جيئن حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم پنهنجي
چاچي حضرت ابو طالب کي دعوت اسلام جي ڏني، مگر هو
اسلام تي نه آيو. پاڻ دعا گهريائون، تڏهن به قبول
نه پئي، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جي گهُر نه هئي.
جيتوڻيڪ حضرت ابو طالب جو، بنسبت ٻين عزيزن جي،
حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم تي گهڻو پيار هو ۽
کيس پاليو به هئائين. تڏهن به سواءِ الله تعاليٰ
جي گهُر جي، اسلام آڻي نه سگهيو. توڻي گهُر نه
هيس، تڏهن به حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم کيس
اسلام تي آڻڻ جي ڪوشش ته نهايت ڪئي، جيئن طبيب
مجازي ڪوشش ٿو ڪري مريضن جي صحت لاءِ، مگر ٿيو
ائين، جيئن الله تعاليٰ گهريو. پر حضور ڪريم صلي
الله عليہ وسلم تي ڪوشش حق هئي، جا پاڻ نهايت درجي
جي ڪيائون، پر حضرت ابو طالب چوڻ نه مڃيو. مثلاً
جيڪو بيمار طبيب جو چوڻ نه وٺندو ۽ پرهيز نه ڪندو،
ان کي فائدو به نه ٿيندو. هيءَ ڳالهه سچي آهي ۽ سچ
سمجهڻ گهرجي ته وڏا توڙي تمام ننڍا ۽ ٿورڙا ڪم به،
انهيءَ مطلق قادر الله تعاليٰ جي وس آهن، ائين نه
آهي، جيئن مسخرا چوندا آهن ته اَنُ ڏيڻ الله
تعاليٰ جي وس آهي ۽ انهيءَ اَنَ مان ڀَتُ يا مانِي
ڪرڻ اَمان جي وس آهي، ماڻس جي وس رڳي ماني ۽ ڀت
ڪرڻ جي ڪوشش آهي، پر ان ڪم کي پورو ڪرڻ الله
تعاليٰ جو ڪم آهي. اهڙيءَ طرح وڏي ڪم يعني ڏاڍي
ڏکي ڪم جي ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ، يا بيماريءَ جي ڏيڻ ۽
لاهڻ وارو به اهو هڪڙو آهي ۽ ان بيماريءَ کي دارون
۽ دوا يا ڦَڪي وغيره تڏهن فائدو ۽ فرق ڪندي، جڏهن
ان کي به الله تعاليٰ جو حڪم ٿيندو، جيئن ايندڙ
بيت نمبر 4 ۾ منهنجو مرشد ڀٽائي رحمة الله عليہ
فرمائي ٿو ته:
بيت
تُونٌ حَبِيٌبُ تُونٌ طَبِيٌبُ تُونٌ دارُونٌ کي
دَرٌدَنِ،
تُونٌ ڏِئينٌ تُونٌ لَاهِينٌ ڏاتَر کي ڏُکَنٌدَنِ،
تَڏَهِنٌ ڦَڪِيُونٌ فَرَقُ ڪَنِ جَڏَهِنٌ اَمُرٌ
ڪَريو اُن کي.
تون هڪڙو ئي حبيب ۽ تون ئي طبيب آهين ۽ مڙني دردن،
۽ ڏکن جي دوا ۽ دارون بس آهين ڏاتر ڏکندن يعني
ڏکويلن کي انهيءَ ڏاڍي سخت ڏک جي ڏيڻ ۽ لاهڻ وارو
به تون آهين، وري انهن کي ڦڪيون به تڏهن فرق ۽
تفاوت ۽ فائدو بيماريءَ ۾ آڻينديون، جڏهن انهن کي
اوهان امر يعني حڪم ڪندا ۽ بيمار به تڏهن ڦڪي
هڻندو، جڏهن ان کي تون حڪم ڪندين، ۽ طبيب مجازاً
به تڏهن اها ڦڪي مريضن کي ڏيندو، جڏهن تون حڪم
ڪندين، مطلب ته مڙيئي تون آهين، جيئن ظاهر جي مرِض
جا ظاهر جا طبيب ڏَس پنڌ، علاج، دوا دارون ۽ ڊڀَ
ڪن ٿا. تيئن حقيقي طبيب نبي سڳورا، پير فقير الله
وارا به، انسان جيڪي گناهن جي مرض ۾ مبتلا آهن،
انهن جا علاج، ڊڀ ۽ دارون ڪن ٿا. پر انهن سڳورن
حڪيمن جا گناهن کان ڇڏائڻ جا اهي علاج، تڏهن فائدو
ڪندا، جڏهن انهيءَ حقيقي حڪيم، الله تعاليٰ جي
طرفان شفاعت جو حڪم ٿيندو. هو شفاعت يعني سفارش به
انهن جي ڪندا، جن جي شفا الله تعاليٰ کي منظور
هوندي ۽ جنهن تي الله تعاليٰ اول راضي هوندو. جيئن
الله تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ سورة الانبياء جي ع
2 ۾ فرمايو آهي ته:
يَعٌلَمُ مَا بَيٌنَ اَيٌدِيٌهِمٌ وَمَا
خَلٌفَهُمٌ وَلَا يَشٌفَعُوٌنَ اِلَّا لِمَنِ
ارٌتَضَيٰ وَ هُمٌ مِّنٌ خَشٌيَتِہٖ مُشٌفِقُوٌنَ
ترجمو: خدا ٿو ڄاڻي جيڪي منجهه هٿن ان جي ۽ پٺيان
ان جي ۽ نه شفاعت ڪري سگهندا مگر تنهن مٿي، جو
ڌڻيل هوءِ خدا جو ۽ راضي هو خدا جنهن تي.
سورة المدثر جي آخري رڪوع جي پڄاڻيءَ ۾ آهي:
وَمَا يَذٌڪُرُوٌنَ اِلَّا اَنٌ يَّشَاءَ اللهُ ط هُوَ
اَهٌلُ التَّقٌويٰ وَ اَهٌلُ الٌمَغٌفِرَةِ○
ترجمو: ۽ نه قبول ڪندو نصيحت، مگر جنهن کي گهرندو
خدا، اهو ئي ڏيندڙ تقويٰ جو ۽ اهو ئي مالڪ آهي
بخشش جو.
هاڻي هنن آيتن سڳورين مان ساڳيو مطلب معلوم ٿيو ته
پيرن فقيرن، ولين ۽ نبين سڳورن جي نصيحت، جا دوا
مثل آهي، انهن کي فائدو ڪندي، جن جي حق ۾ الله
تعاليٰ شفا گهُري هوندي. ڇو ته شفا جو مالڪ اهو
شافي مطلق آهي. هو شفا جو اهو علاج به خود انهيءَ
جو ڪندا، جنهن جي حق ۾ الله تعاليٰ گهريو هوندو.
الله تعاليٰ جي شفا جي حڪم بنان جيڪو علاج ڪندا،
سو ڪارگر نه ٿيندو. جيئن حضرت نوح عليہ السلام
پنهنجي پٽ ڪنعان لاءِ دعا گهري ته قبول نه پئي.
رهندو الله تعاليٰ حضرت نوح عليہ السلام تي عتاب
موڪليو ته اهو نافرمان تنهنجو اولاد نه آهي. ان جي
لاءِ دعا ئي نه گهر، ۽ جن جي حق ۾ الله تعاليٰ
گهريو، اهي ئي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا ۽ سلامت رهيا. باقي
جيڪي مجازي طبيب پنهنجي دنيوي نفعي لاءِ دوائن جون
دٻيون کنيو ٿا وتن، انهن کي انهن اندرين رازن ۽
بيمارين جي ڪا خبر ڪانه آهي. انهن بيمارن جي صحت
جي سُڌ انهيءَ الله تعاليٰ کي آهي. جيئن ايندڙ بيت
نمبر 5 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته:
بيت
تَنَ طَبِيٌبُ نه تُونٌ ڌَارِينٌ دُنِيَا ڪَارَڻِ
دَٻِيُونٌ،
اِينٌدو اَڄُ عَجِيٌبُ شَادِيٌ ڏِينٌدو صِحٌتَ جي.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ
مجازي طبيب دنيا جي شائق کي ٿو چوي، ته تون طبيب
اندر جو نه آهين، نه تنهنجو مقصد منهنجي دل جي خوش
ڪرڻ جو آهي، پر پنهنجي لاءِ دنيا گڏ ڪرڻ واسطي دوا
جون دٻيون ڌاريون اٿيئي. مون کي دل جي صحت جي شادي
يعني خوشي گهربل آهي، جا اڄ عجيب اچي ڏيندو. هن جو
خلاصو مطلب آهي ته مجازاً طبيب پنهنجي دنيوي نفعي
لاءِ بيمارن جي ظاهري بيمارين لاءِ دوائن جون
دٻيون کنيو ٿا وتن، جن کان عاشق کي نفرت آهي. عاشق
تي مصيبت معشوق جي جدائي جي آهي، جنهن مان ڇٽڻ جي
خوشبري وصل آهي، اڄ عجيب اچي ڏيندو.
