سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع

مضمون

صفحو :4

”ذوالفقار“ راشدي

ھڪ بودلو بھار

ھڪ نوجوان آھي اوھان جي ئي شھر ۾،

جنھن سان سدا گلاب جوانين جو پيار آ؛

 

ھن جي رھاڻ ريجھه جو راڻين ۾ چھچٽو،

ھن جي خماري نيڻ ورھايو خمار آ؛

 

ھڪ مست آھي، جنھن کان آ مستين جو مرتبو،

ھڪ جيئرو ميڪدو ۽ مجسم بھار آ؛

ھيڏي، سدا بھار شبابن جا شائقو!

ھڪ دادلو آ، جنھن جو اوھان ۾ شمار آ!

 

ڳولي ڏسو ته ڪير اھو آھي ڪاپڙي،

جنھن جي اوھان کان زور سجائي آ راتڙي.

 

ھن جي سدوري ياد سان سرشار ھير آ،

رانجھوءَ جون بانسريون به سندس نانوَ کان وڄن،

 

ليٽائي جنھن کي گود ۾ حورن ڪرائي ننڊ،

جنھن تي پريون پيار جون پر کولي ڇانو ڪن؛

 

جذبات جو جواب، جوانيءَ جو آھه مھاڳ،

ھن جي حسين ھنج ۾ سرکنڊ مھٽجن؛

 

نيڻن تي ڪنھن جي نيڻ جو اولو سدا رھي،

چندن – ڳتيون چڳون به ھٿان ان جي کولجن.

 

ڀاڪيءَ  ۾ جنھن جي روز محبّت کڻي پساھه،

جيڪو ڪري ٿو روز، نرالي نئين نگاھه!

 

’سنجوگتا‘ کي جنھن جي سويمبر ۾ گھرج پئي،

سيتا آ جنھن جي چاھه ۾ خانه بدوش ٿي؛

 

راڌا کي جنھن جي بين بڻايو ملنگ، مست،

گوپين کي جنھن جي ڌيان ۾ پنھنجي نه ڄاڻ ھئي.

 

جنھن ’روپ‘ کي آ ’باز بھادر ٿي موھيو،

جنھن لاءِ ’پدمڻي وڃي آڙاھه ۾ پئي،

جيڪو سڏائي جوان چنيسر لکيسري،

جنھن سان نه ڪنھن به ليلان ڪدت ڪا ڪڏھن ڪئي؛

 

سو ڪير آ جو مقصدِ ’زيب النساءِ‘ آ،

جنھن تان سدائين گھور ڪا ’مھرالنساءِ‘ آ؟

 

ھو جيڪو منھنجي ڄاڻ ۾ اِندر، کان اڳڀرو،

ھو رنگ، روپ، راڳ جي راتين جو داستان؛

 

مقبول جيڏڙن ۾ ۽ سرتن ۾ سر سدا،

جنھن تي سدائين سونھن جا سرتاج مھربان؛

 

ھن جا ملوڪ گيت ٿا مٺڙن ۾ ڳائجن،

ڪن – ڳالھڙين ۾ سڏجي حسينن جو رازدان؛

 

ھن تي آ پنھنجي شھر جي پيارن کي ڀروسو،

ھن لاڏلي جي دل آھي پرين جو آستان

 

جاني ڏسو چتائي، آھو آھي ”ذوالفقار“،

جو آھي پنھنجي وقت جو ھڪ بودلو بھار!

مرحوم لطف الله بدوي

ابتدائي سخن

عشق ازلي آ عطا، عامي نه ان تي ٿو رسي،

نينھن جون ڳالھيون نراليون، ڏيھه کي ڪٿ ڪو ڏسي،

راھه جو ھي رھنما!

 

عقل سان حاصل نه ٿي ھي، ٿو مين جي مت کسي،

آھه تسليم ۽ رضا!

ھي پسڻ آسان نه آھي، پسڻ ھيءُ ٿو پسي،

ابتدا تا انتها!

 

عشق جي ڳالھين ڪرڻ سان، ھي وسئن ڪٿ ٿي وسي،

ٿي فنا وٺ پوبقا!

