سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع

مضمون

صفحو :2

”خادم“ سروري

اکين اوجاڳا، شل سڄڻ تو سان ڪرين،

مون مئل مسڪين تي، شل مالڪ مھر ڌرين،

سُڻي دانھون ”خادم“ جون، وھلا وير ويرين،

جھولي شال ڀرين پنھنجي عشق عميق سين!

ڪامل تنھنجي قرب جي ڪنھن ڪامل کي آ ڪَل،

آئون ته اوڳي آھيان، ڪھڙي مون کي ڪَلَ،

ڪامل مھنجي ڪَلَ جي، ڪامل کوليو ڪَلَ،

ته قلب سندي ڪَلَ، ڪامل ڪَامَل ٿي پوي!

جگ دي طعني لوڪ دي مھڻي، عاشق چاڳل لاون،

قرب ڪماون،

ٿڌ طاقت ڏاج انھاندي، چم اکيان تي چاون،

قرب ڪماون،

مرد منھان ڪنون اکرا جايا، نال ڪھين نه لاون،

قرب ڪماون،

ھجر فراق دا ھار بڻا ڪي، ڳل وچ مالھا پاون،

قرب ڪماون،

مرد سدا مخمور رھيندي درد دا دود دکاون،

قرب ڪماون،

عاشق ”خادم“ نال سڄڻ دي، ناٿا نينھن نڀاون،

قرب ڪماون،

رحيم بخش ”قمر“ لاکو

سورج لھي سجدو ڪرين، لمحو ٿئي نه ليٽ،

لامن مٿان ”لاکو“ چئي، پکين کوڙيا پيٽ،

ڀلا تنھنجي ڀيٽ، ڪبي ڪيئن ”قمر“ سان!

 

سورج لھي سجدو ڪرين، سرھا ٿيڙءِ سير،

لامن مٿان ”لاکو“ چئي پکين کوڙيا پير،

صبح ساڻ سوير، موٽي اچين ماڳ تي!

سورج، سون رُپي جو، ويڙھي خوب کَٿو،

سارو ڏينھن سفر ڪري، لالڻ آنھه لٿو،

مالڪ ڪاڻِ مٿو، کوڙيو اٿئي خوف مان!

 

سورج لھي سجدو ڪرين، ساجن صحبت ساڻُ،

ساري رات سجود ۾، پِرھه پَسائين پاڻ،

ميان تنھنجو ماڻُ، ڪڏھن آڻيندو قيام کي!

 

سورج تنھنجي سيج تي، موتي ھاريا ماڪَ،

ٽيڙن، ڪَتين، قرب مان، چمڪي چوريا چاڪَ،

پالڻھار پاڪ، جيوَن سڄو جرڪايو!

 

رسو منھنجي روح جو، ويڙھي وارن ساڻُ،

ڪري وئين ”قمر“ کان پاسي پنھنجو پاڻُ،

بيٺو تڪيان ڀاڻُ، اچڻ ڪاڻ اوھان جي!

 

ماڻڪ موتي پيٽ ۾، سپون جي سانڍين،

مٺو ڀائن ماٺ کي، ڪڇُن ڪنھن سين ڪين،

ٻيئي رھن ٻاتال ۾، ترت ڪرين تسڪين،

موتي سي مسڪين، پالين پنھنجي پيٽ ۾!

 

ماڻڪ موتي پيٽ ۾، سانڍي سپ سچي،

ڪڇي ڪنھن سين ڪين ڪي، ماري لاف مچي،

منھنڙو ويڙھي ماٺ ۾، بحرن منجھه بچي،

سپجي ٿي سا سانت ۾، لھرين ھيٺ اچي،

”رحيم بخش“ رچي، سھڻي سپ صبر مان!

 

سانڍيو آنا پيٽ ۾، ڪُڪُڙيون ڪُرُ ڪُرُ ڪَن،

لات سڻائن لوڪ کي، ٽرڙيون سي ٽرڪَن،

”رحيم بخش“ رڙين کان، موڳيون ڪين مُڙن،

چڙھيو کُڏ چون، ته آنا اسانجي پيٽ ۾!

 

ڪُڪڙيون آنا ڪيترا، ”لاکا“ جي لاھين،

مور نه مٽ ماڻڪ جي، آنا سي آھين،

سينا ٿيون ساھين، ڪُڪڙيون ڪيئن سِپن سان!

