هاڻي هن نقل جو مطلب ٿيو ته جڏهن حضرت ابراهيم
عليہ السلام کي ملاقات ۽ محبت جو دلاسو مليو، تڏهن
موت کي به مِٺي ڳالهه سمجهائين. تڏهن ٿو ڀٽائي
صاحب فرمائي ته ”نينهن نيڻين ڳڙ ڳالهه وو“ . هاڻي
هن هلندڙ وائيءَ جي ٻي تُڪ آهي ته”جا چتايم چيم
سڄڻ سا ٿو ٻجهي“. هن تُڪ جو مطلب آهي ته جا ڳالهه
چتِ تي آيم يعني دل تي آيم، سا چيم. سڄڻ حقيقي، جو
منهنجين سڄاين يعني چڱاين ۾ آهي، سو سڀ ڄاڻي ۽
ٻُجهي يعني ٻُڌي ٿو. هاڻي، هن ۾ هڪ سوال ٿو اٿي ته
شاهه صاحب رحمة الله عليہ جو فرمائي ٿو ته ”جا چِت
آيم، سا چيم“، اها ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ان جا ٻه مطلب
آهن:هڪ ته شاهه صاحب رحمة الله عليہ سر ڪلياڻ جي
فصل پهرئين ۾، جنهن ۾ خاص توحيد جو بيان آهي،
انهيءَ ڏانهن اشارو ٿو ڪري ته مون کي جيڪا چِت تي
يعني دل تي آئي، يعني مون ڏانهن توحيد جي تعريف
آئي، سا چيم. باقي ان تعريف جو پورو حق منهنجو سڄڻ
حقيقي ٿو ڄاڻي ۽ سمجهي. منهنجيءَ زبان کي ڪهڙي
طاقت آهي جو توحيد جي تعريف ڪري يا ڄاڻي! هيءَ تڪ
ائين آهي، جيئن جڏهن ڪابه ڳالهه يا ڪوبه بيان،
جيڪو وس کان ٻاهر ٿيندو آهي، ته ان بابت چئبو
آهي”والله اعلم بالصَّواب“. ٻي معنيٰ هيءَ آهي ته
جا چتايم، يا جيڪا چتائي يعني ٻڌائي رهيو آهيان،
يا هن کان اڳ هن رسالي ۾ چيم يعني چئي اٿم، سا سڄڻ
منهنجو ٿو ڄاڻي ۽ سمجهي. يعني منهنجو حقيقي سڄڻ،
جو الله تعاليٰ آهي، سو منهنجي طرفان ڪيل هن تعريف
کي ڄاڻي ۽ ٻڌي ٿو. وري هن تڪ ۾ جو سڄڻ جو لفظ چيو
ويو آهي، سو مجازي سڄڻ ڏانهن به ظاهري اشارو ٿي
سگهي ٿو. ان موجب وري هن تڪ جي معنيٰ هن طرح
ٿيندي، ته جيڪي چتايم يعني تعريف خدا تعاليٰ جي
ڪري رهيو آهيان يا اڳتي ڪئي اٿم، سا منهنجو سڄڻ،
جنهن کي دل ۾ دشمني نه آهي ۽ سڄڻ معنيٰ، جيڪو
منهنجي سڄائيءَ ۾ آهي، سو منهنجي طرفان خدا تعاليٰ
جي ڪيل هن تعريف کي ڄاڻي ٿو ۽ سمجهي ٿو. پوءِ هن
کي انهيءَ ڪري فائدو به ٿيندو،پر جيڪو دشمن حاسد
آهي يا ان کي ڪو ٻيو مرض دل ۾ آهي، سو هن کي نه
ڄاڻندو ۽ نڪي فائدي وارو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته فصل
پهريون سر ڪلياڻ جو خاص توحيد جي تعريف ۾ چيو ويو
آهي ۽ اڳتي توحيد جي محبت ۽ ان محبتن جي محبت ۽
سِڪ جو بيان ۽ تعريف تفصيلوار بيان ڪئي وئي آهي.
پر انهن جي محبت ۽ عشق جو بيان يا مثال يا ڪا ٻي
انهن جي پچار محبتين کي وڻندي ۽ نه انهن کي وڻندي،
جن کي دل ۾ منافقيءَ جو مرض هوندو. نه وري انهن کي
هن مان فائدو ٿيندو.
قرآن شريف جي سورة توبہ رڪوع 16 ۾ خدا تعاليٰ
فرمايو آهي:
ترجمو: جڏهن نازل ٿي ٿئي سورة قرآن جي، پوءِ ڪي
منافق چون ٿا ته ڪنهن کي گهڻو يا زياده ويساهه ڪيو
هن سورة پر جي مؤمن آهن گهڻو ڪن ان کي سورون
ويساهه ۽ ايمان ۽ اهي خوش ٿين- پر جي ڪافر آهن، جن
جي دلين ۾ شڪ آهي، پوءِ گهڻو ڪن سورون قرآن جون ان
کي شڪ ساڻ شڪ ڪفر جي ۽ اهي مرن ڪافر ٿي.
انهن مٿين آيتن جو مطلب ۽ مقصد هي آهي، ته جي دشمن
آهن الله تعاليٰ جا ۽ الله تعاليٰ جي رسول صلي
الله عليہ وسلم جا، انهن کي ڪنهن به هدايت جهڙي
ڳالهه، خود قرآن به انهن کي هدايت نه ڪندو، پر جو
الله تعاليٰ جو ۽ ان جي دين جو سڄڻ هوندو،تنهن کي
قرآن شريف هدايت ڪندو ۽ انهن جو ويساهه وڌائيندو،
ڇو ته اهي ئي قرآن شريف جي هدايت ڄاڻندا ۽ سمجهندا
۽ اهي مؤمن خوش ٿيندا. انهيءَ موجب ڀٽائي صاحب
رحمة الله عليہ فرمائي ٿو ته:
جيڪا هيءَ ثنا الله تعاليٰ جي ڪئي اٿم سا، يا جيڪا
هن کان اڳي ڪيل آهي، سا منهنجو سڄڻ يعني مؤمن
سمجهي ۽ ٻڌي ٿو؛ جا چتايم چيم، سا ٿو سڄڻ ٻجهي- هن
تڪ جو ضد آهي ته جنهن کي دل ۾ مرض هوندو، اهو نه
سمجهندو. هن تُڪ ۾ ”چتايم“ جو لفظ سر ڪلياڻ جي فصل
پهرئين ڏانهن اشارو ٿو ڪري ۽ ”چيم“ جو لفظ ايندڙ
فصل نمبر 2 سر ڪلياڻ جي ڏانهن اشارو ٿو ڪري، جو هن
تُڪ جي ذريعي سر ڪلياڻ جي ٻنهي فصلن ۾ رابطو قائم
ڪيو ويو آهي. مٿيان لفظ ٻئي ”چتايم“ ۽ ”چيم“ وارا
ٻنهي فصلن جو رابطو قائم ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهو
لازمي آهي ۽ ان جي رابطي ڳنڍڻ جو هيءُ قوي سبب آهي
ته فصل پهرئين ۾ توحيد جي تعريف بيان ٿيل آهي، پر
مجمل طور فصل ٻئي ۾ توحيد جي تعريف آهي،پر مفصل
طرح ان ۾ شاهه صاحب توحيد جي قدرت ۽ حڪمت ۽ سندس
مهرباني، هدايت، شفا ۽ بخشش ۽ سندس محبتن جو بيان
عجيب طرحن ۽ نوعن سان فرمايو آهي، جو انشاءَ الله
تعاليٰ ان وقت ڪيو ويندو. تنهنڪري هيءَ بيان ٿيل
وائي ٻنهين فصلن ۾ رابطو قائم رکي ٿي.
هن وائي جي ٽين تُڪ آهي:
”لاتِ جا لطيف جي سڏ تنهين جو سُڄي.“
هن تُڪ يا سِٽ جي معنيٰ آهي لات يعني ٻولي يا
وائي، لطيف جي.لطيف الله تعاليٰ جو صفاتي نالو
آهي. لطف جي معنيٰ آهي مهرباني، خوش اخلاقي، مزو
وغيره. لطيف يعني مهرباني ڪندڙ جي لات يعني ٻولي،
جيڪا آهي سڏ تنهين جو سُڄي يعني سُجهي يا ٻُڌجي.
هن جو خلاصو مطلب آهي ته شاهه صاحب ٿو فرمائي ته
لات جا لطيف جي، يعني جيڪا منهنجي، انهيءَ لطيف
مهربان جي لطيف ٻولي مزيدار، مٺي ۽ سٺي لات يعني
ٻولي آهي؛ سڏ تنهين جو مون کي سجهي ٿو، پر هرهڪ کي
سجهي يعني دل ۾ هُري يا کُکي ٿو، اها لات، جيڪا
لطيف جي آهي، جا سڀڪنهن کي سجهي يعني دل ۾ هُري يا
کُکي ٿي، سا ڪهڙي؟ اها هن آيت شريف ڏانهن اشارو
آهي سورة الشوريٰ ع، جنهن ۾ خدا تعاليٰ ٿو فرمائي:
ترجمو:ڪوٺين تون ان کي جنهن کي الله ڌڻي پاڻ ڏانهن
جنهن کي گهُري ساڻ نصيحت ۽ جذبي محبت جي ۽ واٽ
ڏيکاري سلوڪ ۽ متابعت جي پاڻ ڏانهن، انهن کي جو
توبہ ڪري موٽي ساڻ خوف. پوءِ الله تعاليٰ لائق آهي
دوستيءَ جو او جيئاري مُئن کي ۽ او مٿي مڙني ٽولن
قادر آهه.
