سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع

مضمون

صفحو :11

راج سيکر جو زمانو عيسوي نائين –ڏھين صديءَ جي درميان آھي انھيءَ زماني ۾ به اپڀرنش کي سؤراشٽر ۽ مھاراشٽر تائين محدود ڄاڻايو اٿس. سنڌ جي جنھن حصي تي اپڀرنش جو اطلاق ممڪن ٿي سگھي ٿو، سو لاڙ آھي. مگر ان جي ادبي توري لساني ڪيفيت اپڀرنش کان آزاد ۽ الڳ مڃي اٿس راج سيکر کان ھڪ صدي پوءِ ڏھين- يارھين صديءَ عيسويءَ ۾ سنڌ ( لاڙ) جو مشھور شاعر سمنگ چارڻ ٿيو آھي. انھيءَ جو ڳاھون ۽ دوھا جيڪي مليا آھن، سي به صاف سنڌي ۾ آھن ۽ منجھن اپڀرنش جي بوءِ به ڪانھي.

مٿين حقيقتن مان معلوم ٿيندو ته اپڀرنش جي اسرڻ کان اڳ، يعني عيسوي چوٿين- پنجين صديءَ کان وٺي ويندي عيسوي نائين- ڏھين صديءَ سوڌو، سنڌي ٻولي پنھنجي الڳ نالي سان ادبي ميدان ۾ اوچي ڳاٽ رھي آھي. مگر تاريخ جي اڻڄاڻائيءَ سبب، ڪي ته يارھين صدي تائين به ان کي پنھنجي اصلي نالي (سنڌيءَ) کان محروم رکي اپڀرنش جي اڌاري نالي سان سڏڻ صحيح سمجھن ٿا. انھيءَ غلط فھميءَ جو ھڪڙو ته سبب آھي اڀير قوم جي حڪومت جو وسيع اراضيءَ ۾ پکڙجڻ ۽ انھن جوا قتدار عرصي دراز تائين قائم رھڻ. انھيءَ کان وڌيڪ اڃان به ٻيو سبب اپڀرنش جون آڳاٽيون علمي سرگرميون ۽ انھن جو پيدا ڪيل ادبي سرمايو، پر انھن ٻنھي کان وڌيڪ، ٽيون ۽ مکيه سبب ھيءُ آھي ته جين ۽ ٻڌ پنٿ جي پوين پر چارين ئي اپڀرنش کي ايڏو عام ڪيو. جين ڌرم وارا ته اڳي ئي ان کي دکن ۽ وچ ھندستان ۾ مقبول عام مڃي پنھنجو ڪري چڪا ھئا. انھيءَ جي عوامي مقبوليت کا ن متاثر ٿي ٻوڌين پڻ پاليءَ جي بجاءِ ان کي اتر- الھندي ھندستان ۾ عوامي تبليغ جو عام ذريعو بنايو. انھيءَ ڪري ھن ھيٺ پوئين بڌ پنٿ جي تاريخ تي تبصرو ڪجي ٿو.

يوگ چارا: مٿي بيان ٿي آيو آھي ته عيسوي پھرين صديءَ ۾ ناگرجن جيڪو مھاين فرقو جاري ڪيو، تنھن جو مرڪز نالندا يونيورسٽي ھئي. ھن کان پوءِ آريه ديو ٻي صديءَ ۾ اتي جو چانسلر بڻيو، جنھن جو شودر ٻالڪو راھل ڀڌر ٽيون چانسلر  ٿيو. ان کان پوءِ سندس چيلو راھل متر ۽ ان جو چيلو ناگ متر وغيره ھڪٻئي پٺيان مقرر ٿيندا آيا. آخرڪار عيسوي ٽين صديءَ ڌاري مھاين پنٿ جي اندر يوگ چارا نالي سان ھڪڙو نئون فرقو سرجيو، ھن فرقي جو ھادي مئتريه ناٿ (270-310ع) ھو، جيڪو مڇندر ناٿ کان به اڳي ٿيو آھي. ھيءُ ائوڌ جو ھڪڙو عالم ھو، جنھن جوڳ جو روحاني فلسفو پيش ڪيو. ھن جي قابليت جي بناءَ تي ڪن کي تٿاگت جي انھيءَ اڳڪٿيءَ گمراھه ڪيو ته مون کان پوءِ مئتريه (مھدي) پيدا ٿيندو؛ لاماتارا ناٿ ۽ بستون جي تاريخن مان اھڙا اشارا ملن ٿا. سندس جائنشين آچاريه اسنگ (310-390ع) پشاور کان يوگ جو پرچار شروع ڪيو، اسنگ جو ننڍو ڀاءُ واسو ٻنڌو منطقي (421-500ع) جيڪو نالندا جو چانسلر پڻ رھيو ھو، سو کائنس پوءِ يوگ چارا جو مبلغ بڻيو. مشھور منطقي ڊيگناگ (پنجين – ڇھين صدي) ھن جو شاگرد ۽ جاءِ نشين ھو. انھيءَ جو طالب ڌرمپال 635ع ۾ نالندا جو چانسلر ھيو، جنھن جوڳ فلاسافيءَ تي اعليٰ ڪتاب لکيا. پوءِ وري سندس ٻالڪو سلڀدر انھيءَ جاءِ تي مقرر ٿيو تنھن بعد مشھور جوڳي چندر گومن آيو، جنھن لغت، نحو، محاورات (Dilects)، عروض، ڇند ۽ طب تي ڪيئن ڪتاب لکيا.

