سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع

مضمون

صفحو :9

ڪنشڪ اعظم ۽ چوٿين مجلس: ڪنشڪ (سن: ڪنشٿ) جا اوائلي رڪارڊ يوپيءَ مان مليا آھن، جتي ويما ڪادفيس جي پاران مٿرا جو گورنر ھو. ھن جا گھڻي ۾ گھڻا ڪتبا پڻ مٿرا مان، ھڪڙو سانچيءَ (ڀوپال) مان، ھڪڙو سُئي وھار (بھاولپور) مان ۽ ھڪڙو ڪابل (واردڪ) وٽ مليا آھن. اوائل ۾ سنڌ گجرات، مالوا ۽ راجستان به ھن ئي فتح ڪيا ھئا. ڪلھڻ جي راڄ ترنگڻيءَ (1148ع) موجب: ڪنشڪ تُرڪ ڪشمير جو بادشاھه ڪوٺيو ويو آھي. پاٽنا کان ساڪيتا سوڌو سندس سوڀون ته چيني ۽ ٿٻيٽي تاريخن ۾ به آيل آھن. نيپال ۾ سندس سنبت جاري ھجڻ، توڙي بينگال ۽ اوڙيسا مان سندس سِڪَن جي لڀڻ مان، اتي به ھن جي حڪومت ٿابت ٿئي ٿي. مطلب ته 78ع ۾ تخت نشين ٿيڻ کان اڳي ئي انھيءَ سڄي ايراضيءَ جو ھو وائسراءِ ھو، ھيون ٽسانگ جي بيان مطابق: پامير کان وچ ايشيا وارا علائقا به ھن فتح ڪيا ۽ اتي جو ھڪڙو شھزادو پڻ ھن وٽ ضمانت ھيٺ (يرغمال) ھو. چيني ترڪستان ۾ ”شاهه ڪوشان“ جا خروشتي اکرن ۾، پراڪرت زبان جا ڪتبا مليا آھن. اتي سندس ايلچيءَ برخُو، (بيکو) ڪوٺبا ھئا. ھن ھڪڙي حملي ۾ پارٿيا (خراسان) تي به سوڀ پاتي ۽ ’شھنشاھه‘ جو لقب اختيار ڪيو، ويندي چين جي شھنشاھه ھوتيءَ (89-105ع) سان مٽ ٿيڻ لاءَ ھن جي وارث شھزاديءَ جو سڱ به ھن ڇڪايو. انھيءَ جي حاصلات لاءِ ستر ھزار سوارن جو رسالو (87-89ع) پامير مٿان چاڙھي موڪليائين. جنھن کي جنرل پَنچوءَ مات ڪري موٽايو. ”ٽنھي ڏسين جا ڏيھه منھنجي اجھي ھيٺ آيا، رڳو اتريون علائقو انھيءَ کان گُسي ويو“ ڪنشڪ جا اھي آخري الفاظ آھن.[1]

مٿئين بيان مطابق: ھن جي وسيع حڪومت الھندي ڏي خراسان کان اڀرندي اوڙيسا تائين ۽ اتر ۾ خوتان (ڪاشغر) کان ڏکڻ ڏي ڪونڪن جي ڪناري (عربي سمنڊ) تائين پکڙيل ھئي.؛ جنھن ۾ سڄو ھندستان، بلخ ۽ افعانستان اچي ٿي ويا. سندس سِڪن تي سُمير، ايلم ۽ ايران جا اھڃاڻ اڪريل آھن، جن تي پھلوي زبان ڪم آندل آھي. سندس وقت ۾ سنڌ جو واپار وڌي وڃي روم تائين پھتو. سندس تخت نشينيءَ (78ع) کان ھن پنھنجو سنبت جاري ڪيو، جيڪو گجرات ۽ اجين جي جينين معرفت دکن ۾ پھتو.

چوٿين مجلس: ڪنشڪ (پالي: ڪنڪ) جي عالمگير عظمت، سندس حڪمرانيءَ جي پوئين اڌ (90-102ع) ۾ عروج کي پھتي. جڏھن ڌرم سان گڏ، ھن علمي دنيا کي به روشن ڪيو. ھن جي ڌرم گروءَ، پارسوَ چيو ته ’تٿاگت جي تعليم کي ماڻھن منجھائي ڇڏيو آھي؛ تنھنڪري وڙول وجھي، قديم قلمي نسخا ڪٺا ڪري، اھي پاڻ ۾ ڀيٽي ڏسڻ کپن‘. ڌرم جي کوجنا خاطر ڌن لٽائڻ جو ڀڪشوءَ اڳيان ھن وچن ڪيو. سنگھ رڪشا، ڪنشڪ جو شخصي صلاحڪار ھو، تنھن ۽ پارسوَ گڏجي، ڪاتيايني پتر نالي ھڪ بزرگ ڀڪشو کي داعي بڻايو؛ جنھن ڪنشڪ جي پاران ھنڌي ماڳين ڪوٺ ھلائي. سڄيءَ دنيا (يوروفريشيا) مان ھزارين فقيھه ۽ عالم ڀڪشو، قديم ڪتاب کڻي اچي ڪشمير ۾ ڪُنڊل واڻ، وھار وٽ ڪٺا ٿيا. واسومترا ڀڪشو کي سڀني صدر چونڊيو ۽ مشھور مصنف اسوا گھوش وري مير منشي مقرر ٿيو. ڪتابن جي پيچيده حصن ۽ انھن ۾ آيل مشڪل مسئلن تي نھايت ئي باريڪيءَ

سان بحث ٿيا. اشواگھوش اھي فيصلا ٽامي جي پترن تي لکي ”وڀاشا“ نالي شاستر تيار ڪيو، جنھن ۾ ٽي لک تُڪون ڪٺيون ڪيون ويون، ۽ سڄا سارا ٻارھن سال انھيءَ ڪم ۾ لڳي ويا.[2] پوءِ ته سڄي ڪشمير کي مذھبي علائقو مڃي، ٻڌ مذھب لاءِ وقف ڪيو ويو. انھيءَ ڪائونسل ۾ ڪُل ڪيترن ڀڪشوئن حصو ورتو، تنھن لاءِ تاراناٿ لاما، ٿٻيٽ جي تاريخدان لکيو آھي ته: ٽيھه ھزار ڀڪشن کي ڪنشڪ پوريءَ طرح امداد ڏيندو رھيو.[3]

اھڙي امداد نه فقط مٿئين مجلس جي ڪارڪنن تائين محدود رھي، پر ھر ھڪ عالم فاضل واسطي، شاھي خزاني جي ڪنجي ھر وقت حاضر ھئي. اڪابرن جي علمي فضيلتن جو بيڌڙڪ اعتراف ڪرڻ، انھن کي ھر ممڪن خوش رکڻ، تن کي تعظيم ڏيڻ ۽ انھن جا ادبي، علمي شاھڪار دنيا اڳيان آڻڻ، ھن جو عظيم ڪارنامو آھي. مٿي اھڙا پنج بزرگ (1. پارسوا ڀڪشو، 2. واسو متر، 3. سنگھه رڪشا، 4. ڪاتيا يني پترا، 5. اشو گھوش) اڳيئي اچي چڪا آھن. ڇھون: ناگر جن نالي فلاسفر، جيڪو مھاين فرقي جو باني (امام) آھي. (نالندا يونيورسٽي ھن ئي قائم ڪئي). ستون چرڪ نالي جڳ مشھور طبيب، (سندس ڪتاب ئي آيرويدڪ جو بنياد آھن. اٺون: ماٿر نالي ھڪڙو حيرت انگيز دماغ، وارو نيتوان ۽ قانوندان (ھيءُ ڪنشڪ جو راڄنيتي وزير ھو) ۽ نائون ايگسيلؤس (Agesilaus) نالي ھڪ رومي انجنيئر، جنھن جون اڏاوتون ڏسي اڄ به دنيا دنگ رھجيو وڃي.[4] اھي نَوَ اڪابر علم جا نَوَ روشن تارا ھئا، جن ڪنشڪ جي ڪچھريءَ کي چمڪايو. اھو نَوَن جو تعداد (Quorum) نقل ڪرڻ، پوءِ جي درٻارن لاءِ دستور بڻجي پيو. (جيئن وڪرما جيت وارا نَوَ رتن ۽ اڪبر بادشاھه جا نَوَ موتي وغيره).

