سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع

مضمون

صفحو :6

ولي محمد ”وفا“

حسرتن سان نڀائڻو پوندو،

وقت ائين ئي گذارڻو پوندو.

ڪنھن کي ويجھو وھارڻو آھي،

وقت کي اڄ بيھارڻو پوندو.

 

اڳ نه معلوم ھو، پري پيڪر،

توکي پائي به ھارڻو پوندو.

 

دل ۾ ڪڏھن رھيا جي دل وانگي،

ھاڻي تن کي نھارڻو پوندو.

 

ھار سينگار ٿا ڪيو ڏاڍا،

سر به ڪنھن کي سنوارڻو پوندو.

 

جنھن کان وڇڙي سڪون نه پاتوسين،

ھاءِ تنھن کي وسارڻو پوندو.

 

ڪنھن ٿي ڄاتو ”وفا“ ڪو ايئن ٿيندو،

پاڻ کي پاڻ مارڻو پوندو.

”غازي“ ٽکڙائي

زندگيءَ جي ساز تي ھو گيت ڪي ڳائي ويا،

رات ھو منھنجي اڱڻ تي چنڊ چمڪائي ويا!

 

حسن جي سرڪار جنھن دم ٿي نھاريو ناز مان،

تير نظرن جا چٽي ڄڻ گھور سان گھائي ويا!

روح منھنجي ۾ رھي، جن روح سان ڪيئي رھاڻ،

ڳالھڙيون سي ڳجھڙيون ڳل لائي ڳالھائي ويا!

 

وصل جا ساغر ڀري، جن ٿي پياريا پيار مان،

خون جي ھر ذره ۾ ڄڻ جوت جاڳائي ويا!

 

ھوڏ ھن کي حسن تي ۽ مون کي پنھنجي عشق تي،

منھنجي ٻانھن ۾ اچڻ کان پوءِ شرمائي ويا!

 

بيرخيءَ جو موت ڪيو شڪوو شڪايت پيار سان،

ڪوڙ مان ويٺس رُسي، ھُو نيٺ پرچائي ويا!

 

جي ڪري مون لاءِ روشن ويا زمين ۽ آسمان،

شام ٿيندي ئي اسان جا جام جھرڪائي ويا!

 

دل جي تارن کي اچي ڇيڙي وڄايو جن رباب،

ٻول ڪي چپڙن سان ٻولي ڦول ورکائي ويا!

”نظير“ ٽکڙائي

منھنجو دلربا، سر رھگذار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا،

ٿي قدم قدم تي گناھگار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

 

نه وفا جفا جي ڪا آرزو، نه ڪا آبرو جي ڪا جستجو،

ڪو ستم ڪرڻ لئه ھزار بار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

 

نه قرار دل کي سڪون آ، نه سڪون دل کي قرار آ،

منھنجي دل کي ھاڻي ڪو اعتبار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

 

نه فراق راهِ وصال ٿيو، نه وصال راهِ وصال ٿيو،

ھي گھڙيءَ گھڙيءَ جو انتظار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

ھي جي تاب حُسن جون ھستيون، ھي جي شوخيون، ھي جي مستيون،

سي ڏسي ڪو صورت جان نثار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

 

نه صنم صنم کي خدا چوان، نه صنم خدا کان جدا چوان،

جي صنم خدا کان ٿي ڌار ڌار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

 

تون اڃا ته جام تي جام ڏي، ڪي سلام ڏي، ڪي پيام ڏي،

پو جي چشم مستيءَ ۾ گر خمار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

 

مان امير آھيان ٿيو بي ڪُلَھه، مان فقير آھيان بي وطن،

اسان مفلسن تي اوھان کي پيار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

 

نه خودي شرابِ خيال ۾، نه جلال ۾ نه جمال ۾،

جي ڪمال حُسن ٿئي سازگار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

 

نه ”نظير“ آس نصيب ۾، نه رقيب ۾، نه قريب ۾،

کڻي موت بعد قبر تي يار، اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا!

”رياض“ ٽکڙائي

دلڙي ھڪڙي، درد ھزار،

ڪوبه نه آھي ڪنھن جو يار!

 

نينھن جا ناتا مڙني ٽوڙيا،

ڪنھن نه رکيا دل جا وھنوار!

ڏير ڏنگايون ڏاڍ ڪري ويا،

ڪھڙا پُڇين ٿو تن جا پار!

 

 

ڏکڙن جو ھيءُ ھر ھلي ٿو،

لُڙڪ وھن ٿا زارو زار!

درد ونديءَ جو ناھي چارو،

مھنگا ٿي ويا پريتم پيار!