انھي زماني ڌاري ڪٽر ٻانڀڻ، ڪمارل ڀٽ جو ڀائٽيو ايترو ته علم پڙھيو، جو ھن کي ھندو ڌرم جون مڙي ئي ڪوتاھيون معلوم ٿي ويون. برھمڻن کان جو انھن جي سمجھاڻي گھريائين، تن جواب ۾ ماڳھين ڏيھه نيڪالي ڏيئي ڇڏيس. ھن کي ٻڌ مذھب ۾ ئي انھن جو جواب نظر آيو ۽ ان جي سچائيءَ تي ويتر ويساھه ڄمي ويو. اھو پوءِ ڌرم ڪيرتيءَ جي لقب سان مشھور ٿيو ۽ جوڳ چارا ۾ لاجواب علمي خدمتون انجام ڏنائين. انھيءَ وچ ۾ وري ٻيو ھڪڙو مخفي تانترڪ طريقو وجود ۾ اچي چڪو ھو.

تنتر: عام عقيدو آھي ته جوڳ وارو عمل جيڪو مئتريه ناٿ ۽ اسنگ جاري ڪيو ھو، سو وڌندي وڌندي  تمام اعليٰ روحاني منزل کي وڃي پھتو ۽ وقت گذرندي اھو تانترڪ طريقو بڻجي پيو. تنتر لفظ جو اشتقاق، ھڪ پراڻي فرھنگ ڪاسيڪا ورتي (650ع)  ۾ تان = ڇڪڻ + ستر = ملائڻ يعني مفھوم کي ڇڪي تاڻي ملائڻ، لکيل آھي. مذھبي فلاسافرن انھيءَ جو اشتتاق يعني ڌاتو تنتري (ابدي علم) سمجھايو آھي. ھاڻي اڪثريت ۾ انھيءَ جو مڃيل مفھوم: اھو ادب آھي جيڪو اندروني علم کي پکيڙي يا کولي، خاص طرح سان اھو علم جيڪو اعلي حقيقتن متعلق ھجي ۽ جيڪو جنتر (روحاني تصورات) ۽ منتر (مخفي مفھوم) جي ذريعي وڃي معرفت کي پھچي. اھڙيءَ طرح انھيءَ اصطلاح جي ڇٽيھن مختلف شرحن مان، آخر عيسوي پنجين  صديءَ  وارو  خاص  مذھبي  فلسفيانه  مفھوم  قائم رھيو.

تانترڪ ادب جا بنيادي ڪتاب گُھيه سماج (ڳجھو طبقو) ۽ منجسري مول ڪلپ آھن. جيڪي عيسوي پنجين- ڇھين صديءَ جا آھن، مگر ٻنھي جا عنوان الڳ ۽ مضمون مختلف آھي گھيه سماج يوگ ڏانھن راغب آھي ۽ منجسري وجرياني جنتر منتر ڏانھن. اڳتي ھلي تنترن جا ٻه مختلف مڪتب فڪر مقرر ٿيا. ٿٻيٽي روايتن موجب: ھڪڙي جي نسبت سراھاپا (Saraha pa 690 A.D) سان ٻئي جي پدم وَجر سان ڪيل آھي. وجر (حق) جو تصور، گھيه سماج ۾ اھو ئي اننگ وجَر، اندر ڀوتي ۽ ناگرچن وارو ساڳيو آدويه واد (وحدانيت) آھي مگر سرھاپا لُئِي پا، ڪانھُوپا ۽ ڀڪشوپا جي دوھن ۾ وري واسو بندو ۽ اسنگ وارو عميق نظريو (فنائيت) سمايل آھي. تنترن جي ٻولي اڪثر اشارن واري ۽ اھڙي ته پيچيده آھي ۽ انھيءَ جي معنيٰ به ايتري ته گھري آھي جو ڪنھن قابل ۽ ڪامل واسطيدار ۽ ڄاڻو استاد جي رھبريءَ کان سواءِ انھن جو مقصد معلوم ٿيڻ ممڪن ئي نه آھي.

تانترڪ آچارين کي عام طرح سان سِڌا سڏيو ويندو ھو. انھن مان ھڪڙو لَليِتا وَجر،جيڪو اصل ۾ الھندي جي ڪنھن راجا نرورسن 404ع جو ليکڪ ھو، سو نالندا جو چانسلر بڻيو. انھيءَ وري اِندر ڀوتيءَ کي پنھنجي گودڙي پارائي. اِندر ڀوتي اصل ۾ آسام- اوڙيسا جو راجا ھو، جنھن لليتا وجر جو ٻالڪو بڻجي، ھن کان تنترن جي تعليم ورتي پوءِ تخت کي ترڪ ڪري، تنترن جي تبليغ ۾ محو ٿي ويو.