 

ماڻڪ موتي پيٽ ۾، سپون سمونڊن،

منھنڙا ويڙھي ماٺ ۾، ”رحيم بخش“ رھن،

ڪنھن کي ڪين چون، موتي اسان جي پيٽ ۾!

مير محمد ”ميرل“ جويو

درياھه شاھه دادلا! تو ٻھڳڻ ڇو ٻوڙي،

ساھڙ ڪارڻ سير ۾، ھُئي ويچاري ووڙي،

ھوءَ ملڻ وئي ميھار سان، تو لھرن ۾ لوڙھي،

ٿي جانب سان جوڙي، مرڻ مھل ”ميرل“ چئي!

 

درياھه شاھه دادلا! نه ڏي ڇوھه منجھان ڇوليون،

ٻُڌان ته ميھر يار جي، مان مينھن جون ٻوليون،

تنوارن پيون تڙ تي، ڪي ڀوريون ڪي ڀوليون،

چڙا چونگارن چاھه مان ۽ لائن پيا لوليون،

سي ڍولڻ جون ڍوليون، ”ميرل“ شال ڏسي مران!

درياھه شاھه دادلا! تنھنجي واھڙ منجھه وھان،

ملان ميھر ڄام سان، ھتي لھرن منجھه لھان،

سختيون تنھنجي سير جون، مٿي سِر سھان،

ته به ڪڏھن ڪين رھان، ملڻ ريءَ ’’ميرل‛‛ چوي!

 

درياھه شاھه دادلا! تُنھنجي لھرن منجھه لُڙھان،

سيسر سامھون مون ٿيا، واڳن ساڻِ وڙھان،

عضوا سڀ عاجز ٿيا، ته به رڙھيو پئي رڙھان،

’’ميرل‛‛ ڪين مُڙان، ملڻ ريءَ ميھار جي!

 

درياھه شاھه دادلا! تنھنجي ڪُنن ڪئي آ ڪار،

ھڪ تيزي، ٻيو تِک گھڻو، ٽيون لھرن جي للڪار،

ڪپر ڪنڌي ناھه ڪو، ٻيٽ نڪو ٻيٽار،

”والله عَليٰ ڪُلّ شَئي قَدِير”، اھو اٿَم آڌار،

ھلي آءٌ ھُن پار، ”ميرل“ ملنديس ميھار سان!

 

درياھه شاھه دادلا! ھاڻي ڪانھي تنھنجي ڪاڻ،

ساھڙُ رسندم سير ۾، ھلي ايندُم ھاڻ،

غوطا نه ڏي غضب جا، ڇڏ مستي تون مھراڻ،

”اَلعِشق نَار يُحَرِقُ ماسُوي الله“،  ملي ميھر ساڻ،

پوءِ ٿيندي روح رھاڻ، ”ميرل“ محب ميھار سان!

 

مينھون ميھر يار جون، ڪپر مٿي ڪِڻِڪَن،

ڪُنڍين ڪانھه ڪَنڌن ۾، ڀوريون پيون ڀڻڪن،

سھڻيون ھتي سير ۾، پيون ساھڙ لاءِ سرڪن،

’’وَفِي اَنفُسِڪُم اَفَلَا تَبصَروَنَ‛‛ ھِئين اندر ھڙڪن،

والي جي وَڙڪَن، ته ’’ميرل‛‛ ملون ميھار سان!

 

مينھون ميھر يار جون، ڪي ڀوريون ڪي ڪاريون،

اُرھه کنيون اڻ ڄاڻ ٿيو، اچن اوڀاريون،

درياھه جي دھشت کان، لُڙھن لنواريون،

’’اِنَّ الحُڪمُ اِلّا لله‛‛، ساھڙ سيکاريون،

منجھڌار ۾ ”ميرل“ چوي، پائن پيون تاريون،

سي منجھيون متاريون، وري آيون وٿاڻ تي!

ھنر – ذوقافيه

سھڻي لئه ساھڙ جو، کير ھيو اڪسير،

سھڻيءَ کي ساھڙ جي، کير ڪيو ھو آسير،

سھڻيءَ کي ساھڙ جي، کير وھائي سير،

سھڻي پوءِ منجھه سير، واڳن سان وڙھندي وئي!

 

مينھون ميھر يار جون، آھن ڏَس اوڀر،

اُڏري وڃان اوڏھين، ڀَڙڪو ڪري ڀَر،

ڪيان قرب ڪنڍين سان، ھُجان ڀورين ڀَر،

ھلي آءٌ ھُن ڀر ”ميرل“ ملان ميھار سان!

