سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع

مضمون

صفحو :12

(ث) مقالي ۾ آيل واقعا ۽ سن

CHRONOLOGY

810-805 ق. م.

سيميراميس جي سنڌ تي ڪاھه

(800-؟) =  =  

مھاڀارت واري جنگ

ستين صدي

ھوشنگ ايرانيءَ جو سنڌ تي حملو.

558-530=  = 

سائرس اعظم جي حڪومت.

558=  =      

مھاتما ٻڌ جي ولادت.

530-522  =  =

ڪئمبس جي حڪومت.

522-486

دارا اعظم جي حڪومت.

522=  =      

ڌرم چڪر ورتڻ، ( دين جو چرخو چالو ٿيڻ. )

486-465=  = 

زر ڪيز جي حڪومت.

483=  =      

کان برھمي لپي جون ابتدائي ۽ تجرباتي ڪوششون.

(؟)=  =       

ويد لکجڻ لڳا.

478=  =      

مھاتما ٻڌ جو چالاڻو.

384-354 =  =

ڪالاسُڪ (ڪاڪورڻي.)

378     =  = 

ٻي ٻوڌي مجلس .

325-324 =  =

سڪندر جو سنڌ تي قبضو.

321   =  =   

پاتال بندر مان يونانين جي خلاف بغاوت اٿي.

316    =  =  

سنڌ تان يوناني قبضو ختم ٿيو.

306    =  =  

چندرگپت موريا ۽ سئليوڪس نڪئٽر جي مائٽي.

300-273  ق م

بندو سار موريا جو راڄ.

273-236   =  =

اشوڪ جو راڄ.

254   =  =    

ٽيون ٻوڌي ميڙ.

217  =  =     

چين ڏي تبليغي انجمنون.

200  =  =     

راجا ساليسڪ موريا.

187   =  =    

موريا حڪومت جو خاتمو.

186-165 =  = 

ڊيميٽيريس بختيءَ جي سنڌ تي حڪومت .

165-160  =  =

ملڪه ائگاٿو ڪليئا جي سنڌ تي حڪومت .

160   =  =   

ائگاٿو ڪليئا جي مينادر سان شادي.

151   =  =   

مينادر جو پاٽنا تي حملو ۽ پُشيه متر جو موت.

150  =  =    

ملنڊا پنھو، جو لکجڻ.

ٻي صدي =  =

سُر سنگيت ( ڇند ) جي شروعات.

150  =  =     

ايرين جو ُانڊيڪا ِلکڻ

137  =  =     

يوناني ڀڪشو سنگھه جو پاتال بندر کان سلون ڏي وڃڻ .

130  =  =     

مينادر اعظم جي وفات .

121  =  =     

مھاتما ٻڌ جو سونو پتلو چين پھتو.

110  =  =     

انٽيالسيڊس جو سنڌ تي حملو.

100 =  =      

اسٽريٽو اول ( مينادر جو پٽ ) ڀڪشو بڻيو.

90  =  =      

اپولوڊوٽس جي وفات.

80  =  =      

آسٽريٽو ثانيءَ جي تخت نشيني

پھرين صدي

ملنڊ پنھو مصر پھتو.

70  =  =     

اسٽريٽو اول جي وفات .

58  =  =     

شھنشاھه وِنون جي تخت نشيني ۽ ڀارت جو سنبت.

پھرين صدي=

پراڪرت ڇند ورڻ سنگيت، جو لکجڻ.

30  =  =      

باختري حڪومت جو زوال .

20  =  =        

اڀير ۽ سٿيا لوڪن جو سنڌ فتح ڪرڻ.

20  =  =      

کان شاھه موئيس (سٿين) جي سنڌ تي حڪومت.

عيسوي سن جو چالو ٿيڻ

پھرين صدي

رشي پنگل جي سوتر ڇندس جو لکجڻ.

20ع

شاھه موئيس جي وفات.

20-29ع

ايزس جي سنڌ تي حڪومت.

29ع

گنڊوفر (پارٿين) جو خيبر دري تي قبضو ڪرڻ.

29 يا 33ع

۾ سينٽ ٿامس جو سنڌ ۾ اچڻ.

29-40ع

ايلش جي سنڌ تي حڪومت.

37ع

سينٽ ٿامس سنڌ مان روانو.

40-50ع

ايزلس ٻئي جي حڪومت.

44-45ع

گنڊ وفر جو تخت باھيءَ وارو ڪتبو.

45ع

بحر عرب جي تجارتي ھوائن جي تحقيقات.

50ع

يوچي (ڪوشان) قوم جو سنڌ ۾ اچڻ .

50ع

سٿين حڪومت جي پڄاڻي.

50ع

گنڊ وفر جي وفات.

50-65ع

ڪُجلا ڪادفيس (ڪوشان) جي سنڌ تي حڪومت.

65-78ع

ويما ڪادفيسس ’ٻيو‘.

70-80ع

’پيري پلس‘ جو لکجڻ.

78ع

ڪنشڪ اعظم جي تخت نشيني ۽ سندس سنبت چالو ٿيڻ.

87-89ع

ڪنشڪ جون چين تي ڪاھون.

89-105ع

چين جو شھنشاھه ھوتي.

90ع

ڪنشڪ اعظم، چوٿين مجلس ڪوٺائي.

102ع

ڪنشڪ حڪومت کي ترڪ ڪيو.

ٻي صدي

مھاين فرتو شروع ٿيو ۽ نالندا يونيورسٽي قائم ٿي.

102-106ع

واجشڪ (جو شڪ) جي حڪومت.

ٻي صدي

اسواگھوش، اڀير ڀاشا جو وياڪرڻ ’ساريپترا‘ لکيو.

106-138ع

ھو شڪ (واسديو اول) جي حڪومت.

ٻي صدي

ڀڪشو آريه ديو، نالندا جو چانسلر بڻايو ويو.

