سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع

مضمون

صفحو :10

اڳيون مقالو، جيڪو سڄو ئي، ’آريائي شاعري‘ ۽ سنسڪرت ساھتيه لاء مخصوص ڪيو ويو ھو، تنھن جي شروعات ويدن جي منڍ کان ئي مھند ڪيل آھي. انھيءَ مضمون کي ڌڪيندي ڇڪيندي، عيسوي اٺين نائين صديءَ سوڌو به آندو ويو آھي. پر پوءِ معلوم ٿيو ته خود ويدن جا جي اٺاويھه وڏا وياس (مرتب) ٻڌجن پيا، تن سان ساينه جو نالو  به  آيو آهي، تنهن پڻ ويدن کي ترتيب ڏني آهي.، انگريز لوڪن اڪثر انهيءَ جا ئي ويد مڪمل مڃي، ترجمي لاءِ چونڊيا آهن. رگ ويد ۾ هن تي هڪڙو نوٽ لکيل آهي. __ ”ساينه، سنه 1331ع کان وٺي، سندس مرتيو 1386ع تائين، شر نگريءَ جي مڙهي ۾ مک برهمڻ هوندو هو. برنيل صاحب هن ساڳئي ساينه جو ٻيو نالو ’ماڌو برهمڻ‘ به معلوم ڪيو آهي.“ انهيءَ اشاري مان اهو انومان ٿو نڪري ته عيسوي چوڏهين صديءَ تائين به ويدن جي آخري سٽاء ٿيل ڪا نه هئي!

ويدن جي پويان وري ’برهمڻ گرنٿ‘ ملايل آهن، انهن ۾ آرڻيڪ ۽ اُپنشد آندل آهن. سي ڪهڙي سبب ملايا ويا؟ چارواڪ جهڙا حريف ته منڍ کان ئي موجود هئا، تن چئي ڏنو ته: ويدن جا رچيندڙ چالباز، ڀنڊ ۽ حرام کائڪ (Hypocrites, Cheats and Flesh-eaters…) آهن، جن جو مقصد آهي ڍور ڍڳا ۽ گهوڙا وغيره ڪُهي کائڻ. تنهن بعد ڪيسڪمبل جي هيءَ ڏيڍ تُڪ به پڙهي ڏسو، ”اگنشوم! يگي ۾ ڪُٺل ڍور، جي سرڳ (بهشت) ۾ وڃي سگهي ٿو ته پنهنجي پوڙهي پيءَ کي ڇو نٿو يگيه ۾ ڪُهي موڪلين؟“ مطلب ته هندو سماج ۾ ئي ايڏي هلچل هلي ويئي، جو سمجهو ماڻهن ويدن جي کٽراڳ کي ئي ختم ڪرڻ چاهيو. ڪارڪا سانکيه فلاسافيءَ موجب پڻ ٻين ڏٺل وائٺل اُپاون (اٽڪلن) وانگر ئي ويدن جو اُپاءُ به فضول آهي. ڇو ته اهي آشُڌي،. تباهيءَ ۽ وڌاءَ سان ڀريا پيا آھن. اھڙن فيلسوف شاعرن جي جواب ۾ ئي برھمڻن جا اپنشد ۽ ويدانيت وجود ۾ آيا.

برھمڻ شاسترن جو زمانو به عيسويءَ سورھين صديءَ سوڌو معلوم ٿئي ٿو. ڇو ته اڪبر بادشاھ جي زماني جي لکيل الوپنشد سو به اپنشد ۾ شامل آھي.پر، پنڊتن جون پوءِ به اھڙيون ڪيئين ڪوششون مٿي بتايل گٿيءَ کي سلجھائڻ ۾ ئي صرف ٿينديون آيون. مھاتما ٻڌ اھڙن ئي سببن ڪري، سنسڪرت جي جھنجھٽ کان پريندي ئي پري رھيو.

ٻڌ پرچار جي نوعيت: عام خلق جي ڀلائيءَ خاطر، ڀاڳونت ٻڌ پنھنجو پر ٻوڌ ۽ پرچار به پراڪرت يعني فطري محاوري ۽ عوامي زبان (لوڪ ڀاشا) ۾ چالو ڪيو. انھيءَ لاءِ ته عوام ان کي آسانيءَ سان سمجھي سگھن ۽ ساري انسانذات جو ڇيھو کٽيو به سندن سمجھه ۾ سولائيءَ سان اچي سگھي. مھاتما جي زماني ۾ لکت جو ابتدائي ھنر اڃا فقط چند برھمڻن جي ئي چنبي ھيٺ سوگھو ھو، جيڪي ان کي اباڻو ورثو بنائڻ لاءِ مٿس نانگ وارو پھرو ڏيئي رھيا ھئا. راجا ھجي توڙي راجڪمار، لکڻ پڙھڻ کي رڳو ھٿ به لائي ڏسي، عوام جي ته اتي مجال ئي ڇاھي! مھاتما ٻڌ پاڻ به جيئن ته انھن کتري ڪمارن مان ھو، جن جي نصاب ۾ فقط خونريزيءَ جي تعليم ئي لازمي ڪيل ھئي؛ سو ويچارو انھيءَ وديا چڪر کان ته ڪوروئي ڪورو ھو، پڙھيل پنڊتن مان به پوءِ مھاڪيشپ، مھاڪچيان، ڪوڻڊنيه ۽ ساريپت جھڙا ڪي ٿورا سڄاڻ برھمڻ خدائي نسل کي ڇڏي اچي عام انساني برادريءَ ۾ داخل ٿيا ھئا. باقي ڀڪشن مان به گھڻو ڪري سڀني جو ساڳيو مھاتما وارو ئي حال ھو، تنھنڪري پاڻ تبليغ ۽ تعليم به زبانيءَ طور چالو ڪيائين، جنھن کي سندس جيئري ”واک ميه“ يعني برزبان يا ڪُنٺ ڪيل واڪ چئبو ھو.

سندس چالاڻي بعد اھي واڪ (وچن) لکجي ويا، تڏھن به ساڳئي نالي سان سڏبا ھئا؛ ڇو ته اھي وچن برزبان ڪرڻ ھر ڪنھن لاءِ لازمي ھئا. اشوڪ جي پٽ مھيندر ڪمار، پڙھيل ھوندي به سانده ٽي سال ويھي، اھي وچن (سُت) ياد ڪيا ھئا. ياد ڪرائڻ واري انھيءَ مٿئين ضرورت جي مد نظر، مھاتما سندس مکيه متا ۽ اھم اصول ننڍڙن سُتن (سُوتن يا سوترن) جي ئي صورت ۾ سيکاريندو ھو. سندس پوئلڳ پاڻ به اھڙا ڪي اھم نُڪتا ورجائيندي ۽ دھرائيندي انھن کي ھر وقت پنھنجيءَ لئي ۾ لنوَندا ۽ جِھيل سان جھونگاريندا رھندا ھئا، انھيءَ لاءِ ته اھي آسانيءَ سان ذھن نشين ٿي وڃن، اھڙين ئي تنوارن مان ترتيب وٺندي، سُريلا سُت ۽ ڳِيا اسرندا آيا، جيڪي ڀانت ڀانت جي ڀڪشن جو ورد بڻيا، (جيئن کدڪ نِڪايه جي وِماڻ وَٿُو ۾ آھي). اڳئين جڳ ۾ جيئن ته تعليم ڏيڻ جو اھو ئي زباني ياد ڪرائڻ وارو طريقو عام ھو- تنھنڪري ”اوائل ۾ رڳو اھي سُت ۽ ڳِيا ھوندا ھئا، جن ۾ ئي سندس سڄي سکيا سمايل ھئي.- مھاتما جيئن ھڪ دفعي چيو به ھو: اي آنند! اھي سُت ۽ ڳِيا سڀ گھڻو ڪري تنھنجا سئل ٻڌل آھن ۽ تون انھن مان پورو واقف آھين، تنھنڪري تنھنجو انھيءَ مطلب سان  منھنجي  پٺيان  لڳڻ  ڪو  ضروري  نه  آھي‘… مطلب ته سُتن ۽ ڳِيين ۾ ئي سندس پوئلڳن لاءِ ٻڌ جو اپديش ھو“.

اشوڪ جي زماني تائين به ڌرم جا جيڪي نَوَ مکيه انگ مڃيا ويندا ھئا، تن ۾ سُت (غنا) ڳيچ (ڳيا)، ڳاھون (مُني ۽ ٿيري گاٿا)‘… ۽ انھن جي ويا کيا (ويا ڪرڻ) وغيره بنيادي ڳالھيون سمجھيون وينديون ھيون. سُت نپات (کُدڪ نِڪايه) ۾ مھاتما ٻڌ پاڻ گايتري نالي ڇند کي واکاڻيو آھي ۽ مُني ڀاردواج نالي ھڪڙي برھمڻ جي پڇڻ تي به انھيءَ ڇند جي ساراھه ڪئي اٿس. انھيءَ مان اندازو ٿئي ٿو ته شاڪيامنيءَ کي پراڻي سنگيت ۾ گايتري ڇند ٺيڪ نظر آيو؛ تنھنڪري سندس رچيل سُت ۽ ڳيا سڀ گھڻو ڪري انھيءَ ڇند ۾ ئي ڳارايا ويا ھوندا.