حديث شريف، جنهن جي روايت احمد طبراني کان آهي ته
الله تعاليٰ وٽ بندي جو هڪڙو درجو آهي، جنهن کي
اهو بندو عمل جي سببان پهچي نٿو سگهي. انهيءَ ڪري
الله تعاليٰ پنهنجي انهيءَ ٻانهي تي ڪا به مصيبت
موڪلي ٿو ڏئي. پوءِ انهيءَ مصيبت سببان اهو درجو
ان کي ملي ٿو وڃي، اهي درجا ۽ خوشخبر ڏيڻ وارو به
اهو اعليٰ ۽ عجيب آهي، جو عاشق کي اڄ اچي اميد
ڏيندو. هڪڙي شخص حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم
کي عرض ڪيو ته يا رسول الله! منهنجو سمورو مال
نقصان ٿي ويو ۽ جسم بيمار آهي. پاڻ فرمايائون جنهن
ٻانهي جو مال نقصان نه ٿئي ۽ مريض نه ٿئي، ته ان ۾
ڪا ڀلائي نه آهي. الله تعاليٰ جڏهن ڪنهن ٻانهي جي
ڀلائي گهرندو آهي ۽ ان کي دوست رکندو آهي ته ان تي
مصيبت موڪليندو آهي. جڏهن اهو بندو پنهنجي موليٰ
کي سڏي ٿو، تڏهن ملائڪ چون ٿا ته اي ربّ، تون
پنهنجي ٻانهي جو اهو سڏ ڄاڻين ۽ ٻڌين ٿو. وري ٻيهر
جڏهن ٻانهون پنهنجي ربّ کي پڪاري ٿو تڏهن الله
تعاليٰ فرمائي ٿو ته اي ٻانها چئه ڇا ٿو چوين؟ مان
حاضر آهيان. جو تون گهرندي، سو تو کي ڏيندس. تڏهن
مجازي طبيب کي ڀٽائي صاحب ٿو فرمائي ته دنيا ڪارڻ
جيڪي اهي دٻيون کنيون اٿيئي، سي نه گهرجن، پر مون
کي جنهن مرض موڪليو آهي، سو ايندو. اڄ عجيب اچي
شادي ڏيندو صحت جي. باقي انهيءَ منهنجي عجيب کان
سواءِ، جيڪي منهنجي درد جا دارون ڪن ٿا، سي ته هو
اُکيلي اڌ ڪري ٿو ڇڏي. جيئن ايندڙ بيت نمبر 6 ۾
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته:
بيت
جَانٌ ڪِي ڪَري طَبِيٌبُ، دارُونٌ هِنَ دَرٌدَ جا،
هَڻِيو سي حَبِيٌبُ، اُکوڙِيو اَڌَ ڪَري.
جڏهن کان وٺي جيڪي به طبيب مجازي علاج ڪري رهيا
آهن منهنجي هن درد سور جا، سي حقيقي حبيب اُکيلي
اڌ ڪري يعني رد ڪري ٿو ڇڏي، ڇاڪاڻ ته اهڙو وس وارو
ته آهي، جو جيڪڏهن وڻيس ته ڪنهن ڪم کي قائم رکي،
وڻيس ته ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيس. پر جيڪو هو مجازاً
اسان جو نقصان ٿو ڪري، اُن ۾ به سندس حڪمت ۽ ڀلائي
آهي، پر اسان کي نقصان ٿو نظر اچي.
جيئن حضرت موسيٰ عليہ السلام کي، حضرت خضر عليہ
السلام جا مجازاً ڪم – ٻيڙيءَ کي سوراخ ڪرڻ،
ڇوڪريءَ کي قتل ڪرڻ، هڪڙي سکڻيءَ جڏيءَ ڀت کي سڌو
۽ چڱو ڪرڻ – بيجاءِ ۽ گناهه جهڙا نظر ٿي آيا، پر
درحقيقت سڀ نفعي وارا هئا. ٻيڙيءَ کي سوراخ ڪرڻ به
ٻيڙيءَ جي مالڪن لاءِ ڀلائي هئي، جو ظالم بادشاهه
جي ڦُرڻ کان بچي. ڇوڪري جي قتل ڪري سندس شر کان
سندس ماءُ پيءُ بچيا ۽ ڀِت جي سڌي ڪرڻ ڪري يتيمن
جو مال بچيو، جو ان ڀت هيٺان دفن ٿيل هو.
هاڻي هن نقل ۾ ڏسو، جو سچو ۽ قرآن شريف ۾ بيان ٿيل
آهي، ته جي ظاهر جا طبيب علاج انهن ڪمن جا ڪن ها
ته ڇوڪر کي قتل کان بچائن ها ۽ ان جي ماءُ جا سڄڻ
ٿين ها ته ان ۾ هنن جو نقصان هئو، جو انهيءَ ڇوڪري
جو شر انهن ويچارن کي ڪفر تائين پهچائي ها. اهڙيءَ
طرح ٻيڙيءَ وارن جو ظاهر سڄڻ ته ٻيڙي ڀڃي ته نه ها
پر اڃا وڌيڪ سينگاري ها، ۽ هنن جي ٻيڙي وڌيڪ سٺي
ڏسي ظالم بادشاهه اها ضرور ڦُري ها ۽ انهن غريبن
جو گذران مشڪل ٿي پوي ها. اهڙيءَ طرح يتيمن جو يار
به جيڪڏهن جڏي ڀت ڪيرائي پٽ ڪري ڇڏي ها، ته متان
هنن يتيمن جي مٿان ڪري پوي ۽ کين نقصان ٿئي ته هنن
جو دفن ٿيل خزانو نقصان ٿئي ها. اهڙيءَ طرح ماڻهو
سندس ظاهر جو جيڪو به خير گهرن ها، سو حقيقت ۾
انهن جو نقصان ٿئي ها. حضرت خضر عليہ السلام انهن
جو جيڪو نقصان ڪيو، سو حقيقتاً انهن جو نفعو ٿيو.
جيئن ظاهر جي طبيب حضرت موسيٰ عليہ السلام جيڪي
گهريو ٿي، سو الله تعاليٰ رد ڪيو. ائين ته سندس
مرضيءَ موافق ته نه ٿيو، پر اڃا به اُکيلي اڌ ڪري
ڇڏيائين جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته
”هڻيو سي حبيب، اُکوڙيو اڌَ ڪري“- اڌ ڇو نه ڪري ۽
ڀلي اهڙا حيلا وسيلا طبيبن اڻ ڄاڻن جا ڀڃي پورا
ڪري، جن جي ڀڃڻ ۾ اسان جو نفعو آهي.
حديث شريف ۾ آهي ته الله تعاليٰ پنهنجي مصيبت زده
ٻانهي کي فرمائي ٿو ته جيڪڏهن تو کان هتي ڪا چڱي
شيءِ جهليان ٿو، ته ان شيءِ کان وڌيڪ سٺي شيءِ
تنهنجي لاءِ پاڻ وٽ رکي ڇڏيندس. جڏهن قيامت جو
ڏينهن ٿيندو ۽ عمل وارا حاضر ٿيندا ۽ انهن جا
اعمال – نمازون، روزا، صدقا، حج ۽ سڀ ترازيءَ ۾
توريا ويندا ۽ پورو پورو ثواب انهن کي عنايت
ٿيندو. جڏهن بيمار ۽ مصيبت وارا ايندا ته انهن جي
واسطي ترازي کڙي ڪئي نه ويندي ۽ نه وري اعمال ناما
ئي کوليا ويندا. بس، ثواب انهن تي اهڙيءَ طرح
پرٽيو يعني وڌو ويندو، جيئن انهن تي مصيبت وِڌي
وئي هئي. ڏسو ته پنهنجي پيارن ٻانهن کي ڪيڏا وڏا ۽
بي حساب ثواب ٿو ڏئي! تڏهن انهن جي نفعي لاءِ هتي
طبيبن جا علاج اُکيليو رد ڪيو ٿو ڇڏي. جنهن ۾
ٻانهي جو نفعو آهي. تڏهن انهيءَ ۾ ڪهڙو ٻانهو
ناراض ٿيندو؟ ڀلي مصيبت جو اهڙو تير حبيب هڻي، جو
مُئي کان پوءِ به مانُ ملي. جيئن ايندڙ بيت نمبر 7
۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:
بيت
هَڻُ حَبِيٌبَ هَٿَ کَڻِي ٿيڪر مَ ٿورو لاءِ،
پِرِينٌ تُنٌهِنٌجِي گهَاءِ، جي مَرَانٌ ته مانُ
لَهَان.
اي منهنجا حبيب! مون کي ٿيڪي يعني ٿيلهي نه ڇڏ.
