سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع

مضمون

صفحو :8

محرم خان ايم. اي.

 

پراڪرتي شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ

]محترم محرم خان ولد محمد يوسف وگھامل، ڳوٺ نور خان

وگِھامل، تعلقي ھالا ۾ 18 جولاءِ 1918ع تي تولد ٿيو. قرآن شريف ۽ ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين ۽ انگريزي، نور محمد ھاءِ اسڪول ۾ پڙھيو، ۽ اتي ئي 1941ع کان 1954ع تائين استاد ٿي رھيو. 1962ع تائين سينٽ ميريز ڪانوينٽ ۽ نضرٿ ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو استاد رھيو. 1963ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار آھي. ننڍپڻ کان مغربي موسيقيءَ سان شغف پيدا ٿيس ۽ ان سلسلي ۾ ڪيئي سال صرف ڪيائين. 1944ع ۾، رائل انڊين نيوي (بمبئي) جي ڊائريڪٽر آف ميوزڪ کان انھيءَ سلسلي ۾ سَند حاصل ڪيائين.

محترم محرم خان کي سنڌي شاعريءَ جي ارتقا تي کوجنا ڪرڻ جو گھڻو شوق آھي. ان سلسلي ۾ سندس چار مقالا ”مھراڻ ”۾ ھن ريت شايع ٿي چڪا آھن. 1) ”سُمنگ چارڻ سنڌي جو اوائلي شاعر“: پرچو 1 ۽ 2 ، 1966ع، 2) ”قديم سنڌي شعر ۽ شاعري تاريخي جائزو“: پرچو 3 ۽ 4 - 1966ع، 3) ”شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ“: پرچو 2- 1967ع، 4) ”آريائي شاعري جي شروعات ۽ قديم سنڌ“: پرچو 2، 1967ع. سنڌي شعر جي کوجنا جي سلسلي ۾ ھي ”پراڪرتي شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ“: چوٿون نمبر مقالو آھي. ان کانپوءِ پنجون نمبر مقالو تحرير ھيٺ آھي، جنھن ۾ سمن جي دؤر جي شعر تائين تحقيق مڪمل ٿيندي.-  ادارو.[

(الف) تاريخي پس منظر

گذريل مقالو[1] جيئن ته صرف آريا لوڪن جي اِتھاس ۽ تاريخ تائين محدود رکيو ويو ھو، تنھنڪري ان ۾ نه رڳو ٻين ٻاھرين قومن کي نظرانداز ڪيو ويو؛ پر خود مھاتما گوتم ٻُڌ، جنھن خاص ھندستان جي دُن مان ئي عوامي اصلاح جي تحريڪ اٿاري ۽ عالمي انقلاب آندو، تنھن کي پڻ ڄاڻي ٻجھي  ٽاريو ويو (جيئن اڪثر ٿيندو آيو آھي.)

ايراني حڪومت: ٻاھرين قومن ۾ آريا لوڪن کانپوءِ، اول ايراني ھتي آيا. ڪن قديم روايتن موجب: مھاڀارت واري زماني (800 ق.م.) کان به اڳي، ايران مان ”سيميراس“

(Semiramis) سنڌ تي ڪاھه ڪئي، جنھن ۾ ھن عراق ۽ اسيريا جا سپاھي به آندا ھئا. انھن کي سنڌ جي بادشاھ ’بروبيٽس‘ (Staurobates) ڀڄائي ڪڍيو، جيڪي مڪران جو ڪنارو ڏيئي پنهنجي ملڪ پهتا. اهڙو ئي ٻيو حملو (ستين صدي ق.م. ڌاري) هوشنگ ’پيشداديه‘ پڻ ڪيو هو. تاريخي حقيقتن مطابق ايران جو سنڌ تي قبضو، ڇهين صدي قبل مسيح جي ڪياني شهنشاهه ’سائرس اعظم‘ (855_530 ق.م.) کان شروع ٿئي ٿو. ڪياني ڪسرائن دنيا جي تاريخ ۾ نه فقط پهرين منظم شهنشاهت قائم ڪئي، پر قديم دنيا جي تختي تي اها وسيع ترين سلطنت پڻ هئي. دارا اعظم جي عهد (530_ 486 ق. م.) ۾ هن حڪومت جون حدون هڪ طرف ته مصر جي ماٿريءَ ۾ نيل نديءَ تائين پکڙيل هيون، ته ٻئي پاسي وري مهراڻ ندي اُڪري راجستان جي رڻپٽ تائين به سندس سِڪو هلندڙ هو. ايڏي وسيع دنيا جو انتظام رکندي، هنن جي هٿان هڪڙو عظيم ڪارنامو ٿي گذريو: ’پنجن سالن جي پيادي پنڌ جيڏو ڊگهو ملڪ‘، تنهن ۾ آمدورفت کي آسان بنائڻ ۽ ان جي دائمي سلسلي قائم ڪرڻ لاءِ، دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ئي دفعو پيچرا دريافت ڪيا ويا ۽ انهن کي سڌاري سرڪاري سڙڪون بنايون ويون[2]. انهيءَ ڪري قديم زماني جا مڙيئي متمدن ملڪ ۽ مهذب قومون پاڻ ۾ ڪڙجي هڪ ٿي ويا. اهڙي عالمگير اتحاد ۾ سنڌ جو ملڪ پڻ عام سطح کان مٿي اڀري، بين الاقوامي معاملن ۾ اڳواڻي ڪرڻ لڳو. دارا جي پُٽ زرڪيسز (Xrxes 486-465 B.C.) جيڪا يونان تي چڙهائي ڪئي، تنهن لاءِ پڻ مهراڻ جي ماٿريءَ مان ئي جنگي جوڌا ميڙي جمع ڪيائين. هروڊوٽس جي چوڻ موجب: سنڌ جي سپاهين توڙي سوارن کي سوٽي ڪپڙا پاتل هئا. هنن جي هٿن ۾ بانس جون ڪمانون ۽ بيد جا تير هئا، جن جي چهنبن تي وري فولادي ڦار چڙهيل هئا. [3] هيءُ پهريون دفعو هو، جڏهن يورپ وارن سندن ئي

سرزمين تي سنڌي سورما وڙهندي ڏٺا هئا. انهيءَ ايراني_ سنڌي اشتراڪ جا احوال ته سڪندر جي ڪاهه تائين، بلڪ ان کان پوءِ به مفصل طرح سان ملندائي رهن ٿا؛ مگر هن مقالي جو مول مقصد فقط ٻُڌ مذهب ۽ ان جي نمائنده شخصيتن جي تاريخ ئي ڏيڻ آهي، انهيءَ سبب ايران جي ايتري احوال تي اڪتفا ڪندي، مهاتما ٻُڌ جي واقفيت ڏجي ٿي، جيڪو هن مضمون جو مرڪزي مانجهي آهي.

مھاتما گوتم ٻڌ:

مھاتما ”گوتم ٻُڌ“- ڪرشن، رام، راوڻ ۽ لڇمڻ وانگي ڪو فرضي ڪردار يا ڪائي خيالي ڏند ڪٿا نه آھي، پر ھي ھڪ اھڙي حقيقي ۽ تاريخي شخصيت آھي، جنھن جا ذاتي آثار اڄ به دنيا جي عجائب- گھرن ۾ محفوظ آھن. پاڻ نيپال جي شاڪيه گھراڻي مان، راجه سڌوڌن جو وليعھد ھو. سندس جنم (558 ق.م.) ڪَپل وَستو شهر کان پندرهن ميل پري لُمبنيءَ واري باغ ۾ ٿيو. جنهن کي هاڻي لمبني ديوي سڏيندا آهن.[4]

انهيءَ ڏينهن تي آسِيت نالي هڪڙي ساڌوءَ هماليه پهاڙ تان اچي، هن جي جڳت_ گرو ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي. تنهن کان پوءِ ستين ڏينهن تي سندس والده مايا ديويءَ جهان ڇڏيو؛ جنهن جي ننڍي ڀيڻ (ماتا گوتمي) ٻار جي نيپاج خاطر سڌوڌن سان پرڻائي ويئي. اهائي پوءِ عام طرح سان سڌارٿ ڪمار جي ماءُ ليکي ويئي آهي. ٻوڌيستو جي ٻالجتيءَ کان ئي هيءَ عادت ھئي، جو باغ ۾ لڪي اڪيلو ويھي ويچار ڪندو ھو. سندس انھيءَ ايڪانت پسنديءَ جو آخري علاج ھيءُ ھو ته ھن کي دنيا جي ڄار ۾ جڪڙيو وڃي؛ تنھنڪري ھن جي شادي سندس سڳيءَ سؤٽ يشوڌرا ڪماريءَ سان ڪرائي ويئي. انھيءَ مان راھُل نالي پٽ ڄائو، جنھن جي ستين ڏينھن تي ٻوڌيستو شاھي محل ڇڏي کڻي جھنگ مُنھن ڪيو. سندس تارڪ الدنيا ٿيڻ جو اصلي سبب اھو نه ھو،  ته ھن ڪو مريض، مڙدو يا پيرسن پھريون ئي دفعو ڏٺا ھئا. پر جنھن ڳالھه ھن کي حڪومت تان ھٿ کڻايو، سا ھندو مت جي ھٺ ڌرمي ھئي.