120ع

سنڌ جي سُريلن سگھڙن جو وڏو وفد سرڪاري طرح چين ڏي ويو.

138-145ع

ڪنشڪ ’ٻئي‘ جي حڪومت.

140ع

ٽالميءَ جو ’جاگرافي‘ لکڻ.

145-176ع

واسديو ’ٻئي‘ جي حڪومت.

150-151ع

راجا ردر دامن اڀير جو جھونا ڳڙھه وارو ڪتبو.

181ع

اڀير جنرل (باپڪ جي پٽ) رُدر ڀوتيءَ جو ڪاٺياواڙ ۾ ڪتبو.

188-190ع

اسوردت اڀير ، پنھنجا سِڪا جاري ڪيا.

ٽين صدي

جئه ديو جو ’ڇندس شاستر

225-241ع

ارد شير بابگان.

230ع

واسديو ’ٽئين جي چين ۾ سفارت موڪلڻ .

239ع

ڪنشڪ ’چوٿون.

248ع

ڪنشڪ پنجين جي تخت نشيني.

248ع

سودت جي پٽ، راجا ماٿري پترا اڀير، ڪلاچاري (چيدي) سنبت جاري ڪيو.

ٽين صدي

يوگ چارا فرقو شروع ٿيو.

270-310ع

مئتريا ناٿ، جوڳ جو روحاني فلسفو پيش ڪيو.

278ع

ڪنشڪ ’ڇھين‘ جي تخت نشيني.

ٽين صدي

ڀرت منيءَ جو ’نٽيه شاستر‘

301-310ع

ساساني شھنشاھه ھرمزد (واسديو ’ڇھين‘ جي نياڻي پرڻيو.)

310-039ع

آچاريه اسنگ، نالندا جو چانسلر (جنھن جوڳ جو پرچار ڪيو.)

315ع

راجا سوامي داس اڀير.

346ع

تائين واسديو ستين، جي حڪومت.

چوٿين صدي

’ديپ ونش‘، پراڻ جو لکجڻ.

355ع

راجا ڀُلند، اڀير.

360ع

ڪنشڪ ’ستين‘، شاپور ٻئي، کي روم واريءَ جنگ ۾ مدد ڏني.

365ع

راجا ردر داس اڀير.

375-400ع

واسديو ’اٺون‘ اديب، ’جميعت الشعراءِ سنڌ‘ جو باني.

چوٿين صدي

سنڌ تي ساساني حڪومت.

400-411ع

فاھين جو دؤورو ڪرڻ.

پنجين صدي

ترئيڪُو تڪ اڀيرن جي ڪونڪن تي حڪومت.

404ع

راجا نروورمن، اڀيرو.

پنجين صدي

لليتا وجر، نالندا جو چانسلر بڻايو ويو.

421-500ع

واسو ٻنڌو –منطقي، چانسيلر.

450ع

کان راءِ گھراڻي وارن جون حڪومت لاءِ اوائلي ڪوششون.

پنجين صدي

گھيه سماج ( ڳجھو فرقو ) قائم ٿيو

= =

مھاونش پراڻ جو لکجڻ.

453ع

ھوڻ سردار اٽيلا قتل ٿيو.

455ع

راجا ڏاھر سين ترئيڪُوتڪ (اڀير) جو امرڪ ننگر وارو ڪتبو.

489ع

راجا ويا گھرسين تِرئيڪُوتڪ .

495ع

کان سنڌ تي راءِ گھراڻي جي حڪومت.

پنجين صدي

دوھي جو پھريون مڃيل شاعر جئند ’جوڳ سار‘ دوھا.

=  =   

ڊيناگ، منطقي – فلاسافر.

=  =  

منجسري مول ڪلپ (تنتر) جو لکجڻ .

502-515ع

ھوڻن جو سردار تورماڻ ڪشمير ۾.

515-530ع

مھر گل ھوڻ پنجاب ۾.

557-567ع

ولڀيءَ جو راجا گُھه سين.

563-567ع

ھوڻن جو خاتمو.

581ع

ڳائڻن جي وڏي ٽولي چين ۾ پھتي.

581-595ع

چين جو شھنشاھه ڪؤ تسُو.

618-907ع

چين ۾ ٽانگ حڪومت.

619ع

سسانڪه گپتا، مھاٻوڌي وڻ وڍرايو.

630-644ع

چينائي مسافر ھيون- ٽسانگ.

632ع

کان سنڌ ۾ برھمڻ حڪومت.

635ع

ڌرمپال، نالندا جي چانسيلر جوڳ فلاسافي تي ڪتاب لکيا.

ستين صدي

مڇندر ناٿ جو ”ناٿ پنٿ“

643-714ع

نيپال جو لڇوي راجا، نريندر ديو مڇندرناٿ جو معتقد بڻيو.

690ع

سرھاپا جي ولادت. 

700ع

ڀامھه جو ڪاويه لنڪار ( اپڀرنش).

750ع

کان سرھاپاءَ، سندس نئين ”تنتر- طريقي“ جو ھادي (امام) مڃيو ويو.

760ع

۾ سرھاپاؤ جي وفات.

770ع

سنڌ جا ڀڪشو بنگال ۾ (راجا ڌرمپال وٽ) وڃي پھتا.

778ع

۾ آچاريه اَديوتن سوري، ڪوليه ’مالا ڪھا‘ لکيو.

788-820ع

شنڪر آچاريه، ھندو ڌرم کي نئون روپ ڏنو.

802ع

راجڪمار سنندن، سياسي سفارت سان گڏ، سريلا ڳيت چوندڙ، چينائي درٻار ۾ تحفي طور پيش ڪيا.

836-885ع

راجا مھرڀوڄ (پرھياڙ).

893ع

کان مھيندرپال ’اول‘ (پرھياڙ).

نائين صدي

جئرام جو ’ڌرم پرڪش‘ (اپڀرنش).

= =

سويمڀو ڇندس.