حافظ احسن چنا

منھنجي وطن جو ماڻھو

با قرب با محبت، منھنجي وطن جا ماڻھو،
خوش رو ۽ نيڪ سيرت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

خوش خو ۽ خوش خصالت، منھنجي وطن جا ماڻھو،
دل ۾ رکن ٿا الفت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

دلدار دوست دلبر، خوش خلق خوب خوشتر،
با شان با شرافت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

ھمدرد ھر ڪنھين جا، اخلاق تن جا عمدا،
سڀ  سان رکن اخوت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

جانباز جان نثار ۽ سورھيه سچا سپاھي،
فاتح ۽ با شجاعت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

سادا سڌا سٻاجھا ۽ نرم دل نماڻا،
نھٺا ٿيا نھايت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

مھمان نواز مانجھي، دست ڪشا سخي ڀي،
غربا سان ڪن اعانت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

ڪوڏيا ڪچھرين جا، ۽ مور محفلن جا،

مجلس جا زيب و زينت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

ميٺاج ۽ مروت شيوو سندن محبت،
ڪنھن جي نه ڪن شڪايت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

قربان قوم تان ۽ صدقو ٿين وطن تان،
ڪن خلق جي ٿا خدمت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

غمخوار غمزدن جا ۽ خير خواھه سڀ جا،
ھيڻن سان ڪن حمايت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

باڪار سڀ رھن ٿا، واندا نه ِڪي وِھن ٿا،
ڪن صنعت و تجارت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

فتني فساد کان ٿا، ھردم پري رھن پيا،
ڪينو رکن نه ڪلفت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

مشڪل مصيبتون لک، سيز تي سھن ٿا سڀڪجھه،
ھارن ٿا ڪين ھمت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

ڳوٺن جو زيب آھن، شھرن جي سونھن آھن،
اڪثر ٿا ڪن زراعت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

منصف مزاج عادل، ايماندار عاقل،
سھڻي رکن طبيعت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

مذھب تي پورا عامل، روحانيت جا قائل،
پابند دين و ملت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

غيرت جا پاڪ ُپتلا، پورھيي ۾ پنھنجي پورا،

ڪن محنت و مشقت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

محڪم يقين وارا، پختا رکن ارادا،
با عظمت و صداقت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

جي قوم ۽ وطن جا، َغدار ۽ عدو ٿيا،
تن سان رکن عداوت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

مقصود جيڪا منزل، ڪن ٿا انھيءَ کي حاصل،
خالص رکن ٿا نيت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

پنھنجي وطن جو گلشن، ان کي بنائي ”احسن“،
دل ۾ رکن حميّت، منھنجي وطن جا ماڻھو.

 

”وفا“ ناٿنشاھي

نعرو……!

انسان جو دَم آھيان، انسان جو دم آھيان.
تڪميلِ ڪرم آھيان، تشڪيلِ ستم آھيان،

 

انسان جو دَم آھيان....!

 

تقدير به آهيان مان، تدبير به آهيان مان،

افلاس به آھيان مان، جاگير به آھيان مان،
مان دست خدا آھيان، مان لوح و قلم آھيان.

 

انسان جو دَم آھيان....!

 

ڪِٿ عرش جو فرد آھيان، ڪِٿ صحرا نورد آھيان،
ڪِٿ باھه جھَنم جي، ڪِٿ خلد جان سرد آھيان،
ڪِٿ برف جو پُتلو، ڪٿ پٿر جو صنم آھيان،

 

انسان جو دَم آھيان....!

ڪٿ سوريءَ تي پيو لڙڪان، ڪِٿ چمڪان چتائن مان،
ڪِٿ تاج امامت جو، ڪٿ چوبِ صليب آھيان،
ھڏُ آھيان بلاول جو، ۽ شمس جو چمُ آھيان،

 

انسان جو دَم آھيان…!

 

مسجد به ھان، مندر ڀي، ملا به قلندر ڀي،
خلوت به ھان، جلوت ڀي، ٻاھر به ھان، اندر ڀي،
مان زھدو عبادت ھان، مان دين و ڌرم آھيان،

 

انسان جو دَم آھيان…!