ويدڪ زماني جا کتري آريا، درندن وانگي ھڪٻئي جو چڪين ماس پٽي رھيا ھئا. يگيه کائيندڙ برھمڻ وري پاڻ کي نوراني نسب مڃائڻ خاطر، کترين کي به خدا جي خوني بازُن جو مظھر مڃي، ويتر قتل جي بازار گرم ڪري رھيا ھئا. مگر سڌارٿ ڪمار خود کتري ھوندي به انھيءَ ڌرمي يڌ، يگيه ۽ وڏيرڪي بڻ جي بنھه برخلاف ٿي بيٺو- ”مون ۾ ويراڳ ڪيئن جاڳيو، سو ٻڌو: ماڻھن کي درندن وانگي وڙھندو ڏٺم… منھنجيءَ دل تي سخت چوٽ لڳي“ (گاٿا-[5]). پنھنجن پيارن کي ڍورن وانگي ڪسندو ڏسي، ھن جي دل کي ڌڌڪو آيو، سو ھٿين خالي وڃي ڌرين جي وچ ۾ پيو ۽ انھن کي ايلاز آزيون ڪري پاڻ ۾ پرچائڻ لڳو، اڳيان ھوبه ڪي کتريپڻي جي ھٺ ۾ ورتل ھئا، سي نه مڙيا. ”مون محسوس ڪيو ته گھر – گرھست گندو ۽ تڪليفن جو آستان آھي، ھتي رھي ڪابه مڪمل نيڪي حاصل ڪرڻ ممڪن ئي نه آھي، تنھن ڪري ڪکن جا ڪپڙا ڪري، وڃي…[6]؛ پر پنھنجي پيءُ ماءُ، ڪنوار ۽ پُٽڙي جي پريت جو ڳٽ اڃا سندس ڳچيءَ ۾ ڦاٿل ھو، سو ”اي ڀِڪشو! آءٌ پاڻ مرض، مصيبت ۽ موت جي چنبي ۾ ھوندي به، ڏک ڏھاڳ ۽ ڏولائي ۾ ورتل وٿن جي ور چڙھي ويس! تڏھن دل ۾ آيم ته انھن (ڏکائيندڙ شين) کان پاڻ ڇڏائي، ڪوئي جڳ جو ڇوٽڪارو ڳولي ڪڍجي“.[7]

سندس سرچائڻ واسطي ڪيتريون ئي ڪنيزون ۽ ڪماريون محلات ۾ موجود ھيون.سي جڏھن ڳائي وڄائي سمھي پيون، تڏھن ڪنھن جي وات مان گِگ وھڻ لڳي ته ڪا وري بڇڙو منھن ڪري (خواب ۾) وڦلڻ لڳي. سو ڏسي، ٻوڌيستو کي ٻيڻي بڇان آئي، پنھنجي ڪوچوان ”ڇن“ کي جاڳائي، ڪَنٿَڪ گھوڙو ڪاھي نديءَ تي آيو. اتي پنھنجن وارن جو چوٽو ترار سان ڪپي، شاھي لباس، ڳھڻا، لٽا ۽ گھوڙو ڇن کي ڏيئي، پاڻ درياھه ۾ ٽپي پيو ۽ سالن تائين وري سندس ڪو پتو ڪونه پيو.[8]

حق جي تلاش ۾ ھن کي ڪيترائي ڌرمي پنڊت منھن پيا، تن سان بحث مباحثا ڪندي به کيس ڪو اطمينان ڪونه ٿيو. آخر وڃي آرويلا (گِيا) جا سُڃا جھنگ وسايائين. ”اي اگوسَين! جيڪي جھنگل بلڪل ڀوائتا سمجھبا ھئا، اتي گگھه اونداھين ۾ به آءٌ اڪيلو وڃي ويھندو ھوس. ھوا ۾ پن کڙ کڙ ڪندا ھئا، ڪو مور وڻ تان ڪا سڪل ڏانڊي ڪيرائيندو ھو، يا ڪو ھرڻ اکين اڳيان ڊوڙي ويندو ھو ته سمجھندو ھوس ته شايد انھيءَ کي ئي ڊپ ڪوٺيندا آھن“[9]. ”اي سِچڪ! آءٌ ڏند ڏندن تي ڀچائي، زبان تارونءَ تي ڄمائي، خيال قبضي ۾ ڪري، جڏھن فڪر ۾ غرق ٿي ويندو ھوس؛ تڏھن منھنجي ڪڇن مان پگھر ريلا ڪري وھي نڪرندو ھو… ڌيان لڳائڻ ۾ ساھه به روڪي ڇڏيندو ھوس ته وري ڪنن مان ساھه نڪرڻ جھڙا آواز ٻڌندو ھوس“[10]- اھڙي طرح ڪک پن کائي به ست سال ساندھه سخت رياضتون ڪندو رھيو.“ اي اگوسين (سچڪ)! آءٌ ھڪڙو ٻير کائي به ويلو ٽاري ڇڏيندو ھوس، مگر منھنجو ڏيل نھايت ئي ڏٻرو ٿي ويو ھو: ڪَچي ڪدوءَ وانگر منھنجي کل گھنج ڪري سڪي ٺوٺ ٿي ويئي. وَل جي ڳنڍين وانگر سنڌن جا ڳنڍ پيا ڏسبا ھئا، ڇِت جي ٿِڙڪيل پٽين وانگر منھنجيون پاسريون پيون لڙڪنديون ھيون، اُٺ جي پير وانگي منھنجي ڍونگري ٿي وئي ھئي. اڀ جا تارا جيئن اونھي کوھه ۾ ڏسبا آھن، تيئن منھنجيون اکيون کوپڙيءَ ۾ ڏسبيون ھيون. پيٽ تي ھٿ گھمائيندو ھوس ته پٺيءَ جو ڪنڊو ھٿ کي لڳندو ھو. مٿي تي ھٿ ڦيريندو ھوس ته وار ڇڻي پوندا ھئا. پيشاب يا پائخانو ڪرڻ ويھندو ھوس ته اتي ئي پئجي رھندو ھوس“[11]. اھڙيءَ نازڪ حالت ۾ وري شيطان (مار) اچي، کيس حياتيءَ کٽڻ جو خوف ڏيئي برغلايو.

انھيءَ کان ٿورو اڳي مائي سُجاتا نالي، ڪنھن مالوند جي زال، ٻوڌيستو کي ڀوت سمجھي، کير چڪو اچي ڀيٽا رکيو. اھو ورتائي وري به پوري اعتماد سان رياضت ۾ لڳي ويو. تان جو مار (شيطان) سان مقابلو ڪندي گھڻي رات گذر ٿي وئي. اھا ويساک جي چوڏھين تاريخ ھئي، جنھن جي پوئين پھر تي سندس اندر ۾ الھام آيو ۽ کيس نئين روشنائي نصيب ٿي. چئن اعليٰ حقيقتن جو ھن کي علم حاصل ٿيو، انھن جي بنياد تي وري اٺن وصفن وارو روشن رستو پڻ معلوم ٿيس ۽ ٻوڌيستو مان چڙھي ٻُڌ (عارف) ٿيو. انھيءَ معرفت مان کيس ايڏو اطمينان ۽ سڪون سريو، جو سڄا سارا ست ھفتا، انھيءَ سرور قلبيءَ جي ڪيفيت ۾ ئي محو رھيو. انھيءَ سان گڏ ئي، ھن ذميداريءَ جو احساس به سندس اندر ۾ اڀرندو آيو ته ھيءُ گيان جو ڊگھي انتظار ۽ ڪيتري ڪشالي ڪڍڻ بعد مون کي مليو آھي؛ سو ھن لاءِ آھي ته انهيءَ جو لاڀ عام لوڪن کي ضرور ملڻ گھرجي. تنھنڪري باقي زندگي ٻين جي ڀلي ۽ سک لاءِ صرف ڪرڻ جو ھن فيصلو ڪيو ۽ موٽي انساني آبادين ڏانھن پنڌ پيو. آکاڙ جي مھيني ۾ ئي اچي سارناٿ ۾ سھڙيو. اتي پھريون دفعو (522 ق.م.) پنجن پنڊتن کي اچي تلقين ڪيائين. اھڙيءَ طرح ئي اول ’ڌرم چڪروَرتن‘ (قانون جو ڦيٿو ڦرڻ) چالو ٿيو.

”اي ساڌئو! ھي چار اعليٰ حقيقتون ياد رکجو: ھيءَ حياتي ۽ ان جون گھرجون، بيماري ۽ ٻڍاپو، محتاجي ۽ موت سو سڀ ڏک ئي ڏک آھي.اھا پھرين بنيادي حقيقت اٿو. دائمي حرص وھوس ۽ ان ما اٿندڙ تمنائون به عذاب آھن، سا ٻي سچي حقيقت اٿو. انھيءَ حرص ۽ ھوس کي صبر ۽ قناعت سان دٻائي ضابطي ھيٺ آڻڻ، ۽ انھيءَ کان بي نياز رھي پاڻ تان عذاب ٽارڻ، اھو ٽيون حقيقي سچ سمجھو. ۽ چوٿين اعليٰ حقيقت ھيءَ آھي ته مٿين مڙني مصيبتن جو آسان علاج، اٺن اصولن واري ’معتدل مذھب‘ ۾ آھي. ھاڻي اھي اٺ نيم (نڪتا) ڪھڙا آھن، سو ٻڌو:  صحيح سمجھه، صحيح حافظو، صحيح قول، صحيح فعل، صحيح عبادت، صحيح پرھيز ۽ صحيح روزي“. اھو آھي مھاتما گوتم ٻڌ جو پھريون وعظ جنھن کي مذھبي چرخي جو چرڻ، چيو ويو آھي. انھيءَ ئي جاءِ تي پوءِ سارناٿ يونيورسٽي قائم ڪئي وئي.

چند مھينن ۾ سندس سنگھه (انجمن) جو انداز سٺ تائين پھچي ويو، اتي مھاتما جي من ۾ آيو ته جڏھن سارو جڳ اڻڄاڻائيءَ جي اوندھه ۾ غرق ھجي، تڏھن اسين پنھنجي سک ۾ ساءُ سمجھون؛ انھيءَ کان ھلڪي ڳالھه ٻي ڪھڙي ٿي سگھي ٿي! تڏھن تٿا گت (تِتي پُھل) چيو: ”اي ڀڪشؤ! ھاڻي سڀني جي سک ۽ ڀلائيءَ خاطر اٿي کڙا ٿيو. عوام تي شفقت ڪريو ۽ سچ جي پرچار لاءِ سندرو ڪشيو… پر ساڳئي واٽ سان ٻه ڄڻا نه وڃو.[12] انھن جا اُپديش ٻڌي، ڪٿان ڪٿان جا ماڻھو تٿا گت وٽ رجوع ٿيڻ لڳا. ٿورن ئي سالن ۾ پنج سئو ڀڪشن جو سنگھه (جماعت) مختلف ملڪن ۾ پرچار ڪندي پکڙجي ويو. مگدھه جي مھاراجا بِمبسار ۽ ڪوشل جي راجا پسيند پڻ ٻڌ مذھب مڃيو:

ڀاڳونت ٻڌ پرچار ڪندي ڪپل وستوءَ ۾ بکيا وٺڻ آيو ۽ پنھنجي ئي گھر اڳيان اچي سئين ھنيائين  يشوڌرا ديويءَ يڪدم پنھنجي ڀتار کي سڃاتو، ۽ راھل ڪمار کي سڏي چيائين ’پٽ! اھو تنھنجو ابو اٿئي، وڃي کانئس ورثو گھر‘. راھل ڪمار سندس پاڇي ۾ بيھي چيو ’ڀڳونت! توھان جي ڇانو سک واري آھي!‘ تٿاگت اتان ئي پويان پير ڪيا، راھل ڪمار به سندس پاڇي سان لڳو آيو. آستاني تي اچي، اول راھل کان وچن ورتائين ”پاڻ کي پيغمبرزادو سمجھي بيکارين جي بي ادبي ته نه ڪندين“؟ اھا پڪ وٺي، پوءِ سنگھه ۾ داخل ڪري، کيس ساريپت جي سپرد ڪيائين.