900ع

ڪھنو پاؤ، (آچاريه).

900ع-1000ع

ڪويراج سيکر.

ڏھين صدي

ديوسين جا ‘ساويه ڌرم‘ دوھا.

912-931ع

راجا مھيپال پرھياڙ.

933ع

ديوسين منطق تي چو ’نياپِه چڪر‘ (اپڀرنش).

942ع

۾ پدم ڪيترتيءَ جو ’پاسناھه چاريو‘ (اپڀرنش).

942-995ع

مولراج سولنگي .

ڏھين صدي

لاکو ڦلاڻي مارجي ويو.

948-949ع

راجا ديوپال (پرھياڙ).

955ع

مھيپال ’ٻيو‘ (پرھياڙ).

ڏھين صدي

خوفناڪ زلزلو

965ع

پشپ دنت جو ’جسھر چاريو‘ (اپڀرنش).

972ع

پشپ دنت جو ’نايڪمار چاريو‘ (اپڀرنش).

987ع

ھري سين جو ’ڌرم پرکا‘ (اپڀرنش)

ڏھين صدي

سو راشٽر ۾ اڀيرن جو اوج.

ڏھين-يارھين صدي

سُمنگ چارڻ، سنڌيءَ ۾ دوھي جو پھريون مڃيل شاعر.

1024ع

محمود غزنوي سومناٿ فتح ڪيو.

1148ع

ڪلھڻ جي راڄ ’ترنگڻي‘.

1158ع

ھري ڀدرسوريءَ جو ’سنڪمار‘ چاريو (اپڀرنش)

ٻارھين صدي

پير پٺو ديبلي.

1331-1386ع

ساينه ماڌو، ويد وياس

چوڏھين صدي

شيخ حماد.

1398-1518ع

ڀڳت ڪبير.

پندرھين صدي

جوڳي ساڌنا ( سيوھاڻي).

1469-1538ع

گرونانڪ .

1551ع

قاضي قاضن جي وفات.

سورھين صدي

’الو پنشد‘ (اپنشد).

1930ع

۾ جيمس پرنسيپ پراڻي برھمي لپيءَ کي پھريون دفعو پڙھيو.

 

”جنھن قوم ۾ غلط معيار رائج ٿين ٿا، پوءِ کڻي ان قوم جي زبان انھن غلط معيارن کي ڀلي ته بھترين نموني سان- جھڙوڪ شعر ۽ موسيقيءَ ۾- زيادھه کان زيادهه متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي، تڏھن به اھڙيءَ زبان جو نه فنا ٿيڻ ھڪ معجزو چئبو. اھوئي سبب آھي جو پراڻين طرزن جو شعر گوئيءَ ۽ عام موسيقيءَ تي بندش وڌي ويئي ۽ مٿن ملامت ڪئي ويئي. اھا ملامت خود شعر خواھه موسيقيءَ تي نه ھئي، پر انھن جي غلط استعمال تي ھئي“.          - علامه  آءِ. آءِ . قاضي

 

3

لوڪ ڪھاڻيون

1. ”سنڌ – راڻي“                  - ممتاز مرزا

2. شھزادي سامريءَ جي ڳالھ     - ”ذوالفقار“ راشدي

- تبصرا

- آديسي اُٿي ويا……              -پير علي محمد راشدي

”لوڪ ڪھاڻيون، لوڪ ادب جو نھايت ئي اھم ڀاڱو آھن، ڇاڪاڻ جو نه رڳو اھي لوڪ ادب جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو نمونو آھن، پر اھي انساني نفسيات، توھمات ۽ ابتدائي اعتقادات جي آثارن جو آئينو آھن. ھر انساني گروھ جون لوڪ ڪھاڻيون، ان گروھ جي ننڍپڻ جون وسريل يادگيريون آھن ۽ مجموعي طور سان مڙني قومن جون (لوڪ ڪھاڻيون) ڄڻ انسان ذات جي ننڍپڻ واري دؤر جا داستان ۽ دستاويز آھن. علم الانسان جي ماھرن وٽ لوڪ ادب جي ھن قديم ذخيري يعني ته لوڪ ڪھاڻين جي وڏي اھميت آھي، ڇاڪاڻ ته انھن جي گھري مطالعي مان قدري انسان جي نفسياتي ۽ ذھني ارتقاء جي تاريخ تي روشني پوي ٿي“. ’لوڪ ڪھاڻين ۾ انسان ذات جي ٻالاپڻ جا اھڃاڻ موجود آھن. عقل جي بلوغت ۽ جوانيءَ کان اڳ واري دؤر ۾ وھم ۽ وسوسا، سوڻ ۽ سنسا، منڊ ۽ متر، سڳا ۽ ڌاڳا، ديو ۽ پريون جن ۽ ڏائڻيون انسان جي ڪائنات جا اھم اسباب ھئا. ۽ انھن کي سندن عملي زندگيءَ ۾ وڏو دخل ھو. جھڙيءَ طرح جھونن دڙن ۽ ڀڙن ۾ آڳاٽين تھذيبن ۽ تمدنن جا آثار محفوظ آھن. لوڪ ڪھاڻيون ڄڻ لفظن ۽ بيانن جي صورت ۾ جھونا کنڊر آھن، جن کي ولڻ ۽ ويچارڻ سان انسان جي آڳاٽن وھمن ۽ ويچارن، خوشين ۽ خوفن، مرادن ۽ مقصدن، حڪمتن ۽ حيلن، ڪاميابين جي نوعن ۽ نمونن جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.