گُر جا ڏٺي گوڌري سا لاھيندي ٿئي لڄ،

سندا تنھين سنھج، چيلا چوندا ڪيترا

( شاھه- رامڪلي)

سندس سڄو زور ھڪڙي ئي نڪته تي ھوندو ھو. ”مرشد جي مھر کان سواءِ ٻي سڄي بندگي بيفائدي ٿيو پوي ٿي“. سندس تصنيفن مان ’سَھَج‘ سِڌي مشھور آھي جنھن جي بنياد تي ھن ’سَھجِيانه‘ فرقو جاري ڪيو ھو. انھيءَ فرقي کي سُک واد، (سرورقلبي) پڻ چئبو آھي. آچاريه اِندر ڀوتيءَ کان پوءِ سُک واد کي قائم رکڻ لاءِ سندس ڀيڻ، شھزادي لڪشمينڪرا پنھنجي پاڻ کي سھجيانه فرقي جي پرچار لاءِ وقف ڪري، ڀڪشڻي بني. ھن جي مشھور تصنيف ادويه سِڌي جو اصلي نسخو اڃا موجود آھي. ھن ساري ڄمار مھاسُک واد (تسڪين قلب) جو پرچار ڪيو. ليلا وجر ھن جو جاءِ نشين ٿيو، جنھن تقريرن توڙي تحريرن سان سھجيانه فڪر کي پختو بڻايو. انھن چئني مڪتبن جي انتھائي منزل انتريوگ (اندروني حقيقت) آھي جيڪو سموري ئي راز جو ڄڻ راز آھي انھيءَ جو علم عام ماڻھن جي پھچ کان پري ھجڻ ڪري، انھيءَ جي اشاعت کي ڪڏھن به عوام لاءِ عام نه ڪيو ويو. مگر مخفيءَ طرح به اھا تعليم فقط  ڪن  ڪامل  جوڳين کي ئي نصيب ٿيندي ھئي.

ڪريه گيت ۽ وجر ڳيت: لفظ ڪريه (Karya) ڪرڻ مصدر مان آھي، جنھن جو مطلب عمل، فعل يا عبادت آھي. ٻڌ مذھب جون پاڪدامن ۽ زاھد سنياسڻيون (Nuns) توڙي تارڪ درويش (يوگ چارا ۽ سِڌا) پنھنجي نفس جي اصلاح ۽ روحاني ترقيءَ خاطر ’ڪريه ۽ وجر‘ ڳيت، جوڙيندا ۽ گڏجي ڳائيندا ھئا انھن کي گاٿائون چوندا ھئا. گاٿائون ته جيئن اسان کي اڳيئي معلوم آھي ته اھي ٻڌ مذھب جي منڍ کان ئي موجود ھيون، جيڪي ويدڪ زماني ۾ به لاڳيتيون ڳائبيون آيون آھن، ڪريه ۽ وجر ڳاھون وري مختلف نوعيت وارين ڪن خاص عبادتن ۾ ڳايون وينديون ھيون. اھي ڳاھون خاص طرح سان ٻڌ مذھب جي وجريانه  (بجرياتي) فرقي وارا سنت فقير، تانترڪ منڊل (مجلس) ۾ ويھي ڳائيندا ھئا. بجرياتي منڊل چڪر (دائري يا حلقي) ۾ ڳايل ڪريه ۽ وجرڳيتن مان وجر ڌارڪ (پوڄاري يا عابد) کي سندس توجھه ۾ تسڪين ٿيندي ھئي. ٻوڌي منڊل چڪر جي نموني تي پوءِ وارو ھندو برھمڻي واما چار (وِڀچار) منڊل چڪر بڻيو. جنھن ۾ مڇي ماس، شراب، ھٿناٽ (مدرا) ۽ زناڪاري نه فقط جائز ھيون، بلڪه اھي پنجئي ڳالھيون پوءِ ماڳھين لازمي ۽ مستقل بڻجي پيئون. انھن جو تفصيل ڏيڻ تھذيب جي خلاف آھي.

ڪريه ڳاھون مضمون توڙي ترتيب ۾ وجرڳيتن کان ڪجھه قدر مختلف ھونديون ھيون ڪريه ڳيت ۾ ٽي يا بعضي ته پورا چار پد (انگ) به ھوندا ھئا. انھيءَ حالت ۾ ٽئين يا چوٿين انگ (تڪ) کي ڌروپد يا مستقل فقرو چئبو ھو. جيڪو وري وري ڳائبو رھبو ھو. جي فقط ٻه تڪون ھونديون ھيون ته وري ٻئي پد کي به ڌروپد چئبو ھو.وجر ڳاھن جي ترتيب ۾ وري ٻه يا ٽي (مشڪل سان چار) تڪون ڪم آندل آھن، جن جي جوڙجڪ مختلف سٽن جي مقابلي مان معلوم ڪري سگھجي ٿي. ساھتيه ۽ سنگيت جي سلسلي ۾ انھن ڳيتن کي نبڌ پرٻنڌ، ڳيت شمار ڪيو ويو آھي. اھي ڳيت بغير تال جي ڳائبا ھئا. انھن جي ٻي ۽ چوٿين تڪ سان ڀَنتا (قافيو) ٺھيو آھي. مگر اڪثر ڪري ڪريه ڳاھن ۾ ٽي تڪون ئي ھونديون ھيون، جيڪي: اُدگِرھه، ڌُروَ ۽ اڀوڳ سڏبيون ھيون مطلب ته ھنن ڳيتن ۾ ميلاپڪ (ملائيندڙ) تڪ نه ھوندي آھي.

