سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع

مضمون

صفحو :7

ميرزا غازي جي فوت ٿيڻ (1021 ھه) بعد ميرزا خسرو چرڪس، عبدالعلي ترخان کي سنڌ جي تخت تي ويھاريو. جھانگير بادشاھه ميرزا رستم صفويءَ کي ٺٽه جو حاڪم مقرر ڪري سنڌ ڏانھن اماڻيو، جنھن جي پھچڻ بعد عبدالعلي ترخان ميرزا خسرو چرڪس کي ارغونن ۽ ترخانن جي سموري قبيلي ۽ ڪٽڪ سميت گرفتار ڪري مير عبدالرزاق معموري اجمير ڏانھن جھانگير بادشاھه جي سامھون پيش ڪرڻ لاءِ وٺي ھليو. بادشاھه جي ڪيتري وقت کان اتي منزل ھئي. عبدالرزاق 26 – ربيع الاول 1022 ھه (جمعرات) جو زوال ۾ آيل قافلي سميت شاھي حضور ۾ حاضر ٿيو. انھيءَ کانپوءِ جيڪي ڪجھه خسرو چرڪس تي وھيو واپريو، ان لاءِ مٿيون روايتون تاريخ جي ڪتابن ۾ ملن ٿيون.

تازو ھندستاني دانشمند جناب S.A.I. Tirmizi  دھليءَ منجھان (1968ع) ۾Ajmir   (Through inscriptions) نالي ڪتاب شايع ڪيو آھي، جنھن جي ذريعي مذڪوره مسئلي جي عقده ڪشائي ٿي آھي.

معلوم ٿئي ٿو ته ميرزا خسرو اجمير ۾ پھچڻ بعد، نظربند يا آزاد رھي، پنھنجي زندگي اتي پوري ڪئي، ۽ وفات بعد دفن پڻ اتي ٿيو. خوشبختيءَ سبب سندس قبر اڄ تائين موجود ۽ محفوظ آھي. ترمذي صاحب جو قول آھي ته حضرت خواجه معين الدين اجميريءَ جي مقبري جي ويجھو خواجه نظام الدين محبوب الاھي دھلوي جي حجري سان لڳ ميرزا جو مدفن آھي. قبر پڪي پختي آھي، جنھن تي چئن ٽڪرن
 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 


جو تاريخي ڪتبو سائيز (
2 ½ x 53)  موجود آھي. نستعليق خط ۾ ڪتبي جا شعر ھن ريت آھن:

 

1. آَن خسرو خان، که دست جودش،
    از دل، غم فقر و فاقه ميشست.

 

2. از خطھءِ سند بود، عمري،
      بس گوھر عدل و داد را سفت.

3. آخر، بگذاشت اين جھان را،
      خود رفت، و بعالم بقا خفت.

 

4. از دل، جستم چو سال فوتش،
    جايش بھشت! ھاتفم گفت.

جايش  بھشت، منجھان 1023ھه سال نڪري ٿو، ليڪن ترمذي صاحب جيڪا پڙھڻي ڏني آھي، ان ۾ مصرعو وزن ۾ ساقط لڳي ٿو. ڪتبي جي تصوير ڏسڻ سان پڻ ظاھر آھي ته لفظ ’بھشت‘ جي اڳيان ھڪ لفظ ضايع ٿي ويل آھي. مصرعو وزن جي لحاظ سان ھن ريت درست ٿيندو:

 

جايش به بھشت! ھاتفم گفت.

 

جنھن مان سال 1028ھه نڪري اچي ٿو، بظاھر اھوئي خسرو جي فوت ٿيڻ جو سال آھي. گويا خسرو 1022ھه ۾ اجمير پھتو، ست سال کن زنده رھي 1028 ھه ۾ فوت ٿيو. انھيءَ سال جھانگير بادشاھه ڪشمير جي سفر ۾ ھو، ۽ خسرو جو وڏو پٽ ميرزا لطف الله ڀائي خان- جنھن تي ميرزا غازيءَ کي زھر ڏئي مارڻ جو الزام ھو- پڻ شاھي رڪاب ۾ ھو.

پڙھندڙن جي ملاحظي لاءِ ڪتبي جي تصوير ڏني وڃي ٿي. ميرزا خسرو پنھنجو ۽ پنھنجي خاندان جو مدفن مڪليءَ تي جوڙايو ھو، جيڪو ھن وقت ’ست چڙھڻيءَ‘ جي نالي سان معروف آھي. جنھن جي خوبصورتيءَ جي تعريف ”مڪلي نامه‛‛ اندر نظم ۽ نثر ۾ ڪئي وئي آھي. پھريون شعر آھي:

رسد اين جا، اگر ارواح قدسي،
شود با زمره سيار انسي.