ڪنشڪ علم ۽ مذھب جي خدمت خاطر، مڙني ملڪن مان ميڙيل خزانو کُٽائڻ ۽ لُٽائڻ جو عھد ڪري چڪو ھو. شاھه جيءَ واري ڍيريءَ وٽ سندس عظيم الشان خانقاھه ۽ ان جو 638 فوٽ اوچو ٺل، (جنھن لاءِ پڻ پيشنگوئي ٿيل ھئي) دنيا جي عظيم ترين اڏاوتن مان آھي. ايڏي بلند اڏاوت، انھيءَ ايگسيلؤس انجنيئر جي تجويز سان تيار ٿي ھئي؟ جا نه رڳو ٻوڌي دنيا ۾ مشھور ھئي، پر صدين تائين سنڌ ۽ ھند جي ثقافت ۽ ادب جو پڻ مک مرڪز رھي. اھو ٺُل پوءِ ڏھين صدي عيسويءَ جي زلزلي ۾ تباھه ٿي ويو. انھيءَ مناري جي پيڙھه،  جا  ھاڻي تازو ھٿ ڪئي اٿن، تنھنجو رڳو قطر به 286 فوٽ آھي، اتان ڪنشڪ جي تبرڪات واري صندوڪڙي به لڌي آھي، جنھن تي ڪنشڪ جي تصوير ۽ سندس نالو لکيل آھي، مٿرا مان پڻ ھن جي مورتي ملي آھي، جنھن جي شايد اتي پوڄا ٿيندي ھئي. انھيءَ ۾ افغاني سلوار پاتل اٿس.

پڇاڙيءَ (102ع) ۾، مينادر ۽ اسٽريٽو وانگر ھيءُ به جڳت جي جنجال کان جند ڇڏائڻ لاءِ، تخت کي ترڪ ڪري وڃي گوشه نشين ٿيو. سندس ننڍي ڀاءُ واسِشڪ (Vasishka) جيڪو عام طرح واجشِڪ (جو شِڪ) سڏجي ٿو ، پوين ڏينھن ۾ ھن جي ذميداري سنڀالي ھئي. مٿرا ۽ سانچيءَ مان واجھشڪ جا ڪتبا، سنه 102 ۽ 106ع جا مليا آھن. ڪنشڪ جي پوين، سندس سنبت ڳڻڻ چالو ڪيو، جيڪو گجرات ۽ اجين جي جينن معرفت دکن پھتو.

ڪنشڪ جا پويان: ڪنشڪ جي پٽ ھُوشِڪ (Huvishka) جي حڪومت، ڪابل (واردڪ) واري ڪتبي مان افغانستان ۽ وچ ايشيا تي به معلوم ٿئي ٿي. مٿرا جي ھڪڙي ڪتبي ۾ ھن پاڻ کي ’سچي ڌرم‘ واري ڏاڏي (ڪادفِيسَسَ) جو اولاد چوايو آھي. اتي جي ٻئي ڪتبي ۾، سندس ڀڪشو لنگر، (پڃيه سالا) جو ذڪر آھي. جنھن جي امداد لاءِ شاھي ھُوشِڪ ،جو وچ ايشيا وارو وائيسراءِ، برابر يارھن سؤ سِڪا موڪليندو رھيو. مٿرا جي ٽئين ڪتبي ۾ ھن جي وڏي وھار (ھوشيارپور؟) ٺھرائڻ جو ذڪر آھي.ڪنشڪ وانگر ھن جي سڪن تي به ڪيئين نشان آھن. جن ۾ ھڪڙو ايراني ديوتا شھريار به آھي. واسديو جو به لقب شايد هن ئي اول اختيار ڪيو آهي، ڇو ته هن کان پوءِ واسديو ۽ ڪنشڪ جا نالا، توڙ تائين هڪٻئي پٺيان لاڳيتا ايندا رهن ٿا.

هن وري واجهِشڪ (جوِشڪ) جي پٽ ڪنشڪ ’ٻئي‘ (119ع) کي حڪومت ۾ شامل ڪيو، جنهن آرا (Ara) جي ڪتبي ۾ پاڻ کي ’قيصر‘ ڪوٺايو آهي ۽ 138ع کان 145ع تائين ڪيترا وهار ٺهرايا. ڪنشڪ ’ٻئي‘ کان پوءِ وري وري به واسديو ’ٻئي‘ (158-156ع) جو وارو آيو، جنھن جا سِڪا ۽ خروشتي عبارتون موھن جي دڙي واري مٿينءَ سطح تان مليا آھن. ڪوشان خاندان جي تاريخ ھن کانپوءِ داڻا داڻا ٿي ملي آھي، تنھن ۾ به فقط نالا ۽ سن ملن ٿا ۽ اھي ايراني اقتدار ھيٺ ايندي نظر اچن ٿا.

آخري ڪوشان ۽ ساساني: ڪنشڪ ’ٽئين‘ کانپوءِ واسديو ’ٽيون‘ وڏو بادشاھه ٿي گذريو آھي. ھن جي ئي زماني ۾ اول ايران جو ساساني شھنشاھه ارد شير بابکان (226-241ع) جنھن جا سِڪا جھلم وٽ مليا آھن، سو خراسان، بلخ ۽ ڪابل فتح ڪندو، خيبر کان لنگھي ستلج پار اچي سرھند وٽ پھتو. انھيءَ ڪري واسديو ’ٽئين‘ سنه 230ع ۾ چين ڏي دوستانا سفارت موڪلي ھئي. ڪنشڪ ’چوٿون‘ (239ع) ۽ واسديو ’چوٿون‘ (248ع) به پنھنجو وارو وڄائي ويا. ڪنشڪ ’پنجون‘ ۽ ’ڇھون‘ باترتيب 248 ۽ 278ع ۾ تخت نشين ٿيا. ٻنھي مان ڪنھن ھڪڙي ڪنشڪ جو براھمي ڪتبو، مٿرا مان مليو آھي. وسدايو ’ڇھون‘ جنھن جي نياڻي ساساني شھنشاھه ھومزد ’ٻيو‘ (301 - 310ع) ۾ پرڻيو، تنھن جي سڪن تي پھلويءَ ۾ ’شاهه ڪوشان ملڪ‘ يا ’ملڪان ملڪ ڪوشان‘ لکيل آھي. واسديو ’ستين‘ جي حڪومت 346ع تائين به مٿرا تي ھئي، جنھن جي دوستيءَ جو دم ھڻندي، راجا سمندر گپت (335-375ع) اشوڪ واري الھه آباد جي ٿنڀي تي ”شاھِه شِھنشاھي ڪوشان“ لکرائي ڇڏيو.شاپور ’ٻئي‘ جي روم واريءَ جنگ (360ع) ۾ سنڌ جي ھڪڙي بزرگ بادشاھه ’ڪوشان ملڪ‘ (ڪنشڪ؟) جي آزمودي سبب، ايران کي اميڊا (Amida) واري سوڀ سري ھئي. ڪاويه مِمانسه وارو واسديو- ’اديب‘ (شايد واسديو اٺون؟) آخري ڪوشان بادشاھه ھو. مٿين حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو ته عيسوي چوٿين صديءَ جي آخر ۾ ھنن ايراني اقتدار کي قبول ڪيو آھي. پيڪلي (Paikuli) واري ڪتبي ۾ به سنڌ جا ڪوشان توڙي سؤ راشٽر جا اڀير، ايران جي تابع ڏيکاريل آھن، پوين ڪوشاني سِڪن تي پھلوي زبان ۽ ايراني نشان پڻ انھيءَ جو پختو دليل آھن.[5] پنجين صدي عيسويءَ ۾ ته ھتي سنئين سڌي ساساني حڪومت  ثابت  آھي، جنھن  سان  راءِ  گھراڻي وارن (450ع) سرڪشي ڪرڻ شروع ڪئي. راءِ گھراڻو ڇاڪاڻ ته ھن مقالي جي حد کان ٻاھر آھي، تنھنڪري سندس تفصيل ھتي اچي نه سگھندو.