ڪريه ۽ وجر ڳاھن جي ڳائڻ جو خاص مقصد، سھج واري ڪيفيت ۾ تسڪين قلب ۽ ان جو انتھائي سُرور (مھاسُک) حاصل ڪرڻ ھو. مُني دت ۽ ادويه وجر انھن تي ٽيڪا ڪندي لکيو آھي ته: ڪريه ۽ وجر ڳيتن جي مضمون جي معنيٰ مخفي ۽ سندن ٻوليءَ جو ٻٽو مطلب ھوندو ھو. انھيءَ ڪري انھن کي سَنڌيه ڀاشا، سنڌيه واڪم يا سنڌيا سنگيت چئبو ھو. حقيقت ۾ اھا جوڳين جي راز واري گفتگو ۽ سندن اندروني ٻولي (Code Language) ھئي، جنھن کي پنھنجو پاڻ ۾ ئي پروڙي ۽ سمجھي سگھندا ھئا. اھي ڪريه پد ڪن وجرياتي آچارين، سِڌ آچارين ۽ سھجيه اچارين جا جوڙيل ۽ جمع ڪيل آھن. انھن ۾ ڪريني پا، ڪانھو پا، ويروپا، لُئِي پا ، ھادي پا، سوري پا، ۽ سرھاپا (750ع) وغيره جا نالا مشھور آھن، جيڪي جملي چوراسي چيا وڃن ٿا، انھن جو زمانو الڳ الڳ آھي. ٻوڌي سنياسين (سِڌ آچارين) ڪيتريون ئي ڳاھون جوڙيون ٻوليءَ جي اعتبار کان انھن کي گاٿا ڀاشا، چيو ويندو ھو. ڪي ماڻھو ائين ڀانئيندا ھئا ته ڪريه ۽ وجر ڳاھن جي ٻولي شايد کريل سنسڪرت ھوندي! پر پوءِ جي ڪيترن ئي عالمن انھيءَ کي اڳوڻيءَ راءِ جي ابتڙ ثابت ڪيو آھي.

ٻولي ٻجھارت، جوڳيان سنديءَ ذات جي (شاھ- رامڪلي)

انھن چوراسي سِڌ آچارين مان، ڇاھتر سڌن جا نالا ڊَڪارنِوَ، (Dakarnava) ۾ لکيل مليا آھن. ھي جيڪي سِڌ آچاريه سڏيا ويا آھن، سي حقيقت ۾ ساھجيه فرقي جا سنياسي ھئا. انھن وٽ قوم ۽ قبيلو، رنگ ۽ روپ، يا نسل ۽ بڻ ته بلڪل ئي بي معنيٰ لفظ ھئا، پر ڪنھن به ديس يا ٻوليءَ سان پڻ اھي ڪائي نسبت نه رکندا ھئا.

نڪو نسل تن جو، نڪو تن حسب (شاھ)

اصل ۾ ھي ديس ديسانتر جي مختلف مخلوقات ھئي اھي پو رب پڇم ۽ ھند- سنڌ جي نامعلوم ملڪن ۽ ڏورانھن ڏينھن جا ئي معلوم ٿيندا ھئا، جن ۾ ڪوبه قومي، لساني يا نسلي امتياز نه ھوندو ھو. اھو ئي ٻڌ مذھب جو نچوڙ يعني ناٿ پنٿ ھو. مطلب ته دنيا جي ڪنھن به ديس کي مليڇ ملڪ مڃڻ جي خلاف، اھي ساڌو، ساري جڳ کي ئي پنھنجو گھر تصور ڪندا ھئا. ھر مُلڪ مِلڪ ماست ڪه ملڪِ خداي ماست ۽ پنھنجو پاڻ کي انسانذات جي عالمي برادريءَ جو ڀاءُ (پا= پاءُ= پاؤ= پاد) سمجهندا ھئا!

ڏيھي ڳيتن جا پرڏيھن ۾ پڙلاءُ: ٻڌ مذھب جي انھن مبلغ آچارين جي معرفت، ڪريه ۽ وجر ڳيت، ڪشمير ۽ ٿٻيٽ کان ٿيندا ڀوتان، ڪوچي، ڪاشغر، ختن، چين، منگوليا، ڪوريا ۽ جپان تائين به اھي وڃي پھتا. خود چيني تاريخن ۾ پڻ اھڙي قسم جون ڪيتريون ئي ڳالھيون قبول ڪيل آھن. ويندي جپان ۾ به اھڙيون ڪي قديم روايتون ھلندڙ آھن. ڪوشان حاڪم ھُوشِڪ (واسديو اول) جي زماني – سنه 120ع ۾ انڊو پاڪستاني ڳيتن جا استاد ڳائڻا، سرڪاريءَ طرح چين پھتا، اھو اشارو اڳ ۾ ئي اچي چڪو آھي. ”انڊو پاڪستان مان ڳِياڪارن جو ٻيو به ھڪڙو وڏو ٽولو ڳائيندو، گھمندو، سڌو چين اچي پھتو تنھن کان اڳي چينائي شھنشاھه ڪؤتسو (Kaotsu 581-595 A.D) پنھنجي ملڪ ۾ ڪنھن به پرڏيھي عنصر جي داخلا تي سرڪاريءَ طرح بندش وجھي ويو ھو. مگر ھن جو حڪمنامو  به سگھوئي بي اثر ثابت ٿيو. جيئن ته ھن جي جاءِ نشين اولاد کي. اھڙن آچارين جي آجيان ئي ڪرڻي پيئي ۽ ڪيترائي نئين نموني جا ڳيت چين ۾ رائج ڪيا ويا… وري جپان ۾ قديم روايتن ۾ پڻ ٽانگ (Tang) حڪومت جي زماني ۾ ھڪڙو ھندي آچاريه، جنھن جو نالو ’ٻوڌي ڀڪشو‘، ھو تنھن چين مان مذھبي ڳيتن جا ٻه مکيه قسم ’ٻوڌيستو‘ ۽ ’ڀَئرو‘، ھتي جپان ۾ اچي جاري ڪيا هئا“. اھِڙيءَ طرح – ”سن 802ع ۾ راجڪمار سندن نالي ڪنھن بادشاھ جو وليعهد، چين ۾ ھڪڙي سياسي سفارت وٺي ويو. انھيءَ ۾ انڊو- پاڪستان مان ڪيترائي سريلا ڳيت چوندڙ، تحفي طور شھنشاهه جي درٻار ۾ پيش ڪيا ويا، جيڪي وڏي احترام سان قبول ڪيا ويا.“

