سيڪشن: ادب

ڪتاب: شرح لطيف

باب:

صفحو:2 

انهيءَ ” سر ڪلياڻ“ خواهه ٻين سرن جو منهنجي ٻين دوستن هن کان اڳ شرح ڪيا آهن، جن معنيٰ ۽ شرح ۾ اختلاف ڪيا آهن، پر مان انهن بزرگ هستين جي شرحن ۾ دخل ڏيڻ ئي خلاف ادب جي خيال ڪيان ٿو، ٻيو ته ان تبرڪ ڪلام ۾ مان پنهنجو ڪلام داخل ڪرڻ به چڱو نٿو ڄاڻان، ٽيون هيءُ به سبب آهي، جو اولياء الله ڪئين درجن تي منقسم آهن. بعضي ته انهن ۾ صاحب معرفت، بعضي صاحب معامله، بعضي صاحب اجتهاد، بعض صاحب توحيد، بعض به عمہ صفت موصوف، بعض ڪنهن صفت موصوف کان موصوف ۽ ڪنهن کان خالي ۽ ڪي بنان صفات، هاڻي جيڪڏهن انهن جي الڳ الڳ شرح ڪجي ته ڪتاب جو مختصر ٿيڻ ناممڪن آهي. جيڪڏهن انبياء ڪرام ۽ اصحاب عظام ۽ اهل بيت رضوان الله تعاليٰ اجمعين جو ذڪر ڪجي، ته ان جي لاءِ هڪ عليحده ڪتاب جي ضرورت ٿئي ۽ مون جهڙي ضعيف بندي کان اهڙين محترم هستين جي ڪلام جو شرح ڪهڙي زبان سان ادا ٿي سگهي، جن جو ذڪر توصيف الله تبارڪ و تعاليٰ ۽ ان جي رسول مقبول صلي الله عليہ وسلم فرمايو آهي؟ قرآن مجيد ۽ حديث شريف ۾ ان جي صفت موجود آهي. هيءَ هڪڙي حقيقت آهي، جو اُهو جهان ٻيو آهي، اُها دنيا ئي نه آهي.

هاڻي هن ڪتاب ”نئون شرح لطيف“ جي لکڻ جا ڪجهه سبب هي آهن:

پهريون: جو شخص هن جو مطالعو ڪري، ديني نفعو حاصل ڪري، اهو مَن منهنجي حق ۾ دعا مغفرت ڪري ۽ انهيءَ ۾ ڪجهه تعجب نه آهي، جو ان جي وسعت سان پنهنجي قبر به ڪشادي ٿئي. جيئن حضرت يحيٰ عمار رحمة الله عليہ کي ڪنهن خواب ۾ ڏسي پڇيو ”اي يحيٰ حق تعاليٰ تو سان ڪهڙو معاملو ڪيو؟” پاڻ فرمايائين ” الله تعاليٰ مون کي ارشاد فرمايو ته مان تو سان سخت فيصلو ڪيان ها، پر تو کي ياد آهي هڪ ڏينهن مجلس ۾ تو منهنجي تعريف ٿي ڪئي، ته منهنجي هڪڙي دوست جو اتان گذر ٿيو، ۽ اُهو منهنجي تعريف ٻڌي خوش ٿيو، جنهن سبب ڪري مون تو کي بخشيو.“

ٻيو: هي ته هڪڙي شخص جيئن حضرت بو علي دقاق رحمة الله عليہ کان پڇيو ته اهل الله جي ڳالهين ٻڌڻ مان ڪهڙو فائدو آهي، جڏهن اسان انهن تي عمل ڪري نٿا سگهون؟ پاڻ فرمايائين ”ها، ان ۾ ٻه فائدا آهن: پهريون فائدو هيءُ آهي، جو مرد طالب موليٰ جي طلب وڌي وڃي ٿي ۽ محبت پختي ٿي وڃي ٿي، ٻيو هي ته جيڪڏهن ڪو مغرور ۽ متڪبر هوندو، ته ان کي پنهنجي غرور ۽ تڪبر جي برائي معلوم ٿي ويندي ۽ اهو ان کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو، پر جيڪڏهن انڌو اک جو نه هوندو، ته پوءِ انجي مشاهدات ظاهر ٿيندي“. جيئن شيخ محفوظ رحمة الله عليہ جو قول آهي ته ماڻهن کي پنهنجي ترازيءَ ۾ نه تور، بلڪ پنهنجو پاڻ کي مردانِ خدا جي ميزان ۾ تور، ته تون پنهنجي خلوص ۽ انهن جي بزرگي کان واقف ٿين.

ٽيون سبب: جيئن ڪنهن شخص حضرت جنيد ؒ کان پڇيو ته مريد کي پيرن ۽ صوفين جي حڪايتن ۽ اقوال ٻڌڻ مان ڪهڙو فائدو آهي؟ پاڻ فرمايائين ته ان جو ڪلام الله تبارڪ تعاليٰ جي شڪر بي پايان مان هڪ اهڙو شڪر آهي، جو جنهن سان مريد جي ڪمزور دل قوي ٿي وڃي ٿي. جيئن انهيءَ ڳالهه جي ثابتيءَ ۾ الله جل شانہٗ پنهنجي ڪلام پاڪ ۾ فرمايو آهي ته : اي محمّد (صلي الله عليہ وسلم) اڳين پيغمبرن جو حال تو تي انهيءَ لاءِ بيان ڪيون ٿا ته تنهنجي دل ان جي ذڪر ٻڌڻ کان آرام حاصل ڪري ۽ مضبوط ٿي وڃي.

چوٿون سبب : هيءُ جو حضور پُرنور صلي الله عليہ وسلم جو ارشاد آهي ته جنهن جاءِ تي صالحن جو ذڪر ٿئي ٿو، اتي خدا جي رحمة نازل ٿيندي آهي، پر جيڪڏهن ڪو انهيءَ ڪري دسترخوان نعمت وڇائي، ته ان تي الله تعاليٰ جي رحمة نازل ٿئي، ته يقين آهي ته انهيءَ اميد کان ان کي نااميد نه ڪيو وڃي ۽ ڪاملن جي ارواح پاڪن کان انهن گنهگارن کي امداد حاصل ٿئي، ۽ موت کان اول ڪنهن محب موليٰ جو فضل اُن کي نصيب ٿئي.

پنجون سبب: هن ڪتاب ”نئون شرح لطيف“ ڀٽائي صاحب جي رسالي جي ”سر ڪلياڻ“ جي شرح لکڻ جو هيءُ مقصد آهي ته جيئن قرآن شريف ۽ حديث شريف جي بعد بزرگان دين جي اقوال ۽ اعمال کي سڀ کان وڌيڪ ڏٺم. ۽ ”سر ڪلياڻ“ ۾ جيڪي ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي، اهو قرآن ۽ حديث سان مطابق ڏٺم، جيئن ڀٽائي صاحب پاڻ پنهنجي رسالي ۾ فرمايو آهي ته ”بيت نه ڀائنجو ڀائرو، اهي آيتون آهين – نيون من لائين پريان سندي پار ڏي“-

آيت جي معنيٰ آهي نشاني، شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته اي ڀائرو! اِهي بيت فقط تڪ بندي نه آهن، پر نشانيون ۽ اشارا الله تعاليٰ ، حقيقي معشوق ۽ ان جي پياري رسول صلي الله عليہ وسلم ۽ خاص خدا جي بندن جي حقيقتن ۽ احوالن ۽ اقوالن ۽ امر نهي ڏانهن آهن، جو هيءُ نشانيون انهيءَ پار جون ٻُڌي مَن کي به اوڏانهن وڃيو ٿيون لائين. تڏهن هِن بندي ضعيف به انهيءَ ڪم ”نئون شرح لطيف“ جي لکڻ کي اختيار ڪيو. جيتوڻيڪ هي ضعيف انهن جهڙو نه آهي، تڏهن به انهن الله جي پيارن ٻانهن جي محبت جو اثر ته ضرور ٿئي ٿو. ڇو ته هي مشهور قول آهي ته جو شخص جنهن قوم سان مشاهبت رکندو، اهو انهيءَ مان هوندو. حضرت جنيد ؒ جو ارشاد آهي ته الله تعاليٰ ۽ الله وارن سڳورن جو بيان ڪرڻ گناهه نه آهي، پر محبت وارن لاءِ مرڪ، خوشي ۽ خواب آهي. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي، بيت ”سر آسا“ فصل 1:

انا عبد معبود تون، اِت نڪو شرڪ نه شڪ،

پچارون پرينءَ جون محبتين مرڪ

سو سڀوئي حق، جنهن سان پسين پرينءَ کي.

مان ٻانهو آهيان، عبادت جي لائق تون، انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، تنهن جي پيارن جي مون کي به پريت آهي. انهن جي پچر اسان محبتين جو مرڪ، خوشي آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن جي سببان حق ڏسون ته اهو به حق آهي ۽ پيارو آهي، بيت ”سر سهڻي“ فصل 1:

مِنهِنٌ جَنهن جي مون ڏٺو مُنهُنٌ ميهار جو،

آهيم ساهه سنئون، سو ڪيئن گهڙو گهوريان.

گهڙو وجود آهي، جنهن جي سلامتيءَ سان عبادت، روزو، نماز سڀ ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن اهو وجود ئي نه هجي، ته فقط روح سان انهيءَ حقيقي ميهار جا حق بجاءِ نٿا آڻي سگهجن، نه وري هن دنيا جي درياءَ ۾ انهيءَ جسم واري گهڙي کان سواءِ ڪو تَري يا هَلِي سگهبو. اهو جسم پاڻ پيارو آهي، جنهن جي مِنهَنٌ سان ميهر جي ملاقات ٿئي.

ڇهون سبب هيءُ آهي، ته قرآن مجيد ۽ حديث شريف جي سمجهڻ واسطي صرف و نحو ۽ علم لغت کان ماهر هجڻ ضروري آهي. گهڻا ماڻهو ان جي ڄاڻڻ کان بيعلم آهن، ۽ هيءُ بزرگن جا اقوال ۽ اعمال ان جا شرح آهن، جنهن کي سنڌيءَ ۾ هن ڪتاب ”نئون شرح لطيف“ ۾ شرح ڪجي ته سڀ خاص ۽ عام سمجهي سگهن، ۽ سڀ ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪن.

