.
مٿي بيان ڪيل سڳورا، الله وارا عابد، زاهد ۽ تقويٰ
جا صاحب هئا. يعني پنهنجي پرهيزگاريءَ سان به وس
ڪيو هئائون، پر ٿورڙي ڪريءَ جي نه ڪرڻ ڪري، کين
فائدو ڪين ٿيو. تنهنڪري جيستائين انسان هيٺيون ڏهه
شيون پنهنجي نفس تي فرض ڪري نه ڄاڻندو، تيستائين
ان جي پرهيزگاري پوري يعني ڪِري ڪامل نه آهي:
پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته پنهنجي زبان کي غيبت کان
جهلي. خداوند تعاليٰ جو ارشاد آهي ته توهان هڪٻئي
جي گلا نه ڪيو.
ٻيو ته بدگماني کان پرهيز ڪيو. خداوند تعاليٰ
فرمايو آهي ته توهان بدگماني کان پري رهو. ڇو ته
بدگماني گناهه آهي ۽ رسول مقبول صلي الله عليہ
وسلم جن فرمايو آهي ته توهان بڇڙي گمان کان پري
رهو، ڇو ته بڇڙو گمان هڪڙي قسم جو ڪوڙ آهي.
ٽيون ته ٽوڪ ۽ ٺٺول ڪرڻ کان پرهيز ڪيو، ڇو ته خدا
تعاليٰ حڪم ڏنو آهي ته هڪڙو ٽولو ٻئي ٽولي تي
ٺٺولي نه ڪري.
چوٿون ته حرام کان اکيون بند رکو. خداوند تعاليٰ
ٿو فرمائي ته اي پيغمبر! (صلي الله عليہ وسلم)
مؤمنن کي چئه ته پنهنجي اکين کي منع ڪيل شين کان
بند رکن.
پنجون ته زبان سان سچي ڳالهه چوڻ – الله تعاليٰ
فرمايو آهي ته جڏهن ڪا ڳالهه چؤ،. ته انصاف ڪيو.
يعني سچ چؤ.
ڇهون ته خداوند تعاليٰ جو پاڻ تي احسان مڃو،
پنهنجي نفس تي ڀروسو نه ڪيو ۽ ان کي چڱو نه ڄاڻو،
ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو، بلڪ الله تعاليٰ
اوهان تي احسان ٿو ڪري ۽ انهيءَ اوهان کي ايمان جي
واٽ ڏيکاري آهي.
ستون ته پنهنجي مال کي ان جي مستحقن يعني حقدارن
تي خرچ ڪيو ۽ انهن ماڻهن يا ڪمن تي خرچ نه ڪيو، جي
جائز نه آهن يا جي انهن جا حقدار نه آهن، ڇو ته
الله تعاليٰ جل شانہٗ مؤمنن جي تعريف هيئن ٿو
فرمائي ته اهي ماڻهو خرچ ڪرڻ وارا آهن،جي نه فضول
خرچي ڪن ٿا ۽ نه ڪنجوسي ڪن ٿا. يعني گناهن ۾ اهي
خرچ نٿا ڪن ۽ خدا جي حڪم جي مطابق خرچ ڪرڻ کان نٿا
رهن.
اٺون ته مٿانهين مرتبي ۽ بزرگيءَ جي خواهش پنهنجي
واسطي نه ڪري،ڇو ته خداوند تعاليٰ فرمائي ٿو ته
آخرت جو گهر يعني بهشت، اسان انهن ماڻهن کي ڏيون
ٿا، جيڪي دنيا ۾ وڏي کان وڏي درجي جي حاصل ڪرڻ جي
خواهش نه رکندا آهن ۽ فساد ڪندا آهن.
نائون ته پنهنجي وقت ۾ پنج ئي وقت نماز جا ادا
ڪري، رڪوع ۽ سجدا چڱي طرح ڪري. خداوند تعاليٰ
فرمائي ٿو ته توهان نمازن کي نگاهه ۾ رکو، خاص طرح
وچينءَ نماز کي ۽ خدا تعاليٰ جا تابعدار بڻجي وڃو.
ڏهون ته سنت پيغمبر صلي الله عليہ وسلم جي پيروي
ڪيو ۽ مسلمانن سان رلي ملي رهو. خداوند تعاليٰ
فرمائي ٿو ته يقيناً هيءَ منهنجي سڌي واٽ آهي.
توهان انهيءَ تي هلو ۽ ٻين واٽن کي قبول نه ڪيو.
جيڪڏهن ٻين واٽن ۾ داخل ٿيندؤ ته توهان خدا تعاليٰ
جي سڌيءَ راهه کان ڀلجي ويندؤ.
انهن مٿين ڏهن ڳالهين جي ڪريءَ سان ڪِري مڪمل ٿي
ٿئي، جنهنڪري نيڪ عمل ڪرڻ جي توفيق پيدا ٿي ٿئي ۽
ان کان پوءِ، الله تعاليٰ ان تي ترس آڻي انهن کي
توبہ جي توفيق عطا ٿو فرمائي ۽ پنهنجي نيڪ بندن ۽
دوستن، جيڪي محبت جي ويڄن مثل آهن، انهن جي عنايت
ٿو فرمائي؛ جي خدا جي مهربانيءَ سان انهن کي گناهن
جي بيماريءَ مان ڇڏائي سگهو ڪن ٿا يعني چڱو ڀلو ڪن
ٿا. پر جي پنهنجي حقيقي ويڄن جي در تي وڃي ويٺا ته
انهن به مٿس ترس آڻي هوند چيٺي چڱا ڀلا ڪيا. جيئن
ايندڙ بيت نمبر 5 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو
فرمائي ته:
بيت
اَگهَائِيٌ سَگهَا ٿِيَا جي ويٺَا وَٽ ِ ويڄَنِ،
تَرٌسِيٌ طَبِيٌبَن ِ، چيٺي هُونٌدَ چَڱَا ڪُيَا.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته اَگها ئي يعني بيمار ئي
سَگها ٿيا، يعني چڱا ڀلا ۽ تندرست ٿي پيا، پر
جيڪي وڃي ويٺا طبيبن ۽ ويڄن وٽ، ته پوءِ طبيبن به
مٿن ترس ۽ حياءُ ڪري چيٺي آهستگيءَ سان يعني
هوريان هوريان ملمون ۽ پٽيون ڪري،سندن ڦٽ هوريان
هوريان چيٺي چيٺ ڪري يعني ڇٽائي، هوند چڱا ڀلا
يعني جيڪر ڪري وڌائون.