چين جپان کان به وڌيڪ وچ ايشيا، چيني ترڪستان ۽ ٿٻيٽ ۾ اھڙن ڳيتن ۽ ڳاھن جو عام غلبو رھيو آھي- ”سھجيانه عقيدي جا جيڪي چوراسي آچاريه مشھور آھن، تن مان ٽيو نجاھ ڄڻن جون تصنيفون ته ٿٻيٽ ۾ ئي معلوم ٿيون آھن. جن ۾ سرھاپاءُ، ڪھنو پاءُ، تلو پاءُ، نارو پاءُ، لُئِي پاءُ، ڪريني پاءُ ۽ ڀڪشو پاءُ وغيره جا نالا قابل ذڪر آھن. سرھاپاءُ (690-750ع) ۽ ڪھنو پاءُ (900ع!) جا ته ھٿ اکر لکيل ڪي قلمي نسخا اصلي حالت ۾ به مليا آھن. انھن ئي قلمي ڪتابن تان، پروفيسر شھيدالله خان، ٿٻيٽي ترجمن جي آڌار تي پنھنجو شاھڪار تيار ڪيو. آچاريه سراھا جو ’دوھا ڪوش‘ ته تمام  مشھور آھي. انھيءَ جا جدا جدا ٽي مڪمل ۽ قديم قلمي نسخا، ھن وقت به محفوظ آھن“.

ھن کان اڳ اپڀرنش جي اوائلي دوھن جو ذڪر آيو آھي. انھن دوھڙن کي اڳتي وڌائڻ جو ڪم به سِڌ آچارين ڪيو آھي. ڊاڪٽر جين، انھيءَ سلسلي ۾ وڌيڪ لکيو آھي ته ”پوين سِڌ آچارين مان جن دوھا جوڙيا؛ تن ۾ تِلو پاد، سِرھَه پاد، ڪھنا پاد ۽ ڪريني پاد وغيره مشھور آھن. سندن ڪلام جا مجموعا ’دوھا ڪوش‘ نالي سان ڪٺا ڪيل آھن. اھو ڪلام اول ڊاڪٽر شھيدالله ”ٻڌ دوھا - او - گانا“ جي نالي سان ڪلڪتي يونيورسٽيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھن کان علاوه ڊاڪٽر پي. سي. با گچي ۽ ھر پر ساڌ شاستريءَ پڻ انھن کي الڳ الڳ ترتيب ڏني آھي. انھن کان وڌيڪ پراڻا ٻيا به ڪيترائي ’ٻوڌي ڏوھيڙا‘، راھُل سمڪرتياين، تازو ڳولھي ڦولھي ڪٺا ڪيا آھن. انھن مڙني جي مضمون ۾ عميق روحانيت رچيل آھي. انھن جي ٻوليءَ جو روايتي نالو سَنڌيا ڀاشا، (Twilight Tongue or Symbolical Speech) آھي. انھن ٻوڌي ڏوھيڙن جو زمانو عيسوي ڇھين صديءَ کان، ٻارھين صديءَ جي اندر مقرر ڪري سگھجي ٿو.(3) مگر دوھي واري شاعريءَ کي منظر عام تي آڻڻ، انھيءَ کي انڊو- پاڪستان ۾ پري پري تائين پھچائڻ ۽ دوھي کي مقبول عام صنف بنائڻ جو سھرو صرف ’ناٿ‘ جوڳين جي ئي سر تي آھي.