 

پيار مھانگو، پريت مھانگي،

مھنگو ”رياض‛‛ سڄو سنسار!

”دادن“ ڀٽو

گوش دلبر تائين پھتو، منھنجو ھي فرياد نيٺ!

دلربا دل سان ڪيو، ھن دل دُکيءَ جو داد نيٺ!

 

دوستو! دل جو چمن، ويو ھو صفا ويران ٿي،

محب موٽي سو ڪيو، آخر اچي آباد نيٺ!

 

غم الم جي سخت گھيري، ھو گھڻو غمگين ڪيو،

ان منجھان منٺار مون کي، اڄ ڪيو آزاد نيٺ!

 

ھٿ حڪيمن کي نه آئي، درد منھنجي جي دوا،

پاڻ پَرين ئي ڪيو، نسخو اھو ايجاد نيٺ!

 

ڪئي ڦٽائڻ ڪاڻ ڪوشش، دشمنن دل جان سان،

ڪين اُکڙيو دل اندر تان عشق جو بنياد نيٺ!

 

سڀ رٿون منهنجي رقيبن جون ملي ويون خاڪ ۾،

گلبدن کان گڏ رهڻ جو آهه ٿيو ارشاد نيٺ!

 

دائما ”دادن“ ٿيو، ممنون آ محبوب جو،

جنھن اڱڻ تي واڳ واري، شوق مان ڪيو شاد نيٺ!

”مومن“ مليرائي

عشق ئي آھي جو عاقل کي ڇڏي جاھل ڪري،

مشڪلاتون زندگيءَ تي ڪيتريون نازل ڪري.

 

دلربا مون کي به اڄ وڃ پيار جي قابل ڪري،

آرزو آھي اھا جنھن لئه ٿي ڌَڪِ ڌَڪِ دل ڪري.

 

تنھنجي مئخاني جي در تي آھيان ڀٽڪي رھيو،

ساقيا محفل ۾ اڄ مون کي به ڇڏ شامل ڪري.

حال ڇا رندن جو ٿيندو، بزم ۾ توکان سواءِ،

وڃ نه ساقي تون سُڃي رنگينيءِ محفل ڪري.

 

آ ڇڏي رنگِ حنا جو شوق ھن بلڪل ڏنو،

خونِ عاشق سان ٿو ھٿ ڳاڙھا سدا قاتل ڪري.

 

خير ڏي پَنھنجي ھٿن سان، عاشقِ لاچار کي،

التجا ٿو تنھنجي در تي وقت کان سائل ڪري.

 

ڄاڻ ٿيو پورو سفر، تون ڊڄ نه ڪنھن کان راهرو،

منزلِ مقصود تي آياسين طئه منزل ڪري.

 

سنگدل کي دل ڏئي، سستو اھو سودو ڪري،

تو به اي ”مومن“ حياتي آ ڇڏي زائل ڪري.

قطعا

”استاد“ بخاري

(1)

نه جي ڪو حق وٺندو ۽ نه جي ڪو حال بدليندو،

ته ان ۾ ملڪ ۽ ماحول جو ڪو ڏوھه ڀِي ناھي؛

ڪڏھن سج آيو آ سنبري، جو ان کي رات موٽايو،

ھُو پنھنجي وقت تي ايندو ته ان ۾ رات جو ڇاھي!

(2)

ھزارن منزلن کان پوءِ ايندي منزل مقصد،

اسان جو ڪاروانِ شوق ڪاھيندو وڃي جيڏي؛

ھزارين زندگيون گھرجن ٿيون ھڪڙي ھڪڙي منزل لئه،

اسين ھڪ زندگي وارا مسافرڙا وڃون ڪيڏي!

(3)

ڪڍون ٿا ظلم جي اوندھه، جھان مان شعر جي ڇڄ سان،

اسان کي دل جو دل ۾ عقل ئي خود ڏاھري چوندو؛

خرد جي وَٽِ، ٻَڌيءَ جو تيل، الفت جو ڏِيو ٺاھي،

عمل جي تيلڙي ٻاريو، ته جھٽ پٽ نور ٿي پوندو!

(4)

اڇا، ڪارا، برھمڻ، ڀيل، ھِي ۽ ھُو، الڳ ليڪن،

اکين توڙي چپن تن جي ۾ ساڳيون قدرتون آھن؛

جي روئن ٿا ته ھڪ ھڪ لڙڪ ۾ ٽي- ٽي جھنم ٿَن،

جي مُرڪن ٿا ته ھر مُرڪَ ۾ ڏھه جنتون آھن!