هن آيت شريف ۾ آهي ته الله تعاليٰ لائق آهي
دوستيءَ جو. انهيءَ سان محبت رکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته
هو اهڙو ته سڀ شيءِ تي قادر آهي، جو مئل کي به
جيئرو ڪري ۽ وري اهڙو ته مهربان آهي، جو جنهن کي
وڻيس، ان کي واٽ ڏيکاري سنئين پاڻ ڏانهن ۽ نصيحت
به ان کي پاڻ ڪري ۽ محبت پنهنجي به ان جي دل ۾
پيدا پاڻ ڪري. تڏهن محبت رکڻ جو لائق به اهو آهي ۽
رکڻ به ان سان گهرجي، جو لائق به محبت جو آهي. اها
لات لطيف جي، جيڪا سڀ ڪنهن کي سجهي ٿي، جو قرآن
شريف ۾ سڀني محبت وارن مؤمنن کي سجهي يعني دل ۾
هُري ٿي يعني کين معلوم آهي. هاڻي ”سجهي“ جو لفظ
هن تڪ جي اهڙي ته موقعي وقت شاهه صاحب رحمة الله
عليہ آندو آهي، جو اهو لفظ ”سجهي“ جو اهڙو ٻيو
مطلب ڏيکاري، جو ڄڻ ته سجهي ته ٿو، پر ڪن نٿا ۽
اهو لفظ جيئن ڪنهن ٻئي جملي ۾ آڻبو آهي ته هي ڪم
وغيره توکي سجهي ته ٿو پر هيئن نٿو ڪرين. انهيءَ
طرح هن وائيءَ جي انهيءَ تڪ نمبر 3 ۾ شاهه صاحب
اهو لفظ ”سجهي“ جو آندو آهي، ته اها لات لطيف جي
مِٺڙي ٻولي يعني الله تعاليٰ سان محبت، دوستي يا
ڳانڍاپي جي دعوت سجهي ٿي پر نٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته الله
تعاليٰ سان محبت رکڻ ۾ ڪي ٻيون ڳالهيون مجازي طرح
ڏکيون به لڳنديون آهن، جهڙيءَ طرح خدا تعاليٰ جي
امرن، جهڙوڪ روزا، نمازون، حج، زڪواة، زهد و
تقويٰ، صبر ، شڪر، جهاد، قناعت، فقر، فاقو وغيره
جي متابعت ڪرڻ.
مطلب ته شريعت جي پوري پوري پيروي ڪرڻ مجازن ڪؤڙي
۽ ڏکي لڳندي آهي، پر درحقيقت اها مِٺي ۽ سٺي سولي،
سڻائي ۽ سهانگي آهي. ان ۾ پاڻ شرط آهي محبت جو،
جڏهن اول الله تعاليٰ سان محبت رکندو ته پوءِ
شريعت جي آزمائش جون سڀئي ظاهري تڪليفون هن کي
سڻايون ۽ سهنجيون لڳنديون. ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ فرمايو آهي ته:
بيت
پِريان سندي پار جي مڙئي مِٺائي،
ڪانهي ڪڙائي چکين جي چيت ڪري.
هن بيت جو مطلب پڻ ساڳيو آهي، ته الله تعاليٰ
پرينءَ حقيقي پار يعني طرف جي سڀ آيل ڳالهه سٺي ۽
مٺي آهي. پر شرط آهي ته چِت سان چکين يعني دل جي
محبت سان تون چکي ڏسين، ته ان جي طرف يا پار کان
آيل شيءِ ڪؤڙي اصل نه، پر مِٺي آهي. هاڻي وري
انهيءَ مٿئينءَ وائيءَ جي پوئين لفظ ”سُجهي“ تي ٿا
اچون. شاهه صاحب رحمة الله عليہ اهو ”سُجهي“ لفظ
انهيءَ ڪري آندو آهي، جو اهو سڏ لطيف جي لات وارو،
جنهن جو بيان ٿي چڪو آهي، سڀڪنهن کي ٿو سجهي پر ڪن
نٿا، جو مجازن ڏکيو آهي. جهڙي طرح انهيءَ ساڳئي
سرڪلياڻ جي هن وائيءَ کان اڳتي ايندڙ ٻي وائيءَ ۾
ٿو فرمائي ته:
وائي
عشق تُساڏي مين گهايل ڪِيتي،
وو ميڏي ميان، درد رانجهن دي،
ويڄ طبيب پُڇندي مين ٿَڪي وو
(فصل پهرئين جي وائي نمبر 2)
هاڻي هن وائيءَ جي معنيٰ کان اڳ ۾، هن ضعيف ٻانهي
جو عرض آهي ته هنن واين جون ٿوريون سِٽون ۽ ٿورڙا
لفظ آهن، انهيءَ ڪري هنن واين جي ٿورن لفظن آهر
ٿوري معنيٰ ڪرڻ ضروري آهي، پر هيءُ ضعيف ٻانهون
تمام گهڻي ڊيگهه سان هن ڪري بيان ڪري رهيو آهي، جو
پنهنجي ضعيف عقل موجب گهڻي بيان ڪرڻ کان سواءِ؛
ٿوري بيان ڪرڻ سان، هنن واين جي ٿورن ڳُوڙهن لفظن
جي معنيٰ سمجهائي نٿو سگهان. وري ٻيو خوف ٿئي ٿو
ته پوءِ ٿوري بيان ڪرڻ سان متان مون جهڙا خدا
تعاليٰ جا ٻيا به بندا معنيٰ پوري شايد نه سمجهي
سگهن. ٽيون سبب گهڻي بيان جو اهو آهي ته شاهه صاحب
رحمة الله عليہ جو هيءُ شعر ٻين شاعرن جي شعر کان
بالاتر آهي، جن ۾ زمين ۽ آسمان جو تفاوت آهي.
انهيءَ جو اهو ثبوت ڪافي آهي جو شاهه صاحب رحمة
الله عليہ پاڻ رسالي اندر فرمايو آهي ته:
بيت
جي تو بيت ڀائيان سي آيتون آهين،
نِئو من لائين پِريان سندي پار ڏي.
هاڻي جڏهن شاهه صاحب رحمة الله عليہ پاڻ ٿو فرمائي
ته هي آيتون آهن ۽ منهنجي حقيقي پرينءَ ڏي
منهنجيءَ دل کي وڃيو لائين، يعني متوجهه ڪن ٿيون،
تڏهن هن ضعيف عقل کي ڇا مجال آهي جو اهڙن پيچيدن
لفظن جي معنيٰ ٿورڙن اکرن ۾ بيان ڪري سگهي! ڇاڪاڻ
ته شاهه صاحب رحمة الله عليہ جي فرموده موجب، جڏهن
هي بيت آيتون آهن، تڏهن انهن جي معنيٰ به سخت ڏکي
آهي،جيئن الله تعاليٰ پاڻ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ سورة
آل عمران رڪوع 1 ۾ فرمايو آهي ته:آيتون متشابهات
جون گهڻيون معنائون رکي سگهن ٿيون، جن کي دلين ۾
مرض آهي فتني جو، اهي پنهنجي مطلبن ڏانهن انهن
آيتن جي معنيٰ ڪن ٿا، پر انهن جي پوري معنيٰ خدا
تعاليٰ ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي سندس پيارا آهن، انهن کي
ڄاڻائي ٿو. تفسير وارا لکن ٿا ته آيتون محڪمات اهي
آهن، جن جي معنيٰ عقل سان ٿي سگهي ٿي. پر جي آيتون
متشابهات آهن، تن جي معنيٰ ڌار يعني سواءِ نقل جي،
ٿي نٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ پيچيدا راز سمايل
آهن، انهيءَ ڪري جڏهن هنن بيتن جو به شاهه صاحب
رحمة الله عليہ آيتن ڏانهن اشارو ڪيو آهي، تڏهن
اهڙن پيچيده رازن جو بيان به، سواءِ نقلن ۽ مثالن
۽ گهڻي بيان ڪرڻ جي، ٿي نٿو سگهي. انهيءَ ڪري هيءُ
خاص منهنجو قصور آهي. پڙهندڙ، عاقل منهنجو قصور
معاف ڪن ۽ منهنجن انهن دوستن کي منهنجيءَ هيءَ به
التجا آهي، ته جيڪا هن ڪتاب ۾ غلطي هجي، سا پنهنجي
مهربانيءَ سان خدارا سڌاري؛ صحيح ڪرڻ فرمائيندا ته
مان انهن استادن جو شڪرگذار رهندس.