تِرپِٽڪ تي ھڪ نظر: مٿي ٽن ڪتابن (تِرپٽِڪ) جو احوال اشارتاً آيو آھي، جيڪي پھرين چوماھي بيٺڪ ۾ جمع ڪيا ويا ھئا. انھن ٽنھي کي الڳ الڳ ٻولڻ لاءِ،  ٽي سڄاڻ راوي چونڊي مقرر ڪيا ويا ھئا. سندن سُت ۽ ڳيت قلمبند ڪرڻ لاءِ، مھاڪيشيپ سان گڏ ٻيو مشھور ليکڪ ساريپت برھمڻ به شامل ڪيو ويو ھو، جنھن پويون پٽڪ (اڀدم) سڄوئي اڪيلي سر لکيو. ديودت جي دست اندازي ڪرڻ ۽ دخل ڏيڻ ڪري، اگرچه انھيءَ ڪم  ۾ ڪي رنڊڪون به پيئون، پر سڀڪو پنھنجي پنھنجي ڪم کي نڀائي وڃي پار پيو. مگر اھڙيءَ حالت ۾ وري ٽنھي ٽوڪرين کي  پاڻ ۾  بروقت  ڀيٽي ڏسڻ جي وڌيڪ مھلت ملي نه سگھي ۽ ڪي ساڳيون ساڳيون ڳالھيون به ٽنھي ڪتابن اندر اچي ويئون. پوءِ وارا ٻوڌي ته وري اھڙي تڪرار کي به مشق لاءِ پاڻ ضروري مڃڻ لڳا. ٻي مشھور ميٽنگ، جيڪا مھاتما جي سؤ ساله ورسيءَ (378 ق.م) تي وئشالي ۾ ڪوٺائي ويئي تنھن بعد ٽنھي ڪتابن کي ننڍن ننڍن نِڪايه يعني ڀاڱن (Chapters) ۾ ورڇي رکيو ويو. جيتوڻيڪ انھن جي مواد ۽ مضمون ۾ ته ڪوئي سڌارو ڪونه آيو، پر ڪي ڀاڳ ۽ باب (نڪايه) ھڪڙي ٽوڪريءَ مان ڪڍي، ٻيءَ ۾ وڌا ويا، ”ڪن جو چوڻ آھي ته کدُڪ نڪايه وارو فصل، اصل ۾ اڀدم پٽڪ اندر پيل ھو، پر ٻين جي چوڻ موجب: اھو اول سُت پٽڪ ۾ ئي سمايل ھو. الگد سُت جي اٺڪٿا ۾ چيو ويو آھي ته: ڳائڻ جي گڏيل سوتن کي ڳِيا ڪوٺيندا ھئا. سُنيت نڪايه جو پھريون ڀاڳ ان جي مثال طور ڏنو ويو آھي. انھيءَ ڪري ائين چوڻ ڏکيو آھي ته گاٿا نالي ڀاڳ (Chapter) ڇو ڌار ڪيو ويو. ٿي سگھي ٿو ته ڳِيا اندر ڪن خاص پرڪارن جي ڳاھن جو سمائڻ ٺيڪ نه سمجھيو ويو.ٻڌگهوش آچاريه جو چوڻ آھي ته: گاٿا ڀاڳ ۾ ٿير گاٿا (مني گاٿا) ٿيري گاٿا (ڀڪشڻي گاٿا) يا ڪي ٻيون گاٿائون به اچي ويئون ٿي.

پھرئين ڪتاب، ونيه پڪٽ ۾ جيئن ته رڳو جماعت (سنگھ) جي انتظام ۽ ضابطي جي ترغيب (ونيه) ڏنل آھي ۽ پوئين پٽڪ يا ٽئين ڪتاب (اڀدم) اندر وري وڏيءَ ذات وارن جي وڏائي  يا  اوچي  نسل  واريءَ  آڪڙ  جي  خلاف،  توڙي گگدامن جي بچاءُ ۾ مھاتما جا برھمڻن سان ڪيل بحث مباحثا، جيڪي ساريپت کي موقعي بموقعي معلوم ھئا، سي آندل آھن. باقي رھيو نمبر ٻيو يعني وچون ڪتاب (سُت پٽڪ) سو ته خالص مذھبي عقائد جو ڪتاب آھي، تنھن ۾ ئي تٿا گٿ جي سڄي تعليم ۽ تلقين سمايل آھي. انھي ۾ جيڪي به ڳيچ، ڳيا، ڳاھون۽ سُت سمايل آھن، سي سڀ اوچي ادبي معيار جا آھن ۽ اسان جي ھن مضمون جو مک مواد آھن، تنھنڪري ھتي رڳو سُت پٽڪ تي ئي تبصرو ڪبو.

سُت پٽڪ جو ادبي جائزو: انھيءَ جا جملي پنج باب آھن. تن مان فقط ٽيون نمبر سنيت نڪايه ۽ آخري باب کُدڪُ نڪايه ھتي ھٿ ۾ کڻجن ٿا. سنيت نڪايه جو ڪجھ ذڪر ته اڳ ۾ ئي مٿي اچي چڪو آھي، ٿورو وڌيڪ احوال ھتي به ڏجي ٿو- سنيت نڪايه ۾ ته ڪيتريون ئي ڳالھيون اھڙيون به آھن جيڪي خالص ادبي اعتبار کان به خاص توجھ جي لائق آھن. ھن جي منڍوارن حصن ۾ ته بلڪل ئي حقيقي شاعري ملي ٿي. جنھن ۾ مھاتما ڪنھن يڪشا سان عقلي دليلبازي ڪندي، ڪيترائي باريڪ نڪتا ۽ منڌل مسئلا حل ڪري ويو آھي. شيطان يعني مار سان سندس مباحثو (جيڪو اڳتي ايندو)، توڙي ڀڳتياڻين کي سندس شفقت ڀري ۽ پدرانه فھمائشن ۾ ته تمام وڏيون شاعراڻيون لياقتون موجود آھن. ونٽرنٽز (Winternitz) صاحب ان کي انڊو- پاڪستان جي روايتي شاعريءَ جو اصل يعني روح تسليم ڪري ٿو ۽ مذھبي نڪته نگاه کان به ان کي مقدس غِنا ڪري مڃيو اٿس. سنيت نڪايه ۾ جيڪي به لوڪ چوڻيون توڙي روايتي حڪايتن مان تلميحون آندل آھن، تن مان مھاتما جو عظيم فڪر، سندس قوي تصور، دليري ۽ عظمت، مختلف طبيتن جي ذھني ضروتن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ھن جو ھڪيو تيار ھئڻ، برھمڻن تي سندس چست مزاح ۽ ظريفانه طنز، توڙي سڀني ساھه وارن لاءِ سندس حقيقي ھمدردي ۽ دلي محبت اھي سڀ ڳالھيون اسان تي ھڪ ٻئي پٺيان لاڳيتو ۽ گھرو اثر وجھنديون رھن ٿيون“. مٿيئن مبصر جي عالماڻي جائزي مان ڪوبه نتيجو ڪڍجي، تنھن کان اڳ ۾ ڪن ڳاھن جو ترجمو نموني لاءِ نثر ۾  پيش ڪجي ٿو، جن ۾ مھاتما ۽ مار (ابليس) جو پاڻ ۾ مناظرو ٿيو ھو.

مھاتما جو پويون چلو، جنھن ۾ کيس بشارت ملڻي ھئي: انھيءَ جي آخري اڌ رات ۾ ابليس به پنھنجو آخري زور لڳائڻ آيو. 1- ”شيطان اچي ڏکندي آواز ۾ چوڻ لڳو ته تون ڳري سڙي ويو آھين. چھري جو رنگ به لھي چڪو اٿئي. ھو ھزار ڀاڱي ته تون مري چڪو آھين. باقي ھڪ ڀاڱي ڪو جيئرو آھين. موت اچي در تي بيٺو اٿئي. ڀلارا! تون سدا جيئرو رھه. جيئڻ ڀلو اٿئي. جيئرو ھوندين ته ڀلي جا ڪم به ڪري سگھندين ۽ وڏو جَس کٽندين. مگر نرواڻ لاءِ ھيڏا ڪشالا ڇو ڪڍي رھيو آھين! نرواڻ جو مارڳ نھايت ئي ڪٺن آھي، اڻانگو آھي. ائين چوندي، ابليس اچي ڀر ۾ بيٺو (ڳاھه نمبر1 کان 5 تائين) تڏھن تٿا گت چيو ته: اي پاپي! غافلن جا يار! آءٌ ڄاڻان ٿو ته تون ھت ڇو آيو آھين (ڳاھ- 6) تو واري انھيءَ جس کٽڻ جي مونکي ڪابه گھرج ڪانھي. جنھن کي ھجي، تنھن جي اڳيان وڃي اھي مرليون وڄاءِ (ڳاھه- 7) مون ۾ سمجھ آھي، سچائي ۽ ھمت آھي. آءُ جڏھن پنھنجي ارادي تي پڪو بيٺو آھيان، تڏھن تون ڇو مون کي جيئڻ لاءِ ريھي ريبي رھيو آھين؟ (ڳاھه- 8) ھيءَ ھوا نديءِ جو پاڻي سڪائي سگھي ٿي، پر جنھن پنھنجي مقصد تي چت چنبڙايو آھي، تنھن جو رت سڪائي نه سگھندي (ڳاهه- 9) پر منھنجن ڪشالن ڪري ئي جي منھنجو رت سڪي ويو ته منھنجا چِت چور وڪار به سڪي ٺوٺ ٿي ويندا. (ڳاھ- 10) پر

توسان ته جنگ جوٽڻ لاءِ آءُ اڳتي وڌان ٿو. انھي جنگ ۾ ھارائي پوءِ جيئڻ، تنھن کان ته مرڻ ئي منھنجي لاءِ ڀلو آھي. (ڳاھ 16 ۽ 18) سنيت نڪايه ۾ ٻئي ھنڌ چيل آھي ته: ٻڌ کي ڦاسائڻ لاءِ مار پنھنجيون مڪار ڌيئون به وڻ ڏي موڪليون ھيون. انھن جو حملو به جڏھن ناڪام ويو، تڏھن ٻڌ کي چيائين ته: ھي آستان منھنجو آھي، تون ھتان ھليو وڃ. مھاتما پنھنجو ساڄو ھٿ ھيٺ ڪري چيو ھيءَ ڌيرج واري گنڀير ڌرتي به شاھدي ڏيندي ته هتي منھنجو پڻ ايترو ئي حق آھي. اتي شيطان ڏاڍي ڏک ۾ چيو ته : آءُ ساندھه ست سال سڌارٿ جي پٺيان پيس. ھت ڪا ڪونئري شئي ھوندي، ڪا مٺي شئي ملندي. انھي آس ۾ رھندي، ڪانو آخر وڃي ڪوڙي ۽ سخت پھڻ تي ئي ٺونگو ھنيو. ائين ارمان ڪندي، سندس ڪُک مان ڪاني ڪري پئي ۽ ھوا سُر کان اڳ ۾ غائب ٿي ويو (ڳاھه 32-33 ۽ 34) سنيت نڪايه جي انھيِءَ سرسي جائزي کان پوءِ، ھاڻي کُدڪ نڪايه (آخري باب) تي مٿاڇري نگاھه ڪجي ٿي.

ھن ۾ ھيٺيان فصل آھن: ٿيري گاٿا، مني  گاٿا،  اِتيوتڪ، سُت نپات، اپ دان، نديس ۽ جاتڪ وغيره. کُدڪ نڪايه جو خاص طرح اٺون ۽ نائون فصل ٿير گاٿا ۽ ٿيري گاٿا، (ڀڪشن ۽ ڀڳتياڻين جون ڳاھون) قابل ذڪر آھن. ’’انھي ٻنھي جي لھجي ۽ محاوري توڙي تاثرات ۾ فرق نمايان آھي. مني گاٿا ۾ دلي ڪيفيت کي وڏو دخل آھي ۽ ڀڪشڻي گاٿا ۾ وري زماني جي سورن جي پچار گھڻي آھي. دنيا جي شروعات کان وٺي، ساري انسان ذات سورن ۾ جيڪي ڳوڙھا ڳاڙيا آھن، اھي جي ھڪ ھنڌ ڪٺا ڪري سگھجن ھا؛ ته انھن جو گڏ ٿيل پاڻي ھوند سڀئي سمنڊن کان به سوايو ٿي وڃي ھا. پوءِ دنياوي زندگيءَ کي ڪيئن نعمت ڪوٺي سگھبو!“ بيان جي زور ۽ سھڻائيءَ جي بناء تي ڊاڪٽر ونٽرنٽز ڳاھن جو شاعراڻو ڪمال تسليم ڪندي انھن کي رگ ويد کان وٺي ڪاليداس واري زماني تائين جي سڄي دؤر ۾ ھندستان جي غنائي شاعريءَ جي عظيم ترين تخليق مڃڻ ۾ حق بجانب آھي.