ليڪن خدا جو شان آھي، اتي کيس مٽيءَ پنوڙو نصيب نه ٿيو.اھڙيءَ ريت نه ڄاڻي پُٽس ڀائي خان کي ڪھڙي ملڪ جي زمين پنھنجي پيٽ ۾ جاءِ ڏني؟ سال 1032ھه ۾ مغربي خاند يش طرف ننديار ۾ خانقاه جوڙائيندي سندس ڏس پوي ٿو.

 

(2) ڄام جوڻي جو شعر

سال 767 ھه سنڌ جو والي ڄام جوڻو، صلح بعد فيروز تغلق جي سامھون آيو. بقول تاريخ فيروزشاھي: ھن فيروز جي اڳيان پنھنجو ھڪ فارسي مصرعو پڙھيو، سراج عفيف جي عبارت ھيءَ آھي:


- چون جام به آرزوي تمام پايبوس شھريار عظام ڪرد شهنشاهه بر سمند عزت سوار بود، در مقام مسرت جولانگري مي نمود. دست مبارڪ خود بر پشت جام فرود آ رد وڪلام بلينت تمام بر آورد.
جام، زبان بعجز ڪشاد وآنچه بي فرمائي ڪرده بود يڪ يڪ بدرگاھه عالم پناه باز نمود. دراين محل جام اين مصرعه خود خوند، و آن اينست:

شھه بخشنده توئي، بنده شرمنده منم.

’فيروز شاھي‘ جي انھيءَ لکت جي آڌار تي سڀ کان پھريون ڊاڪٽر سدا رنگاڻي پنھنجي قيمتي ڪتاب Persian Poets of Sindh جي صفحي 10 تي، اھو مصرعو ڏئي ڄام کي سنڌ جي قديم ترين فارسي گو شاعرن ۾ شمار ڪيو آھي.جيئن ته فيروزشاھي جا الفاظ آھن،- اين مصرع خود- ان صورت ۾ ائين ئي سمجھڻ مناسب به ھو. سدارِنگاڻي بعد راقم ساڳو اطلاع ’مڪلي نامه‘ ۾ (ص 106) درج ڪيو، ۽ ٻيھر ايران شناسن جي تھران واري ڪانگريس ۾ پڙھيل پنھنجي مقاله ”سنڌ ۽ ايران جا تعلقات“ ۾ پڻ انھيءَ روايت جو اعادو ڪيو.

تازو ديوان امير حسن سجزي پڙھندي ظاھر ٿيو ته اھو مصرعو در حقيقت امير مذڪور(603-738ھه) جي ھڪ غزل جو آھي. سراج عفيف ڄام جوڻي سان فيروز تغلق جي صلح ڪرڻ واري واقعي کي ’فتح‘ جي غلط رنگ سان پيش ڪندي، حسن سجزيءَ جو مصرعو، صورتحال کي تقويت ڏيڻ خاطر ۽ مناسبت جي لحاظ سان، ڄام سان منسوب ڪري ڇڏيو آھي.سڄو غزل ھن ريت آھي:

باز مين آيم وسر در قدمت ميفگنم،

”مير بخشنده توئي! بنده شرمنده منم.“

 

رفتني رفت، ببخشاي که باز آمده ام،

گر تو دستم ندھي! دست بپاي که زنم.

 

بوي رحمت، زغبار قدمت مي يا بم،

رخت اميد به کتف کرمت مي فنگنم.

 

خويشتن را بسر کوي تو، افگندم باز،

زانکه تا بي تو ھمين باشم بي خويشتنم.

 

دوستي در تو، مايه ايمان منست،

ميڪشدھم، بسر کوي تو حب وطنم.

 

ھيج انده نبود، در دلِ گورم، والله!

تا ز اندوه تو پيوند بود بر کفنم.

 

چہ شد آخر؟ که خداوندي خود کم کردي،

جانِ من! من نه ھمان بنده مسڪين حَسَنم.

عفيف واقعي کي جيڪو رنگ ڏنو آھي، تنھن تي سڄو غزل ٺھڪي اچي ٿو، ڀانئجي ٿو ته کيس ھڪ ئي مصرعو ياد رھيو، ورنه پورو غزل لکڻ کپندو ھئس.