هاڻي گذريل وائي نمبر 1 جو بيان هئو، ته لات جا
لطيف جي سڏ تنهن جو هر ڪنهن کي سُجهي ٿو پر ڪن
نٿا، ڇاڪاڻ ته دعوت الله تعاليٰ سان محبت رکڻ جي
ته سڀڪنهن ايمان واري کي مليل آهي، پر جيڪي محبت
موليٰ جي رکن ٿا، انهن کي وري سندس وصل جو وڌيڪ
شوق پيدا ٿئي ٿو. پوءِ جيستائين کين وصل نٿو ٿئي،
تيستائين سندن روز بروز سوز و گداز وڌندو وڃي ٿو ۽
اهي انهيءَ موليٰ مالڪ جي عشق ۾ گهايل ۽ ڦٽيل رهن
ٿا. جيئن شاهه صاحب رحمة الله عليہ وائي نمبر 2 جي
تڪ پهرينءَ ۾ ٿو فرمائي ته؛” عشق تساڏي مين گهايل
ڪيتي وو ميڏي ميان“. هن تڪ جي معنيٰ پڻ ائين آهي
ته عاشق پنهنجي حقيقي معشوق پنهنجي مالڪ کي مخاطب
ٿي ٿو چوي؛”وو ميڏي ميان“. يعني اي منهنجا مالڪ،
خاوند، آقا، وارث، ميان، مون کي عشق تساڏي يعني
توهان جي عشق مون کي ڦٽي ۽ گهائي ڇڏيو آهي،وو ميڏي
ميان، او منهنجا مالڪ، وارث! درد رانجهن دي يعني
تنهنجي رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي، جيڪو پڻ
منهنجو محبوب آهي، انهيءَ معشوق محبوب، نبي صلي
الله عليہ وسلم جي جدائيءَ جي درد يعني ڏک گهائي
وڌو آهي، او ميڏي ميان، او منهنجا مالڪ، صاحب
سردار!
هن جو مطلب آهي ته مٿي معنيٰ ڪيل ٻه تڪون آهن؛
هڪڙي ”عشق تُساڏي گهايل ڪِيتا“؛ ٻي”درد رانجهن
دي“. هاڻي انهن ٻنهي تڪن جي وچ ۾ شاعرن جي سردار
ڀٽائي گهوٽ رحمة الله عليہ”وو ميڏي ميان“ جو جملو
رکيو آهي، جو ٻنهي تڪن سان لاڳاپو ٿو رکي ۽ ٻنهي
تڪن کي ڳنڍي ٿو ۽ معنيٰ ۾ به انهن کي ڳنڍي ٿو.
هاڻي انهيءَ ترڪيب کي مثال ڏئي ٿو سمجهائي ته جيئن
مجازن معشوق وٽ ڪو عاشق چوي ته اي منهنجا معشوق،
تنهنجي عشق ته مون کي گهائي وڌو آهي، پر تنهنجي
وري هن پياري به – پوءِ اهو پيارو ان جو پُٽ يا
دوست وغيره هجي- اهڙن لفظن جي ڳالهائڻ سان تيئن
سندس معشوق جو پيار ۽ محبت وڌندي، ڇاڪاڻ ته هن کي
خيال ٿيندو ته مان ته هن کي پيارو آهيان، پر هن
ويچاري منهنجي عاشق کي منهنجون پياريون شيون به
پِرين آهن. پوءِ هن کي تيئن مٿس قياس ۽ رحم پيدا
ٿيندو.
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: جن جا ساهه پرين، تن جا
سرواڻ پرين- يعني جنهن جي جند پِرين آهي، ان جو
اسباب به پِرين آهي. جهڙيءَ طرح شاهه صاحب رحمة
الله عليہ پنهنجي رسالي ۾ سر هير رانجهو جي فصل
پهرئين جي بيت نمبر 2 ۾ فرمايو آهي ته:
بيت
سُڻ وي سَڱ، مين سَڱِ تيڏيِ،
تون سَڱُ ميڏي دلبرَ دي دَرُ دا.
کائيندي طعام سٽيندي لقمانٌ،
تَيٌڪُونٌ پاڪُ نَظُر دا.
اُنَ لقمانٌ وچون هڪ لقمانٌ ڏيوين،
ته ٿيوي قوت قبر دا.
ڏسو ته هن بيت ۾ ڪيڏي شاهه صاحب رحمة الله عليہ
محبت ۽ سڪ ڏيکاري آهي جو فرمائي ٿو ته اي ڪُتا،
تون ڪُتو آهين منهنجي دلبر جي در جو، انهيءَ ڪري
مان وري تنهنجي به ڪُتِي آهيان. باقي هڪڙو توکي
منهنجو عرض آهي، ته جڏهن منهنجو محبوب کائڻ وقت
جيڪو لقمون يا گرهه توکي اُڇلي وجهي، جنهن تي
منهنجي انهيءَ پياري محبوب جي پاڪ نظر پئي آهي، ته
انهن لقمن مان هڪڙو لقمون مون کي ڏجانءِ، ته
منهنجي واسطي قبر جي پڇاڻي جو به قوت ٿئي. هيءَ
بيت حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي محبت ۽ سڪ ۾
چيل آهي، ته مان انهيءَ معشوق، محبوب، سرور ڪائنات
جي غلامن جو به غلام آهيان. جيڪڏهن اهي مون کي
منهنجي پياري محبوب جي ڏنل فيض مان هڪڙو ذرو به
ڏينِ ته منهنجي لاءِ قبر جو ثمر ٿي پوي ۽ قبر جي
پڇاڻي، ڀيڙ ۽ سختين کان ڇوٽڪاري وارو ٿيان. اهڙيءَ
طرح هن وائيءَ جي ٻنهي تُڪن جو مطلب هيءُ آهي ته
او ميڏي ميان، او منهنجا سائين! اوهان جي عشق مون
کي گهايل ڪيو آهي، پر او ميڏي ميان، درد رانجهن دي
يعني درد سوز يا سِڪ رانجهن جي، يعني نبي ڪريم صلي
الله عليہ وسلم جي، جيڪو تنهنجو پيارو آهي، انهيءَ
جي درد به گهايل ڪيو آهي. جيئن الله تعاليٰ پنهنجي
پاڪ ڪلام ۾ گهڻين جاين تي فرمايو آهي ته ”چيو مڃو
الله تعاليٰ ۽ الله جي رسول صلي الله عليہ وسلم جو
۽ تابعداري ڪيو الله تعاليٰ جي ۽ الله جي رسول صلي
الله عليہ وسلم جي. ان کان سواءِ ، جيستائين ڪلمي
شريف جو پويون اڌ، يعني ”لاَ اِلٰہَ اِلاَ الله“
کان پوءِ وارو باقي اڌ- مُحَمَدُ رَسُوٌلُ اللهُ
(صلي الله عليہ وسلم) – نه چوندو، تيستائين مسلمان
نه آهي، يعني انهيءَ پياري الله تعاليٰ جي
پياري(رسول) جي پڻ محبت فرض آهي. جيئن سورة احزاب
رڪوع 1 ۾ آهي:
اَلنَّبِيُّ اَوٌلَيٰ بِاالٌمُؤمِنٌيِنٌ َ مِنٌ
اَنٌفُسِهمِ○
۽ هيءُ محبت جو بيان وائي نمبر پهرينءَ ۾ وڌيڪ
تفصيلوار لکيو ويو آهي، جتي اوهين ڏسي سگهو ٿا.
مطلب ته الله تعاليٰ لائق ۽ مستحق آهي محبت جو ۽
ان جو محبوبيت سببان سندس ٻيا پيارا نبي سڳورا ۽
انهن جا پيارا علماءَ ۽ اولياءَ، سڀني جي محبت عين
الله تعاليٰ جي محبت آهي. جڏهن انهن جي محبت الله
ڪارڻ آهي، تڏهن شاهه صاحب هنن تُڪن مان پهرين تڪ ۾
الله تعاليٰ جي محبت ۽ ٻيءَ ۾ سندس رسول ڪريم صلي
الله عليہ وسلم جي محبت بيان ڪئي آهي، ته عشق
تنهنجي مون کي گهايل ڪيو آهي. پر اي ميان، منهنجا
مالڪ، درد وري رانجهن يعني نبي سائين صلي الله
عليہ وسلم جي به، مون کي ڦٽيو آهي. اهو ڪهڙو درد؟
اهو جدائيءَ وارو درد آهي. انهيءَ جدائيءَ واري
درد لاهڻ واسطي ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ تڪ نمبر
3 ۾ ٿو فرمائي ته ” ويڄ طبيب پڇندي مين ٿڪي وو“.
هن تُڪ جي معنيٰ آهي ته ويڄ طبيب پڇندي مان ٿڪجي
پيو آهيان، پر تڏهن به درد نٿو لهي، ڇو ته هيءُ
موليٰ سائينءَ ۽ نبي صلي الله عليہ وسلم جي عشق جو
درد آهي. اهو ظاهر جي طبيبن ۽ ويڄن، مُلن، موراڻن
۽ پيرن فقيرن جي لاهڻ جو نه آهي، پر الله تعاليٰ
جي وس ۾ آهي. طبيبن جي وس آهي فقط ڏَس ڏيڻ ۽ شفا
منهنجي انهيءَ حقيقي حڪيم يا طبيب جي وس آهي، جيئن
شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي:
بيت
جنهن کي ڪوٺي پاڻ ته ڪرهو ٿي پاڻي پئي،
اڳي اُن نياڻ اڻ ڪوٺيو ڪونه گهُري.