ھنن ڳاھن ۾ ڪيترا مقبول عام محاورا انوکا اصطلاح ۽ سريلا فقرا اچن ٿا. جن کي لُنڊيءَ تُڪَ يعني وراڻيءَ يا ’ٽيڪ وانگي ورائي ورائي ڳائجي ٿو. اھيئي ھنن ڳاھن جو امتيازي حسن آھن. ٿير گاٿا (مني ڳاھون) فطرت جي حسين عڪاسيءَ سبب قديم انڊو پاڪستان جي سُريلي ۽ غنائي شاعريءَ جا املھ جواھر آھن. ڪيترين ئي دلڪش تمثيلن ۾ عام مخلوقات سان محبت جو اظھار ڪيل آھي. مھاتما لاءِ کڻي مڃجي به ته فطري نظارن مان لطف اندوز ٿيڻ جي ھو بلڪل ئي برخلاف ھو، تڏھن به سانوڻ جي سونھن جي ڀڀڪيدار بيان ڪرڻ کان ھتي رھي نه سگھيو آھي.“

ٿيري گاٿا ۾ وري ڀڳتياڻين ۽ سنياسڻين جي ويراڳ جا ورلاپ ۽ اوسارا آھن. ”مٿين ڳاھن جي برعڪس ھنن ۾ وري ذاتي تلخين جو احساس زياده آھي. مني گاٿا ۾ ته قدرت جي ساراھ جو عنصر غالب آھي پر ھنن ڳيتن ۾ وري انساني حياتيءَ جو حقيقي ۽ صحيح عڪس آندل آھي (دنيا جي شروعات کان…) ٿيري گاٿا مان ثابت آھي ته اھي بيواھيون، جن جو خدا کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوئي به نه رھيو ھجي يا اھڙيون ڏکايل مائرون جن جي جھولي لٽجي ويئي ھجي ۽ سندن گود سڃي ٿي چڪي ھجي، سي انھيءَ صدمي کي ڀلائڻ

لاءِ ڀڪشڻي سنگھ جي اچي سرن وٺنديون ھيون ۽ عورت ذات جي ڀلائيءَ خاطر خدمتون ڪنديون رھنديون ھيون. تان جو ڪن طوائفن جو به توبھ تائب ٿي ڪري ڀڪشڻي سنگھ جي اجھي ھيٺ اچڻ جون حڪايتون پڻ اچن ٿيون. جن ۾ سندن اڳوڻي تباھيءَ ۽ ھاڻوڪي سلامتيءَ جي چٽي تصوير چٽيل آھي. ھنن ڳاھن ۾ بي بقا زندگيءَ جي باطل ۽ ڪوڙي عياشيءَ توڙي دنيا جي بي ثباتيءَ جي ڀيٽ، نجات جي سچي سک ۽ حقيقي سڪون سان تمام اثرائتي نموني ۾ ڪيل آھي. اھي ڳيچ اعليٰ قسم جي تمثيلن سان سينگاريل آھن، جن ۾ بعضي ته لفظن جي بلاغت به تمام تحسين جي لائق آھي. ٿيري گاٿا، انھي ڪري به اھم آھن جو انھن ۾ جيڪا روزانه زندگيءَ جي تصوير چٽيل آھي، تنھن مان انھي زماني جي معاشي حالتن جو صحيح نظارو ڏسي سگھجي ٿو. خاص طرح سان عورتن جي سماجي حالت معلوم ڪرڻ لاءِ ته اھي ڳاھون تمام قيمتي آھن.

سُت نپات ۾ نظمي سُت ڪٺا ڪيل آھن، جن ۾ ٻوڌي شاعريءَ جا قديم ترين آثار محفوظ آھن، تنھنڪري سڀني ڪتابن کان، سُت نپات مان ئي گھڻي ۾ گھڻا حوالا ۽ سندون عام جام اينديون آھن، ھن ۾ ھندو ڌرم تي پڻ ڪي الرون ڪيل آھن. سيلا برھمڻ ۽ واسٿ برھمڻ جي ٻڌ مذھب ۾ اچڻ وارن سُتن ۾، ٻڌ مذھب کي برھمڻي ڌرم سان ڀيٽيندي، سچ ۽ ڪوڙ کي صاف ڪيو ويو آھي. ’’اوچي ذات علم جي آھي، نڪي برھمڻ جي“ ست نپات جي خاص اھميت انھي ڪري به آھي جو ھي قديم شاعري جو ھڪڙو قيمتي ۽ پاڪ يادگار آھي. جنھن ۾ خود مھاتما جي سوانح لاءِ به معتبر مواد موجود آھي. پراڻي ڍنگ واري شاعري سان گڏوگڏ وري قديم سگھڙپائي وارا مڪالما به مليل آھن. جن ۾ يڪشا (؟) سان سوال جواب ڪندي، ٻڌ مذھب جو اخلاقي نظريو چٽي طرح سمجھايل آھي. ست نپات، انھيءَ ڪري ٻڌ مذھب جي اخلاقي تعليم کي سمجھڻ لاءِ ھڪڙو قيمتي سرمايو آھي، جنھن ۾ انھي زماني جي سماجي، معاشرتي اقتصادي حالتن جو به صحيح احوال ملي ٿو. اھي ساڳيا سُت ۽ انھن جا مضمون پوءِ گھڻو ڪري مھاڀارت ۽ ڀڳوت گيتا وغيره ۾ لکڻ لاءِ ڪم آيا آھن.

اھڙيءَ طرح چوٿون فصل اِتيوتُڪَ (Thus Commanded the Blessed one) ھن ۾ مھاتما جا مستند ۽ منظوم اقوال  آھن.  اھي سڀ ننڍڙا ست آھن ۽ ھرھڪ جي اڳيان مھاتما ھئين چيو ته‘…… وري سڀڪنھن جي پويان اسان ائين ٻڌو لکيل آھي. ھي مڙيئي مختصر ۽ منظوم ست آھن، تن ۾ تمام اخلاقي پھلو اچي وڃن ٿا. ٻولي عام رواجي ۽ فطري آھي بعضي تمثيلون ۽ سھڻا استعارا جيڪي ھن جي طرز کي دلپذير بڻائين ٿا، سي فطري نظارن ۽ ٻيءَ مخلوقات مان ورتل آھن.

’آپ دان يا خود قرباني: جنھن ۾ ڪنھن تان ڪا آفت ٽارڻ ڪا مصيبت لاھڻ يا عام خلق جي فائدي خاطر پنھنجي جند ۽ جان (خيرات ۾) ڏيئي ڇڏڻ جي ترغيب، نھايت ئي مدلل طريقي سان ڏنل آھي. ٻين جي ڀلائي ۽ سک خاطر پنھنجو سر صدقي ڪرڻ، ھڪڙو عظيم الشان ڪارنامو ۽ انتھائي مقدس عمل مڃيو ويو آھي. بلڪ اعليٰ ترين عبادت پڻ اھائي شمار ڪئي ويئي آھي. ’آپ دان سڄوئي سھڻين ڳاھن جو مجموعو آھي، جن ۾ مٿيون مضمون سمايل آھي.

نديس (Glossary)؛ مٿين مڙني مضمونن جي سُتن ۽ ڳاھن ۾ آيل خاص اصلاحات ’نديس نالي جدا فصل ۾ ڀڪشو ساريپت ويھي سمجھايا آھن. اھي مذھبي محاورا، مھاتما جي پياري ساٿيءَ مھا ڪچيان ڪٺا ڪيا ھئا. سارپيت وري انھن جو استعمال پڻ سنڀي سُتن ۽ ڳيچن ۾ ڏيکاريو آھي. اھو ساڳيو ئي طريقو، ياسڪ منيءَ وري ويدن جي ’نِروڪت ٺاھڻ لاءِ ڪم آندو آھي.

جاتڪ (ڳاھن سان ڳالھيون Pious Legends): انڊو-پاڪستان جي ادبي خزاني جي اصلي کاڻ ته اھي جاتڪ ئي آھن، جيڪي اندازاً پنج ڇھ سؤ کن ٿيندا. انھن آکاڻين جو ھيرو، ڪن حالتن ۾ ته مھاتما ٻڌ پاڻ ئي آھي، ھر ھڪ جاتڪ جا مکي پنج انگ آھن؛ 1 موقعو؛ جنھن تي مھاتما اھا آکاڻي ٻڌائي ھئي. 2- ڪٿا: يعني نثر ۾ آکاڻي. 3- ڳاھون: جيڪي قصن جي تصديق لاءِ سند طور اچن ٿيون 4- ويا ڪرڻ يعني ڳاھن جي ويا کيا ڪرڻ يا ڳيت جو مطلب سمجھائڻ ۽ 5- سموڌنا: يعني آکاڻي جو ٻڌ ۽ مذھب سان لاڳاپو.

ھي ڪٿائون مختلف نوعيت جون آھن، جن مان ڪي ته جانورن ۽ پکين وغيره جون ساديون ۽ رواجي آکاڻيون به آھن. انھن ۾ موزون ۽ سرائتا فقرا عام جام اچن ٿا. ڪي وري نصيحت آميز حڪايتون، دنياوي دستور (نيتي) سيکارڻ لاءِ آھن. انھن ۾ به مقبول عام چوڻيون ۽ سياڻپ جا سخن ڳايل آھن. ڪيترين ڪھاڻين ۾ زال ذات جي چڪر ۾ ڦاسڻ کان آگاھي ڪيل آھي. اھڙيون آکاڻيون جاتڪ نمبر 61-62-000 ۽ 532 وغيره ۾ سميٽيل آھن. انھن ۾ حڪيمانه قول ۽ ناصحانه ڳاھون ڳاھيل آھن. جا تڪ نمبر527 جي نصيحت آميز قصي ۽ ان جي ڳاھن کي اھڙي ته ناٽڪي نموني ۾ ترتيب ڏنل آھي. جو اھو سورھن ئي آنا سانگ (Drama) پيو لڳي. ڪٿي وري تبليغي وعظ جي نموني تي خاص مذھبي ۽ اخلاقي آکاڻيون به آھن. اھڙين پاڪ حڪايتن ۾ صبر، شڪر ۽ قناعت جي تلقين ڪيل آھي. انھن ۾ جيڪي آٿت ڏيڻ واريون ڳاھون آھن، تن جي مراد اھڙن ماڻھن کي ڏڍ ڏيڻ معلوم ٿئي ٿي، جن کان اجل پنھنجا جاني جدا ڪيا ھجن مٿين مڙني، جا تڪ ڪٿائن جو عڪس، اڄ به دنيا جي اڪثر لوڪ ڪھاڻين ۾ نظر اچي ٿو. جا تڪ نمبر 67 ۾ ھڪڙي مائي، پنھنجي پٽ ۽ مڙس کي بچائڻ بدران، ڀاءَ جي جيئدان لاءِ اچي عدالت ۾ عرض ڪري ٿي: تنھن سان مشابھه آکاڻي ھيروڊوٽس به لکي آھي.

