سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع

مضمون

صفحو :3

گيت

مرحوم لطف الله بدوي

حال ٿيو حيران

ساجن تو ريءَ دل جو مندر آھه بڻيو ويران!

 

ديپ جَلايم اُن جي اندر، ٿورو ٿي پيو تيل،

وٽ کٽي پئي ديپ وساڻيو، قسمت جو ھي کيل،

ڪھڙو ڪريان ارمانُ!

 

سانوڻ جون گھنگور گھٽائون، پي پپيھي لائي،

پورب جي پُر شور ھوائن، مون کي آڳ لڳائي،

اندر آ طوفان!

 

ٻُڌم انڌيري رات ۾ تنھنجي قدمن جو آواز ،

سمجھيم ساجن آيو شايد، ھيڻي جو ھمراز،

ڪوڙو ھو آڀمان!

 

کنوڻ جي کونڊي روئي ويٺيس، تنھا پيتم ڏُور،

رئندي رئندي ننڊ وٺي وئي، سانڍي دل جو سور،

حال ٿيو حيران!

 

سپني اندر ساجن آيو، چيائين در کي کول،

جاڳيس، کوليم در کي ڊوڙي، ھينئڙي جو ھي ھول،

رستو ھو سنسانُ!

ولي محمد ”وفا“

ڪاري ٻاٽ اونداھي!

ڪاري ٻاٽ اونداھي!

ڪوئي پرينءَ جو ڏسڙو ڏينم!

تنھا تنھا، نگري نگري، روڳي مَن ٿو رولي،
ڪوڇا ڄاڻي، ڪنھن کي بن بن برھا – ماري ڳولي،
ڇانو نه ڪائي، رڻ سڀوئي، ڪٿي وٺي ڪو ساھي؟

ڪاري ٻاٽ اونداھي....!

 

جندڙي ورھه وڪوڙي ڍوليا، ماري نيٺ مڃائي،
پرديسيءَ سان پريت لڳائي، پاڻ کي پاڻ مون لائي،
ھجر و فراق جي آڳ، سمھي پيو ڀاڳ، اڏي پئي ڇائي!

ڪاري ٻاٽ اونداھي....!

 

سانوڻ سياري، توکي ساري، روز ڏسان ٿو راھون،
ڳوڙھن سان ئي يار رھن ٿيون، ڀريل نت نگاھون،
رستا سنسان، دلڙي حيران، ڪونه مليو ڪو راھي:

ڪاري ٻاٽ اونداھي....!

 

”خادم“ سروري

موسم بھار آئي!

موسم بھار آئي، پر تون نه آئين پيارا!

گلڙا کِڙيو کِلن پيا، ھڪٻئي سان ڪيئن ملن پيا،

سھڻا به ات گھمن پيا، ٽولا ڪيو ھلن پيا،

ھڪڙو ئي مان ته آھيان ــ نيڻن وھايان نارا!

بلبل ٿي گيت ڳائي، ٻوليون مِٺيون ٻُڌائي،
دونھان پئي دکائي، ڦٽڙا ڇٽل چڪائي،
ڪا ياد ٿي ڏياري ــ دلڙي ٿي پارا پارا!

 

ڪوئل پئي ڪوڪاري، ڪا ياد ٿي ڏياري،
دلڙي ٿي توکي ساري، شايد ڇڏيئه وساري،
پرديس اچ تون واري، محبوب منھن موچارا!
 

ڇتڙن جي توسان ياري، ڏاڍي اٿم پياري،
گڏ زندگي گذاري، پياري ۽ پيار واري،
سا تو ڪيئن وساري، ڇو ٿو ڪرين ڪنارا!
 

تنھنجو اچڻ ٿو ماري، تنھنجو وڃڻ ٿو ماري،
تنھنجو رُسڻ ۽ پَرچڻ، تنھنجو کلڻ ٿو ماري،
توکان سوا اداسي ــ آھيان اي جيءَ جيارا!

 

پنھنجا نه قول پاريئه، وعدا سڀئي وساريئه،
دلڙي ڇو اھڙي ڌاريئه، محبوب مون کي ماريئه،
توکي چوان ڇا ھاڻي ــ پيارا اي قرب وارا!

 

پھرين تو پيچ پاتو، ڇاتيءَ سان مون کي لاتو،
ھاڻي مون کان ٿي آتو، ڇا کان ڇنو تو ناتو،
مان ساڳيو تنھنجو آھيان ـ نوڪر سڄڻ سچارا!