”مجموعي طور سان انسان ذات جي قديم نفسياتي تاثرات ۽ توھمات جي اھڃاڻن کان سواءِ، ھر انساني گروھ جي ’لوڪ ڪھاڻين ۾ ان گروھه جي مخصوص ڀرمن ۽ وسوسن، رسمن ۽ ريتن، نفسياتي لاڙن ۽ سماجي رجحانن جا آڳاٽي ۽ آڳاٽا آثار ملن ٿا. اھي ڪھنيون ڪھاڻيون ڄڻ آڳاٽا کنڊر ۽ ڀِڙا، دَنب ۽ دَڙا آھن، جن جي پھچڻ ۽ پچارڻ سان ان گروھ جي ذھني نشونما جا نشان نظر اچن ٿا.“

- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(”مھراڻ“: 1-2/1963ع)

ممتاز مرزا

 

”سنڌ راڻي“

(لوڪ ڪھاڻي)

[محترم ممتاز مرزا، حيدرآباد

جي مشھور مرزا- مغل خاندان مان نوجوان لکندڙ آھي. سندس ولادت ٽنڊي آغا ۾ ٿي. سندس والد، مرحوم مرزا گل حسن ’احسن ڪربلائي، سنڌي ٻوليءَ جو سُٺو اديب ۽ شاعر ھو، ۽ ميرن جي دؤر تي مرحوم جا لکيل مقالا ۽ ڊراما سَند جي حيثيت رکن ٿا. محترم ممتاز بي. اي. آھي ۽ ھن وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان وابسته آھي. افسانه نويسيءَ ۽ ڊراما نگاريءَ سان ڪافي شغف اٿس. بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم ۽ ڊڪشنري اسڪيم ۾ محترم ممتاز مرزا، متعدد ضخيم جلدن جي سھيڙڻ ۾ مثالي معاونت ڪئي آھي. سنڌ جي تاريخي پس منظر تي سندس ڪيترائي لکيل ڊراما معياري حيثيت رکن ٿا. جي ’مھراڻ رسالي ۾ ڇپيل آھن. ريڊيو تي ڊراما، فيچر ۽ مختلف نشرياتي پروگرام، سون جي تعداد ۾ لکي پيش ڪري چڪو آھي.]

- ادارو

اڍيجن جو سردار، پنھنجي سرداريءَ واري صندليءَ تي نھايت شان ۽ مانَ سان ويٺو ھو. سندس ڏَيا واري چھري تي گھري غور ۽ فڪر جا اھڃاڻ ھئا. سڄيءَ سٿ تي سناٽو ڇانيل ھو، انھيءَ غير معمولي خاموشيءَ جو عالم ڪنھن وڏي طوفان جو اطلاع ڏيئي رھيو ھو، ڪنھن ڪنھن وقت معمولي کنگھڪار، ماٺ واري ماحول ۾ زندگيءَ جو احساس ٿي ڏياريو، سردار جي سامھون واريءَ صندليءَ تي ھڪ ٻيو شخص ويٺو ھو. جنھن جي چھري تي بيچينيءَ ۽ اٻھرائيءَ  جا گڏيل تاثرات نظر پئي آيا. سندس چپ، ڪنھن ڳالھ چوڻ لاءِ آتا ھئا. ھن آخري ڀيرو سموري سَٿ تي نظر وڌي ۽ شَھپرن کي وٽڻ لڳو:

”سردار! اسين پنھنجا سمورا ويڇا وساري، تو وٽ آيا آھيون. مون کي اميد آھي ته تون اسان جي ڳالھ کي مان ڏيندين... منھنجي پٽ جي سونھن، سورھيائي ۽ فرمانبرداري ڪنھن کان به ڳجھي ڪانھي، شھزادي سونيتيءَ سان زندگي گڏ گذارڻ ۽ اوھان جي غلاميءَ ۾ قبول پوڻ جو ھُو ھر طرح سان لائق آھي!

اُڍيجن جي سردار جي پيشانيءَ تي گَھرا گُھنج اُڀري آيا- ائين پئي لڳو، ڄڻ ته ھو پنھنجي اندر سان جنگ ڪري رھيو آھي. اچانڪ گونجندار آواز ۾ ھن چيو:

”وڌيڪ ھڪ لفظ به نه چئج! تو پنھنجي حيثيت کان وڏي تمام ڳالھ ڪئي آھي. آءٌ توکي فقط انھي ڪري معاف ڪريان ٿو، جو تون مون وٽ آيل مھمان آھين…! قوم جي غدارن ۽ گيدين لاءِ سونيتيءَ جو نالو زبان تي آڻڻ جي سزا فقط موت آھي!… آءٌ توکي پنھنجي شھزاديءَ جو سڱ ڏيئي، پنھنجي غيور قوم کي ٽِڪو نه لاھيندس!“

ائين چئي سردار اُٿيو. نوڪر سندس ڪلھن تي لونگي رکي۽ پوءِ ھو ڪنھن به جواب سوال ٻڌڻ ۽ سَٿ تي نظر وجھڻ کان سواءِ ڪچھريءَ مان ھليو ويو.

سونيتيءَ جي عمر ان وقت فقط اٺ سال ھئي، پر سندس سونھن جي سرھاڻ گھڻن کي مست ڪري ڇڏيو ھو. پري پري جا سردار، سندس سڱ گھرڻ جي سعيي ۾ ھئا، سونيتيءَ جي سونھن تي حورون به حيران ھيون. سندس نزاڪت جي به حد ھئي. پاڻيءَ ۾ گلاب جا ورق وجھي ڍُڪ ڀريندي ھئي ته اھي نڙيءَ مان پيا نظر ايندا ھئا. سندس چنڊ جھڙو چھرو ۽ ڪونج جھڙي ڳچي، جيڪو ڏسندو ھو، سو حيرانيءَ ۾ بُت بنجي ويندو ھو.

(2)

ميان سرفراز خان ڪلھوڙو، سنڌ جي گاديءَ جو مالڪ ھو. ڪچھريءَ ۾ امير وزير موجود ھئا. ميان صاحب پنھنجي نياءَ واري سوني صندليءَ تي ٽيڪ ڏيو ويٺو ھو. سندس آڏو اھو اڍيجو سردار بيٺو ھو، جنھن کي سونيتيءَ جي پيءُ کُتو جواب ڏنو ھو. ميان سرفراز، سندس ڳالھ نھايت غور سان ٻڌي رھيو ھو. ھو فريادي بنجي سنڌ جي بادشاھ وٽ آيو ھو، ۽ درٻار ۾ پنھنجو عرض پيش ڪري رھيو ھو.