ناٿ بنٿ (Nathism): ھي فرقو حقيقت ۾ ٻڌ مذھب جو نچوڙ ۽ ان جي آخري شڪل آھي، جنھن ۾ مٿيان مڙيئي (ارڙھن) عقيدا اچي وڃن ٿا. ناٿ پنٿ جو پايو بابا مڇندر ناٿ نالي ھڪڙي جھوني جوڳيءَ وڌو، جيڪو اصل آسام جو رھاڪو ھو ( سندس زمانو اندازا ستين –اٺين صدي عيسويءَ جو آھي ) جوڳي پنٿ در اصل ھن کان اڳ ۾ ئي ھلندڙ جو جيڪو مئتربه ناٿ جاري ڪيو ھو ھن وري انھي کي ناٿ ڌرم جي نئين نالي سان دھرايو. ڪن جي خيال ۾ ته ڪريني پاءَ کان اھو پنٿ مڇندر ناٿ کي مليو ۽ مڇندر ناٿ وري ڪورنگي ناٿ  ( چؤرنگي) ناٿ ۽ گورک ناٿ کي پنھنجو چيلو بڻايو. بھرحال اھي تيئي ناٿ ھڪڙي طرف ته بجرياقي فرقي وارن چوراسي سِڌَن جي آخر ۾ اچن ٿا؛ ته ٻئي طرف وري ناٿ پنٿ جي اوائلي نَوَن (9) ڄڻن ۾ پھريان تي ناٿ ڳڻيل آھن انھن چوراسي سڌن جي سلسلي سان گورک ناٿ جو زمانو اندازاً اٺين صدي عيسوي آھي.گورک ناٿ جا دوھا گورک ٻڌ، نالي ڪتاب ۾ ڪٺا ڪيل آھن جن ۾ پنھنجي گروءَ مڇندر ناٿ جي منزل ۽ مرتبو ڳايو اٿس.

مٿئين ھر پرساد شاستريءَ، مڇندر ناٿ واري مارڳ جو ذڪر ڪندي گورک ناٿ لاءِ لکيو آھي ته ھن جو اصلي نالو راون (رامڻ) وجر ھو ۽ ٻڌ مذھب جي بجرياتي فرقي جو يوگ آچاري ھو. پوءِ جڏھن مڇندر ناٿ واريءَ مت ۾ آيو تڏھن گورکناٿ جي لقب سان مشھور ٿيو....مطلب ته مڇندر ناٿ وارو نئون پنٿ پڻ اصل ۾ ٻڌ مذھب اندر ئي سمايل ھو. ھن مان ثابت آھي ته ناٿ جوڳين جا دوھا ۽ ڳيت پڻ وجرياني ٻوڌين جي ڳيين ۽ ڳاھن کان الڳ ڪا ٻي شئي نه آھن. جيتوڻيڪ ناٿ جوڳين جي روحاني عمل ۽ بجرياتي سِڌن جي عبادتن ۾ ڪنھن حد تائين فرق ھو. ھنن ۾ چوٿون نمبر جالندر ناٿ جوڳي ٿيو آھي، جنھن جو نالو چوراسي سِڌ آچارين ۾ نٿو ڳڻجي، ڇاڪاڻ ته ھن بجرياتي سلسلو بند ڪري، اڀرندي پنجاب ۾ وڃي ناٿ پنٿ پکيڙيو. جلندر جو شھر ھن جي ئي نالي پٺيان سڏجي ٿو، ھن جو چيلو چوڙڪرناٿ ۽ ان بعد چرٻٽ ناٿ، ٻئي مشھور ٿيا. ٻال ناٿ (بالا ناٿ) وري اتر الھندي ڏي، لوڻ جي ٽڪرين وارا ويرانا وڃي وسايا. اھو ناٿ جوڳين جو آخري آستانو ھو. ديول ناٿ ۽ مِنا ناٿ اتي جا مشھور جوڳي ٿيا. اھي ئي ذڪر ڪيل نَوَ ناٿ بلڪل اوائلي ۽ اھم آھن. مٿين مڙني جوڳين: مڇندر ناٿ، گورک ناٿ، چؤرنگي (ڪورنگي) ناٿ، جلندر ناٿ،  ۽ ٻين جا ڪيترائي دوھا چيل آھن، جي گھڻو ڪري ستين- اٺين صدي عيسويءَ کان قلمبند ڪيا ويا. اھي اڪثر ’اوھٽ دوھا‘ جي نالي سان سڏيا ويا آھن. اوھٽ ٻولي اصل ۾ ھڪڙي قسم جو مرڪب ھو، جنھن ۾ اپڀرنش، سنسڪرت، پالي، پراڪرت… ماگڌي، بينگالي وغيره وغيره سڀيئي گڏ وچڙ ٿيل ھيون.

ٻولي ٻجھارت، جوڳيان سنديءَ ذات جي (شاھه - رامڪلي)

پوءِ وري پرٿوي ناٿ پنھنجي پرچار لاءِ پري پري جا پنڌ اختيار ڪيا. پرٿوي ناٿ جا دوھا، جيڪي ’جوڳ پرڪاش‘ نالي ڪتاب ۾ ڪٺا ڪيل آھن، تن ۾ جوڳ جي عميق نظريي، ان جي انوکن اصولن، باريڪ مسئلن ۽ نفيس نُڪتن تي تمام تحسين جوڳي روشني وڌي اٿس. انھيءَ زماني ڌاري ئي ڀڳتيءَ جون تحريڪون به اسري رھيون ھيون.