 

ننڍپڻ جون ڳالھيون پياريون، ڪھڙيون نه پيار واريون،

ڪھڙي سبب وساريون، رمزون تو راز واريون،

توڏي ڏسي ٿڪي پيا ــ محبوب منھنجا تارا!

جاني جدا رَھڻ ڇا، محبوب ھيئن رُسڻ ڇا،

منھڙو مٺا مٽڻ ڇا، ڀيرو مٺا ڀَڃڻ ڇا،

خادم کي ھئن ڇڏڻ ڇا ــ جلدي تون اچ خدارا!

رحيم بخش قمر

موٽ مٺا تون موٽ!

موٽ مٺا تون موٽ ڙي،

موٽ مٺا تون موٽ ڙي!

 

سرنھن ڦُلاري سنڌ ۾،

ڪڻڪ ڪتاريا ڪوٽ ڙي:

موٽ مٺا تون موٽ ڙي!

 

ساڳ، ڦَريون ۽ ڦوٽڙا،

گڏجي کائون گھوٽ ڙي:

موٽ مٺا تون موٽ ڙي!

 

تنھنجي ياد ڏني اندر ۾،

چئني پاسي چوٽ ڙي:

موٽ مٺا تون موٽ ڙي!

 

”قمر“ چئي ٿو قرب مان،

الله جي ٿئون اوٽ ڙي:

موٽ مٺا تون موٽ ڙي!

”نثار“ بزمي

بڻجي ويندي بات

 

اڱڻ تي ڪانگ لوي ٿو لات،

شايد منھنجي سر جو سائين، ريجھي ايندم رات:

اڱڻ تي ڪانگ لوي ٿو لات!

 

ڏيھه مبارڪ مون کي ڏيندو، گھورون مان گھوريندس،

پنھنجي سر جي سائينءَ کي مان، ھيرن ۾ توريندس،

اُن تي پوءِ وسائيندس مان، گلڙن جي برسات:

اڱڻ تي ڪانگ لوي ٿو لات!

 

دلبر جي ديدار ڪرڻ لئه، چنڊ به اُڀري ايندو،

چادر پنھنجي چانڊوڪيءَ جي، قدمن ۾ ڪيريندو،

ھيرَ ڏکڻ جي ٿڌڙي پنھنجي ڏيکاريندي ڏات:

اڱڻ تي ڪانگ لوي ٿو لات!

 

فرقت جا ڦَٽ ڀرجي ويندا، روڳ نه رھندو ڪوئي،

دل جا داغ ڇڏيندو پنھنجي ھٿڙن سان ھُو ڌوئي،

ھڪڙي ئي جلوي سان ’بزمي بنجي ويندي بات:

اڱڻ تي ڪانگ لوي ٿو لات!

احمد خان ”آصف“ مصراڻي

آءُ ڙي ڍولڻ آءُ!

دنيا ساري آھي ڌاري، ڌاري مطلب واري،

ھرھڪ ميت ـ پريت مٽي ڪئي ريت ۽ نيت نياري،

تو بن منھنجو، ڪوبه نه پنھنجو، ڪير ڪري ڪھڪاءُ

آءُ ڙي ڍولڻ آءُ.

 

نينھن جون نظرون، تبرون بڻڇون، ڀالا، تير، ترارون،

زخمي ٿي دل جان جُھري، ٿيو سينو ڦارون ڦارون،

ناھه ڇُٽڻ جو ڪير ڇُٽائي، گھورن وارو گھاءُ:

آءُ ڙي ڍولڻ آءُ.

 

راتيون جاڳان، تولئه جاڳڻ مون لئه آھه عبادت،

تنھنجو الڪو ۽ اوسيئڙو جھڙو زھد رياضت،

تنھنجي دُوري نرڳ نسورو، سَرڳ سَندءِ سرچاءُ:

آءُ ڙي ڍولڻ آءُ.

 

مُنھنجون اکيون آسڻ تنھنجو، ھي دل تنھنجو ديرو،

پير ڌري پنبڻين منھنجين تي، پھچ پرين ھڪ ڀيرو،

پھچ ته پھچايون دنيا ۾، پيار سندو پڙلاءُ:

آءُ ڙي ڍولڻ آءُ!

مدد علي ”سانگي“

منزل ناھي دوُر!

منزل ناھي دور، او ساٿي -

                                متان وڃين وھلور!