ستون سبب هيءُ آهي ته مان ڄاڻان ٿو ته جيڪڏهن ڪوئي شخص شريعت توڙي طريقت جي خلاف ڪجهه چوي ته توهان ماڻهو ان جي خون جا پياسي ٿي وڃو ۽ سڄي عمر انهيءَ شخص سان جيڪر دشمني رکو. هاڻي جڏهن هيءُ بڇڙيون ڳالهيون توهان تي اثر ڪن ٿيون، تڏهن مان ڪوئي سبب نٿو ڄاڻان، جو هي نيڪ اعمال نيڪن جا، جي ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي رسالي ۾ بيان ڪيا آهن ۽ انهن مان ڪي هن ڪتاب ”نئون شرح لطيف“ ۾ بيان ڪيل توهان جي دل تي اثر ڇو نه ڪن؟ مون کي يقين آهي ته اوهان جي دل تي ڪئين ڀيرا وڌيڪ اثر ٿيندو، جيتوڻيڪ توهان ان سلوڪ جي ڳالهين کان اڻواقف ئي ڇو نه هجو، جيئن عبدالرحمٰن اڪاف ؒ کان هڪڙي شخص سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڪو شخص قرآن مجيد پڙهي ۽ نه سمجهي ته هي انهيءَ ڇا پڙهيو – ته ڇا، انهيءَ تي به ڪجهه اثر ٿيندو؟ پاڻ جواب ۾ فرمايائين ته هائو، اهو ائين آهي، جيئن ڪو شخص دوا کائي ۽ ان کي هي معلوم نه هجي ته ان ڇا کاڌو آهي، تڏهن به دوا جو اثر مٿس ضرور ٿيندو. تڏهن ڀلا، قرآن مجيد جو اٿر ڇو نه ٿيندو؟ ڇاڪاڻ ته قرآن مجيد پڙهڻ واري کي هي ته معلوم آهي ته مان قرآن مجيد پڙهي رهيو آهيان، تڏهن انهيءَ صورت ۾ ته انهيءَ تي اڃا به وڌيڪ اثر ٿيندو.

اٺون سبب لکڻ جو هيءُ ٿيو، مان سواءِ ڪاملن جي، ڪجهه ضروري ڳالهيون ٻُڌڻ جي، ٻي ڪا ڳالهه ٻُڌڻ پسند نٿو ڪريان. انهيءَ ڪري جيڪي ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي رسالي ۾ ڪاملن جون اشاري طرح ڳالهيون بيان ڪيون آهن، (جيڪي مون کي پسند آهن)، اوهان جي لاءِ به نقل ڪرڻ مناسب ڄاتم ته شايد انهيءَ دسترخواني تي مون کي به ڪو هم پيالي ۽ هم خيال ملي وڃي. جيئن شيخ بو عليؒ جو ارشاد آهي ته مان هي ٻه اميدون رکان ٿو: پهرين هيءَ ته مان الله تعاليٰ جي تعريف ٻڌندو رهان، ٻيو هيءَ ته الله تعاليٰ جي تعريف ڪندڙن کي ڏسندو رهان، ڇاڪاڻ ته هن عمر تائين مان هڪ اڻ پڙهيل شخص جهڙو آهيان، جو ڪجهه نه لکي سگهي ۽ نه پڙهي سگهي. تڏهن مان اهڙي شخص کي پسند ڪيان ٿو، جو الله تبارڪ و تعاليٰ ۽ ان جي خاص بندن بابت ڳالهيون ڪري ۽ مان ٻڌان، يا مان ڳالهيون ڪيان ۽ اُهو ٻُڌي.

نائون سبب هيءُ ٿيو، ته جيئن امام يوسف همداني ؒ کان ماڻهن پڇيو، ته جڏهن هي زمانو گذري وڃي ۽ هيءُ مردانِ خدا حجاب ڪري وڃن، تڏهن اهڙي صورت ۾ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي، جنهن سان اسان کي سلامتي حاصل ٿئي؟ پاڻ جواب ۾ فرمايائون ته ”هر روز انهن خاص خدا وارن جي بيان جا اَٺ ورق پڙهندا ڪريو“. هن ضعيف بندي به ان ارشاد تي عمل ڪندي، اهل غفلت جي واسطي مردانِ خدا جا اقوال ۽ احوال هن ”نئون شرح لطيف“ ۾ لکيا.

ڏهون سبب هيءُ ٿيو، جو مون کي گهڻي وقت کان صوفين، الله وارن سان محبت آهي ۽ مون کي انهن جي سلوڪ وارين ڳالهين کان خوشي ٿيندي آهي. تڏهن انهن سڳورن جي محبت جي سبب کان انهن جون ڳالهيون ظاهر لکيون، ڇو ته هي زمانو اهڙو آهي، جو ان ۾ اهڙي قسم جون ڳالهيون پوشيده ٿي ويون آهن، جيتوڻيڪ اهڙن ڪاملن جي ويس ۾ ڪئين ماڻهو ڪامل هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا،پر در اصل اهل الله هن وقت گهڻو ڪري گوشي نشين ٿي ويا آهن، انهن الله وارن جون تعريفون ۽ صفتون ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي رسالي اندر سُر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، رامڪلي، آسا ۽ مارئيءَ ۾ خاص طرح ۽ ٻئي سڄي رسالي ۾ عام طرح بيان ڪيون آهن، جنهن کي جيڪڏهن ڪو چڱيءَ طرح مطالع ڪندو ۽ سمجهندو ته ٺڳ باز پِيرن ۽ ڪوڙي دم هڻندڙ فقيرن تي ٺڳجي نه ويندو. رسالو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ جو فقير ۽ الله وارن جي پرکا ۽ سڃاڻڻ لاءِ هڪ قسم جي ڪسوٽي آهي.

يارهون سبب هيءُ آهي، ته ڏسي رهيا آهيون ته موجوده زماني جي ماڻهن جي حالت ابتر ٿي رهي آهي. بدڪار ماڻهن نيڪوڪار مردانِ خدا کي دل تان لاهي ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري به الله وارن جو ذڪر لکيو ويو ۽ انهن تي جيڪو الله تعاليٰ پنهنجو فضل ۽ ڪرم ۽ لطف ڪيو آهي، اهو به هن ”نئون شرح لطيف“ ۾ ڪجهه لکيو ويو آهي، ۽ ان جو نالو به ”نئون شرح لطيف“ انهيءَ لطيف سائينءَ جي نالي تي رکيو ويو آهي، ته گمراهه ماڻهو به ان حقيقي لطيف جي لطف مان فيض ۽ برڪت حاصل ڪري، سعادت ابدي ۽ ثواب دارين حاصل ڪن.

ٻارهون سبب هيءُ آهي، ته هنن خدا وارن جون نيڪ خصلتون پڙهندي ۽ ڏسندي اول ته هي فائدو آهي، جو دنيا سان محبت رکندڙن جي دل ان کان سرد ٿي وڃي. دنيا بي وفا ۽ بي بقا آهي، ٿورڙو وقت، جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ دنيا جي باري ۾ فرمايو آهي ته ”ڏينهن مڙئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چئي“. هڪڙو ڏينهن ڄمڻ جو ٻيو مرڻ جو، بس دنيا اها ايترو وقت آهي. انهن صوفين جي ڳالهين کان آخرت جي يادگيري تازي ٿئي ٿي ۽ الله تعاليٰ جي انهن جي دل ۾ محبت پيدا ٿئي ٿي. جيڪو شخص انهن جون برڪت واريون ڳالهيون ٻڌندو، ته ضرور ثمر آخرت ۽ عاقبت جو گڏ ڪندو.هاڻي جيڪڏهن هيءَ دعويٰ ڪئي وڃي ته شايد بيجا نه ٿيندي، جو هي ڪتاب اهو آهي جو نامردن کي مرد ۽ مردن کي جوانمرد بنائي، ته پوءِ دردمندن کي سراپا درد ڇو نه بنائيندو؟ جو شخص هن ڪتاب جو مطالعو ڪندو ته اهو سمجهي سگهندو، ته الله وارن کي دل ۾ اهو ڪهڙو درد هئو، تنهن جو بيان به هن ”سرڪلياڻ“ ۾ طرحين طرحين، نَون ڍنگن ۽ رنگن سان ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ بيان ڪيو آهي ۽ تمثيلون ڏئي بيان به وري شعر ۾ فرمايو اٿس، جو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لائق آهي!

يا الٰہ العالمين! هن سگ دنيا ڪجهه الفاظ تنهنجي تعريف ۽ تنهنجي رسول مقبول صلي الله عليہ وسلم ۽ تنهنجي خاص بندن جي تعريف ۾، تنهنجي مدد ۽ مهربانيءَ سان لکيا. يا الله! مان تنهنجي درگاهه ۾ دست بدعا آهيان ته مان تنهنجي خاص بندن جي هرهڪ چيز (گفتار ۽ ڪردار) جو غلام آهيان، تون پنهنجي مقربن، انبياء عظام ۽ اولياء ڪرام جي ارواح مطهرين جي واسطي، مون گنهگار کي پنهنجي نيڪ ٻانهن کان محبوب نه ڪر، ۽ مون کي انهيءَ نظر لطف ۽ رحم ۽ ڪرم کان محروم نه ڪر، هن ناچيز تاليف کي پنهنجي قربت جو وسيلو بناءِ: تون ئي قبول ڪرڻ وارو آهين- آمين! بحق سيّد المرسلين – آمين!!