ھنن حڪايتن جي پيڙھه اصل ۾ انھن گاٿائن )ڳاھن) تي رکيل آھي جيڪي چپي چپي تي آکاڻين اندر ڳايل آھن انھيءَ ڪري اھي ڳاھون ته بيشڪ بنيادي آھن پر انھن جي نثر وارو حصو، جيڪو نظم جي اڳيان پويان فقط آکاڻيءَ جي سلسلي بيھارڻ لاءِ ڀرتي ڪيل آھي سو پڪ سان پوءِ جو آھي مگر اھو نثر وارو بيان به نظم جي چوڌاري اھڙي ته ڪاريگريءَ سان اڻيل آھي جو ان ۾ ڳتيل ڳاھون خود بخود آکاڻي کي اڳتي ڌڪيندي آخري مقصد ڏي وٺي اچن ٿيون. نثر سان گڏ ھر مضمون وارا مقولا ۽ قديم چوڻيون عام جام اچن ٿيون. اھي جاتڪ نه رڳو ادبي اعتبار کان انڊو پاڪستان جو قيمتي ورثو آھن، بلڪه ٻوڌي زماني جا رواج رسمون سماجي ۽ سياسي ڊول ڊنگ اقتصادي ۽ معاشرتي حالتون توڙي تاريخ جون ٻيون ڪيتريون ئي سچيون حقيقتون ھنن ڳاھن ۾ اڃان تائين محفوظ آھن، جاتڪ ڪٿائون سڀني طبقن جي ماڻھن جي زندگي جو تفصيل ڏين ٿيون جيڪو ٻيءَ طرح سان تاريخن مان به ملڻ ممڪن نه آھي. ھنن ۾ ڪي نثري روايتون شايد ٽين صدي ق. م تائين ڳنڍبيون آيون آھن. ٽين ڪانفرنس کان پوءِ، اشوڪ جي پٽ مھيندر ڪمار پاڻ سان پنج سؤ جاتڪ سلون ۾ آندا ھئا. ان کان ٻه ٽي صديون پوءِ سنسڪرت بزم جو ڀنڊار مھا ڀارت انھن جي بنياد تي سھيڙيو ويو.

قديم شاعريءَ تي ٻڌ مذھب جو اثر: ٻڌ مذھب پنھنجيءَ پرڀات سان گڏ ئي انڊو پاڪ جي ڳيتن لاءِ نئون سُھاءُ، نئين سجاڳي، نئين روشني ۽ نئين زندگيءَ جو نئون نياپو آندو. اڳ واري ادبي ھڪ ھٽيءَ ۾ جو ڄڻي ڄڻي کي ڄڀ تي سنسڪرت جو سرڪاري ڏنڀ سھڻو ٿي پيو انھي کان عام خلق کي آزادي ملي ۽ نجات نصيب ٿي. ملڪ جي ڪھڙيءَ به ڪُنڊ ۾ ڪيترو به قليل تعداد قبيلو يا ڪھڙي به ڪِريل قوم ڇو نه ھجي؛ مذھبي مساوات ۾ سندن اڻسڌريل ۽ ڪچي ڦڪي ٻوليءَ کي به پراڪرتي ( فطري) حق حاصل ھو. شاعر، نه فقط پنھنجي فطري زبان کي ڳائڻ وڄائڻ ۾ آزاد ھئا، پر ھو ٻين عوامي محاورن کي پڻ بيحجابي سان بلڪ پيار سان پنھنجي ڪرڻ ۾ فخر سمجھڻ لڳا ٻڌ مذھب جي اصلي منشا ته ملڪ جي عام ڀلائي انسان ذات جي نيڪي وڌائڻ جي ھئي. نڪي ماڻھن کي مصنوعي لفاظيءَ جي چڪر ۾ ڦاسائڻ جي، سو انھي باھمي احترام سببان ازخود اھو مقصد حاصل ٿيڻ لڳو.

اھڙي اجتماعي ۽ باھمي سمجھوتي سببان ملڪ جي مشرق کان مغرب تائين ازخود ھڪڙي عام فھم زبان (پالي – پراڪرت) اڀري اٿي. اھا ئي عوامي زبان (پراڪرت) پوءِ اشوڪ جي زماني کان ته ھندستان جون به حدون اورانگھڻ لڳي. مگر موٽ ۾ ان تي به اتر- اولھندي کان ايندڙ قومن جو اثر ۽ رد عمل ٿيو اولھه اوڀر جي اھڙي ادبي اتحاد جو سَلو به ”سنڌ“ ۾ ئي سرجيو جتان متمدن دنيا جي ميل مان نت نت نوان نغما نسريا ۽ لھرين جي لاھه  چاڙھه جيان موٽي ملڪان ملڪ پھتا. اھڙيون ثابتيون اڄ تائين وچ ايشيا ۽ چين جي تاريخن ۾ محفوظ آھن، جن جو ڪجھ اشارو اڳ ۾ به اچي چڪو آھي. ھتي ان اٿاھه عوامي سنگيت کي سربستو سمجھائڻ يا سلسليوار بيھارڻ بيحد مشڪل آھي. اڳ ۾ سنسڪرت شاعريءَ جي بي ربط ڪھاڻيءَ جون ڪڙيون ڳنڍيندي ۽ انھيءَ جا خال ڀريندي ڪن عوامي ڳيتن جا نالا (جاتي ڳيا، گرام ڳيا، پرٻنڌ گاٿا ۽ ڪيرتن وغيره) محض خانه پُريءَ خاطر ڳڻايا ويا ھئا. ھتي انھن مان اول پراڻي، پرٻنڌ گيت، جي ڳالھه ڪجي ٿي.

پرٻنڌ گيت جي اوسر: پرٻنڌ جي اسرڻ جو اوائلي احوال ته اڳ ۾ ئي اچي چڪو آھي. جنھن مان ان جي غنائي ڪيفيت ثابت آھي. انھيءَ لحاظ کان پرٻنڌ ھڪ سرائتو گيت ھو، جنھن جي ھيئت ڪافي لچڪيدار ھئي، سندس لفظن جي ترتيب ۾ ڪو بحر وزن به ھو، سو ته سوچڻ ئي فضول آھي. ڳائڻ جي رڳو ڪنھن لئي ۾ اچي سگھيو ٿي ته اھو ئي ان لاءِ ڪافي ھو. قديم ھندو روايتن ۾ نه فقط ناچ پر ان سان گڏ ڳائڻ جي نسبت پڻ شِو مھراج سان ڪيل آھي، تنھنڪري ماتنگ (پنجين ستين صدي عيسوي) سندس ڪتاب برھه ديشي ۾ پڻ پراڪرتي پرٻنڌ کي شِو مھراج کان شروع ٿيل سمجھيو آھي. ڪن ٻين وري انھن کي جدا جدا جاتين ۾ ڳڻيو آھي. ڪلاسيڪي پرٻنڌ جيئن ته جدا جدا ڊؤل ۽ ڊنِگ جا آھن، تنھنڪري انھن جا نالا به جدا جدا آھن، سندن ڳڻن ۽ لڇڻن جي بناءَ تي انھن کي مختلف جاتين ۾ ورڇيو ويو آھي.

مٿي اڳئي ٻڌايو ويو آھي ته جاتيءَ وانگي پرٻنڌ به اصل ۾ اڪيليءَ تڪ جي شڪل ۾ ھو. اھا اوائلي تڪ ’اسٿايه‘ ( بنيادي) سڏبي ھئي. پوءِ وارو ڪلاسيڪي لفظ اسٿائي،. (منڍ) توڙي ھاڻوڪو لفظ ’ٿلھه‘ (پيڙهه) انھيءَ اسٿايه جي مترداف سمجھڻ کپن اسٿايه کي اڌ گرھه به چئبو ھو، جنھن جي معنيٰ پڻ مُنڍ (مول) آھي اڌ گرھه (اسٿائي) کي ڪثرت سان ڳائيندي آخر ان مان ھڪڙي ٻئي ڪلي اسري آئي، جنھن کي ’ڌُروا‘ (Fixed) سڏيو ويو. انھيءَ ترتيب سان آخر ٻن فقرن وارو پرٻنڌ پيدا ٿيو، جنھن کي ’دوي داتو (ٻه تُڪو) پرٻنڌ چيو ويندو ھو. دوي ڌاتو پرٻنڌ جي پچار ڪندي پنڊت داموڌر انھيءَ جي ٻئي انگ (ڌروا) کي ’اَ ڀوڳ‘ سڏيو آھي.آڀوڳ لفظ جي معني انت يا انتھا آھي، يعني جنھن جاءِ تي ڳيچ اچي ’جُھلي‘ ته اتي آڀوڳ ٿيو. اھي ٻئي فقرا جيئن ته واري وٽيءَ تي لاڳيتو ڳائبا رھبا ھئا، تنھنڪري جنھن به فقري تي ڳائڻ کڻي بند ڪجي سو ٿيو اَڀوڳ. اوائلي زماني ۾ ته رڳو اسٿايه (ٿلھه) ورائي ڳائيندا ھئا ته ان کي به اَڀوڳ چوندا ھئا. انھي مان ظاھر آھي ته اَڀوڳ لفظ کي اڃا ڪا آخري معنيٰ ڪانه ملي ھئي.