 

سھڻيءَ کي ساھڙ جي، ھُئي ساھه اندر ۾ سَٽ،

ڌوڪي پئي درياھه ۾، سرڙو ڏيئي سٽ،

ڇولين ڇاتي ٿي ڇِنَس، جيئن سارين سَٽ،

ٻھڳڻ پوءِ ٻِسٽ ”ميرل“ ميھر سان ملي!

عمر آندي ڪوٽ ۾، نِڌر نماڻي نار،

وينگس وھِائي ويٺي، نيڻن منجھان نار،

ميوه انب انار، اڇلي ڏنائين عمر کي!

 

منھنجي ملڪ ملير تي، جَر وھن ٿا جام،

آڇ نه اجڙ وال کي، شربت سندا جام،

ڪيل پنھنجا انجام، پاڙينديس پنھوار سان!

 

تون تماچي تَڙ ڌڻي، مان گندري مُھاڻي،

ڍڪين ڍول ڍلائيون، آءٌ عيبن ھاڻي،

حال منھنجو ھاڻي، سمورو تو شاھه کي!

 

اڱڻ ايندين عجيب تون، ٿينديون اکيون چار،

پرين پُڇندين پيار مان، پوري خبر چار،

ويندا سور سموھجي، ڪري پرت پچار،

پوءِ اھو پرچار، ”ميرل“ ٿيندو ملڪ ۾!

دوھا

عبدالجبار ”شام“

وره وڇوڙو اؤکو آھي، سؤکو تنھنجو سنگ،

تنھنجي جوت جلي ٿي جيءَ ۾، تنھنجي آھه امنگ.

 

توريءَ ڪنھن سان راز نه سلبو، رکبي ڪين پريت،

جڳ وارا سڀ آھن اناڙي، نه ڄاڻن پريت جي ريت.

 

ساجن توئي سينگاريو آ، سپنن جو سنسار،

تنھنجي دم سان ئي ٿي پوندو، ڄڻ بر ۾ ھڪ بازار.

 

ماڻھوءَ جي ڏس ذات ڏنگي آهه، اِھو رکج تون ڌيان،

ھي ماڻھو ڏس حرفت سان، ڪيئن چوائي پيو اِنسان.

 

ماڻھو ڪنھن جي پريت نه سھندا، ڪندا ڪيئي ناٽَ،

پاڻ سنڀالي ھلڻو آھي، آھه اونداھي ٻاٽَ.

 

پريت جي ويرين کان گڏجي ڪو، وير وٺون اڄ ٺاھي،

جوڙ اسان جون سھڻا سائين، جڳ سڄي ۾ ناھي.

 

پل پل اوسيئڙو آ تنھنجو، پل پل تنھنجا پُورَ،

آس نه لاٿي آھِم تو مان، ايندين نيٺ ضرور.

 

مون بِرھڻ جي پيرن ۾ ڏس، لَڄَ جا پيا زنجير،

برھڻ جا دک دور ڪرين تون، برھڻ جو تون ڌير.

 

نُور ڀريا ٻئي نيڻ ھي تنھنجا، نُور ڀري پيشاني،

ڪھڙي ديس کان آيو آھين، ناھي تنھنجو ثاني.

 

پريمَ پکيئڙا! تو لئه ٺاھيم، اکڙين ۾ آکيرو،

ساجن تو ۾ سونھن ڀري آ، منھنجو منُ آ ميرو.

 

پنھنجي جيءَ ۾ جھاتي پائي، ڪونه ڏسي ٿو ڪير،

پاڻ ئي پيري ھڙ چورائي، پاڻ کڻي ٿو پير.

 

ھيءَ نگري آ ڏک جي پيارا، سک ھتي ڪو ناھي،

ھر ڪو پاڻ کي سير ٿو سمجھي، ھر ڪو سينو ساھي.

 

سچ جو آھي سودو اسان وٽ، سچ جي آھي وائي،

جيڪو سچ کي آڏو ايندو، تنھن سان آھهِ لڙائي.

محمد سومار شيخ

ھاريو ھاريو عمر سڄي مون، سڄي عمر مون ھاريو،

تڏھن به منھجا ڍولڻ توکي وري وري مون ساريو.