هن جو خلاصو مطلب آهي ته اهي ئي اَگها سَگها ٿيا،
جي اورچ ٿي ۽ يقين ڪري، سچو ۽ پڪو ارادو ڪري وڃي
طبيبن وٽ ويٺا ۽ نه وري طبيبن کي ڇڏي ڪو ٻيو پهه
ڪيائون، نه سندن دوائن جي ڪڙائي يا ڏَسيل ڪريءَ کي
ڏکيو سمجهيائون ۽ انهن جا پورا پورا مطيع ۽
فرمانبردار ٿيا، ته پوءِ ضرور جيڪر طبيبن به مٿن
ترس ۽ ٻاجهه ڪري چڱي چٺ ڪري کين چڱو ڀلو ڪيو. هي
بيت ڪمال درجي جو چيل آهي. هن بيت ۾ ٻه شرط آهن؛
هڪ ته اگهائيءَ کان صحتياب ٿيڻ لاءِ جي اگهو هوندو
ته سَگهو ٿيندو، ٻيو ته جي ويڄن وٽ هڪ – منو ٿي
ويهندو، ته پوءِ اهو ضرور آهي ته طبيب به مٿن ترس
آڻن ۽ کين چيٺي چڱو ڀلو ڪن، پر طبيبن جو به بيمارن
کي ترس سان چيٺڻ، ڇڏيل آهي مٿين ٻن شرطن تي، جيئن
هڪ ته اگهو ضرور هجي، ٻيو ته هڪ – منو ٿي ويهي.
ٽِڪي، ترسي، طبيبن وٽ علاج ڪرائي، ته پوءِ اهو ئي
سگهو يعني چڱو ڀلو شفاياب ٿيندو.
جيئن مثال وٺجي ته جَهٌلُ به بيماري آهي. پوءِ
جاهل جَهل جو بيمار، جي ڪنهن علماءَ راسخ وٽ، جو
طبيب مثل آهي، ان وٽ وڃي هڪ – منو پڪو، سچو ارادو
ڪري علم سکندو ۽ پڙهندو ته استاد به مٿس رحم آڻي،
کيس ان جهل جي بيماريءَ کان ڇڏائي قابل ۽ عالم
ڪندو، پر شرط ان ۾ به ساڳيو آهي ته اهي ئي جاهل
جهل کان ڇٽندا، جي عالمن وٽ ويهندا ۽ پڙهندا. جيئن
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته:
اَگها ئي سَگها ٿيا، جي ويٺا وٽ ويڄن.
پوءِ توڙي طبع جا منجهيل ڏڏ هجن، تڏهن به مٿن
استادن ترس آڻي، هوريان سيکاري، سبق ڏئي هوند
پڙهايا. جيئن ڀٽائي رحمة الله عليہ فرمايو: ”ترسي
طبيبن چيٺي هوند چڱا ڪيا“. اهڙيءَ طرح تصوّف ۾ به
ساڳيو مثال آهي، جو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ
آسان مثال بيمارن ۽ ويڄن جي بيان ۾ آڻي سمجهايو
آهي، ڇاڪاڻ ته بيمار ۽ طبيب ۽ بيمارين ۽ ان جي
ڏَسن، ڏنڀن، ڊڀن، پَڙين ۽ علاجن کان هرهڪ ماڻهو
ننڍو وڏو، غريب شاهوڪار، هاري واپاري ۽ شاهه گدا
واقف آهي. اهو مثال سڀڪنهن کي سڻائو سمجهه ۾
ايندو.
هيءَ وڏي ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ جي فصاحت ۽
بلاغت، عجيب رنگ ۽ ڍنگ جي آهي. ڪهڙي نه سٺڙي ۽
ڪيئن چيل آهي! جيئن هن ۾ وڌيڪ ويچار ڪندؤ،تيئن هن
جي معنيٰ ۽ مطلب کان وڌيڪ مراد لهندؤ. اهڙي طرح
طالب موليٰ به جي پنهنجي موليٰ سائينءَ جي در تي
يا مرشد وٽ، جي طبيب مثل آهن، هڪ – منو توبہ ڪري
ويهندو ۽ در نه ڇڏيندو، ته اهي طبيب به مٿس ترس
آڻي کيس گناهن جي بيماريءَ کان شفاياب ڪندا، پر ان
۾ به اهي ساڳيا ٻه شرط آهن؛ هڪ پنهنجي محبوب موليٰ
سائينءَ جي محبت ۾ بيمار هجي، ٻيو ته هميشه پنهنجي
محبوب موليٰ جو مطيع، مرشد ۽ نبي ڪريم صلي الله
عليہ وسلم جو فرمانبردار ٿي رهي، ته پوءِ انهن کي
به ترس پوندو ۽ کيس ضرور شفاياب ڪندا ۽ سِگهو ئي
سَگهو ٿيندو؛ پر شرط آهي ته اگها ضرور هجن، شفاياب
يا سَگها اهي ٿيندا، جي پنهنجي موليٰ سائينءَ جي
محبت ۾ اگها هوندا. جيئن قرآن شريف جي سورة آل
عمران جي چوٿين رڪوع ۾ آهي ته:
قُلٌ اِنٌ ڪُنٌتُمٌ تُحِبُّوٌنَ اللهَ فَا
تَّبِعُوٌنِيٌ يُحٌبِبٌکُمُ اللهُ○
موليٰ سائين فرمايو – اي منهنجا حبيب! محبت جا
طبيب، محمّد صلي الله عليہ وسلم، اوهان چؤ ته
جيڪڏهن توهان الله سان محبت رکو ٿا، ته منهنجي
پيروي ڪيو ته الله اوهان سان محبت ڪندو.