اهو ٿيلهي پاڻ کان پري ڪرڻ ٿورو احسان نه آهي. ڀلي
هٿ کڻي يعني اُتَرَ ڪري زور مان هڻ، ڇاڪاڻ ته
تنهنجي گهاءَ يعني ڏار، ڦاڙڻ سان مرندس ته مانَ
وارو ٿيندس. ائين ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ڇو ٿو
فرمائي؟ ان جو خلاصو مطلب هن طرح آهي، جيئن حديث
شريف ۾ آهي ته سڀن مهلڪ يعني سخت خطائن جي پاڙ
دنيا جي صحبت آهي ۽ ڇوٽڪاري جي سموري سامان جي پاڙ
دنيا کان دل جو جدا ٿيڻ يعني دنيا کي دل سان ترڪ
ڪرڻ آهي، ۽ ظاهر آهي ته جيڪڏهن دنيا جون نعمتون
بنان مصيبت ۽ تڪليف جي پيون ملن، ته انهيءَ ڪري
دنيا سان دل جي محبت ۽ لاڙو ٿيندو ۽ انهيءَ سامان
سان پيار ٿيندو. تانجو آدمي دنيا کي مثل شدّاد جي
بهشت پيو ڄاڻندو ۽ مرڻ مهل ان جي سامان وغيره جي
جدائي وڏي مصيبت پيو ڄاڻندو، پر جيڪڏهن دنياوي ڪمن
۾ مصيبتون گهڻيون اينديون رهن ۽ دل انهن کان کٽي
ٿئي ۽ ڪڪ ٿئي، تانجو حياتي کي بار سمجهي ۽ پوءِ
دنيا کي هڪڙو قيد پيو ڄاڻندو ۽ ان مان ڇٽڻ، قيد
مان ڇٽڻ وانگر پيو ڀائيندو ۽ دنيا کان ڇوٽڪاري ۾
نهايت لذت حاصل ڪندو. حديث شريف ۾ آهي ته:
اَلدُّنٌيَا سِجٌنُ الٌمُؤٌمِنُ وَ جَنَّةُ
الٌڪَافِرُ○
ترجمو: دنيا مؤمن لاءِ دوزخ ۽ ڪافر لاءِ بهشت آهي.
دنيا ۾ دنيا جون مصيبتون مؤمنن کي درجن ۾ ايترو
وڌائن ٿيون، جو هنن لاءِ ميزان ته نه کڙو ٿيندو پر
دنيا ۾ تڪليفن تي صبر ڪندڙ، سواءِ حساب جي بهشت ۾
ويندا، جيئن قرآن شريف ۾ آهي ته:
اِنَّمَا يُوَفَّي الصّٰبِرُوٌنَ اَجٌرُهُمٌ
بِغَيٌرِ حِسَابٍ○
ترجمو: تحقيق صبر ڪندڙن کي ثواب ملندو ريءَ حساب
جي.
تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ هن بيت جي تڪ ۾
فرمائي ته اي حبيب! اهو ٿورو تڪليف جي ٽارڻ وارو
نه ڪر، ٿيلهه نه، پر هڻ هٿ کڻي زور مان، جي انهيءَ
تنهنجي ڏنل گهاءَ، ڦٽ سان مران ته مانُ لهان ۽
اجر، بغير حساب ڏسان. تنهنجي دانهن دل ۾ رکندس
توڙي صبر جي سهڻ جي طاقت نه آهي، تڏهن به ڀلا ڪنهن
کي ڪيئن چوان ته مون کي سڄڻ ماريو آهي؟ جيئن ايندڙ
بيت نمبر 8 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي
ته:
بيت
هَڻُ حَبِيٌبَ هَٿُ کَڻِي ڊِلِ ۾ تِيريٌ دانهَنٌ،
ڪُڇَان ته ڪُوٌڪَ ٿِئي، صَبُرُ آءٌ نه سَهَانٌ،
ڪَنٌهِن کي اِينٌئَن چَوَان ته مُون کي مَارِيو
سَڄِڻين.
منهنجا حبيب، حب وارا معشوق، هٿ مٿي کڻي هڻ يعني
سانگ نه ڪر دل ۾، تنهنجي ئي دانهن محبت جي پچار
آهي. پر ڇا ڪيان؟ ڪڇان ته ڪوڪ ٿئي، يعني ماڻهن ۾
سڏ ۽ پڙهو اچي ٿو وڃي ۽ انهيءَ تنهنجي محبت جي
تڪليفن سهڻ جي طاقت مون ۾ نه آهي، جو آزمائش جي
تڪليفن تي صبر سهان يا ڪيان. هاڻي اهو سور معشوق،
تنهنجو ڏنل ٻئي ڪنهن تنهنجي غير کي ڪيئن چوان ته
مون کي منهنجي سڄڻ معشوق ماريو آهي؟ هن جو خلاصو
مطلب هي آهي ته عاشق کي معشوق کان جدا ٿيڻ دل نه
گهرندي آهي، توڙي معشوق سؤ سزائون ۽ تڪليفون ڏئي،
پر هو هر وقت انهيءَ معشوق کي دل ۾ ساريندو ۽ ان
جا پهه پچاريندو آهي ۽ ان جي دانهن به ڪنهن ٻئي کي
نه ڏيندو ۽ دل ۾ ئي پيو رکندو. تڏهن ڀٽائي صاحب
رحمة الله عليہ به پنهنجي معشوق کي چوي ٿو ته مان
راضي آهيان تو سان، تون ڀلي ”هڻ حبيب هٿ کڻي دل ۾
تيري دانهن“ – تنهنجي دانهن مون کي دل ۾ ئي آهي.
تون ڀلي هڻ هٿ زور سان مٿي کڻي، ڇو ته منهنجين
تڪليفن ۾ تون جي راضي آهين ته مان به راضي آهيان،
هن تڪ ۾ رضا جي تعليم ائين ڏنل آهي ته جي کڻي عاشق
کي ڪو ڪم تڪليف جهڙو اوکو لڳي، تڏهن به دل ۾ رکي ۽
انهيءَ هڪڙي جي رضا ۾ راضي رهي ۽ ائين پيو گهري ته
ڀلي حبيب هڻي هٿ کڻي.
هاڻي هن عاشق ۽ معشوق جي معاملي ۾ ٻه وڏيون
تڪليفون آهن، جو هڪ ته معشوق جون آزمائش جون
تڪليفون سهڻ ۽ انهن تي صبر ڪرڻ به ڏاڍو ڏکيو آهي ۽
وري صبر به ضروري آهي، ڇو ته صبر جو ثواب بيحد
آهي، جو مٿي بيان ٿي چڪو آهي. ان مان ثابت آهي ته
ايڏو وڏو ثواب به وڏي تڪليف جهڙي عمل تي ملندو
آهي. ان صبر جي تڪليف جو اندازو ان جي ثواب مان
سمجهڻ گهرجي ته ايڏو o-o بيحد
انعام ان جي سختي سهڻ تي آهي، جا پڻ بيحد سختي
آهي. ٻي تڪليف وري معشوق جي محبت ۽ سوز گداز ۽
اهڙين ٻين ڳالهين کي ظاهر ڪرڻ ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته
عاشق انهيءَ حقيقي معشوق جي محبت جي راز ظاهر ڪرڻ
۾ درجي ۾ گهٽجي ٿو. ٻيو ته ماڻهن ۾ مشهور ٿئي ٿو،
انهيءَ ڪري به عاشق جو درجو گهٽبو آهي ۽ ان جو نفس
فخر ڪندو آهي ته مان به اهڙو ماڻهن ۾ مشهور آهيان.
پوءِ انهيءَ ڏي ماڻهن جي رجوعات گهڻي ٿئي ٿي، جو
پوءِ انهيءَ کي ذڪر فڪر ۽ ٻي عبادت جي فرصت گهٽ
ملي ٿي. اهڙيءَ طرح شيطان کي پڻ ان جي راهه زني جا
وجهه ملن ٿا. اهي ٻئي پاسا ڳؤرا آهن: هڪ صبر ڪرڻ
يا سهڻ، ٻيو ظاهر ڪوڪ ڪرڻ يعني ان راز کي پڌرو
ڪرڻ. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته
هاڻي ڪيئن ڪيان ”ڪڇان ته ڪوڪ ٿئي صبر آءٌ نه سهان“
– هن سر يمن ڪلياڻ جي بيتن جو ڀٽائي صاحب رحمة
الله عليہ رسالي جي ٻين سرن ۾ به کولي بيان ۽ شرح
ڪيو آهي، جيئن مثال طرح سر سهڻيءَ ۾ فرمايو اٿس،
جن ۾ اهي ٻئي تڪليفون ڳؤريون بيان ٿيل آهن. اهلي
تڪون هي آهن ته:
بيت
ڳَورَا ٻَئِي پَارَ هِنيُون حَيٌرتَ ۾ پِيِو،
وِهَانٌ تَان ويرَ مَ ٿِئي نِينٌهَنٌ ۾ پوئي
نِهَارِ،
وَڃَان تَان وَاڪو ٿِئي پَاڙي پوئي پَچَارَ،
هُتِ ٿِئي واعِدي جِي وارَ، هِتِ سُوٽُون ڏينِمِ
سَرتِيُون.
هاڻي هن بيت ۾ گويا مٿئين بيت جو شرح آهي ۽ ساڳي
تڪليف محبت جي بيان ڪيل آهي ته اهي ٻئي تڪليفون
يعني جي صبر ڪري ويهان ٿي ته نيهن يعني محبت ۾
نهار يعني گهاري، وٿي پوي ٿي، جي وري ميهر وٽ وڃان
ٿي ته پاڙي ۾ پچر يعني مشهوري ۽ شڪايت ٿي ٿئي. جي
بس ڪري ٿي ويهان ته ان ميهر دوست حقيقيءَ وٽ واعدي
جي ڪوڙي ٿي ٿيان ڪهڙو واعدو؟ ”اَلَسٌتُ
بِرَبِّڪُمٌ“ واري واعدي ڏانهن اشارو آهي. جي وري
انهيءَ واعدي جي پورائي لاءِ ڪجهه ڪيان ٿي، ته هت
سرتيون سوٽون يعني ڇڙٻون ٿيون ڏين. يعني نفس شيطان
دنيا جو ٻيو اسباب، مال، پُٽ، زال وغيره سڀ ڇڙٻن
ٿا ته هاڻي تون الله وارو ٿيو آهين، بس ٻيو ڪم ڪار
سڀ ڇٽو، دنيا جي گذران ۽ ٻين دنيوي ڪمن کي منهن
نٿو ڏجي ته نٿي سري ۽ جي انهن ڌنڌن سان واڳجي ويهي
ٿو رهجي، تڏهن به ڳالهه نٿي ٺهي، جو هت انهيءَ
واعدي ”الست بربڪم“ واري جي وار يعني ڀڃڪڙي ٿي
ٿئي. هاڻي اهي ”ڳورا ٻئي پار هنيو حيرت پيو“، جو
ٻئي طرف دين توڙي دنيا ڳورا ٻئي پار، هنيون انهيءَ
حيرت ۾ آهي ته هاڻي ڪيئن ڪجي؟ جي هڪڙي پار يعني
پاسي کي راضي ٿو ڪجي ته ٻيو طرف رسي ٿو وڃي، جيئن
ٻه مخالف ڌريون هونديون آهن، مثلاً ٻه پهاڄون.