مٿي ٻوڌي زماني جي تاريخ جو فقط اختصار آيو آھي. مگر ڳالھه کي ڳنڍي لاڳيتي بيھارڻ ڪري اھو بيان به ايڏو ٿي ويو آھي، جو خود انھيءَ مذھب جي ارتقائي تاريخ ۽ ان جا علمي ادبي ڪارناما، (جن جو به ڊگھو تفصيل آھي) رڳو سرسريءَ طرح ڳڻي وڃڻ جي به گنجائش باقي نه رھي آھي. تنھنڪري ھتي رڳو تاريخ کي ئي نڀائي وڃي ختم ڪجي ٿو.

پڇاڙيءَ وارا ڪوشان جيڪي اڀرندي سنڌ ۾ ساسانين جي سايي ھيٺ تڳي رھيا ھئا، سي ٻڌ مذھب جي خاموش زندگيءَ ۾ آخر گم ٿي ويا. ايرانين عوامي جذبات جي برخلاف ھتي ٻڌ مذھب سان ڪا ھٿ چراند ڪئي، يا ڪو مجوسي مذھب ماڻھن تي مڙھيو، اھڙو احوال به ڪو نه ٿو ملي. سنڌ ۾ ته ستين صدي عيسويءَ جي راءِ گھراڻي تائين به  ٻڌ مذھب، پنھنجيءَ اصلي حالت (ھِناين متَ) ۾ مڪمل آزادي ماڻي، جيڪا برھمڻ حڪومت اچي ختم ڪئي.

برھمڻ ۽ ڀڪشو: برھمڻي راڄ نازل ٿيڻ ڪري، چچ جي زماني کان، ڪي راجا ڏاھر جي راڄ ۾، سنڌ جا ڪئين ڀڪشو گجرات ڏي ھليا ويا. گجر حاڪمن ھنن جي حوصلي ۽ ايمان جي عزت ڪئي، بلڪه ھمت افزائي ڪئي. شايد اھي به ھِناين فرقي جا حامي ھوندا. سنڌ جا اھي ’سئنڌوڀڪشو‘ پوءِ پرچار ڪندا، پورب پار وڃي پھتا. اتان جي ڪيترن ئي ڀڪشن کي ھنن مھاين مت مان موٽائي، ھِناين فرقي ۾ آندو، جيڪو سندن مڃتا موجب مھاتما وارو مول مذھب ھو. ھنن جي تبليغي ڪارواين اڀرندي ڏي ايڏو ته تحرڪ آندو، جو راجا ڌرمپال (770ع) کي بينگال جي مھاين ماحول ۾ وڳوڙ پوڻ جو انديشو محسوس ٿيو ۽ ھنن کي ھڪالي ڪڍڻ لاءِ تيار ٿيو. پر پنھنجي راڄ گرو ”ٻڌجن پاد“ جي ڏڍ ڏيڻ تي روڪجي ويو.[6]

ھوڏانھن ’پورپي‘ ھندستان (ڀارت) ۾، جتي مھاتما پاڻ سر انسانذات جي بھبوديءَ لاءِ جدوجھد ڪندي ڄمار ڏني، اتي جا برھمڻ پھريائين ته پشيه متر جي اڳواڻيءَ ۾  وري به آدم ذات کان اتانھان ٿي ، پاڻ کي اعليٰ مخلوق مڃائڻ ۾ لڳي ويا پوءِ ته ساڳيا ڪوس، ساڳيا ڪباب (يگيه) وري چالو ڪيائون. ناگرجن نالي ھڪ ھوشيار برھمڻ، جنھن لاءِ مھاتما اڳي ئي چالاڻي وقت چيو ھو ته ’اھو برھمڻ پنج سؤ سالن

کانپوءِ پيدا ٿيندو‘.[7] سو برار مان ئي ٻوڌين جي گيڙو ڪفني ڪري، ڪنشڪ جو اچي نائون ’رتن‘ ٿيو. ۽ بيکو ڪائونسل ۾ ٻارھن سال ڪم ڪيائين. مگر ڪنشڪ کانپوءِ ساڳئي سنگھه سان اختلاف ڪندي نالندا ۾ وڃي ’مھاين‘ فرقو شروع ڪيائين. اتي ٻين استادن (آسنگ، آريه ديو ۽ واسوبندو وغيره) ان کي وڌيڪ پيچيده بنائي يوگ چاريه مت کي ڦھلايو، اڳتي ھلي، پوءِ ته ٻيا به ارڙھن فرقا؛ سر واستي واد ۽ سڪتي واد، ڪلا چڪريانه، سھجيانه، تنتر ۽ ناٿ پنٿ وغيره وجود ۾ آيا ۽ انھن وري علحده فڪر پيدا ڪيا. ’ڪانءَ کي لُڙ ۾ مزو‘ تان جو ڪن منافق برھمڻن به  انهي فرقيبازيءَ مان فائدو وٺي، واماچار ۽ وِڀچار جھڙا بدنام فرقا پڻ انھن ۾ گڏي ڇڏيا.

وري گذريل ھزار سالن ۾، ٻڌ مذھب وارن جيڪو به علمي ۽ ادبي سرمايو سھيڙيو ھو، سو انھيءَ طبقاتي ڇڪتاڻ ھلندي ئي برھمڻن الٽو ڪري، پنھنجو ڪري ورتو. انھيءَ وچ ۾ سناتن ڌرم کي پڻ سڌاري، سنواري ۽ ھموار ڪري، ٻڌ مذھب جي سطح تي آندائون، آخر مھاتما ٻڌ کي به وِشنوءَ جو نائون اوتار مڃي، سندس مورتيءَ کي پڻ ’برھما‘ شِو ۽ ’وشنو‘ وغيره سان گڏو گڏ پوڄيو ويو. اھڙي سوديبازي ڪندي مھاين مت جا به ڪيئين فرقا، برھمڻن پاڻ سان بت پرستيءَ ۾ ملائي وڌا. تنھن ھوندي به ھناين جھڙا ڪي قديم فرقا، جي انھيءَ فريب اندر ڦاسي نه سگھيا، تن سان ھاڻي لِڪي ڇپي منافقي ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت ئي ڪھڙي ھئي. ھاڻي ته گپتا راڄ چالو ٿي چڪو ھو، سو برھمڻن جو وڏپڻو ڀانءِ ته ڪٿي نه چڙھي چڪو ھوندو! اھوئي شودر ڀڪشن کي ذليل ڪرڻ لاءِ بس ھو. اھڙي ”ڪنھن شودر کي اڦٽ ماري وجھڻ بعد، برھمڻن کي ايترو پڇتاءُ ڪرڻو پوندو، جيترو ڪُتي، ٻلي، ڪانؤ، ڪٻر، سانڊي يا ڏيڏر کي مارڻ تي ڪبو آھي“.[8]