آخر ۾ آءٌ هن حقيقت جو اظهار ڪرڻ پنهنجو اخلاقي فرض سمجهان ٿو، ته هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جي دوران، حيدري پرنٽنگ پريس حيدرآباد جي منتظم جناب قاضي نعيم الدين صاحب، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليہ سان پنهنجي عقيدت جي اظهار طور هن ڪتاب جي سٺي ڇپائي، گيٽ اپ ۽ خوبصورت بائينڊنگ وغيره جو ڪم شوق ۽ قرب سان پايہ تڪميل تي پهچايو آهي. ساڻ ئي سندس پريس جي تجربيڪار ڪمپازيٽر مسٽر اميد علي عباسيءَ سڄي ڪتاب جي ڪمپوزنگ وڏيءَ محنت ۽ محبت سان پوري ڪئي آهي. ان کان سواءِ مسٽر سومار علي، سومرو بي اي (آنرس بمبئي) متن جي صحت ۽ ان ۾ ”پنچوئيشن“ جي نشانين شامل ڪرڻ جو ڪم نهايت محنت ۽ قرب سان سرانجام ڏنو آهي، جنهن لاءِ آءٌ سندن شڪريو ادا ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. منهنجي دعا آهي ته شال الله تعاليٰ کين ان ڪم لاءِ اجر ڏئي.

آمين!

احقر

حاجي رسول بخش ڏيرو

فريد آباد – ميهڙ سنڌ

سر ڪلياڻ

فصل پهريون

بيت

اَوَّلِ اَللهُ عَلِيٌمُ اَعٌليٰ عَالَمَ جو ڌڻي،

قَادِرُ پنهنجي قُدٌرَتَ سِين قَائِمُ آهه قَدِيٌمُ!

وَالِي وَاحِدُ وَاحِدُ ٗ رازقُ رَبُّ رَحِيٌمُ!

سو ساَرَاهه سَچو ڌَڻي چَئي حَمٌدُ حَڪيٌمُ،

ڪَري پَاڻُ ڪَرِيٌم جوڙُونٌ جوٌڙَ جَهَانَ جُوٌن.

ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ هن بيت ۾، الله تبارڪ و تعاليٰ جي ذاتي ۽ صفاتي نالن سان، جيڪي نالا الله سائين پاڻ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايا آهن، انهن ئي نالن سان مالڪ سائينءَ جي تعريف فرمائي ٿو. جهڙيءَ طرح پهرينءَ تُڪ ۾ آهي: اول الله عليم يعني الله ڄاڻندڙ مٿانهون ۽ جهانن جو مالڪ آهي. قرآن شريف ۾ الله سائينءَ جي سؤ نالن مان (الله) اسم ذاتي آهي ۽ ٻيا سمورا نوانوي نالا جي قرآن شريف ۾ موجود آهن، سي سڀ صفاتي آهن نالي جو وڌيڪ بيان فرمايو آهي ۽ سڀني نالن مان الله، يعني اسم ذاتيءَ جو وڌيڪ شان فرمايو، ۽ ان کي سڀني نالن مان وڌيڪ ڀلو قرار ڏنو. ان ڪري حضرت شاهه صاحب رحمة الله عليہ اول الله اسم ذاتي نالي جو بيان فرمايو ۽ الله سائين جل جلالہٗ سورهء بڪر جي رڪوع 19 ۾ پنهنجي نالي (الله) جي صفت بيان فرمائي آهي. هيءُ ان آيت شريف جو ترجمو آهي.

[الله هڪڙو آهي. ناهي ڪو الله مگر اُهو بخشيندڙ مهربان آهي. تحقيق منجهه جوڙڻ آسمانن ۽ زمينن جي ۽ اچڻ وڃڻ راتين جي ۽ ڏينهن جي. ۽ ٻيڙيون جي هلن درياءَ ۾ ساڻ تهين سودي جو نفع ڪري ماڻهن کي ۽ جيڪي نازل ڪيو الله، ڪنان آسمانن پاڻي. پوءِ جياريائين ان ساڻ مئل زمين کي پڄاڻان سڪڻ ان جي ۽ ان ۾ سڀ حيوان پکيڙيائين ۽ منجهه ڦرڻ ۽ وائن ۽ ڦرڻ ڪڪرن جي. جي اڀاريل آهن وچ آسمان ۽ زمين جي. البت نشانيون آهن واسطي قوم عاقلن جي.]

هاڻي هن آيت شريف مان ظاهر آهي ته الله، اهو الله آهي جو بخشيندڙ ۽ مهربان آهي، بخشڻ ڪنهن به شيءِ جو يا گناهه بخشڻ يا ڪا به نعمت بخشڻ، اهو ڪم خاص الله جل جلالہٗ جو آهي. ٻيو ڪو به ماڻهو يا مخلوق گناهه بخشي نٿو سگهي، نه وري ڪا نعمت ئي ڪنهن کي بخشي سگهي ٿو. جيئن اولاد ۽ رزق ۽ دنيا جون تعام نعمتون.

ڀلا ڏسو سخاوت جي نعمت ڪو به ڪنهن ڏئي نٿو سگهي. نه وري ڪا نعمت ئي ڪنهن کي ايتري بخشي سگهي ٿو، جو هو ساري حياتي چين ۽ آرام ۾ رهي سگهي، ۽ جيڪو اصل نعمتون بهشت جهڙيون بخشي ٿو. بخش جو مطلب گناهه بخشڻ ۽ نعمتون بخشڻ به. يعني نعمتون ڏيڻ. سو ڏيڻ يا بخشڻ به ڪم الله جل شانہٗ جو آهي، اهي سڀ ڪم (الله) جي معنيٰ رکن ٿا.ڀلا آسمانن ۽ زمينن جي جوڙڻ جو لفظ آندائين، ان ڪري جو مَجاز ۾ ته ڪو به رازو يا ڪاريگر هڪڙي وڏي جاءِ ٺاهي سگهي ٿو، ان ۾ فرش به وڇائي سگهي ٿو، مگر ڪن سببن ۽ مددن ۽ ماڻهن جي سڏڻ ۽ ٿنڀن ٿوڻين ۽ گارڊرن ۽ ٽيئرن سان، مگر رب سائينءَ جل جلالہٗ بنا مدد ۽ ڪنهن جي سڏ ۽ بنا ٿنڀ ٿوڻيءَ جي اهڙو ته وڏو آسمان بنايو اٿس، جنهن ۾ ساري مخلوق ان هيٺان رهي ٿي ۽ زمين جو اهڙو ته فرش وڇايو اٿس جو ڪو به ماڻهو اهڙو ۽ ايترو وڏو ڪنهن جي به مدد سان ٺاهي نٿو سگهي. ڪو به ماڻهو اگر ڪوشش ڪري به، مگر ساڻ سڏڻ ۽ ساڻ مدد جي ايڏو وڏو فرش ۽ ايڏي وڏي ڇت نٿو ٺاهي سگهي، جنهن ڪري شاهه صاحب رحمة الله عليہ هيٺين تُڪ ۾ فرمايو ته:

ڪَري پَاڻُ ڪَرِيٌم جوڙُونٌ جوٌڙَ جَهَانَ جُوٌن.

اهي جوڙون جوڙڻ ۽ ايڏا وڏا ڪم سواءِ مدد جي ڪرڻ، لفظ الله جي معنيٰ آهي ۽ آيت شريف ۾ آهي ته اچڻ وڃڻ راتين جي – يعني الله اهو آهي جو راتين ۽ ڏينهن جي آڻڻ ۽ نيڻ وارو آهي، ۽ اها توفيق ۽ وَسُ به الله پاڪ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به ناهي. يعني مقرر ٿيل وقت کان سواءِ ڪو ڪجهه وقت به سج کي اول نٿو اڀاري سگهي ۽ نه وري اڀرڻ کان ترسائي منع ڪري سگهي ۽ هن آيت شريف ۾ راتين ۽ ڏينهن جي ڦيرڻ جو مطلب اهو آهي جو مَجازاً طرح ٻين ٿورين شين ۾ انسان يا ٻي مخلوق ٿورڙي ڦير ڦار ڪري سگهن ٿا، جيتوڻيڪ اها به الله جي حڪم کان سواءِ ناهي، تڏهن به هن رات ڏينهن جي ڦيري ۾ به مجازي طرح ڪو دخل ڪري نٿو سگهي. الله اهو آهي جو اهو ڦيرو مقرر ڪري ڇڏيو اٿس، ۽ ان ۾ ڦيرو به آڻي سگهي ٿو، جيئن ته قيامت جو ڏينهن پنجاهه هزار ورهين جو ٿيندو، جو قرآن شريف ۾ ثابت آهي، يا گهڻو وقت مٽائي ڪنهن کي ٿورو ڪري ڏيکاري، جيئن اصحاب ڪهف کي ڪيترا سؤ ورهيه ننڊ ۾ هڪڙي ڏينهن يا هڪڙي رات جيترو ڪري ڏيکاريائين ۽ ڦرڻ راتين ۽ ڏينهن جي مان اهو به مطلب آهي ته اهي ڏينهن راتيون ڪڏهن سرد ڪڏهن گرم ۽ ڪڏهن ڏينهن ننڍا ۽ ڪڏهن وڏا، پر جهڙيءَ طرح انهن جو ٿيڻ گهريو اٿس، ائين ڪيو اٿس، انهيءَ مقرر سندس نظام کي ڪا به ٻي طاقت مٽائي ۽ ان ۾ ڦيرو آڻي نٿي سگهي. (اول الله اهو آهي) ۽ ٻيڙيون سندس درياءَ ۾ ماڻهن جي نفعي لاءِ هلن ٿيون، سو به پاڻ پنهنجي قدرت سان هلايون اٿس. انهن مان جيڪڏهن ڪا به ٻيڙي هلاڪ ٿي ٿئي، ته ان کي ان ڌاران ٻيو ڪو به بچائي نٿو سگهي، اگرچه ڪيتري به ڪوشش ڪري، جيئن الله سائين پنهنجي پاڪ ڪلام جي سوره بني اسرائيل ۾ رڪوع 7 ۾ فرمايو آهي؛

اَمٌ اَمِنٌتُمٌ اَنٌ يُّعِيٌدَڪُمٌ فِيٌہِ نَارَةً اُخٌرَيٰ فَيُرٌسِلُ عَلَيٌڪُمٌ قَاصِفاً مِّنَ الرَّيٌحِ فَيَغٌفِرٌلَڪُم بِمَا ڪَفَرٌتُمٌ ثُمَّ لَا تَجِدُوٌنَ لَڪُمٌ عَلَيٌنَا بِہِ تَسٌبِيٌعاً

[ جي موٽائي اوهان کي درياءَ ۾ ڀيرو ٻيو پوءِ موڪلي اوهان تي سخت زور ڀڃندڙ واءُ، پوءِ ٻوڙي اوهان کي سبب ڪفر ڪرڻ اوهان جي، پوءِ نه ڏسندا اوهان لاءِ اسان وٽ خون جو ڇڪيندڙ.]