اتي ماتا گوتمي پڻ محلات ڇڏي، اچي سنگھه جو سھارو وٺڻ چاھيو، مھاتما ٽي دفعا ان جي ڳالھه اڻٻڌي ڪري، وئشالي (بھار) ڏي ھليو ويو. ماتا مايوسيءَ ۾ مٿو منائي، گيڙو ڪپڙا ڪري، سندس پٺ ورتي. ايتري پنڌ ھلڻ ڪري سڄي ڌوڙ ۾ ڀڀوت ٿي وئي ۽ سندس پير سُڄي ڦاٽي پيا. اتي آنند اچي مھاتما کي منٿ ڪئي ته: جنھن ماسيءَ اوھان کي نپائي ايڏو ڪيو، ان کي عورت ذات جي ڀلائيءَ خاطر، چاڪريءَ جو موقعو ملڻ گھرجي. مھاتما وري به انڪار ڪندي چيو ته ”اي آنند! استرين لاءِ جي ھن پنٿ ۾ ڪابه جڳھه نه ھجي ھا، ته ھي مذھب ھميشه ھلي ھا: پر ھاڻي فقط ھڪ ھزار سال ھلندو- سوبه پنجن صدين کانپوءِ کرڻ لڳندو. تنھن ھوندي به ماتا کي ھي شرط منظور ھجن، ته سدا اچي سيوا ڪري: بيکارڻ (Nun) ساري ڄمار به کڻي سنگھه ۾ گذاري، تڏھن به ڪنھن ڀڪشوءَ سان بي ادبيءَ ۽ بي حجابيءَ ساڻ نه ڳالھائيندي؛ پر پاڻ سڀني کي ھٿ جوڙي، ھنن کان نيم سکندي رھندي… ھر چوماسيءَ بعد پنھنجي ڪوتاھين جو ساري سنگھه اڳيان اعتراف (Confession) ۽ پڇتاءُ ڪندي وغيره.“ ماتا اھي سڀ ڳالھيون خوشيءَ سان مڃي، سنگھه ۾ داخل ٿي.[13] پوءِ ته وٽس ڪيتريون ئي ڪُراڙيون ۽ بيواھيون اچي گڏ ٿيون. وِساکا نالي اؤڌ جي سيٺاڻيءَ سڄي ملڪيت وقف ڪري، خاص زالن واسطي وھار ٺھرايو ۽ پاڻ به ماتا سان گڏجي شيوا ڪرڻ لڳي. تنھنڪري پوءِ علحدو ’ڀڪشڻي سنگھه‘ (Convent) بڻيو.

جڏھن معتبر ماڻھو به سون جي انداز ۾ اچي ڀڪشو بڻيا، تڏھن مھاتما کي سندس سڳو سؤٽ ديودت ڦري آيو. چي: توھان جو حقي وارث مان ئي آھيان، تنھنڪري توھان پنھنجي جيئري ئي مون کي جماعت جو اڳواڻ مقرر ڪري وڃو، ته جيئن توھان کان پوءِ سڄو سنگھه سنڀالي سگھان.[14] مگر مھاتما مائٽي جو ڪوبه لحاظ نه رکي، سندس رٿ کي ريٽي ڇڏيو. ديو دت انھيءَ کان اڳي ئي اِجا تسترو راجا تي دوستيءَ جو دام وجھي چڪو ھو. راجڳڙھه جي راءِ بمبسار جڏھن اِجا تستروءَ کي پنھنجو وليعھد بڻايو، ته ديو دت اچي ھن کي ھڪدم زوريءَ حڪومت ھٿ ڪرڻ لاءِ ھرکايو ھو.- ”اي راجڪمار! پڻھين کي پورو ڪري، راجائي ماڻي وٺ، توکي الائي ڪڏھن تخت ملي، تيسين ته ڄمار ڳري ويندئي!“ ديودت جي اھڙي بڇ ڪرڻ تي ئي پنھنجي پيءُ کي منھن سامھون ماري، پاڻ مگدھه جو مھاراجا بڻيو ھو.[15] ھاڻي ديودت جو وارو ھو. ھن لاءِ پنج سؤ پينارن جي ماني ته محلات مان منظور ٿي چڪي ھئي، سو ڪيترائي بيکو راجڳڙھه ۾ ڪٺا ڪري برغلائي رھيو ھو.[16] ھاڻي وري پنھنجي حق تلفي سمجھي، وڃي اجا تستروءَ سان اوريائين- ”سڌارٿ گوتم جي ڄمار پوري ٿي پوي ته آءٌ ھڪدم سندس جاءِ نشين ٿي وڃان.“ راجا پنھنجا رھزن جلاد روانا ڪيا، پر اھي پاڻ وڃي ڀڪشو بڻيا.[17] پوءِ پھاڙ تان ھڪڙو پٿر مھاتما جي مٿان ڪيرايائون، اھو به گسي ويو.[18] نيٺ ’نيلگري‘ نالي ھڪڙو مست ھاٿي مٿس ڇيڙيائون، جنھن مھاتما جي اڳيان مٽي کڻي پنھنجي مٿي تي مَکي ۽ ھميشه لاءِ مستي ڇڏي، موٽي اچي محلات اڳيان ويٺو، اجاتسترو ته اھو چمتڪار ڏسي، پشيمان ٿي اچي پيش پيو. ديودت وري اچي مھاتما مھندان ھيءَ حجت ھلائي ته جماعت جي رياضت لاءِ تلخ آزمائشون تجويز ڪريو. جڏھن اھا دعوا به رد ٿي، ته گيا ۾ وڃي ڀڪشن کي گمراھه ڪرڻ لڳو.[19]

ٻئي طرف پاڻ کي ’پاڪيزه نسل‘ چوائيندڙ ۽ يگيه کائيندڙ برھمڻن جو خانداني ڍونگ به کلي چڪو ھو. اھي پنھنجيءَ پر ۾ ته ڄڻ ڄمندي ئي ڄام ھئا ۽ ساري انسان ذات کان الڳ، پاڻ کي ھڪ اشرف ۽ اعليٰ مخلوق تصور ڪندا ھئا. مگر مڙني انسانن جي طبعي توڙي فطري صورت ۽ حالت ھڪجھڙي ھئڻ ڪري، جو انھن کي به عام انساني حيثيت سان سڃاتو ويو، سي سندن ’پيرن جي پيدائش‘ خاڪي ڀڪشن، توڙي پينار گوتم جي پٺيان ڇِتا ٿي لڳا. مگر مھاتما انھن مڙني کان بي نياز، چاليھه سال ساندھه خدا جي بندن جي خدمت ۾ لڳو رھيو. البت پوين ڏينھن ۾  بعضي، مھينن جا مھينا به ڪنھن غار اندر لڪي (جتي کيس ڪوبه سڃاڻي نه سگھي، وڃي سماڌيءَ (مراقبي) ۾ ويھندو ھو، اھا ريت اڃا تائين به اوڙيسا، آسام، برما، سيام ۽ سيلون ۾ عام آھي؛ پر ٿٻيٽ ۾ ته ويتر وڌاءَ سان به چالو آھي. اتي جا لاماته سالن تائين به ڪنھن سڃي ھنڌ ويھي چلو پچائين ٿا.[20]

مھاتما اٺين پھر فقط منجھند جي بکيا وٺي ورتائيندو ھو. آخري ساوڻ (478 ق.م.) جا ٽي مھينا بيمار گذاريائين. شاھي طبيب ’جِيوَڪ‘ ھن کي ڪِريءَ جو کاڌو ڏسيو ھو. ٻڌ مذھب ۾ ڪنھن به خاص کاڌي کي پسند يا ناپسند ڪرڻ وڏو گناھه آھي. سو پرھيز ناممڪن ھئي. آخري بکيا ۾  چُند لُھار کيس کنڀين جو ٻوڙ کارايو. اھو کائي آنند کي سڏيائين: ”چند لھار کي منھنجون دعائون چئج- مائي سُجاتا وارو کير ۽ چند وارو کنڀين جو ٻوڙ. تٿا گت فقط انھن ٻن بکيائن جي واکاڻ ڪئيم ائين چئي، کيس ضرور خوش ڪجانءِ[21].“ اتي سندس حالت نازڪ ٿيڻ لڳي، پر اھو ڳوٺ ڇڏي ڪيسنارا ٻيلي تائين رڙھي ويو. رات جو جڏھن ڀڪشو اچِي گڏ ٿيا تڏھن تٿا گت چيو ”اي ڀڪشو! آءٌ اسي سالن کان به اڪري چڪو آھيان. پراڻي ڇڪڙي وانگر منھنجي بدن جو گاڏو به گھلجي رھيو آھي. اوھان کي مون اڳي ئي پنھنجو پنٿ کولي سمجھايو آھي. ڪابه ڳالھه مون لڪائي نه رکي آھي. تنھنڪري تٿا گت باقي ڇا چوي! ھاڻي توھين پاڻ تي اعتماد رکو ۽ پاڻ تي ڀاڙيو، سچ کي ئي پنھنجو ڏيئو بڻايو ۽ جڳ جي لاءِ حق جا روشن ڏيئا بڻجو.“ انھن ڳالھين ڪندي، رات جي پوئين پھر (478 ق.م.) ۾ مھاتما ھن فاني دنيا مان چولو مٽايو.[22]

ترپٽڪ جو تيار ٿيڻ: مھاتما جي چالاڻي تي ھزارين بکاري اچي سوڳ ۾ ويٺا، تن ۾ سَڀدر، جيڪو اڃا اڳئين ڏينھن تي بيکو بڻيو ھو؛ سو سماڌيءَ مان ٽپ ڏئي اٿيو. چي: ”اسان تي جو ايڏيون پابنديون پيل ھيون، سي سڀني  تان لٿيون. ھاڻي جنھن کي جيئن وڻي سو تيئن ڪري“ ائين چئي ھليو ويو. مھاڪيشپ نالي وڏو ودوان، جنھن کي لاش سپرد ڪيل ھو، سو چوڻ لڳو:- ”اي بيکؤ، ھاڻي ڀاڳونت جو ماني مَنھه نڀائي، سڀئي سڄاڻ ۽ وڏا بيکاري گڏجي ويھو ته تٿا گت جي تعليم کي ھڪدم ڪٺو ڪجي. نه ته ٻيا ڀڪشو به سڀدر وانگيان ڇڙواڳ ٿي ويندا.[23] انھيءَ چوماسيءَ ۾ پوءِ پنج سؤ پڙھيل ڀڪشو چونڊيا ويا. تن ۾ جھوني ’ڳاھه پتي‘، اَپاليءَ کي مھاتما جون مڙيئي ڳاھون ياد ھيون. جيڪو پوءِ ’ڌرم پال‘ مڃيو ويو، تنھن جي تصديق سان اول انتظامي اصول (وِنيه) جمع ٿيا، آنِند اڪثر مھاتما جي خدمت ۾ ئي رھندو ھو، تنھن وري عقيدي ۽ عبادت جا ’سُت‘، سڻايا، سي سڀني جي صلاح سان صحيح مڃيا ويا.[24] انھن ٻنھي جي سمجھاڻيءَ ۾ سوال- جواب، جيڪي مھاتما پاڻ پنڊتن سان ڪيا ھئا؛ سي وري ساري پت نالي ھڪڙي سنت (راھل جي گروءِ)، پنھنجي پينارن کان پڇندي، اھي ’آڀدم‘ گڏ ڪيا.[25] تيسين، راءِ اجا تسترو ڀڪشن کي بکيا موڪليندو رھيو ۽ ديودت وري به وڏيرپ لاءِ ور وجھندو ۽ نفاق آڻيندو رھيو.