”جيئندا قبلا! سونيتيءَ جي سونھن جي ساراھه ڪرڻ انسان جي وس کان ٻاھر آھي-  اھا جيڪر اوھان جي ڪوٽ ۾ سونھي. ھن ملڪ ۾، سواءِ اوھان جي، ٻيو ڪو به سندس لائق وَرُ نٿو ٿي سگھي!“

ميان صاحب ڇرڪ ڀريو، ۽ فريادي کي تيز نگاھن سان ڏٺو ۽ پوءِ ھن آھستي آھستي چيو:

”معزز سرادر اسين ھن سرزمين جا والي آھيون... اسين اھا ڳالھ ڪڏھن به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آھيون ته رعيت جي عزت کي بُري اک سان ڏسون. جيڪڏھن سونيتيءَ جي مائٽن جي مرضي ٿي ته پوءِ اسان کي اعتراض ڪونھي. باقي تنھنجي چئي تي اسين ڪنھن تي به حملو نه ڪنداسون!“

ميان جو جواب ٻڌي، اُڍيجو، مڪاريءَ سان مُرڪيو، ۽ ادب جا ھٿ ٻڌي، پوئين پيرين ڪچھريءَ مان نڪري ھليو ويو!

ميان سرفراز، سردار کي جواب ڏيئي روانو ڪيو، پر سندس دل ۾ ھڪ طوفان مچي ويو. رات جو آرام ۽ ڏينھن جو سُک ڦِٽي ويس. ھن ڪنھن طرح سان سونيتيءَ کي ھڪ ڀيرو ڏسڻ چاھيو ٿي. آخرڪار، دل ھڻي دنگ ڪيائين. اشتياق ۽ تجسس کي ڪاميابي نصيب ٿي ۽ سفر جي تياري شروع ٿي.

(3)

سونيتي پنھنجي جيڏين سرتين سان تلاءُ تي راند پئي ڪئي. سھيلين جي ساڻس ڏاڍي پريت ھئي. خوشيءَ جي ٽھڪڙن جو ڄڻ ته سمنڊ چڙھي آيو ھو. ڪا سونيتيءَ کي ڀاڪر پيئي پائي ته ڪا پاڻ ڏانھن پئي ڇڪيس.

”مون کي اُڃ لڳي آھي!“ فضا ۾ ڄڻ ته سونن روپن گُلن جي ورکا ٿي ويئي. آواز دل جي گَھراين ۾ ھليو ويو. چؤطرف خوشيءَ جا ساز وڄي ويا. سرتين ۾ ڊڪ ڊوڙ پئجي ويئي.. ڪا وٽو پئي ڳولي ته ڪا گلاب جا پن پئي ميڙي، پاڻي آيو ان ۾ گلاب جي گلن جا پن پيا، سرتيون سھيليون کيس وڪوڙي ويٺيون. سونيتي مُرڪي کين ڏٺو، ۽ پاڻيءَ جو وٽو وٺي چپن سان لاتائين. سڀ سرتيون حيران ۽ عجب ۾ سونيتيءَ جي ڪونج جھڙي ڳچيءَ کي ڏسنديون رھيون.

تلاءُ کان ڪجھ پري، ميان سرفراز اچي خيما کوڙيا ھئا. اھو به انھيءَ ٽاڻي اڪيلي سر پسار ڪندو اچي تلاءُ وٽ پھتو ۽ سونيتيءَ کي پاڻي پيئندو ڏٺائين. سندس قدم ڄمي ويا، جسم پٿر ٿي ويو. سونيتيءَ جي سونھن سندس دل جي پکي کي تڙپائي ڇڏيو ۽ پڪو پھ ڪيائين ته سونيتيءَ کي پنھنجي راڻي بڻائيندس!

(4)

بادشاھ جي منزل گاھه تي، ڳوٺن ۽ راڄن جا چڱا مڙس، ميان صاحب جي سلام ڀرڻ لاءِ اچي حاضر ٿيا ھئا. سڀني کي ميان صاحب، حيثيت موجب مانُ ڏنو. جڏھن موڪلايائون، تڏھن ميان صاحب، سونيتيءَ جي پيءُ کي ترسڻ جو اشارو ڪيو.

”معزز سردار! اسين توکي بادشاھي گھراڻي سان رشتو ڳنڍڻ جي دعوت ڏيون ٿا. قدرت شھزاديءَ سونيتيءَ جي قسمت جي عروج ڏسڻ جي خواھشمند آھي.!“

اُڍيجي سردار جو ڪنڌ ھيٺ ٿي ويو. سندس منھن جا رنگ بدلجڻ لڳا. چند گھڙين کان پوءِ ھن وراڻيو:

”بادشاھ سلامت! منھنجي خوشقسمتيءَ تي ٻين کي ريس ٿيندي. آءٌ پاڻ کي نھايت ڀاڳ وارو ٿو سمجھان، مگر اسين پنھنجي قوم کان ٻاھر ڪنھن کي به سڱ ڪونه ڏيون... مون کي معلوم ٿيو آھي ته منھنجي ھڪ مخالف جي فرياد تي اوھان چڙھائي ڪئي آھي. پر اوھان اسان لاءِ قھر جي پاران رحمت بنجي آيا آھيو. مان شان سان سنڱ گُھريو اَٿوَ. توھان ملڪ جا بادشاھ آيو- منھنجي ڇا مجال، جو اوھان جي احسانن کان انڪار ڪري سگھان. آءُ توھان کي پنھنجي ڌيءَ سونيتيءَ جو سڱ ڏيڻ قبوليان ٿو؛ پر شھزادي اڃان مکڙي آھي، جڏھن وقت آيو، تڏھن ھي غلام اوھان جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو!