 

ڪِٿ مُنھنجي ٿئي پوڄا، ڪٿ منھنجا ڀڳل گوڏا،
نيزي تي تلاوت ڪٿ، قرآن جي ڪِٿ ورکا،
مان شيخ و برھمڻ ھان، مان ديرو و حرم آھيان

 

انسان جو دَم آھيان…!

 

خيبر کي ڇڏيم ڊاھي، ڪعبي کي ڇڏيم ٺاھي،
شيطان کي عزَت جي عھدي تان ڇڏيم لاھي،
مان دفتر داور جي سيني تي رقم آھيان،

 

انسان جو دَم آھيان…!

 

ھي ارض و سماء زنده، بخشش ۽ سزا زنده،
جنت ڇا جھنم ڇا، مان ھان ته خلا زنده،
يزدان جو غرور آھيان، ڀڳوان جو ڀرم آھيان،

 

انسان جو دَم آھيان…!

 

ڪوثر جا مٺا چشما، طوبيٰ جا ٿڌا پاڇا،
جنت جون ٿڌيون ھيرون، سڀ منھنجا سڀئي منھنجا،
ناز آھيان فرشتن جو، حورن جو نعم آھيان،

 

انسان جو دَم آھيان…!

 

ڪِٿ سم جي ڀريان سرڪي، ڪٿ گھاءُ جھليان مُرڪي،
ڪٿ نعرو اناالحق جو، ڪٿ سُور وٺان ڪُرڪي،
تدبير جو گَرُ آھيان، تقدير جو خم آھيان،

 

انسان جو دَم آھيان…!

”سليم“ ڳاڙھوي

ڪونج

ستمگارَ ماري! ڪيئه ڇو ڪلور،

ڪيو مون ڀلا تنھنجو ڪھڙو قصور!

 

مليو توکي ڇا، منھنجي پَرَکي ڀڳئه،

ڀڃي منھنجي پرکي، ولر کان ڇڳئه!

 

ولر کان ڇڳو تو وڳر کان ڇڳو،

ٻچن کان ڇڳو تو ۽ گھر کان ڇڳو!

 

کڻي ٻوڙ ھڪ وقت جو پِڙ پيَئه،

مگر منھنجي ٻچڙن کان ڇورو ڪيئه!

 

حلال آھيان پر حلاليءَ جي لاءِ،

نه ظالم ۽ بيدرد ماريءَ جي لاءِ!

 

ٻچا منھنجا روئيندا ھوندا ضرور،

سڪل چپ به سوئيندا ھوندا ضرور!

وڃان ھا، مِلان ھا ٻچن ھاڻ مان،

سفر سڀ سلان ھا ٻچن ساڻ مان!

 

دُکِيءَ دل ۾ ڪيڏا ته ارمان ھئا،

مگر دل جا دل ۾ رھجي ويا!

 

ولر منھنجو اڄ مونکان وڇڙي ويو،

وڇوڙي سندو داغ دل کي لڳو!

 

وڃو منھنجون ساھيڙيون سڀ ھتان،

ڀڄو ظالمن جي دغا دام کان !

 

وڃو منھنجون ڀينر، وطن ڏي وڃو،

بُکين ۽ نماڻن ٻچن ڏي وڃو!

 

ھتي آھه جوکو وڏو جان جو،

ھتي قدر ناھي ڪو مھمان جو!

 

ھتي ظلم، زوري ۽ انڌير آھه،

جو ھيڻن سان ڏاڍن رکيو وير آھه!

 

وطن جا اَٿَو ڏُک وطن ۾ چَڱا،

ڪيو صدقي سُک تن تان پرديس جا!

 

ٻَچا منھنجا پَرتا اٿو اي اديون،

ڏجو تن کي منھنجا سلام ۽ مٺيون!

 

ڏئي تن کي آٿت ۽ چئجو اوھان،

ته ايندي سڀاڻي اوھان جي امان!

 

اوھان جي ٻچن کان جو چوڳو بچي،

ڏجو منھنجي ٻچڙن کي شفقت ڪري!

يتيمن تي جيڪو ڪرم ٿو ڪري،

اُنھيءَ ڏي خدا پاڪ ويجھو وري!