 

اڃان اکين ۾ لڙڪ پيا ھِن، تو لئه پئي سي ھاريان،

تو ته وساريو مون کي ڍولڻ، توکي ڪيئن وساريان؟

 

مٺڙا مُور نه مٺڙا رھندا، اُھي به کارا ٿيندا،

زھر جو ڏنگ ڪڏھن نه ڪڏھين، ھڻي نيٺ ڇڏيندا.

 

ڪنھن کي پنھنجو ڪري نه ڀانئج، سڀئي ڌاريا ساز،

وڄڻ ويلي سڀڪو پنھنجو، آلاپي آواز.

ڪافيون

”محسن“ ڪڪڙائي

اسان ڀانيو ته ملندو نڪو سُکُ وي ميان،

پر پيار ڏنو ٻيڻو ڏک وي ميان.

اسان ڀانيو ته……

 

دل دوست کڻي وڃي ويٺو پري،

جيڪو آھه پري، تنھن کي ڇا ڪو ڪري،

وري ورق وصال جو جڏھن وري:

تيسين ويٺو جيءَ ۾ جُکُ وي ميان.

اسان ڀانيو ته……

 

سھهُ سور سدا، ڪنھن سان حال نه ڪر،

ڪنھن تي ڏوھه نه ڏي، ٿڌا ساھه نه ڀَرِ،

سِڪ سانڍِ نه ڪڍُ ٻاڦُور ٻَھرِ،

پيو دل ۾ دائم دُکُ وي ميان.

اسان ڀانيو ته……

 

”محسن“ جي مَداين ڏي نه ڏِسو،

اوھين آھيو ڀَلا، پنھنجو ڀالُ ڪَجو،

ھيڻا حال ٿيا، من ھاڻ اچو:

اچي پنھنجو پسايو مک وي ميان.

اسان ڀانيو ته……

”جليل“ سروري

عجب آھي عجيبن ريءَ اکين کي انتظاري ٿي،

وڇوڙو ٿو پوي جيئن جيئن، وڌي تيئن بيقراري ٿي!

 

خدايا ھي عطا تنھنجي، ڪڙي قاتل مثال آھي،

اسان کان زندگي جي مئي نه پيتي ٿي نه ھاري ٿي!

 

جنين کي ڪاريھر وانگي ڏنگيو تنھنجي ڪنڍين ڪارين،

انھن کان ھن جھان ۾ ھڪ گھڙي ڀي ڪين گھاري ٿي!

 

سلامت شل ھجن سھڻا ڪڪوريل ڪاريون ڪجليون،

ٿئي جن جي ڏسڻ سان دردمندن کي بھاري ٿي!

 

سوين صدما سٺم سر تي، سندءِ خاطر سڄڻ سائين،

مگر منھنجا مٺا تو کان نڀائي ڪين ياري ٿي!

 

”جليل“ عرصو ٿيو اکيون مليون، ليڪن اڃا تائين،

عجيبن جي اَڻي اک جي نه دل تان وساري ٿي!

”استاد“ بخاري

ڪنھن تي دانھن ڏيان،

 

ڪنھن وٽ دانھن نيان،

پنھنجيءَ ذات ڪُٺيس،

 

آدم ذات ڪٺيس!

 

روڪيس ڪانه رڻن،

 

جبلن ڪانه جھليس،

ڏينڀن ڪين ڏنگيم،

 

ڪاريھر نه ڪکيس،

آيو ڀاءُ اڳيان،

 

ھن کان شال بچان!

پنھنجيءَ ذات ڪُٺيس…

لانگھو ساڳيو ھو،

 

درياھه ساڳيو ھو،

ساڳيو ھو نه گھڙو،

 

ڀينر ڀيلو ھو،

ڪنھنجا قرب مڃان،

 

ڪھڙا قرب مڃان!

پنھنجيءَ ذات ڪُٺيس…

وک وک ڄار پيل،

 

گھر گھر باھه ٻريل،

جت ڪٿ جنگ جٽيل،

 

جھٽ جھٽ خون خلل،

ماڻھوءَ ماڻھوءَ سان،

 

ڪھڙا پير کنيان:

پنھنجيءَ ذات ڪُٺيس…

ڪنھن کي زھر مليو،

 

ڪنھن جو ملڪ مٽيو،

ڪنھن تي ڪرٽ اڙھو،

 

ڪنھن جو ڪنڌ ڪَٽيو،

”استاد“ آھه اڃان،

 

بيحد زور بيان:

پنھنجيءَ ذات ڪُٺيس…

”سرويچ“ سجاولي

عُمَر آھي ڪوٽن ۾ منھنجو ڪڄاڙو،

ڏسان شل وڃي آءٌ پھنوارن جو پاڙو!