ميان سرفراز نھايت خوش ٿيو ۽ سردار کي سروپا ڏيئي رخصت ڪيائين. ان ڏينھن کان سرتين جيڏين، سونيتيءَ کي ”سنڌ راڻي“ سڏڻ شروع ڪيو.

(5)

ميان سرفراز خداآباد پھچي، سردار کي نوازڻ شروع ڪيو، ۽ سردار به ميان صاحب جي احسانن جي شڪرئي بجا آڻڻ لاءِ وٽس اچڻ لڳو. سردار ھڪ دفعي ميان صاحب جي دعوت تي باقبيلي خدا آباد ويو. کيس شاھي ڪوٽ ۾ عزت سان ويھاريو ويو. بلوچ سردار ان وقت ميان صاحب جي ڪوٽ ۽ ڪچھريءَ جا محافظ ھئا. ان وقت مير مرزي خان جو نوجوان پٽ، مير باگو خان، ميان صاحب جي حاضريءَ ۾ خداآباد ۾ موجود ھو. سردار جي روانگيءَ وقت اتفاق سان مير باگي خان جي نظر سونيتيءَ تي پيئي. دل بيتاب ٿي ويس. عشق، نوجوان مير باگي خان کي گھائي ڇڏيو، پر ميان صاحب جو ننگ ڄاڻي، پنھنجي پيار کي گُھٽي ڳالھ وساري ڇڏيائين.

ٿوري ئي عرصي کان پوءِ ”سنڌ راڻي“ ۽ ميان سرفراز جو مڱڻو ٿي ويو.

(6)

”سنڌ راڻي“ جي سونھن ھاڻي محلن ۾ بيان ٿيڻ لڳي ھئي. ھر ڪنھن جي زبان تي سنڌ راڻيءَ جو نالو ھو. شاھي گھراڻي جي اڪثر فردن، روديده نگاھن سان ”سنڌ راڻي“ کي ٿي ڏٺو، ۽ دل کي ھٿن سان دٻائي، ٿڌا ساھه ٿي ڀريائون ”سنڌ راڻي“ جي سونھن انھن کي به گھائي ڇڏيو ھو. سنڌ راڻي جي عشق ۾ گرفتار ٿيلن مان ميان سرفراز جو چاچو ميان عبدالنبي به دل کسائي ويٺو ھو. قدرتا جلد ئي ميان سرفراز جو زوال شروع ٿيو. ميان صاحب گرفتار ٿيو. ۽ ميان غلام نبي سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو. ميان عبدالنبي، ميان سرفراز کي قتل ڪرائي ڇڏيو. انھيءَ دردناڪ واقعي جي خبر جڏھن اُڍيجي سردار کي ملي، تڏھن ڏاڍو ارمان ٿيس، ’’سنڌ راڻي‛‛  به روئي روئي اکيون سُڄائي ڇڏيون، چي منھنجو بخت مون کان پٺيرو ٿيو آھي!“

ٿوري ئي وقت ۾، حڪومت جون واڳون ميان عبدالنبيءَ جي ھٿ ۾ اچي ويون. سوڀياوان ”سنڌ راڻي“ جي صورت سندس دل تي اڳيئي نقش ٿي چڪي ھئي، سو گاديءَ تي ويھڻ شرط اُڍيجي سردار ڏي پنھنجا ماڻھو اُماڻيائين.

(7)

سردار جي چھري تان ھڪ رنگ لٿو ٿي، ٻيو چڙھيو ٿي. ميان عبدالنبيءَ جا ماڻھو وڏيءَ ھوڏ سان ويٺا ھئا. سردار بيٺو ھو ۽ ڪنھن به ويھڻ لاءِ نه چيو ھڪ شخص اتاولائيءَ سان چيو:

”سردار! سونيتي شاھي سڱ آھي، ٻانھن اسان جي حوالي ڪر!“

سردار جي دل ۾ باھه ڀڙڪي اٿي. ھن ميان جي ماڻھن ڏانھن نھاريندي، نھايت ڏَيا سان چيو:

’’ميان کي وڃي چئو ته اھو سڱ وٺڻ جو دستور نه آھي. زور جي ميندي ڪڏھن به نه لڳندي. آءُ سڱ ڏيڻ کان انڪار ٿو ڪريان!“

”حياتيءَ تان اھو کنيو اٿئي ڇا؟“

عزت ۽ مانَ کان مٿي حياتي ڪانھي.- منھنجي جيئري، سونيتيءَ جو سڱ ميان کي نه ملندو! ... اھڙو اھو کتو جواب ٻڌي اٿي کڙا ٿيا.

(8)

ميان عبدالنبيءَ کي ھڪ ھنڌ ٽِڪاءُ نه پئي آيو. ھن جي چھري تي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا تاثرات پوري طرح قبضو ڪري چڪا ھئا.

”اُڍيجي کي انھيءَ جو ڪِيتو ڏيڻو پوندو. ھن اسان سان انڪار ڪيو آھي. اسان جڏھن به ڪنھن شئي جي حاصل ڪرڻ جي خواھش ڪئي آھي، سا حاصل ڪئي آھي! پوءِ چاھي ان لاءِ اسان کي رت جون نديون ڇو نه وھائڻيون پون. سونيتي اسان جي ’سنڌ راڻي‘ ٿيندي، اھو اسان جو آخري فيصلو آھي!“

”بيشڪ سائين! اوھان سان ڪير مقابلو ڪري سگھندو!“

”اسان جو حڪم آھي ته يڪدم گستاخ اُڍيجي سردار کي ھتي حاضر ڪيو وڃي. سندس موت ۽ حياتي، سندس ئي جواب تي منحصر رھندي.!“

(9)

ميان عبدالنبي پنھنجي بادشاھي تخت تي ويٺو ھو. ڪچھريءَ ۾ ٻيو ڪير به موجود نه ھو، سواءِ اُڍيجي سردار جي. ميان جي چھري تي انتقامي خوشيءَ واري مرڪ سبب، سندس واڇون ٽڙيل ھيون.