سمندر گپت جي واري ۾ ته راڄ رشي، باد رايڻ، ڪميڻي ۽ اتم انسان جي وچ ۾ ويڇي وجھڻ لاءِ، علي الاعلان اپنشد ۽ ڌرم سوتر رچيا. ڪمارل ڀٽ ته ھٿن جون صفايون به ڪري ڏيکاريون. پوءِ وري شنڪر آچاريه جو وارو آيو – ”سندس ويدانيت جي مُک مراد فقط اھا ھئي ته گھٽ ذات وارا وديا نه وٺن چي: شودرن کي پڙھڻ پُرجھڻ ۽ انھيءَ موجب ھلڻ کان سمرتين منع ڪئي آھي. ڪو ويد ٻڌي ته ڪنن ۾ لاک ڀريوس، اھي ڪو اُچاري ته زبان ڪپي ڪڍوس ۽ جي ڪوئي ياد ڪري وٺي ته اڦٽ ماري ڇڏيوس.[9] ٻلي شينھن پڙھايا، ڦِر ٻلي ڪُون کانوڻ آيا! ڌرم رڪش ڀڪشن وري حق جي حفاظت خاطر- ’سچ‘ کي ئي پنھنجو ڏيئو بڻايو، ۽ باطل کي بي بنياد ثابت ڪندي، ڌرمپال ڊيناگ (Dinnag) جھڙن عالمن ’نِياءَ‘ نالي اتر ممانسه (Logic) لکي، ھتي منطق جو بنياد وڌو.

راجا وڪرما جيت جي واري جو ھڪڙو واقعو آھي. جڏھن پنڊتن جو پوريءَ طرح پيٽ ڀريل ھجي.- ”ايوڌيا ۾ انھن، ويدانت جي وسيلي ٻڌ مذھب کي مات ڪرڻ جو منصوبو سٽيو. سانکيه مت جي ماھر، وارشنگنيِه برھمڻن  کي ڀڙڪائي ڪٺو ڪيو. اتان ويدانت مت جو وڏو ودوان، ونڌياواس، وڪرماجيت وٽ وڃي سھڙيو. مھاراجا، انھيءَ مذھبي ملاکڙي جو نه فقط سرڪاري طرح اعلان ڪيو، پر ان جو افتتاح پڻ پاڻ سر ڪيائين. مگر انھيءَ موقعي تي منورٿ ڀڪشو، ڊيناگ ۽ واسو ٻنڌو جھڙا پڙھيل پينار ته پرڏيھن ۾ پرچار پٺيان نڪري ويا ھئا. باقي ٻڌ متر نالي ھڪڙي پيرسن ڳوڀ کي ڪچھريءَ ۾ گھلي آيا. تنھن کي ڀريءَ درٻار ۾ ڀون ڀون ڪري چنبڙي ويا، ۽ پير مرد پينوءَ تي چٿرون ڪري، خوب کڳيون ھنيائون. پوءِ وري وڏي فخر سان انھيءَ کيپ کٽڻ جو پڙھو گھمائڻ لڳا. اھي پچارون آخرڪار ڊيناگ، ڌرم ڪير تي، سنگھه رڪشا ۽ ٻڌ پالت پارن تائين به وڃي پھتيون. واسو ٻنڌو ته اتفاق سان ڪو انھيءَ پير مرد وٽ پڙھيو به ھجي، تنھن برھمڻن جي سانکيه مت (ويدانيت) جا سڀيئي ور وڪڙ سڌا ڪندي، ھڪڙو رسالو ’پرماٿ سپتي‘ نالي سان جوڙي، راجا ڏانھن روانو ڪيو (جيڪو جپان ۽ چين ۾ اڃا به پڙھايو پيو وڃي). وڪرماجيت برھمڻن کي درٻار ۾ گھرائي، رسالو سندن اڳيان رکيو، ته سڀئي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويا. اتي بکياريءَ جي علمي فضيلت، خود بادشاھه جي به دل دماغ مٿان وسي ويئي ۽ يڪدم پنھنجي پٽ جي تعليم خاطر کيس وزيريءَ جو عھدو ۽ ان سان گڏ وڏن وظيفن جي آڇ پڻ موڪليائين. برھمڻن جي برتري اھڙيءَ طرح ھڪڙي پينوءَ اڳيان ڪافور ٿي ويئي.[10] انھيءَ ڪري وڏي ذات وارن جون اھي وڏيون دعوائون، علمي دنيا مان ته اُڏامي ويئون؛ مگر انھن جي سربراھيءَ ۾ سرڪار جو فوجي ڏنڊو سواڃا موجود ھو.

وڪرما جيت جي ئي وقت (400ع) ۾ ’فاھين سياح، به ھتي آيو ھو. ھن ھندن جي ٻڌ مذھب سان ديناداستي دشمني بيان ڪئي آھي. ’برھمڻن ھڪڙي وھار کي ڊاھڻ لاءِ کليو کلايو حملو ڪيو، مگر ڪنھن غيبي ڪرامت جي ڪري ھو ھارائي موٽيا‘. گپتا راڄ ۾  ٻڌ گيا ۽ ڪپل وستوءَ جي تباھي ءَ جو ته ھن اکئين ڏٺو احوال ڏنو آھي.[11] ’ھيون ٽسانگ‘ پڻ ھندن جي ٻڌ مذھب سان ڇِتي دشمني بيان ڪئي آھي. اڀرندي ڏي سَسانِڪ (sasanka 619 – 637A.D) نالي گپتائن جو گورنر، جيڪو ٻڌ مذھب کي ڌڪاريندو ھو، تنھن ته پورب کي پاڪ رکڻ لاءِ گھٽايوئي ڪين. ٻڌ گيا ھن مان ٻوڌي گيان وارو وڻ ئي وڍائي ڦٽو ڪيو.[12]

گپتائن کانپوءِ ورمن گھراڻي جي اينديئي ٻوڌين لاءِ قيامت اچي ويئي.[13] ڪٽر برھمڻن جو بغض ھاڻي چوٽ چڙھي چڪو ھو. مگر ٻڌ مذھب ۾ به سھڻ جي طاقت ڪا ڪمال درجي تي پھتل ھئي. اھي ايذاءَ ۽ عقوبتون ته ڄڻ ڪو سندن ئي ورثو ھو. (ٻڌو جو ٿيا!) سندن اھڙي صبر مان ڪڪ ٿي، نيٺ سينا گھراڻي وارن، ڀڪشن جي برخلاف جلاوطنيءَ جا فرمان ڪڍي، وھارن تي ڏياري موڪليا. ھن گھراڻي جو راجا ولال سين ھڪڙو ڇتو برھمڻ ھو، جنھن ٻڌ مذھب جو  مڪمل خاتمو ڪري، ڏاڍن ۽ ھيڻن کي درجيوار وراھي، مڙني ماڻھن جا ساڳيا چار طبقا مقرر ڪري ڇڏيا.[14] ٻوڌي وھار ھن ئي گھراڻي وارن خالي ڪرائي، انھن کي ھندو ٽڪاڻن ۾ تبديل ڪرڻ شروع ڪيو. انھيءَ جو ھڪڙو مثال گوڪل ميڌ وارو ٽڪاڻو به آھي، جنھن مان ٻڌ مذھب جا مڙئي پاڪ اھڃاڻ مٽائي، انھن جي عيوض شِو جو لنگ رکيو ويو.[15] اھڙا ڪيئين ٻيا وھار به ويران ۽ اُجڙ ڪيا ويا. تان جو جڏھن اختيار الدين محمد بن بختيار الدين (خلجي) اتي پھتو، تڏھن سڀ وھار ويران ۽ سڃا وڃي ڏٺائين، جن ۾ ڪوئي ڀڪشو ڪونه ھو.