وساريان نه وانگي، وطن ويڙھه واڙيون:

لڳن تنھنجي ماڙين کان مون کي اُماڙيون.

سبيل ساھه سانگين سان سوگھو ستاڙو!

عُمَر آھي ڪوٽن ۾ منھنجو ڪڄاڙو!

سندم سيڻ سانگي ته سادا سونھارا،
نه ڪنھنجيءَ ۾ آھن ھو وانگي ويچارا،
ھنيئي ڇو ھچارا، ڌنارن جو ڌاڙو!
 

عُمَر آھي ڪوٽن ۾ منھنجو ڪڄاڙو!

نه وسرن ٿا مون کي منڌي نيٽا ماٽيون،

پھنوارين سان پيئنديس جھڻيون جام گھاٽيون،

آھيان قيد ڪُلفن اَندر ڏينھن ڏھاڙو!

عُمَر آھي ڪوٽن ۾ منھنجو ڪڄاڙو!

ڏٺم ننڊ ۾ رات ”سرويچ“ سانگي،

وٺي ڪر ويا ٿم وطن پنھنجي وانگي،

پيان کير پيئي لٿم روڄ راڙو،

عُمَر آھي ڪوٽن ۾ منھنجو ڪڄاڙو!

 

احمد خان ”آصف“

تُنھنجي حسن جمال جي جلوي جھلَڪَ،

نِيون ھوش سندم، وئي سُرت سَمَڪ!

تُنھنجو مون نه ڏٺو مٽُ مور ڪٿي،

توسان ھام ھڻي، پري حور ڪٿي:

تُنھنجي سِڪ ۾ سِڪن، جِنَ ماڻھو مَلَڪ!

توڏي قلب سندو ٿيو ڪاڍو اٿم،

سِڪ تُنھنجي ڏنو ڏڍُ ڏاڍو اٿم:

ڪونھي ڊاءُ ۽ ڊپ، ناھي دل کي ڌڙڪ!
 

تُنھنجو پاڪ پيار ۽ چاھه ڏسي،

تنھنجو قرب ڪرم وه واه ڏسي:

دل توکي ڏئي ڏنم ڏاڍا ٽَھَڪ!

لڳو عشق اکين منجھان اشڪ وَھيا،

سوين سور رڙھي منجھه روح رَھيا:

ٿيو ”آصف” ھِڪُ دُک درد ڪَٽَڪ!

احمد خان ”اختر“

کنيم درد دل جو، حياتي ٿي پوري!

ھِتي ٿِي ڏکن جي، سکن تي عُبوري!

 

جنھين ساريون راتيون، ڪري روح رھاڻيون،

ٻڌايون طرح طرح جون ٿي ڪھاڻيون،

انھن اڄ ڏياري  ــ  مون کي سيج سوري!

 

ڪيم ڇو وفا، بيوفائن سان ھردم،

ڦري جي مون کان، منھن مٽي ويائي يڪدم،

نه ويجھا وسن اڄ ـ پسند تن ڪئي دوري!

 

نباھي مون آخر، ڪئي اڄ پڇاڙي،

خدا جي توڪل تي، ھُئڙِيمِ جا ڀاڙي،

مٿم ٿي مدامي ـ نظر تنھن جي نُوري!

 

ڪيو جيئن ڦوڙائي، مون ”اختر“ ويچارو،

سگھو تيئن ٿي ساجن، سندم سڪ سھارو،

لنگھي لطف سان لڪَ ـ پسان ھُت حضوري!

وايون

”قمر“ شھباز

اُڀ جي اک ڇو آلي آھي،

وِڄُ ڀلا ڇو ھَرَ ھَرَ تڙپي؟

 

ڪَڪَرن جي ڪِيھُن ۾ ڪھڙي،

اڄ ڪا بات نرالي آھي:

وِڄ ڀلا ڇو ھَرَ ھَرَ تڙپي؟

 

پَلُ پَلُ سوريءَ وانگر سمجھي،

رات اسان ڀي جالي آھي:

وِڄ ڀلا ڇو ھَرَ ھَرَ تڙپي؟

 

مَنَ جي بَن ۾ مور اڪيلو،

ساٿيءَ لاءِ سوالي آھي:

وِڄ ڀلا ڇو ھَرَ ھَرَ تڙپي؟

 

سوچيان ٿو، مون ڪنھن جي ڪارڻ،

ڏات جي ڏائڻ پالي آھي:

وِڄ ڀلا ڇو ھَرَ ھَرَ تڙپي؟

ولي محمد ”وفا“

توکي اکڙين ساڻ مان لايان،

او خطڙا سڄڻن جا!