جيئن حضرت ڀٽائي رحمة الله فرمايو آهي:

بيت

جيڪي منجهه جهان سو تاريءَ تڳي تنهنجي،

لطف جي لطيف چئي تو وٽ ڪمي ڪانه،

عدل ڇٽان آءٌ نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو.

اهو بيت به مٿين آيت شريف جو ترجمو خلاصي جي نموني آهي، جنهن مان پڻ معلوم ٿئي ٿو ته جيڪي جهان ۾ آهي، سو انهيءَ الله جل جلالہ جي تاريءَ (مددگاريءَ) سان هلي سگهي ٿو. پر جي پاڻ ان کي يا ڪنهن به شيءِ کي درهم برهم ڪري ته ڪوبه ان کي بچائي نٿو سگهي، ۽ نه وري ان مالڪ الملڪ الله کان ڪوبه دعويٰ ڪري خون جو عيوض ڇڪي سگهي ٿو.

هاڻي آيت شريف ۽ بيت جو ساڳيو مطلب ٿيو ته الله اهو آهي، جو ماڻهن جي نفع لاءِ ٻيڙيون تاري رهيو آهي. سڄي رسالي ۾ اهڙا سوين بيت آهن، جي اها ساڳي معنيٰ رکن ٿا. مثال:

بيت

ٻوڙيِ چاڙهي مُون ڌَڻِي ٻِئي جو دعوا رَسي نهَ دَمُ،

هِن منهنجي حَال جو ميهَرَ تي معلوم،

يعني منهنجي ضعيفائيءَ جي حالت جي به ان ميهر کي يعني الله تبارڪ وتعاليٰ کي معلوميت آهي.

هاڻي رَکُ ڀيلي جو ڀَرَمُ جو اَوتَڙ، پيو اَجهورَ ۾.

يعني جو منهنجي بدن ڀيلي جو ڪچي دلي وانگر آهي، جو بنا تڙ جي اَؤ ڪَرَ کان اؤ جهَڙ- جي ڪنهن ڪُن ۾ پيل آهي. انهيءَ جو ڪم ڀرم يعني لڄ يا پت يا سماءُ لهج. الله جل جلالہ اهو آهي، جنهن کي سڄو جهان پنهنجي سلامتيءَ لاءِ سڏي رهيو آهي ۽ الله جل شانہ اهو آهي جو پاڻي ٿو وسائي آسمان کان، ته مئل غير آباد زمين کي آباد ڪري ۽ سڪل بي ساهن سَلن کي سائو ٿو ڪري. يعني زمين کي چيري ۽ نرم سَلي بي توفيق کي اُڀرائي ٿو. اهو سندس عجيب شان آهي.

اهو مثال انهيءَ لاءِ به ڏنل آهي، ته قيامت ۾ به سڪل جنازه ساوا ڪري زمين مان ڪڍيا ويندا ۽ نئين سر پکيڙيندو الله سائين انهن کي حساب لاءِ. جهڙيءَ طرح هاڻي هن دنيا ۾ پکيڙيو اٿئين حيوانن کي ۽ هي پکيڙڻ پاڻ وڌيڪ عاقلن لاءِ عجب جهڙو آهي، جو ناپيدا مان پيدا ٿيا آهن ۽ پيدا ڪيا اٿس. باقي پيدا ٿيل ڇو نه نئين سر اٿاريا ويندا؟ ۽ آيت شريف ۾ آهي ته منجهه ڦرڻ وائن ۽ منجهه ڦرڻ ڪڪرن جي، جي اڀاريل آهن يعني وچ آسمان ۽ زمين جي بيهاريل آهن. هي نشانيون آهن واسطي قوم عاقلن جي. الله جل جلالہ اهو آهي جو ڪڪرن ۽ وائن کي ڦيرائي هلائي، جتي وڻيس اتي نيئي سگهي ٿو. مگر ڪنهن کي به اهو ساهه نه آهي، جو دنيا ۾ واءُ يا ڪڪر جتي ڪٿي ڦيرائي سگهي. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو واءُ کي مجازن پيدا ڪري پاڻ کي نفعو پهچائي سگهي، ته اهو تمام ٿورو ۽ مجازي ۽ ڪوڙو آهي، جو  فقط انهيءَ جو واءُ پاڻ تائين به هميشه لاءِ بنا تڪليف نٿو ٿي سگهي. مگر الله تبارڪ و تعاليٰ اهو آهي، جو پنهنجي قدرت سان واءُ کي بنان تڪليف جي ساريءَ دنيا ۾ پکيڙي ۽ هلائي سگهي ٿو ۽ ڪڪر هوا تي بيهاري، پنهنجي مرضيءَ موجب جتي وڻيس اتي موڪلي، منجهانئن مينهن وسائي سگهي ٿو.

هاڻي جو عاقلن لاءِ هن آيت شريف ۾ نشانين ڏانهن ڏسڻ ۽ عبرت وٺڻ لاءِ اشارو آهي، ان جو مطلب به اهو ئي آهي ته عقل وارن کي انهيءَ الله جل شانہ جي نعمتن ڏانهن منتظر ٿيڻ گهرجي ۽ انهن نعمتن مان مينهن وڏي نعمت آهي؛ جو سڀني ساهوارن لاءِ مجازًن روزيءَ جو سبب آهي، جو گاهه ۽ گل ڦل ۽ سڀني پوکن ۽ سڄي زمين کي آباد ۽ سائو ڪندڙ آهي ۽ جانورن کي به ان جي وسڻ سان چڱي روزي خواه خوشي حاصل ٿئي ٿي. ۽ هيڻان جانور به توفيق وارا ٿين ٿا، اهي به ڪڪرن ۽ مينهن ۽ سارنگ کي سارين ٿا. پر اها نعمت مينهن جي خداوند تعاليٰ پاڻ پنهنجن پيارن هدايت وارن کي ڏئي ٿو.

جيئن خداوند تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي، سوره جن ۾

(ترجمو): جي هوند بيهن محڪم مٿي واٽ هدايت جي ته پياريون ان کي مينهن وڏ ڦڙو ته آزمايون ان کي ته شڪرانه ڪن ٿا اِن ۾ يا نه.)

اِهو آهي عاقلن ڏانهن اشارو. جيئن حضرت ڀٽائي رحمة الله عليہ فرمايو آهي:

بيت

آگميو آهي لڳهه پس لطيف چئي،

اُٺو مينهُن وَڏ ڦڙو ڪَڍو ڌَڻ ڪَاهي،

ڇَنِ ڇَڏي پَٽِ پَئو سَمَرُ سَنباهي،

ويهو مَ لاَهي آسرو الله مان.

يعني الله جل شانہ مان آسرو ۽ اميد نه لاهيو. ۽ ڌڻ ڪڍي ڇَن ڇڏي، يعني هيٺاهين ڇڏي مٿاهين پٽ تي ويهو. اي ڌڻن وارؤ، ڄاڻ الله سائينءَ اوهان تي وڏ ڦڙو مينهن وسايو اڄ وڏو آگم جهُڙ جي گهاٽائي آهي. ان ڪري الله پاڪ مان آسرو نه لاهيو ۽ سندس رحمت جا منتظر ٿيو ته سگهو اچي. اهو بيت حضرت ڀٽائيءَ صاحب سُر سارنگ ۾ چيو آهي ۽ سر سارنگ انهيءَ لائين تي فرمايل آهي. جنهن جي حقيقي معنيءَ هيءَ آهي ته خدا صاحب جل جلالہ جي حڪم موجب سڌيءَ راهه تي بيهون ۽ سندس نعمتن ۾ اميد ڪري ويهون ۽ مينهن وڏي نعمت آهي ان ڪري شڪرانو ڪيون.

جيئن مٿين آيت جو مطلب آهي ۽ خوشي ڪيون ۽ اهڙي سنديس مهرباني ۽ نعمت جي ملڻ جي پاڻ ۾ سِڪ ۽ طلب ۽ اُڃ اُٿاريون، جو چئون پيا ته اهو مينهن نعمت خداوند جل شانہ جي آهي. جيستائين اچي تيستائين منتظر ٿيون ته سگهو اچي.

خدائي صفتن جي کولي بيان ڪرڻ ۽ سمجهڻ سان هر هڪ ماڻهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ته اسان جو الله ڪهڙو آهي ۽ الله تعاليٰ جي ذاتي نالي (الله) کان پهريائين (اول) جو لفظ چيو ويو آهي، سو به انهيءَ مراد سان آهي ته گويا مخاطب ٿي ٻين ٻڌندڙن کي چئي رهيو آهي ته اول الله چئه. اول الله جو لفظ بسم الله جي معني رکي ٿو. اول جي لفظ جي معنيٰ آهي؛ مهڙ، منڍ، هڪڙو، واحد، شروع- بسم الله جي معنيٰ به ساڳي آهي، شروع ٿو ڪريان ساڻ نالي الله  جي – اول الله جي معنيٰ به ساڳي آهي. هي اول الله جو لفظ گويا سنڌيءَ ۾ بسم الله چئي ويئي آهي، سو ڪهڙو الله؟ جو ”عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي“ آهي. عليم جي معنيٰ آهي ڄاڻندڙ، جيڪو اول کان وٺي آخر تائين سمورو علم ڄاڻي ٿو. ڳجهو علم خواه ظاهري علم ۽ ايندڙ ڪمن جو علم ۽ گذريل وقت جو علم ۽ سينن جو علم سنهڙو به ڄاڻندڙ آهي.