يعني جنهن کي الله تعاليٰ پاڻ گهرندو ته توڙي ڏڏ
هجي، تڏهن به اُٺ ٿي به اچي ان نياڻ يعني محبت
واري حوض يا واهه مان پاڻي پيئندو. پر سواءِ گهُرَ
خدا تعاليٰ جي، انهيءَ محبت ۽ عشق الاهيءَ واري
نياڻ ۾ ڪونه گهڙندو.
هاڻي هن ۾ هڪ سوال آهي ته جڏهن خدا تعاليٰ جي گهُر
کان سواءِ ڪوبه فائدو نه ٿيندو، تڏهن ڪوشش جو ڪهڙو
ضرور؟ ان جو جواب اهو آهي ته خدا تعاليٰ پنهنجي
پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي ته:
وَ اَنٌ لَيٌس َ لِلٌانِسَانِ اِلاَ مَا سَعَيٰ○
ترجمو: يعني انسان تي سعيو ڪرڻ ضروري آهي.
ائين ناهي ته جيڪڏهن ماڻهو ظاهري طور بيمار ٿئي ته
ان جو علاج ئي نه ڪجي، ڇاڪاڻ ته بيماريءَ ۾ علاج
خود حضرت رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن به ڪيو
آهي ۽ صحابن سڳورن کي به ڏسيو اٿن؛ علاج ڪرڻ جائز
آهي. جهڙيءَ طرح ظاهر جي بيمارين ۾ ظاهر جي طبيبن
کان علاج ڪرائجي ٿو، تهڙيءَ طرح عشق جي بيماريءَ ۾
الله تعاليٰ جي عاشقن يعني باطن جي طبيبن کان علاج
ڪرائجي. هاڻي هيءَ تُڪ، جا ڀٽائي صاحب فرمائي آهي
ته”ويڄ طبيب پڇندي مين ٿڪي وو“. اها تڪ سر ڪلياڻ
جي فصل پهرئين، ٻئين ۽ ٽئين کي ڳنڍي ٿي. اها هيئن
ته فصل پهرئين ۾ توحيد جي تعريف آهي ۽ فصل ٻئي ۾
توحيد جي محبت رکندڙن ۽ سندس عشق جي ڦٽيلن عاشقن
جو بيان آهي. جهڙوڪ: نبي، شهيد ۽ ولي، جن خدا
تعاليٰ واسطي سختيون سٺيون ۽ نيزن ۽ سُورين ۽ ڪاتن
سان ڪُٺا ويا، پر تڏهن به سرها پئي ٿيا؛سِرُ
پنهنجو انهن سورن کان نٿي واريائيون؛ هڪڙن کي سزا
سهندي ڏٺائون ٿي ته ٻيا پويان سِرَ ڏيڻ لاءِ تيار
ٿي رهيا، جيئن ايندڙ فصل ٻئين ۾ شاهه صاحب رحمة
الله عليہ بيان فرمايو آهي ۽ فصل ٽئين ۾ انهن جا
علاج، ڏَسَ، پنڌَ ۽ ڪِريون بيان ٿيل آهن ۽ انهيءَ
بيان کي ظاهري طبيبن ۽ بيمارن سان تمثيل ڏئي بيان
ڪيو ويو آهي. تنهنڪري گذريل فصل ۽ ايندڙ فصل، ٻنهي
کي هيءَ تڪ ڳنڍي ٿي، جنهن ۾ عاشقن جي سورن ۽
تڪليفن جي طرحين طرحين ۽ عجيب و غريب طرزن سان
بيان ڪيو ويو آهي. وري انهن تڪليفن تي سندس خوشيءَ
جو اظهار به هڪڙي رنگ ڍنگ سان بيان ڪيو ويو آهي.
محبت جي انهيءَ شراب جو ۽ ان شراب محبت جي پيئندڙن
جي شوق ذوق جو پڻ عجيب ۽ اعليٰ نموني سان بيان ڪيو
ويو آهي.
فصل ٻيو
بيت
اَگهِي اَگهَائِي رَنجُ پِريَان کي رَسِيو،
چِکِيَم ِ چَڱَائِي سُوٌرَ انگهِي سُوريءَ تَان.
مطلب ته اَگهِي يعني قبول پَئي، اگهِي در الله
تعاليٰ جي، اگهائي يعني قبول وجهرائي؛ ڪنهن رنج
يعني ڏک پهچايس پرينءَ تائين؛ پريان کي رسيو يعني
پرينءَ کي پهتو. پرينءَ تائين ڪنهن رسايُس يعني
پهچايس؟ رنجَ اگهايس، تڏهن اگهي يعني قبول پئي
پنهنجي پرينءَ وٽ.
هن مٿينءَ تڪ جو ضد آهي، جو ٻئي هنڌ رسالي ۾ شاهه
صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته ”ڪڏهن ڪانه
سُئي ته سَگهي گَڏيِ سڄڻين“. ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ ٿو فرمائي ته اسان ائين ڪڏهن به نه ٻڌو آهي
ته ڪا سگهي معنيٰ چڱي ڀلي، سواءِ ڏک عشق محبت جي،
پرينءَ کي پهتيون. پر جيڪي پهتيون، سي ڏکن ۽
تڪليفن سان ئي پهتيون.
خلاصو مطلب آهي ته جڏهن به عاشقن پاڻ تي تڪليفون
سَٺيون يا کنيون، (هن ۾ سڀني خدا وارن، نبين،
شهيدن، ولين ۽ عاشقن ڏانهن اشارو آهي.) پوءِ
جنگين،جهادن، آزمائشن، ظاهر جي توڙي باطن جي، توڙي
شريعت جون ظاهري تڪليفون سِرَ تي سَٺائون، تڏهن
قبول پيا. پر انهن کي موليٰ جي راهه ۾ جيڪي رنج
يعني ڏک آيا، انهن تي صبر ڪيائون ۽ اهي سٺائون ۽
ڪنڌ نه موڙيائون. جهڙيءَ طرح حضرت ذڪريا عليہ
السلام جو ڪَرٽ ۾ چِيرجڻ، حضرت ايوب عليہ السلام
جو ڪيڙن جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ، حضرت يونس عليہ
السلام جو مڇيءَ جي پيٽ ۾ وڃڻ ۽ حضرت ابراهيم عليہ
السلام جو باهه جي آڙاهه ۾ پوڻ، اهي سڀ آزمائشون
هيون. پوءِ قرآن شريف پڙهي ڏسو ته انهن سڳورن صبر
۽ شڪر ڪيو آهي، اهي تڪليفون سهي به خدا تعاليٰ جي
در تي عاجزي ڪندا رهيا ۽ سندن انهن تڪليفن جي سهڻ
ڪري خدا تعاليٰ مٿن وڌيڪ مهربان ۽ راضي ٿيو ۽ سندن
درجا گهڻو وڌايائين، انهن سندن سُورن جي سهڻ ئي
کين الله تعاليٰ وٽ مٿانهين درجي وارو ڪري مقبول
بڻايو. انهن سڳورن تي ٿوريون تڪليفون آيون ۽ سرور
ڪائنات، اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم تي
وڌيڪ ڏک ۽ تڪليفون هر نموني جون جهڙوڪ جهاد، جنهن
جو مٿي بيان ڪيل نبين سڳورن کي حڪم ڪو نه هو، ته
اهي تڪليفون رڳو سرور ڪائنات صلي الله عليہ وسلم
کي وڌيڪ هيون، ان ڪري کين درجو به مٿانهون مليو
وغيره.
هاڻي ان مٿين تڪ جي ٻي معنيٰ هن طرح آهي: اگهي
معنيٰ بيمار به آهي. ان موجب معنيٰ هن طرح ٿيندي
ته جڏهن اگهي يعني بيمار اگهائي يعني بيماريءَ ۾
بيمار ٿئي، ته رنج پرينءَ کي پهتو يعني رسيو. جيئن
مجازن ڪو بيمار ماڻهو ڪنهن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيندو
آهي، تڏهن هُن جي دوست ۽ پياري محبوب کي به ان جي
حال تي رحم، قياس ۽ ڏک ٿيندو آهي، اهڙيءَ طرح
انهيءَ حقيقي پرينءَ کي به پنهنجن پيارن جي
بيماريءَ، ڏک ۽ تڪليفن تي قياس ۽ رحم ٿيندو آهي.
پوءِ ان جي هر طرح سان دلجوئي به پاڻ ڪندو آهي.
شاهه عبدالعزيز دهلوي رحمة الله عليہ نقل ڪيو آهي
ته حضرت موسيٰ عليہ السلام کي طورسينا تي مناجات
وقت خدا تعاليٰ فرمايو ته ”اي موسيٰ (عليہ
السلام)، مان بيمار ٿيس ته تون مون کي پڇڻ به نه
آئين.“ تڏهن حضرت موسيٰ عليہ السلام عرض ڪيو ته
”سائين منهنجا، تون نقص کان پاڪ آهين، پوءِ بيماري
ڇاجي؟ مان ته، سمجهي نٿو سگهان“. تڏهن الله تعاليٰ
فرمايو ته ”تنهنجي ڀرسان هڪڙو مؤمن بيمار ٿيو ته
تون ان کي پڇڻ به نه آئين؟“ تڏهن حضرت موسيٰ عليہ
السلام معذرت ڪئي ته ”منهنجا موليٰ، منهنجي خطا
آهي.“
تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته
”اگهِي اَگهَائِي رَنجُ، پريان کي رسيو.“ بيمار جي
نازڪ حالت تي اهڙين ٻين مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ مبتلا
ٿيلن تي، جيڪو رحيم کي رحم يا قياس يا ٻاجهه پيدا
ٿيندي آهي، سا به رنج يا ڏک جو هڪڙو ڀاڱو آهي.