 

ھي فاني جھان سڀڪو ويندو ڇڏي،

فقط نام خالق جو باقي رھي!

 

اجل جي سدا لٺ رھي ٿي تيار،

نه غافل ٿي رھه، جاڳ ۽ ھوش ڌار!

”نديم“ انصاري

اڄ وري رات چاندني آئي

ھڪ دفعو اڳ به آئي ھئي سائين!

توکان وسري وئي ھجي شايد،

 

پر مون کي ياد آ اڃان تائين؛

تون ھئين، مان ھيس جذبا ھا،

 

بس! ٻيو ھر طرف ھئي خاموشي،

قرب ھو ۽ وفا جا وعدا ھا:

 

پر جلائي ٿي ھاڻي تنھائي،

- اڄ وري رات چاندني آئي!

 

تنھنجي اکين ۾ مون ڏسڻ ٿي گھري،

پنھنجي صورت، مگر تو شرم وچان،

 

ھر گھڙي ٿي نگاھه ھيٺ ڪئي،

مون سان اي دوست ان ادا تنھنجي!

ڇا چوان، ڇا ڪيو ۽ ڇا نه ڪيو،

بس ائين سمجھ دل جي دنيا تي!

 

ھڪ گھڙي لئه بھار ھئي آئي،

- اڄ وري رات چاندني آئي!

 

مان اڃا تائين منتظر آھيان،

تنھنجون راھون تڪيان پيو ھر ھر!

 

ڪيئن ڀلا توکي ھاڻ سمجھايان؛

تنھنجي وعدي تي اعتبار ڪري!

 

مون اميدن سَوَ ڏيا ٻاريا،

۽ ڇڏيو شام کي مون صبح ڪري!

 

پر نه تنھنجي اڃا خبر آئي،

- اڄ وري رات چاندني آئي!

 

زخم جو نذر ٿي ويو سارو،

چنڊ جي منھن جو حسن ۽ ڳاڙھاڻ،

 

پر نه اڄ تائين زخم ڀرجي سگھيو؛

آھي دنيا جي ان سان ھمدردي!

 

ته به انھيءَ کي اچي نٿو آرام،

جنھن کان پنھنجو پرين وڃي وڇڙي:

 

ناھه ھن درد جي دوا ڪائي،

- اڄ وري رات چاندني آئي!

 

رات ھڪڙي جي زندگي جي لاءِ،

شمع مغرور ڪيڏو ظلم ڪيو؟

 

ڪيرائي پتنگ تڙپايا؛

ھو ويچارا وفا شعار ھئا،

 

پرڪو آھي ھتي ٻڌائي جو؟

ھاڻي نادان شمع ڪاٿي آھه؟

 

حسن تي آ اجائي ارڏائي،

- اڄ وري رات چاندني آئي!

 

مون ستارن کي ٽھڪ ڏيندي ٻڌو،

منھنجي فرياد تي ھنن شايد،

 

ويٺي ڪو وقت مرڪي ڳالھايو،

چنڊ پڻ مون کي مسڪرائي چيو،

 

صبر ڪر اي ”نديم“ ڇا ٿيندو؟

پاھڻن کي ڪڏھن پگھر آيو؟

 

تون اجايو ٿئين ٿو سودائي،

اڄ وري رات چاندني آئي!

احمد خان ”آصف“

ڊوڙندا آيا ڪڪر

رنگ ۽ رونق مٽايون، ڊوڙندا آيا ڪڪر!

ڪارڙي پوشاڪ پايون، ڊوڙندا آياڪڪر!

 

عرش جي ميدان تي ھڪٻئي کان اڳ نڪرڻ جي لئه،

پاڻ ۾ شرطون پڄايون، ڊوڙندا آياڪڪر!

 

جيئن ھوا ۾ ڇوھا ڊوڙيا، پگھرجي پاڻي ٿيا،

پلڪ ۾ پوٺا پسايون، ڊوڙندا آيا ڪڪر!

بجليون چمڪيون ته آڏو رعد جي ڳائي ملھار،

سارنگيون سرندا وڄايون، ڊوڙندا آيا ڪڪر!