پنڊت پنھنجا پستڪ پوست يعني چمڙي تي ئي لکندا ھئا. پر ٻڌ مذھب ۾ ته ماس ورتائڻ جي منع ھئي، سو پليت کلن تي پوتر وچن وري ڪيئن لکبا؟ تنھنڪري اھي سُت ۽ وچن وڻ جي پنن تي لکي، جدا پِٽَڪ (پِنڊي يا ڇٻيءَ) ۾ سانڍيندا ويا. اھا ٽُٻڻي ٽُٻ ٿي ويئي، ته وري ٻيءَ ڇليءَ ۾ ”ونيه“ وڌا ويا. آخر اڀدم سميت جڏھن ٽئي ٽوڪريون ٽمٽار ٿيون ته ’ترپٽڪ‘ تيار ٿي ويا.

ڪن جو چوڻ آھي ته اھي آڀدم، سُت ۽ وِنيه وارا صحيفا اول زباني صورت ۾ ھئا، جيڪي مھاڪاشيپ جي نگرانيءَ ھيٺ سڄو ساوڻ، سڄاڻ ڀڪشو ھڪٻئي کي صحيح ڪرائيندا رھيا؛. ۽ ٻيءَ ڪانفرنس تائين به ڀارت ۾ اڃا ڪا لکت ئي موجود ڪانه ھئي! ٻئي طرف انڊيا جي آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي ته پنجين صديءَ (ق.م.)کان ئي لکت جو ثبوت مليو آھي.  ”ڀارت ۾ برھمي لپيءَ جو جھوني ۾ جھونو روپ، نيپال مان مليل بستي ضلعي جي وپروا ٿنڀي تي ۽ اجمير ضلعي جي بڙلي ڳوٺ واريءَ لکت مان مليو آھي. شري اوجھا ثابت ڪيو آھي ته اھي اکر عيسوي سن کان به 483 ورھيه اڳ ۾ لکيا ويا آھن“[26]. پھرينءَ ڪانفرنس جو به ته اھو ساڳيو ئي زمانو آھي! ويد شاستر ته شايد انھيءَ کان به اڳ ڇھين صدي قبل مسيح کان ئي لکجڻ لڳا ھوندا! يا تنھن ٽاڻي اھي به زباني حالت ۾ ھوندا؟

ٻڌ مذھب جي ٻي مجلس: ٻڌ مذھب جي ٻي مشھور ميٽنگ يا مجلس وئشالي جي سسئناگ راجا ڪالاسُڪ ’ڪاڪورڻيءَ‘ (384 -354 ق.م.) ڪوٺائي ھئي. ھن ۾ پُورڀ توڙي پڇم، جا سڀ پينارا پاڻ ۾ مليا. تن ۾ تٿاگت جي زماني جا اٺ بزرگ ڀڪشو به پاڻ سان کڻي آيا، يشه نالي ھڪڙي عالم ڀڪشو کي صدر چونڊيو ويو (اھڙيءَ چونڊ ۾ ڀڪشو سنھڙيون ڪاٺيون ووٽ وانگر ڪم آڻيندا ھئا). ديودت گذاري چڪو ھو پر ھلڪا سلڪا اختلاف ته موجود ھئا ئي، ’وِنيه پٽڪ‘ مان ڏھن خسيس نڪتن تي ڇڪتاڻ ٿي: جھنگ ۾ رات جو آستانو ڪجي ته ان کي دائرو (رک) ضروري آھي يا نه مانيءَ جي مٿان لسي پي سگھجي ٿي يا نه ،تڏي تي ويھي سگھجي ٿو يا نه، پاڻ سان لوڻ رکي سگھجي ٿو يا نه، بِکيا ۾ روڪڙا سڪا ملن  ته (وھار لاءِ) وٺجن يا نه… وغيره.[27] وڏي ڳالھه ته سنسڪرت جي برعڪس پراڪرتي (پالي) ڀاشائن کي مذھبي حيثيت سان يڪراءِ تسليم ڪيو ويو- ”حقيقت“ ۾ ’پالي‘ لفظ ڪنھن به ٻوليءَ جو خاص نالو ڪونھي. ٻڌ گھوش آچاريه جي زماني ۾  سڀني (ڌرمي) ڪتابن کي پالي ڪري سڏيندا ھئا. جيئن پاڻنيءَ جي ’ڇندسي‘ لفظ مان (ڌرمي) ويدن ڏي ۽ ڀاشايام لفظ مان سنسڪرت ڏي اشارو آھي. تيئن ٻڌ گھوش آچاريه ’پالي‘ لفظ پھريائين ترپٽڪ جو (ڌرمي) نالو ڪري ورتو آھي. ماگڌي لٽريچر کان سواءِ سلون جي ’سنھالي‘ ڪٿائن کي پڻ پالي چوڻ ۾ آيو“.[28] مطلب ته پالي لفظ، ٻوليءَ کان وڌيڪ ٻوڌي ادب جو نالو آھي؛ جو ڪنھن به ڏيھي زبان ۾ ھجي.

سڪندر اعظم ۽ سنڌ جا پينار: مٿئين ڪالاسُڪ

’ڪاڪورڻيءَ‘ جي وفات (354 ق.م.) کان ويھارو- ٽيھارو ورھيه پوءِ (324 ق.م) سڪندر سنڌ تي فوجي قبضو ڪيو. پر سنڌ ۾ ئي سڪندر کي ذھني ۽ روحاني شڪستون به آيون ھيون. پھرين بيعزتي آچاريه ڍنڍيءَ (Dandamos) کان سٺائين. سڪندر ھن سواميءَ جي ساراھه، پائِرھو ۽ اونسڪريٽس جھڙن عالمن کان ٻڌي ھئي، سو پنھنجي سفر جي ھيءَ انوکي سوغات پاڻ سان نيڻ چاھيائين. انھيءَ ڪري اچي ساڌوءَ جو سلامي ٿيو ۽ نذرانو آڇڻ لڳو. پينو بيپرواھيءَ سان چيو ”مون وٽ ته اڳي ئي سڀ ڪجھه آھي. تون ڪو وڌيڪ به ڏئي سگھندين ڇا؟“. ھن کي جڏھن ھلڻ لاءِ چيو ويو ته ساڌوءَ سنئين جواب ڏيڻ بجاءِ اٽلو آڏي پڇا ۾ اچي پيو – ”اي سڪندر! ايڏو پري پھچڻ جو ڀلا ڪيئن سوچي سگھيو آھين.“ سڪندر اھڙا سوال سھي نه سگھيو ۽ کڻي پٺ ورايائين.[29] آخر اروڙ کان ھيٺ ھلندي ڪلياڻ (Calanus) نالي سان ڪو ٻيو سنت سُجھندو ھوس، تنھن کي کنڀي کنيائين، سو ساڻس گڏ سوسا ڏي ھلندي، واٽ تي ناساز ٿي وڃي ڏاگھه تي چڙھيو ۽ ڳاھون ڳاھيندي، باھه جي ڀڀڙ ۾ ڌوڪي پيو، اتان سڪندر کي سڏي چيائين،”پاڻ وري بابل ۾ ملنداسون“. بيکاريءَ جي روحاني طاقت اڳيان آڻ مڃيندي سڪندر سڄو ڪٽڪ ڪٺو ڪري, پنھنجي سر کيس فوجي سلامي پيش ڪئي.[30]

اروڙ ۾ راجا موشڪن کي مارائڻ بعد، لاڙ جي پاتال بندر ۾ سمي ڄام (سامبس) سان صلح ڪري، سڪندر سامونڊي ساحل تي گھڻو وقت گذاريو. تڙ جي تعمير ڪرائي، ان جي آباديءَ ۾ زبردست اضافو آندائين. پوءِ پِيٿان (Peithon) کي پاتال جو والي بڻائي بابل پھتو، جتي (323 ق.م) ڪلياڻ جي پيشنگوئي پوري ٿي ۽ سڪندر وڃي ساڻس مليو. سنياسي ڍنڍيءَ وارو سوال پڻ ھتي سمجھه ۾ آيو. پيٿان پوءِ پوري مغربي پاڪستان (قديم سنڌ) جو والي بڻيو، پر سندس سڀني مقبوضات مان سڀ کان اول (321 ق.م) سنڌ مان ئي آزاديءَ جي لھر اٿي ۽ اھا پاتال کان پيدا ٿي ھئي. چندر  گپت موريا جون گوريلا سرگرميون به ڏکڻ سنڌ (لاڙ) مان ئي شروع ٿيون.[31] پيٿان درياھه ٽپي وڃي، بلوچستان ۾ دم پٽيو ۽ اتان آرڪوشيا (قنڌار) ڏي ڀڄي ويو. يوناني حڪومت ستن سالن اندر (316 ق.م) ۾ پوري ٿي. ڏھن سالن بعد (306 ق.م) سيليوڪس نڪئٽر، سنڌوءَ جي ڪناري تي اچي موريا مھاراجا سان صلح ڪيو ۽ پنھنجي ايرانڻ ڌيءَ (افعانستان سميت) بندوسار موريا کي ڏنائين. انھيءَ مان اشوڪ اعظم ڄائو، جنھن ٽيون مشھور ميڙ ڪوٺايو.[32]