برھمڻن ته ڀلا کڻي پنھنجا اھي لائق به ڪيا، مگر ٻڌ مذھب کي درحقيقت ھن کانپوءِ جيئڻ جو (ڄڻ ته) حڪم ئي نه ھو. ’پنجن صدين کانپوءِ ان ۾ فتور اچڻو ھو ۽ ھڪ ھزار سالن تي ان جي حد ٿيڻي ھئي‘، اھي ڳالھيون آنند جي اڳيان مھاتما ٻُڌَ خود پنھنجيءَ ماتا کي به ٻڌايون ھيون. -”ھن کانپوءِ اڃا به ٻيو ڪو وڏو ٻڌ، اچڻو آھي. سڀني جو عزيز (متر)، جيڪو ساري انسانذات جي يڪي برادري قائم ڪري، ’سلامتيءَ‘ جو دؤر شروع ڪندو، اھو مستقبل وارو ٻڌ، ڪو ھندستان جو ڪونه ھوندو. اھو ته ’الھندي‘ مان ئي اٿندو“.[16] ھيءَ جدا ڳالھه آھي ته ٻڌ مذھب، جو مُدي خارج ٿيڻ کانپوءِ به  جپان  کان  جاوا تائين اڃا جيئرو آھي، پر اھو ائين آھي جو ’نانگ وڃي نڪري ته ليڪو پيو ڪُٽجي‘ خير، ٻڌ مذھب کي اتي ڇڏي، ھاڻي انھيءَ زماني جي شاعريءَ تي اچون ٿا.

(ب) پراڪرتي شاعريءَ جي شروعات.

ھن سلسلي جي گذريل ٻنھي مضمونن ۾، علمي دليلن ۽ ثابتين، حوالن ۽ حجتن سان ’ڳائڻ‘ کي شاعريءَ جو اصلي سرچشمو ثابت ڪندي؛ انھيءَ جو آغاز بلڪل ئي اوائلي انسانن جي شروعاتي آواز سان ڪيو ويو آھي.

انھيءَ متعلق الَفريڊ آئن اسٽائن (Alfred Einstein) جي به اھا ساڳي دعوا آھي، ته ”تاريخ جي تمام ڪنھن اونداھي قدامت ۾ ’ڳائڻ‘ جي جيڪا پھرين شروعات ٿي آھي، اھا ٻوليءَ جي شروعات کان به تمام گھڻو اڳي چالو ٿي چڪي ھئي. انساني زندگيءَ جي ابتدا ۾ اھو ڳائڻ توڙي ڳالھائڻ ٻيئي ڪافي عرصي تائين بلڪل ئي ساڳي ڳالھه رھندا پئي آيا. اوائلي انسانن گھڻو وقت پوءِ پڻ، سواءِ ڪنھن امتياز جي، انھن ٻنھي کي ھڪٻئي ۾ منڌل ئي پئي رکيو آھي“.[17] قديم قومن کي اگرچ آوازن ۽ اچارن جي ھڪٻئي سان نسبت ۽ انھن جي پاڻ ۾ توازن بابت توڙي ڪابه تميز ڪانه ھئي، تڏھن به ھو ھيٺ يا مٿي ڪنھن به سُر سان ڪونه ڪو اکر چنبڙائي، ان کي اَلاپيندا ۽ لوَندا رھندا ھئا. اھو ئي سندن اوائلي ’ڳِيو‘ (ڳيچ) ھو، ۽ شروعاتي شاعري به“.[18]

انھيءَ حالت ۾ اھي ڇڙھا آواز ڄڻ ته ڀت ۾ لڳل ڪي ڪليون ھيون، جن جي مٿان اُھي اکر اٽڪائيندا ۽ لٽڪائيندا، جڙيندا ۽ مڙھيندا پئي آيا. اھڙيءَ طرح اھي اکر ۽ اُچار، آوازن ۾ اُڻيندي ۽ مڙھيندي، ڪن ڪسابن کانپوءِ وڃي ڪو اوائلي ”هڪ لفظو“ ڳيچ (ڳيت) بڻيو. پوءِ ايامن تائين اھڙا اڪيلا ۽ انفرادي الفاظ ڳائيندي ۽ ورجائيندي، اھي پاڻ ۾  ملائيندي ۽ مَٽائيندي؛ آخرڪار پوري ڪَلِي يا تُڪ بڻجي تيار ٿي ۽ ڳائجڻ لڳي. مطلب ته انھيءَ ڊگھي عرصي اندر، اھڙن طويل تجربن مان ترتيب وٺي، آخر ڪي سُريلا ۽ ڇوٽڙا فقرا وجود ۾ آيا؛ جن کي قديم شاعريءَ جي شروعاتي شڪل سمجھڻ کپي.

اسين اڄ ڪلھه ادبي ڪتابن اندر: ڪبير شاھه جا ڪوھن ۾ پکڙيل ڊگھا بيت، محمود کٽياڻ واريون ساوڻي درياھه يا ڌڌڪا ڏيندڙ ۽ سامونڊي وير وانگيان اُٿلي وھندڙ وسيع ڪافيون، توڙي مخدوم گرھوڙيءَ جون طويل ۽ اڻ کٽندڙ مداحون پڙھي؛ اڪثر ائين ڀائيندا آھيون ته اصلي شاعري ته ڪا آھيئي اھا، جيڪا ھن کوٽي زماني ۾ پاڻ کُٽندي ۽ مختصر ٿيندي پيئي وڃي، جيئن يونيورسٽي ماڊل اسڪول جا ٻار سمجھندا آھن ته: ھيءَ تنبوءَ جھڙو بڙ جو وڻ جيڪو يونيورسٽيءَ جو سارو اڱڻ ڍڪيو بيٺو آھي، اھو اول کان ئي ڪو ايڏو ھوندو؛ ۽ ھاڻي ته پاڻ ويچارو پن ڇاڻيندو، ھلڪو ٿيندو ۽ سُسندو پيو وڃي. پر جيئن اسين سڀيئي ڄاڻون ٿا ته انھيءَ جي اصلي حقيقت ته ماڳھين ٻيءَ طرح آھي. نباتات جو طالب (Botanist) ته انھيءَ جي ارتقائي تاريخ ته ھيئن ٻڌائيندو: ھاڻوڪو ھيڏو سارو بڙ، پھريائين ته سڄو ئي ھڪڙي اڻ لکي داڻي (ٻج) اندر بند ٿيل ھو. انھيءَ مان اول وار وانگر تند جھڙو سنھڙو سلو ڦٽي نڪتو؛ جيڪو واڌ کائيندو، پريندي ھڪ پنو، ٻه- پنو، پوءِ ننڍڙو ٻوٽو…آخرڪار، ڪن ايامن کانپوءِ وڃي اھو شاھي درخت بڻيو آھي، بلڪل انھيءَ ساڳي تمثيل مان ئي شاعريءَ جي شروعات ۽ ان جي ارتقائي تاريخ کي سمجھي سگھجي ٿو.