هڪڙيءَ کي راضي ڪبو ته ٻي رسي ويندي. اهڙيءَ طرح
هن تڪ ۾ به ڀٽائي صاحب ٻئي طرف ڏکيا بيان ڪيا آهن
ته جي ڪڇان تان ڪوڪ ٿئي، صبر به وري آءٌ نه سهان.
پر جي وري ڪنهن کي کڻي چوان ته ڪيئن چوان؟ ڀلا
ڪنهن کي ائين چوان ته ”مون کي ماريو سڄڻين“؟ ائين
ڪنهن کي چوان ته مون کي منهنجي سڄڻ ماريو آهي؟
پوءِ هيءَ سڄڻ جي شڪايت نه ٿي؟ پوءِ ڀلا مون سان
سڄڻ ڪيئن راضي ٿيندو، جو مان ان جي دانهن وري ان
جي غير، ٻئي ڪنهن کي ائين چوان ته مون کي ماريو
سڄڻين. نه، نه، عاشق کي کپي ته پنهنجي معشوق کي
راضي ڪري ۽ ان کي چوي ته تون ڀلي ڪو وري ٻيهر ٻاڻ
هڻ، ته مون کي مِنٌهُن ٿئي ته پاڻ تنهنجي جهوليءَ
۾ اچي وجهان. اهڙيءَ طرح تو سان هٿون ملاقات ٿئي.
جيئن ايندڙ بيت نمبر 9 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ بيت ٿو فرمائي ته:
بيت
هَڻُ حَبِيٌبَ هَٿُ کَڻِي ٻَنگَا لَهِي ٻَاڻَ،
مَاڳَهِيٌنٌ مُونٌ مِنهُنٌ ٿِئي جهولِيءَ وجِهَان
پَاڻُ،
اِنَپَر سَاجَنَ سَاڻُ، مَانَ مُقَابِلو مُونٌ
ٿِئي.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته اي منهنجا معشوق! هڻ هٿ
کڻي، يعني ڀِلي زور سان هڻ ٻنگا لهي پاڻ يعني
وَجهه ۽ سَنڌ لهي ڪانُ يا تير هڻ. ماڳهين مون منهن
ٿئي يعني اصلي پڪو مون کي عذر يا بهانو ٿئي، جو
پاڻ تنهنجي جهوليءَ يعني هنج ۾ وجهان؛ ڇاڪاڻ ته
مَنَ انهيءَ بهاني سان تو سڄڻ سان روبرو ملاقات
ٿئي. هن بيت جو خلاصو مطلب هي آهي ته تڪ پهرينءَ ۾
سڄڻ جي تڪليفن، جي گويا تير مثل آهن، انهن جي سهڻ
تي پنهنجي رضا ڏيکاريل آهي ۽ اهو صبر به ڏيکاريل
آهي، جنهن کي صبر جميل چوندا آهن، صبر سهڻو به اهو
آهي، جو معشوق جي موڪليل تڪليف تي راضي ۽ خوش ٿي
صبر ڪري ۽ انهيءَ مصيبت تي ڪسڪي ۽ ڪرڪي نه ڪر.
حديث شريف ۾ آهي ته جڏهن ڪنهن بندي تي ڪا مصيبت
اچي ۽ اهو حڪم الاهيءَ موجب ته اِنَّا لِله ِ وَ
اِنَّا اِلَيٌہِ رَاجِعُوٌنَ چئي ۽ اَللّٰهُمَّ
اَجِرٌنِيٌ فِيٌ مُصِيٌبَتِيٌ وَ اَعٌقبِتِيٌ
خَيٌراً مِّنٌهَا چوي.
ترجمو: ته اسان الله جي مِلِڪَ آهيون ۽ اسان کي ان
جي طرف موٽڻو آهي ۽ چوي ته اي الاهي، مون کي بدلو
ڏي منهنجي مصيبت جو ۽ ان کان پوءِ، ان کان وڌيڪ
مون کي چڱو انعام ڏي.
تڏهن خدا تعاليٰ بندي جو عرض قبول فرمائي
ائين ڪري ٿو. حديث شريف ۾ آهي ته الله تعاليٰ
فرمائي ٿو ته جنهن شخص جون ٻئي اکيون نِيان ٿو ته
ان جو عيوض هي آهي، جو اهو منهنجي گهر ۾ هميشه
رهندو ۽ منهنجي طرف تڪيندو رهندو. جڏهن ائين آهي،
تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به هن تڪ ۾ خوشيءَ
سان فرمائي ٿو ته ”ڀلي هڻ حبيب هٿ کڻي ٻنگا لهي
ٻاڻ“ – ڇو ته هن تڪليف جي سهڻ جي مِنهَنٌ سان مون
کي اجر ڏين ۽ توسان ملاقات ٿئي.
هاڻي هن بيت مان ائين پيو معلوم ٿئي ته معشوق جي
مرضي عاشق کي هجر جي تڪليفن ڏيڻ تي آهي ۽ عاشق جي
مرضي وصل آهي. هاڻي عاشق پنهنجي مرضي ڦٽي ڪري
معشوق جي مرضي رکي ٿو، جا پهرينءَ تڪ ۾ ظاهر آهي
ته ”هڻ حبيب هٿ کڻي ٻنگا لهي ٻاڻ“- ٻاڻ هڻڻ جي
مرضي يار جي آهي. يار جي مرضي رکڻ به محبوب جي
وصال جو وسيلو آهي. انهيءَ ڪري وسيلو محبوب جي
وصال جو به پيارو آهي. تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ به پيار مان سندس مرضي رکِي، پنهنجي حبيب کي
ٿو چوي ته ”هڻ هٿ کڻي ٻنگا لهي ٻاڻ“، جنهن مان
آئينده جي اميد وصل جي ٿو ڏيکاري، جيئن ٻيءَ تڪ ۾
آهي ته ” ماڳهين مون مِنهن ٿئي جهوليءَ وجهان
پاڻ“- هي مثال ائين آهي، جيئن ڪو مال جو شائق اول
هڪڙو رپيو ڪنهن کي ڏئي، جو ڳچ ڏينهن بعد ڪمائي ان
کي ٻه روپيه ڪري ڏئي ته ٻن روپين کي هو مِٺو
گهرندو. پر اول ۾ هڪڙي رپئي کي ڇڏي ٿو، تڏهن ٻه
روپيه حاصل ٿو ڪري. اهڙيءَ طرح عاشق به وصال جو
خواهان آهي، مگر اول ان کي ڇڏي ٿو ته آئينده چڱيءَ
طرح حاصل ٿئي. تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به
آئينده جي اميد رکي ٿو فرمائي ته ”اِنپر ساجن ساڻ
مانَ مقابلو مون ٿئي“- اِن پَر يعني انهيءَ ئي طرح
سان، من ساجن سڄڻ سان ملاقات ٿئي، جو اول پاڻ مون
کي ٻاڻ هڻي راضي ٿئي ۽ پوءِ مون کي راضي ڪري. پر
سالڪن جو اهو مٿانهون مقام آهي، جيئن الله تعاليٰ
انهن جي آزمائش لاءِ تڪليف موڪلي ۽ هو انهيءَ کي
برداشت ڪري صبر ڪن ۽ راضي به رهن. اها انهن عاشقن
کي مصيبت سهڻ ۽ ان تي راضي رهي صبر ڪرڻ جي توفيق
خاص الله تعاليٰ جي هٿ ۽ وس آهي. اتي ته مجازي
طبيبن جي ويڄيائي وسري ويندي آهي. جيئن ايندڙ بيت
نمبر 10 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي
ته:
بيت
جِت ِ حَبِيٌبَ هَڻَنِ نَائُڪَ ڀَري نِيٌنهَن
جِيٌ،
تِتي طَبِيٌبَن ِ و ِڄِيَا وَڃي و ِسِر َيٌ.