(5)

ستارن جي چمڪ جنھن جي جگر کي ڪين گرمائي،

اُھا بي حس نيلي آسمان جي ڇِت نه آھيان مان؛

گلن جو رنگ و بو جنھن جي نظر ۽ خون نه تڙپائي،

اُھا ڪنھن باغ ۾ بيٺل سرن جي ڀت نه آھيان مان!

(6)

نه سمجھايو اسان کي فلسفو سائين، خوشيءَ غم جو،

کِلڻ آيو ته کلنداسين، روئڻ آيو ته رئنداسين؛

نه ڊيڄاريو، حيات و موت جي ڇيڙي مسئلن کي،

حياتي آ ته جيئنداسين، جي موت آيو ته مرنداسين!
رباعيون

پير سليم جان سرھندي

( 1 )

ھي عشق جي واردات، ڪنھن کي معلوم،

ھيءَ راز سندي بات، ڪنھن کي معلوم؛

پروانو ته ھڪ پَل ۾ ڏئي جان ڇٽو،

ڪيئن شمع تي گذري رات، ڪنھن کي معلوم!

( 2 )

مکڙيون کليون، ڏس آئي بھار, اي ساقي!

رندن کي ڀري جام، پيار, اي ساقي!

مونکي نه بھار گھرجي، نه مکڙيون، نه شراب،

مون ڏي تون رڳو مرڪي نھار، اي ساقي!

( 3 )

يارن جي روش کان گھڻو بدظن آھين،

دشمن جي ھٿان ملول، منھنجا مَنَ آھين؛

ڪو تنھنجو سڄڻ آھه نه دشمن جڳ ۾،

تون پاڻ پنھنجو دوست ۽ دشمن آھين.

( 4 )

غرقاب غمن ۾ سڄي دنيا آھي،

ڳڻتيءَ کان ڪو آزاد نه اصلا آھي؛

ڪر ترڪ تمنا ته ڇٽين ڳڻتيءَ کان،

ڳڻتين جو سبب، تنھنجي تمنا آھي!

( 5 )

انعام چون ٿا، وڏي دولت آھي،

اعزاز وڏو جڳ ۾ حڪومت آھي؛

جي سچ پڇين، آھن ٻئي جنجال وڏا،

نعمت وڏي اي دوست، قناعت آھي!

حافظ ”احسن“ چنا

( 1 )

طاعت ۾ ريا، فريب شيطاني آھه،

بي فائده شغل صبح گرداني آھه،

نادان نه ٿي تون، پر ٿي داناءُ، زاھد،

داڻن جو ڳڻڻ تنھنجي ھيءَ ناداني آھه.

( 2 )

ڪر زندگيءَ ۾ عشق جي دولت حاصل،

ڇڏ غير کي، ڪر حق جي طاعت حاصل،

ريءَ عشق حقيقي جي نه ڪر عمر زيان،

بي درد کي ٿئي ڪين سعادت حاصل.

( 3 )

.اقبال کي ناھي ڪو زماني ۾ بقا،

ھڪجھڙو رھي ڪين ٿو اقبال سدا،

اقبال کي تون اُبتو ڪري ڏس ته ذرا،

صورت ۾ سو ’لابقا‘، ٿيو آھه صفا.

”مون کي ھي ڏسي انتھائي مسرت ٿي آھي ته پاڪستان رائيٽرس گلڊ جو پھريون ساليانو اجلاس 31 جنوري 1960ع تي ڊاڪا ۾ ٿي رھيو آھي. اڄوڪي ڏينھن تي، گذريل سال، مون رائيٽرس گلڊ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ھئي. اڄ مان نھايت دلچسپيءَ سان گلڊ جي ارتقائي منزلن کي ڏسڻ لاءِ چشم براه آھيان. مان نھايت خوش آھيان، ۽ اوھان جي ڪاميابيءَ سان گڏ اديبن ۽ شاعرن جي بھبوديءَ ۽ ترقيءَ لاءِ ھڪ منظم ۽ صحتمند ادارو قائم ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ منھنجي دلي مبارڪ قبول فرمائيندا. مون کي يقين آھي ته اوھان جھڙا اديب ۽ عالم ھرو ڀرو ڪنھن مشوري جا محتاج نه ھوندا، پر جي اوھين مون کي اجازت ڏيو ته ھوند ھڪ اھم ڳالھه بطور مشوري جي عرض ڪري ڇڏيان. اُھا اِھا ته اوھان جو فڪر آزاد