هن آيت سڳوريءَ جو به ساڳيو مطلب آهي، ته موليٰ
سائين ٿو فرمائي ته جيڪو محمّد ڪريم صلي الله عليہ
وسلم جي پيروي، مطيع ۽ فرمانبرداري ڪندو، جو طبيب
مثل آهي، ته مان ان سان محبت ڪندس. پوءِ جنهن سان
موليٰ سائين پاڻ محبت ڪري،اهو سَگهو يعني شفاياب
سڀني گناهن ۽ غمن کان ٿيو. پر شفا جو شرط آهي جيئن
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو ته ” اگها ئي
سَگها ٿيا، جي ويٺا وٽ ويڄن“- حقيقي ويڄ، طبيب ۽
حڪيم آهي منهنجو محبوب موليٰ سائين ۽ ان جو رسول
مقبول صلي الله عليہ وسلم. پوءِ جيڪي سندن محبت جا
اگها، سندن مطيع ۽ فرمانبردار ٿي پنهنجي موليٰ جي
اڳيان عبادت ڪندا، سجدا نماز نفل ادا ڪندا ۽ سندس
عبادات هر قسم جي فرضيات ۽ واجبات ۽ نفلات ۾ لڳا
رهندا، سي ئي سَگها ٿيندا ۽ شفاف ٿيندا. حديث شريف
– بخاري شريف ۾ حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي
ته فرمايو نبي اڪرم صلي الله عليہ وسلم تي الله
تعاليٰ ٿو فرمائي ته:
مَنٌ عَادَي لِيٌ وَلِيّاً فَقَدٌ اٰذَنٌتُہٗ
بِاالٌحَرٌبِ وَ مَا تَقَرَّبَ اِلَيَّ عَبٌدُٗ
بِشَيٌ ءٍ اَحَبُّ اِلَيَّ مِمَّا اِفٌتَرَضٌتُ وَ
مَا يَزَالُ عَبٌدِيٌ يَتَقَرَّبُ اِلَيَّ
بِالنَّوَافِل ِ حَتّيٰ اَحٌبَبٌتَہٗ فَاِذَا
اَحٌبَبٌتہٗ کُنٌتُ سمعہٌ الَّذِيٌ يَسٌمَعُ بِہٖ
وَ بَصَرُهٗ اَلَّذ ِيٌ يَبٌصُرُ بِہٖ وَ يَدُّهٗ○ اَللَّتِيٌ
يَبٌطِشُ بِهَاوَر ِجٌلَہٗ اَلَّتِيٌ يَمٌشِيٌ
بِهَا وَ اِنٌ سَئَلَنِيٌ لَاُ عٌطِيَنَّہٗ وَ
لَئِنٌ اِسٌتَعَاذَنِيٌ لَاُ عِيٌذَنَّہٌ وَمَا
تَرَ دَّدٌتَ عَنٌ شَيٌ ءٍ اَنَا فَاعِلُہٗ
تَرَدَّد ِيٌ عَنٌ نَفٌسِ الٌمُؤمِن ِ يَڪٌرَهُ
الٌمَوٌتُ وَ اَنٌ اَڪٌرَهُ مَسَاعَتَہٗ وَ لاَ
بُدَّلَہٗ مِنٌہُ○
ترجمو: تحقيق الله تعاليٰ فرمايو ته جو منهنجي
دوست کي دشمن رکندو، پوءِ تحقيق مون ان کي ڄاڻ ڪيو
جنگ ڪرڻ بابت ۽ نه قرب حاصل ڪيو منهنجي طرف منهنجي
بندن مان ڪنهن. اهڙي شيءِ سان، جا زور پياري هجي
مون کي، ان جي عبادت جي ادا ڪرڻ کان، جو مون ان تي
فرض ڪئي آهي ۽ بندو هميشہ نوافل جي وسيلي سان
منهنجي طرف قرب حاصل ڪندو رهندو آهي. آخر انهيءَ
درجي کي پهچي وڃي ٿو، جو مان ان سان محبت ڪرڻ لڳان
ٿو، تانجو مان ان جو ڪَن بڻجي وڃان ٿو، جنهن سان
هو ٻڌي ٿو ۽ مان ان جي اک بڻجي وڃان ٿو، جنهن سان
هو ڏسي ٿو ۽ مان ان جا هٿ بڻجان ٿو، جنهن سان هو
وٺي ٿو ۽ مان ان جا پير بڻجان ٿو جنهن سان هو هلي
ٿو؛ پر جي اهو مون کي سوال ڪري ٿو ته مان ان کي
عطا ٿو ڪيان، پر جي اهو مون کان پناهه ٿو گهري ته
مان ان کي پناهه ٿو ڏيان ۽ نٿو مون کي تردد ٿئي
ڪنهن ڪم ۾، جنهن جي ڪرڻ وارو مان آهيان، جهڙو تردد
۽ فڪر ٿئي ٿو مون کي مؤمن جي ساهه قبض ڪرڻ ۾؛ ڇا
جي ڪري؟ جو ان کي رنج ٿئي ٿو ۽ موت کان ان جي دل
ڏکندي آهي ۽ مون کي ان جي دل ڏکوئڻ نه وڻندي آهي
امام احمد رضه ۽ بيهقيءَ، جو هن حديث جي بيبي
عائشہ رضه کان روايت ڪئي آهي، ان ۾ هي جملو به آهي
ته مان ان جي دل بڻجان ٿو، جنهن سان هو سمجهي ٿو ۽
مان ان جي زبان بڻجان ٿو، جنهن سان هو ڪلام ڪري
ٿو. هن حديث مان صاف ظاهر آهي ته جو بندو پنهنجي
حقيقي حڪيم وٽ ٽِڪي، يعني دل سان لڳي عبادت ڪري ٿو
۽ گهڻائيءَ سان سجدا ڏئي، نفل نمازون پڙهي ٿو ۽
سندس محبت جو اگهو ۽ مست ۽ محو آهي، ان تي اهو
حڪيم به ترس آڻي کيس اهڙو سَگهو ٿو ڪري، جنهن سان
پاڻ محبت ڪرڻ ٿو لڳي ۽ اهڙو هن کي شفاياب سڀني
اگهاين کان ڪري ٿو، جو هن جي دل ڏکوئجڻ خود اهو
منهنجو حقيقي حڪيم محبوب موليٰ سائين پاڻ نٿو سهي،
جيئن مٿينءَ حديث شريف ۾ ظاهر آهي. جيڪي سندس در
تي زور عابد، مطيع ۽ فرمانبردار ٿي سندس محبت ۾
اگها ٿي ويٺا، سي سِگهو ئي سَگها ٿيا، جيئن ڀٽائي
صاحب رحمة الله عليہ به ٿو فرمائي:
اگها ئي سَگها ٿيا، جي ويٺا وٽ ويڄن.