هن جي معنيٰ آهي ته جتي به، جنهن وقت به، حبيب
الله سائين، پنهنجي پيار مان ڀريل نائڪ يعني نيزو
تڪليف جو هڻي، تتي يعني اتي هنن طبيبن ڏاهن جي
ڏاهپ، اٽڪل ۽ وڄيا، طب ئي وسريو وڃي. ڇاڪاڻ ته
جنهن تڪليف نيزي نينهن جي هڻڻ وارو پاڻ حبيب الله
تعاليٰ آهي، تڏهن انهيءَ جي سهڻ جي طاقت ڏيڻ وارو
۽ ان جي ثواب بخشڻ وارو به پاڻ ئي آهي. مثال لاءِ
بيان ٿو ڪجي ته جيئن قرآن شريف جي سورة القصص جي
پهرئين رڪوع ۾ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي قصي ۾
سندس ماءُ جو بيان آهي ته:
وَ اَوٌحَيٌنَا اِليٰ اُمّ ِ مُوٌسَيٰ اَنٌ
اَرضِعِيٌہ ِ فَا ِذَا خِفٌتِ عَلَيٌہِ فَاَ
الٌقِيٌہِ فِي الٌيَمّ ِ وَ لاَ تَخَافِيٌ وَ لاَ
تَحٌزَنِيٌ اِنَّا رَاَدُّوٌهُ اِلَيٌڪ ِ وَ
جَاعِلُوٌهُ مِنَ الٌمُرٌسَلِيٌنَ○
ترجمو: ۽ وحي ڪيوسون ماءُ موسيٰ جي ڏانهن ته کير
ڏج موسيٰ کي (ٽي مهينا ۽ لڪائج موسيٰ کي سڀني
ماڻهن کان) پوءِ جڏهن تون ڊڄين موسيٰ تي فرعون کان
ته اڇلائج ان کي درياءَ ۾ ۽ نه ڊڄج ۽ نه غم ڪج.
اسين موٽائي آڻينداسون ان کي تو وٽ ۽ ڪنداسون ان
کي رسولن منجهان.
هاڻي هن قصي ۾ غور سان خيال ڪندا ته حضرت موسيٰ جي
والده سڳوريءَ لاءِ هيءَ ڪهڙي نه نيزي جهڙي سخت
آزمائش هئي! پر هئي نينهن جي، يعني الله تعاليٰ جي
پيار جي، جو ماءُ پٽ کي درياءَ ۾ پنهنجن هٿن سان
اڇلي! هيءَ وڏي ۾ وڏي درد جهڙي آزمائش هئي. هاڻي
اتي مجازي طبيب ۽ عقل وارا ڇا ڪن؟ اهڙي واقعي جي
ٻڌندي ئي جيڪر انهن کان پنهنجي طب ئي وسري وڃي،
ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ ته ڪنهن دوا دارونءَ، ڊڀ، ڏنڀ
وغيره جو ڪم ئي ڪونه هئو. جيئن ڀٽائي صاحب فرمايو
ته ”تتي طبيبن وڄيا وڃي وسري“- پوءِ اتي طب ڇا جي
۽ طبيب ڇا جو؟ پر انهيءَ تڪليف جي سهڻ ۽ صبر جي
توفيق ڏيڻ وارو به اهو حبيب الله تعاليٰ ئي آهي،
جيئن قرآن شريف جي سورة القصص جي پهرئين رڪوع ۾
آهي ته:
وَ اَصٌبَحَ فُؤ َادُ اُمّ ِ مُوٌسيٰ فٰر ِغاً
اِنٌ کَادَتٌ لَتُبٌدِيٌ لَوٌلاَ اَنٌ رَّبَطٌنَا
عَليٰ قَلٌبِهَا لِتَڪُوٌنَ مِنَ الٌمُؤٌمِنِيٌنَ○
ترجمو: ۽ ڦري ٿيو موسيٰ جي ماءُ جو قلب پريشان،
ويجهي ٿي ان ڳالهه کي ته ظاهر ڪري وجهي ڳالهه
موسيٰ جي- جي هوند نه جهليون اسان ساڻ صبرَ قلبُ
ان جو، ته هجي منجهان مؤمنن.
هن آيت سڳوريءَ ۾ صاف الله تعاليٰ فرمايو آهي ته
موسيٰ عليہ السلام جي ماءُ کي صبر جي طاقت به اسان
بخشي، نه ته ڳالهه ڪري وجهي ها. پوءِ جي اهڙو تير،
جنهن جي سهڻ ۽ صبر جي طاقت به پاڻ حبيب ڏئي ۽ اهو
تير بعد ۾ خوشيءَ جو باعث ٿئي، جيئن موسيٰ عليہ
السلام جي ماءُ لاءِ ٿيو ته پوءِ اهڙي تير لاءِ
طبيب ڇو پڇجي؟ هوند اهڙن گهائن سان گذارجي. جيئن
ايندڙ بيت نمبر 11 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو
فرمائي، (هن بيت ۾ عجيب نموني شوق ۽ سڪ ۽ سڌ
ڏيکاريل آهي)؛
بيت
هَڻين جي حَبيٌبُ مَحَبَتِي مَيَا ڪَري،
پُڇان ڪِيٌن طَبِيٌبُ هُونٌدَ گهَائَنِ سَان ٿِي
گهَار ِيَان.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته جي حبيب محبت جي ميا يعني
مايا، خوشي يعني پيار ۽ مهرباني ڪري، تڪليفن جو
تير هڻي ته مان به هوند يعني جيڪر، انهيءَ تير جي
گهائن يعني ڦَٽن ۽ چاڪن ۽ چيرن سان ئي گهاريان ۽
گذاريان. پر طبيب کان ڪين علاج پڇان، نڪو طبيب
پڇان ته ڪٿي آهي، ڇاڪاڻ ته جهڙيءَ طرح پاڻ پنهنجن
پيارن تي مصيبت موڪلي ٿو، تهڙيءَ طرح لاهڻ وارو به
پاڻ ئي آهي. سندس واعدا سچا آهن. جيئن قرآن شريف ۾
سورة القصص جي پهرئين رڪوع ۾ آهي:
فَرَ دَدٌنٰہُ اِليٰ اُمِّہٖ کَيٌ تَقَر َّ
عَيٌنُهَا وَ لاَ تَحٌزَنَ وَ لَتَعٌلَمَ اَنَّ
وُعٌدَ اللهِ حَقُّٗ وَّ لٰڪِنَّ اَڪٌثَرَهُمٌ لاَ
يَعٌلَمُوٌنَ○
ترجمو: پوءِ موٽايوسون موسيٰ ماءُ وٽ، ته ٺرن
اکيون سندس ۽ نه غم ڪري ۽ ڄاڻي ته تحقيق واعدا
الله تعاليٰ جا سچا آهن پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن
ڏسو هن آيت سڳوريءَ ۾ صاف ظاهر آهي ته هن راز کي
گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن ته تڪليفن جي ڏيڻ وارو به
الله تعاليٰ پاڻ، وري لاهڻ وارو به پاڻ آهي. جيئن
موسيٰ عليہ السلام کي سندس ماءُ کان جدا ڪري، کيس
فراق جو ڏک ڏنائين تيئن ان جو ڏک به کيس سندس پٽ،
موسيٰ عليہ السلام موٽائي ۽ ملائي لاٿائين. پر
جنهن وقت پٽ کي درياءَ ۾ اڇلايائين، تنهن وقت بيبي
صاحبہ جي اها حالت هئي، جيئن ڪنهن پکيءَ کي پاڻيءَ
۾ ڪاني لڳل هجي. (جا سُرَ جي ڪاني جي هوندي آهي ۽
جنهن جي چوٽيءَ ۾ هڪ لوهي تکي نوڪدار ڪرڪ هوندي
آهي، جنهن کي ڪانِي چوندا آهن. جڏهن اها پکيءَ کي
لڳندي آهي، تڏهن ويچارو پکي اُڏامڻ لاءِ کنڀ کڻي ۽
ڪوشش اُڏامڻ لاءِ ڪري، پر ڪاني جا ٽنبيل هجيس ته
اُڏامي به نه سگهي ۽ نه ڀڄي سگهي، رڳو ڦٿڪي پيو).
اهڙيءَ طرح بيبي صاحبہ ماءُ موسيٰ عليہ السلام
جيءَ کي به، رڳو لوڇ پوڇ هئي، جيئن ڪو پکي ڪاناريو
يعني ڪانيءَ لڳل ڪر اُڏامڻ لاءِ کڻي، پر اُڏامي نه
سگهي. حبيب، يعني الله سائينءَ جيڪو هيءُ ٻاڻ محبت
جو پنهنجي مهربانيءَ سان هنيس، سو کيس اهڙو لڳو ۽
سندس حال اهڙو ٿيو، جيئن ڪو پکي ڪاناريو ڪر کڻي،
جيئن ايندڙ بيت نمبر 12 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ فرمايو آهي؛
بيت
چوري چَنگُ ٻَنگُ لَهِي حَبِيٌبَن ِ هَنٌيوسِ،
ٻُجهَان ٻَاڻُ لَڳوسِ، ڪَانَاريِو ڪَرَ کَڻي.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته انهيءَ حبيب سائينءَ، جيڪو
چوريءَ يعني ڳجهو چنگ، يعني خوشيءَ وچان ٻنگ يعني
وجهه لهي کيس ٻاڻ يعني تير آزمائش، محبت جو هنيو،
سو ٻجهان يعني ٻڌان ٿو ته اهڙو پاڻ لڳس، جو جيئن
ڪانيارو پکي ڪانارجي، يعني انهيءَ تير سان ڦٽجي
پيو ڪر کڻي، جيئن ماڻهو تپجي به ڪَرَ کڻندو يا
ڀڃندو آهي. پوءِ بيبي صاحبہ ماءُ موسيٰ عليہ
السلام جي، پنهنجي نياڻيءَ مريم کي چيو ته تون
ڀاءُ پنهنجي موسيٰ عليہ السلام جي جاچ ڪر ته
ڪيڏانهن ويو. جيئن قرآن شريف جي سورة القصص ۾ ظاهر
آهي ته:
وَ قَالَتٌ لِاُخٌتِہٖ قُصِّيٌہِ فَبَصُرَتٌ بِہٖ
عَنٌ جُنُبٍ وَّ هُمٌ لاَ يَشٌعُرُوٌنَ. وَ
حَرَّمٌنَا عَلَيٌہِ الٌمَرَاضِعَ مِنٌ قَبٌلُ
فَقَالَتٌ هَلٌ اَدُلُّکُمٌ عَليٰ اَهٌلِ بَيٌتٍ
يَّڪٌفُلُوٌنَہٗ لَکُمٌ وَ هُمٌ لَہٗ نَاصِحُوٌنَ○
ترجمو: ۽ چيو ماءُ موسيٰ جي، ڀيڻ موسيٰ جي کي، ته
ڳولا ڪري موسيٰ جي، پوءِ ٿي ڏٺائين پري کان ۽
فرعون نٿي سڃاتي. ۽ حرام ڪيو اسان موسيٰ تي کير
داين جو اول ڪنان اچڻ ڀيڻ ان جي، پوءِ چيو مريم
ڏَس ڏيان اوهان کي عورت گهر تعظيم واريءَ جو، اها
نپائيندي موسيٰ کي اوهان لاءِ ۽ اهي بادشاهه جا
خيرخواهه آهينِ.