3. سنڌ جون ٻه شھزاديون

بيبي مغلي ۽ بيبي مرڪي سنڌ جي سمي بادشاھه ڄام جوڻي ثانيءَ (تغلق شاھه) جون نياڻيون ھيون. ڄام خانداني خلفسار سبب ٻنھي نياڻين جي سڱابندي گجرات ۾ ڪري ڇڏي، جيئن وقت سر گجراتي سلطانن جي ھمدردي ۽ امداد ساڻس رھي.

بيبي مغليءَ جو نڪاح سلطان محمد واليء گجرات (846-855ھه) سان پيو ۽ بيبي مرڪي حضرت قطب عالم (790-858ھه) جي فرزند حضرت شاھه عالم (817-880ھه) جي عقد ۾ ڏني وئي. اھي نڪاح سال 48-847ھه ڌاري ٿيا. بيبي مغليءَ مان سال 849 ھه ۾ فتح خان پيدا ٿيو، جيڪو اڳتي ھلي گجرات جو ناميارو بادشاھه ٿيو، ۽ تاريخ ۾ سلطان محمود بيگڙي (از 17 رجب 863ھه تا 917ھه) جي سدا حيات نالي سان مشھور آھي. بيبي مرڪيءَ کي ٽي اولاد ٿيا 1- بيبي امان 2- بيبي وچين ۽ 3- بيگ محمد عرف سيد ڀيڪڻ، جيڪو پنھنجي والد صاحب ۽ ڏاڏي جيان برگزيده شخص ٿيو.

سلطان محمد واليءِ گجرات 20 محرم 855 ھه جو انتقال ڪيو، ۽ بيبي مغلي خانداني فساد سبب پنھنجي پٽ سميت نڪري اچي پنھنجي ڀيڻوئي حضرت شاھه عالم جي پناھه ۾ رھي. بيبي مرڪي 58-857ھه ڌاري انتقال ڪيو، ۽ وقت جي ضرورت سبب شاھه عالم بيبي مغلي کي پنھنجي عقد ۾ آندو.

اھي ٻئي شھزاديون وفات بعد احمد آباد جي لڳ پنھنجي والد ڄام جوڻي جي مقبري ۾ دفن ٿيون. اھو مقبرو پراڻيءَ اساول ۾ سابرمتي نديءَ جي ڪناري تي قطب پور جي قريب آھي. ٻنھي شھزادين جون قبرون اڃا تائين موجود آھن. بيبي مغليءَ جي قبر سفيد سنگ مرمر جي آھي ۽ بيبي مرڪيءَ جو مرقد سياھه سنگ مرمر جو آھي. ٻنھي تي چٽساليءَ جو لاجواب ڪم ٿيل آھي. ٻنھي قبرن جو فوٽو ھتي ڏنو وڃي ٿو.

4. شاھه حسن ارغون جي تاريخ وفات

تازو راقم ”روضة السلاطين“ (سنڌي ادبي بورڊ) شايع ڪري چڪو آھي. شاھه حسن ارغون جي وفات جو قطع تاريخ ان ۾ شايع ڪرڻ کان رھجي ويو آھي. اھو قطعو انھيءَ دؤر جي مشھور شاعر قاسم کاھيءَ جي تصنيف آھي. محفوظ رکڻ خاطر ھيٺ ڏنو وڃي ٿو:

چون شاھه حسن پادشہِ ارغوني،

زين بحر بر آمد چو، در مڪنوني،

تاريخ وفاتش زخرد جستم، گفت:

دردا ڪهه، برون رفت شہِ ارغوني!

ارغونيءَ (1267) منجھان شه (305) جا عدد ڪڍبا ته حاصل 962 ھه ٿيندو، جيڪو شاھه حسن جي وفات جو سال آھي.

5. مير حسين علي خان ٽالپر ۽ خادم بردواني

منشي محمدي ’خادم‘ تخلص بردوان جو رھاڪو، فارسيءَ جو شاعر ۽ پنھنجي دور جو مشھور خطاط ھو. سندس فارسي ديوان 1302ھه (84-1885ع) ۾ مطبع قادريه ڪلڪتي مان شايع ٿيو آھي، جنھن ۾ سرڪار دولت مدار مير حسين علي خان ”حسين“ بن سرڪار مير نور محمد خان بن سرڪار مير مراد علي خان ٽالپور جي مدح ۾ ”خادم‛‛ جا چيل ٻه قصيده موجود آھن.