اشوڪ موريا ۽ ٽين ٻوڌي مجلس: بندوسار موريا جي مرڻ وقت (273 ق.م) اشوڪ افغانستان جو وائسراءِ ھو. اتان اچي، ڀائرن سان چار سال چوٽون کائي، زوريءَ حڪومت ھٿ ڪيائين. وري ارڏائيءَ سان ڀيرون وڄائيندو، اچي ڪلنگا تي ڪڙڪيو ۽ خونريز جنگ کان پوءِ اتي جو به قبضو ورتائين. نيٺ جڏھن نگروڌ نالي ڀڪشوءَ جي منھن چڙھيو، تڏھن توبھه تائب ٿي، اھڙين ارڏاين کان ھميشه لاءِ ھن پڇتائيو- ”جنگي ڀير جو وڄڻ ھاڻي ھميشه لاءِ خاموش ڪيو ويو ۽ انھيءَ جڳھه تان ھاڻي وري مذھب جي منادي گونجائي ويئي آھي، ھاڻي لڙائيءَ لاءِ ته ڪٽڪ ۾ ڪوبه ناد ڪونه وڄندو؛ باقي ديو نمپيا (اشوڪ)، فقط چال سڌارڻ جو سڏ وڏو آھي. “IV Major Rock Edict”.[33] منڍ ۾ ٻارھن مھينا، ٻالپنڊت وٽ وھار ۾ ويھي، بيکو سنگھه کان ونيه (سکيا) ورتائين- ھاڻي پريه درشن (اشوڪ) کي  ڀلي ته ڪير ڪيترو به کڻي ڏکوئي؛ پر ديونمپيا اھو سڀ ڪجھه صبر سان سھندو: “Minor Rock Edict”.[34]

اشوڪ جيڪو به قانون ڪڍندو ھو، انھيءَ تي اول پاڻ ئي عمل ڪندو ھو ته مڙني لاءِ مثال بڻجي.- ”اڳي شاھي دعوت ۾ روزانو ڪئين جانور ڪسندا ھئا، پوءِ ھڪڙو ھرڻ ۽ ٻه مور سڄي محلات لاءِ محدود ڪيا ويا. ھاڻي اھو ھرڻ ته ڇٽو، پر آئيندي لاءِ ته اھي مور به ڪين ڪسندا، راجا پريه درشن اوھان کي به ساھوارن جي جيئڻدان لاءِ ساڳي صلاح ڏئي ٿو“. ڀڪشو بڻجڻ بعد، ڌرمپال اُپگپت جي پٺيان لڳي، لُمبني گِيا ۽ سارناٿ وغيره جون زيارتون ڪندي، ڌرم پرچار لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيندو رھيو- ”پيءُ ماءُ جو حڪم مڃيو، نيڪ ماڻھن کي مانُ ڏيو، پوڙھن جي خدمت ڪريو ۽ پاڙيوارن سان ٺھي ھلو“. انھيءَ اپگپت جي ئي صلاح تي، پاٽنا ۾ ٽين ٻوڌي ڪانفرنس (254 ق.م) ڪوٺايائين. ڀڪشو مؤد گلپتر ”تِشيه“ انھيءَ جو صدر چونڊيو ويو، ٻين ڀڪشن مان ھڪ ھزار چونڊ بزرگن لاڳيتا نَوَ مھينا نھايت ئي زوردار مباحثي کانپوءِ ’ڪٿاوٿو‘ نالي ڪتاب لکي، ڌرم جو اصلي روپ اشوڪ اڳيان آندو. اھوئي پوءِ عالمي تبليغ لاءِ ھن استعمال ڪيو.

_ ”سڄيءَ دنيا جي بھتري ھاڻي منھنجو مکي فرض آھي. پر انھيءَ جي ڪاميابي وري ڪشالي ڪڍڻ ۽ ڪم جي اڪلاءَ ۾ آھي. آءٌ ڪيتري به کڻي جاکوڙ ڪريان، پر مون کي تسلي نٿي ٿئي. انھيءَ لاءِ مون ھيئن ڪيو آھي ته ھر وقت ۽ ھر جڳھه تي توڙي آءٌ گھوڙي تي سوار ھجان يا پيادو ھجان، دسترخاني تي ھجان يا حرمخاني ۾… توڙي خلوتگاھه ۾. ڌرم متر (خابرو) کي کپي ته ھو اتي سڌو اچي عوام جو حال سڻائي ”IV Minor R.E..“[35] اھي ڌرم متر سدائين رعيت کي نيڪيءَ جي ترغيب ڏيڻ ۾ رڌل رھندا ھئا. ”جيئن ڪو پنھنجن ٻارن لاءِ نيڪ ۽ سڄاڻ دائي بيھاريندو آھي، تيئن مون رعيت جي بھتريءَ لاءِ اھي (ڌرمپال) مقرر ڪيا آھن“.[36] انھيءَ مان ظاھر آھي ته اشوڪ پنھنجي مُک راجائي فرض کان غافل نه ھو. ”سڀيئي ماڻھو منھنجو اولاد آھن. پنھنجن ٻچن لاءِ جيئن ڪو چاھي ته ’اھي دنيا توڙي آخرت ۾ ھر طرح جي نيڪي ۽ سک ماڻين‘ تيئن آءٌ سڀني ماڻھن لاءِ چاھيان ٿو“.[37]

سندس اھڙا چوڏھن مُک ڪتبا (Major R.E.) وڏن پھاڙن تي ڏھه ڇوٽا ڪتبا (Minor R.E) ڇِپن تي، ست فرمان وڏن ٿنڀن تي، ٽي ننڍن ٿنڀن تي (Pillor – Edicts) ۽ ڪي وري غارن جي منھن تي به آھن. اھي عبارتون ڪجھه ڦير گھير سان ته سؤ کن به ٿي وڃن ٿيون،[38] اھي احڪام، ٽڪر ٽاڪي اُڪرايا اٿن.- ”ھي انھيءَ لاءِ آھن ته گھڻي تائين جٽاءُ ڪن، جيئن منھنجا پُٽ پوٽا ۽ پڙ تڙ پوٽا به، جڳ جي ڀلائيءَ لاءِ منھنجي پيروي ڪندا رھن.“[39] اھڙا ڪُتبا افغانستان تائين به مليا آھن، جيڪي خروشتيءَ کان سواءِ آرامي خط ۾ پڻ اُڪريل آھن.[40] انھيءَ مان اشوڪ جي پرڏيھي پرچار جو پتو پوي ٿو ۽ اھوئي سندس عظيم ڪارنامو آھي.  تيِرھين وڏي ڪتبي موجب: پريه درشن جا پرچارڪ سِريا، سائرن، مصر، مقدونيا، ڪارنٿ، اپيرس (Epirus) ۽ اتر بلقان تائين به تبليغ ڪرڻ ويا.[41] پِلنيءَ به شام توڙي مصر ۾ ٻُد ڀڪشن جي موجودگي مڃي آھي. سر فلنڊر پيٽر (Sir Flinders Petrie) تازو مصر جي سڪندريه بندر مان پٿر تي اُڪريل ”ڌرم چڪر“ ۽ بيراڳڻ ڳولي لڌا آھن.[42] اشوڪ ٻئي ھنڌ ڪتبي ۾ ٻڌائي ٿوته: نه فقط مٿين ملڪن ۾ مذھب پکڙيو (جتي سندس پرچارڪ پھتا)، پر انھن ملڪن جي معرفت ٻين ڏيھن ڏي به اھو مذھب وڌيو.[43] چين، منگوليا، ٿٻيٽ، ٿائلينڊ، برما ۽ سيام ڏي پڻ اھڙين سفارتن جو وڃڻ ثابت آھي. ٻئي نمبر مک ڪتبي موجب: اھي پرچاري ڀڪشو ھيءَ خدمت پڻ ڪندا رھيا ته بيمار انسانن توڙي حيوانن جو ھر ھنڌ علاج ٿئي ۽ دوائون مفت ملن. انھيءَ لاءِ اڻلڀ ۽ قيمتي ٻوٽن جا ٻج ڪٿان جو ڪٿي آڻي پوکائيندا ھئا.[44] اھي تبليغي انجمنون تجارتي شاھراھن تان پکڙيون. اشوڪ انھن رستن لاءِ ٻڌائي ٿو ته: ھر ھنڌ کوھه کوٽائي، ميويدار وڻ پوکايا ويا ته مسافر ميوو کائي، پاڻيءَ ڍُڪ پي، ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ فرحت ڪن.

نه فقط خشڪي راھن سان، پر پاڻيءَ رستي پڻ اھو پرچار ڏيساورن ۾ پھتو - اشوڪ انھيءَ لاءِ پنھنجو پُڻيٺيءَ جو پُٽ (وليعھد) مھيندر ڪمار ۽ پنھنجي وڏور نياڻي سنگھمترا، ٻيئي تبليغ لاءَ وقف ڪيا؛ جيڪي سيلون جي سفر ۾ سمنڊ جھاڳي پار پھتا. انھن جي پٺ جو ڪمار، جالؤڪ پڻ ڀڪشو بڻائي ڪشمير ۽ ٿٻيٽ ۾ موڪليائين. تنھن کان ننڍو ڪمار ڪستن (Tivara) وري چين ڏي، خوتان جي خاڪ ڇاڻيندو رھيو. باقي ننڍو پٽس ”ڪنال“ سو معذور ھو. ھيءَ حسن عقيدت جي حد چئبي، چي: ” اولاد ڀلا ٻيو ڇالاءِ آھي“؟

برھمڻ جيڪڏھن سمجھيو ھجي ته اھو سڀ ڪجھه اسان کي ڪيرائڻ لاءِ ڪري رھيو آھي ته اھا سندن مورکائي ھئي. ٻارھون وڏو ڪتبو، نه فقط مڙني مذھبن کي برداشت ڪرڻ لاءِ ھڪ درد ڀري اپيل ھئي، پر انھن سڀني جي احترام لاءِ پڻ پرزور التجا ڪري ٿو. ”مڙني مذھبن جو روح ھڪڙي ئي عام اصول تي بيٺل آھي، ان کي ئي فضيلت ڏيو. مذھبي اتحاد جي محابي ڪنھن به فرقي تي ڪنھن به نڪتچينيءَ ڪرڻ کان عملي طرح پرھيز ڪريو. مختلف طريقن جا پيشوا پاڻ ۾ ڀائر بنجي، باھمي مجلسون ڪن، ۽ متفرقه مذھبن جي معلومات لاءِ انھن جو غير جانبداريءَ سان مطالعو ڪريو“.[45]

اشوڪ جي اڪثر ڪتبن جي ٻولي ايتريقدر ته صداقت ڀري ۽ درد واري آھي، جنھن مان نھايت گھري سچائيءَ جي سڳنڌ اچي ٿي. ڄاڻن جو انھيءَ ڪري فيصلو آھي ته خود شھنشاھه پنھنجي سرئي انھن عبارتن کي ترتيب ڏني آھي. ”جڳ جي بھتريءَ کان مٿي ڀلا ٻيو به ڪو فرض آھي ڇا؟… ھيءَ ٿوري گھڻي ڪوشش جا آءُ ڪري رھيو آھيان، سا ڇا لاءِ آھي! ھن لاءِ ته آءٌ مخلوق جي قرض مان آجو ٿيان… ته آءٌ ھتي به ھنن کي ڪو سک ڏيئي سگھان ۽ اھي آخرت ۾ به بھشت ماڻين“.[46]

اشوڪ اھڙي ته مذھبي جمھوريه قائم ڪري ويو، جنھن کي سندس معذور نابين پُٽ ڪنال به ڪاميابيءَ سان ھلائي سگھيو. اشوڪ جا وڏا پُٽَ جيتوڻيڪ ڏور ڏيھن جي ذميداري سنڀالي چڪا ھئا، تڏھن به جمھوري مرڪز جي احترام خاطر اھي سدائين سندن ننڍي ۽ نابين ڀاءُ جا فرمانبردار رھندا آيا. سندن اولاد پڻ ساڳيءَ طرح ئي مرڪز سان وفادار رھندو آيو.