سمڀا ڀوپال جي چوڻ موجب، پرٻنڌ ۾ پوءِ ٽي ’چَرن‘ ڳائجڻ  لڳا، انھيءَ  ڪري ’تِرڌاتو‘ (ٽه ٺپو) پرٻنڌ چوڻ ۾ آيو. انھي ۾ ادگرھه (شروعات)، ڌروا (مرڪز) ۽ اڀوڳ (خاتمو) شامل ھئا. وقت گذرندي وچ ۾ ھڪڙو وڌيڪ چرن ’ميلاپڪ‘ (ملائيندڙ) پيدا ٿي پيو، جيڪو ڌروا جي اڳيان ڪي پويان آيو ٿي ۽ ڌروا کي بعضي منڍ سان ته بعضي پڇڙيءَ سان ملائڻ جو ڪم ڏنائين انھيءَ ڪري ان کي ميلاپڪ (جوڙ يا ڳنڍ) چيو ويو. اھڙيءَ طرح آخرڪار پرٻنڌ جا پورا چارچَرن جڙي بيٺا ۽ فقط اھڙي مڪمل پرٻنڌ کي ئي ’چتر ڌاتو‘ (چؤ تُڪو) پرٻنڌ چئي سگھبو ھو، جنھن ۾ اڌ گرھه، ميلا پڪ ڌروا ۽ اڀوڳ اھي سڀيئي انگ سمايل ھوندا ھئا پرٻنڌ جي بلڪل ئي پوئين دؤر ڌاري ان ۾ ھڪڙو نئون انگ ’آنترو (Intermediate) آندو ويو، پر جيئن ته چترڌاتو پرٻند ۾ تُڪن جو تعداد (ڌوهي وانگر) ھر حالت ۾ پورا چارچرن رکڻو ھو، انھيءَ ڪري ملائيندڙ پد (ميلاپڪ) پنھنجو پاڻ نڪري ويو. ۽ انتري انھيءَ جي جاءِ والاري. ”انھيءَ مان معلوم ٿيو ته پھريائين پرٻنڌ گيتن ۾ انترو (اندريون فقرو) ھوئي ڪونه. اھو گھڻو پوءِ پرٻنڌ اندر داخل ٿيڻ لڳو آھي. نه ته پوري پرٻنڌ (چترڌاتو) ۾ پھريان چار چرن ھوندا ھئا. انترو انھيءَ ڪري نه ايندو ھو جو انھيءَ جي عيوض ’ميلاپڪ‘ تُڪ اڳئي موجود ھئي. مطلب ته ميلاپڪ ۾ انترو ڪنھن به پرٻنڌ ۾ ٻئي ساڳئي وقت ڪڏھن به ڪم نه آيا آھن“. پرٻنڌ جا پوءِ ڪيترائي نمونا مضمون جي مناسبت، جي بيھڪ، توڙي ڇند ۽ تال جي ترتيب پٺيان مختلف نالن سان مشھور ٿيا. ڇند ۽ تال جي نسبت وارا اھي ساڳيا نالا پوءِ ڪيرتن جي جدا جدا قسمن تي رکيا ويا. جن مان ڪي اڃا تائين ھلندڙ آھن.

پرٻنڌ جي مضمون ۾ راجائن، مھاراجائن، مشھور ماڻھن، ڏاتارن ۽ ديوتائن جي تعريف ھوندي ھئي. اھي پرٻنڌ اسلامي حڪومتن جي اچڻ وقت عام جام ھلندڙ ھئا. پرٻنڌ کي پوءِ سازيندي جي اصطلاح ۾ گت چيو ويو. اھو لفظ گيت مان گسي وڃي گت بيٺو آھي ۽ ھاڻي ان جي معنيٰ سرود، لئي يا ترنم (Rhythme) آھي. پرٻنڌ گيت جي انھيءَ تدريجي اوسر ۽ ارتقا مان ئي اندازو ٿي سگھندو ته اسان جي اڄوڪي فنڪارانه ڪلام جو بنياد به اھيوئي ساڌو پادو ۽ ابتدائي لوڪ گيت آھي، جيڪو چندرگپت موريا ۽ ان بعد اشوڪ جي ٻوڌي زماني ۾ اوڌون کائي اسريو. انھيءَ جي اوڌ ۽ واڌ تي ٻاھرين قومن جو اثر به يقيني آھي، جيڪي اولھندي کان آيون مگر انھن جي ادبي ڪارنامن بابت اسان کي پوري معلومات نه آھي.

ڏيھي ڳيچ تي حملي آورن جو اثر: موريا حڪومت کان ھڪدم پوءِ بختر جو يوناني بادشاھه ڊيمٽيريس اول ھتي جو حاڪم ٿيو. سندس وڏو پٽ ۽ وليعهد شھزادو پينٽالين (Pantalean) اسان کي معلوم آھي ته يوناني علم ادب جو ڪوڏيو ۽ رقص و سرود جو وڏو شائق ھوندو ھو. سندس جاري ڪيل سِڪن مان به اھڙي ثابتي ملي ٿي. ھن جاسڪا، جيڪي ھيٺينءَ سنڌو واديءَ (مڪران- گجرات) مان مليا آھن، تن تي ھڪڙي رقاصه نچي رھي آھي. انھيءَ کي سوڙھي سٿڻ ڪنن ۾ ويڪرا والا ۽ وارن ۾ گل لڳل آھن. ھيءُ شھزادو جيتوڻيڪ پيءُ جي جيئري ئي مارجي ويو مگر سندس ارادو يقينن ھتي بلخ ۽ بخارا جي ثقافت پکيڙڻ جو معلوم ٿئي ٿو.پينٽالين کان پنج ڏھه سال پوءِ بختر جو بازوق بادشاھ مينادر اعظم ھتي آيو، جيڪو علم و فضل جي ڪري منڍ کان ئي مشھور ۽ مڃيل ھو. ھن به ٻڌ مذھب قبول ڪرڻ کان اڳ، سندس حڪومت جي پھرئين اڌ ۾، ھتي بلخ بدخشان جي تھذيب ۽ ادب پکيڙڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪئي. جنھن ۾ ناٽڪ ۽ سانگ، رانديون ۽ شرطون، موسيقي ۽ شاعري وغيره شامل ھيون. تنھن بعد سِٿين جو وارو آيو. سٿين ته سندس گيت سرڪاريءَ طرح به سنڌ ۾ رائج ڪيا. ”سٿين ڳيت سنڌ ۾ قومي تراني جيتري اھميت حاصل ڪري چڪا ھئا“.ھي ماڻھو منڍ کان ئي مھذب علم دوست ۽ ادب نواز رھيا آھن. ڏکڻ سنڌ جي پوين ساڪ سردارن مان ته ڪي ناليرا شاعر پڻ ٿي گذريا آھن. اھڙا اھڃاڻ تاريخن ۾ به ملن ٿا. ڪڇ ڪاٺيواڙ ۾ ڪَپل (Kapila) نالي سان ھڪڙو مشھور سٿين شاعر ٿي گذريو آھي، جيڪو اولھندي ڪاٺياواڙ جي ’سئينڌو راجائن جو سارو سلسلو منظوم ڪري ويو آھي.“We hear of a Saka peot Kaplila Composing a record of the saindhvas of west kathiawad”.

ڇند وديا جي شروعات: اھو ٻاھرين حڪومتن جو اثر چئجي يا انھن جو ردعمل، مگر مقامي شاعريءَ جي شڪل شباهت کي جاچڻ لاءِ پڻ پھريون ئي دفعو ڪي سريلا سڄاڻ سوچڻ لڳا. عيسوي سن کان ھڪ ٻه صدي اڳي يعني ويدڪ زماني ۾ ئي ڪيشيپ مانڊويه ۽ راتا جھڙا ڪي سنجيده  سگھڙ سجاڳ ٿيا، جن انھيءَ فن جي ابتدا ڪئي (ھن ميدان ۾ اوائلي نالا فقط اھي ئي مليا آھن جيڪي پنگل پڻ ڄاڻايا آھن) ھنن ويدي سنسڪرت ۾ انھيءَ علم جو اوائلي نالو ’سُرسنگيت رکيو، جيڪو محض ڳائڻ جي ئي ڍار سان موافق ھو پِراتي ساکيا، موجب انھيءَ (سُر سنگيت) جي بنياد تي ئي پھريون دفعو غنائي فقرن جا جدا جدا نمونا (آپجاتِي، تِرشتپ ۽ اَنُشتپ وغيره) محسوس ڪيا ويا. سُر سنگيت واري انھيءَ ابتدائي دؤر بعد، ھن هُنر جو ٻيو مُک مرحلو ’ورڻ سنگيت وجود ۾ آيو ويدڪ وزن جي بر عڪس ورڻ سنگيت وري وڏن ۽ ننڍن لفظن جي جھيلار تي بيٺل ھو. مگر حقيقت ۾ ھن علم جو پايو وجھڻ ’پنگل‘ (Pingala) جو ئي ڪم ھو. ھيءَ چئه ديو جي ’ڇندس‘ توڙي ڀرت جي ’نٽياشاستر‘ کان به اڳي شمار ڪيو ويو آھي. انهيءَ حساب سان عيسوي سن جي بلڪل ئي اوائلي زماني ۾ ٿيو آهي. پنگل جي ’ڇندس سوتر‘ کي ويدن جو انگ (جزو) ڳڻيو ويو آھي. انھيءَ ڪري ڪي ته سمجھن ٿا ته ھو عيسوي سن کان به ڪو اڳي ٿيو ھوندو. پنگل، اچارن جي ڳاڻيٽي لاءِ جيڪو ننڍي ۾ ننڍو ايڪو (ورت) ورتو آھي، سو ’تِرڪ‘ (ٽڪو) آھي. يعني اھو مفرد لفظ جنھن ۾ ڪم از ڪم ٽي اکر اچن ليڪن ڪوبه غنائي فقرو جنھن ۾ اھڙا ٻه ترڪ (ڇھه اچار) يا ڇھن کان گھٽ اکر آھن، سو ھن جي مطلب جو نه آھي… حقيقت ۾ ھن رڳو ڇڙھا سوترئي سمجھايا آھن، تنھنڪري پنھنجي پستڪ کي پڻ ’سوتر ڇندس ڪوٺيو اٿس. ھو اچارن جو ڳاڻيٽو ڪندي ڪن اھڙين سٽن تائين به آيو آھي جن ۾ اھڙا آٺ تِرڪ اچيو وڃن ٿا. مگر انھن لاءِ مناسب مثال ۽ موزون  دليل بلڪل ڪونه ڏنا اٿس. ٻي ڳالھه ته ھن رڳو زماني جھونگارڻ جي ئي بنياد تي تجربا ڪيا آھن ۽ ڪنھن به لکيل تُڪ جي تحريري صورت (بيھڪ = Adhvan) کان ھو قطعي بيخبر آھي ۽ نه وري اکرن ۽ آوازن جي ڊگھائي ڇوٽائي کي به ڪو خيال ۾ آندو اٿس. انھيءَ مان ثابت آھي ته سندس وقت ۾ سوتر ۽ تڪون اڃا عام طرح تحرير ھيٺ نه آيون ھيون ۽ شايد اھو ڪم به اول ھن کان  ئي چالو ٿيو.