آھي، تنھنڪري اوھين پنھنجي تاثرات کي نھايت آزاديءَ سان لکو ۽ پنھنجي ماحول کان آزاد نموني ۾ متاثر ٿي، پنھنجي گرانقدر خيالات کي ظاھر ڪريو: ڪنھن به خوف يا ڪنھن به مصلحت کي اڳيان آڻي، پنھنجي ذھن کي ملوث ۽ ڪُند نه ڪريو. مان پنھنجي طرفان اوھان کي يقين ٿو ڏياريان ته اھو ممڪن آھي ته ذاتي ۽ انفرادي طور تي منھنجو اوھان سان اختلاف ٿي پوي – حتا ڪه احتجاج به ڪري سگھان ٿو – پر ان سان گڏو گڏ اھو يقين پڻ ڏياريان ٿو ته مان اوھان جي حقن جي حفاظت ڪندس، بشرطيڪ اھو وطن عزيز جي مفاد جي خلاف نه ھوندو.“

- فيلڊ مارشل محمد ايوب خان، صدر پاڪستان.

]پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي پھرئين سالياني اجلاس، منعقده ڊاڪا، 31-جنوري 1960ع لاءِ پيغام.[

2

        1. سنڌ جي تاريخ جا چند واقعا      

                        - سيد حسام الدين راشدي

        2. پراڪرتي شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ

                        - محرم خان ايم. اي.

”’ادب‘ جي فني تعريف کي اگر تمام ٿورن لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، ته پوءِ رڳو ائين چوڻ ئي ڪافي ٿيندو ته ”ادب جو منصب آھي زندگيءَ جي تعمير پسند معيارن کي، از سرِ نو ڳولڻ ۽ انھن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ.“

”ڳالھه آھي به بلڪل ائين، ادب ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ نھايت مضبوط فني ۽ تنقيدي رشتو قائم ٿيل آھي.ھزارن طرفن ۾ منتشر ۽ اڻ سھيڙيل زندگيءَ ۽ ان جي مختلف مسئلن کي سھيڙڻ ۽ سميٽڻ جي سلسلي ۾، متمدن ۽ مھذب انسان، ادب کان وڌيڪ ڪوبه ماثر ۽ مفيد ذريعو پيدا نه ڪيو آھي. ’ادب‘ ھر دور ۾ زندگيءَ جو ترجمان رھندو آيو آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو جڏھن اسان ادب جي قدرن جو ذڪر ڪريون ٿا، تڏھن ان مان اسان جي مراد ’زندگيءَ‘ جا قدر ئي آھي. ان کان ٻاھر ٻيو ڪوبه مفھوم نه ٿو رھي. زندگي به ھر لحظي تي نئون موڙ اختيار ٿي ڪري، ايتريقدر جو اڪثر وقتن تي ، ان تبديليءَ جو اسان کي احساس ئي نه ٿو رھي. ان غير محسوس طرح سان، نئين موڙ کي اختيار ڪرڻ ۽ تبديليءَ کي قبول ڪرڻ  کي معاشري جي ھڪ  داخلي ڪيفيت ئي چئي سگھجي ٿو. ان جا خدوخيال ان وقت ئي نمايان ٿين ٿا، جڏھن تغير جو عمل ڪنھن فيصله ڪن عروج تي پھچي وڃي ٿو. ان وقت ئي اسان کي احساس ٿئي ٿو ته زندگي بدلجي چڪي آھي ۽ زندگيءَ سان گڏ ان جا قدر به بدلجي چڪا آھن!“ – غ . م. گ.

سيد حسام الدين راشدي

سنڌ جي تاريخ جا چند واقعا

]جناب پير حسام الدين راشديءَ جي علمي شخصيت ڪنھن به رسمي تعارف جي محتاج نه آھي. سندن علمي ۽

تحقيقي سرمايو، بين الاقوامي شھرت حاصل ڪري چڪو آھي. سنڌ جي تاريخ تي سندن ھر تحريرسنَد جي حيثيت حاصل ڪري چڪي آھي.بر صغير ھند-پاڪ جي وڏي محقق ۽ مورخ، علامه سيد سليمان ندوي رحه، کين ”قابل فخر مورخ‛‛ سڏيو آھي.سندن فارسي، اردو ۽ سنڌي زبان ۾  تاريخي تاليفات، تصنيفات ۽ محققانه تحريرن کي بر صغير جي محققن کان علاوه، مستشرقين به پسند ڪيو آھي. پير صاحب، سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ شعري خزاني مان ڪيئي نادر ۽ ڪمياب مخطوطا ھٿ ڪري، علمي مقدمن ۽ محققانه تعليقات ۽ مورخانه حواشي سان سينگاري پيش ڪري چڪو آھي؛جن مان زياده تر سنڌي ادبي بورڊ جي پاران شايع ٿيا آھن. انھن مان ”مڪلي نامه“، ”تذڪره امير خاني“، ”مقالات الشعراء“، ”تُڪمله الات الشعراء“، “مثنوي چنيسر نامه“، ”مثنوي مظھرالاثار“، ”مثنويات وقصائد قانع“، ”تاريخ مظھر شاھه جھاني“، ”ترخان نامه“، ”منشور الوصيت“، ”ھشت بھشت“، ”حديقة الاولياء“، ”روضته السلاطين“، سندن شاھڪار سڏي سگھجن ٿا. سندن محققانه ۽ علمي خدمتن جي قدر افزائي ڪندي، کين شھنشاھه ايران رضا شاھه پھلوي ’آريه مھر‘، ”نشان سپاس- درجه اول“ عطا ڪيو آھي. ۽ پاڪستان پاران کين ”ستارهء امتياز” سان نوازيو ويو آھي.