پوءِ حقيقي حڪيم به مٿن ايڏو ٿو ترس آڻي، جو کين
چيٺي نيٺ چڱو ٿو ڪري. جيئن مٿينءَ حديث شريف ۾
گذريو، اُئين ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به فرمايو
ته ” ترسي طبيبن چيٺي هوند چڱا ڪيا“- باقي ”هوند“
جو لفظ شڪي آهي، سو ڇو آندو ويو آهي؟ ڇو ته سڀ ته
اهڙا بندا به نه آهن، جي موليٰ سائينءَ وٽ اهڙا
سندس محبت ۾ محو ٿي وڃن ٿا، جو سندس ڪَنَ، اک، هٿ،
پير، دل ۽ زبان الله تعاليٰ خود بڻجي ٿو، پر هتي
انهن بندن جو بيان آهي ۽ شرط ڪيو ويو آهي، جي
مٿينءَ حديث سڳوريءَ وانگر خود راءِ وٽ رات رهن ٿا
۽ سندس محبت ۾ محو آهن ۽ سندس خاص بندا خالص عبادت
ڪن ٿا؛ جي ائين ويڄن وٽ ويهن ته پوءِ” ترسي طبيبن
چيٺي هوند چڱا ڪيا“. اهو شرط لڳايو ويو ته خاص
بندا خالص عابد ٿي ويڄن وٽ جيڪر ويهن، ته هوند
انهن به ترس آڻي کين نيٺ چيٺي هوند يعني جيڪر چڱو
ڀلو ڪيو. ” هوند“ جو لفظ هن تڪ ۾ اهڙيءَ طرح رکيو
ويو آهي، جو مستقبل جي معنيٰ ته ڏيکاري ٿو، پر
ماضيءَ جي به معنيٰ ڏيکاري ٿو. جيئن چئجي ته هائو،
جي اهي منڪر منافق به حضور ڪريم صلي الله عليہ
وسلم ۽ امامن سڳورن ۽ اصحابن ڪرامن وٽ، جيڪي سندن
محبت جا اگها ٿي وٽن ويٺا، ته انهن سڳورن به چيٺي
هوندا چڱا ڪيا.
هن بيت ۾ هيءَ ڳالهه به عجيب ڏيکاري ويئي آهي ته
سگها اهي ٿيندا، جي اول اگها هوندا. يعني اول جي
گنهگار هوندا ۽ گناهن جي مرض ۾ اگها هوندا، اهي ئي
سَگها يا شفاياب ٿيندا. ڇاڪاڻ ته جيڪي صالح بندا
آهن ۽ نيڪ عمل ڪندڙ آهن، اهي ته سگها يعني چڱا ڀلا
آهن ۽ انهن جي لاءِ ته الله تعاليٰ قرآن شريف ۾
گهڻين جاين تي فرمايو آهي ته اهي ڇٽل آهن ۽ وڏي
ثواب جا لائق آهن. جيئن سورة المرسلٰت ۾ پاره 29 ۾
آهي:
اِنَّ الٌمُتَّقِيٌنَ فِيٌ ظِلاَلٍ وَّ عُيُوٌنٍ
وَّ فَوَاکِہَ مِمَّا يَشٌتَهُوٌنَ ڪُلُوٌا وَ
اشٌرَبُوٌ هَنِيٌئاً بِمَا کُنٌتُمٌ تَعٌمَلُوٌنَ
اِنَّا ڪَذَالِڪَ نَجٌز ِالٌمُحٌسِنِيٌنَ○
ترجمو: تحقيق پرهيزگار منجهه ڇانوُن ۽ چشمن ۽ ميون
هوندا، جن جي سَڌ ڪندا چونداسون کائو ۽ پيئو
آسودو، سبب عملن اوهان جي. تحقيق، اسين اهڙي جزا
ڏينداسون نيڪوڪارن کي.