پوئين ناٿ پنٿ ۾ وري سَڌنا ناٿ ۽ غريب ناٿ ناليرا ٿي گذريا آھن. غريب ناٿ جي دوھن ۾ جوڳ جي منزل فنائيت آھي، سَڌنو سالڪ وري سنڌ ۾ (سيوھڻ طرف ) ڄائو ھو. ھيءُ اصل ۾ مسلمان ڪاسائي ھو، پوءِ ناٿ پنٿ ۾ اچڻ ڪري دنيا ترڪ ڪري وڃي جوڳين سان گڏيو. ناٿ پنٿ يوگي ساڌنا ( برھمڻن جي) بت پرستيءَ، شرڪ، جپ تپ ۽ ظاھر پرستيءَ جي ٻين مڙني ڳالھين، توڙي نمائشي عبادتن جي برخلاف وڏي بغاوت اٿاري ھن خدا جي وحدانيت ۽ خالص توحيد جي تبليغ ڪئي. ھن جا دوھا اڪثر نفس جي معرفت متعلق آھن ۽ انھيءَ ڳالھ تي ئي سڄو زور ڏنو اٿس.

سامي ٿين ته سڌ ناٿ ٿِي، نه ته ڏورمَ ھونھين ڏيھه،

اونھون ملڪ عِنات چئي، ڪنھن ڇُلي نه لڌو ڇيھه،

حرص ھڪلي پانھنجو، تون وھم وساري ويھه،

مڙھي ماٺ جي بيھه، ته ويٺي ئي وير ٿئين.

ساڌنا ناٿ گرو نانڪ (1469- 1538ع) کان به اڳي ھو. (ڪن جي خيال ۾ ته گرونانڪ جو غائبانه گرو به ساڌنو سنت ئي ھو.؟) ڇاڪاڻ ته ھن پندرھين صدي عيسويءَ جي شروع ۾ شھرت حاصل ڪئي. سندس دوھا به سِکن جي اَدي گرنٿ ۾ موجود آھن. سَڌني جوڳيءَ، سورھين صدي عيسويءَ کان به ڪجھه اڳي وفات ڪئي. سندس دوھن ۾ فنائيت يا جوڳ جوئي نڪتو نمايان آھي. (نانڪ کان اڳي سورھين صديءَ ۾ ئي ٻيو به ھڪڙو مسلمان بزرگ ’ڀڳت ڪبير‘ ڪوري (1398-1518ع) پورب ڏي پيدا ٿيو، مگر ھيءُ ڀارت (بنارس) ۾ ئي رھيو. سندن فلسفي ۽ فڪر جو اثر سنڌي صوفي شاعرن تي پيو، جيئن ھيٺ نظر ايندو.

تصوف ۽ جوڳ جو سنگم: انھيءَ سورھين صديءَ ۾ ئي سنڌ جو پھريون سالڪ ۽ صوفي شاعر جنھن جوڳيءَ، جو لفظ جاڳائڻ واري يا جاڳائيندڙ، (خواب غفلت مان بيدار ڪندڙ) لاءِ ڪم آندو آھي، سو قاضي قاضن (1551ع) آھي. انھيءَ کان پوءِ لاڳيتو ايندڙ سنڌ جي سڀني صوفي شاعرن، ويندي سچل، روحل، بيدل، نانڪ يوسف ۽ خود شاھ ڀٽائي به جوڳين سنديءَ ذات، کي ڳايو وڄايو آھي. رسالي شريف جي سُر کاھوڙي، پورب ۽ يمن ڪلياڻ وغيره ۾ اھڙا بيت عام آھن. سُرود رامڪليءَ ۾ ته خاص طرح سان بِکياري ۽ پينار، نانگا ۽ ناٿ، جوڳي ۽ ويراڳي، رمتا ۽ سيلاني، سير ۽ سفر، گودڙي ۽ مالھا، توڙي جوڳ ۽ تپسيا جوئي بيان آيو آھي. (بلڪ بُلھا شاھ ته جوڳين جون رمزون ۽ راز، ڪرامتون ۽ ڪشالا، توڙي منزلون ۽ مرتبا پڻ ڳايا ۽ سمجھايا آھن). ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي محققانه مقالي (ھندي ۽ سنڌي شاعريءَ جو لاڳاپو) ۾ مٿين مڙني بزرگن جي ڪلام جا مثال ڏيئي انھن تي عالمانه بحث ڪندي، ھن نتيجي تي آيو آھي ته: ”صوفين ۽ يوگين ۾ ترڪ ۽ تجريد جا اصول مشترڪ ھئا- صوفين وانگر يوگين وٽ به گُرو ۽ چيلي، جي تعلق ۽ آداب جي اوتري ئي قدر ۽ قيمت ھئي، جيترو مرشد ۽ مريد، جي. ساڳئي طرح گروءَ جي چيلي کي تلقين ۽ ھدايت جي به وڏي اھميت ھئي. انھيءَ حقيقت تي ڪتاب گورک ٻڌ، شاھد آھي، جنھن ۾ گرو چيلي جي گفتگو قلمبند ٿيل آھي: چيلو گورک ناٿ سوال، ڪري ٿو، جنھن جا جواب ڏيندي سندس گرو مڇندر ناٿ اپديش ڪري ٿو… سنڌ ۾ ھنن سيلاني فقيرن جي آمد و رفت ۽ سنڌ جي سالڪن سان سندن ملاقاتن تي سنڌي ٻوليءَ جا ڪي قديم اصطلاح شاھد آھن، جي سندن تحريڪ عقيدي ۽ عملن جي نالن يا معنائن پويان رائج ٿيا… مٿينءَ مختصر وضاحت مان معلوم ٿيندو ته ھن يوگي پنٿ جي اعتقادن ۽ اصولن، جي سندن تبليغ ۽ ڪلام ذريعي پکڙيا. سنڌي صوفيانه شاعري جي الفاظ، اصطلاحات ۽ فڪر تي ڪيتريقدر اثر وڌو آھي“. ڪن جي خيال ۾ ته خود صوفين جو زھد، سوبه اصل ۾ جوڳين جوئي جُھد، آھي. عالم اسلام جا علماءَ ۽ مفتي سڳورا، شرع شريف جي احترام ۽ حفاظت خاطر، انھن تي تمام ڪڙي نظر رکندا ۽ تعزيرون ڏيندا رھيا آھن. الجاحظ (نائين صدي) انھن کي زنديق، جي نالي سان سڏيو آھي، سي اسلام جي ڪنھن به فرقي سان تعلق نٿا رکن اھي سامي ڇڏي سانگ، وڃي گڏيا گورک ناٿ کي.