 

بحر مان سيراب ٿي برسيا بيابانن مٿان،

جيڪي ملين سو ورھائيون، ڊوڙندا آيا ڪڪر!

 

اَڇڙا اَڇڙا موتي پلٽيائون، پٽَن تي بيشمار،

جو ھُين خرچيون کپايون، ڊوڙندا آيا ڪڪر!

 

جُھڙ جي لُڙ، گجگوڙ جي گھمسان سان ۽ گوڙ سان،

ڏيل ڏاڍن جا ڏَڪايون، ڊوڙندا آيا ڪڪر!

 

ٿيون وسوڳيون واه ”آصف‛‛ ۽ وطن مان وئي اڻوٺ،

مھر موليٰ جي وسايون، ڊوڙندا آيا ڪڪر!

”محسن“ ڪڪڙائي

ٽي شعر

آءُ ته جيءَ ۾ جاءِ ڏيانءِ،

اڻ ڳالھايل ڳالھين وانگي!

 

ماڻھو خواھه مِرون، سڀني لئه،

ڇانو ڏني سين ٽالھين وانگي!

 

خوشبوءِ پنھنجي پوکيل آھي،

”محسن“ پارن مالھين وانگي!

”پروانو“ ڀٽي

انتظار

ھي اوسيئڙي ۾ پاڇولا لَڙي ويندا، تڏھن ايندين!

جڏھن ھي لُڙڪ اکين مان سُڪي ويندا، تڏھن اِيندين!

 

اڃا محفل مَتَل آھي، اڃا مستن کي ھوش آھي،

جڏھن سجدن ۾ ديوانا جھڪي ويندا، تڏھن ايندين!

 

مڃان ٿو اڳڀرو آھين، اڃان منھنجي نگاھن کان،

تڪي راھون منھنجا جذبامري ويندا، تڏھن ايندين!

غلام حسين ”رنگريز“

ڪوئل

اي ڪوئل! اي مٺڙي، تون خاموش ڇو آن؟
وري واءُ آھن وريا ڪھڙا توتان؟

 

نه شيرين نغما ۽ ٻوليون ٿيون ٻُڌجن،

نه ڪُو ڪُو اي ڪاري، گلي مان ٿيون نڪرن،

 

ھي وڻ ٽڻ ۽ وليون ٿيون تو لئه اداسي،

ھي گھر گھاٽ گليون ترانن لئه آسي،

 

ھي نھرون ۽ نالا به نغمن سُڻڻ لا،

سدائين کان آھن پياسا پياسا؛

 

شفق جي به لالاڻ توکي ٿي ساري،

ٿڌي ھير ھر ھر ٿي توکي پُڪاري،

مٺا ٻول تنھنجا جي ٻھه ٻھه ٿي ٻھڪيا،

پيارا ترانا جي ٽھه ٽھه ٿي ٽھڪيا،

 

سي جبر وتشدد جي گھاڻي ۾ پيڙيا،

يا گَھري گھٽا جي ھو اوندھه ۾ اَڙيا،

 

ھتي ڪنھن ته پاپيءَ گَلو تُنھنجو گھٽيو،

ڪري پاپ توکي آ سُورن ۾ سٽيو،

 

وڃي شال ”رنگريز‛‛ پورو ٿي پاپي،

رَھي ڪين گلشن ۾ پاپي ڪو باقي!

 

ميوو خان ”موج“ لغاري

اباڻن جو اوٺي

الا، آھه اڄ واءُ واھوندو وايو،

ٿي بر ۾ بھاري، بھار آھه آيو.

ٽڙيا وڻ، ڦٽا گاھه، مورا به موريا،

ٿي گھر جھنگ جھڳمڳ، رنگيءَ رنگ لايو.

 

ھرون ڏين ھر جا ھرا گاھه ھاڻي،

ڪري وڙ، وطن منھنجو واحد وسايو.

 

کنڀي کوھه تان تو کڻي زوري آڻي،

بندي بند ۾ بنديءَ بندياڻي بنايو.

 

ڪٽينديس نه ڪوٽن ۾، ڇڏ قيد ڪاٽي،

عمر! ڪوٽ تنھنجي منھنجو من منجھايو.