مومل جھڙا مارڳ، رڻ جي راڻن کان ڪيئن رُسندا؟

وک جي پنھنجي وڌندي رھندي، نيٺ ته رستا کُٽندا!

سانجھيءَ کان پوءِ رات ٿئي ٿي، تنھن کان پوءِ اَ سوُر-

ساٿي! منزل ناھي دور!

 

عزم جي آڏو مشڪل ھرڪا، ٿيندي آ آسان،

جَل ٿَل سارا وجھي جھُڪائي، اٿي جي ھي انسان:

نيٺ ته ھي مجبور سمورا، ٿي ويندا مسرورـ

ساٿي! منزل ناھي دور!

 

منزل ماڻي ميلا مَچندا، جھرمر ۽ جنسار،

سونھري سو سُک جو دؤرو، ڏسنداسين ٻيھار:

”سانگي“، ھرڪو ماڳ پڄُي ٿو، دنيا جو دستور ـ

ساٿي! متان وڃين وھلور!

لوڪ گيت

محمد اعظم رحه (خيرپورناٿنشاھه)

بيراڳڻ

مائي، مائي! سُن ميري مائي، عشق الستي آيا،

بيھوشي دا ڀر ڀر ميڪون جلدي جام پلايا،

ھوش عقل گُم ھويا ميڏا، حيرت حال وڃايا،

سور سڄڻ دي جان جگر ڪون جوشين خوب جلايا،

ميرا بس نھين اي ماتا! موليٰ ايوين بنايا،

لوڪان وي مئين بيراڳڻ شام دي،

چندا! ميرا پيا بتلادي!

 

مائي، مائي! سن ميري مائي، محب ڪا ڪٿ مڪاني،

ڍونڍ ڪي ٿڪيان عالم ساري، ھٿ لگا نه ٺڪاني،

نام نزاڪت والا ظاھر پيدا ڪجھه نه نشاني،

ڪس ني پايا انت نه اسڪا، حيران ھردو جھاني،

لوڪان وئي مئين بيراڳڻ شام دي،

چندا! ميرا پيا بتلادي!

 

مائي، مائي! ٻڌ  منھنجي مائي، منھنجو وس نه ڪوئي،

جيڪي لکيو لوح  قلم ۾، پيش اچي ھت سوئي،

ٻانھي جي ھٿ ڪينڪي آھي، سائين ھٿ سڀوئي،

ڪنھن کي لک ڪروڙن بخشي، ڪنھن کي لڱ نا لوئي،

لوڪان وئي مئين بيراڳڻ شام دي،

چندا! ميرا پيا بتلادي!

مائي، مائي! ٻڌ منھنجي مائي، سورن ساڙيو سينو،

عشق اجاريو اندر ”اعظم“، قلب منجھان ويو ڪينو،

پاڪ پريت پرينءَ جي مُنھنجو اندر ڪيو آئينو،

ٻاجھه ڪري جي ٻھڳڻ ملندو، درد ويندو ديرينو،

لوڪان وي مئين بيراڳڻ شام دي،

چندا! ميرا پيا بتلادي!

(احمد خان آصف کان شڪريي سان مليل)

”سرويچ“ سجاولي

مورو

مورو ته آھي مورو،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

ماري ٿو تُنھنجو جھورو،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه تي جا واري،

او درياھه تي جا واري،

تُنھنجي ڳڻتين آھيان ڳاري،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه جا تان واھه،

او درياھه جا تان واھه،

سڪي ٿو تولاءِ ساھه،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه تي جو جھنگ،

او درياھه تي جو جَھنگ،

روئي ته وِيَم رَنگ،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه تي جي مينھُيون،

او درياھه تي جي مينھيُون،

ڦاٽي  ٿو تولئه ھينئيون،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه جون تان لَھِريُون،

او درياھه جون تان لهريون،

منھنجو پيچ ته توسان پھريون،

ڙي ڍولڻ– مورو ويٺي ڏيانءِ.