تڏهن اگهائيءَ يعني بيماريءَ ۾ جڏهن ڪو ماڻهو
بيمار ٿيندو آهي، تڏهن سندس پرينءَ پياري کي به
رنج يا ڏک رسندو آهي. ”اگهي اگهائي رنج پريان کي
رسيو.“
جي الله تعاليٰ جا عاشق يا محب مؤمن متوّڪل آهن،
سي انهيءَ اگهي جي اگهائيءَ کي، جا انهيءَ حقيقي
محبوب جي موڪليل آهي. سا سوکڙي ۽ سوغات سمجهندا
آهن ۽ انهيءَ محبوب جي موڪليل سوکڙيءَ جي چاشني
چکي لذت حاصل ڪندا آهن. اگهن جي اها اگهائي، اگهن
لاءِ گناهن جو ڪفارو يا ڇوٽڪارو هوندي آهي. اهو
حقيقي محبوب پنهنجي محبن تي مصيبتون ۽ مشڪلاتون
تڏهن موڪليندو آهي، جو انهيءَ ۾ سندن فائدو ۽
چڱائي هوندي آهي. انهيءَ ڪري عاشق اگها، انهيءَ
محبوب جي موڪليل اگهائيءَ کي خوشيءَ سان پسند يا
قبول ڪندا آهن ۽ شوق ڪندا آهن، ته ڀلي سُور گهڻا
اچن، ڇاڪاڻ ته گهڻين تڪليفن ڪري کين گهڻو فائدو
ٿيندو آهي. جيئن مجازي طرح هِتي جيڪو وڌيڪ محنت ۽
تڪليف ڪندو آهي يا سهندو آهي، ان کي اوتري قدر
وڌيڪ محنت يا مزدوري ڪم جي مالڪ کان ملندي آهي.
پوءِ ان محنت واري کي معلوم ٿيندو آهي، ته گهڻي
تڪليف سان مون کي گهڻو فائدو ٿيو. هاڻي انهيءَ
مٿئين بيان بابت ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي
هن بيت جي ٻيءَ تڪ ۾ بيان ٿو فرمائي ته ”چکيم
چڱائي سورانگهي سوريءَ تان.“
هن تڪ جي معنيٰ آهي ته جيڪا ڪا چڱائي مون چکي يا
لڌي آهي، سا سوريءَ يعني ڦاهيءَ يا ڦاسيءَ
سورانگهي يعني سُورن واري ڦاسيءَ تان مون کي چڱائي
ملي آهي. مجازن سورن واري ڦاسي هن طرح هوندي آهي،
جو جنهن کي موت جي سزا ايندي هئي، ان کي هڪ لوهي
سيج، جا کٽ جي طرح هوندي هئي، جنهن ۾ ڪات تکا چهنب
دار ٻِه مُنهان، جن کي ٻنهي طرفن کان مُنهن هوندو
آهي، انهيءَ کٽ ۾ لڳل هوندا هئا ۽ وري ان جي مٿان
ٿورو نازڪ سهڻو ڍڪ زيبدار ڪپڙي جو وجهي ڇڏيندا
هئا، جو ظاهر سيج سان مشابهت رکندي هئي. پوءِ
انهيءَ سيج تي موت جي سزا مقرر ڪيل ماڻهوءَ کي
سمهاريندا هئا ۽ اهي سڀ ڪات ان جي بدن ۾ لنگهي
ويندا هئا. پوءِ هو ايترن ڪاتن لنگهڻ ڪري چُري
پُري ڪو نه سگهندو هو ۽ اتي ئي سور سهي مري ويندو
هو. يعني اها به موت جي سزا ملندي هئي پر سورن
گهڻن سان، جو ماڻهو سور سهي سهي مرندو هو، ان کان
پوءِ رواج ٿي ويو ته موت جي سزا ترار جي هڪڙي ڌڪ
سِسيءَ ۾ هڻڻ سان، ڏئي ماريو وڃي، وري ان کان پوءِ
موجود رواج ٿيو ته موت جي سزا ڦاهيءَ سان ڏجي، جا
هن وقت ڏني وڃي ٿي.
هاڻي جيڪي شاعر سوريءَ کي سيج سان مشابهت ڏيندا
آهن، سو انهيءَ ڪري جو اول زماني ۾ موت جي سزا
مٿي بيان ڪيل سيج تي گهڻن سورن سان هئي ۽ هاڻوڪي
ڦاسيءَ جي سزا کي جو شعر ۾ سوري ٿا ڪوٺين، سو
انهيءَ مطلب سان ته اها به موت جي سزا آهي، پر در
حقيقت سوري ۽ ڦاسيءَ ۾ اهو تفاوت آهي جو سوريءَ ۾
ڪجهه وقت وڌيڪ سور آهي، بنسبت ڦاسيءَ جي، جو ان ۾
جلد ساهه هليو ٿو وڃي ۽ سور به غشيءَ جي حالت ۾ ٿو
ٿئي، جيڪو سوريءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهٽ آهي، تنهن ڪري
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته چکيم
چڱائي سورانگهي يعني سورن واري سوريءَ تان، جا
ظاهر ۾ سيج مثل هئي، پر سزا دارن کي چيچلائي
ماريائين ٿي. هاڻي هن دنيا ۾، جيڪي دنيا جي لذتن
ڪري غافل آهن، سي اوچتي موت اچڻ ڪري ڦاسيءَ واري
وانگيان اوچتو پنهنجي انهيءَ دنيا جي لذت کان جدا
ٿي وڃي ٿو، جن هن کي بيهوش بڻايو آهي، ته جڏهن هو
مري ٿو وڃي، تڏهن قيامت ۾ هن کان سڀني دنيوي لذتن
جو سخت پڇاڻو ٿيندو، ۽ اهو پڇاڻو مال اسباب ۽
شهواتن جو، جن هن کي غافل ڪيو آهي، سو قرآن شريف ۾
هن طرح ثابت آهي ته مال ۽ اولاد اوهان لاءِ فتنو
آهن.
سورة آل عمران ع 19، ترجمو: ”ناهي حياتي دنيا جي،
مگر وَٿُ ٺڳيءَ جي، البت آزمايا ٿيندا منجهه مالن
اوهان جي ۽ جسمن اوهان جي.“
حديث شريف ۾ آهي ته جنهن کي الله تعاليٰ مال عطا
ڪيو ۽ ان بخيليءَ کان زڪواة نه ڏني، ته قيامت جي
ڏينهن ان مال کي نانگ جي صورت ڪري، ملائڪ ان جي
ڳچيءَ ۾ وجهندو ۽ ان نانگ جا ٻه منهن هوندا، ٻنهين
سان بخيل جي منهن کي ڏنگيندو ۽ چوندو ته آءٌ اهو
مال آهيان تنهنجو، جنهن تي دنيا ۾ فخر ڪندو هئين.“
سَيُطَوَفُّوٌنَ مَا بَخِلُوٌ بِہٖ يَوٌمَ
اٌلقِيٰمَةِ ○
۽ جن ايمان وارن کي هِت تڪليفون طرحين طرحين جون
آهن، اهي تڪليفون جهڙوڪ جهاد، فقر، فاقو، رياضت
بيماريون وغيره هن جي گناهن جو ڪفارو بڻجڻ ٿيون ۽
هن جي لاءِ چڱائي آهي. تڏهن اها تڪ نمبر 2 ۾ گويا
هن حقيقت جي شاهدي ۽ ثبوت منهنجو مرشد ڀٽائي صاحب
رحمة الله عليہ ڏئي رهيو آهي: ”چکيم چڱائي
سورانگهي سوريءَ تان.“ هن دنيا ۾ جيڪا اگهائي تپ
سور ٿئي ٿو، انهيءَ ۾ اگهي جو ايتري قدر فائدو
آهي، جيتري قدر هو اگهو هوندو.
جيئن احمد ابويعليٰ بروايت ابو سعيد خدري رضي الله
تعاليٰ عنہ کان آهي، ته حديث شريف ۾ آهي، ته هڪڙي
ڏينهن جو بخار سڄي سال جو ڪفارو آهي، ڪن ان جو
هيءُ سبب بيان ڪيو آهي، ته بخار هڪ سال جي قوت کي
گهٽ ٿو ڪري انهيءَ ڪري سال جو ڪفارو ٿو بڻجي. ڪن
چيو آهي ته انسان جا ٽي سؤ سٺ سَنڌَ آهن ۽ تپ هر
سَنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو، ان کان بيمار کي هر سَنڌَ جي
سور جي جدا تڪليف آهي. هر تڪليف هڪ ڏينهن جو ڪفارو
آهي. سال ۾ ٽي سؤ سٺ ڏينهن آهن، انهيءَ طرح سان هڪ
بخار سال جو ڪفارو ٿيو.
تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته
”چکيم چڱائي سورانگهي سوريءَ تان“. هيءُ بخار جي
تڪليف جو مثال طرح بيان ڪيو ويو آهي، پر شاهه صاحب
رحمة الله عليہ هن تڪ ۾ گهڻين تڪليفن جو بيان
فرمايو آهي. ڇو ته سورانگهي جي معنيٰ سؤ انگهن
واري به آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته انهيءَ سوري، جا
سيج مثل هئي، ان ۾ سؤ ڪات لڳل هوندا هئا، تنهن ڪري
هن تڪ ۾ سورانگهي سوري يعني گهڻن انگهن واري يا
چنهنبن واري سوريءَ جو لفظ آندو ويو آهي. الله
تعاليٰ پنهنجن پيارن کي به طرحين طرحين تڪليفون،
آزمائش لاءِ ڏنيون آهن، جي بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن.
جيئن منهنجي ڀٽائي گهوٽ فرمايو آهي، سر ڪيڏارو فصل
3 بيت نمبر 8 ۾:
بيت
دوست ڪُهائي دادلا محب مارائي،
خاص خليلن کي سختيون سهائي،
الله الصَّمد بي نياز سا ڪري جا چاهي،
انهيءَ ۾ آهي، ڪا اونهين ڳالهه اسرار جي.
هيءُ بيت شاهه صاحب رحمة الله عليہ امامن کي سختين
اچڻ ۽ انهن جي برداشت ڪرڻ ڏانهن اشارو ڪندي جامع
لفظن ۾، جن ۾ ٻين خدا تعاليٰ جي محبن، عاشقن ۽
دوستن ڏي اشارو آهي، ۽ خدا تعاليٰ جي بي نيازي ۽
بي پرواهي بيان ٿو ڪري ته الله تعاليٰ ڪنهن جو
محتاج نه آهي ۽ جيڪا ڳالهه کيس گهربل آهي سا ڪندو
آهي. پر هن بيت ۾ اشارو سندس ڀلائي ڏي آهي، ته
الله تعاليٰ جو پنهنجن پيارن دوستن کي تڪليفون
سهائي ٿو، سو انهيءَ ڪري جو ان ۾ انهن جي چڱائي
آهي. ”انهيءَ ۾ آهي ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي“. اها
اسرار يا راز جي ڳالهه آهي ته هنن کي سختين جي
سهائڻ ڪري ثواب گهڻو ڏئي مٿانهين درجي تي رسائي،
جيئن نبين جي درجي کان پوءِ شهيد جو درجو مٿانهون
آهي ٻين درجن کان، انهيءَ نبوت جي زماني ختم ٿيڻ
ڪري، پنهنجي خاص پيارن، امامن ۽ خليفن، رسول ڪريم
صلي الله عليہ جن، ۽ ٻين اصحابن ۽ ٻين پنهنجي خاص
بندن کي شهادت جو درجو ڏنائين، جو شهادت جي درجي
جو ٻيو ڪو به درجو مَٽ نه آهي. انهيءَ ڪري ڀٽائي
صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته ”انهيءَ ۾ آهي
ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي“.
انهيءَ سختين ۾ هي پيارا محب خدا تعاليٰ جا راضي ۽
خوش آهن، ڇاڪاڻ ته اهي سختيون حضور صلي الله عليہ
وسلم جن جي حديث شريف موجب گناهن جو ڪفارو ۽
مٿانهين درجي ملڻ جو سبب آهن. انهن خدا تعاليٰ
وارن کي اهي سختيون سخت ۽ ڏکيون نٿيون لڳن، ڇاڪاڻ
ته انهن ظاهر جي سختين کان خدا تعاليٰ جو انهن کي
سخت خوف آهي، جيئن امام غزالي رحمة الله عليہ
فرمايو آهي. ڪتاب ”احياءُ العلوم“ ۾ لکيو اٿس ته
ابوذر رضي الله تعاليٰ عنہ فرمايو ته مون کي اکين
جو فڪر نه آهي، ۽ حضرت اَبُودرداءَ رضي الله
تعاليٰ عنہ فرمايو ته مون کي پنهنجن گناهن جي سخت
شڪايت آهي، پنهنجي نفس جي مرض يعني جسماني مرض
کان، حضرت سِهل تستري رحمة الله عليہ کان ڪنهن
سوال ڪيو ته قُوٌتَ ڪهڙي چيز آهي؟ پاڻ فرمايائون
ته ”حَيُّ قَيُّوٌمَ“ جو ذڪر ڪرڻ قوت آهي. سائل
عرض ڪيو ته منهنجو عرض قوام انساني آهي. پاڻ
فرمايائين ته قوام علم آهي. انهيءَ چيو ته مان غذا
جو پڇان ٿو. پاڻ فرمايائين ته غذا ذڪر آهي. هن
پڇيو ته جسم ظاهريءَ جو کاڌي جو پڇان ٿو. تڏهن پاڻ
فرمايائين ته جسم ظاهري جي سان تنهنجو ڪهڙو ڪم پيو
آهي؟ ان کي ان جي حوالي ڪر، جنهن ان کي پهريائين
ٺاهيو آهي. اهو ئي ان جي اڳتي به سنڀال ڪندو. جڏهن
به ان ۾ ڪا گهٽ وڌائي ڏسين ته ان ٺاهڻ واري جي
حوالي ڪندو ڪر. ڏسندو نه آهين ته جڏهن ڪنهن ڪم ۾
عيب هوندو آهي ته ان کي ڪاريگر جي حوالي ڪبو آهي،
ته هو ان کي ٺيڪ ڪري ڏئي.
هاڻي انهن مٿين لفظن مان معلوم ڪرڻ گهرجي، ته خدا
وارن کي پنهنجي نفس يا جسم جو ڪنهن قسم جو خيال نه
آهي، ۽ نه وري ان جي ڏکن ۽ تڪليفن جو ئي خيال اٿن.
هنن کي خدا تعاليٰ جو خوف غالب آهي ۽ پنهنجي گناهن
جي ڳڻتي ۽ پنهنجي مالڪ جي ريجهائڻ ۽ راضي ڪرڻ جو
خيال آهي، تنهن ڪري تڪليفون ۽ رياضتون ۽ بيماريون
ته پاڻ سندن فائدو آهي ۽ ان مان کين چڱائي حاصل
ٿئي ٿي. تڏهن شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي
”چکيم چڱائي سورانگهي سوريءَ تان“. سورن واري سوري
الله وارن جي لاءِ خوشي آهي، جو ان ڪري سندن درجا
وڌن ٿا ۽ سور ئي انهن جي گناهن جو ڪفارو ٿين ٿا، ۽
هو انهن سورن کان به وڌيڪ خدا جي خوف ۾ غرق آهن.
انهن جو مثال اهڙيءَ طرح آهي، جيئن ڪنهن شخص کي
بادشاهه جي حڪم موجب موت جي سزا لاءِ وٺيو ويندا
هجن، پوءِ ان کي چئجي ته بکارو آهين ڪجهه ماني ته
کاءُ. ڇو نٿو کائين؟ تڏهن هو چوندو ته انهيءَ موت
جي سزا جي ڊپ کان مون کي اڃ بک ته آهي ئي ڪانه؛
انهيءَ وانگر الله وارن کي انهن سورن جي خبر به
نٿي رهي ۽ نه وري انهن کي هو سور ئي ڀانئين ٿا ۽
نه وري انهن کي سور ڪوٺين ٿا. ان کي صحت ٿا ڀانئين
۽ نه آزار، ڇاڪاڻ ته انهيءَ مان انهن چڱائي چکي
آهي.
هن مٿينءَ تڪ ۾ به شاهه صاحب رحمة الله عليہ
فرمايو آهي ته مون چڱائي چکي آهي سورانگهي سورن
واري سوريءَ تان. ائين ڪو نه چيو اٿس ته مون
سورانگهي سوريءَ تان سور چکيا آهن، پر چڱائي حاصل
ٿي آهي. تنهنڪري شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو
فرمائي سر يمن ڪلياڻ فصل 8 بيت نمبر 1 ۾:
بيت
جيڪي ڏنائون سور سڀوئي صحت،
مَ چئو آزار ان کي مَ ڪي مصيبت
ڪهڻ قريبت جو ڪوٺڻ پر پِرين جي.
جيڪي ڏک تڪليفون مونکي منهنجي پرينءَ ڏنيون
آهن، سي سڀ صحت يعني تندرستي آهي. تون ان کي
آزار يا ڏک درد نه چئه ۽ نڪي مشڪلات ڄاڻ،
ڇاڪاڻ ته اها جيڪا مجازي طرح ظاهر تڪليف ٿو
ڏسين، جا ڪُسڻ جهڙي ٿو ڀانئين، اها ترتيب آهي
پرينءَ جي سڏڻ يا ڪوٺڻ جي، جنهن سان سڏي قربت
يعني ويجهڙائي ٿو ڪري، جنهن کي ڪُهڻ وارو
تڪليف ٿو سڏي، اها سندس پَرَ يعني رسم رواج ۽
ترتيب آهي. انهيءَ ۾ تون لُڏي يا منجهي نه وڃ.