انڊو- پاڪستان جي پراچين اِتھاس (تاريخ) ۾، ھند- سنڌ جي سڀني ڪھنين قومن مان، دکن ديس جي دراوڙ لوڪن کي ئي ھتي جي قديم ترين قوم قرار ڏنو ويو آھي. اهي اڃا تائين به پنھنجين پراچين (پراڻين) پوڄائن ۾ پھريائين ته رڳو ڊگھا آواز اَلاپيندا  ۽ سکڻا سُر ئي ڳائيندا رھندا آھن. تمام گھڻيءَ دير کانپوءِ وڃي ڪو انھن سان گڏ ڪي اکر به اچارڻ چالو ڪندا آھن.[19] اھي اوائل ۾ جيڪي ڊگھا سر ڪڍن يعني ڳيچ جي آستائي شروع ڪن، ان کي پَلوِي، ڪوٺين؛ ۽ انھن سان گڏ جڏھن ڪي اکر اچارڻ ۽ جھونگارڻ چالو ڪن ته ان کي وري آنُو پلوي، چون. سندن ٻوليءَ ۾ پَلوِي لفظ جي معنيٰ ئي ’تُخم‘ يا ٻج آھي ۽ انُو پَلوِيءَ جو مطلب وري انھيءَ ٻج مان ڦٽي نڪتل سَلو يا انگور آھي. اھا تحقيقات  ڊاڪٽر فاڪس اسٽرانگويز (Dr: Fox Strongways)  ڪئي آھي. پاڻ به پلويءَ کي تخم(Germ) مڃيو اٿس ۽ انو پلويءَ کي ان جو سَلو (Stem or spout) سڏيو اٿس.[20]

اھي انوپلويءَ يا پلويءَ (ھڪ پَنِي ۽ ٻِه پنيءَ) جھڙا ڪي تز مثال ته سنڌيءَ ۾ شايد ئي باقي  رھيا  ھجن. اسان  وٽ پراڻي کان پراڻا ھلندڙ ڳيت يا ’ڳائڻ‘ (Singings) اھي ئي آھن، جيڪي وھانؤ شاديءَ تي مايون ڳائينديون اچن ٿيون. انھيءَ ’ڳائڻ‘ ۾ به ابتدائي آستائي کانپوءِ، اول جيڪا اوچي تُڪ کڻن، تنھن کي ڪَلِي، ڪوٺين، ۽ انھيءَ ڪليءَ جي معنيٰ پڻ ساڳي (مٿين وانگر) مُکڙي يا گؤنچ (Bud or spout) آھي. ھتي اھڙي شاعريءَ کي ئي ’پراڪرتي‘ (اصلي، فطري ۽ بنيادي) شاعري سڏيو ويو آھي، جنھن جي شروعات ھن سلسلي جي پھرينءَ قسط ۾ پراڻي پٿر واري دؤر کان ڪئي ويئي آھي.

اڳوڻين ٻنھي قسطن جو غور سان مطالعو ڪرڻ مان ھيءُ امڪان واجبي نظر ايندو ته: پٿر واري زماني جي پراڪرتي (فطري) شجر مان شجرو ڇڪي، بنيادي شاعريءَ کي روايتي شاعريءَ سان آڻي ملائڻ ڪا اڻ ٿيڻي ڳالھه نه ٿيندي؛ پر جيڪڏھن رڳو مروج شاعريءَ جي شاھي شجر کي انھيءَ قديم ڪَليءَ مان ڪڍڻ، يا اڃا به ان کان اڳ جي ڪنھن انفرادي ۽ بي معنيٰ مفظ (انو پلوي) کي ئي ان جو اصلي انگور يا مکڙي مڃڻ، اسان کي فقط برداشت به ٿي سگھي.

پٿر ۽ ان جي اوزارن کي اڃا سوڌو استعمال ڪرڻ به ته اسين قطعي طور تي قطع ڪونه ڪري چڪا آھيون، جنڊ، روھيون، کرل، برنيون، ڪُرنڊ، ڪونڊا، اُکريون، عقيق ۽ ٻيا مڻيا موتي اڄ به ته عام جام ورتا پيا وڃن.! انھيءَ ساڳي ابدي پٿر جھڙائي ڪي ڪھنا ۽ بيجان الفاظ پڻ اڃا تائين ڳائبا پيا اچن! انھيءَ جو ھڪڙو مثال تِيرَوت، (Tirvat) به آھي. ھيءَ تمام قديم زماني وارين انھن ابتدائي لاتين جو ھڪڙو يادگار رھجي ويو آھي، جن ۾ ڪوئي با معنيٰ لفظ اڃا داخل ئي نه ٿي سگھيو ھو؛ تنھنڪري رڳو سريلا اکر ئي الاپيندا ھئا. اھا ريت چالو رکندي اڄ تائين به انھيءَ ۾ فقط بي معنيٰ ڇڙھا الفاظ ڳائبا پيا اچن. جيئن ته: جُھم، تُم، ڌَن، ڌِن، ڌي… تي، ڪِي وغيره. اھي رڳو علتي اُچار آھن، انھيءَ ڪري پوءِ جي زماني ۾ مُني ڀرت انھيءَ جو نالو نِرڳيتا سنگيت، (بي مقصد غنان) تجويز ڪيو آھي.[21]

تروٽ جھڙو ٻيو به ھڪڙو پراڻو پراڪرتي ڳيت ”پرٻنڌ“ پڻ آھي. جيڪو جاتِي ڳيچن مان جڙيو يا انھن سان گڏ اسريو، مگر ھيءُ ھڪڙو ڪھنو ڳِيو ھوندو ھو. اڳئين ڀيري به ان جو فقط نالو ڳڻايو ويو آھي. انھيءَ جي پوري پچار ۽ ان تي آچار ويچار ته اڃا به اڳتي ايندو، پر ھتي موقعي جي مناسبت سان انھيءَ جي ابتدا ڏي اشارو ڪرڻو پوي ٿو. پرٻنڌ جي پيدا ٿيڻ، سرجڻ ۽ ان جي انگورجڻ جو احوال ھيئن آيو آھي.”انڊو- پاڪستاني ڳيو (Singing) بلڪل ئي اوائلي تنوارن ۽ جھونگارن مان اسري ڪري ترقيءَ جي مختلف مرحلن ۽ منزلن مان گذرندو آيو آھي. جدا جدا حالتن مان لنگھندي مختلف صورتون مٽائيندي آخرڪار اچي پرٻنڌ جي شڪل ۾ پڌرو ٿيو“.[22]”پرٻنڌ گيت جو پراڻي ۾ پراڻو نمونوسُريته يا سُورَٿ (Swarath) سڏبو ھو. ان جي اصلي خاڪي ۾ الفاط ھوندا ئي ڪونه ھئا، تنھنڪري خالي آواز ھيٺ مٿي ڪري آلاپيا ويندا ھئا. (جيئن ھاڻوڪي سرگم جي آلاپ ۾ ڪندا آھن). پوءِ ان جي ارتقائي دؤر اندر، منجھس ڪي فالتو اچار به آندا ويا.“[23] اُچارن جي وستار يعني اکرن کي جزياتي تفصيل سان تنوارڻ ۽ جھونگارڻ مان اول آزاد نموني جو آلاپ بڻيو. انھيءَ مان اِسٿايه (Sthaya) يعني سرائتا الفاظ ۽ غنائي ٻول ٻَجھندا ويا، تان جو آخر ۾ ازخود پرٻنڌ جي پوريءَ تڪ جي ترتيب ٿي وئي“.[24] اُنھيءَ اوائلي تڪ کي اسٿايه، يا، ٿايه (sthaya or thaya) چيو ويو. اسٿايه اصل ۾ پرٻنڌ جو ھڪڙو بنيادي ٻول يا غنائي فقرو ھو، اسان جي ڳيت جي اوائلي شڪل اھائي ھئي.“[25] اھي پرٻنڌ اسلامي حڪومتن جي اچڻ وقت عام ھئا. پرٻنڌ کي پوءِ سازيندي جي محاوري ۾ گت چيو ويو، جيڪو گيت مان گسي وڃي گت بيٺو آھي ۽ ھاڻي انھيءَ جي معنيٰ سُروُد، لئي يا ترنم (Rhythm) آھي.[26] اهي ڳالھيون اڳ ۾ به گھڻي تفصيل سان اچي چڪيون آھن، تنھنڪري تاريخ کي اتان اڳڀرو ڌڪيندي پوين پراڪرتي ڳيچن جي پچار ڪجي ٿي.