جيئن پاڻ خداوندِ عالم جل شانہ پنهنجي ڪلام پاڪ ۾ فرمايو آهي: ان الله عليم بذات الصُدور. يعني تحقيق، الله سينن جو علم ۽ راز ڄاڻندڙ آهي. ٻئي هنڌ آهي ته: ان الله لَطيف خَبير  تحقيق، الله سائين لطيف يعني سنهڙيون خبرون رکندڙ آهي. تڏهن ٿو شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته اول تون الله اهو چئهُ، جيڪو عليم به آهي ۽ اعليٰ به آهي. اعليٰ يعني مٿانهون، سڀ موجودات ۽ ڪائنات کان ۽ مٿانهون هر فن  ۽ هر علم ۽ هر ڪم ۾ ۽ مٿانگون مرتبي ۽ شان ۾ ۽ اول ۽ آخر ۾ مٿانهون ۽ جو احسانن ۽ چڱاين ۾ مٿانهون آهي ۽ اهو الله چئهُ، جو عالم جو ڌڻي يعني جهانن جو مالڪ، سڀني فنن جو ۽ جو ڪامل واعدي جو سچو آهي.

مجازي مال جي مالڪن جو به مالڪ آهي ۽ حقيقي مالڪ به آهي. تڏهن حضرت شاهه صاحب پنهنجي رسالي جي اندر پهرئين بيت جي پهرينءَ تڪ ۾ مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته: اول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي، قادر پنهنجي قدرت سين قائم آههِ قديم. يعني اول الله اهو چئهُ، جيڪو مطلق قادر آهي پنهنجيءَ قدرت تي ۽ قدرت سان قائم آهي ۽ قديم کان يعني آڳاٽي کان قائم آهي. يعني اول قائم الله قادر يعني قابض، زور، اختيار وارو، ساري جهان کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ وارو. جيئن پنهنجي ڪلام مجيد ۾ فرمايو اٿس: تبَارڪَ الَّذِيٌ بِيَدِهٖ الٌمُلٌڪُ وَ هُوَ عَليٰ کُلّ شِيءِ قَديرُٗ يعني سارو ملڪ مون الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو سڀ شيءِ تي قادر آهي، يعني وس وارو آهي،زور ڏاڍو ۽ زور سوگهي رکڻ وارو آهي ۽ انهيءَ پنهنجي قدرت ۽ قائميءَ ۽ قديميءَ سان قائم يعني برقرار بيهڻ وارو آهي. ائين نه، ته ڪڏهن پنهنجي قدرت تي قائم رهي ۽ ڪڏهن نه، پر هو احد اول کان وٺي انهيءَ پنهنجي صفت کان موصوف آخر تائين آهي(تون اول الله اهو چئهُ) ۽ ٽين تڪ جي ساڳئي بيت ۾ ٿو فرمائي، جنهن ۾ پڻ اول الله جي ذاتي نالي جي صفاتي نالن سان شرح ٿو ڪري ۽ اها تُڪ هيءَ آهي: ”والي واحد وحده رازق رب رحيم“، يعني تون اول الله اهو چئهُ، جو جهانن جو والي يعني حقيقي مالڪ آهي ۽ هڪڙو واحد يعني اڪيلو ۽ وحده يعني اهو هڪڙو، جو پنهنجي هيڪڙائيءَ ۽ اڪيلائيءَ سان قائم آهي ۽ رازق يعني رزق ڏيندڙ ۽ حقيقي روزي رسائيندڙ آهي.

مثال: مجازي طرح ته ٻار کي ماءُ به رزق کائڻ پيئڻ جو ۽ ٻيو سامان راند روند جو ۽ پهرڻ جو موجود ڪري ٿي ڏئي. پر هيءُ اهو رازق آهي، جو انهيءَ جي ماءُ کي به ڏنو اٿس. جي ان جي ماءُ کي نه ڏئي ته هوءَ به پنهنجي ٻار کي ڏئي نه سگهي: جهڙيءَ طرح جڏهن الله تعاليٰ هُن کي ٻار نه ڏنو آهي ته سڄيءَ دنيا ۾ ڪا اهڙي ٻي طاقت نه آهي، جو انهيءَ کي ٻار بخشي يا ڏئي ۽ جڏهن ٻار ان کي پنهنجي مهربانيءَ سان ڏئي ٿو، تڏهن ان جي ٻار جي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي هن کي ٿڻن ۾ کير ٿو ڏئي، جو ان ٻار جو رزق آهي. يعني جڏهن به جنهن کي جنهن جنهن شيءِ جي گهرج پوي ٿي، تڏهن الله تعاليٰ رزاق اها شيءِ اتي پنهنجي قدرت ڪامل سان موڪلي ٿو ڏئي. تڏهن ٿو شاهه صاحب چوي ته ، تون اول الله اهو چئهُ، جو ملڪ جو والي به آهي ۽ حقيقي ”رازق، رب، رحيم“ به آهي، يعني پاليندڙ ۽ وڏي رحم وارو ۽ زور رحم وارو آهي.

هيءُ پالڻ رب جو اهو پالڻ نه آهي، جيڪو مجازي طرح ٻار کي ماءُ پالي يا نپائي ٿي يا باغ جي پالنا مالهي يا پوک جي پالنا هاري وغيره ڪن ٿا، پر هيءَ رب جي پالنا اها آهي،جيڪا ٻي مجازي پالنا ان جو مَٽ نه آهي، ڇو ته ٻار کي ماءُ کاڌو ۽ کير وغيره ته ڏئي ٿي، پر ان جو اهو وس نه آهي، جو ان مان کيس نفعو به پهچائي. ان نفعي جي بجاءِ جو ان جي ماءُ جو مقصد آهي، جي ٻار کي پيٽ ۾ سور پوي ۽ اهو ساڳيو کاڌو نفعي جي بجاءِ نقصان ڪري، ته ٿي سگهي ٿو: يا باغ جي پالنا مالهي ڪري ته سهي، پر وڻن کي مرض کان ڪا آجائي ڏئي نٿو سگهي ۽ انهيءَ ساڳي وڻ جو هڪڙو ٽار سُڪي وڃي يا انهيءَ ماءُ جو هڪڙو ٻار بيمار ٿئي يا مري وڃي، ته سواءِ انهيءَ رب حقيقيءَ جي، ڪا ٻي طاقت انهيءَ کي بچائي يا پالي نٿي سگهي.

جيئن خدا صاحب پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي: اَلٌحَمٌدُ لِلهِ رَب الٌعٰلَمِيٌنَ- يعني سَڀُ شڪرانو يا تعريف انهيءَ الله جي، جو جهانن جو رب يعني پاليندڙ آهي. تڏهن ڀٽائي صاحب به فرمايو آهي ته :” تون اول الله اهو چئهُ جيڪو والي واحد وحدهٌ رازق رب رحيم آهي“ – يعني زور رحم وارو اهو آهي، جيڪو بنا گهُر ئِي سڀني کي- ماڻهن توڙي پکين، جانورن ۽ مڙني تي رحم ٿو فرمائي ۽ پنهنجي  فرمان مڃيندڙن ۽ منڪرن ڪافرن تي به رحم ٿو فرمائي، جو انهن کي رزق ٿو ڏئي. جيڪڏهن انهن تي رحم نه ڪري ۽ رزق نه ڏئي يا انهن کي عذاب کان مهلت نه ڏئي، ته ڪوبه سواءِ انهيءَ رَحِيم ڪريم جي، ٻيو انهن کي عذاب کان ڇڏائي نٿو سگهي ۽ جيڪو ايمان وارو نيڪ عمل ڪري ٿو ته اهي به پاڻ ان تي رحم ڪري کانئس ڪرائي ٿو ۽ اها توفيق بخشي ٿو ۽ ڪافرن کي انهيءَ ڪري مهلت ٿو ڏئي ته مَنَ اهي به ايمان آڻن ۽ عذاب کان ڇٽن، ڇو ته هو به سندس مخلوق آهن ۽ سندس گهُر آهي ته اهي به ايمان آڻن ۽ عذاب کان ڇٽن ته چڱو.

جهڙي طرح حضرت يونس عليہ السلام پنهنجي منڪر قوم لاءِ خدا تعاليٰ کان دعا گهري، ته هنن تي باهه نازل ٿئي، پر هنن جي توبہ تي خدا صاحب رحم ڪري نازل ٿيل باهه بند ڪئي ۽ انهن جي توبہ قبول فرمائي. حضرت يونس عليہ السلام کي اها ڳالهه پسند نه اچڻ تي کيس مڇيءَ جي پيٽ ۾ موڪليو ويو ۽ وري سندس توبہ قبول فرمائي. مڇيءَ کان آزادي ڏني ۽ فرمايائينس ته ڪنڀر کي وڃي چئهُ ، ته هو پنهنجي ٿانون جي آوي يا نِهائين، جيڪا تيار ڪئي اٿس، سا ڀڃي ڇڏي. فرمودي موجب حضرت يونس عليہ السلام ڪنڀر کي چيو ته الله سائينءَ جو حڪم آهي ته اهي پنهنجا ٿانو جوڙيل سڀ ڀڃي ڇڏ. ان چيو ته خدا صاحب جو حڪم بالاچشم آهي پر مان ٿانوَ نه ڀڃندس. پوءِ خدا صاحب کي عرض ڪيائين ته سائين منهنجا، توکي معلوم آهي ته هو پنهنجا ٿانوَ نٿو ڀڃي، خدا صاحب فرمايس ته تو ان کي چڱيءَ طرح سمجهايو نه آهي. هن کي اها ڳالهه سمجهاءِ ته انهيءَ ڪنڀر کي ٿانوَن ٺاهڻ جي حڪمت ۽ توفيق ۽ پاڻي ۽ مٽي مون ڏني آهي ۽ اها منهنجي آهي، سندس ان ۾ فقط محنت آهي. پوءِ حضرت يونس عليہ السلام ڪنڀر کي اها سڄي حقيقت سمجهائي، پر هن ٿانوَن ڀڃڻ کان انڪار ڪيو. تڏهن الله تعاليٰ کي عرض ڪيائين ته سائين! حڪم جي پيروي ڪيم پر هو ائين نٿو ڪري. تڏهن الله سائينءَ فرمايس ته پوءِ ڪيئن تنهنجي چوڻ تي مان پنهنجي مخلوق ۽ پنهنجو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيان؟ پوءِ حضرت يونس عليہ السلام توبہ ڪئي ۽ معافي گهري.