ڇاڪاڻ ته اها سندس پَرَ تڪليفن ۽ آزمائشن سان
ڪوٺڻ يا سڏي پاڻ ويجهي ڪرڻ جي اصل کان وٺي
آهي. جيئن الله تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾
فرمايو آهي (سورة بقره ع 26)
اَمٌ حَسبِتُمٌ اَنٌ تَدٌخُلوُا الٌجنَنّةَ وَ
لَمَّا يَاٌ تِڪُمُ مَّثَلُ الَّذِيٌنَ
خَلّوا‘ مِنٌ قَبٌلِڪُم‘ مَسَّتٌهُمُ
البَاءسَاءُ وَالضَّراءُ وَ زُلٌزلُو ‘ا
حَتَّيٰ يَقُوٌلَ الرَّسُوٌلَ وَ لَّذِيٌنَ
اَمَنُوٌ مَتَيٰ نَصٌرُ اللهِ اَلاَ اِنَّ
نَصٌرَاللهِ قَرِيٌبُٗ
ترجمو: ته ڇا ڀانيو ٿا ته داخل ٿينداسون بهشت
۾ ۽ نه آيو اوهان کي ڪو ڏک مثال تن جي جو
گذريا توهان کان اڳ ۽ رسيا تن کي ڏڪار ۽ مرض ۽
ڏکويل ٿيا“ تانجو چيو رسولن عليهم السلام ۽ جن
ايمان آندو مٿن ته ڪڏهن ايندي نصرت يعني مدد
خدا تعاليٰ جي؟ خبردار تحقيق الله تعاليٰ جي
مدد ويجهي آهي.
هاڻي هيءَ آيت شريف الله تعاليٰ مسلمانن
مؤمنن پنهنجي پيارن جي تقويت لاءِ نازل فرمائي
آهي. اها ان دوست حقيقيءَ پنهنجي دوستن کي
دلداري ڏني آهي. ان ۾ جيتوڻيڪ اڳين تي آيل
تڪليفن جو طرحين طرحين سان بيان ڪيل آهي ۽
انهن جي گهٻرائجي وڃڻ جو پڻ بيان آهي، جنهن
مان سچي ثابت ٿيڻ تي ئي بهشت جو پنهنجي پيارن
کي انعام ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي ۽ اهو انعام يا
نعمت انهن لاءِ وڏي چڱائي آهي. تڏهن ٿو شاهه
صاحب فرمائي ته:
چکيم چڱائي سورانگهي سوريءَ تان.
جيئن مٿينءَ آيت ۾ خدا تعاليٰ فرمايو ته اوهان
کان اڳين کي به تڪليفن ۽ آزمائشن سان آزمايو
ويو هو ۽ اوهان به ائين نه ڀانيو ته اسان بنان
ڏک ڏسڻ جي وڃي بهشت ۾ پونداسين، پر خدا تعاليٰ
اوهان کي به آزمائيندو. شاهه صاحب رحمة الله
عليہ مٿينءَ آيت کي گويا تسليم ٿو فرمائي ته
مون کي پڻ چڱائي حاصل ٿي آهي، سورانگهي سوريءَ
تان.
هاڻي پڙهندڙن کي عرض آهي ته هن تڪ جي معنيٰ
گهڻي آهي، پر هن ڪري سموري نٿي ڪجي جو شاهه
صاحب رحمة الله عليہ پهرين بيتن ۽ فصلن کي
پنهنجي رسالي اندر انهيءَ ترتيب سان رکيو آهي،
جو ايندڙ بيتَ ان جي وڌيڪ شرح ڪندا آهن. گهڻن
نمونن سان ۽ گهڻن پاسن کان جهڙيءَ طرح اگها جو
پنهنجي اگهائي ۾ اگهيا ٿين، تڏهن ان کي ويجھن
طبيبن جي گهرج پوندي آهي ۽ ظاهر جا ويڄ پنهنجي
عقل موجب علاج ڪندا آهن، پر ظاهر جي ويڄن يا
طبيبن کي اگهي جي اندر جي خبر ته نٿي پوي.
اندر جو پورو مرض ته خدا تعاليٰ کي ئي معلوم
آهي.جيئن انهن طبيبن يا ويڄن جي اڻ ڄاڻائيءَ
جو احوال ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي
ايندڙ بيت فصل 2 جي نمبر 2 ۾ ٿو فرمائي:
بيت
اَنڌَا اونڌا ويڄَ کَلَ ڪُڄَاِڙيَا کَائينِ،
اسان ڏُکِي ڏيِلَ ۾ تُون پِيَاريِن پيڄ،
سُوري جَنِين سيجَ مَرڻ تَنِ مُشَاهِدو.
شاهه صاحب رحمة الله عليہ هن بيت ۾ ظاهر جي
طبيب کي مخاطب ٿي ٿو فرمائي، ته اي انڌا يعني
نابين اونڌا يعني اُبتا ويڄ طبيب! منهنجي کَل
کي ڪڄاڙيا يعني ڇا جي لاءِ ٿو کائين يعني
ساڙين؟ هن تڪ جو مطلب آهي ته اي طبيب ويڄ! تون
دل جي اکين کان انڌو آهين ۽ اُبتا تنهنجا خيال
جو کَل منهنجيءَ کي ڏنڀ ڏئي ساڙين ٿو، جو اهو
خيال تنهنجو اُبتو ۽ غلط آهي، ڇاڪاڻ ته ڏنڀن
ڏيڻ ۾ گناهه آهي ۽ شريعت جي به منع آهي ۽
تنهنجي ظاهري طب جي اصولن موجب به ڏنڀ ڏيڻ نه
جڳائي، جو ان ۾ پاڻ نقصان آهي. ٻيو ته سور
اندر ۾ ته مٿان کَل کي ڇو ٿو ساڙين؟
”اسان ڏکي ڏيل ۾ تون پيارين پيڄ“ ، يعني پڙين
يا دوائن جا وزن ٿو پيارين، پر اسان کي درد يا
ڏک آهي ڏيل يعني اندر هڏ ۾ يا دل ۾، محبوب جي
مشاهدي ديدار يا وصل جو، انهيءَ مشاهدي محبوب
جي پياسيءَ کي تنهنجا پيڄ، وزن،پڙين جا ڇا ٿا
ڪن جو تون پيارين ٿو!
”سُوري جَنِين سيجَ مَرڻ تَنِ مُشَاهِدو.“
جن لاءِ سوري به سيج مثل سڻائي آهي، مرڻ تن جو
مشاهدي يعني ديدار ڪرڻ يا ڏسڻ لائق آهي. هن جو
مطلب هيءُ آهي ته جن الله تعاليٰ جي عاشقن کي
سوري، جا موت جي سزا آهي، سابه سيج يعني پلنگ
يا کٽ بستري سُٺي پيل وانگر آهي. يعني موت کان
نفرت ڪندڙ نه آهن. ڇاڪاڻ ته انهن کي موت جي
بعد ئي پنهنجي حقيقي محبوب سان ملاقات يا
مشاهدو يعني ديدار هنن اکين سان حاصل ٿئي ٿو.
انهيءَ ڪري ڪتابن ۾ لکيل آهي ته مؤمنن جي اها
پهرين نشاني آهي ته موت کي پسند ڪندا آهن ۽
منافق موت کان ڀڄندڙ آهن، ڇوته هو پنهنجي عملن
جي سزا ملڻ کان ڊڄن ٿا ۽ مؤمن پنهنجي انعام
ملڻ ۽ پنهنجي محبوب سان ملاقات لاءِ مشتاق آهن
۽ موت کي مِٺو ڀانئين ٿا. تڏهن جيڪي انهن
عاشقن کي موت وقت سختيون اچن ٿيون يا اڳ ۾
انهن تي سختيون سوريءَ جهڙيون اچن ٿيون، تن کي
به هو سيج يا حق ۾ ٿا ڀانئن ۽ انهيءَ حقيقي
محبوب جي محبت يا نينهن جا اهڙا مشتاق آهن، جو
انهن کي کڻي سوريءَ تي سڏ ٿئي تڏهن به هو هليا
وڃن ۽ منهن نه موڙين. جيئن ايندڙ بيت نمبر 3 ۾
شاهه صاحب ٿو فرمائي:
بيت
سُوريءَ سڏ ٿيو ڪا هلندي جيڏيون،
وڃڻ تن پيو نالو نينهن ڳِنهن جي.