هن آيت سڳوريءَ ۾ صاف ظاهر آهي ته نيڪو ڪارن،
پرهيزگارن، ڪِري ڪندڙن ۽ سگهن لاءِ وڏا اجر ۽
انعام آهن. بهشت ۾ انهن کي ته ڪو ڏک يا اگهائي نه
هوندي. اهڙيءَ طرح سورة النبا ۾ سَگهن يعني نيڪن
لاءِ آهي ته:
اِنَّ الٌمُتَّقِيٌنَ مَفَازاً حَدَائِقَ وَ
اَعٌنَاباً وَّ کَوَاعِبَ اَتٌرَابًا وَّ کَاٌساً
د ِهَاقاً لا يَسٌمَعُوٌنَ فِيٌهَا لَغٌواً وَّ
لاَ کِذَّابًا جَزَاء ً مِّنٌ رَّبِّڪَ عَطَاء ً
حِسَابًا○
ترجمو: تحقيق پرهيزگارن لاءِ آهي جاءِ ڇوٽڪي جي،
باغ ڊاکون ۽ ڪنواريون هڪجيڏيون ۽ پيالا شراب جا
ڀريل،نه ٻڌندا بهشت ۾ بيفائدو ڪلام ۽ ڪوڙ- جزا
آهي،وٽان ربّ بخشش آهي، بيحساب، اجهو نيڪن سَگهن
لئه ته اهي انعام بهشت جا آهن.
پر شاهه صاحب رحمة الله عليہ هتي هن تڪ ۾ اگهن
گنهگارن جو بيان ٿو فرمائي، جن لاءِ ئي ساڳي سورة
المرسلٰت ۾، ساڳيءَ مٿين آيت کان پوءِ آيو آهي ته:
وَيٌلُٗ يَّوٌمَئِذٍ لِّلٌمُڪَذِّبِيٌنَ○
ترجمو: هلاڪي آهي ان ڏينهن ۾ ڪوڙن لاءِ.
ڇو انهن ڪوڙن لاءِ هلاڪي آهي؟ جو:
وَاِذَا قِيٌلَ لَهُمُ ارٌڪَعُوٌا لاَ
يَرٌڪَعُوٌنَ ○
ترجمو: جڏهن چوي نبي انهن کي ته نماز پڙهو ته نٿا
پڙهن.
پوءِ وري آهي ته: وَيٌلُٗ يَّوٌمَئِذٍ
لِّلٌمُڪَذِّبِيٌنَ ○
پوءِ انهن اگهن لاءِ ٿو شاهه صاحب فرمائي ته هائو،
جي اهي اگها به سَگها ئي ٿيا، پر جي وڃي حضور ڪريم
صلي الله عليہ وسلم، جو حقيقي ويڄ هئو، ان وٽ ويٺا
۽ تابع ٿيا ته اهڙو الله تعاليٰ ۽ الله جو رسول
رحيم آهي، جو مٿن ترس آڻي سندن انهيءَ بڇڙي مرض
منافقي ۽ ڪنڪرائي کي به هوريان هوريان ”ڄيٺي چڱا
ڪيا“ – توڙي کين اها اگهائي گناهن جي هئي، تڏهن به
اهي اگها ئي سَگها ٿيا. ”پر جي ويٺا وٽ ويڄن، ته
ترسي طبيبن ڄيٺي هوند چڱا ڪيا“ – ٻيو طبيب آهي،
علماءَ فاضل ۽ اولياءَ الله تعاليٰ ، جيڪي دين جي
سڀني ڪمن کي ڄاڻن ٿا. مريض آهن جاهل، جي سڀني دين
جي ڪمن ۽ واٽ کان واقف نه آهن ۽ بيمار آهن جهل ۾.
هاڻي جي اهي دين جي طبيبن عالمن، عالمن ۽ اوليائن
وٽ وڃي پنهنجا مرض بيان ڪندا ته سندن علاج ڪري کين
دين جي راهه ۾ چڱو ڪندا، پر جي انهن وٽ نه ويندا ۽
پنهنجا ڏک تڪليفون جهڙاڪ دين جا مسئلا وغيره نه
پڇندا ته کين فائدو ڪو نه ٿيندو. هي موقعو هر وقت
هٿ نٿو اچي، تنهن ڪري جڏهن، جنهن وقت ڪنهن عالم يا
الله واري جي صحبت نصيب ٿئي ته ان کان مسئلا دين
جا پڇي ۽ سکي. جي ان وقت ملڻ تي نه سکندو ته پوءِ
سڄي عمر هٿ هڻڻان ۽ ارمان ڪرڻو پوندو، ۽ انهيءَ
آخرت جي علم کان ۽ دين کان اڻ واقف انڌي جي طرح
گذارڻو پوندو. جيئن ايندڙ بيت نمبر 6 ۾ ڀٽائي صاحب
رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته:
بيت
پَاڙي ويڄَ هُئَامِ، تَانٌ مُونٌ مُوٌرِ نه
پُڇِيَا،
تِيلَاهِينٌ پِيَامِ، موريسَرَ اَکِيُنِ ۾.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته جڏهن ويڄ طبيب ۽ علاج جا
ڄاڻو پاڙي ڀرسان منهنجي هئا، تڏهن مون مور يعني
اصلي نه پڇيا، تيلاهين يعني تنهن ڪري مون کي پيا
موريسر يعني ڦُلا اکين ۾.