سرڪار مير حسين علي خان پاڻ به خوش ذوق شاعر ۽ مصنف ھو. فارسي ۽ اردوءَ ۾ ٻه ديوان سندس يادگار آھن. آزاد سنڌ جي بادشاھت جڏھن انگريزن جي ھٿان ختم ٿي، تڏھن سرڪار مير حسين علي خان به ٻين شاھي قيدين سان گڏ ڪلڪتي وڃي باندي ٿيو. پاڻ 26- ربيع الاول 1295 ھه (1878ع) ۾ جھان ڇڏيائين ۽ حيدرآباد ۾ سرڪار مير ڪرم علي خان جي پھلوءَ ۾ دفن آھي.

’خادم‘ بردوانيءَ جا قصيدا جنھن صورت ۾ ٽالپورن جي ادبي تاريخ جو حصو آھن، تنھنڪري ھن ھيٺ ڏجن ٿا، جيئن سنڌ تي لکندڙن کي ضرورت وقت ڪم اچي سگھن.

کيسکہ طالع او سعد و ڪامران آمد

ببزم ھمچو تو، شھزادهء جھان آمد

من اي زمان کہ، زمين بوس درگھت گشتم

کلاه گوشہ بختم بر آسمان آمد (3)

خدا يگانا! بمدحت ڪنم چه انشاي

کہ طبع مدح گِرم، قاصر ازبيان آمد

توئي ڪه، فتح به پيش سياه تو، بدويد

ظفر رڪاب تو بگرفة درعنان آمد

بروز معرڪه خصمت نداشت پاي گريز

زدست حمله سرش برسر سنان آمد

چه حمله ڪه، زمين يڪدگر بخود لرزيد

زترس رعشه بر اندام آسمان آمد

زسھم، پر بھم  آورد نسر طائر چرخ

چو تير مرغ تو، درخانه ڪمان آمد

حسود جاه، به پيشِ پلنگ ھيبت تو

زبون و خوار، چو روباه ناتوان آمد

سرير جاه تو از اوج آسمان بگذشت

ڪه پايا اش به سر فرق فرقدان آمد

پي تياق، ڪمر بسته تا سحر مريخ

ببارگاه جلال تو، پاسبان آمد

بعھد عدل تو، شاھين ز بھر بچه ڪبڪ

گرفته طعمه بچنگل، در آشيان آمد

جھان، مسخر حڪم ِ تو گشته است يڪسر

ھواي بندگيءَ تو بن انس و جان آمد

به پيش حڪم تو، خاڪست ھمچو باد، سبڪ

چو خاڪ باد بعزم تو سرگران آمد

خدا يگانا! چه گويم  زحان خويش ترا

دلم زدست جفاي فلڪ بجان آمد

ستيز او، بمن دلفگار تا باشد

به بين! ڪه تيغ جفايش باستخوان آمد

پناه مي برم، اينڪ بزير سايه تو

ڪه ھر ڪه مستظلِ تست، ڪامران آمد

ڪيسڪه، از ڪفِ جودِ تو بھره حاصل ڪرد

قدم گھش بسرِ گنج شايگان آمد

زدستِ جودِ تو، اي انجمن طراز ڪرم!

چه بحر و ڪان ھمه در شورش و فغان آمد

چه قرب و بعد، ڪه ھريڪ شدند برخوردار

چه نخل جود تو يا رب ثمر فشان آمد

ھواي بزم تو مارا ز راه دور، آورد

نسيم وار شتابان، ببوستان آمد

بباغ مدح تو، امروز بلبل طبعم

صفير سنج، زگلزار بردوان آمد

شبِ گذشته ندا داده بود، ھاتف طبع

ھمين قصيده، ڪه امروز يز زبان آمد

گھر شناسا! برگيرگوھر نظمم!