”ڇا ٿو چوين… مون کي سونيتيءَ جو سڱ ڏين ٿو يا نه؟.“

”نه… ھرگز… نه!“

تنھنجي حياتي منھنجي ھٿ وس آھي… آءٌ چاھيان ته ھڪ گھڙيءَ ۾ توکي ختم ڪرائي سگھان ٿو!.

”آءٌ ڄاڻان ٿو، پر مون کي حياتيءَ جي پرواھ ڪانھي. ھن دنيا ۾ عزت لاءِ جيئڻ مردن جو شان آھي... بيعزتيءَ واري حياتيءَ کان موت بھتر آھي!.“

ميان عبدالنبي ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو. ٽپ ڏئي اُٿيو تلوار ڪڍي، اُڍيجي سردار تي وار ڪيائين. سردار جي سسي پري وڃي پئي. ۽ جنھن بادشاھي ڪچھريءَ ۾ انصاف پلئه پوندو ھو، اتي ھڪ بيگناھه جي خون جي سرخي پکڙجي ويئي. پوءِ سونيتيءَ جي ڀاءُ ”سائينڏني“ کي مجبور ڪري، زوريءَ سونيتيءَ سان مڱڻو ڪيائين، ۽ کيس پنھنجي ”سنڌ راڻي“ بنائڻ جو اعلان ڪيائين.

(10)

اُڍيجي سردار جي بيگناھ موت ۽ سونيتيءَ سان زوري مڱڻي واري واقعي، مير باگي خان جي دل ۾ سُتل نينھن وري جاڳائي وڌو. ھن، ميان عبدالنبيءَ جي ظلم کان بچائڻ لاءِ، مظلوم سونيتي ۽ سائينڏني کي، مير فتح علي خان جي سام ۾ اچي ڏنو. مير فتح علي خان، ٻنھي کي دلداري ڏئي پنھنجي ڪوٽ ۾ رھايو. انھيءَ عرصي ۾ ميان عبدالنبي، مير بجار خان ۽ ٻين ٽالپرن کي شھيد ڪرايو. آخرڪار، مير فتح علي خان ۽ ميان عبدالنبيءَ جي جنگ لڳي، جنھن ۾ مير صاحبن کي فتح نصيب ٿي. ميان عبدالنبي شڪست کائي، گجرات ڏانھن ڀڄي ويو، ۽ سنڌ جي حڪومت ٽالپر اميرن جي ھٿ ۾ آئي.

سونيتي ۽ سائينڏنو، ان وقت ميرن جي پناھ ۾ ھئا. فتح کان پوءِ سائينڏنو خوش ٿيو ۽ پنھنجي ڀيڻ کي چيائين: ”ھاڻي ھلي پنھنجا اباڻا پَٽ وسايون!“ پر سونيتي، جنھن ھيتري خونريزي ڏٺي ھئي ۽ پاڻ کي بدبخت تصور ڪرڻ لڳي ھئي، تنھن خيال ڪيو ته موٽي ھلڻ سان وري الائي ڪھڙو ٻارڻ ٻري، تنھنڪري ڀاءُ کي چيائين ته ”ادا! مون لاءِ ھن ڪوٽ مان ٻاھر نڪرڻ نٿو جڳائي. منھنجو سڱ، مير صاحبن جي حوالي ڪر، پوءِ جيئن منھنجو بخت ھوندو، تيئن ٿيندو.“

ڀيڻ جي ڳالھ، سائينڏني کي دل سان لڳي آئي، سڄي حقيقت اچي مير فتح علي خان سان ڪيائين. مير باگو خان اڳيئي سونيتيءَ تي مفتون ھو، تنھن ڪوشش ڪئي ته ’’سنڌ راڻي“ کيس ملي. ڪن جو خيال ھو ته مير فتح علي خان سنڌ جو فاتح آھي، ”سنڌ راڻي“ جو سڱ ان کي ئي سونھي. بلوچن سردارن ڏٺو ته ھاڻي ڳالھ مان ڳالھوڙو ٿيندو، وري ٿو سونيتيءَ تان ڦيٽاڙو پوي، سو ڪچھري ڪوٺايائون.

(11)

مير فتح علي خان، بادشاھي تخت تي ويٺل ھو. ٻيا امير به پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ويٺا ھئا. ھڪڙي مير اُٿي چيو:

”ڀائرو! ”سنڌ راڻيءَ“ جو قدم ڳرو آھي. ھن کان اڳ جنھن جي نالي به ھيءُ سڱ ٿيو، سو سلامت نه رھيو: سرفراز مارجي ويو، ڪلھوڙن کان اميري ويئي، ھاڻي اسان ۾ ٿو ڏڦير پوي. انھيءَ ڪري اسين ھڪڙو شرط ٿا وجھون - جيڪو اھو قبوليندو، ”سنڌ راڻي“ ماڻيندو!“

”ڪھڙو شرط ؟“

”جيڪو ”سنڌ راڻي“ پرڻبو اھو ملڪ ۽ ملڪيت تان ھٿ کڻندو!“

سڀيئي ٽالپر امير ويچار ۾ پئجي ويا. ٻيا ڪُڇن ئي ڪُڇن، تنھن کان اڳي مير باگو خان اٿي بيٺو ۽ چيائين ’’مون کي شرط قبول آھي!“ سڀني اميرن يڪمشت ٿي چيو ”بس، فيصلو ٿي چڪو، پر جڏھن ته ميان عبدالنبي ”سنڌ راڻيءَ“ جو پيءُ مارائي ڇڏيو ھو، ۽ مير فتح علي خان سڀني ۾ وڏو آھي، تنھنڪري اُھو پيءُ ٿي، ”سنڌ راڻي“ مير باگي خان کي پرڻائي ڏئي!“