انڊو پاڪستاني ڳيتن جي تاريخ، قديم زماني کان وٺي ويندي ڪنھن قريبي زماني تائين به، پراڪرتي (Indigenous) سنگيت ۽ عوامي روايتن جي گڏيل اوسر پئي رھندي آئي آھي. انھن جي مسلسل تعمير ۾ قديم رھاڪن توڙي پوءِ جي ٻاھران آيل ڪيترين ئي مختلف قومن جي ڀانت ڀانت جي نغمن جي  آميزش  ٿيل  آھي.“[27] ”ڌرمي  پوڄائن توڙي سِڪشائن جي ڌيان سان چڪاس ڪندي ئي، اڻپڇيو انھيءَ نتيجي تي اچڻو پوي ٿو ته: انڊو- پاڪستاني ڳيتن جي پيڙھه، انھن جي اوسر ۽ ارتقا، اصل ۾ ڪن ريتن رسمن جي ادائگيءَ مان ٿي آھي.[28] مثلاً، ھيءَ ھڪڙي عام حقيقت آھي ته سانوڻ جي مند کي، آبادگار لوڪن جي جياپي خاطر ۽ مال وارن جي گذران سبب، تمام  اعليٰ اھميت حاصل آھي. مينھن جي آجيان ۽ استقبال ۾ جشن ملھائڻ جو رواج بلڪل ئي پراڻو ۽ عام آھي. اڄ تائين به انڊو- پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ مڙني مالوند ماڻھن ۽ ھارين جون زالون، ڄيٺ آکاڙ ۾، مينھن وسائڻ متعلق مخصوص نموني جا لوڪ ڳيچ ڳائينديون رھنديون آھن.[29] ڊاڪٽر بيرائيڊيل ڪيٿ، سنسڪرت سانگ، جي سمجھاڻي ڏيندي لکيو آھي ته: مھاوت ۾ سندن مال جي چاري ۽ پوکن جي سڌاري لاءِ، ڪي ڪماريون (جوان ڇوڪريون) مينھن جو ساٺ (حيلو) ڪندي، باھه جي چوڌاري نچنديون ۽ ڳائينديون رھنديون ھيون.[30] اھو ناچ نه فقط ڪي ڪنئاريون ڌرمي پوڄائن ۾ ڪنديون ھيون؛ پر سماجي رسمن ۾ ته سھاڳڻيون ۽ ڪي اڌڙوت ڪراڙيون به ڪنھن جي جھلڻ جون ئي ڪين ھيون. شادي وھانءَ جھڙن موقعن تي ته سڀني ساٺن سؤڻن ۾ سھاڳڻين جو ناچ ھلندو ئي رھندو ھو، تنھن سان گڏ وري تاڙيءَ جي وڄت سان ڳائڻ به لاڳيتو ئي لڳو ايندو ھو. اھي احوال سانکيه گرھيه سوترن مان ملن ٿا.[31] اھڙيءَ طرح ڌرمي يگيه ۾ جڏھن پروھت ۽ سندس پوئِلڳ، ڳاھُن ڳائڻ لاءِ ھڪٻئي کان وارو وٺندا ۽ ڏيندا رھندا ھئا، تڏھن سندن زالون وري وڄت واري ناچ ۾ مست ھونديون ھيون، يگيه ختم ٿيندو ڏسي، پوءِ ته سڀئي انھيءَ جھمر ۾ ڪاھي پوندا ھئا ۽ پنَبيون ھڻندي يگيه ختم ٿيندو ھو.[32]

اھڙي نموني جا ناچ ڳيت (Ballads) بيان ڪندي، اڳئين ڀيري به انھيءَ ڳالھه ڏي خاص طرح توجھه ڇڪايو ويو آھي ته اھا جھمر، قديم شاعري (پراچين ڳيچن) جو نه فقط لازمي جز ھئي؛ پر اصل ۾ ان جي ڄڻيندڙ ۽ نپائيندڙ ئي اھا جھمر (ڇيڄ)آھي، قديم رقص جي بنياد تي، اوائلي ڳيت جو ڍانچو ڪھڙيءَ طرح بيھاريو ويو، اھا ڳالھه اڳ۾ ئي سمجھائي آيا آھيون، ان تي وڌيڪ ويچار ڪنھن مناسب موقعي سارو اڳتي ايندو. انھيءَ پراڻي ناچ جي پڙ ناني بھرحال اھا پُتلي (dancer) سمجھڻ گھرجي، جيڪا موھن جي دڙي مان ملي آھي.

سنسڪرت جو تعلق: قديم ڳيچن جا اھي آڳاٽا آثار ۽ اھڃاڻ جيئن ته (سنسڪرت وارن) ويد گرنٿن مان به ورتل آھن، تنھن مان اھا غلطفھمي نه ڦھلجڻ کپي ته ڪو آريه لوڪ به اصلي رھاڪن جي ڀيٽ ۾ سندن سنسڪرت ڪاويه کي ساڳيءَ سطح تي آڻڻ ۾ سوڀارا ٿيا ھوندا.- ” آريائي ڳيتن جي ادبي  ۽ تھذيبي اوسر ۾ جيڪي به نيون نيون ڳالھيون پيدا ٿينديون پئي رھيون، اھي ڪي آرين جون پنھنجون ايجادون ڪين ھيون، انھن ۾ به اڻ ارين جو ھٿ ھميشه ئي رھندو پئي آيو، آريه لوڪ انھيءَ ڪري اڻ آرين جا ڪمالات حاصل ڪرڻ لاءِ سدائين سندن محتاج رھندا پئي آيا“ [33]”. آڳاٽن ويد شاسترن جيڪا تھذيب ۽ تمدن جي عاليشان تصوير پيش ڪئي آھي، سا غير آريائي قومن جي ئي علوم ۽ فنون، توڙي تمدن ۽ ثقافت جو عڪس آھي؛ جيڪي ھن ملڪ جا اصلي رھاڪو ھئا. آريه لوڪن کي ساڻن اھڙي ثقافتي ۽ تھذيبي ڳنڍ جوڙ ڪرڻ ۾ به تمام ڪافي عرصو لڳي ويو، اھڙو سلسلو ويدڪ لٽريچر جي توڙ تائين ھلندو آيو. جنھن ۾ اھا اصلوڪي اتم سڀيتا (پراڪرتي) وري وري پئي اٿل پٿل ھيٺ آئي آھي، تنھن ۾ اھا ڊھندي ۽ ٺھندي، نئين سر اسرندي ۽ اڀرندي پئي رھي آھي“[34] اھڙي اٿل پٿل ۽  ڊاھه ٺاھه مان ھٿئون ھڪڙو اھڙو اگرو نتيجو نڪرڻ لڳو؛ جو ويد گرنٿ جيڪي عيسوي سن کان پنج ڇھه صديون اڳيئي لکجڻ چالو ٿيا ھئا، سي انھيءَ جي رد عمل ۾ پوءِ سُٽ جي منڌل ڦوري وانگر اھڙي طرح سان ڳانڍوڙجي وچڙجي ويا؛ جو آخرڪار اھي گمراھيءَ جو ھڪڙو گورک ڌنڌو بڻجي پيا. خود ھندو ڌرم اندر به، انھيءَ زماني ۾ ئي، چار واڪ (Charvak) جھڙا ڪي سياڻا ۽ سنجيدا ماڻھو اکيون پٽي اٿيا. چي: ويدن جي ٻولي سنسڪرت (Gibberish) ۽ انھن جو مضمون سواءِ بڪواس جي ٻيو ڪجھه به نه آھي.[35]