هاڻ هن مان صاف ظاهر آهي ته الله سائين رحيم يعني زور رحم وارو آهي. حضرت موسيٰ عليہ السلام کي فرمايائين ته، جڏهن فرعون ٻڏڻ وقت توکي سڏيو ٿي، تڏهن تو ان کي ڇو نه ڇڏيو؟ جيڪڏهن مون کي سڏي ها ته معافي ڏيانس ها. الله سائينءَ جي انهيءَ رحمة ۽ احسان جو بيان ڀٽائي صاحب ٿو فرمائي:

بيت

ٿورا نه ٿورا مون تي ماروءَ جي ڪيا،

ڀلائي جا ڀيرا ڳڻي ڳڻيان ڪيترا.

يعني ماروءَ جا ٿورا مون تي ٿورا نه آهن، پر تمام گهڻا آهن؛ جو هو روز رحيم آهي ۽ ان جا ڀلائيءَ جا جيترا ڀيرا يعني گهمرا وري وري مون تي ڀلايون ڪيون اٿس. اهي به ڳڻي نٿو سگهان، ڳڻي ڳڻيان ڪيترا. جيئن الله سائين پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي:

وَ اِنٌ تَعُدُّوا نِعمٌت اللهِ لاَ تُحٌصُوٌهاَ اِنَّ اللهَ لَغفُوٌرءُ رحِيٌمُٗ

ترجمو: ۽ جي ڳڻيندا نعمتون الله جون ته ڳڻي نه سگهندا، تحقيق الله بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.

هاڻي هن آيت شريف ۽ ڀٽائي صاحب جي بيت جو هڪڙو ۽ ساڳيو مطلب آهي، ته الله سائينءَ جون نعمتون ۽ ڀلايون ڳڻڻ کان گهڻيون آهن، جي نه اوهان کي عملن جي عيوض ڏنيون ويون آهن، پر هو غفور رحيم يعني زور رحم وارو آهي، تڏهن اوهان تي پنهنجي رحمت جي وڏي خزاني مان رحم ڪيو اٿئين. جيئن ڀٽائي صاحب فرمايو آهي:

بيت

هڏ نه پڙان هيڪڙي ٿوري ٿر جاين،

مون کي مارئڙن ميري ڪري نه مَٽيو.

ٿر آهي هيءَ دنيا. هن دنيا ۾ الله سائينءَ جيڪي به شيون انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ خلقيون آهن يا ڄمايون آهن، انهن مان هڪڙي شيءِ جي ٿوري جو عيوض به منهنجو سر اصل پڙجي نه سگهي-(هڏ نه پڙان هيڪڙي ٿوري ٿر ڄاين) پر اها خاص خدا سائينءَ جي مهرباني، جو مون کي ميري يعني گنهگار سمجهي، مَٽي يا ميٽي نه ڇڏيو ۽ انهن نعمتن مان جي پنهنجن پيارن دوستن ۽ چڱن ماڻهن کي ڏنيون اٿس ۽ مون کي به ڏنائين. جهڙيءَ طرح باهه ۽ پاڻي خدا جي لکن نعمتن مان هڪڙي آهي، انهيءَ مان دوستن کي به ڏئي ٿو ۽ مون ميريءَ يعني گنهگار کي به انهيءَ نعمت کان مَٽيو يعني رد نه ڪيو اٿس. (مون کي مارئڙن ميري ڪري نه مَٽيو) اهڙو ته الله سائين زور رحيم آهي.

تڏهن ته شاهه صاحب ٿو فرمائي ته: تون اول الله اهو چئهُ، جنهن جي هيءَ تعريف يا الله جي نالي جو شرح آهي ته، ”والي واحد وحده رازق رب رحيم“ ۽ تُڪ نمبر چوٿين ۾ آهي: ”سو ساراهه سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم“. يعني انهيءَ سچي ڌڻيءَ يعني حقيقي ڌڻيءَ جي تعريف ڪر، جيڪو وڏيءَ حڪمت وارو ۽ ساراهه جي لائق آهي، جهڙي طرح خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام سورة سبا جي اول ۾ فرمايو آهي:

اَلٌحَمٌدُ لَلهِ الَّذِيٌ لَہ مَا فِي السَّمٰواتِ وَ مَا فِي اٌلاَرٌضِ وَ لَہُ الٌحمٌدُ فِي اٌلاٰخرِةِ وَهُوَ الٌحَڪِيٌمُ الخَبِيٌرُ  يَعٌلَمُ مَا يَلِجُ فِي اٌلاَرضِ وَ مَا يَخٌرُجُ مِنٌهَا وَ مَا يَنٌزلِ ُ مِنَ السَّمَاءِ وَ مَا يَعرُجُ فِيٌهَا وَ هُوَ الرَّحِيٌمُ الٌغَفُوٌرُٗ

ترجمو: حمد آهي خدا جي، جنهن جا آهن سڀ ٽول منجهه آسمان ۽ زمين ۽ ان جي ساراهه آهي آخرت ۾ ۽ هو داناءُ  ۽ خبردار آهي، ٿو ڄاڻي جيڪي داخل زمين ۾ ۽ جيڪي آهي ٻاهر. تنهن کان ۽ جيڪي اُلهي ڪنا اُڀ ۽ جيڪي چڙهي اُڀن ۾ ۽ جيڪو بخشيندڙ ۽ مرهيندڙ آهي.

اها مٿين تڪ گويا هن آيت شريف جو ترجمو آهي، جيئن آيت شريف ۾ بيان ٿي چڪو آهي ته ساراهه، آهي تنهن خدا جي، جنهن جا آهن سڀ ٽول آسمان ۽ زمين ۾- يعني هو انهن جو حقيقي ڌڻي آهي. اهڙي طرح بيت جي تڪ ۾ به آهي ته، تعريف ڪر سچي ڌڻيءَ جي يعني سچو ڌڻي اهو آهي، جنهن جون سڀ شيون آهن، هن دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به، زمين ۾ به ۽ آسمان ۾ به، ۽ تڪ ۾ آهي”چئي حمد حڪيم“ تيئن آيت شريف ۾ آهي: ”حڪيم الخبير“ يعني اهو داناءُ ۽ خبردار آهي ۽ جيئن بيت ۾ ”رب رحيم“ جو لفظ آيل آهي، تيئن آيت ۾ به ”رحيم الغفور“ جو لفظ آهي، يعني رحيم اهو آهي، جو زور رحم وارو هجي ۽ زور رحم وارو اهو آهي،جو خطائون ته بخشي پر عطائون به ڏئي. بيت جي پنجين تڪ ۾ آهي:”ڪري پاڻ ڪريم جوڙون جوڙ جهان جون“. يعني جوڙ جهان جي جوڙيائين ، پاڻ کي ڪريم ڪري يعني پنهنجي ڪريميت جي صفت تي اچي ۽ احسان ڪري، جهان جي جوڙ جوڙي اٿائين. جوڙ جي معنيٰ بناوت به آهي ۽ جوڙ جي معنيٰ جوڙا به آهي. اهو جوڙ جوڙڻ ڏانهن جيڪو اشارو آهي، تنهن ۾ به بيحد تعريف آهي، يعني الله سائينءَ جيڪا مخلوق پيدا ڪئي آهي، سا جوڙا جوڙ يعني نر- ماد ڪري خلقيو يا جوڙيو اٿائين. جيئن سورة ولذاريات ۾ آهي: وَ مِن کُلّ شيءِ خلقنا زوجين  ترجمو: اسان خلقيون سڀ شيون جوڙا جوڙا ڪري. پر اها جوڙ جهان جي ان طرح سان نه جوڙي ها ته کيس ڪو پڇڻ وارو نه هو، پر پاڻ احسان ڪري ۽ ڪريمي جي صفت تي پاڻ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ جهان جي جوڙ جوڙيائين.

جوڙ جي معنيٰ خوشي به آهي. خوشيءَ مان اها مراد آهي ته الله سائينءَ کي جهان جي جوڙڻ مان هن ڪري خوشي ٿي، جو هن کي خاص ارادو اهو هو ته حضرت محمد ڪريم صلي الله عليم وسلم کي پنهنجي معشوق يا عاشق جي بلند درجي تي پيدا ڪريان، جيئن جوڙن جي لفظ جو جوڙن يعني نر –ماد ڏانهن اشارو آهي، جيئن سورة زخرف ۾ آهي: وَالَّذِيٌ خَلَقَ اٌلاَزٌوَاجَ ڪُلَّهَا- يعني سو آهي خدا، جنهن جوڙيا جوڙا- نر- مادي مڙني حيوانن جا-۽ ٻئي هنڌ قرآن شريف ۾ آهي ته ؛ وَ اَلہ خَلَقَ الزَّوٌجَيٌنِ الذَّڪَرَ وَاٌلاُنٌشيٰ- ترجمو: ۽ تحقيق انهيءَ يعني الله نر ۽ مادي يعني جوڙو جوڙو ڪري جوڙيا.

تڏهن ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته تون اول الله اهو چئهُ، جنهن جوڙون جوڙيون آهن جهان جون ۽ اول جڏهن جوڙ جهان جي جوڙيائين، ته پوءِ محمد ڪريم صلي الله عليہ وسلم کي ”رسول ۽ خاتم النبين ۽ رحمة العالمين ۽ نور“ ۽ پنهنجو محبوب ڪري پيدا ڪيائين ۽ اسان تي احسان ڪري اسان کي ڀاڱي ۾ اهڙو رسول صلي الله عليہ وسلم ڏنائين. جيئن شاهه صاحب ڀٽائي رحمة الله عليہ سر ڪلياڻ جي ٻئي بيت ۾ فرمائي ٿو:

بيت

جوڙي جَوڙَ جَهانَ جِي جَڏَهِنٌ جوڙيائين،

خَاوندُ خَاصُ خَلقيِ مُحَمدُ مُڪَائين،

ڪَلِمون تَنهِن ڪَريِم تي چِٽو چَايائين،

اَنَا  مَولاَڪ وَ اَنتَ مَحبُوبِي اِئين اُتائين،

ڏِکِي ڏِنَائين ٻَئي سَرائوُن سَيد کي.