چنين گھر نه بدستِ کسي ز کان آمد

ھمين ڪه، برسرِ خدام تو نثار ڪنم

وگر نه بھرچه، ڪلڪم گھرفشان آمد

خموش باش، ازين نتڪته سنجي اي ’خادم

ڪنون ز بھر دعا رو، ڪه وقت آن آمد

درين قصيده، دعائي تو برلب اظھار

به ختم ِ مدح، ڪه ھمچون نه ديگران آمد

سبب چه شد، ڪه اجابت شتاب آمد و بود

نداد آفرصتش از دل ڪه تا زبان آمد

( 2 )

ڪجا منم و ڪجا دعوئي مسلماني

بعشق آن بتِ ھندوي ماه پيشاني

ھزار تير نگه، از ڪمان ابروئي خويش

در افگند بدلم از سرِ ستم راني

ازان زمان، ڪه فتاد است چشم، برزلفش

دلم شد است گرفتار صد پريشاني

بعشق ان بت ترسا چو کار من افتاد

شراب ميزنم اينڪ بجام رھباني

گدام فتنه و آفت، زچشم  فتنه گرش

نداشت، بردل ريشم، ز لطف ارزاني

مرا بدوستي خود، چو يافت مستحڪم

ڪمر به بست بکين،  گشت دشمنِ جاني

چد سود ازان، ڪه دم عيسوي ست در نب تو

اگربه بيش تو ميرم، تولب نجنپاني

مکن جفا، تو دگر، ورنه شڪوهء تو برم

”يشاھزاده ستد“ سڪندرِ ثاني

امير سيد عالي نسب، ”حسين علي“!

ڪه ھست برسرِ تو، لطفھاي يزداني

علو پايد تو چند، ھست، نتوان گفت

ھر آنچه، مدح تو گويم، ھزار چنداني

شھا! توئي، ڪه بيڪدم لباس رنگا رنگ

بقدِ شاھدِ معني، ز علم پوشاني

خلاف راي تو، گر آسمان کند کاري

ز روئي  فھرو سياست، بخاڪ بنشاني

عنان اببقِ ابام، ھست در ڪفِ تو

بھرجھت، ڪه تو ميخواھيش، ھميراني

غمام قھر تو، ھر گه نمود ميگردد

فلڪ، ز خوف بجويد، ڪلاه باراني

پراي زينتِ بزم تو، روز سب رضوان

ڪنه، زگلشن خلد برين، گل افشاني

گرفته چنگ بصد شوق، زھره استاد است

براي رقص، پبزِ مت چرانمي خواني

ز حال بخشش تو، خامه درد تحرير

بجائي حرف، بڪاغذ ڪنه زرافشاني

دراز عمر حسودِ تو، بسڪه ميخواھم

مگر بدرد و غم و غصه و پريشاني

ڪنون يمدح تو زينسا ڪه نڪته مي سنجم

ميرا رسد ڪه، ڪنم دعوئي سخندائي

شھا به بين، ڪه بڪاخ سخن، دريچه فڪر

ز مھر طبع خودم ھر دمست نوراني

درين قصيده، نظر ڪن ڪه، مختصر گفتم

ڪه تا ملال نيايد ترا، زطولاني

بنظم مدح تو يڪدم نظر ڪند اينگ

ڪجا ”ظھير“ و کجا ”عرفي“ است و ”خاقاني“

کنون، ز بخشش عام تو، نام حاتم طي

نمي رسد بزبانِ کسي، زنسياني

بسي اميد، ز انعامھاي تو، دارم

ترا سزد، ڪه مرا بي نياز گرداني

زبحر مڪرمتِ خود، مرا بکن سيراب

ڪه قطره اش، بکند بھر تشنه عماني

”دو ماه“ شد، ڪه من افتاده ام درين غربت

بصہ ھزار عنا و بصد پريشاني

روا مدار خدا را توقفي ديگر

برار مطلب من، زود کن به آساني

بس اين دعاي تو ھردم ھميڪند ”خادم“

ڪه تا زمانه بيا شد،  تو در جھان ماني!


[1]  مڪلي نامه 270-271

[2]  ص 34 تصوير مقابل ص 33 شماره VIII

[3]  متن مڪلي نامه ص 30

[4]  مڪلي نامه ص 230

[5]  مڪلي نامه ص 104.

[6]  فيروز شاھي 246 انھيءَ واقعي جو تفصيل مڪلي نامه جي حاشين ۾ ڏسڻ گھرجي.

[7]  ديوان ص 256 مطبوعه حيدرآباد دکن 1352ھه

[8]  ڏسو مفصل احوال مڪي نامه – ص 119 تا 126 ۽ شجرو (ب) سمن سلطانن جو.

[9]  اھي فوٽا ڪتاب The Design Development of Indian Architecture by  C. Batley مان ورتا ويا آھن. ڏسو ڪتاب مذڪور صفحو VIII ۽ پليٽ 22.

[10]  مواد التواريخ ص 281.

[11]  خادم جو مفصل احوال ڏسو منهنجي ڪتاب – ”دودِ چراغ محفل“ - ۾

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com