-”ويدن جو بنيادي مواد توڙي مضمون اوائل ۾ ته رڳو انھيءَ ڪري اٿلائي پٿلائي اوندو ابتو ڪري بيھاريو ويندو ھو، جو انھن جي اصلي متن ۽ محاوري ۾ موسيقيءَ جي مزاج توڙي ڳيچ جي انداز جي ڪابه مناسبت ڪانه ھوندي ھئي. پر پوءِ جي پنڊتن جي اھا ماڳھين عادت بڻجي پيئي“.[36] انھيءَ عادت سبب، ويدي سنسڪرت جي اھڙيءَ آپگھات واري (خودڪار) نيتيءَ، نيٺ سندس انت ئي آندو ۽ پوءِ اھا رڳو ڌرمي پروھتن جي ھڪڙي مخصوص ۽ تنگ دائري اندر محدود رھندي، آخرڪار ٻوساٽجي ۽ گھٽجي مري ويئي. جيتوڻيڪ انھيءَ کي پوءِ فرعون جي مڙھه (Mummy) وانگر سانڍڻ ۽ سانڀڻ ۾ پنڊت پڇاڙيءَ تائين به لڳا ئي رھيا آھن. جيئن اڳتي نظر ايندو.


[1] Ibid: PP. 142-143.

[2] Dr: Nalinaksha Dutt: Age of Imperial Unity P. 384.

[3] G.W. Cock: Greeks in India P. 168.

[4] Dr. D.C Circar: Imperial Unity P. 147.

*  اصل ۾ اھو نالو، موهن جي دڙي واري ’ديوڪيءَ پٿر ديوتا جو آھي، جنھن آريه اڳواڻ اندر جي اچڻ تي ھن جو مقابلو ڪيو ھو. ڏسو ”آريائي شاعريءَ جي شروعات“ مھراڻ 1967ع جو ٻيو نمبر ص 98.

*  وساکدت جي تاريخي ڊرامي ديوي چندر گپتا موجب: سمندر گمت جي پٽ رام گپت (375- 380ع) پنھنجي پَٽ راڻي ڌروا ديوي، سنڌ جي ساڪا (؟) بادشاھه جي حوالي ڪري، ساڻس صلح ڪيو ھو. (ڪلاسيڪل ص 17)

[5] Dr: D.C. Sircar: Unity P. 151-152 (Later Kushons).

*  راءِ گھراڻي وارن کي جو ڪن ليکڪن، ٻڌ مذھب جي مخالف ھوڻ لوڪن سان وڃي ڳنڍيو آھي، سان قوم ئي پوءِ جي آھي. ھوڻن جو مھندار تُور ماڻ (502- 520ع) پھريون ئي شخص آھي. جيڪو انڊو -  پاڪ ۾ داخل ٿيو. سندس پٽ مھر گل جي مرڻ (542ع) بعد، ساسانين سندن صفائي ڪري ڇڏي ۽ رھيا کھيا وري راجپوتن ۾ گم ٿي ويا. راءِ گھراڻي جي حڪومت ھن کان ھڪ صدي اڳي 450ع ۾ چالو ٿي چڪي ھئي. سنه 495ع کان ته راءِ گھراڻي جي تاريخ لاڳيتي ھلي ٿي، اھي پاڻ ٻڌ مذھب جا پڪا پابند ھئا.

[6] Dr: Nalinaksha Dutt: History and culture of Indian people. Vol: IV “The Age of Imperial Kanauj” (Edited by Dr: R. C. Majundar. Bombay. 1955) P.272.

[7] Dr: R. K. Mookerji: Imperial Unity. P. 544.

[8] Dr: R. K. Mookerjy: Imperial Unity. P. 544.

[9]  ڌرمانند ڪؤممبي: ٻڌڀڳوان ص ص 90، 92 ۽ 39.

[10] Dr: Nalinaksha Dutt: History and Culture of Indian People Vol: III “The Classical Age” (Edited by: R.C Majumdar. Bomboy . 1954) P.379.

[11] Buddhism in Pakistan “Pakistan Publication” Karachi 1963. P. 29.

[12] Ibid: P. 22.

[13] Ibid: P. 59.

[14] Ibid: P. 59.

[15] Ibid: P. 72.

[16] G.W. Cock: Greeks in India. P. 57.

* ان پيشنگوئيءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪندي، اڳتي هلي، سڀني مذهب وارن ’وڏو ٻُڌ‘ مقرر ڪيو آهي. ’سلامتيءَ وارو مِتر‘ ۽ ’وڏو ٻُڌ‘ جي رعايت سان، ٿياسوفيڪل تحريڪ وارن ۽ ٻين مسلمان عالمن، ’سلامتيءَ وارو متر‘ ”پيغمبر اسلام“ مقرر ڪيو. ”اسلام“ جي معنيٰ ۾ ئي آهي ”سلامتي“ ان طرح ’متر‘ جو ترجمو ’عزيز‘ آهي، جو قرآن شريف ۾ رسول ڪريم کي ’عزيز‘ چيو ويو آهي. ان طرح ’وڏو ٻُڌ‘ مان مطلب ”سيّد المرسلين‘ (پيغمبرن يعني ٻُڌن جو سردار) ورتو ويو آهي، جو پيشنگوئيءَ موجب ڀارت جي اولهه ۾ مبعوث ٿيو. ان سلسلي تي عيسائين، حضرت عيسيٰ عليه السلام کي پيش ڪندي، حجت اٿاري هئي، جا سڀني مذهبي عالمن جي تحقيق ۽ باهمي اتفاق جي سامهون سَٽ جهلي نه سگهي. چنانچه ’ٻُڌ“ جي مشهور سوانح نگارن، ’وڏو ٻُڌ‘ ۽ ’متر‘، نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کي تسليم ڪيو آهي. _غ . م . گ

*  سه ماھي مھراڻ 1967ع جو نمبر 1 ۽ 2.

[17] Swami Prajnananand: Historical Development of Indian Music (1960) Pooran Press Culcutta -4 P. 42.

[18] Ibid P.44.

[19] Prajna: Historical : P. 385.

[20] Ibid. P. 176.

[21] Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Music (1961) Asia Publishing House, Bombay I P. 137.

[22] Ibid P. 122.

[23] Ibid. P114.

[24] Pranjnananand: Historical Development of Indian Music. (Preface) P. IX.

[25] Parj: (Preface) PP. XI & XII.

[26] Prof: O Gosvami: Story of Indian Music  P. 113.

[27] Ibid. P. 69.

[28] Prajnana: Historical Development: P. 372.

[29] Gosvami: The Story: P.83.

[30] Prajnana: Historical Development: P. 372.

[31] Ibid. P. 372.

[32] Ibid. P. 372.

[33] Gosvami: Story. P. 11.

[34] Ibid P. 12.

*  تلڪ مھراج، اتي فقط ھڪ ٽٻڪو وڌائي انھيءَ کي پنج ڇھ ھزار سال بڻايو آھي.

[35] Prof: Bhatacharjee. The Age of Impeil Unity P.478.

[36] Gosvami: Story. P. 17.

*  سڄي انڊ – پاڪستان مان سنسڪرت جا فقط ھڪ ڊزن ڪتبا به ملي نه سگھيا آھن؛ پر، پراڪت جا پورا پندرھن سؤ ڪتبا ته ھاڻي تائين ملي چڪا آھن. (امپريل يونٽي 284)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com