ٻئي طرف، ٻڌ مذھب جي مساوات ۽ ان جي اھنسا کان برھمڻن جي دنيا تنگ اچي چڪي ھئي. ھنن جو پراڻو ڪينو، ناسور وانگيان ڀرجي نيٺ مرڪز ۾ ئي ڦاٽو. سندن اڳواڻ، پيشيه متر نالي ھڪڙو نمڪ حرام برھمڻ جيڪو پاٽنا درٻار جي اوبر تي ئي پليو ھو، تنھن آخري شھنشاھه برھدرٿ موريا کي (187 ق.م.) قتل ڪري شاھي خاندان جو ڏيئوئي گل ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ پاٽنا جو فوجي ڊڪٽيٽر (سمراٽ) بڻيو. ۽ ساڳيا يگيه وري چالو ڪيائين.

مورين جي مرڪزي جمھوريت ٽُٽندي ئي ھند ۽ سنڌ (انڊو- پاڪ) جو عارضي اتحاد پڻ پورو ٿيو ۽ اھي ھزارين سالن تائين وري به ھڪٻئي کان الڳ ئي رھيا. پاتال بندر پوءِ سدائين لاءِ سنڌ (موجوده مغربي پاڪستان) جو سرڪاري مرڪز رھيو ۽ پاٽنا وري پورڀ ديس (ڀارت) جي راڄگدي رھي. جالوڪ موريا جو پڙ پوٽو، سڀاڳسين ان وقت افغانستان جو آخري وائسراءِ ھو. اشوڪ جو جمھوري راڄ، ڌرم جي پختي اوڄي ۾ اھڙو ته ڳتيل ھو، جو انھيءَ جي ھڪ تند به مرڪز کان ٽٽڻ مشڪل ھئي. پر مرڪز جي مَٽندي ئي سڀاڳسين بيسھارو ٿي پيو، ۽ بلخ (بختر) جي يونانين پيشقدمي ڪرڻ شروع ڪئي، جيڪي مورين جي آخري علائقي (افغانستان) سان سرحدي ھئا.

بختر جا يوناني:

انهن مان پهريون اڳرائي ڪندڙ ڊيميٽريس اول (Demetrius 186 B.C.) هو، جيڪو خيبر کان سڀاڳسين جي سامهون اچڻ بدران، قنڌار وٽان وڃان بولان درو لنگهيو ۽ بلوچستان فتح ڪندو مڪران ۾ آيو. اتان عربي سمنڊ جو ڪنارو ڏيئي اچي پاتال بندر تي پهتو ۽ ان کي ئي پنهنجو مستقل مرڪز بڻايائين، جتان ڪڇ _ ڪاٺياواڙ تائين به هن سوڀون ڪيون. ڊيميٽريس (توڙي سڀاڳسين) جي وفات اندازاً 165 ق. م. ڌاري ٿي.[47] هن جو پٽ ائگاٿوڪلس (Agathocles) گجرات ۽ کنڀات کي به فتح ڪري، سنڌ جي اتر ڏانهن چڙهيو ۽ وڃي ڪشمير تائين پهتو. سندس سِڪين تي ٻڌ مذهب جا پاڪ نشان: پپر جو پن، مهاٻوڌي وڻ، ڪنول جو گل ۽ اسٽوپا جا آثار اُڪريل آهن. اهي ٻه_ ٻوليا سِڪا آهن، جن جي هڪ پاسي يوناني ۽ ٻئي طرف خروشتي اکر آهن. تن سان گڏ ڪن تي برهمي اکر پڻ آهن. جيمس پرنسيپ (J.Prinesp 1930 A.D) انهن اکرن کي ڀيٽيندي اشوڪا جا ڪتبا پڙهي سگهيو، جن جو ترجمو مٿي اچي چڪو آهي.[48] ائگاٿوڪلس (160 ق.م.) پنهنجي نياڻي، شهزادي ائگاٿوڪليئا (Agathocleia) تخت جي اڪيلي وارث ڇڏي، جنهن ڪابل جي جنرل مينادر سان شادي ڪري، حڪومت هن جي حوالي ڪئي.

مينادر اعظم:

مينادر اعظم، مذڪوره ملڪه پرڻجڻ ڪري قديم سنڌ (ڪاٺياواڙ – ڪشمير سميت) جو مالڪ بڻيو. بھادريءَ دانائيءَ، علم ۽ انصاف جي ڪري سندس نالو (مِلندرا = ميندرا) مھاڀارت، وايو پراڻ، گارگي سمھتا ۽ مھا ڀاشا توڙي ڪاليداس جي ناٽڪن ۾ پڻ مشھور آھي. ھن قنڌار کان ڪُرو کيتر تائين قبضو قائم ڪيو. پوءِ پنھنجي اڳوڻي پٽ اپولوڊوٽس (Apollodotus) کي پاتال ۾ پنھنجو جائنشين بڻائي سنڌ، سؤ راشٽر، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بڙوچ، کنڀاٽ ۽ گجرات وغيره سندس سنڀال ۾ ڏنائين. انھيءَ کان مطمئن ٿي ، اڀرندي ڏانھن متوجهه ٿيو.

پورب (پاٽنا) ڏي پشيه متر ٻڌ مذھب کي مٽائڻ وارين ظلمي ڪارواين ۾ الوٽ ھو. ھن وھار ڊھرايا ۽ ھڪ ڀڪشو کي مارڻ لاءِ سؤ روپيا انعام، جو اعلان ڪيائين.[49] اھي احوال سنڌ کان سيستان تائين پريشاني پيدا ڪري رھيا ھئا. پنھنجي ٻوڌي رعيت جي دانھن اونائڻ جو وجھه وٺي، ھن  ھڪدم حملو ڪيو. يوگ پران  موجب:  مٿرا،  چتور  ۽  اجين فتح ڪري، گنگا جمنا جي پنچال راڄ ۽ ائوڌ جي ساڪيتا راڄ کي مات ڪندو، اچي پاٽنا ۾ پھتو.[50] ٻڌ مذھب جو مٽائيندڙ، پشيه متر ته پاڻ ئي پھرين حملي (151 ق.م) ۾ ھمشه لاءِ ميٽجي ويو ۽ پٽس اگني متر اچي پيش پيو- ”پرڏيھي راجا پتاليگرام جو اسٽوپا اڏائيندو‛‛ مھاتما جي اھا اڳڪٿي سچي نڪتي. پاڻ اگرچ ٻڌ مذھب ۾ نه ھو، پر پاٽنا ۾ رھي، برھمڻي راڄ جي سيني تي ھڪ عاليشان اسٽوپا اڏايائين.[51] آخر اوڙيسا جي راجا کروال جي ستائڻ تي پاٽنا ڇڏي مٿرا ڏانھن موٽيو.[52]

مينادر جي اصلي عظمت فقط انھن فتوحات ۾ نه آھي، پر سندس دماغي صلاحيت ۽ علمي قابليت ڪري ئي آھي. ڊاڪٽر راڌاڪمد مڪرجي وارو چوڻ ته ’ھو ويھه علم ڄاڻندو ھو‘. [53]تنھن ۾ ته کڻي ڪو وڌاءُ به ھجي، مگر ماليات، اقتصاديات، سياست، قانون، ڪيميا، نجوم، طب، تاريخ، رياضي، فلاسافي، شاعري ۽ موسيقيءَ جو وڏو ماھر ھو، تنھن ۾ ته ڪو شڪ نه آھي.[54] تنھن ھوندي به مذھب متعلق کيس وڏا وھم ۽ وسوسا ھوندا ھئا. سندس وھم مٽائڻ لاءِ اگر ڪو به دانشور ھن جي درٻار ۾ ايندو ھو ته ھيءُ ان جو آڌر ڀاءُ ڪندو ھو. انھيءَ ڪري سڀني عقيدن جا اڳواڻ  ۽  وڏا  عالم  ساڻس مذھبي مباحثو ڪرڻ ايندا ھئا، جن سان بحث ڪندي کيس خوشي ٿيندي ھئي. مذھب جي معنيٰ ۽ مراد متعلق انھن کان عالماڻي ڍنگ تي اھڙي ته آڏي پڇا ڪندو ھو، جو ھو سڀ عاجز ٿي، کيس پنھنجي ئي حال تي ڇڏي شڪست کائي موٽندا ھئا، آخر (151 ق.م.) بڪئنگ ڪاڪ (ٿائلنڊ) جي ڀڪشو ناگسين، پنھنجي عقيدي جي سچائيءَ سان ھن کي ايڏو ته مطيع ڪيو، جو تخت ڇڏي ڀريءَ درٻار ۾ ڀڪشوءَ جي اڳيان ادب سان ڪنڌ جھڪائي اچي ھن جي پناري پيو.[55] ناگسين سان سندس مٿيون مناظرو، مينادر کانئس ئي لکائي بروقت محفوظ ڪيو. انھيءَ ڪتاب جو نالوئي پوءِ ملنڊا پنھو (مينادر پڇيو) پئجي ويو. اھو ڪتاب اڄ به چين، جپان، سلون، سيام ٿٻيٽ، ٿائلنڊ ۽ برما جي ٻوڌين وٽ، ترپٽڪ کان پوءِ سڄي پالي ساھت ۾ اُتم آھي. ان ۾ روح جي اصليت ۽ ڪائنات جي ڪيفيت وغيره بابت، جيڪو ناگسين جي گفتگو جو عالماڻو انداز آھي، تنھن ۾ سقراط وارو منطقي طريقو نھايت ئي قابليت سان ڪم آندل آھي. انھيءَ زماني ۾ ٻوڌي صحيفا ترجمو ٿي، ، مغرب جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پکڙيا. مٿئين ڪتاب جو يوناني ترجمو پڻ، مينادر جي مرڻ کان اڌ صديءَ اندر مصر جي مشھور ڪتب خاني سڪندريه ۾ پھتو.[56]