بيبي صاحبہ کي پنهنجي پٽ جو اهڙو سور ٿيو، جو
پنهنجي نياڻيءَ مريم کي موڪليائين ته تون ڏس، ڳولا
ڪر موسيٰ عليہ السلام ڀاءُ پنهنجي جي؛ اها ڳولا
ڪرڻ بيبي صاحبہ جي بيصبريءَ ۾ داخل نه آهي ۽ سڀ
چڱي ڪم جي ڪوشش ڪرڻ جائز ۽ ثواب آهي. جيئن الله
وارا الله تعاليٰ جي محبت ۾ لڇندا ۽ ڦٿڪندا آهن،
جيئن ڪو جهاد ۾ تير يا ڪانيءَ لڳل مجاهد ڪانَ سان
ڪانارجي ڪڻڪي، ته اهو ته ڪم آهي ۽ ان ۾ گناهه نه
آهي. باقي شڪايت جي نموني ٻئي سان سور نه سلجي، جو
ان ۾ گناهه آهي. محبت وارو پاڻهين پنهنجيون پٽيون
ٻڌن، پاڻهين چڪيا ڪن،تون انهن وٽ رات اچ ته توکي
سُڌ پوي انهن جي حال جي. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة
الله عليہ ايندڙ بيت نمبر 13 ۾ ٿو فرمائي ته:
بيت
سي ڪَانَارِيَا ڪُڻِڪَن ِ جِنِينٌ لوههُ لِڱَن ۾،
مَحَبَتَ جي مَيٌدَانَ ۾ پِيَا لاَلَ لُڇَن ِ،
پَاڻَهِينٌ ٻَڌَن ِ پَٽِيُونٌ پَاڻَهِينٌ چِڪِيَا
ڪَنِ،
وَٽَان وَاڍوڙِيَن ِ، رَهِيٌ اَچَج ِ رَاتَڙ ِيٌ.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته جن مجاهدن کي لوهه لڱن ۾،
يعني عضون ۾، لوها ڪانَ لڳل هوندا ۽ انهن ڪانن لڳڻ
ڪري ڪانارجي يعني ڦٽجي، ڪڻڪن يعني ڪنجهن پيا، تڏهن
به انهيءَ موليٰ جي محبت جي ميدان لاءِ پيا لڇن،
يعني تنبن پيا. جيتوڻيڪ ڪانن ۽ لوهي تيرن کين ڦٽي
رت ۾ لال ڪري ڇڏيو هئو ۽ ڌوتائون ۽ اُگهيائون
ڪونه، اُئين ئي رت ۾ ڳاڙها لال پيا لڇن ته اڃا به
جهاد ڪيون، ته جيئن شهيد ٿيون ته من اسان جو محبوب
موليٰ سائين اسان تي راضي ٿئي ۽ جيڪي کين انهيءَ
ميدان ۾ ڦٽ يا چاڪا ٿيا، تن جون پٽيون به پاڻ پيا
ڪن ۽ انهن ڦٽن کي چڪائن، يعني نپوڙي سڪائن به
پاڻهين پاڻ پيا ۽ ٻئي کي اهو سور نه پيا سلن ته
متان ڀانئينِ ته هي جهاد تي هلڻ جهڙا نه آهن. پوءِ
اسان کي نه نين ۽ مقصد پنهنجي شهادت واري کي نه
پهچون، ادا، انهن موليٰ سائينءَ جي محبن جون
ڪهڙيون خبرون ٿو پڇين؟ اهي ڪيئن ٻڌائي سگهجن ٿيون
۽ ڪهڙيون ٻڌائجن؟ هاڻي پوري خبر ائين پوندي، جيئن
انهن واڍوڙين يعني ڦٽيلن وٽان ”رهي اچج راتڙي“، ته
پوءِ ئي اسان کي خبر پوندي ته ڪيڏو سور سرير ۾ اٿن
۽ ڪيڏا گهاءَ اندر ۾ اٿن. پوءِ به ڪيئن لوڪ کان
لڪائي پٽيون پنهنجون پاڻ پيا ٿا ٻڌن؟ ايندڙ بيت
نمبر 14 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ٿو
ته:
بيت
رَهِيٌ اَچِجي رَاتَڙ ِيٌ تَن ِ وَاڍوڙ ِيَن ِ
وَٽَانٌ،
جَن ِ کي سُورُ سَر ِيٌرَ ۾ گهَٽَ مَنجهَاران
گهَاءُ،
لِڪَائي لوڪَانٌ، پَاڻَهِينٌ ٻَڌَنِ پَٽِيُونٌ.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته تن واڍوڙين يعني موليٰ
سائينءَ جي محبت جي وڍيلن، ڦٽيلن وٽان رات رهي
يعني ٽِڪي اچجي، جن کي سور ساري جسم ۾ ۽ گهاءَ
يعني چاڪ، چير، ڦٽ، گهٽ ۾ يعني اندر ۾ آهن. پر
انهن جون پٽيون، ملمون ۽ علاج لوڪ کان يعني ماڻهن
کان لڪائي مخفي ڪن ٿا، ته جيئن ڪنهن کي معلوم نه
ٿئي ته هي به ويچارو ڦٽيل آهي. هن بيت ۽ هن کان اڳ
۾ بيت نمبر 13 جي معنيٰ مجازاً ڪيل آهي ۽ حقيقي
مطلب هنن بيتن جو هيءُ آهي ته جيڪي محب موليٰ
سائينءَ جا آهن، انهن کي جيڪي سندس محبت ۽ عشق جا
اندر ۾ تير يا ڪانَ لڳل آهن، جو انهن محبت جي تيرن
سان ڦٽجي ۽ واڍوڙجي پيا آهن، پر تڏهن به انهيءَ
راز کي لوڪ کان لڪائين ٿا. ڇاڪاڻ ته ماڻهن ۾ خدا
تعاليٰ کان اهو پري آهي، جو انهيءَ محبت موليٰ
سائينءَ جي راز کي اشاري طرح ظاهر ڪري ۽ هرهڪ شيءِ
يا ڪلام ۾، هر هڪ جي آڏو خدا تعاليٰ جي طرف اشارا
ڪري، جيئن ماڻهو ڄاڻن ته هي وڏو محب موليٰ سائينءَ
جو آهي. اهڙو شخص عاشقن ۽ خدا تعاليٰ جي واقعن جي
اڳيان محب نه آهي، مگر مبغوض يعني بغض ۽ نفرت ڪيل
۽ بڇڙو آهي.
نقل آهي ته حضرت ذوالنّون مصري رحه ڪنهن فقير وٽ
ويو. ان کي ڏٺائين ته هو پنهنجي محبت جو بيان
ماڻهن سان پيو ڪري. پاڻ فرمايائين ته تون محب نه
آهين. پوءِ انهيءَ تي مصيبت آئي ۽ پاڻ فرمايائين
ته جو شخص الله تعاليٰ جي طرف جي موڪليل تڪليف کي
تڪليف ڄاڻي ٿو، اهو انهيءَ سان محبت نٿو رکي.
انهيءَ شخص چيو ته جو شخص ان جي موڪليل ڏک يا
تڪليف مان لذت نٿو وٺي، اهو ان سان محبت نٿو رکي.
حضرت ذوالنّون رحه فرمايو ته جو شخص پاڻ کي ان جو
محب مشهور ڪرڻ گهري ٿو، اهو ان سان محبت نٿو رکي.
پوءِ ان شخص توبہ ڪئي ۽ چيائين ته وري محبت جو
بيان ظاهر نه ڪندس.