جن نالو عشق يا نينهن جو ورتو يعني جن کي عشق
الاهي پيدا ٿيو يا آهي، انهن جي واجب آهي، وڃڻ
سوريءَ جي سڏ تي. شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو
فرمائي ته سوريءَ جو سڏ ٿيو يعني آزمائش ۽
پرکا جي تڪليفن جو سڏ ٿيو، جنهن جو بيان اسان
بيت نمبر پهرئين ۾ هن فصل هلندڙ ۾ ڪري چڪا
آهيون، خدا تعاليٰ پاڻ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾
فرمايو آهي ته اوهان کي آزمايو ويندو،جيئن
اوهان کان اڳين کي آزمايو ويو. ڏکن بکن،
ڏُڪرن، مرض سان. انهيءَ سڏ تي اهي هلندا، جي
عشق موليٰ جي، جو نالو وڃڻ تن پيو يعني آزمائش
جي لاءِ وڃڻ تن تي ضروري ٿيو، جي نالو نينهن
يعني محبت جو وٺن يا محبت جي ميدان ۾ داخل ٿين
۽ سوري انهن عاشقن ۽ محبت وارن کي سڏي رهي
آهي، ڇاڪاڻ ته سورن جي تڪليفن جي آزمائش به
اهي عاشق سهي سگهندا. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة
الله عليہ پنهنجي ايندڙ بيت نمبر 4 ۾ ٿو
فرمائي( هن بيت ۾ سچي سياست ۽ مجازي سياست به
آهي)؛
بيت
سُوري سَڏَ ڪَري اُڀي عَاشِقَن ِ کي،
جي اَٿَئِي سَڌَ سِڪَڻَ ۾ ته ڪَوءِ مَ پيرُ
پَري،
سِسِي ڌارَ ڌَري پُڇِجُ ِ پوءِ پِريِتَڻو.
سوري يعني گهڻن سورن واري سوري، جا آزمائش ۽
تڪليفن جي سوري آهي يا جن عاشقن عشق رکندڙن
يعني محبت وارن کي سڏي. اُڀي يعني بيٺي ٿي سڏ
ڪري. هِتي اُڀي جو اشارو هن موجوده زماني جي
ڦاسي يا سوري آهي. اها مٿي ٽنگيل هوندي آهي جا
گويا اُڀي يعني بيٺي آهي ۽ عاشقن کي سڏي رهي
آهي. عاشق آهن محبت وارا. اها سوري عاشقن کي
سڏي ٿي ٻين کي نه؛ ان جو جواب هيءُ آهي ته سڏي
سڀني کي ٿي، پر وڃن ان جي سڏ تي اهي ٿا جيڪي
عاشق عشق محبت موليٰ جا رکندڙ متقي آهن. جيئن
خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام سورة بقرہ ۾
فرمايو آهي ته (هيءُ قرآن شريف هدايت ڪندڙ آهي
متقين کي).
هاڻي هن آيت ۾ پڻ سوال آهي ته قرآن شريف ۾
هدايت فقط متقين لاءِ آهي ۽ ٻين عوام لاءِ نه.
ان جو جواب آهي ته هدايت آهي سڀني لاءِ، پر
اها هدايت ڪيل قرآن جي اهي قبول ڪندا، جيڪي
مؤمن متقي موليٰ سان محبت رکندڙ هوندا، ۽ نه
اُهي جيڪي منافق. مشرڪ يا ڪافر هوندا. اهڙيءَ
طرح سوريءَ جا ظاهر شريعت جي تڪليفن يا
آزمائشن جي آهي، اها به متقين ۽ عاشقن کي سڏي
ٿي ۽ ان جي سڏ تي به اهي ويندا. جيڪي متقي ۽
پرهيزگار هوندا ۽ مؤمن ايمان وارا هوندا، ۽ جن
کي خدا تعاليٰ گهُريو هوندو، ۽ نه ٻيا رڳي
نالي جا مسلمان! هاڻي شاهه صاحب رحمة الله
عليہ ٻيءَ تڪ ۾ عاشقن کي صلاح مشورو ڏئي ٿو ته
”جي اٿئي سَڌ سِڪڻ ۾ ته ڪَوء مَ پيرُ
پَري“يعني اي عاشق، جيڪڏهن توکي سڌ سچ پچ سڪڻ
جي آهي ته مان سڪ وارو ٿيان، يعني عشق يا محبت
وارو ٿيان ۽ اها سڌ يعني خواهش يا تمنا يا
گهُر آهي توکي، ته ان جو اهو علاج يا ڏَس آهي
ته ”ڪَوء مَ پيرُ پَري“، يعني هڪڙو پير، جو
مفاصلي ۾ اڌ قدم ڪچي جو ٿيندو آهي، اوترو به
سوريءَ کان ڊڄي ڪَوء کائي پير پري نه ڪر. هن
جو مطلب آهي ته اي طالب موليٰ جا! جيڪڏهن
تنهنجي سڌ يعني گهُر آهي ته مان عشق ۾ سچو
ٿيان ته آزمائش جي سوريءَ کان ڪجهه به پري نه
ٿيءُ ۽ نه ڊڄ. ڇو ته جيڪي الله تعاليٰ جي محبت
رکندڙ آهن، اهي فقط الله تعاليٰ کان ئي ڊڄندا
آهن، نه غير کان انهن سچن عاشقن کي ڪو ٻيو ڏک
يا خوف نه آهي، جيئن خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ
ڪلام ۾ فرمايو آهي ته:
لاَ خو‘فءُ عَلَيٌهمِ‘ وَ
لاَ هُم‘ يَحٌزَنُوٌنَ ○
ترجمو: يعني نڪو انهن کي ڪو خوف آهي نڪو انهن
کي ڪو غم پهچندو.
جڏهن
الله تعاليٰ پنهنجي محبن کي دلاسو ٿو ڏئي، ته
انهن کي ڪو خوف يا ڏک نه پهچندو يعني قيامت
تائين اهي ڏک وارا نه ٿيندا. تڏهن شاهه صاحب
رحمة الله عليہ به عاشق موليٰ جي کي ساڳي صلاح
ٿو ڏئي، ته جيڪڏهن خدا تعاليٰ جي فرمودي موجب
سندس عاشقن کي ڏک ئي نه پهچندو، تڏهن اي سڌ
ڪندڙ سڪ جا! تون به آزمائش جي سوريءَ کان ڊڄي
هڪڙو پير به پري نه ٿيءُ. هاڻي هيئن ڪر جو
”سسِي ڌار ڌري پڇج پوءِ پريتڻو“ سر پنهنجو
ڌار يا جدا رکي اي پريتڻي، يعني دوستيءَ جا
پڇندڙ پوءِ پريتڻو پُڇ.
هن تڪ جو مطلب آهي ته اول سسِي ڌار ڌر، يعني
پنهنجي نفس جون سڌون مار ۽ پنهنجي نفس کي نفِي
يا نيست ڪر، پوءِ محبت موليٰ جي پڇج. جيستائين
توکي غير جون سڌون سسِيءَ ۾ آهن ۽ سجاڳُ آهين
۽ نفِي نه ٿيو آهي، تيستائين سَڌ سڪ جي توکي
فائدو نه ڪندي. هاڻي هن ضعيف عقل واري جو عرض
آهي ته شاهه صاحب جي مثالن جو ٻيو مجاز وارو
پاسو ڏسون ته اهي مثال ڪيئن آهن. مجازن محبت ۾
مجازي طرح_ مجازي عشق ۾ ساڳي طرح حقيقي عشق
وانگر تڪليفون مجازي عشق ۾ به عاشق لاءِ آهن.
۽ ان ۾ آزمائشون ساڳيءَ طرح آهن. مجازي طرح،
مٿين بيتن جي معنيٰ به ايئن آهي ته جيڪڏهن
عاشق ڊڄندو ۽ پنهنجي عزت ۽ سر جو سانگو ڪندو،
۽ سسي پنهنجي سانڍيندو وتندو ۽ مال ملڪيت کي
پيارو ڪندو، اها پنهنجي مجازي محبوب تان
جيستائين قربان ۽ خرچ نه ڪندو، تيستائين
پنهنجي محبوب وٽ مقبول نه ٿيندو. مجازي عاشق
به پنهنجي سر جو سانگو لاهي پوءِ محبوب وٽ
پهچي ٿو، ۽ ان کي پنهنجي اغيارن جو اهڙو خيال
آهي ته جيڪڏهن انهن کي پتو پيو ته مون کي قتل
کان سواءِ نه ڇڏيندا. انهيءَ خبر هوندي به،
ٻين پنهنجي نقصانن جوته هو مجازي عشق جي لذت ۾
ڪا پرواهه نٿو رکي ۽ انهن نفعن، مال، اولاد،
گهر ۽ ملڪيت کي ته ترڪ ٿو ڏئي، پر سر جي سودي
ڏيڻ لاءِ به تيار ٿي محبوب جي ملاقات لاءِ وڃي
ٿو. جهڙيءَ طرح سياسي ليڊر پنهنجي پياري مرتبي
لاءِ پنهنجي مال ملڪيت ۽ سر جي تڪليف جي به
پرواهه نٿا رکن ۽ سڀ ڪجهه قربان ڪن ٿا. اهڙيءَ
طرح حقيقي عشق ۾ به جيستائين طالب موليٰ جو
پنهنجي دل تان مال، اولاد ۽ ٻي ملڪيت مجازي
دوستن جي محبت کي ترڪ نه ڪندو تيستائين پنهنجي
موليٰ سائينءَ جي محبت کي پهچي نه سگهندو.
جيستائين پنهنجو نفس نه ماريو اٿس ۽ نيست نه
ٿيو آهي، ۽ پنهنجي نفس اماري کي نه ماريو اٿس.
جنهن جو قرآن شريف ۾ بيان آهي( سورة يوسف پاره
13، ترجمو: نه پاڪ ٿو چوان نفس پنهجي کي، نفس
منهنجو امر ٿو ڪري سڻائيءَ جو )
|