اشوڪ، اجا تسترو ۽ ڪالاسُڪ جيان، اگرچه مينادر ڪابه ڪانفرنس ڪانه ڪوٺائي؛ تڏھن به پنج سؤ چونڊ ڀڪشو عالم ھر وقت ھن جي درٻار ۾ ھڪيا ھوندا ھئا. انھن ۾ آننتڪيه، ديومنَتيه، مڪوڙا  ۽  سڀاڏنه  وغيره  وڏا  وزير  ھئا. انھن ئي ھن کي ’ڌرم راڄ‘ (Soter) جو لقب ڏنو ھو.[57] مينادر پنھنجي قوم جا به سوين يوناني ڀڪشو بڻايا، اشوڪ وانگر انھن جو ھڪڙو وڏو سنگھه (137 ق.م.) پاتال بندر کان سلون ڏي موڪليائين.[58]

سنڌ جي يوناني بادشاھن ۾ مينادراعظم عالمگير شھرت جو مالڪ ٿيو آھي، سندس سونا سِڪا، جن تي ھن ’ڌرم جو ڦيٿو‘ يا ڪنول جو گل ڇاپيو ھو، سي عالمي تجارت جي ڪم آيا. سنڌ جي سوداگرن اھي انگلنڊ تائين به پھچايا، جيڪي ويجھڙائيءَ ۾ ويلس جي ڪنارن تان لڌا آھن.[59] پوين سالن ۾ ھو پنھنجي حڪومت تان ھٿ کڻي دنيا ترڪ ڪري وڃي بيکارين جي سنگھه ۾ گڏيو. ھو نه فقط ڀڪشو بڻيو، پر پڇاڙيءَ (130 ق.م.) ۾ ’پرنرواڻ‘ نجات حاصل ڪري، پنھنجي رب ڏي راهي ٿيو. يوناني سندس لاش ساڙي، ان جي رک بختر ڏانھن کڻي ويا ۽ ان جي مٿان وڃي اسٽوپا اڏايائون.[60] انهن مان بلخ جو نَوبھِار (نئون وھار) ۽ انھيءَ جا ڀڪشو (برمک) مشھور آھن. ٿائلنڊ ۾ ته اڄ تائين به ھن جو پُتلو پوڄيو پيو وڃي.[61] ھن جو قائم ڪيل راڄ پوري ھڪ صدي پوءِ به، سندس ئي نالي تي سندس پوين وٽ سلامت رھيو.

مينادر جا پويان: مينادر جي مرڻ تي سندس ملڪه، پنھنجي صغير پٽ اِسٽريٽو ’اول‘ (Strato I) کي حڪومت جو حق ڏياري، پاڻ ھن سان گڏ  حڪومت  ھلائڻ  لڳي.  انھيءَ وقت ئي بختر جي سلطنت به ختم ٿي ھئي، اتان انٽيالسِيڊس (Antialcidas) خيبر کان اچي (110 ق.م.) ٽئڪسيلا تي قبضو ڪيو، اسٽريٽو اڀرندي ڏي جمنا واديءَ ۾ سلامتي سمجھي، اتي اچي اَجھو ورتو. انٽيالسيڊس به اڀرندي کان، پشيه متر جي پوٽي ڀڳاڀدر کي پاڻ سان ملائڻ خاطر، وٽس ھيليوڊورس (Heliodorus) ڌوتو موڪليو. انھيءَ وڃڻ سان اھڙي ته سياسي کيڏ ڪئي، جو ٻڌ مذھب جي خلاف پاڻ کي ھندو ڌرم جو حامي چوائي، ھڪڙي مندر اڳيان انھيءَ اشتھاري مڃتا جو ٿنڀو کوڙايائين.ايڏي ساري ڍونگ رچائڻ کانپوءِ به کڙ تيل فقط اھوئي نڪتو، جو برھمڻ کيس، ’کتري‘ چئي، سندس سڄو ئي ٿورو ڄڻ ته لاھي ڦٽو ڪيو.[62] ھيڏانھن اسٽريٽو، وري جمنا واديءَ ۾ پھچي ٻوڌي پرچار ۾ لڳي ويو.

پوئتي، سنڌ ۾ وري مينادر جو اڳوڻو پٽ، اپولوڊوٽس، پنھنجي تختگاھه پاتال مان، سيستان، مڪران، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، کنڀات ۽ مٿرا جي مٿان پوري آب تاب سان حڪومت ھلائي رھيو ھو. وليعھد اسٽريٽو، انھيءَ کي ئي پرجا جي پارت ڏيئي، پاڻ وڃي پڻس (مينادر) وانگي مٿرا ۾ (100 ق.م) ڀڪشو بڻيو. اپولوڊوٽس اھو ٻڌي، پاتال مان درياھه تي اوڀارو چڙھيو ۽ اچي ديري غازي خان وٽ ديرو دمايائين، جتي اڳيئي سنڌ جي سرحدي  ڇانوڻي سندس سنڀال ھيٺ ھئي. تازو اتان اپولوڊوٽس جا ٻه سؤ سونا سِڪا به لڌا آھن.[63] اتان اٽڪ پھچي، باغي انٽيالسيڊس کي ڀڄائي، پنھنجا اباڻا علائقا آرڪوشيا ۽ افغانستان واپس ورتائين. پوءِ گنگا - جمنا واديءَ ۾ پھچي، پنھنجي ننڍي ڀاءُ جو ڇڏيل قبضو اچي ھٿ ۾ ڪيائين.[64] ھندو شاسترن موجب: راجستان جي مڌيه ميڪا (چتور) ۾ ھن فوجي ڪئمپ قائم ڪئي، جتان مٿرا، اجين، مالوا ۽ ساحلي علائقن جو انتظام ھلندو ھو. پير بپلس موجب: ھن جھونا ڳڙھه (يوناگڊ = ياونانگر) جو وڏو وھار ٺھرايو ۽ آخري دم (90 ق.م.) اتي ئي گذاريائين.[65]

ھن جي گذرندي ئي سيستان کان سِٿين به سنڌ جو رخ ڪيو، اپولوڊوٽس جا ٽيئي پٽ لاڳيتا ڏھه سال سٿين کي روڪيندي، سندن سؤٽ سميت مڪران ۾ مارجي ويا. آخر (80 ق.م) ۾ اسٽريٽو ’اول‘ جو صغير پوٽو اسٽريٽو ثاني (Strato II) بادشاھه بڻايو ويو. اسٽريٽو ’اول‘ جيڪو ويھه ورھيه اڳي سنڌ جو باحشمت بادشاھه ھو، سو ھاڻي ھڪ ڏٻرو ۽ ٻڍڙو ساڌو وڃي بچيو ھو. انھيءَ کي وري به ھن لاءِ وٺي آيا ته پنھنجي پوٽي (اسٽريٽو ’ثاني‘) جو ’راڄ گرو‘ ٿي رھي. انھيءَ کي به آخر (70 ق . م) سٿين ختم ڪيو.[66] پوءِ مينادر جو پڙپوٽو ھپوسٽريٽس (Hippostratus) ھزارا کان ڪي ھمدرد حاصل ڪري، خيبر ڏانھن موٽيو. ڪابل جي يوناني سردار ھرمائيس (Hermaeus) ھن سان صلح ڪيو.  شھزاديءَ ڪئليوپ (Calliope) جي سڱ سان اتحاد پڪو ٿيو. پوءِ ٻيئي ڄڻا گڏجي 30 ق.م. تائين، خيبر دري جي واپار تان  ٻه  طرفو  ڏن  اوڳاڙيندا رھيا، تان جو سِٿين جو وارو آيو.[67]

ساڪ يا سٿين (Sacians or scythians): اصل ۾ ھي روسي ترڪستان جا تاتاري ترڪ ھئا. ھنن ھرات کا دجله تائين ايرانين سان لڙايون ڏيندي، آخر اڀرندي ايران يعني سيستان (ساڪستان) ۽ بلوچستان ۾ اچي غلبو حاصل ڪيو. تن ڏينھين مينادر جا تڙ پوٽا خيبر جو تجارتي گھٽ جھليو بيٺا ھئا. سٿيا انھيءَ سبب گڊروشيا (مڪران) جي ساحل کان (20 ق.م) سنڌ ۾ سرڪي آيا. ھنن ايندي ئي ڀنڀور کي بندر گاھه بڻايو ۽ ان کان اڀرندي ميناننگر* نالي شھر آباد ڪري، اتي دائمي دارالحڪومت قائم ڪيائون. اتان اڳتي وڌي ھنن ساڪاديپ (ڪڇ) ڪونڪن، سؤراشٽر ۽ مھاراشٽر تائين ملڪ والاريو. اتي پنھنجن پيرن پختي ڪرڻ بعد، اھو سڄو ئي علائقو اڀير آفيسرن کي سنڀال ھيٺ ڏيئي، پاڻ ’اپولوڊوٽس وانگي‘ مھراڻ ڏيئي مٿي چڙھيا. رواجي يوناني سردارن کي تابع ڪندا ڪشمير ڪمبوج ۽ ڪافرستان تائين ڇانئجي ويا سوات کان سمنڊ تائين سڄو ملڪ ’سنڌو- سٿيا‘ سڏجڻ لڳو.

سٿين مان سنڌ جو پھريون بادشاھه مؤئيس (Maues or Moga or Moa. 20 B.C.) ھو، جنھن سنه 20ع ۾ وفات ڪئي. سندس سِڪي جي عبارت ”راجادي راجا مھاتس موئيس“ خروشتي ۾ آھي. پوءِ سنه 29ع تائين ايزس (Azes) حڪومت  ڪئي  جنھن  وري  مينادر  جا  سِڪا  نقل  ڪرائي، انھن  تي ”مھاراجاس مھاتس ’ڌرم رڪس‘ راجا دي راجا ايس‛‛ لکرايو. ھن جو پٽ ايلش(Azilses) سن 40ع ۽ ان جو پٽ ايزلس 50ع ۾ آخري بادشاھه ھو.

سٿين جو انڊو پاڪستان جي تاريخ تي اھو احسان آھي، جو ھنن ئي ’سنبت‘ يعني سن سنڀالڻ جو ھتي رواج وڌو. ايراني شھنشاھه وِنون (Vinones) جي تخت نشينيءَ جو سال (58 ق.م)، ھنن ھتي سرڪاري طرح جاري ڪيو. وڪرماجيت (گپتا) جيڪو عيسوي سن کان به پنج صديون پوءِ ٿيو آھي، تنھن جو نالو سنبت مٿان مڙھڻ، تاريخ سان انياءُ آھي.[68] سٿين کي پتنجليءَ صاف سٿرا سودر، سڏيو آھي ۽ منوسمرتيءَ ۾ وري کين ’کريل کتري‘ ڪوٺيو ويو آھي.