يعني جهان جي جوڙ جڏهن جوڙيائين، ته پوءِ خاوند خاص طور خلقي حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم کي، اسان اُمت تي رسول صلي الله عليہ وسلم ڪري موڪليائين. يعني موڪليائين ته سهي پر خاوند ڪري موڪليائين. يعني مالڪ ڪري جهان جو موڪليائين ۽ رحمت ڪري يعني احسان ڪري ۽ ڪريم ڪري موڪليائين ۽ اسان کي حڪم ڪيائين، انهيءَ تي ڪلمي پڙهڻ جو ۽ چيائين حضور ڪريم صلي الله عليم وسلم کي ته آءُ تنهنجو ڌڻي آهيان ۽ تون منهنجو محبوب آهين ۽ ٻئي جهان يعني ”ٻئي سزائون سينگاري“ ڏنائينس. يعني ڏکي ڏنائين ٻئي سرائون سيد کي، يعني رسول ڪريم صلي الله عليم وسلم کي ۽ پنهنجو ارادو جهان جي جوڙڻ ۽ رسول ڪريم صلي الله عليم وسلم پنهنجي محبوب کي خلقي پاڻ کي ظاهر ڪرڻو هوس.

اهي لفظ مان نٿو چوان پر ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پاڻ پنهنجي رسالي جي ايندڙ بيت نمبر 3 ۾ ٿو فرمائي:

بيت

جوڙي جوڙَ جَهانَ پَاڻَ ڪَيَائيِن پَر َوارُ،

حَامِي هَادِي هَاشِمي سَر دارين سَردارُ،

سونهي صحابن سٿ ۾ منجهه مسجد مڻيادار،

چارئي چڱا چوڌار هئا هيڪاندا حبيب سين.

هن بيت جو مطلب آهي، ته پاڻ کي پڌري ڪرڻ واسطي جوڙ جهان جي جوڙيائين ۽ حضرت نبي ڪريم صلي الله عليم وسلم سردارن جي سردار هاشميءَ کي هن اُمت جي لاءِ هادي يعني هدايت ڪندڙ ڪري موڪليائين، جو پنهنجي مسجد نبويءَ ۾ مڻيادار يعني رازدار صحابن جي سٿ يعني ميڙ ۾ هدايت ڪندي پيو سونهي يا ٺهي. صحابن ۾ چار ڄڻا ٻين سڀني کان چڱا هئا، جي حبيب خدا جي چوڌاري ۽ گڏ ويهندا هئا. هن بيت ۾ الله جي ۽ الله جي رسول جي ۽ اصحابن سڳورن ۽ چئن وڏن اصحابن جي تعريف ڪئي اٿس. هن بيت ۾ جو اهو فرمايو اٿس ته رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم کي اسان اُمت لاءِ هادي يعني هدايت ڪندڙ ۽ سنئين واٽ ڏيکاريندڙ ڪري موڪليو آهي. اها سنئين واٽ ڪهڙي، جا اسان کي ڏيکارڻ يا ان بابت سبق ڏيڻ لاءِ پنهنجي محبوب کي موڪليائين، انهيءَ جو بيان شاهه صاحب ڀٽائي رحمة الله عليہ پنهنجي رسالي جي ايندڙ بيت نمبر 4 ۾ ڪيئن ٿو بيان فرمائي:

بيت

وَحدَه لاَشَريڪَ لَہٌ چَؤ چَوَندو آءُ،

فَرض واجِب سُنتونٌ تَنِئونٌ تَرڪٌ مَ پَاءِ،

توبَہ سَنديٌ تَسٌبيحَ پَڙهِي سَا پُڄاَءِ،

نَنگا پَنهنجي نَفس کي ڪا سَنئينٌ راههَ سُونهاءِ،

سُپرِيَان جَيٌ ڳَالهِڙي هيءَ هِنين سِين لاءِ،

ته سَندي دوزِخ باهِه تو اوڏيَائي نه وَڃي.

وحده جي معنيٰ آهي اهو الله هڪڙو، جيڪو لاشريڪ يعني جنهن جو ڪو ڀائيوار ڪنهن به ڪم ۾ نه يا صفت ۾ يا ذات يا ملڪيت ۾ نه آهي. تون اهو الله چئهُ ۽ چوندو آءُ . يعني هميشه لاءِ چوندو آءُ. هميشه جي لاءِ چوڻ جو هن بيت ۾ تاڪيد آهي، سو هن ڪري جو ڪي ماڻهو ڪجهه وقت عبادت ڪري، پوءِ ڪن آزمائشن جي گردش ۾ اچي، پنهنجو ذڪر ۽ فڪر ڇڏي ڏيندا آهن يا بي دليا ٿي پوندا آهن، ڇو ته هن کي نفس بگيڙيندو آهي ته هاڻي تون به عبادت ڪري خدا کي پهچندين ڇا؟ پاڻهين خدا بخشيندو. انهيءَ ڪري ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ  ٿو فرمائي، ته تون اهو الله جونالو چئه به ۽ هميشه لاءِ چوندو آءُ، يعني انهيءَ ذڪر تي مستقيم رهه.

بيت جي ٻي تُڪ آهي ته ”فرض، واجب سنتون تنئون ترڪ مَ پاءِ“ يعني فرض ۽ واجب سنتن کي نه ڇڏ، اهي فرض ۽ واجب سنتون ڪهڙيون؟ اهو اشارو رڳو نمازن جي فرضن ۽ واجب سنتن ڏانهن نه آهي، پر شريعت موجب جيڪي به فرض ۽ واجب سنتون آهن، جهڙيءَ طرح حج، زڪوات، روزا، نماز ۽ ٻيا دنيوي معاملا ۽ ٻين ماڻهن جا حق وغيره، تن سڀني ڏانهن اشارو آهي. انهيءَ کي کولي بيان ڪجي ته فقہ جو جيڪو سمورو ۽ سڄو سارو علم آهي، سو ضروري انهن ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل هجي. انهيءَ فقہ جي علم ۾ هڪڙو بيان فرضن جو آهي، جن جو سکڻ ۽ ٻڌڻ به فرض آهي، ٻيو ڀاڱو واجب آهي،  جن جو سکڻ ۽ ٻڌڻ بهه واجب آهي ۽ ٽيون ڀاڱو سنت آهي، جن جو سکڻ ۽ ٻڌڻ به سنت آهي. هاڻي ان جو مطلب ٿيو ته جڏهن فقہ جو سمورو علم هن بيت جي انهيءَ تُڪ جي معنيٰ ۾ آڻجي، تڏهن ئي هن تُڪ جي معنيٰ پوري ٿي سگهندي. انهيءَ ڊيگهه جي سبب اسان هن جي معنيٰ نٿا ڪريون. فقط اوهان جو ڌيان ڇڪايو اٿئون ته معنيٰ هن جي ايتري گهڻي آهي، جو اها پوريءَ طرح سان ڪرڻ، هن ڪتاب کان ۽ اسان جي وس کان ٻاهر آهي.

بيت جي ٽينءَ تُڪ ۾ آهي ته ” توبہ سندي تسبيح پڙهي سا پڄاءِ“، يعني ڪيل گناهن کان توبه ڪر، پر توبہ جي تسبيح پڙهي پوري ڪر. انهيءَ تسبيح کي پڙهي پوري ڪرڻ جو مطلب آهي ته توبہ جا جيڪي شرط آهن، سي پورا ڪر. هڪڙو پهريون وڏو شرط انهيءَ ۾ هيءُ آهي ته جنهن گناهه جي توبہ ڪرين، اهو موٽي ٻيهر نه ڪر ۽ اها ڳالهه وري ياد به نه ڪر، پر جي ياد اچئي ته انهيءَ تي شرمائج ۽ پنهنجي نفس کي جُٺ ڦٺ ڪر ۽ ڊڄ خدا تعاليٰ  ڀَر- ته اهو گناهه الائي معاف ٿيندو يا نه! ٻيو وڏو شرط ان ۾ هيءُ آهي ته جيڪي ماڻهن جا حق هجن توڏانهن، تن کان معافي گهري بخشاءِ ڪنهن به طرح سان- عيوضو ڀري ڏيڻ سان يا بدلي ڏيڻ سان، پر جيڪڏهن معافي نه ڏئيس، ته تڏهن به ان سان چڱايون ڪندو رهي يا ان سان آزي نيزاري ڪندو رهي، يا ان جي حق ۾ خدا سائينءَ کان دعا گهرندو رهي. پڙهي پڄائڻ جي معنيٰ هيءَ آهي ته رڳو زباني توبہ نه ڪري پر عملي توبه ڪري- اهڙي توبہ ڪري، جيئن ڏڌل کير ٿڻين نه پوي. خطا ڪيل گناهه جي توبہ ڪئي اٿس ته ان ڏانهن وري موٽڻ جو ارادو نه ڪري.

بيت جي تُڪ 4 ۾ آهي:”ننگا پنهنجي نفس کي ڪا سنئين راهه سونهاءِ“ – يعني اي ننگا، يعني ڪميڻا يا بي غيرت يا سڃا! تون پنهنجي نفس کي ڪا سڌي واٽ ڏَس يا ڏيکاري، سڌي واٽ اها آهي ،جا شريعت محمد ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي آهي ۽ ٻئي غير جي خيالن کان پنهنجي نفس کي پاڪ ڪر ۽ اسم پاڪ خدا جو ڏَسينس ۽ سڀ ڪنهن عبادت جي ڪم  ۾۽ غير جي ياد يا الله جي غفلت کان ڇڏائينس، ته پوءِ الله سائين توکي دوزخ جي باهه کان ڇڏائيندو. جيئن خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام سورت اعليٰ ۾ فرمايو آهي ته؛ قَدٌ اَفٌلَحَ مَنٌ تَزَڪّيٰ  وِ ذَکَرَ اسٌمَ ربِّہٖ فَصَلّيٰ 

ترجمو: تحقيق ڇٽندو سو، جنهن پاڪ ڪيو نفس پنهنجو ۽ ياد ڪيائين اسم پاڪ رب جو- پوءِ نماز پڙهيائين ريءَ غفلت جي.