توکي پڙھي پڙھي مسڪايان:

خوشي مان ڳايان ـ او خطڙا سڄڻن جا!

 

توکي ڏسي ڏسي شرمايان:

ھئين سان لڳايان ـ او خطڙا سڄڻن جا!

 

توکي وھاڻي ھيٺ لڪايان:

يا سيني ۾ سمايان ـ او خطڙا سڄڻن جا!

”آثم“ ناٿنشاھي

آرَس کي ڇڏ، اک پَٽِ جيڏا، ڏِسُ دنيا جو دَؤنَر، الا او-

ڏِسُ دنيا جو دؤنر!

 

جيءُ ڳري ٿو جانڊھه جو ۽ پيٽ ڀري ٿو تؤنر، الا او-

ڏِسُ دنيا جو دَؤنَر!

 

تُنھنجي مومل ڏي او راڻا! وڌي رھيو آھي ڏَونَر، الا او-

ڏِسُ دنيا جو دَؤنَر!

 

ويرين ڇڏيو آھه وڇوڙي، باغيچي کان ڀؤنر، الا او-

ڏس دنيا جو دؤنر!

 

ماکي جو مٽ موڳن سمجھيو آھه ٻٻر جو کؤنر، الا او-

ڏس دنيا جو دؤنر!

احمد خان ”آصف“

دوست بنان دل ماندي،

وِرھه نه ڏئي ويساندي!

 

ساھه سَئون سورن کي سانڍيم،

عشق امانت آندي!

 

آس اِھائي آھه، ھُجان شل،

ھوتن سان ھيڪاندي!

 

سينو سڪ ۾ صاف ٿي ويڙو،

چمڪي ڄڻ چِند چاندي!

 

جُودَون جيءَ ۾ سيج سينگاريم،

ويھه سڄڻ سيراندي!

 

”آصف“ جنت جڳ ۾ آھي،

پِريَنِ جي پيراندي!

رحيم بخش ”قمر“

منھنجو تون مطلوب،

طالب تنھنجو آھيان ازل کان!

 

صورت تنھنجي سھڻل سائين!

خالق خلقي خوب: طالب تنھنجو آھيان ازل کان!

 

مرڪ منجھان ٿو موتي ھارين،

ڏند ته خوش اسلوب: طالب تنھنجو آھيان ازل کان!

تنھنجي وصل لئي تڙپي پيئي،

منھنجي دل مغلوب: طالب تنھنجو آھيان ازل کان!

 

سائينءَ ڪارڻ سار لھج تون،

منھنجي اچي محبوب: طالب تنھنجو آھيان ازل کان!

 

شمس و قمر کان سھڻو آھي،

منھنجا مِٺا مرغوب: طالب تنھنجو آھيان ازل کان!

احمد خان ”اختر“

عشق جي منزل اوکي ناھي، عشق ئي ڪر استاد،

ميان! جنھن کان رھين تون شاد! عشق ئي ڪر استاد.

 

ٻاروتڻ جا ٻولَ تون، ڪر يگانه ياد!

ڄمندي نا ٿئي ڄام ڪو، بِرھُه ٻَڌِي بُنياد!

ڏُک سواءِ سک نا سري، اَيءَ اَزَلَ ايجاد!

عشق جي ئي احسان سان ”اختر“ ٿيو آباد!

غلام حسين رنگريز

کول پکيئڙا، پرڙا پنھنجا، اُڏري ڏس آڪاس:

اُڏري ڏس آڪاس!

 

چوڻي لاڪو قيد قبولين، ڇو ٿو ٿئين نراس:

اُڏري ڏس آڪاس!

 

ڌُوڙ ڌڌڙ کان دُور ٿيو ۽ وٺ تون ٻيو ڪو واس:

اُڏري ڏس آڪاس!

کاڄ ھي کاڌا، بند جا سارا، ڪندئي نھوڙي ناس:

اُڏري ڏِس آڪاس!

 

پڃرو پُرزا ٿيندو، پُوري ٿيندي تنھنجي آس

اُڏري ڏِس آڪاس!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com