پير صاحب جن 1911ع ۾،  ڳوٺ بھمڻ، ضلعي لاڙڪاڻي، سنڌ ۾، سنڌ جي مشھور راشديه خاندان ۾ پيدا ٿيا. اوائلي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سندن تعليم ۽ تربيت جو مدار ’ذاتي مطالعه‘ تي رھيو آھي. پاڻ سنڌي، اردو، عربي، انگريزي ۽ فارسي زبانون ڄاڻن ٿا. سندن ڪتب خانو، ملڪ جي مشھور علمي ڪتب خانن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. مشرق وسطيٰ ۽ يورپ جي علمي لائبررين مان ڪيترن علمي ۽ تاريخي ڪتابن تان ميڪرو فلمون آنديون اٿن، جي ناياب ۽ محققانه ڪتابن تي مشتمل آھن. اوائلي دور ۾ صحافت سان وابسته رھيا، ۽ پنھنجي وڏي ڀاءُ، محقق، مورخ، سياستدان، اديب جناب پير علي محمد راشدي صاحب سان گڏ ”ستاره سنڌ“ (سکر) کي عروج تي پھچايائون. سندن علمي ۽ محققانه رابطا، مشرق ۽ مغرب جي علمي سرچشمن سان استوار آھن. ھن وقت ڪراچيءَ ۾ مقيم آھن ۽ نادر علمي مخطوطن جي ايڊٽ ڪري رھيا آھن. –ادارو.[

]سنڌ جي ادبي تاريخ سان تعلق رکندڙ چند منتشر واقعا ھن ھيٺ ڏجن ٿا، جيڪي نھايت اھم ۽ ضروري آھن، جي اسان جي تاريخ تي نئين روشني وجھن ٿا، اميد اٿم ته تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيندا.[

1. خسرو چرڪس جي وفات ۽ مدفن

جاني بيگ ۽ ميرزا غازي بيگ ترخان جي امير، ميرزا خسرو بيگ چرڪس جي نه وفات جي تاريخ معلوم آھي ۽ نه اھا سُڌ اٿئون ته ڪٿي دفن ٿيو؟ سنڌ جي تاريخ مان ڪو ڏس پتو نه ٿو پوي. مڪلي نامه[1] ۾ سندن متعلق مواد ڪٺي ڪرڻ ۾ وس پڄندي راقم ڪوتاھي ڪانه ڪئي آھي، ليڪن انھيءَ ڏس ۾، انھيءَ زماني ۾  ڪٿان سڌ پئجي ڪانه سگھي. مڪلي نامه ۾ سندن آخري دور متعلق ھيٺين ٽن روايتن تي اڪتفا ڪئي وئي آھي:

- چون عبدالعلي ترخان و خسرو خان وغيره…

بنظر اشرف اقدس (جھانگير پادشاھه) گذشة اند،

حڪم شد که: عبد العلي (ترخان) وخسرو خان و پسرش،

را محبوس سازند… خسرو خان دربندي خانه فوت شد-[2]

 

ٻي روايت آھي:

- خسرو باجميع توابع و لواحق ميرزا غازي، بدار البرڪة اجمير بملازمت پادشاهه عالم رسيد…_‘[3]

آخري روايت تحفة الڪرام جي آھي:

- وبقولي وي از تته سوي بندر لاھوري شد و از اينجا به ايران شتافته وبقولي ھمين جا در گذشته–[4]


[1]  مڪلي نامه 195-232. (3) مڪلي نامه ص 270-271.

[2]  مڪلي نامه 209، ترخان نامه 94.

[3]  ذخيرة الخوانين خطي 163.

[4]  خطي ص 65.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com