هاڻي هن آيت شريف ۽ مٿئين بيت جي معنيٰ ساڳي آهي. جيئن بيت ۾ آيو آهي ته الله هڪڙي جو اسم ياد ڪر. فرض ۽ واجب سنتون نه ڇڏ، تهڙي طرح آيت شريف ۾ آهي ته نفس پاڪ ڪر ۽ ياد ڪر اسم پاڪ خدا جو ۽ نماز پڙهه ريءَ غفلت جي. اها غفلت آهي نفس کي پاڪ ڪرڻ گناهن کان ۽ بيت ۾ به آهي ته توبہ جي تسبيح پوري ڪر. اهو به توبہ سان نفس کي پاڪ ڪرڻو آهي.

اڳتي بيت جي تُڪ ۾ آهي ته ”سپيريان جي ڳالهڙي هيءَ هِنيين سين لاءِ“- يعني اها ڳالهه دل سان لاءِ، جيڪا بيت ۾ مٿي اچي چڪي آهي ته الله هڪڙو مڃ، جنهن جو ڪو شريڪ نه آهي: فرض ۽ واجب سنتون به سندس حڪم موجب نه ڇڏ ۽ توبہ سندي تسبيح سان پنهنجي ڪيل اڳين گناهن کان پنهنجي نفس کي پاڪ ڪر. اهو حڪم آهي منهنجي پرينءَ جو ته: سپيريان جي ڳالهڙي هيءَ هِنيين سين لاءِ، ته سندي دوزخ باهه تو  اوڏيائي نه وڃي- جيئن آيت شريف ۾ آهي ته قد افلح يعني ته تحقيق ڇٽندو سو، تڏهن ٿو فرمائي ڀٽائي صاحب ته دوزخ سندي باهه تنهنجي ويجهو ئي نه ايندي، ڇاڪاڻ ته خدا صاحب پاڻ به ائين فرمايو آهي ته (تحقيق ڇٽندو سو، جنهن پاڪ ڪيو نفس پنهنجو ۽ ياد ڪيائين اسم پاڪ خدا جو ۽ نماز پڙهيائين ريءَ غفلت).

هاڻي، نماز ۾ ٻي ته سموري عبادت خدا تعاليٰ جي ڪرڻي آهي پر  ان ۾ اَلتَّحيّاتُ به شامل آهي، جنهن ۾ قلب ۽ زبان سان حضرت رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي رسالت تي به شاهدي ڏيڻي آهي. اهو سوال رهيو، جنهن لاءِ ايندڙ بيت ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي رسالت مڃڻ ۽ خدا تعاليٰ جي هيڪڙائي مڃڻ لاءِ گڏ هن بيت ۾ ٿو فرمائي:

بيت

وَحدَهٌ لاَشريَڪَ لہُ جَان ٿو چَوين اينئن،

تَان مَڃ محَمدُ ڪَارَڻي نِرتَئون مَنجهَان نِينهَن،

سو تُون وَڃيو ڪَيئَن نَائِين ڪَنڌ ٻِينَ کي.

خلاصو: مطلب ته سو الله ۽ الله جي رسول محمد صلي الله عليہ وسلم ڪارڻي يعني شفيع کي ڇڏي، ڇو ٿو وڃي ٻين جي در تي ڪنڌ نوڙائين، جڏهن تون چئي چڪو آهين ته الله هڪڙو اهو آهي، جنهن جو ڪو شريڪ يعني ڀائيوار سڄي جهان جي ڪمن ۾ ٻيو نه آهي، ان جو محمد ڪريم صلي الله عليہ وسلم پيارو رسول ۽ محبوب آهي! تڏهن تون اهي ٻئي در ڇڏي ڇا جي لاءِ يعني ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح ٻين جي آڏو ڪنڌ نِوائين ٿو؟ ڀٽائي صاحب رحمة الله ٿو فرمائي:

بيت

وحده لاشريڪ لہ جڏهن چيو جن،

تن مڃيو محمد ڪارڻي هيجان ساڻ هِنيين،

تڏهن منجهان تن اَوتَڙ ڪونه اوليو.

مطلب هن بيت جو آهي ته جڏهن جن ماڻهن وحدهٌ لاشريڪ لہ، چيو – اهو ”جڏهن“ جو اشارو آهي روز ميثاق جي ڏانهن، جنهن ڏهاڙي الله تعاليٰ جل شانہ، روحن کي فرمايو ”اَلَسَّتَ بِرَبَّکِمُ“، تڏهن روحن جواب ڏنو ته ”قَالو ابليٰ“ يعني الله تعاليٰ روحن کان پڇيو ته ڇا، مان اوهان جو رب آهيان؟ تڏهن روحن چيو ته هائو، تحقيق تون اسان جو رب آهين ۽ پوءِ سجدو ڪيائون پنهنجي رب کي.

هاڻي هي اشارو جڏهن چيو جن،انهيءَ ڳالهه ڏانهن آهي ته جن انهيءَ ڏينهن قالو بليٰ چيو ۽ سجدو ڪيو، تن تي خدا صاحب راضي ٿي کين سڌي راهه ڏيکاري، جو انهن پنهنجي صدق دل سان يعني هَيجان ساڻ هِنيين، محمّد صلي الله ڪارڻيءَ کي مڃيو. تڏهن منجهان تن يعني تن، جن سجدو ڪيو هو ۽ قالو بليٰ چيو هو، تڏهن ئي يعني هِت اچڻ کان اڳ ۾ ئي انهن جي حق ۾ ڪوبه اوتَڙ- يا تڪليف خدا صاحب نه لکائي هئي، تڏهن کان ئي وٺي ڪنهن ڀليل گهيڙَ يعني تڙ تي تقدير ۾ ئي الله سائينءَ انهن کي ڪونه اوليو يعني ڦاسايو يا تڪليف نه ڏني. جڏهن جن قالو بليٰ محبت يعني هِنيين جي هيج سان چيو هو، ”تڏهن منجهان تن اوتڙ ڪونه اوليو“.  جيئن خدا سائينءَ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي ته:

اِنَّا نَحٌنُ نَحٌي الٌمَوٌتيٰ وَ نُڪٌتُبُ مَا قَدَّمُواٌ وَ اٰثَارَهُمٌ وَ کُلَّ شَيٌ ءٍ اَحٌصَيٌنٰہُ فِيٌ اِمامٍ مُّبِيٌنءُ 

ترجمو: تحقيق، اسان جياريون مئل دليون ۽ جسا ۽ لکايون، جيڪي عمل مَهندِ ڪن ۽ جيڪي پوءِ ثواب رَسَن انهن کي ۽ سڀ ٽول لکيا اسان منجهه لوح محفوظ جي پڌرا.

هاڻي، هن آيت شريف ۽ بيت جو ساڳيو ئي مطلب آ هي هن آيت سڳوريءَ ۾ خدا  تعاليٰ فرمايو آهي، ته اسان اول لکايا جيڪي عمل ڪن پوءِ پهچن ان ثواب کي هن دنيا ۾ ۽ اسان اهي سڀ ٽول لوح محفوظ ۾ پڌرا لکايا آهن. يعني هِت جيڪي عمل ڪن ٿا، سي پهريائين لوح محفوظ ۾ لکايا ويا آهن. پوءِ جيڪي چڱا عمل ڪن ٿا، انهن جا به اول لوح محفوظ يعني تقدير ۾ لکيل آهن. بيت ۾ به آهي ته جن پهرئين ڏينهن جڏهن خدا تعاليٰ کي مڃيو تڏهن انهن کي هتي به اوتڙ ۾ ڪونه اوليو ويو جيئن ڀٽائي صاحب پنهنجي رسالي ۾ ٻئي هنڌ فرمايو آهي ته:

بيت

لِکِيو جو نِراڙَ سو اَنگٌ ڪِيَاڙيٌ نه ٿِئي،

پَاڙيِون ويٺي ٌ پَاڙ جيڪي ٌ لاَلَڻ َ لِکيو لَوح ۾.

يعني ائين توکي ڪرڻو پيو آهي يعني پاڙڻو پيو آهي، جيئن تنهنجي حق ۾ هُتي اول لالن يعني خدا تعاليٰ تنهنجي نراڙ يعني نصيب ۾ انگ يعني تقدير جا اکر لکيا آهن. اهو انگ اصلي يعني نرڙ وارو ڪياڙيءَ نه ٿئي انهيءَ جو مطلب ته اهو انگ تقدير ۾ نصيب وارو لکيل مَٽجي يا ميٽجي نه ويندو ۽ توکي ضرور پاڙڻو يعني ڪرڻو پوندو. جيئن ڀٽائي صاحب بيت نمبر 7 ۾ ٿو فرمائي:

بيت

وحدهٌ لاشريڪ لہ جَنِ اُتوسِينٌ اِيمانَ،

تن مڃيو محمد ڪارڻي قلب ساڻ لَسانَ،

اُوءِ فائق ۾ فرمان اُوَتَڙ ڪنهن نه اوليا.

يعني ميثاق جي ڏهاڙي جن وحده لاشريڪ لہُ، يعني الله هڪڙو آهي، ان سان ڪوبه ڀائيوار ڪنهن به ڪم ۾ نه آهي ۽ ايمان يعني يقين ۽ اعتماد ۽ اعتبار دل جي سان چيائين، انهن ئي حضرت محمد ڪريم صلي الله عليہ وسلم شافع جي رسالت قلب ۽ زبان سان مڃي، ڇاڪاڻ ته بيدليو ۽ بي اعتقاديءَ سان ته ڪافرن به قالوا بليٰ چيو هو، پر دل جي اعتقاد ۽ اعتماد سان مؤمنن ايمان وارن مسلمانن ئي چيو هو. پوءِ جن يقين سان قالوا بليٰ چيو هو، تن رسول ڪريم جي رسالت ۽ شفاعت کي به قلب ۽ لسان يعني زبان ۽ دل سان مڃيو، انهن به فائق يعني فوقيت واري ۽ اعليٰ مٿانهين الله تعاليٰ جي فرمان ۽ حڪم موجب سڌو رستو لڌو ۽ اَوَتَڙ يعني اوجهڙ ۾ ڪونه پيا، هيءُ بيت به مٿئين بيت وارو ساڳيو مطلب ٿو رکي ته سڀڪجهه خدا سائينءَ جي حڪم موجب يعني فائق ۾ فرمان موجب ٿي چڪو آهي ۽ ٿيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org