هن بيت جو خلاصو مطلب هن طرح آهي: هن بيت ۾ جو
پاڙي وارن ويڄن ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي، سو
پنهنجي دل، عقل، فهم ۽ فڪر ڏانهن آهي. جڏهن به ڪو
آدمي گناهه جهڙو ڪم ڪندو آهي، تڏهن هن کي دل ۾ ته
خيال يا کٽڪو پيدا ٿيندو آهي، ته هي ڪم خراب آهي ۽
عقل به تسليم ڪندو آهي ته اهو ڪم ڪرين ته ٿو، پر
چڱو نه آهي ۽ چڱو نه ٿو ڪرين. پوءِ نفس ۽ شيطان ان
کي ڀڙڪائي ۽ همٿائي ٿو ته ڇا هي ٻيا فلاڻا، تو
جيڏا، تو جهڙا، تو کان عزّت آبروءَ ۾ جيڪي چڱا ٿا
سڏائن، اهي ڇو ٿا ڪن؟ تو ڪيو ته ڇا ٿيو؟ تو کي ڪير
ٿو ڏسي ۽ ڪير ٿو ڄاڻي؟ تڏهن پوءِ دليري ڪري گناهه
ٿو ڪري. هن ڳالهه ۾ جاهل، عالم ۽ عاقل جو سوال نه
آهي، هر هڪ آدمي گناهه کي پنهنجي دل ۾ ڄاڻي ٿو ۽
الله تعاليٰ ان کي دل ۾ ڄاڻائي ٿو. جيڪڏهن ائين نه
هجي ته پوءِ جاهل کي ته گناهه جي پڇا نه ٿئي. جيئن
مجازي قاعدي ۾ ڏوهه جي اڻڄاڻائي ڪو ڇوٽڪاري جو سبب
نه آهي، تيئن شرعي حڪم موجب به جاهل جو اهو جواب
ته، گناهه کي مون گناهه يا ڏوهه نه سمجهيو، تڏهن
به هو گنهگار ٿيو ۽ ان تي شرعي سزا جاري ٿيندي ۽
هن جو جواب اڻڄاڻائيءَ جو، ڇوٽڪاري جو سبب نه
ٿيندو.
تڏهن هن بيت ۾ منهنجي مرشد ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ اندر جي مرضن جي لاءِ حڪيم به اندر پاڙي جا
پسند ڪيا آهن، جيڪي الله تعاليٰ حقيقي حڪيم هر هڪ
آدميءَ جي پاڙي ۾ اندر مقرر ڪيا آهن، انهن کان پڇڻ
گهرجي. افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته اهڙا پاڙيچا
ويڄ ويجها هجن ۽ انهن کان اصلي نه پڇجي، ته وڏي
جهالت ۽ غلطي ۽ انڌائي آهي! پوءِ پڪ سور سهڻا
پوندا ۽ ڏينهون ڏينهن گناهن جي سبب کان دل ڪَسجي
ڪاري ٿي ويندي ۽ روشني ان جي بند ٿيندي ويندي. اها
روشني ائين آهستي آهستي گناهن جي ڪرڻ کان بند
ٿيندي ويندي، جيئن چٽي نظر واري کي پهرين ڦُلا پون
يا ٿورو لُڙ اکين تي ٿئي يا انب اکين ۾ پيدا ٿين،
پوءِ وڌندا وڌندا نيٺ اهي مرض هن جي سموري نظر کي
نقصان ڪري انڌو ڪيو ڇڏين، تيئن گناهه به دل جا مرض
آهن، وڌندا، وڌندا پهرين دل کي ڦُلن مثال ٿورو ڪٽن
ٿا، پر جي انهيءَ ٿوري ڪٽجڻ کان به اول انهن اندر
جي ويڄن سان، انهن مرضن جي ويهي پڇا ڪجي ها، ته
هوند دل جي روشنيءَ ۾ موريسر نه پون ٿا. اها اسان
جي وڏي ڀل آهي، جو پاڙي ۾ ويڄ به هجن ۽ پوءِ انهن
کان پڇا نه ڪجي. پوءِ جڏهن مرض ۾ مبتلا ٿبو، تڏهن
اسان کي ائين افسوس سان ضرور چوڻو پوندو، جيئن
منهنجو مرشد ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي
ته افسوس جو مون ڇا ڪيو جو؟
پاڙي ويڄ هئام تان مون مور نه پڇيا،
تيلاهين پيام، موريسر اکين ۾.
هي بيت ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ جو اهڙي طرح
آهي، جهڙيءَ طرح آيتون قرآن شريف ۾ خاص آهن، پر
حڪم انهن جو عام آهي، اهڙيءَ طرح هن بيت ۾ ڀٽائي
صاحب گويا خاص پنهنجي طرف منسوب ڪيو آهي، پر ڏَسُ
ان جي عام جي لاءِ آهي. تڏهن ٻيو پاڙي ۾ ويڄ اسان
جي قرآن ڪريم جو ڀلو ڪلام ربّ جو آهي. ان کان پڇا
ڪريون ته هوند دل جي اکين ۾ موريسر نه پون. الله ۽
الله جي رسول ۽ قيامت تي سچو ايمان آڻيون. ايمان
زباني قبول ڪرڻ نه آهي، پر دل سان يقين ڪرڻ ۽ ان
تي عمل ڪرڻ آهي. نه زباني چوڻ ته اسان ايمان آندو
الله تي ۽ ڏينهن آخرت تي، ته اها فقط ٺڳي آهي ۽
ٺڳي، نه رڳو ٻين مؤمنن ۽ الله سان آهي، پر خود
پنهنجي نفس سان به آهي ۽ انهيءَ پنهنجي دل جي
انڌائيءَ جي مرض کي نٿا ڄاڻون، جيئن قرآن ڪريم جي
سورة البقرہ جي رڪوع 2 ۾ آهي:
وَ مِنَ النَّاسَ مَنٌ يَّقُوٌلُ اٰمَنَّا بِاللهِ
وَ بِاالٌيَوٌمَ اٌلاٰخِر ِ وَ مَا هُمٌ بِمُؤ
ٌمِنِيٌنَ. يُخٰدِعُوٌنَ اللهَ وَ الَّذ ِيٌنَ
اٰمَنُوٌج وَ مَا يَخٌدَعُوٌنَ اِلاَّ
اَنٌفُسَهُمٌ وَ مَا يَشٌعُرُوٌنَ. فِيٌ
قُلُوٌبِهِمٌ مَّرضُٗ فَزَادَ هُمُ اللهُ مَرَضاً
ج وَ لَهُمٌ عَذَابءُ اَلِيٌمُٗ○
ترجمو: ۽ ڪي ماڻهو سي آهن، جي چون ٿا ته ايمان
آندو اسان ساڻ الله ۽ ساڻ ڏينهن آخرت جي ۽ نه آهن
اهي مؤمن- ٺڳي ڪن ٿا خدا سان ۽ تن سين، جن ايمان
آندو ۽ نه ٺڳي ڪن ٿا، مگر ساڻ نفسن پنهنجن ۽ نٿا
ڄاڻن اهي منجهه انهن دلين انهن جي مرض آهي پوءِ
زياده ڪيو انهن کي خدا مرض ۽ واسطي انهن جي آهي
عذاب ڏکوئيندڙ.