هن نقل مان معلوم ٿيو ته محبت جو واڍوڙيل محبوب
جون موڪليل تڪليفون بيان ته نه ڪري، پر اڃا به لوڪ
کان لڪائي. محبت جي هڪڙي نشاني اها آهي، جو محبت
کي لڪائي ۽ محبت جي دعويٰ کان پاسو ڪري. شاهه صاحب
رحمة الله عليہ اهي محبت وارن جون حقيقتون ايندڙ
سرن ۾ ظاهر ڪيون آهن. جيئن هڪڙي تڪ ۾ فرمايو اٿس:
”ڪنهن کي اِئين نه چون ته آسين آديسي آهيون.“
اهڙيءَ طرح سر رامڪليءَ ۾، انهيءَ محبوب حقيقيءَ
جي محبت جي راز لڪائڻ بابت گهڻا بيت فرمايا اٿس،
جي انهيءَ ۾ ڏسڻ گهرجن. هن بيان ۾ هڪڙو سوال ٿو
پيدا ٿئي ته محبت الاهي ته حد درجي جو چڱو ۽ نيڪ
عمل آهي، پوءِ ان جو ظاهر ڪرڻ برو ڇو ٿو ڄاتو وڃي؟
اهڙي نيڪ عمل جي ظاهر ڪرڻ ۾ ته چڱائي معلوم ٿئي
ٿي، پوءِ ڇا سبب آهي جو ان کي بڇڙو قرار ڏنو ويو
آهي؟ ان جو جواب آهي ته محبت الاهي بلڪل سٺي ۾ سٺي
شيءِ آهي ۽ ان جو خودبخود ظاهر ٿيڻ به چڱو آهي. پر
هيءَ ڳالهه بڇڙي آهي جو ان کي پنهنجي مرتبي ڏيکارڻ
يا رياءَ جي نموني ظاهر ڪري ۽ پوءِ جيتري ڳالهه
هجي، ان کان وڌيڪ ظاهر ڪرڻ جو خوف آهي. مگر محبن
کي مناسب ائين آهي ته محبت لڪائن. تڏهن به خوشبوءِ
وانگر ته ازخود ظاهر ته ٿي ويندي، پر انهيءَ
پاڻيهي ظاهر ٿيڻ جو محب کي نقصان نه آهي. عاشق جي
محبت جي ظاهرائي ان جي احوال ۽ اعمال مان ازخود ٿي
ويندي، پر اقوال سان پاڻ ظاهر نه ڪري ۽ نه ظاهر
ڪرڻ جو ارادو ڪري. قصد هميشہ عاشق کي اهو هئڻ
گهرجي ته حبيب کان سواءِ، ٻئي ڪنهن کي سندس حال
معلوم نه ٿئي. پر جي اهو ارادو ٿيس ته ڀلي ٻيو به
منهنجي انهيءَ حال کان واقف ٿئي ته اها ڳالهه محبت
۾ شرڪ ٿا چون ۽ ان ۾ خلل انداز آهي. جيئن انجيل ۾
بيان آهي ته جڏهن تون صدقو ڪرين، ته اهڙيءَ طرح
ڪر، جو تنهنجو کٻو هٿ نه ڄاڻي ته سڄي هٿ ڇا ڏنو.
پوءِ ان جو بهترين عيوض توکي اهو شخص ڏيندو، جو
ڳجهن صدقن ۽ شين کي ڏسي ٿو. جڏهن تون روزو رکين،
تڏهن تون پنهنجو منهن ڌوءُ ۽ تيل مک، سرمون وجهه،
ته جيئن تنهنجي روزي جو حال تنهنجي ربّ کان سواءِ
ٻئي کي معلوم نه ٿئي. انهيءَ مان معلوم ٿيو ته
محبت قول ۽ فعل ٻنهي سان ظاهر ڪرڻ هڪجهڙي منع آهي.
تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ محبت وارن کي ڏس
ٿو ڏئي ۽ کين محبت وارن جون ڳالهيون ٿو ٻڌائي ته؛
اُهي لوڪان لڪائي پاڻهين ٻڌن پٽيون
جي توکي اي ادا انهن جي حال کان واقف ٿيڻو آهي ته
زور چڱو ايئن آهي ته ”رهي اچجي راتڙي تن واڍوڙين
وٽان” اهي محبت عشق جي سوز جا وڍيل وڃي ڏس، ته ”جن
کي سور سرير ۾ گهٽ منجهاران گهاءُ“ آهن. پر تڏهن
به سڄڻ جي انهيءَ سور کي ظاهر نٿا ڪن، توڙي سڄو
ڏينهن انهن ويچارن واڍوڙين جي مَنَهن ۾ ڪنجهون
ڪنجهه لڳي پئي آهي. وري جڏهن شام ٿئي، تڏهن
پنهنجون ساڳيون پٽيون ۽ پنيون پيا ڪن. جيئن ايندڙ
بيت نمبر 15 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو
فرمائي ته:
بيت
اَڄُ پُڻٌ ڪِنٌجهوَ ڪنجهه واڍوڙڪِي مَنَهينٌ،
جُه پُڻُ پِيَنِ سَنٌجههَ ته هو پِنِيوُنٌ هو
پَٽيوُنٌ.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته واڍوڙڪي يعني جيڪي محبوب
جي محبت ۽ عشق جا وڍيل ۽ ڦٽيل آهن، انهن جي ڪچن
مَنهَن، اوتارن، ڀُنگين ۾ اڄ ڏينهن جو به ڪنجهو
ڪنجهه يعني سندن ڪڻڪڻ جو آواز لڳو پيو آهي. ” جه
پڻ پين سنجهه“ جي اڃا سنجهه يعني سانجهي، شام،
اونداهه مس ٿين ته هو پنيون هو پٽيون يعني انهن
ڦٽن جي لاءِ پنين يعني لُپرين ۽ پٽين يعني جيڪي
لُپرين جي مٿان ڦٽن تي ڪپڙي جون ٻڌبيون آهن، ان کي
لڳي ٿا وڃن. هن جو خلاصو مطلب آهي ته هن کان اول
بيت ۾ هئو ته انهن محبت جي واڍوڙن وٽ رات رهي پوري
خبر لهي اچجي. جن کي اندر ۾ محبت جو اهڙو سور آهي
۽ اهي لوڪ کان لڪائي رات جو پنهنجي محبت جي سور جو
علاج ڪن ٿا. هاڻي گويا رات جي ٽڪي اچڻ بعد، هنن جو
ڏينهن جو به اهو حال آهي، جو انهيءَ محبت کي
وساري نٿا ڇڏين، پر ڪنجهه ڪُڻڪ لڳي پئي اٿن، اڃا
سانجهي يا رات ٿئي ته وري انهيءَ سور جي علاج يعني
پنين ۽ پٽين کي لڳي ٿا وڃن، محبت جي سور جون پنيون
پٽيون آهن، محبوب سان ملاقات ۽ محبوب سان اورَ
يعني بندگيءَ ۾ گذارڻ، ۽ ان جي لذت حاصل ڪرڻ ۽
مراقبي ۾ ذڪر فڪر ڪرڻ، ۽ ان محبوب جي نوراني
تجليات ۽ مشاهدات وغيره ۾ مشغول ٿيڻ. اهي علاج،
محبت جي ڦٽن ۽ سورن جا، اهي لوڪ کان لڪائي ڪن ٿا ۽
اهي محب موليٰ سائين جا، ڏينهن جو محبت جي علاجن
کي ظاهر ڪرڻ ته نٿا گهُرن، پر رڳي چانڊوڪي چنڊ جي
ٿيڻ کان چنڊ جو اڀرڻ به نٿا گهُرن. جيئن ٻيا بيت
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ جا چيل هن بيت جي
معنيٰ جا شاهد آهن. مثال طرح هڪڙو بيت هتي ڏجي ٿو.
اهي بيت سر کنڀات جي فصل پهرئين ۾ آهن، جي پڻ
ساڳيو مطلب محبن جو محبوب سان لوڪ کان لڪي اورڻ جو
رکن ٿا.
چَنٌڊ لڳَنِيٌ مُنٌڊَ سَنجهي ئي سِيخَ ٿِئينٌ،
ڪَرِ اُنداهِي اَنــٌڌَ ته مِلانٌ مَحَبُوبنِ کي،
چَنٌڊَ مَ آءُ چَڙهِيٌ سِگهو ڪَرِ مَ سوجهِرو،
اَسَان پِريَنِ پَاڻَ ۾ گهَارڻُ ڏِجِ گهَڙِيٌ
تُون پُڻُ هُونٌدَ سَڙِينٌ، جي پَلَڪَ پَانٌهيرو
اُڀرِينٌ
هنن بيتن ۾ پڻ ساڳيو مطلب آهي، ته عاشق الاهيءَ جو
اهو خيال آهي ڏينهن ته ڇڏ، پر رات جو به اهڙي
انڌاري اوندهه هجي، جو جيئن اسان ۽ پرين جو گهارڻ
گذارڻ، ملاقات، ذڪر، فڪر ڪو ڪونه ڏسي. تڏهن چنڊ کي
مخاطب ٿي ٿو فرمائي ته اي چنڊ! توکي شال ڪو منڊ
لڳي جو ساجهر سويل سج لهڻ بعد اڃا سنجهو ئي، يعني
پهريون پهر آهي ته سيخ يعني اڀو ٿيو آهين. پر اي
چنڊ جي تون هڪڙي پلڪ، ٿورڙو وقت دير ڀرو اُڀرين ته
ڇا هي؟ پر انهيءَ ٿورڙي دير ڪرڻ ۾ به ڄڻ سڙين ٿو.