پنگل کان پوءِ ٻيو به جيسلمير جو ھڪڙو عروضي، ماھر جئه ديو جنھن جوُ جئه ’ديِو ڇندس مشھور آھي، سو عيسوي ٻين ٽين صديءَ ڌاري ٿي گذريو آھي. پنگل جي برعڪس ھن وري شعر جي لِکت (اڌوَن) جو بحث ڇيڙيو آھي، چي: ڪن به لکيل ٻن ماترائن جي وچ ۾ ھڪ آڱر جيتري جڳھه ڇڏيل ھجي تڏھن سٽ جي ماپ سمجھه ۾ ايندي: انھيءَ مان اندازو آھي ته شايد سندس زماني ۾ شعر جي لکت چالو ٿي چڪي ھئي. ھن جي ڪتاب تان! ڀينَو گپتا، سويمڀو وراھه مھر ۽ ھيمچندر مدد ورتي آھي. خاص اپڀرنش وارو ’تال ڇند شايد ھن کان گھڻو پوءِ ڀرت جي زماني ڌاري ٿيو آھي.

ڀرت پنھنجو ’نٽ شاستر‘ ٽين، چَوٿين صدي عيسويءَ ۾ لکيو آھي.- ”ھن ۾ پراڪرت جا نمونا ۽ مثال سڀ پورا ۽ باقاعدي ڏنل آھن. سورھون ۽ ٻٽيھون باب ڇند جي سمجھڻ لاءِ بلڪل اھم آھن. خاص طرح ٻٽيھون بابت (ڳييا Geya) ته نھايت ئي دلچسپ آھي ھن ۾ سڀ سرائتا ٻول ڪٺا ڪيل آھن. جن ۾ جي ڇھن اکرن ۽ ان کان گھٽ اچارن وارا فقرا پڻ بحث ۾ آندا اٿس اھو سندس چوڻ موجب ’ڳِيا ڇند‘ آھي“. ليلو رنچنداڻي سنڌوءَ جي جھلڪ (ص108) ۾ لکي ٿو ته: ھن ڪتاب ۾ اپڀرنش ئي ڪم آيل آھي اپڀرنش جي احوال اچڻ کان اڳ سنڌ جي علمي ۽ ادبي ماحول جي به ھڪڙي جھلڪ ملاحظه فرمايو جا تاريخ ۾ ڪنھن طرح سان محفوظ رھجي وئي آھي.

قديم سنڌ جي ادبي فضا: ڪوڀراج سيکر (جنھن جو احوال اڳتي ايندو) سندس ڪتاب ’ڪاويه مماڻسه‘ (مقدمه شعر و شاعري) ۾ لکيو آھي ته ”سنڌ جو ڪوشان راجا واسديو جيڪو ڪيترن ئي برک عالمن ۽ پڙھيل ماڻھن جي ھڪڙي وڏيءَ جماعت جو سربراھ ھوندوھو. سو شاعرن جو ته خاص طرح سان وڏو مربي ھو ۽ سندن انجمن جو اعزازي صدر (سڀاپتي) پڻ پاڻ ھو… ھيءُ، ساڳئي ناليوارو ڪوبه  ڪوشان بادشاھ ٿي سگھي ٿو“. مٿيون بادشاھ جي بلڪل ئي آڳاٽو سارجي ته اھو واسديو اول به ٿي سگھي ٿو، جنھن جي زماني (120 عيسوي) ۾ سنڌ جي سريلن سگھڙن جو ھڪڙو وڏو وفد سرڪاريءَ طرح چين ڏي ويو ھو. يا ته وري واسديو ثاني به ٿي سگھي ٿو، جنھنجون تحريرون مھن جي دڙي منجھان مليون آھن. مگر مناسب ھيئن ٿو لڳي ته اھو بادشاھ بلڪل ئي آخري ڪوشان يعني ’ستون يا ’اٺون واسديو (360-375-400ع) اروڙ جو ڪو راجا ٿي سگھي ٿو. جيڪو سڄي سياسي اقتدار ھٿان وڃائڻ بعد اھڙين علمي ادبي ۽ مذھبي مجلسن ۾ ئي پاڻ وندرائيندو رھيو. اسان وٽ بھادر شاھ ظفر ۽ مير سانگيءَ جا بلڪل اھڙا ئي مثال موجود آھن. (تاريخ پنھنجو پاڻ کي دھرائيندي آئي آھي) ڪيئن به ھجي پر ھيءُ حوالو نه فقط سنڌ جي قديم شاعريءَ لاءِ قيمتي آھي مگر انھيءَ مان اھو به ثابت آھي ته اپڀرنش جي اثر کان اڳ ۾ ئي سنڌي ٻولي ۽ ان جي ادب کي جدا گانا ۽ مستقل حيثيت ھئي ۽ سنڌ جا راجا به ھتي رس راوڻا ڪرائيندا رھيا.

اپڀرنش ۽ اڀير لوڪ: اپڀرنش يا اڀير ڀاشا جي اصليت ڳولڻ کان ان جي ڳالھائيندڙن جي تاريخ تلاش ڪرڻ بيحد ضروري آھي ”اڀير ھڪ اجنبي قوم ھئي جا اصل ۾ اڀرندي ايران کان آيل ھئي سندس اباڻو علائقو ’ابيرون (Abiravan) جنھن تان ھن قوم تي ’آبير نالو پيو سو قنڌار ۽ خراسان جي وچ ۾ ھو. ھي ماڻھو عيسوي سن جي اوائل ۾ سٿين سان گڏجي سنڌ ۾ داخل ٿيا، سٿين جي اوائلي ڪتبن موجب ابير سندن فوج ۾ عھديدار ھئا. تنھن ڪري سٿين، سنڌ جي ساحل کان  اڀرندي وارا علائقا ابير آفيسرن جي ئي ھٿ ھيٺ ڇڏيا ۽ پاڻ وري سنڌ جي اتر ڏانھن اسريا. ابير جنرل باپڪ جو پٽ ردرڀوتي، جيڪو پڻ سٿين جو سپھه سالار ھو تنھنجو ڪتبو ڪاٺياواڙ ۾ مليو آھي، انھيءَ ڪتبي موجب سن 181 ع ۾ ھن اتي ھڪڙو حوض ٺھرايو ھو. سٿين جي ٻئي ھڪڙي ابير گورنر جا سيميائي سِڪا مليا آھن جيڪي ھن ’اسوردت جي لقب سان سن 188-190 ع ۾ جاري ڪيا ھئا. دکن ۾ ناسڪ واري ڪتبي ( ٽين صدي ) ۾ ھڪڙي خود مختيار ابيرءُ سودت جي پٽ ماٿري بپترا، ناسڪ وٽ وھارن ۾ رھندڙ بيمار ڀڪشن جي دوا درمل واسطي ھڪڙيءَ ساڪيا ڀڳتياڻيءَ جي ھٿان اول ھڪ ھزار سِڪا (ڪارشاپن) ۽ پوءِ 500 سڪا روڪڙا سوداگرن جي سٿ کي ڏنا ھئا. ھن ئي راجا سن 248-249ع کان پنھنجو سنبت جاري ڪيو ھو، جيڪو دکن ۾ ڪلاچاري يا چيدي سنبت سڏجي ٿو. ھن جي اولاد به اتي ستھٺ سال حڪومت ڪئي. پروفيسر ميراشي ھاڻي تازو مٿئين سنبت (67-108 ۽ 117) مطابق، خانديش ۾ ٽن اڀير بادشاھن ( سوامي داس 315ع،  راجا ڀلند 355۽ ردرداس 365ع جي حڪومت ثابت ڪئي آھي. پراڻن ۾ ته ڏھن اڀير راجائن جا نالا اچن ٿا، جيڪي دکن جي ساتواھن راجائن جا جاءِ نشين آھن مھاڀارت ۽ پتنجليءَ جي مھاڀاشا ۾ اڀيرن کي مليڇ (ڌاريو) سڏيو ويو آھي. ڪونڪن جي ڪتبي ۾ ھنن جي ھڪڙيءَ شاخ کي ’تِرئيڪُوتڪ ڪوٺيو ويو آھي، جيڪي عيسوي پنجين صديءَ ۾ اتي جا بادشاھ ھئا“.

سؤ راشٽر ۾ ته ويندي عيسوي ڏھين صديءَ سوڌو به اڀيرن جي حڪومت ھلي آھي. سندن مشھور راجا گِراھرپو (محمود عزنويءَ کان ھڪ صدي اڳي)، ھندو ڌرم جي مخالفت ڪندي سومناٿ مندر جي برھمڻن کي تمام تنگ ڪيو تنھن تي مولراج سولنگيءَ ( 942-995ع سڀني ھندو راجائن کي ڪٺو ڪري انھلواڙ مان اڀيرن تي ڪاھه ڪئي ڪڇ جو راءِ، لاکو ڦلاڻي جنھن ڪئين مرتبا مولراج کي مات ڪيو ھو، سو ھن لڙائيءَ ۾ اڀيرن پاران وڙھندي مارجي ويو.

اڀيرن جي اقتدار ھيٺ آيل علاقو، مٿي ڳڻايل ماڳن مان معلوم ڪري سگھجي ٿو. ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ، سومناٿ ۽ سؤ راشٽر، دکن  ۽ ڪونڪن، توڙي ناسڪ ۽ خانديش اھي سڀيئي ھڪٻئي سان سرحدي ۽ ملندڙ پرڳڻا آھن. پيري پلس ۽ ٽالميءَ جي جا گرافيءَ مطابق: اولھه راجستان، ڏکڻ - اولھه ڪاٺياواڙ ۽ ڏکڻ – اوڀر سنڌ، اھو اڀيريا (Abiria) جو ملڪ ھو. مھاڀارت موجب جتي سرسوتي ندي رڻ ۾ وھي ٿي، اتي اڀيرن جو راڄ آھي. پراڻن موجب: دکن جي اتر- اولھه واري حصي يعني ڪونڪن کان وٺي، اتر ڏي ويندي بڙوچ تائين سندن حد ھئي. ڪن وري مھاراشٽر جو علاقو چيو آھي، ازان سواءِ الھه آباد ۽ چندراوليءَ وارا ڪتبا ته اڀيرن جي اراضيءَ ۾ اڃان به اضافو ڪن ٿا جھانسيءَ ۽ ڀلسا جي وچ ۾ به اڀيرن جي آڳاٽي آبادي (اھيرواڙا) اڃان تائين موجود آھي. مطلب ته مٿيان مڙيئي ملڪ اڀيرن جي اثر ھيٺ ھئا.