ڪڏھن ڪين رھنديس ھتي ڪنھن به حيلي،

ادا ڙي! الله نانءُ پاھون پڄايو.

 

ولر ور وڳر وڻ سڳر سيڻ سرتين،

ھُري منجھه ھنئين آھه محشر مچايو.

 

ڀلايم نه ڀيڻون، ويڙھيچا نه وسرن،

سندم ساھه سانگين سنديءَ سڪ سڪايو.

 

نه سرتين سھيلين ري ساعت سري ٿي،

سنگھارن سندو سُور سيني سمايو.

 

ولر ڪيو وڳن سان وتن ھو وطن ۾،

مون کي ڪوٽ ۾ قيد قسمت ڪرايو.

 

پَٽِينديئه پِٽِي پاڙ پنھنواريون پاڙؤن،

پِٽڻ پيون پٽينئه تو پٽ ۾ پٽايو.

 

ڪڏھن ڪنھن نه حاڪم ڪري ھيئن ھلائون،

تڏو تو جيئن پنھنجو پِٽَائي پَٽَايو.

 

تنھنجي باغ بستان محلات ماڙين،

رتيءَ روح منھنجو نه ريبي ريجھايو.

 

ڪريان ويٺي ڪيھون، نھاريان ٿي راھون،

رکان ڪنھن به ريھي رھڻ جو نه رايو.

 

اڏامي اچي ڪر ڪي خبرون، کنياتا!

اباڻن ڏي آھيم ڪانگل اڏايو.

 

مُڪو ڪونه مَارُن ڪو مون ڏانھن قاصد،

اڃا ڪونه اوٺي اباڻن جو آيو.

مُيا ئي جِيان، جي وڃان ملڪ موٽي،

مچي ”موج“ مڙھه جي مُنھنجو ھُت رسايو.

آزاد نظم

حرمت الاڪرام

ڳوڙھا وھايو

فسانا پڙھو ۽ ڪي ڳوڙھا وھايو،

ھي ڪھڙو جنون آھه؟

کلي ڇونه ھر اھڙي وارفتگي تي؛

رسالن جي مغرور ورقن مان ھردم –

ڪي ڪوڙا سچا ٿا فسانا نھارن،

فقط ايتري لاءِ، جيئن چار گھڙيون،

گذاريون، کِلون، خوش ٿيون، عيش پايون:

اھي چار گھڙيون نه بنجن، اسان لئه ڪٿي نانگ وانگر!

اھو نانگ، ماحول جو روپ ڌاري،

متان ڏنگ ماري، متان زھر ھاري،

اھي چار گھڙيون به زھري نه بنجن  -

فسانا فقط ان جو ترياق آھن:

ذري وقت تائين کلو، خوش ٿيو،

مشڪو، ۽ ڳايو، وڄايو،

ڪا محفل سنواريو!

-        مگر تون،

فسانا پڙھي ڇو ٿو روئين؟

ھي ڪھڙي چريائي،

اڳي تو چيو ٿي ته افسانا آئينو آھن،

فسانا به انداز آ شاعريءَ جو،

مگر رفته رفته ائين آھه شايد،

ڪا تصوير دامن ڪشان آهه، جيڪا،

سندءِ راھه روڪي ٿي سد راھه بنجي،

سا پٿر جي تصوير، خاموش، ٻولي،

چوي ٿي ته ”اي دوست! ماحول ھن ۾،

” ڪھاڻيءَ جو ڪردار ھڪ تون به آھين،

” ھي ماحول تنھنجو ئي ڪردار آھي:

” تون ماحول آھين ۽ ماحول تون آن،

” تون شاعر ۽ حساس انسان آھين،

” ته ماحول جو ھر ورق طنز آھي:

” فسانو سندس تلخ ھڪ رُوپ آھي،

” تون پڙھندين ته رُئندين،

” فساني تي الزام آڻڻ، غلط آھه،

” خطاڪار آھين،

” گنھگار آھين ته تون ئي فقط ھڪ!“

-        پوءِ لازم آ، پاداش جي سلسلي ۾،

ملي ذھن ۽ روح کي ڪا اذيت،

سزا، جُرم احساس جي سلسلي ۾!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com