(12)

سنڌ جو فاتح، مير فتح علي خان سخت پريشان نظر پئي آيو. سندس من ۾ آنڌ مانڌ متل ھئي. فيصلو ڪرڻو به کيس ھو، پر فيصلو ڪري نه پئي سگھيو. ”سنڌ راڻيءَ“ جي سونھن جو تجلو ھڪ ڀيرو ڏسي چڪو ھو. سندس دلي تمنا ھئي ته ”سنڌ راڻي“ سندس ئي پَٽ - راڻي بنجي، پر راڄ وارن ۽ مير باگي خان سندس دل جو سڪون کسي ورتو ھو. اوچتو سندس دل ۾ ڪو خيال آيو. اميد جي روشني نظر آيس… ٿي سگھي ٿو ته سنڌ راڻي مير باگي خان کي قبول نه ڪري، آءُ کائنس پڇي ته ڏسان! اھو خيال ڪري، مير صاحب ڪوٽ ۾ ويو. پوش پوش، جا آواز بلند ٿيا. پردي جي پٺيان ’’سنڌ راڻي‛‛ ويٺي ھئي. مير صاحب چيو:

”سنڌ راڻي! توکي خبر آھي ته ڪچھريءَ ۾ مير باگي خان، ملڪ ۽ ملڪيت ڇڏي، توسان شادي ڪرڻ قبول ڪئي آھي… جيڪڏھن تون اھو قبول ڪرين ته…!“

مير صاحب وڌيڪ ڪُڇي نه سگھيو. ڪجھ وقت ماٺ رھي مير صاحب ”سنڌ راڻيءَ“ جي جواب جي انتظار ۾ پردي جي پٺيان گھورڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. اوچتو فضا ۾ روپن ۽ سونن گلن جي ورکا ٿيڻ لڳي. چؤطرف چاندي جون تارون وڄڻ لڳيون. مير صاحب ششدر، اھو آواز ٻڌندو رھيو، جيڪو پردي جي پٺيان جادو پکيڙي رھيو ھو:

بادشاھ سلامت! جيڪڏھن باگي جو نالو مون تي پئجي چڪو آھي ته مون کي انڪار ڪونھي. پر آءُ راڄن توڙي حاڪمن تي ڄڻ بدبختي جي علامت آھيان. پنھنجن ۾ وير وڌم ميان سرفراز خان بيگناھه شھيد ٿي ويو. پنھنجي پيءُ جي موت جو ڪارڻ بڻيس. ميان عبدالنبي پنھنجي صاحبي وڃائي. اوھان ۾ به منھنجي سڱ تان نفاق پوي ھا، پر اوھان دور انديشي ڪري فيصلو ڪيو آھي. ھاڻي جيڪو مون سان پرڻبو، سو مفلسيءَ جي زندگي گذاريندو. اھڙي جيئڻ کان ته مرڻ سٺو آھي. ھاڻي بھتر آھي ته پنھنجي خنجر سان منھنجي حياتي کي ختم ڪري ڇڏيو… منھنجو خون، ھن دنيا ۾ توڙي قيامت ۾ توھان کي بخش آھي…!

مير صاحب اونھي ويچار ۾ پئجي ويو. دل جي ھوس، پڌري محبت ۾ بدلجي ويئي. ھن شفقت سان چيو ته

سنڌ راڻي! منھنجو خيال ھو ته توکي پنھنجي نڪاح ۾ آڻيان، پر ھاڻي آءُ خود تنھنجو پيءُ آھيان، تنھنجي ٻانھن باگي کي سکڻين ھٿين  ڪونه ڏيندس.

جلدئي، ”سنڌ راڻي“ ۽ مير باگي خان جي شادي ٿي. مير فتح علي خان، فرمان جاري ڪيو ته ”مير باگو خان، گونيءَ مان ھڪڙو واھه کڻائي. ان جي پاڻيءَ تي جيڪا زمين آباد ٿي سگھي. سا سندس جاگير طور قبول ڪئي ويندي!“

مير باگي خان، پوءِ لاڙ ۾ اچي پنھنجو ڪوٽ ٻڌو. سنڌ راڻي سندس حياتي بڻجي وئي. ھو سندس محبت ۾ اھڙو ته مست ٿي ويو. جو شاديءَ کان پوءِ ٻارھن مھينن تائين ڪوٽ مان ٻاھر نه نڪتو. آخرڪار، ھڪ سال کان پوءِ شاھي واھه کوٽايائين، جنھن تي ھزارين ايڪڙ آباد ٿيا ۽ اھو واھه سندس نالي سان ’’باگو واھه‛‛ سڏجڻ لڳو. ڪيترائي غريب غربا لَڏي اچي سندس ڪوٽ وٽ ويٺا. ڪوٽ بنجي ڳوٺ ٿيو، جيڪو اڄ ”ٽنڊي باگي“ جي نالي سان مشھور آھي.

اڃا اھي خوشيءَ جون محفلون متل ئي ھيون ته ”سنڌ راڻي“ جو ڀاءُ ڪنھن حادثي جو شڪار ٿي ويو. پنھنجي اڪيلي ڀاءُ جي اوچتي موت تي سنڌ راڻي کي سخت صدمو رسيو ۽ ھو بيمار ٿي پيئي. ان وقت سندس عمر فقط چوويھ سال ھئي. ”سنڌ راڻي“ جي بيماريءَ مير باگي خان کي سڀڪجھ وسارائي ڇڏيو. گھڻيئي حيلا ڪيائين، پر ھوءَ ڏينھون ڏينھن بيمار ٿيندي وئي. آخرڪار، مير باگي خان جي محبت ۽ تاريخ جي ھن عجيب ڪردار 5 رمضان 1104ھ تي زندگيءَ جا پَساهه پورا ڪيا!.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com