ھاڻي، ناگپور يونيورسٽي مان ’اپڀرنش – پراڪرت‘ شعبي جي صدر (Dr. H.L. Jain) جي تحقيقاتي مقالي ’اپڀرنش ڀاشا اور ساھتيه‘ مطابق، ھن ھيٺ اپڀرنش جو احوال ڏجي ٿو: ’’اڀيرن جي انھي احوال مان معلوم ٿيندو ته اھي (عيسوي پھرين صديءَ کان چوٿين صديءَ عيسويءَ اندر) ڏکڻ الھندي ھندستان کان وٺي، وچ ھندستان تائين ڇائنجي چڪا ھئا. انھيءَ ڪري اڀيرن جي ٻولي ’اڀير ڀاشا جي اھميت پڻ سندن سياسي غلبي سبب، سندن مقبوضه علاقي اندر يقيناً عروج تي آئي ھوندي. ڊنڊن (ڪاويه درش) ۽ ڀامھه (ڪاويه لنڪار) جي اھڙيءَ تصديق جي علاوه، ولڀيءَ جي راجا گُھسين (Guhasena:559-567 A.D) جي اُڪرايل ھڪڙي ٽامي جي تختي ملي آھي، جنھن ۾ ھن اڀير ڀاشا  (اپڀرنش) جي مھارت ۽ اڀير شاعري جي پارکو ھجڻ جي ھام ھنئي آھي. عيسوي ڇھين صديءَ تائين ته اپڀرنش جي ادبي صلاحيت ايتريقدر اڀري چڪي ھئي، جو ڀامھه (700ع) جھڙي سنسڪرت جي عروضي ماھر کي به نه فقط ان جي شاعراڻي فضيلت تسليم ڪرڻي پئي، پر ان جي ادبي تخليقن کي پڻ پراڪرت ۽ سنسڪرت سان مساوي مڃڻو پيو ڊنڊن ته سندس زماني واريءَ اپڀرنش جي نه فقط ادبي فوقيت جو اعتراف ڪيو آھي، پر ان جي علمي عظمت جو به کيس احترام آھي. ”رسميءَ طرح ته کڻي سنسڪرت جي ڀيٽ ۾ ٻيون مڙيئي ادبي ٻوليون ’اپڀرنش جي مقبول عام لقب سان سڏيون ويئون آھن، مگر شاعريءَ ۽ ادب جي ميدان ۾ ته فقط اڀيرن جي ٻوليءَ کي ئي اپڀرنش چيو ويو آھي..... ۽ اھا اپڀرنش ئي ھئي، جيڪا سندس دعوا موجب: شاعريءَ جي فن لاءِ منتخب ڪئي ويئي ۽ مقبول عام رھي. سنسڪرت جا ڪي ڪٽر عالم جيتوڻيڪ اپڀرنش لفظ جي اصطلاحي معنيٰ ابتي: ڀرشت، وڀاشا وٺندا رھيا، مگر شاعرن ۽ اديبن ته اھا معنيٰ ڪڏھن به قبول نه ڪئي آھي، اھي سدائين ان کي عوامي يا  ’ديسي  (پراڪرت  ٻولي  سڏيندا رھيا“.

دوھا ڇند جي شروعات: خاص اپڀرنش جي پراڻي ۾ پراڻي شاعري جيڪا ملي آھي، سا ’دوھا ڇند ۾ ئي چالو ٿئي ٿي. دوھا شعر، مضمون جي مناسبت سان ٻن طبقن ۾ ورڇيو ويو آھي. انھن مان اوائلي قسم افسانوي (Romantic) آھي، جيڪو اول ڪن ’اڪيلن سٽن ۾ ئي چالو ٿيو آھي. تن ۾ ڏند ڪٿائن، عوامي آکاڻين ۽ ڪُھنن قصن جي ڪردارن جا ڪي جذباتي جُز ڳايا ويا. اھي اول ڀَٽن ۽ چارڻن ڳائڻ چالو ڪيا. ھيمچندر جي گرامر ۾ اھڙا مثال عام جام آيل آھن. انھن ۾ سٽن جا ڪيئين جوڙا مختلف ماپ جا به آھن. دوھن جو ٻيو قسم وري روحاني يا مذھبي (Ascetic) مضمون وارو آھي. پوئين قسم جو ته وڏو ادبي ذخيرو موجود آھي، جيڪو جين ۽ ٻوڌي ساڌن جو سموھيل آھي. انھيءَ زماني جي رمتا جوڳين، ساڌن ۽ سنتن، دوھا  صنف کي پنھنجي ڪم لاءِ ڪارائتو ڏسي، ان کي فوراً پنھنجو ڪري ورتو.

دوھا ڇند جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو ۽ ناليرو شاعر جيڪو معلوم ٿي سگھيو آھي. سوجئندُ (Joindu) آھي، جيڪو عيسوي ڇھين صديءَ ۾ ٿي گذريو آھي. ھن جي سميٽيل دوھن جا ٻه مختلف جھڳٽا ’پرمپياس ۽ ’جوڳ سار پڻ مليا آھن. اھڙيءَ طرح رام سِنھا مُنيءَ جا ’پاھڙ دوھا پڻ قلمبند ڪيل آھن. تنھن بعد گياني ديوسين جا ’ساويه ڌرم‘ دوھا، توڙي سپر آچاريه جا ’ويراڳيه سار دوھا، آڳاٽي اپڀرنش ڪويتا جي بھترين نمونن مان ڪي چونڊ مثال آھن. مٿيان مڙيئي ملوڪ، اڪثر ڪري ڪڇ، ڪاٺياواڙ يا سؤ راشٽر جا سمجھڻ کپن.

مذڪور گياني شاعر ديوسين جو منطق تي لکيل ڪتاب ’نيايه چڪر (933ع) اپڀرنش جو معياري ڪتاب آھي. اھو اصل ۾ سڄوئي دوھا ڇند ۾ لکيل ھو، پر ھڪڙي پنڊت چاڻڪ ھڻندي چيو ته ’ھھڙي ڳوڙھي علم لاءِ به ڪو دوھي جھڙو ٺوس ڇند ڪم آڻجي! يڪدم سڄو ڪتاب ڦيرائي ’گاٿا جي صورت ۾ آندائين جيڪو مائل ڌوَل (ديول؟) نالي ڀڪشوءَ نئين سر ويھي نقل ڪيو. انھيءَ مان ھي ڳالھه پڌري ٿئي ٿي ته عيسويءَ ڏھين صديءَ سوڌو به برھمڻن مان وڏا ودوان ۽ پنڊت پڻ دوھي ڇند سان اڃان مانوس نه ٿي سگھيا ھئا. مگر الھندي ھندستان جي مڙني ڏيھي ٻولين ۾ ساڌن ۽ سنتن اھا صنف عام  ڪري ڇڏي ھئي.مٿين چونڊ مثالن کان سواءِ اپڀرنش جون نظمي آکاڻيون يا ڳاھن سان ڳالھيون (چاريؤ) پڻ انھيءَ زماني ۾ عام ٿيون. جن ۾: جئرام جو ڌرم پرڪش، (نائين صدي) پدم ڪيرتيءَ جو ’پاسناھه چاريو (942ع پشپ دنت جو ’جَسھر چاريو ۽ ’نايڪمار چاريو ( 965 ۽ 972) ھري سين جو ’ڌرم پرک (987) ڪَنڪامر جو ’ڪَرڪند چاريو توڙي ’پرتيڪ ٻُڌ، ڌنپال جي ’ڀؤ سيت ڪَھا (ماٽيجي ڀاءُ سان ورتاءُ)، ھري ڀدر سوريءَ جو سنڪمار چاريو ( ھڪڙي بادشاھ جي ڳالھه 1158ع ڌاھل جي ’پوم سري (بدچال ديوداسيءَ جو حشر) ۽ وديا پتيءَ جو ’ڪيرتي سِنھا وغيره تمام مشھور آھن. اپڀرنش جو سڀ کان مشھور ۽ علمي ڪتاب جيڪو نائين ڏھين صدي عيسويءَ ۾ لکيو ويو، سو آھي آچاريه سويمڀو جو لکيل سويمڀو ’ڇندس انھيءَ ۾ پنھنجي استاد کي ’چئو منھون‘ چئي ساراھيو اٿس ۽ سندس ’تال سنگيت‘ جي پڻ تعريف ڪئي اٿس.

اپڀرنش ۽ سنڌي ٻولي: مٿين ڳالھين جي مد نظر اپڀرنش جي اھا ادبي اوسر عيسوي پنجين صدي کان پوءِ ساري سگھجي ٿي. پر سنڌي ادب جو اوج انھيءَ کان به ھڪ - ٻه صدي اڳي واسديو ڪوشان جي وقت چوٿين صدي ۾ معلوم ٿيو آھي. باقي اپڀرنش جو علمي ادبي سلسلو ٻارھين - تيرھين صديءَ سوڌو ھليو آھي. انھيءَ وچ ۾ ڪو ان جو اسان جي ادب تي اثر ٿيو ھجي، اھو به چئي نٿو سگھجي. ڪڇ ڪاٺيواڙ ۽ سؤ راشٽر سدائين سنڌ جي حڪومت ھيٺ رھيا آھن، جا ڳالھه اڳيئي مٿي ڏنل تاريخي حقيقتن مان ثابت آھي. شايد انھن علاقن جو اثر اڀرندي ۽ ڏکڻ سنڌ (لاڙ ۽ ٿر) تي پيو ھجي پر اھڙو امڪان به گھٽ ئي نظر اچي ٿو.

پروفيسر منوھرداس ڪؤڙو مل کلناڻي پنھنجي ڪتاب
(
A General Survey of Sindhi language and Literature) ۾ لکي ٿو ته: عيسوي اٺين صديءَ ۾ سنڌ جي ٻولي سڄي ڀارت جي ارڙھن مکيه ٻولين ۾ شمار ٿيل ھئي ۽ سنڌي ڪوتا کي مڌر ۽ مڌر الاپ واري ديش پريم سان ڀرپور ۽ شاندار سڏيو ويو آھي.ديوان جيرام داس دولترام، مٿيون مختصر حوالو وڌيڪ چٽو ڪري لکيو آھي. ”اچاريه اد يُوتن سُوري، عيسوي اٺين صديءَ ۾’ڪُولَيه مالا ڪٿا‘ نالي ڪتاب لکيو، جنھن ۾ ھن سنڌي شاعرن توڙي سندن ٻولي جي وڏي واکاڻ ڪئي آھي. چي: اسان اھي سنڌي ڏٺا جيڪي پنھنجو ديس چت ۾ رکندي ڳائڻ سان پريت ڪندي؛ نزاڪت سان، ميٺاج سان ۽ ڍلي پد يعني ڍار سان، نھايت ئي سٺو ڳائيندا ھئا؛ انھيءَ مان ثابت آھي ته عيسوي اٺين صديءَ ۾ سنڌين جي ٻوليءَ کي الڳ نالو، نيشان ۽ حيثيت ھئي، ان ۾ اعليٰ قسم جي قومي شاعري ٿيندڙ ھئي ۽ پنھنجي اعليٰ ادب جي ڪري انھيءَ زماني جي برک ڀارتي ٻولين ۾ ان پنھنجو مثال قائم ڪيو ھو.