منهنجو توکي اهو عرض آهي ته سگهو اُڀري مٿي چڙهي
سوجهرو نه ڪر، ۽ اهڙي اوندهه انڌوانڌ ڪر، جو جيئن
ملان محبوبن کي. هنن شين جي گهڻي معنيٰ آهي جا
انهيءَ وقت ڏبي جڏهن هنن بيتن جي خود معنيٰ ڪبي،
پر هتي مثال ۾ آندا ويا آهن، جنهن مان رڳو اهو
معلوم ڪرڻو هئو ته عاشق جو ارادو ايئن آهي، ته
اسان جي انهيءَ محبت موليٰ سائين کي ٻيو ڪوبه نه
ڏسي؛ انهن کي راتيون ۽ اونداهه مٺي آهي پرينءَ سان
اورڻ لاءِ، ۽ بندگي، ذڪر فڪر وغيرهه لاءِ؛ اُهي
محبت جا اِهي سڀ علاج پنيون، پٽيون وغيره لوڪ کان
لڪائي سانجهيءَ جو تڏهن ٿا ڪن، جو ان جي ظاهر ڪرڻ
۾ انهن کي محبوب جي محبت ۾ رنڊڪون پون ٿيون ۽ انهن
کي پنهنجي راز ظاهر ڪرڻ ۾ درجو گهٽجي ٿو. مشهوري
پڻ درجي کي گهٽائي ٿي ۽ پوءِ انهن تي ٻيون آزمائش
جون تڪليفون ۽ مصيبتون نازل ٿين ٿيون. اهو حقيقي
محبوب پنهنجي محبن جا آزمائش لاءِ تيئن وڌيڪ چاڪ
چوري ٿو ڏسي ته ڏسان، دانهن ڪنهن کي ۽ ڪهڙي ڪن ٿا.
جيئن ايندڙ بيت نمبر 16 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ ٿو فرمائي ته:
بيت
اَڄُ پُڻُ ڪَهٌڙِيٌ دَانٌهَنٌ واڍوڙِڪي مَنَهين،
وِيڄَ وارئي ٻَانٌهَنٌ چوري چَاڪَ نِهَارِيَا
هن بيت جي معنيٰ آهي ته هن بيت جي پهرينءَ تڪ ۾
سوال آهي ۽ تڪ ٻيءَ ۾ ان جو جواب آهي. جيئن ته تڪ
پهرينءَ ۾ آهي ته اڄ وري انهن محبت جي واڍوڙن يعني
ڦٽيلن جي مَنَهن ۾ دانهن، يعني سڏوهڙ الائي ڪهڙي
آهي. تڪ ٻيءَ ۾ جواب آهي ته طبيب انهن جا ڦٽ چاڪ
چوري ٿو نهاري، يعني ڏسي ته انهن جا ڦٽ چاڪُ ٿيا
آهن يا نه؟ واڍوڙ وري کيس سڏن ٿا ته اسان جا اچي
ڦٽ ڏسي. واڍوڙڪي مَنهي دانهن اها آهي جو اهي کيس
سڏن ٿا. سڏن ڇوٿا؟ جو کيس انهيءَ درد جو دفع ڪندڙ
ڄاڻن ٿا، تڏهن ئي کيس سڏن ٿا. جيئن قرآن پاڪ جي
سورة ص جي رڪوع چوٿين ۾ آهي ته:
ترجمو: ياد ڪر قصو ٻانهي اسان جي ايوب جو، جڏهن سڏ
ڪيائين خدا کي ته مونکي پهچايو آهي شيطان ڏک ۽
سختي، پوءِ چيو اسان ته کوٽ زمين، ساڻ پير تنهنجي
ته هيءَ آهه تلاءُ صحت جو ۽ ٿڌو پاڻي پيءُ ته اڃ ۽
بک لهي ۽ بخشيو اسان ان کي اڳوڻو اولاد سندس ۽ ٻيو
اوترو پڻ، سبب بخشش پنهنجي ۽ نصيحت آهي واسطي
دانائن جي.
هاڻي هن آيت سڳوري ۾ ڏسندا ته حضرت ايوب عليہ
السلام پنهنجي مالڪ خدا کي دانهن يعني سڏ ڪيائين ۽
پنهنجي تڪليف بيان ڪيائين. تڏهن الله تعاليٰ سندس
سڀئي سور ۽ ڦٽ، جي ڪيڙن ڪري هئس، سي دفع ڪري کيس
صحت بخشي ۽ انعام طرح اڳئين کان به کيس ٻيڻو مال ۽
اولاد بخشيو؛ پر اهو سندس موليٰ سائين کي سڏڻ
بيصبريءَ ۾ داخل نه هئو، بلڪ سندس اهو سڏ شڪر ۾
داخل هئو. شڪر جو مطلب ئي اهو آهي ته سڀڪجهه الله
تعاليٰ کان ڄاڻي. تڏهن مرض جي لاهڻ وارو الله
تعاليٰ کي ڄاڻي کيس سڏيائين. ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ به هي سڄو فصل پهريون ۽ ٻيو يمن ڪلياڻ جو،
جنهن ۾ طبيبن ۽ ان جي ڏسن، پنڌن، پُڙين دوائن، ڊڀن
ڏنڀن، علاجن وغيره جو ۽ وري هوڏانهن بيمارن،
واڍوڙن، انهن جي چاڪن، چيرن، ۽ ڪِرين وغيره جو
بيان فرمايو آهي. ٻنهي فصلن جا اهي سڀ بيان جيڪي
هن عجيب ۽ غريب نموني فرمايا آهن، سي فقط مثال طرح
بيان ڪيل آهن. حقيقت ۾ طبيبَ ۽ حڪيمَ الله تعاليٰ
۽ الله جو حبيب پيارو پيغمبر صلي الله عليہ وسلم ۽
ٻيا الله وارا آهن. هي جيڪي بيمار ۽ گنهگار آهن،
جي دنيا جي حرص، طمع ۽ شهواتن ۽ شرڪ، ڪِبر ۽ ڪيني
وغيره جي بيمارين ۾ بيمار آهن، انهن بيمارن جا
ڏَسَ پنڌ، پُڙيون وغيره به نبيءَ ۽ وليءَ سڳورا
ڄاڻن ٿا. جي وري انهيءَ حقيقي حبيب، طبيب، حڪيم جي
حڪم موجب انهن جو علاج ڪن ٿا ۽ انهن جا علاج وري
انهن بيمارن کي فائدو ڪن ٿا، جي انهن جي حڪمن جي
مطابعت ڪن ٿا. انهن سڄڻن جي صلاح وٺي ڪِري ڪن ٿا ۽
ڪِري ۽ پرهيز وري اهي ڪن ٿا، جي ايمان وارا ۽ محب
موليٰ سائينءَ جا آهن. ايمان وارا ۽ محب موليٰ
سائينءَ جا وري اهي آهن، جي سندس حڪم جا ۽ سندس
پيارن نبين ۽ ولين سڳورن جي حڪم جا مطيع آهن. انهن
جي هر هڪ حڪم – سکڻي يا ڏکڻي – تي راضي رهي، صبر ۽
شڪر ڪندڙ ۽ سدائين انهيءَ محبوب موليٰ سائينءَ جي
مهربانيءَ ۽ ملاقات جي اميد رکندڙ آهن. ان
کانسواءِ ”ٻيو اوري ڪن نه آسرو“، جيئن ايندڙ بيت
نمبر 17 ۾ ٿو منهنجو مرشد ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ فرمائي ته:
بيت
ويچَارَا وَاڍوڙَ سَدا شَاڪِرَ سُورَ سِينٌ،
تَاڻِيٌنِ مَٿَي توڙَ اَوٌري ڪَنِ نه آسِرو.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته محبت جي سور جا، ويچارا
وڍيل سور تي سدائين صبر ڪندا ٿا رهن، پر شڪراني
سان سورن جون سختيون پيا سهن، ڇو ته کين هتي هن
دنيا ۾ ته سکن جو آسرو ڪو نه آهي. اوري يعني
ويجهو، هن دنيا ۾ ڪن نه آسرو، اميد آسرو جو انهن
وٽ آهي، سو مٿي توڙ يعني آخر حد، يا دنگ يعني جڏهن
هن دنيا جو دنگ ٿيندو ۽ هڪڙو اهو محبوب باقي
رهندو. تڏهن انهيءَ تي سندس آسرو آهي. تيلانهن هي
پيا اوڏانهن تاڻينِ يعني ڇڪينِ. جو اصل به اهو
هڪڙو هئو ۽ رهندو به باقي اهو. تڏهن انهن واڍوڙن
کي به اها ڇڪ لڳي پئي آهي، جو تاڻينِ مٿي توڙ يعني
پڄاڻيءَ تي، جتي کين انهيءَ سندن صبر ۽ شڪر جي جزا
ڏني ويندي. ”اوري ڪن نه آسرو“ – ڇاڪاڻ ته هتي جيڪي
هنن ويچارن محبت وارن واڍوڙن کي سور ۽ تڪليفون
ڏنيون ويون آهن، سي به سندن آزمائش لاءِ ڏنيون
ويون آهن. جيئن قرآن شريف ۾ سورة الانبياء جي رڪوع
ٽئين ۾ خدا تعاليٰ فرمايو آهي:
ڪُلُّ نَفٌسٍ ذَائِقَةَ الٌمَوٌتِ ط وَ
نَبٌلُوٌڪُمٌ بِاالشَّرِّ وَ الٌخَيٌرِ فِتٌنَةً ط وَ
اِلَيٌنَا تُرَجَعُوٌنَ○ |