پھلوا (Parthians): ايف ڊبليو ٿامس جو چوڻ آھي ته: اھي قبيلا، جن اڀرندي ايران کان سنڌ تي ڪاھيو، سي پاڻ ۾ ايترو ته مخلوط ٿيل ھئا؛ جو انھن ۾ اھا تميز ڪرڻ ته ھي يقيناً ساڪ آھن ۽ ھو پڪ سان پھلوا آھن؛ اھو مشڪل آھي.[69] پارٿين مان حقيقت ۾ فقط گنڊوفر ھڪڙو ئي ھتي  آيو آھي. سن 21ع کان ھو خراسان (پارٿيا) مان اٿيو. ايزلس جي زماني ۾ اتر کان اچي، ھن خيبر جي واپاري ناڪي تان يونانين جو ٻه- طرفو قبضو ڇڏايو. مسيحي روايتن مطابق: حضرت عيسيٰ عليه السلام جي حوارين مان، سينٽ ٿامس (St: Thomas) سن 29-33ع ڌاري گونافر کي ڪرستان بڻايو ھو.[70] ٿامس  حقيقت ۾ ھڪڙو ڪاريگر واڍو ھو، جنھن سن 37ع ۾ اچي گنڊوفر جو محلات اڏيو ھو. سنيٽ ٿامس جي قبر مدراس ۾ فرض ڪيل آھي.[71] گنڊوفر جو ڪتبو جيڪوسن 44-45ع جو آھي اھو يوسف زئي (ضلع مردان) جي تخت باھيءَ مان مليو آھي. سن 46ع اندر ھن سنڌ کان اتر ڏي سڄو ملڪ سٿين کان کسي ورتو، ڏکڻ ڏي (سنڌ جا) سٿين پڪا ٻوڌي ۽ ڌرم رکش، ھئا مگر ھيءَ وري مجوسي مت جو مڃيندڙ ھو. ٽئڪسيلا جي ٻاھران ’جنڊيال‘ وارو آتشڪده ھن ئي جوڙايو ھو.[72] تاريخ ۾ ھي ھڪڙوئي گبر، اھڙو اجنبي حاڪم آھي، جنھن ٻڌ مذھب جي سرپرستي نه ڪئي. پر سندس حڪومت به ستت ئي (سن 50ع ۾) ڪوشان قوم اچي ختم ڪئي.

يوچي ۽ ڪوشان: چينائي ترڪستان ۾ يُوچي(Yueh-chi)  قوم جي سردار قبيلي پاڻ کي ڪئوچانگ (Kouei-Chouang)  ڪوٺايو. اھي باختر کي اجاڙيندا؛ ٿٻيٽ مان ٿيندا، چترال کان ڪشمير تائين پکڙجي ويا ۽ ڪوشان (Kuei-Shuang) ڪوٺجڻ لڳا. سندن سردار ڪادفِيسَسَ ’اول‘؛ ھتي ايندي ئي ٻڌ مذھب اختيار ڪيو، جو ڪُجلا (ڪُش لوڪا) ڪوٺيو ويو. ھن جي سِڪن ۽ پنجتر واري ’گوشان‘ ڪتبي (65ع)، جي عبارت ”مھارايه، رايه تي رايس ڪُيُلا ڪاڦَسَسَ، سچا ڌرم تِٿ، ڌرم ٿي داس ”خروشتي ۾ آھي.[73] ھن اسي ورھين جي عمر ۾ وفات ڪئي. ھن جي پٽ ويما ڪادفس ’ٻئي‘ (65-78ع)، سڄي سنڌو ماٿري قبضي ڪري، ھندستان  ڏي حڪومت  وڌائي.  سندس  سِڪن،  توڙي ٽئڪسيلا واري ڪتبي(78ع) تي خروشتيءَ ۾ ”مھاراجاس، راجادي راجاس، ساروالوگ اِس وَرس، مھه اسورس ويما ڪاٿڦسَس، تراتارس“ (… سڄو جڳ ھن جي وس، ڌرتي به ھن جي وس… تنھن کي تارڻ وارو!) لکيل آھي.[74] ھن بعد ڪنشڪ اعظم آيو جنھن ٻڌ مذھب جي چوٿين مشھور مجلس منعقد ڪئي.


[1]  سماھي مھراڻ 1967ع جلد 16 نمبر2.

*  محترم ڊاڪٽر قاضي نبي بخش صاحب: صدر شعبه فارسي (سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد)، شفقت فرمائي ڪيترن ئي مستند ڪتابن مان مٿئين مسئلي جي وضاحت ڪندي فرمايو ته راجا جو صحيح نالو ويرسين (Verasen) ۽ سندس لقب استورپتي (Sthavarpathi) آھي. پر يونانين انھيءَ کي بدلائي  اسٽئبروبيٽس (Stabrobates) بنايو، ۽ سيميراميس جي سنڌ تي حملي  جو سال 810-805 ق. م ٻڌايو اٿن.

[2] Micheal Rehta Martin: A Graphic Guide to World  History- New York. 1959.

[3] George Woodcock: The Greeks in India. London 1966-P .20.

*  مٿيون سن، ديوان بھادر سوامي ڪنوپلي تازي تحقيقاتي ڪري ڳولي ڪڍيو آھي. ديپ ونش پراڻ (عيسوي چوٿين صدي) ۽ مھاونش پراڻ (پنجين صدي) جي آڌي رات تي انھي کي پوئتي ڌڪيندي، ڪن تاريخن ۾ اھو سن 58 کان 65 سال اڃا به آڳاٽو بڻايو ويو آھي . تنھنڪري تاريخن ۽ مونجھارو پيدا ٿي پيو آھي.

[4]  ڌرمانند ڪؤسمجي: ٻڌ ڀڳوان. مترجم: پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻي، نئين دهلي 1956_ ص 103.

[5]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان ص 127.

[6]  ايضاً ص 129.

[7]  ايضاً ص 130.

[8]  ايضاً ص 134.

[9]  ايضاً ص 152.

[10]  ايضاً 145.

[11]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان ص ص 77 ۽ 146

[12]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان ص 182.

[13]  ايضاً ص. ص 208 – 210.

[14]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان  - ص 201.

[15] Dr: Radha Kumud MookerjI : The History and Culture of the Indian People Vol: 11. ‘The Age of Imperial Unity’. Bombay. 1935. (Edited by: Dr. R. C Majumdar) p.22.

[16] ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان – ص 203.

[17] Dr. Radha Kumur Mookerji: The Age of Imperial Unity. P. 27.

[18]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان – ص 201.

[19]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان ص ص 201. ۽ 380 (6) ايضاً ص ص 202 – 204.

*  اسان جي عوامي آکاڻين ۾ جو ”ھڪڙو ديو ڇھ مھينا جاڳندو ھو ۽ ڇھ مھينا ننڊ ڪندو ھو“. سو شڪ نه آھي ته ھماليه پربت جو ڪوئي لاما خيال ۾ آندل ھجي.

[20]  ڌرمانند: ص ص 378 – 379.

[21]  ايضاً ص ص 337 – 357.

[22]  ايضاً ص ص 382 – 384.

[23]  ڌرمانند (ڀومڪا) : ص 24.

[24]  ايضاً (ڀومڪا) : ص ص 24 - 25.

[25]  ايضاً ص 188.

[26]  پوپٽي ھيراننداڻي ڀاشا شاستر (بمبئي) ص  ص 170- 173.

[27]  Dr: Nalinaksha Dutt: The age of Imperial Unity. Bombay. 1953. (General Editor, Dr: C Majumdar.) PP. 378-379.

[28]  ڌرمانند ڪوسمجي: ٻڌ ڀڳوان. ص ص 23 – 24.

[29] George Wood Cock: The Greeks in India P.33.

[30] G.W. Cock: Greeks in India. P. 34.

[31] Dr: Radha Kumud Mookerje: The Age of Imperial Unity P.58.

[32] G. W. Cock : Greeks in India. P.P 41, 42, 44.

[33] Dr: Radha Kumud Mookerje: The Age of Imperial Unity P.83.

[34] Ibid. P. 74.

[35] Dr: Radha Kumud Mookerje: The Age of Imperial Unity P.76.

[36] Ibid P. 80.

[37] Ibid P. 76.

[38] Ibid P. P. 71-72.

[39] Ibid P. 77.

[40] Ibid P. 77.

[41] G. Wood Cock: Greeks in India. P. 56.

[42] G. W. Cock, Greeks in India. P. 156.

[43] Dr: Radha Kumud Mookerji, The Age of Imerial Unity P. 84.

[44] George: W. Coek: Greeks in Inddia P. 56.

[45] Dr: Radha Kumud: The Age of Imerial Unity P. 82-83.

[46] Dr: Radha Kumud: The Age of Imerial Unity P. 76.

* The Grete Emetreus. The King of India (Chaucer’s Knight’s Tale) 81.

[47] G.W. Cock: Greek in India PP.78-86.

**  اهڙي ڪوشش فيروز شاهه تغلق به ڪئي هئي.

[48] G. W. Cock: Greeks in India. P. 87.

[49] Dr: R.K Mookerji: Imperial Unity P . 97.

[50] G. W. Cock: Greeks in India. PP. 100-191.

[51] G. W. Cock: Greeks in India. PP. 99-100.

[52] Ibid: P.102.

[53] Dr: R.K Mookerji: Imperial Unity P.586.

[54] Ibid: P. 586.

[55] G.W. Cock: Greeks in India. PP. 112-113.

[56] Ibid: P. 95.

[57] G. W. Cock: Greeks in India. PP. 104.

[58] Ibid: P. 113.

[59] Ibid: P. 94.

[60] Ibid: P 113-114.

[61] Dr: D.C. Sircar: Age of Imperial Unity P. 113.

[62] G. W. Cock: Greeks in India. PP. 116-118. also Dr: D.C. Sircar: Age of Imperial Unity.

[63] G. W. Cock: Greeks in India. P.

[64] Ibid: P.122.

[65] Ibid: P.123.

[66] Ibid: P. 124.

[67] Ibid: P. 125- 127.

*  ڪن جو چوڻ آھي ته ميناننگر ۾ اصل مينادر جي پراڻي ڇاوڻي ھئي. پوءِ انھيءَ پڊ تي سٿين نئون شھر ٻڌو.

[68] Dr: R.C. Majumdar: The Age of Imperial Unity PP. 154-158.

[69] F.W. Thomas: Journal of royal asiatic Society 1906. P. 25.

[70] G. W. Cock: Greeks in India. P 129.130.

[71] Ibid: P. 132.

[72] Ibid: PP. 130-132.

[73] Dr: D.C. Sircar: Imperial Unity PP. 136-138.

[74] Ibid: PP. 139-140.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com