ھتي ھڪڙي ڳالھه جو اعتراف ڪرڻ  لازمي آھي: ھن سلسلي جي اڳين قسطن وانگر، خود ھن مضمون ۾ به مواد مڙيوئي ھڪ طرفو يعني ھندن جي ئي لکيتن تان ورتل آھي ۽ ٻئي طرف کي ڄاڻي ٻجھي به نظر انداز ڪيو ويو آھي، جي اتفاق سان ڪنھن انگريز يا ٻئي ڪنھن جو اشارو آيو به آھي ته اھو پڻ انھن ئي ڪتابن ۾ ڪم آندل ۽ قبول ڪيل آھي. مٿي جيڪي به حوالا ۽ اقتباس آيا آھن، اھي اڪثر ڪري پنھنجي اصل جو اکري ترجمو آھن. ھن محدود مقالي ۾ انھن تي وڌيڪ تبصري ۽ تنقيد جي گنجائش ڪجھه گھٽ آھي. تنھن ھوندي به ھتي اھڙو ڪَچو مال ميڙي ڪٺو ڪيو ويو آھي، جيڪو وڏن ودوانن ۽ عالمن جي ئي تحقيق ۽ کوجنا جو ڦل آھي. انھيءَ ۾ ڪي اھڙيون انوکيون تاريخي حقيقتون به آھن، جيڪي اسان جي ادبي تاريخن جي روشنيءَ ۾ نيون نظر اينديون. اسان جا عالم اديب انھن مان ڪھڙا نُڪتا اگھائيندا، اھو ته استادن جي اختيار آھي، مگر ممڪن آھي ته سنڌيءَ جي اوائلي شاعريءَ بابت انھيءَ ڪَچي مال، مان به ڪجھه مدد ملي وڃي. انھيءَ اميد سان ئي اھو ڪٻاڙين وارو ڪم ڪيو ويو آھي- جي زندگي رھي ته انشاءَالله، ايندڙ قسط ”سنڌي شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ“ جي لکڻ جي ڪوشش ڪبي. اول خير.


[1] Dr: Nalinaksha Dutt: “The Classical Age” PP. 380 to 388.

[2] Dr: Nalinaksha Dutt: Imperial Kannauj  P. 259.

[3] Dr: Nalinaksha Dutt: Kannauj  PP. 314.

[4] Dr: Nalinaksha Dutt: Imperial Kannauj. P. 259.

[5] Ibid. P. 265.

[6] Dr: H. D Bhatta charyya: Impeial Kanauj P. 318.

[7] Dr: Nalinnaksha Dutt: Kanauj P. 268.

[8] Ibid PP. 268-269.

[9] Dr Nolinaksha  Dutt: Imperial Kannauj. P.266.

[10] Prajna: Historical: P. 218.

[11] Ibid. P. 286.

[12] Ibid. P. 218 – 219.

[13] Ibid. P. 216.

[14] Prajnna: Historical PP. 216-217.

[15] Ibid P. 194.

[16] Dr: R.C Majumdar: The Classical Age P. 615.

[17] Dr: R.C Majumdar: The Imperial Kanauj P. 432.

[18] Buddhism in Pakistan: Pakistan Publication, P.B. No. 183, Karachi (1963)  P.53.

[19] Prajnana: Historic P. 220.

*  نيپال جو لڃوي راجا نريندر ديو(643- 714ع)، نيپالي ادب ۾ انھيءَ ڪري مشھور آھي، جو ھو مڇندر ناٽ واري فرقي جو حامي ھو، جيڪو نيپال جو مربي سنت بڻيو. (ڪلاسيڪل 132)

[20]  ڊاڪٽر محمد حسن: ھندي ادب ڪي تاريخ (عليڳڙھه 1955ع) ص 19 – 20.

[21] Praj: Historic PP. 215-216.

[22] Ibid P. 215.

[23] Ibid P. 262-263.

[24]  ڊاڪٽر محمد حسن: ھندي ادب ڪي تاريخ (عليگڙھه 1988ع) ص ص 20 – 22.

[25]  سماھي مھراڻ 1955ع جو نمبر 1

[26] سماھي مھراڻ 1955ع جو نمبر 1

[27] M.T. Titus: Indian Islam P. 149.

[28] Hitti: P.435.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com