هن آيت ۾ صاف ظاهر منافقن ڪافرن لاءِ چيو ويو آهي،
ته زباني ايمان وارو سڏائڻ هڪ ٺڳي آهي ۽ اهو دل جو
مرض آهي، جنهن کي الله تعاليٰ پنهنجي ناراضپي سان
وڌائي ٿو. پر حڪم انهيءَ آيت سڳوري جو عام آهي؛
جيڪو به زباني ايمان منافقي طرح سان آڻيندو ته اهو
وڏو مرض آهي، جو ڏينهون ڏينهن وڌندو ويندو ۽ نيٺ
ان جي لاءِ عذاب سخت جو سبب بڻبو. جهڙيءَ طرح قرآن
ڪريم ۾ هن وڏي ۾ وڏي ايمان جي مسئلي جو بيان سورة
البقر رڪوع 2 ۾ آهي، اهڙيءَ طرح ڀٽائي صاحب رحمة
الله عليہ به پنهنجي رسالي اندر سر ٻئي يمن ڪلياڻ
جي فصل ۾ هي بيان آندو آهي. ٽيون پاڙي ۾ يعني
ويجهو اندر ۾ دل ۽ نفس جي پڇا ڏانهن هيءُ بيت چيل
آهي ته
پاڙي ويڄ هئام، تان مون مور نه پڇيا،
تيلاهين پيام، موريسر اکين ۾.
دل پاڙيچي طبيب کان پڇڻ يعني حساب پڇڻ، سڄي ڏينهن
جي عملن جو ته ڪهڙا عمل نيڪ ۽ ڪهڙا بد ڪيائون
انهيءَ جي ڪمن ۽ عملن جي ڏهاڙي جائزي وٺڻ کي ۽
انهن عملن پٽاندر انهن جي سزا يا جزا ڏيڻ کي راهه
سلوڪ ۾ محاسبو چوندا آهن. انهيءَ محاسبي جي فضيلت
۾ ٿورو ڪجهه بيان ڪجي ٿو،جيئن الله تعاليٰ دل کان
حساب پڇڻ جي فضيلت ۾ فرمائي ٿو:
يٰاَيُّهَا الَّذين اٰمنوا تقو الله و لتنظر نفس
مَّا قدمت لغد. ○
ترجمو: اي ايمان وارا ڊڄو الله کان ۽ جي گهُرو ته
ڏسي هر ڪوئي، جو موڪليو اٿس سڀاڻي جي لاءِ.
هن آيت ۾ گذريل عملن جي حساب ڪرڻ ڏانهن اشارو آهي
۽ انهيءَ ڪري حضرت عمر رضه فرمايو آهي ته پنهنجي
نفسن کان حساب پڇو. اول انهيءَ کان، جو توهان کان
حساب پڇو ۽ ورتو وڃي؛ ان جو جائزو وٺو اڳ ۾ انهيءَ
کان جو اوهان جي جاچ ڪئي وڃي. حديث شريف ۾ آهي ته
هڪڙو شخص حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم
جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته مون کي ڪجهه
وصيت فرمايو. پاڻ فرمايائون ته جڏهن تون ڪنهن ڪم
جو ارادو ڪرين ته ان جي نتيجي کي سوچ. جيڪڏهن اهو
چڱو آهي ته ڪر، جي بڇڙو آهي ته نه ڪر. ٻي حديث
شريف ۾ آهي ته عاقل جي واسطي چار ساعتون آهن.
گهرجي ته هڪڙي ساعت نفس جي پڇا لاءِ هجي. الله
تعاليٰ فرمائي ٿو ته:
وَ تُوٌبُوٌ اِلَي اللهِ جَمِيٌعاً اَيُّهَا
الٌمُؤ ٌمِنُوٌنَ لَعَلَّکُمٌ تُفٌلِحُوٌنَ. ○
ترجمو؛ ۽ توبہ ڪيو الله تعاليٰ اڳيان سڀ گڏجي اي
ايمان وارؤ، من ڇٽو
هن آيت سڳوري ۾ الله تعاليٰ صاف ظاهر فرمايو آهي
توبہ لاءِ. توبہ انهيءَ جو نالو آهي، جو بدعمل جي
ڪرڻ بعد ان تي نظر ندامت يعني شرمندو ٿئي ۽ افسوس
ڪري ته ڇو ڪيم ۽ انشاءَ الله تعاليٰ اڳتي نه ڪندس
۽ پوءِ نه ڪري. ميمون بن مهران فرمائي ٿو ته بندو
تيستا.ئين متقين مان نٿو ٿئي، جيستائين پنهنجي نفس
کان اهڙي طرح حساب نه پڇي. جيئن ڪنهن واپاري
ڀائيوار کان وٺبو آهي ۽ اهي ڀائيوار به ڪم ڪرڻ کان
پوءِ حساب ڪتاب جي پڇا پاڻ ۾ ڪندا آهن. حضرت ابو
طلحہ رضه جي احوال ۾ روايت آهي ته جڏهن ان کي نماز
۾ جهَارِ جو خيال آيو ته هن ويچار ڪري پنهنجو باغ
صدقو ڪري ڏئي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته کيس انهيءَ پنهنجي
غلط خيال تي، جو ان کي نماز ۾ پيو، ايڏو افسوس ۽
اندوهه ٿيو، جو اهو باغ ئي خيرات ڏئي ڇڏيائين ۽ دل
۾ اها توڪّل ڪيائين ته خدا ان جي عيوض پاڻهين ٻيو
ڏيندو.