آچاريه آديوتن (uddyotana) سندس ڪتاب ’ڪُولَيه مالا ڪَھا سؤ راشٽر جي راجاو تَسَراج پرھياڙ جي ڪچھريءَ ۾ سن 778ع ۾ لکي پورو ڪيو. انھيءَ وتسراج پرھياڙ جي پٽ (پوٽي) مھاراجا مھرڀوج پڙھياڙ ( 836-885ع جي درٻار ڀِمل ۾، لاڙ جو عظيم شاعر ڪويراج سيکر رھندو ھو. جيڪو وري ان جي پٽ راجا مھيندرپال ۽ پوٽي مھيپال پرھياڙ (912-931ع) جو سنڀاليندڙ ۽  راڄ گرو ٿي رھيو. ھوئنن ته ھن جا ھڪ ڊزن کن ڪتاب، عروض، ادب، تاريخ ۽ تنقيد وغيره تي مشھور آھن، پر ھن جو ڪُاويه مِمانسه، جنھن ۾ سڌ جي راجا واسديو ڪوشان واريءَ جمعيت الشعرا ۽ ان جي راوڻن (مشاعرن) جو تاريخي ذڪر آندو اٿس ان جي معيار لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آھي ته اھو اديبن ۽ شاعرن جي عملي تربيت جو درسي ڪتاب (Practical hand book of poets) مڃيو ويو آھي. خود سندس شخصيت جي باري ۾ ته يوراج ثانيءَ جو بِلھاريءَ وارو ڪتبو راج سيکر، دنيا جو حيرت انگيز شاعر وڏي سنَد آھي. البت مذھب جي معاملي ۾ آزاد خيال سمجھيو ويندو ھو. ڇو جو ھن ايڏا ته سير ۽ سفر ڪيا ھئا، جو ڄڻ ته سارو جڳ ئي اٿلائي چڪو ھو. انھيءَ ڪري تاريخ توڙي جاگرافيءَ تي کيس خاص طرح سان ملڪو حاصل ھو جاگرافي تي ’ڀوُون ڪوش‘ نالي ڪتاب لکيو اٿس مختلف ملڪن : مگدھه، بنارس، ڪشمير، ڪرناٽڪ، گؤڙ، دراوڙ ، سنڌ ۽ سؤ راشٽر وغيره جي ماڻھن جون حالتون ۽ عادتون ٻڌايون اٿس خاص طرح سان سندن ٻوليءَ ادب ۽ شاعريءَ جو خوب جائزو ورتو اٿس ۽ انھيءَ بابت ڏاڍا دلچسپ احوال ڏنا اٿس- پورب ڏي بنارس ۽ مگدھه جا ڪي ماڻھو سنسڪرت سٺي ڄاڻن . ڪڇ- گجرات ۾ سنسڪرت کان نفرت ڪن ٿا، سؤ راشٽر وارا ته وري سمجھن ٿا ته سنسڪرت کي به سڌارڻ لاءِ ان ۾ اپڀرنش جي ملاوت ضروري آھي. دراوڙ ماڻھو شاعريءَ کان علاوه گفتگو به سريلي ڪن. ڪشميري چڱا شاعر آھن، پر شعر ٻڌائڻ جو ڍنگ ڪونه اٿن. ڪرفاٽڪي وڏيءَ اَڪڙ سان شعر چالو ڪن ۽ ھر فقري جي پڇاڙيءَ ۾ تنبوري واري تُڻڪار ڪن، پوءِ اھا ٺھي يا نه ٺھي سنڌ جي باري ۾ لاڙ جو ذڪر ته خاص وڌاءَ سان به ڪيو اٿس- ھيءَ مڙني ملڪن جو ڇٽ آھي، ھتي جا ماڻھو سنسڪرت کي ڌڪارين ٿا. پنھنجي سوڀياوان ديسي ٻولي ڏاڍي ميٺاج ۽ نزاڪت سان ڳالھائيندا آھن. ھتي جون زالون به ڳالھائڻ جي نزاڪت ۽ لطافت جي ڪري خاص توجه جي لائق آھن. ھتي جي انوکي ادبي خوبي ته لاڙ جي ئي شاعرن لاءِ مخصوص آھي. سندن شاعري جي پياري ۽ پسنديده طرز، جنھن جي خصوصيت رنگيني ۽ ظرافت آھي، سا لاڙي طرز جي ئي نالي سان مشھور آھي.


**  ڏسو مهراڻ رسالو 1967ع جو نمبر 2.

[1] Rig Ved: Translated By Dr: Arrow Smith (Note: 27) P . 106.

[2] Prof: Bhattacharjee. The Imperial Unity P. 478.

[3]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀگوان ص 287.

[4]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀگوان ص 254.

[5]  ايضاً ص 43.

[6]  ايضاً ص  21.

[7]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان ص 29.

[8]  ايضاً ص 25.

[9]  ايضاً ص 188.

[10]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀگوان ص 26.0

[11] ايضاً ص 27.

[12] Dr: Pusaker: Imperial Unity PP. 399-400.

[13]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان ص ص 158- 161.

[14] Dr: A.D. Pusalkar: Imperial Unity P. 403.

[15] Ibid: P. 404.

[16] Dr: A. D. Pusalker: The Age of Imperial Unity PP. 402-403.

[17] Ibid P. 402.

[18] Ibid P. 406.

[19] Dr: A. D. Pusaluker: Age of Imperial Unity P. 406.

[20] Dr: A. D. Pusalkar: Imperial Unity PP. 404 -406.

[21] Prof: Gosvami: The Story of … P. 112.

[22] Prajnana: Historical Develop: P. 302.

[23] Ibid. PP. 169-170.

[24] Gosvami: The Story of ………Music P. 112.

[25] Ibid. P. 182.

[26] Prajna: Historical….P. 177.

[27] Ibid. P. 181.

[28] Gosvami: The Story of ... ... ... P. 112.

[29] Gosvami: The Story of ... ... ... P. 112.

[30] Prajn: Historic … P. 180.

[31] Gosvami: The Story of ... ... ... P. 114.

[32] Ibid. P. 113.

[33] G.W Cock: Grrcks in Indian P. 89.

[34] Ibid PP. 103-104.

[35] Prajna: Historical Development of … P.73.

[36] Prajna: Historical Development of … P.73.

[37] Dr: M. A. Mehendale: Imperial Unity. PP 271-272.

[38] Prof: O Gosvami: The Story of ….P.42.

[39] Dr: M. A. Mehendale: Imperial Unity. PP 272-273.

[40] D.C Sircar: Imprial Unity P. 153.

[41] Dr: Majudar: Imperial Unity. P. 649.

[42] Dr: D.C. Sircar: Imperial Unity . PP. 221-223.

[43] Dr: D.C. Ganguly: Kanauj PP. 101-103.

[44] Dr: Sircar: Imperial Unity PP. 221-223.

[45] Dr: H.L. Jain: Age of Imperial Kanauj PP>212-213 & 214.

[46] Dr: H.L. Jain: Age of Imperial Kanauj PP>212-213 & 214.

[47] Ibid: pp. 216-217-218-219.

*  آچاريه سويمڀو، پراڪرت ڇند جو ھڪڙو مشھور عالم ٿي گذريو آھي. سندس تصنيف سويمڀو ڇندس تمام مقبول ٿي. ھيءَ ڏھين صدي عيسوي جي شروع يا ان کان به اڳي ٿي گذريو آھي. ڇو ته 965ع ۾ پشپ دنت نالي اپڀرنش جو عالم، سندس ساراھون ڪري ويو آھي. ھيمچندر به ھن جو نالو احترام سان ورتو آھي. ھن جون اپڀرنش ۾ ڊگھيون ڪوتائون ملن ٿيون.

- (جرنل آف رايل ايشياٽڪ سوسائٽي، بمبئي 1935 – 1936ع)

[48]  پروفيسر پوپٽي. ر. ھيراننداڻي: ڀاشا شاستر (بمبئي) ص 223.

[49]  پروفيسر پوپٽي. ر ھيراننداڻي: ڀاشا شاستر (بمبئي) ص 208.

(2) Dr: R. L. Majundar: Imperial Kananj p. 21

*  ڪوليه مالا جو مصنف آچاريه اديوتن، سندس زماني جي مڙني مقامي محاورن ۾ ته ماهر مڃيل هو، پر انڊو – پاڪستان جي سڀني پراڪرتن تي پڻ سند سمجهيو ويندو هو. جن ۾ سنڌيءَ سميت اهڙيون ارڙهن ٻوليون مکيه ڪري مڃيون اٿس. پنهنجي ڪتاب ۾ مک ٻولي توڙي مرهٽي مقرر ڪئي اٿس، مگر مضمون جا سڀ ننڍا وڏا حصا جيڪي تشريحي يا بياني آهن، اهي عام طرح اپڀرنش ۾ آهن. سندس ڪتاب جو فرضي هيرو جنهن به علاقي ۾ اچي ٿو، ان جو احوال ڏيندي اتي جي ٻوليءَ جا ٻه – چار مثالي جملا سندس وات ۾ وڌا اٿس. ويندي پئشاچي زبان جا به ڪي جملا ڪم آندا اٿس. سنڌي شاعرن ڏانهن ته خاص طرح سندس توجهه ڇڪيو آهي. – ”اسان اهي سنڌي ڏٺا، جيڪي پنهنجو ديس چِت ۾ رکندي،… نهايت ئي سٺو ڳائيندا هئا“. ٻين پراڪرتن مان به ڳاهه، دوپدي، دوهو، ۽ ڏنڊڪ ڇند ڏٺا اٿس. مگر ڳاهه جي صنف سڀني تي غالب آهي. انهيءَ ڪتاب کي رتن پرڀ چوڏهين صديءَ عيسويءَ ڌاري ڦيرائي سنسڪرت ۾ آڻي ڇڏيو.

*  پرهياڙن جي ڪچهريءَ ڀمل (گهومل) ۽ ٻيا به شاعر ٻڌجن پيا. جيئن ته مهيندر پال وٽ سومديو نالي شاعر رهندو هو ۽ مهيپال وٽ وري ٻيو کيمسور نالي شاعر هو. پر، راج سيکر جو ڄڻ ته ديوتا وارو درجو هو. پرهياڙ پاڻ به سڌ ٻڌ وارا هئا. راجا پرتيهاريند راج (نائين_ ڏهين صدي) ڇند تي آخري سند سمجهيو ويندو هو.

- (قنوج 190-191 ۽ 192)

*  راج سيکر، ٻين ديسن؛ مالوا، ملبار، مرھٽا، قنوج، ڪيرالا، بينگال، پنچال، گؤڙ ۽ نيپال وغيره جي زالن جو پڻ ذڪر ڪيو آھي. (قنوج 389)

[50] Dr: K.M. Munshi: The Age of  Imperial Kanauj: Foreword’s P. XXII.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com