درياھه ۾ تان مِينُھن،

او درياھه ۾ تان ميِنُھن،

نئون ته تو سان نينھن،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه جون تان ڀِڪُوّن،

او درياھه جون تان ڀِڪُوّن،

مون لاٿيون نه اڃا سڪون،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

دريا تي جي ٽارا،

او دريا تي جي ٽارا،

ڳڻيان ته ويٺي تارا،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه تي جا مَڏي،

او درياھه تي جا مَڏي،

جياري ته وَڃ ھيءَ جَڏي،

ڙي ڍولڻ ــ مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه تي جي دُونھان،

او درياھه تي جي دُونھان،

آءٌ رت ٿي تولاءِ روئان،

ڙي ڍولڻ ــ مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه جي تان ڪنڌي،

او درياھه جي تان ڪنڌي،

مُنھنجي ڪانھي توريءَ ڪنڌي،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه تي جا موري،

او درياھه تي جا موري،

ڇِني نه ڇَڏ ھيءَ ڇوري،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه جون تان ڇاڙون،

او درياھه جون تان ڇاڙون،

تو سان مِلڻ جون ٿم ٻاڙون،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه جي تان ڪيٽي،

او درياھه جي تان ڪيٽي،

ڇِني ڇَڏ نه ننڍي نيٽي،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه ۾ تان دَنگي،

او درياھه ۾ تان دَنگي،

تنھنجي وِرھه آھيان ونگي،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

درياھه جون تان آرون،

او درياھه جون تان آرون،

توکي ڪريان پيئي ڪارون

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه جون تان ڀيڙون،

او درياھه جون تان ڀيڙون،

مُڪِيمَ ته توڏي ميڙون،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه جي تان ڇولي،

او درياھه جي تان ڇولي،

تنھنجي گَھَر جي آھيان گولي،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه تي جا لاڻي،

او درياھه تي جا لاڻي،

تُنھنجي دَرَ جو ڀريان پاڻي

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ

 

درياھه جا تان ڪوڏا،

او درياھه جا تان ڪوڏا،

تو لَئه دل ٿي کائي لوڏا،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه جون تان ستيون،

او درياھه جون تان ستيون،

توسان مَن جون ميخون کتيون،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه جا تان ڪُنَ،

او درياھه جا تان ڪُنَ،

منھنجو تَن ته ٿيو آ تُنَ،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه جا تان ٻيلا،

او درياھه جا تان ٻيلا،

تولئه روح ٿو کائيم ريلا،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه ۾ تان ٻيڙي،

او درياھه ۾ تان ٻيڙي،

ھُجان تو سان شل مان ڀيڙي،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه جون تان ڀِٽون،

او درياھه جون تان ڀِٽون،

چُمان ته تنھنجون مِٽون،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

درياھه جا تان ڪَپَ،

درياھه جا تان ڪَپَ،

چمان ته تنھنجا چپ،

ڙي ڍولڻ ــ مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه جا تان ڇَڇَ،

او درياھه جا تان ڇَڇَ،

توکي ڪُڏي ته کڻان ڪَڇ،

ڙي ڍولڻ ــ مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه جون تان ٻوڏون،

او درياھه جون تان ٻوڏون،

پاڻ لُڏون ٻَڌي لوڏون،

ڙي ڍولڻ ــ مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه ۾ تان ڪَکَ،

او درياھه ۾ تان ڪَکَ،

توکي ڏاڍا ته وجھان وجھان ٻک،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه تي جي ٻيريون،

او درياھه تي جي ٻيريون،

ڇو ٿو دوست وجھين تون ديريون،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه ۾ جي واڳون،

او درياھه ۾ جي واڳون،

منھنجون وَس ته تنھنجي واڳون،

ڙي ڍولڻ ــ مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه تي جي ٽالھيون،

او درياھه تي جي ٽالھيون،

تنھنجون ڳڻيان ويٺي ڳالھيون،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه جا تان ڍورا،

او درياھه جا تان ڍورا،

ڳايان ويٺي تنھنجا ٿورا،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه جون تان ڪوڀون،

او درياھه جون تان ڪوڀون،

توکي سائين ته ڏيندو سوڀون،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه ۾ تان چنڊ،

او درياھه ۾ تان چنڊ،

ماريئي ته ھَڻي مَنڊ،

ڙي ڍولڻ - مورو ويٺي ڏيانءِ.

درياھه تي جا ڪانھين،

او درياھه تي جا ڪانھين،

تنھنجي دَر تي آيس دانھين،

ڙي ڍولڻ – مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه ۾ تان ٻيڙا،

او درياھه ۾ تان ٻيڙا،

پنھنجا مولا ته ڪندو ميڙا،

ڙي ڍولڻ ـ مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه ۾ تان پاڻي،

اودرياھه ۾ تان پاڻي،

مون سان سھڻل ٿي تون ساڻي،

ڙي ڍولڻ – مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه تي ھِيءَ چَري،

او درياھه تي ھِيءَ چَري،

وڃان نَه متان مَري!