حضرت ابن سلام رضه جي احوال ۾ آهي ته انهيءَ هڪ
ڪاٺين جي ڀري کنئين. ان کان پڇيائون ته توهان کي
ته نوڪر به آهي، جو ڪاٺين جو ڪم ڪري؟ پاڻ
فرمايائين ته مان پنهنجي نفس جو امتحان ٿو وٺان ته
ڏسان ته انهيءَ ڳالهه کي بڇڙو ته نٿو ڄاڻي. حضرت
حسن رحه فرمائي ٿو ته مؤمن پنهنجي نفس جو
سنڀاليندڙ آهي ۽ خدا تعاليٰ جي واسطي ان کان حساب
وٺندو آهي. انهن ماڻهن تي حساب هلڪو ٿيندو، جن
دنيا ۾ پنهنجي نفس کان حساب پڇو ۽ قيامت جو سخت
حساب انهن ماڻهن تي هوندو، جن ڪنهن به ڪم جي نفس
کان پڇا نه ڪئي. پوءِ پاڻ ان نفس جي حساب جو تفسير
فرمايو ته: مؤمن تي اوچتي ڪائي ڳالهه اچي ويندي
آهي، ته ان کي چڱي لڳندي آهي ۽ چوندو آهي ته مون
کي چڱو ٿو وڻين ۽ تنهنجو ڪم به چڱو ٿو وڻي پر مان
نٿو ڪري سگهان. جون مون ۾ ۽ تو ۾ تفاوت آهي. اهو
حساب آهي، جيڪو عمل کان اڳ ۾ ٿيندو آهي. وري پاڻ
فرمايائين ته بعضي جيڪڏهن مؤمن کان ڪا خطا ٿي
ويندي آهي، ته پنهنجي نفس جو ڏوهه ڀانئيندو آهي ۽
ان کي چوندو آهي ته تنهنجو ارادو ان ۾ ڪهڙو آهي؟
خدا جو قسم، اهو منهجو عذر نه مڃيو ويندو ۽ انهيءَ
طرف مان ڪڏهن به انشاءَ الله تعاليٰ نه ڏسندس،
حضرت مالڪ رضه کان روايت آهي ته هڪڙي ڏينهن حضرت
عمر رضه ۽ مان ٻاهر باغ ۾ وياسين ۽ منهنجي ۽ سندس
وچ ۾ هڪڙي ڀت جي اوٽ اچي وئي. مون ٻڌو جو پاڻ باغ
۾ هيئن ٿي فرمايائون ته ڇا، تون عمر بن خطاب امير
المؤمنين آهن؟ خدا جي واسطي، خدا جو خوف ڪندو رهه،
نه ته اهو توکي ضرور عذاب ڏيندو. حضرت حسن رضه
انهيءَ آيت شريف لا اقسم باالنفس اللوامہ- جي
تفسير ۾ فرمايائون ته مؤمن هميشه پنهنجي نفس کي
ڇينڀ ڪندو رهندو آهي. ايترو جو ان کي چوندو آهي ته
تنهنجي انهيءَ ڳالهائڻ جو مطلب ڇا ۽ کائڻ پيئڻ جو
مطلب ڪهڙو اٿئي؟ اڙي بدڪار! عمر اجائي ٿو وڃائين.
بڇڙو ماڻهو پنهنجي نفس کان ڪڏهن به عمل بابت پڇا
نه ڪندو آهي نه وري ڪا ان کي ملامت ڪندو آهي. مالڪ
بن دينار رحه فرمائي ٿو ته خدا رحم ڪري ان ٻانهي
تي، جو پنهنجي نفس کي هيئن چوي، تون فلاڻي ڪم جو
ڏوهاري ناهين؟ تو فلاڻي ڇو خطا ڪئي؟ پوءِ ان کي
سزا ڏئي. الله تعاليٰ جي ڪلام جو تابع ڪري. ميمون
بن مهران ٿو فرمائي ته صاف ماڻهو پنهنجي نفس جو
حساب ظالم بادشاهه ۽ بخيل ڀائيوار کان به زور وڌيڪ
وٺندو آهي. ابراهيم تميمي فرمائي ٿو، ته مان
پنهنجي نفس کي بهشت ۾ هڪڙي شڪل بڻائي وڃي ميوا
کارايم ۽ نهرن جو پاڻي به پياريم ۽ اتي جي ڪنوارين
سان به ملايومانس. وري پنهنجي نفس جي ٻي صورت
بڻائي دوزخ ۾ وٺي ويومانس، اتان جو کاڌو به
کارايومانس ۽ پونءِ جو خراب پاڻي به پياريومانس، ۽
زنجير ڪنڌ ۾ وڌامانس؛ پوءِ پڇومانس ته هاڻي تون ڇا
ٿو گهرين؟ هن چيو ته هاڻي گهران ٿو ته دنيا ۾
موٽائي وٺي هل ته اتي نيڪ عمل ڪيان. مون چيو مانس
ته تنهنجيون سڌون ته هت موجود آهن، يعني هاڻي تون
دنيا ۾ آهين، پوءِ ڇونه ٿو دنيا ۾ نيڪ عمل ڪرين؟ |