ڙي ڍولڻ ــ مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه ۾ تان ٻانڌي،

او درياھه ۾ تان ٻانڌي،

تُون ڪُلھي ته ٿجئين ڪانڌي،

ڙي ڍولڻ ــ مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه ۾ تان ھُلَ،

او درياھه ۾ تان ھُلَ،

اچي قبر تي پڙھجئين قُلَ،

ڙي ڍولڻ ــ مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

درياھه جو تان پيچ،

او درياھه جو تان پيچ،

ھي ساريئي ٿو ”سرويچ“،

ڙي ڍولڻ ــ مورو ويٺي ڏيانءِ.

الحاج رحيم بخش ”قمر“

مانجھيءَ جي منڊي

مُنڊي تنھنجي دلبر،

ھنئين لايان ھر ھر.

 

مُنڊي تنھنجي مانجھي،

چمان صبح، سانجھي،

لُڏي ٿيس لانجھي،

مٺا آءُ موٽي_

وجھونا وڇوٽي،

مُنڊي تنھنجي پياري،

سَوني آھي ساري،

وڏي شان واري،

مٺا يار منھنجا –

چمان پير تنھنجا.

 

مُنڊي منھنجي ھٿ ۾،

سُونھان پيئي سٿ ۾،

ڪچھريءَ جي ڪٿ ۾،

وئين ڏور جاني_

منڊي ڏئي نشاني.

 

مُنڊي جَھرڪي جاني،

ٿئي دل ديواني

سندءِ ڪونه ثاني،

ھلي آءُ ھاڻي.

جوانيءَ کي ماڻي.

نظم

”تنوير“ عباسي

سَڏ

مون ته مشعل پنھنجي ھٿ ۾ آ کنئي،

پوءِ به ڪافي ناھه ان جي روشني!

سمنڊ اونداھيءَ جو آھي بيڪران:

تون به ڪا مشعل کڻي، اوري ته آءُ،

لاٽ مان ٻي لاٽ ٻاري، ڪر الاءُ-

روشنيءَ کي ائين ورھائيندا وڃون،

مشعلون ساريون جَلائيندا وڃون؛

روشنيءَ مان روشني وڌندي وڃي،

پاڻ کان اوندھه پري ٿيندي وڃي؛

سمنڊ اونداھيءَ جو آھي بيڪران_

ٻيڙين وانگي تَرن، ان جي مٿان،

روشنيون ئي روشنيون ئي روشنيون!

”نياز“ ھمايوني

پنھنجي وطن ۾ لھي ويا جو وندر جا لابارا ھوءِ،

اسان ويراڳي بڻجي پياسين، ويڳاڻا وڻجارا ھوءِ.

 

انبن جئان ٿا پال وجھون دل درد جي ڪينگر منجھه جڏھن،

تڏھن پچڻ کان پوءِ ٿيون ٿا ڪنھن جي اڳيان موچارا ھوءِ.

اکڙيون اوھان جون جن جو آٿت، تن جا آھن پؤن ٻارھن،

جن تي ديد نه ڪوئي ڌري سي ڪيئن ڪندا ويچارا ھوءِ.

 

مُونن ۾ منھن پائي ٿو ڪوئي ڪنڊ ۾ ٻلڪي ٻارن جان،

ھاءِ حياتي، ڪَتِيءَ جو پارو، ھاءِ گذر ڄڻ تارا ھوءِ.

 

جيئون ته پو ڪيئن جيئون اسان ھن آئٽي نپٽي دنيا ۾،

گھڙي گھڙي اوساٽ اندر جا، گھڙي گھڙي مونجھارا ھوءِ.

 

توبن پنھنجي پيار جي نگري سُڃِي سُڃِي ڀڙڀانگ پرين،

آڌي ۽ مانجھيءَ تي آھن، آھُن جا ڪيڏارا ھوءِ،

 

آبادين ۾ اڻ تڻ پنھنجي، ويرانن ۾ وندر ڪانه،

تن من ٿا بي چين بڻائن، يادن جا يڪتارا ھوءِ.

 

عشق ڪيوسي ڄڻ ته ڪيوسي چوري چاڪيءَ جي گَھر جي،

گھر گھر منجھه پچار اسان جي، گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ رارا ھوءِ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com